سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب: --

صفحو :6

شاهه صاحب فرضن، سنتن ۽ واجبن، ادا ڪرڻ جي تلقين ڏيڻ يعني شريعت جي منزل طئي ڪرڻ لاءِ هدايت ڪري، توبهه جي تسبيح پڙهڻ ۾ نفس اماره کي ماري، مات ڪرڻ سان ٻيون صوفين جون ٽي منزلون اُڪري پار پئي، الله سان لئي ٿي وڃڻ تي پڻ هن سر ۾ زور ڏنو آهي. سندن قول موجب جيڪو ايمان کي پهتو سو شريعت ۾ ڪامل ٿيو، جيڪو توبهه کي رسيو، سو طريقت ۾ ڪامل ٿيو، جيڪو زهد کي پهتو ان حقيقت کي حاصل ڪيو، ۽ جيڪو عبادت ۾ پورو رهيو اُن معرفت کي حاصل ڪيو.

هن سر ۾، شاهه صاحب سچن سالڪن ۽ سڌڙين ۾ فرق ٻڌائيندي فرمائي ٿو، ته سچا عاشق ڪاتيءَ پئي ڪونه ڪنجهن، پر سڌڙيا موتيو پوءِ وڃڻ. سندس هدايت آهي ته سڪڻ جي شهادت، حاصل ۽ دنيا ۾ ڪمائي ڪرڻ گهرجي، جنهن جو ڦل هتي ۽ هُتي ملندو. نفس سان جنگ جوٽڻ ۽ کيس مات ڪرڻ، وڏو جهاد آهي جنهن جو نتيجو، الاهي ذات جو مشاهدو آهي.

بِسمِ الله الرَحمٰنِ الرّحِيم

سُر ڪلياڻ

داستان پهريون

1

اولِ، اللهُ، عَلِيمُ [1]، اعليٰ، عالَمّ جو ڌَڻِي،

قادِرُ پنهنجي قُدرتَ سين، قائمُ آههِ قَدِيمُ،

والي، واحدُ، وَحدَهُ، رازِقُ رَبُ رَحيمُ،

سو ساراههِ سچو ڌڻِي، چَئي حَمدُ حَڪِيمُ،

ڪَري پاڻَ ڪرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جَهانَ جِي.[2]

2

جوڙيٖ جوڙَ جَهانَ جِي، جڏهن جوڙِيائِين،

خاوَندُ خاص خَلِقيٖ، مُحمَّدُ مُڪائِين،

ڪَلمو تنهن ڪَرِيمَ تي، چِٽو چايائين،

اَنَا مولاڪ وَ اَنتَ مَحبُوبِي ‌[3] اِيئَن [4] اُتائِين [5]،

ڏِکِي [6] ڏِنائِين، ٻَئِي سَرائون [7] سَيّدُ چـٖـي.

3

جوڙي جوڙَ جَهانَ جِي، پاڻُ ڪِيائين پَرِوارُ [8]،

حامِي، هادِي، هاشمِي، سَرِداريـٖـن سَرِدارُ،

سُونهـٖـي صَحابَنِ سَٿَ [9] ۾، مَنجِهه مَسِجِدِ مڻيادارُ،

چَارَئِي چڱا چؤڌارُ، هُئا هيڪاندا [10] حَبِيبَ سين.

4

وَحدَهُ لاشَرِيڪَ لَہُ [11] چَئِي، چُوندو آءُ،

فَرضَ، واجِبَ، سُنَتُون، تِنِيئُون [12] تَرڪُ مَ پاءِ،

توبَههَ سَندِي تَسبِيح، پَڙَهَڻَ ساڻُ پُڄاءِ،

نانگا [13] پنهنجي نَفسَ کي، ڪا سنئين راههَ سُونهاءِ [14]،

ته سَندِي دوزَخَ باهِه، تو اوڏِيائي نه اَچي.

5

وَحدَهُ لاشَرِيڪَ لَہ، جان ٿو چَئين ايِئن،

تان مَڃِ مُحَمَّدُ ڪارڻِي [15]، نِرتُون [16] مَنجهان نينهن،

تان تُون وَڃيو ڪيئن [17]، نايين [18] سِرُ ٻِيَنِ کي.

