سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب: --

صفحو :29

داستان ڇهون

1

ڪنهن جنهن ڪُٺا ڪاتَ، جيئن سامِي مُورُ[1] نه سَنرا[2]،

ڏِينهان[3] ڏُکِي ڏِيلَ ۾، سُورَ سَڄِيائِي راتِ،

جوڳِيان[4] سَندِي ذاتِ، جِيجان! آهِه جَڏائُڙي[5].

2

روحَ ۾ رَهِيُنِ رامُ، ٻَهَرِ ٻولِنِ ڪِي ٻِيو،

پِيالو پُرِ ڪَري، جوپُ[6] پِيتائُون جامُ[7]،

تِنهان پوءِ تَمامُ، تَنِ تَڪِيا تاڪي[8] ڇَڏِيا.

3

رامُ رَهِيُنِ ۾ روحَ، ٻَهَرِ ٻولِنِ ڪِي ٻِيو،

سَدائِين سَفَرَ ۾، مَٿا ٿِيَنِ مُوءَ[9]،

سامِيئَڙا صُبُوحَ، سارِين گَهڻُو، سَيّدُ چي.

 

4

مَٿا مُوءَ ٿِيانِ، سَدا سُوئِيتا[10] ڪاپَڙِي،

ڪوٺي ڪنهن نه پُڇِيا، اَندَرِ اَندوهِيانِ[11]،

جيڪا ڄمارانِ[12]، سا مَنجِهه گُوندَرَ گُذِرِي.

5

ويٺي جَنِين وَرِهَيه ٿِيا، َٿي سين ميري[13]،

اَکِيُون جنهن جُون اَلَکَ ڏي، ڀُئِينءَ[14] ڏي نَه ڀيري،

ڪاراڻِيان[15] ڪَڪا ٿِيا[16]، ڄَراٽِيا[17] ڄيري،

لُڙِڪَ لالُ، لَطِيفُ چئي، ڪَنبي[18] ۽ ڪيري[19]،

نينهن نَه نِبيري[20]، سُورَ چَرَندي سَنِرو[21].

6

ويٺي جَنِين وَرِهَه ٿِيا، مَٿي ميري ساڻُ،

ڪاراڻِيان ڪَڪا ٿِيا، ڄيري وِجِهي ڄاڻُ[22]،

خُودِي کانئي هَلِيا، پُٺِ تي ڇَڏي پاڻُ[23]،

سي ڪيئن ٻَهَرِ هَڻَنِ ٻاڻُ[24]، جَنِ گَڏِيو گُرُ گِرِبانَ[25] ۾.

7

نانگنِ ڪِينَ نَمايو،[26] ناٿُ نَمايو نِينهَن،

مَڙهينِ اُٺا مينهَن،* جوڳِيان سَندِيءَ ذاتِ کي.

8

نَه ڪِي نَمَنِ ناٿَ کي، ناٿُ نَه نَمائِين،

جاٽا[27] ڪَنِ نه جوڳَ جِي، جوڳُ نه جُهارِين[28]،

آديسِي آڻِينِ، اهڃاڻِيُون اَلماسَ[29] جُون.

9

هَرَ هَرَ ڪَنِ هَرنامُ، ڌُونِ[30] ڏِيهاڙِي ڌوتِيا[31]،

جَنِ نه رِيجهايو رامُ، ناٿُ[32]، نَه نَمي تَنِ سين.

10

هَرَ هَرَ ڪَن اُميس[33]، ڌُونِ ڏِيهاڙِي ڌوتِيا،

جَنِ نَه مارِي ميسَ[34]، ناٿُ نَه نَمي تَنِ سين.

11

جِهڙا ڪَڙِڄَ[35] ڪَڪِرا، تَهِڙا جائِن ڦُلَ،

تَنِ سامِينِ جي سَڌَ مَران، جَنِ جي گودِڙِيَنِ ۾ گُلَ،

اَندَرِ مُلَهه[36] اَمُلَ[37]، ٻَهَرِ ڪوجها ڪاپَڙِي.

12

يادِ گُرُو ڪَنِ گودِڙِيا، ڀَرِ بازارِ بِيٺا،

پَڙهَنِ سُورَ[38] سُبُحانَ[39] جِي، پِيَنِ[40] تنهن پيٽا[41]،

جيلانهن مُنهن ميٽا[42]، تيلانهن نشان چاڙهِيائُون نينهن جا.

