سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب: --

صفحو :3

هن رڻ لتاڙڻ کان پوءِ، ضرور ڦورندي اُڪري هوندائين. اها ندي، هاڙهي جبل جي پڇڙيءَ وٽ آهي ۽ اهائي ساڳي ندي آهي، جنهن جي پاڻيءَ جي اُٿل سببان، سسئي موٽي پٻوڻي ناڪي ڏي ويئي هئي. هن کان پوءِ هاڙهي جبل جا پيچرا، لتاڙيا اٿس ۽ واٽ نه منجهڻ لاءِ ڌڻيءَ دران دعائون گهريون اٿس ته:

هلندي هاڙمو مَڻيِ، گسان تن مَ گُسان.

(سر معذوري)

هاڙهي جبل، جي اورئين ڀڪ واري، هنگول ندي ۽ پرئين ڀڪ واري، اگهور ندي اُڪري، شاهه هنگلاج پهتو هوندو.

شاهه هنگلاج کان پوءِ، سامين سان دوارڪا ويو ٿو ڏسجي، جو چوي ٿو ته:

نانگا نانيءَ هليا، هنگلاجان هلي،

ديکي تن دوارڪا، مهيسين ملهي.

(سر رامڪلي)

هنگلاج کان موٽندي، ٺٽي کان سنڌونديءَ وارو پتڻ اڪري، ڪراچيءَ جي لاڙ واري پاسي، يعني مغل ڀئين طرف هليو هوندو، جو چوي ٿو ته:

کاري کيڙائو، مَٿي مِٺي موٽيا

(سر سامونڊي)

کارو ۽ مٺو پاڻي، ڪراچيءَ جي لاڙ حصي ۾، سنڌو نديءَ جي ڇوڙ وٽ ئي ملي ٿو، تنهن ڪري اتي جو ا- وال، سر سامونڊيءَ ۽ سر سريراڳ ۾ ڏنو اٿس. جنهن مان سمجهجي ٿو ته شاهه اتان ئي لنگهيو هوندو. انهيءَ پاسي وڻج واپار جو احوال، مٿين، ٻنهي سرن ۾ گهڻو آيل آهي. سامونڊين جي ڦوڙائي ۾، جيڪي سندن وهون چون ٿيون، تن جو بيتن ۾ بيان پڻ، هتي جي ماڻهن جي چشم ديد حالات تي مبني آهي. جادم جکري جو جيڪو بيان ڏنو اٿس، تنهن جون حقيقتون پڻ، هتان هٿ ڪيون هوندائين، جو چوي ٿو ته:

جکري جِهو جوان، ڏسان ڪونه ڏيهه ۾.

(سر بلاول)

مغل ڀئين کان ڪاري کاري اُڪري، لکپت جي ڪڇ واري بندر تي پهتو هوندو. اتان ڀڄ مان ٿيندو، هالار صلعي مان گهمندو، ڪڇ جو نار اُڪري، دوارڪا پهتو هوندو. هالار ۾ ڪپڙو سٺو رڱبو هو، تنهن جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته:

رچي جي ريٽو ٿيا، ڪين اُٻاٽجن اوءِ،

کنڀ نه کاري تنهن کي، جو هالاري هوءِ،

توڻي ڌوٻي ڌوءِ، ته به لالائي ان جي نه لهي.

(سر مومل راڻو)

اتان پوربندر ويو هوندو، جنهن بابت دعا گهري ٿو ته:

سيد ساٿ سندوءِ پُربندر پهائين-

(سر سريراڳ)

سندس دعا اگهاڻي ۽ خدا جڏهن سندن ڇتر کي، ڇوهي کان رکي ورتو تڏهن- هو هن طوفاني تڙ کان اُڪري، جهوناڳڙهه ۽ گرنار ويو هوندو ۽ اتان راءِ ڏياچ جي سخا جي ساک ٻڌي، سر سورٺ جا بيت ٻَڌا هوندائين. گرنار جي ٽڪريءَ جون پنج مکيه چوٽيون آهن، جن مان گورکناٿ تمام اتاهين آهي، ۽ جنهن جو بيان ڏيندي شاهه چوي ٿو ته:

سامي ڇڏي سانگ، گڏيا گور کناٿ کي.