6

وَحدَهُ لاشَرِيڪَ لَہ، جڏهن چَيو جَنِ،

تَنِ مَڃيو مُحَمّد ڪارَڻي، هيجان ساڻُ هِنيّئَن،

تڏهن منجهان تَنِّ، اَوَتَڙ ڪونهَ اولِيو.

7

وَحدَهُ لاشَرِيڪَ لَہ، جَن اُتو[19] سين اِيمانَ،

تَنِ مَڃِيو مُحَمَّد ڪارَڻِي قَلبَ ساڻُ لِسان[20]،

اُوءِ فائِقَ[21] ۾ فَرمانَ[22]، اَوتَڙِ ڪنهن نه اولِيا.

8

اَوتَڙِ ڪنهن نه اولِيا، سُتَڙِ[23] وِيا سالِمَ،

هيڪائِي هيڪُ ٿِيا، اَحَدَ سين عالِمَ،

بي بَها بالِم[24]، آڳي[25] ڪيا اَڳَهِين.

9

آڳي ڪيا اَڳَهِين، نِسورو ئِي[26] نُورُ،

لاخَوفُٗ عَلَيهِم وَلاهُم يَحزَنُون[27]، سَچَنِ ڪونهي سُورُ،

مولي ڪيِو مَعمُورُ[28]، اَنگُ اَزَلَ ۾ اُنِ جو.

10

وَحدَهُ جي وَڍِيا اِلااللهَ سين اورِينِ[29]،

هِنيون حقِيقَتَ گَڏِيو، طريقَت تورِين،

معرفَتَ جِيَ ماٺِ سين، ڏيساندرُ[30] ڏورِينِ،

سُکِ نه سُتا ڪَڏَهِين[31]، ويهِي نه ووڙِينِ[32]،

ڪُلَهِنئُؤُن[33] ڪورِينِ[34]، عاشِقَ عبدُاللّطيفُ چي.

11

وَحدَهُ جي وڍيا، اِلاَللهَ اَڌَ ڪِيا،

محمد رَسولُ چئي، مُسلمانَ ٿِيا،

عاشقَ، عبدللطيف چي، اِنَهِيءَ[35] پَهِه[36] پِيا،

تيلانهن[37] ڌَڻِي ڌُتا[38]، جيلانهن[39] وِيا وَحدتَ گَڏجِي.

12

وَحدَهُ جي وَڍِيا، ڪيا اِلاَاللهَ اَڌَ،

سي ڌَڙَ پَسي سَڌَ، ڪنهن اَڀاڳِيءَ نه ٿِئي.

13

سِرُ ڍُونڍِيا، ڌَڙَ نه لَهان، ڌَڙَ ڍونڍِيان، سِرُ ناهِه،

هَٿ ڪَرايون آڱرِيُون، وِيا ڪَپِجِي ڪانهِن[40]،

وَحدتَ جي وِهانءِ[41]، جي وِيا سي وَڍِيا.

14

وَحدَهُ لا شَرِيڪَ لَہُ، ٻُڌءِ نه ٻوڙا،

ڪِي تو ڪَنين نه سُئا، جي گهُٽَ اندر گهوڙا،

ڳاڙيندين ڳوڙها، جِتِ شاهدَ ٿيندءِ سامهان.

15

وَحدَهُ لاشريڪَ لہُ، اِيءُ وِهائِجِ8 وِيءُ[42]،

کَٽين جي هارائين، هنڌُ تنهنجو هِيءُ،

پاڻان چوندءِ پِيءُ، ڀَري جامُ[43] جَنَّتَ جو.

16

وحدَهُ لاشريڪ لہُ، اِيءُ هيڪَڙائِيءَ حَقَ،

ٻِيائِيَ کي ٻَکُ، جَنِ وڌو سي وِرَسِيا[44].