13

ريڳَڙيارا[43] رَمِيا، لُوٺِيَسِ[44] لانگوٽِيَنِ[45]،

منهنجو جِيءُ جَلائِيو، اَندَرِ آدِيسِنِ،

لانجُهون[46] لاهُوتِيَنِ، چوري ڏِنِيُون چِتَ کي.


 

 

وائي

تَنِ اَکينِ آئُون اَڙائِي، ٻَڙِي! جيڏِيُون!

ڪنهن دَرِ ڏِيان دانهَڙِي؟

ڦِڪِيُون ڏيئي ڦَڪِيُون، ويڄَنِ[47] آئُون وِرِچائِي،

ٻَڙِي! جيڏِيُون! ڪنهن دَرِ ڏِيان دانهَڙِي؟

حُسُنَ هوتَنِ جي، اَدِيُون! لالِيءَ[48] آئون لَڄائِي[49]،

ٻَڙِي! جيڏِيُون! ڪنهن دَرِ ڏِيان دانهَڙِي؟

اُلفَتَ ڪَر مَ اُنِ سين، قُربَ جا ڪَڙائِي[50]،

ٻَڙِي! جيڏِيُون! ڪنهن دَرِ ڏِيان دانهَڙِي؟

صُحبَتَ سُپيريَنِ جِي، مِٺِي مِٺائِي،

ٻَڙِي! جيڏِيُون! ڪنهن دَرِ ڏِيان دانهَڙِي؟

اَلا! عَبدُاللّطِيفَ سين، وَحدَتَ وَٽَ[51] وِراهِي،

ٻَڙِي! جيڏِيُون! ڪنهن دَرِ ڏِيان دانهَڙِي؟


 

 

داستان ستون

1

قُوتَ[52] ڪَڙايا ڪاپَڙِي، طَعامَ نَه طامائُو[53]،

سَئِنَ[54] هَنيائُون سُڃَ ۾، پَهَرَ[55] نَه پينائُو،

اَوَسَرَ[56] آسائُو[57]، اُٿِي گُوندَرَ گَڏِيا.

2

قُوتَ ڪَڙايا ڪاپَڙِي، طعامَ نَه طَمَعَدارَ،

سَئِنَ هَنيائُون سُڃَ ۾، جوڳِي ڪِنهن نَه يارَ!

اَوَسَرَ جي آڌارَ، اُٿِي گُوندَرَ گَڏِيا.

3

قُوتَ ڪَڙايا ڪاپَڙِي، بُکَ جَهِليائُون بُوءِ[58]،*

وِيا نيرانا[59] نڪِرِي، جوڳِي مَنجهان جُوءِ[60]،

اَوَسَرَ، آجا[61] اُوءِ،** اُٿِي گُوندَرَ گَڏِيا.

4

پِنَنِ ڪِينَ پَٽُ[62] کَڻِي، گُهرَنِ ڪِينَ گَهران[63]،

مَهيسِي مَخلُوقَ جي، اَڀَنِ دُورِ دَران[64]،

پُڇَنِ ڪوهُه شَرَعان[65]؟ جيئن اَندَرِ عَدالَتَ اُنِ جي؟***

5

پِنَنِ جو پَٽُ کَڻِي، سو جي سُڃاڻَنِ[66]،

تَه بَرَ ۾ بِيکَ لَهَن، پَهَرَ نه پِنَنِ ڪاپَڙِي.

6

اَسُکُ[67] جَنِ اَويرَ،+ سي سانجِهيءَ رَهَنِ سُمهِي،

لاهُوتِي، لَطِيفُ چي، آڌِيءَ ڏِينِ اُليرَ[68]،

سُتو لوڪُ پَسِي پِيا، سي سامِي مَٿي سيرَ،

ڪيڏاهَن ڪَندا پيرَ؟ مِڙيئِي مَٿو[69] ٿِيو.