سر رامڪليءَ ۾ جن مندرن، غارن، غفائن ۽ جوڳين جي قسمن جي بيان آهي، سي سڀيئي هتي ڏسي سگهجن ٿا. گرنار کان ٿي، کنڀات کان هلي، گجرات جا پٽ لتاڙي، وري هنگلاج ويو هوندو.

شاهه وري ٻيو ڀيرو به هنگلاج ويو. پر هن ڀيري اُتي جون ريتيون رسمون پوريءَ طرح بجاءِ نه آندائين، جنهن ڪري جوڳين کان ڇڄي ڌار ٿيو. جوڳين جي جدائي جو گهڻو ارمان هوس، جو چوي ٿو ته:

لکين ڪيا لسان سين لاهوتن لوڙا،

گهڙا! ڙي گهوڙا! آءٌ نه جِئَندي اُنِ ري.

شايد، سامين شاهه کي رات جو ستل ڇڏي، گوهي ڏني ٿي ڏسجي. شاهه صبح جو، آديسين کي آستان تي نه ڏسي، هنن جي پٺيان پيو هوندو. جوڳين شايد قلات ڏي رخ رکيو هو، ڇاڪاڻ جو شاهه کي شڪ هو ته کين ڪابل ڏي وڃڻو هو، (وٽان تو ويندا، ڪاپڙي ڪابول ڏي.) لس ٻيلي ۽ قلات جي وچ ۾، قلات رياست جو هڪ وڏو حصو آهي، جنهن کي جهلوان ڪوٺيندا آهن. انهيءَ علائقي ۾ وڏا جبل آهن، جن جا نالا آهن جائو، جمر ۽ جر. وڻڪار جو ڳوٺ، وري لس ٻيلي جي اتر اڀرندي طرف، کير ٿر جبلن جي قطار وٽ آهي. سامين جي پٺيان، شاهه انهن تائين ضرور پهتو هوندو، جو چوي ٿو ته:

وڏا وڻ وڻڪار جا جت، جائو، جمر، جر-

جي شاهه هن ماڳ کان اڳتي به وڃي ها، ته ضرور ڪنهن نه ڪنهن هنڌ، انهي مڪان جو ذڪر ڪري ها، پر شاهه جوڳين پٺيان فقط جائو تائين ويل ٿو ڏسجي، هتان هو اڪيلو موٽي لس ٻيلي ۾ آيو هوندو، جتي سٻر سخيءَ جي هاڪ ٻڌي، بيت ٿو ڏي:

ڏاتار ته تون، ٻيا مڙيئي مڱڻا،

مِينهَن مندائتا وسڻا، سدا وسين تون،

جي گهر اچين مون، ته ميريائي مان لهان.

لس ٻيلي کان، شاهه ڪراچيءَ موٽي آيو هوندو، جتان شايد لاهوت ويو ٿو ڏسجي. لاهوت، ڪراچيءَ کان ڇٽيهن ڪوهن تي آهي، پر رستو نهايت خطرناڪ هوندو هو. واٽ تي برن ۾ بلائون ۽ جبلن ۾ چيتا هوندا هئا. چوڻ ۾ اچي ٿو ته، جنن ۽ ديون جو هتي واسو هوندو هو ۽ شاهه بلاول نالي برزرگ، جو قلندر شهباز جو همعصر هو، تنهن هي علائقو گوڪل نالي ديو جي چنبي مان ڇڏايو هو. شاهه بلاول جي درگاه کان، ڏيڍ ڪوه اورڀرو، پٻ جبل جي پيٽ ۾، هڪ غار آهي جا صفي وانگر آهي، جنهن کي لاهوت سڏين ٿا. جبل تان لهي، صفي ۾ وڃڻ اوکو آهي ۽ هاڻي اتي لوهه جي ڏاڪڻ لڳائي ويئي آهي. لاهوت واري صفي جي ڇت ۾، ڍڳيءَ جي ٿڻن جهڙا پهڻ آهن، جن مان چون ٿا ته اڳي کير وهندو هو. هاڻي فقط پاڻي ڦڙا ڦڙا ٿي هيٺ ڳڙي ٿو. اُتي جي مجاور چيو، ته لاهوت لامڪان، چوٿين آسمان تي آهي.