17

عاشقُ چَؤُ مَ کي، مَ ڪي چَؤ معشوقُ،

خالقُ چَؤُ مَ خامَ[45] تون، نه ڪِي چَؤُ مخلوقُ،

سَلِجِ تَنهِين سُلوڪُ[46]، جو ناقِصِئان[47] نِڱيو[48].

18

وَحدَتان[49] ڪَثرتَ[50] ٿِي، ڪَثرتَ وحدتَ ڪُلُّ[51]،

حَقُ حَقِيقِي هيڪَڙو، ٻولِي ٻِيءَ[52] مَ ڀُلُ،

هُو هُلاچو[53] هُلُّ، بِاللهِ[54] سَندو سَڄَڻين.

19

پاڻِهن[55] جَلُ جَلاَلُہ، پاڻِهن جانِ جمالُ،

پاڻِهن صُورَت پِرَيِنءَ[56] جِي، پاڻِهن حسنُ ڪمالُ،

پاڻِهن پِيرُ مُريدُ ٿئي، پاڻِهن پاڻَ خيالُ،

سڀ سڀوئي حالُ، مَنجهائِي[57] معلوم ٿئي.

20

پاڻِهن پَسي پاڻَ کي، پاڻِهن ئِي محبوبُ،

پاڻِهن خَلقي خُوبُ، پاڻهن طالبُ تَنِ جو.

 

21

سو هِيءُ، سو هُو، سو اَجلُ، سو اَللهُ،

سو پِرين، سو پَساهُ، سو ويرِي، سو واهَرُو.

22

پڙاڏو[58] سو سَڏُ، وَرُ[59] وائِيءَ[60]، جو جِي لَهين،

هئا اَڳِهِين[61] گَڏُ ٻُڏڻَ ۾ ٻَه ٿِيا.

23

ايڪُ قَصَرُ[62]، دَرَ لَکَ، ڪوڙِيين ڪَڻِسِ ڳِڙکِيُون[63]،

جيڏانهن ڪريان پَرَکَ[64]، تيڏانهن صاحبُ سامُهون.

24

ڪوڙِيين ڪايائُون[65] تنهنجيون، لِکَنِ لَکَ هزار،

جِيِءُ[66] سڀ ڪنهن جِيءَ[67] سين، دَرَسَن[68] ڌارو ڌارُ،

پِرِيمِ تنهنجا پار[69]، ڪِهڙا چَئِي ڪيئن چُوئان.

 

وائي

 

وائي سَڀَڪا پِريان ڪُون[70] پُوڄي،

نينهُن نيڻين[71] ڳُڻُ[72] ڳالهه[73] وو.

جا چِتَايم[74] چِتَ ۾، سا ٿو سَڄَڻُ ٻُجهي[75]،

نينهُن نيڻين، ڳُڻُ ڳالِهه وو.

لاتِ جا لَطيِفَ جِي، سَڏُ تُنهنجو سُڄي[76]،

نينهُن نيڻين، ڳُڻُ يالِهه وو.


 

داستان ٻيو

1

اَگِهي[77] آَگهائِي[78]، رَنجُ پِرِيان کي رَسيو،

چَکِيَم چڱائِي، سورانگهي[79] سُورِيءَ تان.

2

اَنڌا اُونڌا ويڄ[80]! کَلَ ڪُڄاڙِيا کنِئيين[81]؟

اسان ڏُکي ڏِيلَ ۾، تُون پِياريين پيڄ[82]،

سُورِي جَنِين سيڄَ، مَرَڻُ تَنِ مُشاهِدو[83].

3

سُورِيءَ سَڏُ ٿِيو، ڪا هَلَندِي جيڏِيُون؟

وَڃَڻُ تَنِ پِيو، نالو نيِنهُن ڳِنَهنِ[84] جي.

4

سُورِي سَڏَ ڪَري، اُڀيِ عاشِقَنِ کي،

جي اٿئِي سَڌَ سِڪَڻَ ۾، تو ڪَؤُ[85] مَ، پيرُ[86] پري،

سِسِي ڌارَ ڌَري، پُڇِج، پوءِ پِرِيتَڻُو[87].