 

7

وِچِينءَ ويٺا رَهَنِ، سانجِهيءَ رَهَنِ سُمهِي،

بُکَ مَرَندي بِکِيا، ڪنهن کان ڪِين گُهرَنِ،

پيٽَ نه هيرِيائون پانهنجا، چوري ساڻُ چَسَنِ[70]،

ڦَڪِي فَقِيرَنِ، ماڳِيان[71] پِنِي ماٺِ جِي.

8

وِچِينءَ ويٺا هُونِ، سانجِهيءَ رَهَنِ سُمهِي،

مَهيسِي مُنهُن پانهِنجو، ڌاران[72] ڌوڙِ نَه ڌُون،

وِهاڻِيءَ واٽُن تي، پاسا کوڙِيو پُونِ،

ڪنهن کي ايئن نَه چُونِ تَه آديسِي آهِيُون.

9

ڪَشي[73] ساڻُ ڪَشَنِ[74]، ڏِيلَ ڪِيائُون ڏُٻِرا،

پيٽَ نَه هيرِيائُون پانهنجا، چوري ساڻُ چَسَنِ،

اِهَڙِيَ راهه رَسَنِ، ڪاپَڙِي ڪابُولَ کي.

10

ڪَشي چيلِهه ڪَشا[75]، ڏِيلَ ڪِيائُون ڏُٻِرا،

لاهُوتِي، لَطِيفُ چي، تَنَ کي ڏِيَنِ تَسا[76]،

گُرُوءَ جي گَسا[77]، پاسي ڪَنِ نَه پاڻَ کي.

11

آديسِي آديسُ[78]، هِئائِين[79] ڪَري هَلِيا،

ڪاپَڙِيَنِ قَلبَ ۾، ڪِيو ڏُوراڻو[80] ديسُ[81]،

ويراڳِي نَئُون ويسُ، راوَلَ[82] ڍَڪي رَمِيا.

12

آديسِيَنِ اَدَبُ، آهي اَکَڙِيَنِ ۾،

نَسَلُ تَنِ جو ناهِه ڪو، ڪونهي اُنِ حَسبُ[83]،

سامِيَنِ سَڀين پَرين[84]، رُوحَ ۾ رَهِيو رَبُ،

رِيءَ لانگوٽِيءَ لَبُ[85]، پاڇِي ڪَنِ[86] نَه پاڻَ سين.

13

لانگوٽِي لاهي، وَنءُ ويراڳِيَنِ سامُهُون،

ٻَڌُ سُورَنِ جو سَندِرو، مَنجهان سِڪَ ساهي[87]،

اُنِين وَٽِ آهي، اوڇَڻُ ڳالِهه اُگهاڙَ جِي.

14

لُنگُ ڪَڍِيائُون لانگَ، موٽِي ڪَنِ نَه مَسَحو[88]،

جا اِسلامان[89] اڳي هُئِي، سا سُئائُون ٻانگَ،*

سامِي ڇَڏي سانگَ، گَڏِيا گورَکِناٿَ[90] کي.

15

ويراڳِي واڳِي[91]،* ڏِينِ ڏِيهاڙِي ڏِيلَ کي،

راوَلَ! رَتين[92] مولِهئين[93]، سامِي سُهاڳِي[94]،

لَنءُ جَنِين سين لاڳِي**، سي جوڳِي پَسان تَه جِيان.

16

ويراڳِي واري، اَلا! اَڱَڻَ آڻِيين،

ڏُکَ لاهِيندِيَسِ ڏِيلَ مان، تُهَنِ[95] جيئن تاري،

اِيندَمِ اوتاري، کينءَ[96] جُون ڏيندَمِ خَبَرون.

17

اَرِتو اَکِينِ مان وَهي، مَٿي ڳِلَنِ ڳاڙهَه[97]،

ڪوري ڪَنَنِ وِچَ ۾، ڦَچَ[98] ڏِنائُون ڦاڙَ[99]،

هَڻِي توبَهَه تاڙَ[100]، نانگا نِسوار[101] ٿِيا.

18

لاهُوتِي لَطِيفُ چي، سَڌَ نَه کَڻَنِ ساڻُ،

اِيءُ آديسِنِ اُهڃاڻُ، جيئن تَعلُق ڇَڏِيائون تَڪِيا.