شايد، لاهوت کان موٽندي، وري به کنڀات ۽ گجرات کان ٿيندو، شاهه وڃي ننگرپارڪر پهتو هوندو. هاڻي کيس ساڻيهه جي سڪ ستايو ٿو ڏسجي، جو چوي ٿو ته:

ڏينهُون ڏينهن نئون، مُون کي وِرِوُ ويڙيچن جو

ننگرپارڪر کان ڏيپلي وارو رستو وٺي، پراڻ جو پتڻ لنگهي، شاهه سنڌ ڏانهن موٽيو هوندو. انهيءَ جي ثابتي، رسالي مان ملي سگهي ٿي. سر سارنگ ۾، شاهه ننگرپارڪر لاءِ چوي ٿو، ته:

ڍٽ ڍَرِي پَٽِ پييُون پاسي پارڪر،

سڀيئي ڀريا سَرَ، پلر جي پالوٽ سين.

(ٿر جا ٻه ڀاڱا آهن: هڪڙو ڍٽ، يعني وارياسو ڀاڱو، ٻيو پٽ، يعني ڏاڍي زمين وارو حصو)

ننگرپارڪر کان پوءِ پائر يعني سنڌ ۽ ڪڇ جي وچ واري ٿر ۾ ويو ٿو ڏسجي، ڇاڪاڻ جو اتي جي اصطلاحن، رسمن ۽ جاين جو ذڪر ٿو ڪري. اهو ٿر مارئي جي ملير کي بلڪل ويجهو آهي. انهيءَ ڪري مارئيءَ کان ٿو چورائي ته:

_ستي سيئي ساريان، جي پائر جا پهنوار. _جيڪي_

_ڇڇئان ڇيڪاريون ڇيڙلا، پٽَين پهرائين_

ٿر جي ڏاکڻي ڀاڱي جون زمينون، ڇڇيون يا ڪلراٺيون ٿي پونديون آهن ۽ برسات ۾ گوڏي جيڏي گپ ٿيڻ ڪري، مالدار اتان مال ڪاهي پٽن، يعني ڏاڍين زمينن ڏانهن ويندا آهن. اهو کاين ڏٺو حال، شاهه مٿئين مصراع ۾ بيان ڪيو آهي.

پائر کان هلي، کاروڙي کان ٿيندو پوءِ ملير ويو ٿو ڏسجي، جو ننگرپارڪر شهر کان ٻارهن ڪوهن تي آهي. ملير اکئين ڏٺو اٿس، تنهن جي ثابتي مارئي جو سر پڙهڻ مان پئجي سگهي ٿي؛ پر هن هڪ مصرع مان ته يقين ٿيو وڃي ٿو:

_جوءِ ڪشادي جيڏيون! مليرَ مُوڪ مهاڙِ_

ڀالوا جي ڳوٺ وٽ، ست لاڳيتيون ڀٽون آهن، جن جي اڳيان ڏهر ۾ ملير جو ڳوٺ آهي، جنهن  جي مُهاڙي يا ويڪر حيدرآباد جي جيل کان اسٽيشن جيتري ٿيندي. اهو بيان مٿئين مصرع ۾ آيل آهي.