5

سُوري آهِه سينگارُ، اَڳِهِين عاشِقَنِ جو،

مُڙَڻُ موٽَڻُ ميهَڻو، ٿِيا نظاري نِروارُ،

ڪُسَڻَ جو قَرارُ[88] اَصِلِ عاشقن کي.

6

سُورِي سِينگاري، اَصلِ عاشقن کي،

لُڏِيا ڪِينَ، لطيفُ چي، ٿِيا نيزي نِظاري،

ڪوٺيو ڪِناري[89]، آڻيو چاڙهي اُن کي.

7

سُورِيءَ مَٿي سيڻَ، ڪِهَڙي ليکي سَنَرا[90]؟

جيلهن[91] لَڳا نيڻَ، تي[92] سُورِيائي سيجَ ٿِي.

8

سُورِيءَ چڙهڻُ، سيڄَ پَسڻُ، اِيُ ڪَمُ عاشِقَنِ،

پاهُون[93] ڪين پسن، سائو[94] هلن سامهان.

9

سُورِيءَ جي سَؤ وَارَ، ڏيهاڙيو چَنگِ[95] چڙهين،

جِمَ[96] وِرِجِي ڇَڏِيين، سِڪڻَ جِي پَچارَ،

پِرتِ نه پسين پارَ[97]، نِيهُن جِئائِين[98] نڱئِو[99].

10

پِهرِين ڪاتِي پاءِ، پُڇجِ پوءِ پِرِيتَڻُو[100]،

ڏُکُ پِريان جو ڏِيلَ ۾، واڄَٽَ جيئن وَڄاءِ،

سِيخُنِ ماهُ پچاءِ، جي نالو ڳِيئَڙُءِ[101] نينهن جو.

 

11

ڪاتِيءَ ڪونِهي ڏوهُه، ڳَنُ وَڍِيندَڙَ هَٿَ ۾،

پَسيو پَرِ عَجِيبَ جِي، لِچيو[102] وڃي لوهُه،

عاشقنِ اَندوهُه[103]، سَدا معشوقَنِ جو.

12

ڪاتِي تِکِي مَ ٿئي، مَرُ مُنِيائي[104] هوءِ

مانَ وِرمَنِ[105] توءِ[106]، مون پريان جا هَٿَڙا.

13

ڪاتي جا قريبَ جي، سا هَڏَ چِيري چَمُ،

عاشقَن پنهنجو اڱُ[107]، للهِ ڪارڻِ وَڍيو.

14

جي تو سِڪڻُ سِکيو، ته ڪاتِيءَ پَئي مَ ڪَنجُهه،

سُپيرِيان جي سُورَ جو، ماڙهُن[108] ڏِجي نه مَنجُهه،

اَندرِ اِيءُ اَهنجُ، سانڍجِ سُکائُون ڪري.

15

جان وڍين تان ويهُه، نه ته وٺِيو واٽَ وانءُ[109] تون،

هِيءُ تَنِين جو ڏيهُه، ڪاتِي جَنِين هَٿَ ۾.

16

ڪاتِي جَنِ ڳَري[110]، مان لنؤنُ لڳو[111] تَنِ سين،

محبتَ جي مَيدانَ ۾، وڃان پيرَ ڀَري،

اَڏِيءَ سِرُ ڌَري، مانَ ڪُهَنِهُون[112] سُپِرِين.

17

اَڳِيان اَڏِينِ وَٽِ، پويَنِ سِرَ سَنباهِيا،

ڪاٽِ ته پوءِ قَبُولَ ۾، مَڇُڻ[113] ڀايين گَهٽِ،

مَٿا مُهايَنِ[114] جا، پِيا ته ڏِسين پَٽِ؟

ڪلاڙَڪي[115] هَٽِ، ڪُسَڻَ جو ڪوپُ[116] وَهي.