19

پُوڄا ڪَرِمَ پاڻَ کي، کُهُه! راوَلَ، ٻَنِ! رُجاتُ[102]،

لِباسان[103] لَطِيفُ چي، پَلِ[104] ويراڳِي! واتُ،

مَنُ ماري ڪَرِ ماتُ، تَه تيرَٿَ پَسين تَڪِيو.

20

پُوڄا ڪَرِ مَ پاڻَ کي، پَلِ پُوڄا کان پاڻُ،

ڄاڻِي[105] ڇَڏي ڄاڻُ[106]، پُرُ[107] تُون پُورَبَ پارَ ڏي.

21

پُوڄا ڪَرِ مَ پاڻَ کي، جوڳِي رَکِجِ جوڳُ،

خُلقُ[108] خالِقَ جيئن ڪَرِين، اِيءُ راوَلَ! وڏو روڳُ[109]،

ڀَڳَنِ[110] ڪونِهي ڀوڳُ[111]، نانگا وَڃَنِ نِڱِيا.

 

وائي

مِڙِيَنِئُون موڪَلَ، ڪالَهه ڪَندا وِيا ڪاپَڙِي.

ڪَڏِهن اُتَرَ سامُهان، ڪَڏِهن دُونهِيَنِ جَهلَ[112]،

ڪالَهه ڪَندا وِيا ڪاپَڙِي.

هُنَ سيڪِيندي هَٿَڙا، مون ڳاڙِيندي ڳَلَ،

ڪالَهه ڪَندا وِيا ڪاپَڙِي.

چِيري چَندَنَ ڪاٺَ جيئن، سُورَ ڏِنائُون سَلَ[113]،

ڪالَهه ڪَندا وِيا ڪاپَڙِي.

بابُو ڪَنِ نَه بِکِيا، نه ڪا وَلَنِ[114] وَلَ[115]،

ڪالَهه ڪَندا وِيا ڪاپَڙِي.

اَلا! عَبدُاللّطِيفُ چي، اِيندَمِ شالَ اَمُلَ[116]،

ڪالَهه ڪَندا وِيا ڪاپَڙِي.


 

 

داستان اٺون

1

رَهيا اَٿيئِي راتِ، صُبُحَ وِيندَءِ صابِرِي[117]،

لُونءَ لُونءَ مَنجهه، لَطِيفُ چي، ڪَرِ تَنِين جِي تاتِ[118]،

سَندِي جوڳِيَنِ ذاتِ، ٻئي ڀيري مَسَ مِڙي[119].

2

اَڱڻِ آهِينِ اَڄُ، صُبُحَ وِيندَءِ صابِرِي،

ڪَجِ ڪو ڪاپِڙَينَ مان، رُوحَ رُچَندو[120] رڄُ[121]،

پيرَ تَنِين جي پُڄُ، مَتان سِڪِين سَناسين کي.

3

تان ڪِي ساڻُنِ اورِ، جان ڪِي آهِنِ اوطاقُنِ ۾،

ڏهَه ڏهَه ڀيرا ڏينهن ۾، پاڻُ مَٿائُنِ گهورِ،

وِيا جي هِنگِلورِ[122]، ته ڪَرَمِ[123] مِلَندَءِ ڪاپَڙِي.

4

تان ڪِي وَٽِن ويهُه، جان آهِنِ اوطاقُنِ ۾،

سامِي سَفَرِ هَلِيا، ڏُورِ چِتائي ڏيهُه،

ڇَڏي سُکُ ساڻيهُه[124]، مَٿي گَنگا[125] گَجِيا[126].

5

تان ڪِي وَٽِنِ وَڃُ، جان آهِن اوطاقُنِ ۾،

سامِي سَفَرِ هَلِيا، رائو چِتائي رُڃَ،

اِهَڙا جَنِ اُهُڃَ، سي ڪَرَمِ مِلَندَءِ ڪاپَڙِي.

6

تان ڪِي وَٽِنِ آءُ، جان آهِن اوطاقُن ۾،

وِيو تَنِ نه وِسَرِي، لاهُوتِيَڪو[127] لاءُ[128]،

فَنا ۽ فِراق جو، سامين چَکِيو ساءُ[129]،

وَٽان تو وِيندا، ڪاپَڙِي ڪابُول ڏي.