ملير کان پوءِ ويڙهي جهپ ويو هوندو، جو ڏيپلي کان ٽن ڪوهن تي آهي، جو مارئي کان ٿو چورائي ته:

_کاروڙيان کڻي، ويڙهي جهپ ويا_

ويڙهي جهپ کان عمرڪوٽ ويو ٿو ڏسجي، جتي عمر مارئي نيئي بند ڪئي هئي. عمر ڪوٽ جي ڀرسان ميل سوا جي مفاصلي تي شاهه مومل جي ماڙي ڏٺي هوندي، جا ناهيءَ وقت چڱي حالت ۾ هوندي، ۽ هاڻي زبون ٿي چڪي آهي. مومل راڻي جي ڪهاڻي، هتان جهپي هوندائين.

هتان کائر، (کپري تعلقي جي ڳوٺ هٿونگي کان، عمر ڪوٽ ۽ ڇاڇري تعلقن جي اتر واري ايراضي، جا وڃيو جيسلمير سان لڳي) لتاڙي جيسلمير پهتو هوندو. جيسلمير کان پنج ڪوهه پري هڪ شهر آهي، جنهن کي لڍاڻو سڏيندا آهن، جو ٽڪريءَ تي آهي. اهو لاه ڏسي اُٺ کي نيڪ صلاح ڏئي ته:

ڪرها ڪارڻ ڪاه، توکي ڏڻين ڌاريو،

ساري ڏج سيد چي لڍاڻي تان لاه_

(مومل راڻو)

ڪاڪ جي ڪنڌي، لڍاڻي واري ٽڪريءَ سان لڳي پئي آهي، تنهن ڪري شاهه ڪاڪ جي ڪناري کي لڍوڻي ڪنڌئين ڄاڻايو آهي.

شاهه اتان وري ويڙهي جهپ کان ڏيپلي ۽ رحمڪي بازار مان ٿيندو پُراڻ جو پتڻ اُڪري پنهنجي ڳوٺ آيو ٿو ڏسجي. پراڻ، پراڻي درياه جو نالو آهي، جنهن ۾ اڳي ڍورونارو ڇوڙ ڪندو هو. هاڻي ڦليلي (واهه) ٽنڊي محمد خان ۽ بدين تعلقن مان وهندو، اچيو پراڻ سان گڏجي.

ٽن ورهين جي دراز وڇوڙي بعد، هاڻي شاهه ويڙهيچن جي وِرِهه جا واڪا ڪندو، پنهنجي ڳوٺ ۾ پهتو. شاهه حبيب جنهن کي پٽ جي فراق بيحال ڪري ڇڏيو هو، سو وڇڙيل پٽ کي ملي ڏاڍو خوش ٿيو، ڇاڪاڻ ته الله سندس عرض اگهائي ورهين جا وڇوڙا لحظي ۾ لاهي ڇڏيا هئا.

مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي، ته سفر وارن ٽن سالن ۾ شاه، نه رڳو فقيرن جون خصوصيتون جاچيون، پر مختلف ملڪن جون ريتون ۽ رسمون، جدا جدا ڪهاڻيون ۽ قصا، الڳ الڳ طبيعتن جي ماڻهن جا جذبا ۽ اُمنگ، نرمل نظارا ۽ عجيب آزمودا پريا، جنهن ڪري سندس تجربي ۽ معلومات جو دائرو نهايت وسيع ٿي ويو. انهيءَ ڪري بيتن ۾ به اهي ويهي درياهه اوتيا اٿس، جو ان مان پاڻي پيئندي تونس نٿي لهي. ڇا نه ويهي رسالي ۾ انساني امنگن جا نقش چٽيا اٿس! شاهه ڪاريگر ڪمانگر وانگر- مِرُن، ماڻهن، ندين ۽ نارن، جهنگلن ۽ ٻيلن، جبلن ۽ برپٽن جون تصويرون ڪڍيون آهن. رسالو سندس تجربي جو تَتُ آهي.