18

جي اَٿِي سِڪَ سُرڪَ جِي، ته وَنءُ[117] ڪلاڙَنِ ڪاٽِي[118]،

لاهي رَکُ لَطِيفُ چي، مَٿو وَٽِ ماٽِي،

تِڪَ ڏيئي پِڪَ[119] پِيءُ تون، گهوٽَ مَنجهان گهاٽِي،

جو وَرنَهَه[120] وِهاٽي[121] سو سِرَ وَٽِ[122] سَرو[123] ساهَنگو[124].

19

جي اَٿِئي سَڌَ سُرڪَ جِي، تو وَنءَ ڪلاڙَڪي هَٽِ،

لاهي رَکُ، لطيفَ چي، مَٿو ماٽيءَ وَٽِ،

سِرُ ڏيئي ۾ سَٽِ[125]، پِيجِ ڪي پِيالِيُونُ.

 

20

جي اَٿِئي سَڌَ سُرڪَ جِي، ته وَنءُ ڪَلاڙَڪي ڪُوءِ[126]،

مَهيسَرَ[127] جي مَڌِ[128] جِي، هُتِ هَڏِهين[129] هُوءِ[130]،

جان رَمزَ پَرُوڙِيَم رُوءِ، تان سِرَ وٽِ سُرڪي سَڳُڻي[131].

21

جي اَٿِئي سِڪَ سُرڪَ جِي، ته وَنءُ ڪَلاڙَڪي ڳرِ[132]،

وَڍَڻُ، چِيرَڻُ، پَهَتِ[133] اُنِين جِي پَرِ،

جي وَٽِي پُويِئي وَرِ[134]، ته سَهَنگِي آهِه، سَيّدُ چي.

22

ناڻي ناهِ ڪَڪُوه[135]، ڪِين، مُلهِه، مَنگو مَنڌُ[136]؟

سَنباهِج، سَيّدُ چي، ڪاٽَڻَ ڪارَڻِ ڪَنڌُ،

هِيءُ تَنِين جو هَنڌُ، مَٽَنِ پاسِ مَرَنِ جي.

23

عاشقَ زهرَ پِياڪَ، وِهُه پَسيو، وِهُيَسن[137] گهڻُو،

ڪَڙي ۽ قاتِلَ جا، هَميشه هيراڪ،

لَڳِيِنِ لَئُون لطيفُ چي، فنا ڪيا فِراقَ،

توڻي چِڪَنِ چاڪَ، تهَ پِه آهَه نه سَلَنِ عامَ کي.

24

مَ ڪَرِ سَڌَ سَري[138] جِي، جي تون ٽارِيين ٽُوهُ،

پِيتي جنهن[139] پاسي ٿِئي، منجهان رَڳُن رُوحُ،

ڪاٽي[140] چَکُ ڪَڪُوهُه[141]، لاهي سِرُ لَطيفُ چي.

25

سَڌَڙِيا سَرِي جُون، ڪُهُه[142] پَڄارُون ڪَنّ؟

جُهه[143] ڪاتَ ڪَلاڙَنِ ڪڍيا، ته موٽِيو پوءِ وَڃَنِ،

پِڪون سي پِيَئَنِ، سِرَ جَنِين جا سَٽِ[144] ۾.

26

سِرُ جُدا، ڌَڙُ ڌارَ، دوڳُ[145] جَنِين جا ديڳ ۾،

سي مَرُ[146] ڪن پَچارَ، هَڪيا[147] جَن جي هَٿَ ۾.

 

27

ديڳين دوڳَ[148] ڪَڙهنِ،، جِتِ ڪَڙِيين[149] ڪَڙَڪو نه لهي،

تِتي طَبِيبَنِ، چاڪَ چِڪَندا ڇَڏيا.

28

سِسِي سي گُهرَنِ، جي واٽِيندَڙَ[150] وِچَ ۾،

اُوءِ ڪِي[151] ٻيو پُڇَنِ، سَرو[152] جَنِ سَنباهِيو؟

29

اَصلِ عاشقَ پانهنجي، سِسِينه سانڍينِ،

لاهِيو سُرِ، لطيفُ چي، ساهُه سَلاڙيو[153] ڏِينِ،

ڪُلَهنيئُون[154] ڪاٽِين، پُڇَن پوءِ پِرِيتَڻُو[155].