سٽاڻي سفر تان ڪوٽڙي ۾ آئي شاهه کي اڃا ٿورو عرصو مس گذريو، ته 1124هجري مطابق سن 1713ع دَلَ ذات ڪي چور، مرزا مغل بيگ جي قبلي تي ڪاهي آيا. گهرن ۾ مرد ماڻهو موجود نه هئا، تنهن ڪري هنن کي ساڄي لڳي ويئي. اگر تگر اجڙ ڪري، سارو مال متاع ٻهاري راهي ٿيا.

مغل ماڳ تي موٽي اچي ڏسن ته ڪاريءَ وارا ڪک وڇريا پيا آهن. نيٺ هٿيار ٻڌي، سهي سنڀري، چورن جي پٺيان نڪتا. شاهه عبداللطيف واٽ تي هنن کي ويندو ڏسي، پاڙي جي ننگ پاڙڻ ڪارڻ، پنهنجو خدمتون آڇيون، پر مغلن هڪ به نه ٻڌيس. تنهن تي تپي پاراتوڏنائين ته:

بيگ تنهنجي بيگي، ڪوٽڙيءَ ۾ ڪان،

اتم آس الله ۾، دَلَ مارينئي مانَ.

ڪرامتن جي قائلن جي چوڻ موجب، فقيرن جو چوڻ ڪونه گسندو آهي، سو مرزا مغل بيگ، وڳر سوڌو دلن جي هٿان مارجي ويو. مرداني پهر مان مغلن ۾ فقط هڪ صغير ڇوڪرو، نالي گولو وڃي بچيو. مغلن کي اچي خيال ٿيو ته اهو قهر، رڳو سيدن جي رنڃائڻ ڪري ٿيو آهي، تنهن ڪري سيدن وٽ پيش پئي، کين پرچايائون ۽ اها ڇوڪي، جنهن جي چيچ شاهه هٿ ۾ جهلي هئي، سا شاهه عبداللطيف کي شادي ڪري ڏنائون. بيبيءَ جو نالو سيده بيگم هو، پر مريد ادب وچان، کيس تاج المخدارات (ستين جو ڇٽ) سڏيندا هئا. بيبي نهايت پاڪدامن، پرهيزگار ۽ پارسا هوندي هئي. جهڙو هو شاهه ڀلارو، تهڙيائي هي سندس بيبي ڀلاري. ٻنهي جي هڪ ٻئي سان محبت هوندي هئي.

شاهه کي ڪو اولاد ڪونه ٿيو. بيبي صاحبه حامله هئي، ته هڪ ڀيري شاهه، پنهنجي فقير کي پري کان سهڪندو ايندو ڏٺو. پڇا ڪرڻ تي کائڻ جي خواهش پوري ڪرڻ لاءِ، پري کان ڊوڙندو اچان ٿو،- شاهه کي اها ڳالهه ڪين آئڙي، سوچيائين ته ابا! اهڙو اولاد ئي گهوريو، جو ڄمڻ کان اڳي ئي منهنجي فقيرن کي ٿو رلائي، ڄائو ته الائجي ڪهڙا ڪُلور ڪندو! چون ٿا ته بيبي صاحبه کي ٻار ڪوئي ٿيو ۽ وري اولاد ڪونه ٿيس.

جڏهن شاهه کي مجازي عشق جي چپيٽ لڳي هئي، تڏهن سندس اندر جي حالت ڦري ويئي هئي، جنهن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي. مجازي بره جي باه ۾، شاهه رچي ريٽو ٿيو، ته الاهي عشق جي منزل شروع ٿي. مجازي عشق پنهنجو ڪم پورو ڪري، لاکڻي لعل کي گس لائي ڇڏيو. هو شاديءَ کان اڳ ۾ ئي، روحاني راهه جون ڪي منزلون طي ڪري چڪو هو، سو شاديءَ بعد ڪٿي ٿو پوئتي هٽي. شادي ڪرڻ کان پوءِ، شاهه جي زندگي هموار ٿي پيئي. ڪجهه وقت بيتن ڳائڻ ۽ ٺاهڻ ۾ صرف ڪندو هو ته ڪجهه وقت رياضت ۽ عبادت ۾. سند وات مان بيت ريلا ڏيو پيا نڪرندا هئا. تڪلف ۽ تصنع جو، سندس ڪلام ۾ ذرو به ڪونهي. هڪ اندر جي اُڇل آهي، هڪ روحاني راز آهي، محض ايقان آهي، رکي رکي سندن روح جون رڳون تنبوري جي تارن جيئن، وڄنديون هيون:

رڳون ٿيون رباب، وڄن ويلَ سَڀَڪَهِين

شاهه صاحب وٽ، جيڪو سماع لڳو پيو هوندو هو ۽ جنهن ٻاٻيس سان، هو آئي وئي سان صحبت ڪندو هو، تنهن سندس هاڪ هر هنڌ ڦهلائي ڇڏي ۽ ڪتان ڪتان جا ماڻهو مريد ٿيڻ لاءِ ڪَهِي وٽس ايندا هئا. ويجهي ڇڪ ۾ رهندڙ پيرن ۽ مشائخن کي اها ڳالهه نه وڻي. شمس العلماءِ قليچ بيگ، شاهه جي دشمنن جو احوال ڏيندي چوي ٿو، ته انهن مان هڪڙا هئا، هالن واي پير مخدوم نوح جو اولاد، ۽ ٻيا هئا مٽيارين وارا آجناڻي سيد، جي خود شاهه جا عزيز خويش هئا ۽ ٽيون سنڌ جو حاڪم، ميان نور محمد ڪلهوڙو (1778 _ 1755) انهن ٽنهي ڌرين شاهه کي گهڻو ستايو، پر جنهن جو الله واهي، تنهن کي ڪوهه ڪريندو پير يا سپاهي.

شاهه عبداللطيف کي، پنهنجي ڏاڏي شاهه ڪريم جي مقبري ٺهرائڻ جو خيال ٿيو. ڪاشيءَ جي سرن آڻڻ لاءِ پاڻ ملتان ويو، جتان واپس ٻيڙيءَ ۾ اچي، خدا آباد (ڪلهوڙو جي گاديءَ جي هنڌ) وٽان لنگهيو ۽ اتي ساهي پٽڻ لاءِ لنگر هنيائين. شاهه جي اچڻ جو ٻڌي، ماڻهن جو بهيرون قدم بوسي لاءِ پي آيون. ميان نور محمد ڪلهوڙي به، پنهنجي طرفان هڪ قاصد هٿان، موتين جي معجون جي دٻلي، نذراني طور ڏياري موڪلي. شاهه دٻلي وٺي درياهه ۾ اڇلائي ڇڏي ۽ قاصد کي نياپو ڏنائين، ته ميان صاحب کي سلام ڏج ۽ چئج ته، جي توهان جي سوغات فقط اسين کائون ها، ته فقط اسان کي فائدو پهچي ها، پر هاڻ ڀل ته عميق ۾ جيڪا مخلوق آهي، سا به فيض پرائي. چون ٿا ته، اوڏي مهل ئي اتان مئل مڇيون سطح تي ترنديون ڏسڻ ۾ آيون.

هن کان پوءِ ٿورن ڏينهن ۾، شاهه قبو اڏرائي راس ڪيو، جنهن کان پوءِ ميان نور محمد ڪلهوڙي کيس دعوت ڪئي، جا هن قبول ڪئي. واپس موٽڻ وقت ميان، شاهه کي هڪ سرڪش گهوڙي، سونن سنجن سان سينگاري، تحفي طور ڏني. شاهه جيئن لانگ ورائي چڙهيو، تيئن گهوڙيءَ وٺي ڪڏايس: شاهه لغام ڦٽو ڪري، گهوڙيءَ کي جا اڙي هنئي، سا مينهن واءُ ٿي ويئي. وٺي اُڏاڻي. مريد فقير گهڻوئي پٺيان پيس، پر گهوڙي نظر کان غائب ٿي ويئي. ٿوري مدت بعد، شاهه گهوڙي آڻي، ميان نور محمد جي اڳيان جهلي. سڀ عبرت ۾ پئجي ويا. ميان ڏاڍو پشيمان ٿيو ۽ چون ٿا ته، پوءِ سندس چڳ وڍيو مريد ٿي پيو، گلان ڪڃريءَ مان، کيس جيڪو غلام شاه، پٽ ڄائو هو، سو به شاهه جي دعا سان ڄائو هو.