30

اَصل عاشقن جو، سِرُ نه سانڍن ڪمُ،

سَؤ سِسِنِئان اَڳرو[156]، سَندو دوسان[157] دم،

هِيءُ هَڏو ۽ چَمُ، پِڪَ پِريان جِيءَ نه پَڙي[158].

 

31

جي مَٿي وِٽِ[159] مِڙَنِ، ته سڀڪنهين سَڌَ ٿئي،

سِرَ ڏني سَٽَ جُڙي[160]، ته عاشقَ اِئين اَچنِ،

لِڌا[161] تي لَڀَنِ، مُلهه مَهَنگا سُپِرِين.

32

مُلِهه مَهَنگو قَطَرو، سِڪَڻُ شَهادتَ،

اَسان عِبادَتَ[162]، نَظَرُ نازُ پِرِيَنِ جو[163].

وائي

مَنڌُ[164] پيئَندي مون، ساڄَنُ سَهِي سُڃاتو.

پِي پِيالو عشقَ جو، سَڀُڪي سمجِهيوسُون،

ساڄَنُ سَهِي سُڃاتو.

پِرِيان سَندي پارَ جِي، اندر اَڳِ اَٿُون،

ساڄَنُ سَهِي سُڃاتو.

جِيئَڻُ ناهي جَڳَ ۾، ڏِينهن[165] مڙيئِي ڏوُن[166]،

ساڄَنُ سَهِي سُڃاتو.

اَلا! عَبدُاللطيفُ چي، آهين تُونهِين تُون،

ساڄَنُ سَهِي سُڃاتو.


[1] . ڄاڻڻهار

[2] . جهان جون آسون اميدون پڄائي ٿو.

[3] . آءٌ تنهنجو مولا آهيان ۽ تون منهنجو محبوب.

[4] . ائين.

[5] . چيائين.

[6] . سينگاري.

[7] . دنيائون.

[8] . پڌرو، ظاهر.

[9] . مجلس، جماعت.

[10] . گڏ.

[11] . هو هڪڙو آهي ۽ سندس ڪو شريڪ نه آهي.

[12] . ننگ کان، شرم ڪري؛

[13] . نانگا، غافل.

[14] . ڏيکار.

[15] . جنهن ڪاڻ دنيا ٺهي، شفاعت ڪندڙ.

[16] . ڌيان سان، صدق سان.

[17] . ڪيئن.

[18] . نمائين، جهڪائين.

[19]. چيو

[20]. زبان

[21]. اعليٰ فوقيت وارا

[22]. خدا جي حڪم جي پيروي ڪرڻ ۾ اڳرا

[23]. سڻائو تڙ.

[24]. دوست

[25]. نج

[26]. نج

[27]. نه آهي ڪو خوف انهن کي، نڪو ڪو کين ڏک رسندو. (ق-ش2، 62)

[28]. وسندڙ، ممتاز

[29]. جن وحدت جي سچي معنيٰ سمجهي، سي الاالله جو ذڪر پيا ڪن

[30]. پرڏيهه، عالم عيب

[31]. ڪڏهين

[32]. آرام ڳولين

[33]. ڪلهن کان

[34]. وڍين، ڪپين.

[35]. انهيءَ

[36]. رستي، خيال

[37]. تڏهن

[38]. صفا يا سڳورا ڪيا (چونڊي کنيا)

[39]. جڏهن

[40]. ڪيڏانهن،ڪٿي

[41]. شادي، وصال.

[42]. وکر، سودو، واپار

[43]. پيالو

[44]. ڀليا، گمراه ٿيا

[45]. اي ڪچا! اڻ آزمودگار!

[46]. صوفي طريقي جا راز

[47]. عيب کان

[48]. نڪتو، آزاد ٿيو.

[49]. هيڪڙائيءَ مان

[50]. گهڻائي، دنيا

[51]. سموري

[52]. ٻئي ڪنهن

[53]. هل، هنگامو

[54]. خدا جو قسم ته

[55]. پاڻ ئي، خود پاڻ

[56]. مجازي محبوب

[57]. اندر جهاتي پائڻ سان.

[58]. پڙلاءُ

[59]. پيچ، وٽ، رمز

[60]. ٻولي، آواز

[61]. اڳيئي

[62]. محلات

[63]. دريون

[64]. نظر

[65]. صورتون، شڪليون

[66]. روح، (مطلق هستي)

[67]. روح، (عارضي هستي)

[68] ديدار

[69]. اهڃاڻ، صفتون

[70]. پرينءَ کي

[71]. نينهن نيڻن سان ٿيندو آهي

[72]. خوبي

[73]. ڳالهه ۾، عمل ۾.

[74]. ڏٺم، خواهش ڪيم

[75]. پروڙي، ڄاڻي

[76]. ٻڌجي

[77]. قبول پئي، اثر ڪيو

[78]. بيماري

[79]. چڱي طرح اورانگهي يا لنگهي

[80]. طبيب

[81]. تون ساڙين ٿو

[82]. پيڄي، دوا

[83]. ديدار

[84]. وٺن

[85]. پوئتي هٽاءِ

[86]. قدم

[87]. محبت

[88]. انجام، واعدو.

[89]. گوشت ٽنگڻ لاءِ ڪنڍن جي قطار

[90]. خوش، وفادار

[91]. جنهن صورت ۾

[92]. تنهن صورت ۾

[93]. پٺتي

[94]. اشراف، سڄڻ

[95]. ڪنڍو، نيزو

[96]. متان

[97]. انت، حدون، طرف

[98]. جتان

[99]. نڪتو

[100]. محبت

[101]. ورتو اٿيئي.

[102]. لڏيو، ڏڪيو

[103]. غم، ڏک

[104]. مڏي ئي

[105]. ترسن، دير ڪن

[106]. تنهنڪري

[107]. انگ، جسم

[108]. ماڻهن کي

[109]. وح

[110]. گهر ۾، وٽ (هٿ ۾)

[111]. نينهن لڳو

[112]. اسان کي ڪُهَن

[113]. متان

[114]. ميهڙ وارن، مئلن

[115]. شراب چڪائيندڙن، مرشد ڪامل

[116]. قهر

[117]. وڃ

[118]. شراب چڪائيندڙن جي بٺي

[119]. سرڪ، ڍڪ

[120]. نوجوان، بهادر مرد

[121]. غش ڪري، منجهائي

[122]. سر جي عيوض

[123]. شراب

[124]. سهانگو، سستو

[125]. سر جو سؤدو ڪر.

[126]. گهٽيءَ

[127]. پير مغان، ساقي، مرشد ڪامل

[128] شراب

[129]. هميشه

[130]. هوڪو، هل

[131]. منهن، نمونو

[132]. سٺن گڻن واري

[133]. رستو، دستور

[134]. حاصل ٿيئي

[135]. شراب جو قسم

[136]. شراب

[137]. خوش ٿيڻ.

[138]. شراب، عشق

[139]. جنهنجي پيئڻ سان

[140]. بٺيءَ تي

[141]. شراب

[142]. ڪوهُه، ڇو

[143]. جڏهن

[144]. عيوض ۾

[145]. ٽڪر، ذرا

[146]. ڀلي

[147]. حاضر، تيار

[148]. ٽڪر، ٻوٽيون

[149]. ڪڙاهين

[150]. شراب ورهائيندڙ، ساقي

[151]. ڪجهه

[152]. شراب

[153]. گڏ، ان سان (سلهاڙيو)

[154]. ڪلهن کان

[155]. محبت.

[156]. بهتر، مقدم

[157]. دوستن جو

[158]. برابر ٿئي

[159]. عيوض

[160]. سودو ٿئي، ٺهي

[161]. لکيا، قسمت سان

[162]. اسان جو ڪم عبادت ڪرڻ

[163]. محبوب جو ڪم آهي، مهر جي نظر ۽ ناز ڪرڻ

[164]. شراب

[165]. ڏينهن

[166]. ٻه

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com