شاهه نويڪلائي پسند ڪندو هو، تنهن ڪري ڪوٽڙيءَ ۾ سک نٿي آيس. ويجهي ڇڪ ۾ ، نون هالن کان، ٻن ڪوهن جي مفاصلي تي، هڪ زمين جو ٽڪرو تڪيائين. انهيءَ زمين جي ٽڪر جي آسپاس، واريءَ جا دڙا، کٻڙن جون ويڙهيون ۽ ڪرڙن ۽ ڪندن جا جهڳٽا هئا. ڀرسان ڪراڙ نالي ڍنڍ ۽ ٻيا پاڻيءَ جا دٻا ۽ دٻيون هيون. انهيءَ مڪان کي، سڏيندا ئي ڀٽ هئا، يعني واريءَ جو دڙو. شاهه انهيءَ ويراني کي وسايو. پهريائين فقيرن سان گڏجي، ڪجهه پنڌ نان چيڪي مٽي، مٿي تي کڻي آڻي، واريءَ مٿان وجندو هو، پوءِ آهستي آهستي، هڪ جهوپڙو پنهنجي لاءِ، حويلي والدين لاءِ ۽ کروت يعني ننڍي مسجد، نماز لاءِ اَڏرايائين. حدون مقرر ڪري، فقيرن کي جهوپڙين جوڙڻ لاءِ ارشاد ڪيائين. مطلب ته ڀٽ جي ويراني ۾ نئون ڳوٺ ٻڌجڻ لڳو.

شاهه اڃا ڀٽ جو ڳوٺ ئي پي ٻَڌايو، ته ڪنهن قاصد اچي ٻڌايس ته، توهان جو والد، هل هلان ۾ آهي ۽ چيو اٿس ته:

ڪنهن جنهن نيهن نَنڌاه، جي مون واجهائيندي نه ورو،

جيڪي مُئي ڪنداه، سو جانِبَ ڪَرِهو جِيئري.

شاهه عبداللطيف قاصد کي چيو، ته اجهو ٿو اچان، پر هي بيت ابي کي اُتر ڪري ڏج:

متان ٿيين مَلُورُ، ڪِينَ اَڳاهُون آهيان،

ڏسڻ ۾ ڪَرَ پور، حَدَ ٻنهي جي هيڪڙي.

پُٽ جي پيغام پهچڻ بعد، شاهه حبيب جي دل کي آٿت آيو ۽ اکيون پوري، وڃي حبيب سان واصل ٿيو. شاهه حبيب جي وفات جي تاريخ، محمد صادق نقشبنديءَ جي عربي مصرع مان سن 1155 هجري، مطابق 1742ع نڪري ٿي. هن وقت شاهه جي عمر 23 سال کن هئي.

شاهه کي پنهنجي پيءُ جي وفات ڪري، گهڻو صدمو پهتو هو، سو ڪوٽڙيءَ مان ٽپڙ کني، اچي اٽالي سميت ڀٽ وسايائين. هاني سندس هاڪ هر هنڌ پئجي ويئي. مختلف هنڌن تان، ماڻهو سندس زيارت لاءِ ڀٽ ڏانهن اچڻ لڳا. ڪيترائي استاد راڳيندڙ ۽ گَويا، هندستان جي جدا جدا حصن مان اچي نڪتا- اٽل ۽ چنچل نالي، دهليءَ جا ٻه مشهور راڳيندڙ به اچي اتي سهڙيا. سارو ڏينهن سرود ۽ سماع لڳو پيو هوندو هو ۽ شاهه پاڻ به، پنهنجا مرتب ٿيل بيت ۽ ڪافيون ڳائيندو هو.

پڇاڙيءَ واري وقت ۾، شاهه کي ڪربلا جي زيارت ڪرڻ جو شوق جاڳيو. سنڀري نڪتو، ته واٽ تي هڪ ولايت جو صاحب، مريد گڏيس- جنهن حال پروڙي عرض ڪيس ته، قبلا هي ڇا؟ ماڻهن کي چوندا وتو ته ڪفن دفن به ڀٽ ۾ ٿيندو ۽ هاڻ هليا آهيون هيڏي وڏي سفر تي. شاهه کي هي لفظ دل سان لڳا، سو موٽي ڀٽ ڏانهن آيو. اتي پهچندي ڪارو ويس ڪري، سر ڪيڏاري وارا بيت ڏيڻ لڳو. چون ٿا ته اهو سندس آخري ڪلام هو. هڪ ايڪيهو ڪڍيائين، جنهن بعد وهنجي سهنجي، چادر اوڍي، مراقبي ۾ ٿي ويٺو ۽ فقيرن کي سماع ڪرڻ جو اشارو ڪيائين. ٽي ڏينهن برابر سماع پي هليو. آخر راڳ بند ڪري، فقير شاهه جي ويجهو وڃي ڏسن، ته شيءِ وڃي ڌڻيءَ کي پهتي آهي. اها سن 1125 هجري، مطابق سن 1752ع صفر مهيني جي چوڏهين تاريخ هئي، جنهن تاريخ تي هر سال ڀٽ ڌڻيءَ جي روضي تي ميلو لڳندو آهي.

ميان غلام شاهه ڪلهوڙي، سن 1126 هجري، مطابق 1754ع ۾، ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ تي قبو ٺهرايو. قبي جي دروازي تي ڪيترا فارسي بيت اڪريل آهن، جن مان، ابجد جي حساب سان، سندس وفات جي تاريخ ملي ٿي. انهن مان، محمد پناه رجا جا ٺاهيل ٻه بيت هيٺ ڏجن ٿا:

گفت اين رجا مريد سِنَ ارتحال پير،

گرديده محوِ عشق، وجود لطيف مير،

زد نعره در فراق، دگر کرد سينه چاک،

شد محو در مراقبه، جسمِ لطيف پاک.

جيڪا مسجد، قبي جي اتر طرف آهي، تنهن جي ڀٽ تي، جيڪي بيت نقش ٿيل آهن، تن مان پوين ٻن لفظن رضوان حق مان شاهه جي وفات جي تاريخ پڻ ملي ٿي.

سڄو بيت هي آهي:

شاهه صاحب، ذوالمناقب، سيّدي عبداللطيف،

آنکه قطبِ وقت خود، بودست در مردانِ حق،

چون ز جامِ ارجعي، مخمورِ نوشِ وصل شد،

گفت ملهم غيب سالِ رحلتش رضوان حق.

فصل - 2

شاهه جي سيرت ۽ مذهب

شاهه عبداللطيف جي منهن مان، نور پيو بکندو هو ۽ اکيون هميشه مشعل وانگر پيون ٻرنديون هيون. مڙس نهايت ڏيا وارو هو ڳالهائيندو ٻولهائيندو، نهايت خلق ۽ فضيلت سان هو، جنهن ڪري سڀ ڪو سندس ادب ۽ احترام ڪندو هو. ورو يا وڳنڌ نالي فقير کان سواءِ، ٻئي ڪنهن سان، چرچو گهٻو ڪين ڪندو هو، وڳنڌ تي چيل ظريفانا بيت، سر بلاول ۾ درج ٿيل آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com