7

اَڄُ نَه اوطاقُنِ ۾، جاڳَرُ[130] جوڳِيئَڙَنِ جو،

ساري سَناسِيَن کي، رُوندين تان رو،

پَسُ! پارِئان[131] تو، لاهُوتِي لَڏي وِيا.

8

اَڄُ نَه اوطاقُنِ ۾، طالِبَ تَنوارِينِ،

آدِيسِي اُٿي وِيا، مَڙهِيُون مُون مارِينِ،

هُو جي جِيءَ جِيارين، سي لاهُوتِي لَڏي وِيا.

9

اَڄُ نَه اوطاقُنِ ۾، سَندِي جوڳِين جوڙَ[132]،

ساري سَناسين کي، کامِي ٿِيَسِ کوڙَ،*

مَنَ جَنِين سان موڙَ[133]، سي لاهُوتِي لَڏي وِيا.

10

اَڄُ نَه اوطاقُنِ ۾، سَندِي جوڳين ذاتِ،

ساري سَناسِين کي، رُنُم سارِي راتِ،

مُون تَنَ[134] جَنِين جِي تاتِ، سي لاهُوتِي لڏي ويا.

11

اَڄُ نَه اوطاقَنِ ۾، تازا پَٿَرَ ڪَکَ،

آديسِي اُٿِي وِيا، پيئِي اُڏامي رَکَ،

سامِي کَڻِي سَنکَ[135]، وَڄائي واٽَ ٿِيا.

12

جِياسُون جوڙَ ٿي،** جوڳي ڏِٺوسُون،

ڪَنان تَنهِين مُون، حاصُلُ ڪِي حالُ ڪِيو.

13

جِياسُون جوڙَ ٿي، جوڳِيءَ لاٿو جارُ[136]،

سَندو پُورَبَ پارُ[137]، آڇيائِين اَنڌَنِ کي.

14

جِياسُون جوڙَ ٿي، جوڳِي ڏٺوسُون جان،

مُون سَڱُ جنهين سان، سو سامِي سانڀِي[138] ٿِيو.

15

جِياسُون جوڙَ ٿي، نانگو ڏٺوسُون نِتُ،

چُنجهو[139] هوسُون چِت، کُلِي اَڄُ سُو باغَ[140] ٿِيو.*

16

هَئي! جي هُئا هِتِ، تَه مَٿِنِ هُوندَ حَقُ** ٿيو،

مَڙهِيُون، مُورَتَ، مَتِ[141]، مَنَ وِسَرِيُون ڪِي لَهان.

17

هَئي! جي هُئا هاڻِ، تَه مَٿِنِ هُوندَ حَقُ ٿِيو،

پيهِي[142] وِيا پاڻِ، اَڏِيا مَڙَهَه[143] مارِينِ مُون.


 

 

وائي

جوڳِي جَڳِ گَهڻا، لا! مُون وَهُه[144] ويراڳِينِ سين.

پاڇِي ڪَنِ نَه پاڻَ سين، تُنبِيءَ مَنجهه ڪَڻا، اَلا!

مُون وَهُه ويراڳِينِ سين.

جان ڪِي ڌاڻِيُون[145] ڌُوڙِ ۾، جان ڪِي کِينِ[146] چَڻا، اَلا!

مُون وَهُه ويراڳِينِ سين.

ويٺِي واٽَڙِيَنِ تي، ڀَٽَنِ[147] جيئن ڀُڻان[148] اَلا!

مُون وَهُه ويراڳِينِ سين.

سارِيو سَناسين کي، ويٺِي هَٿَ هَڻان[149] اَلا!

مُون وَهَه ويراڳِينِ سين.

آيَلِ! آديسِيَنِ جا مُون تي گُنَ[150] گَهڻا، اَلا!

مُون وَهُه ويراڳِينِ سين.

اَدِيُون! عَبدُاللّطِيفُ چي، مُحبَنِ مَنجِهه مَڻِيا[151] اَلا!

مُون وَهُه ويراڳِينِ سين.


 

 

داستان نائون

1

بُکَ وِڌائُون بگِرِيين[152]، جوڳِي ڪندا جُڃَ،

طَلَب نَه رَکَنِ طَعامَ جِي، اوتِيو پِيئَنِ اُڃَ،

لاهُوتِين، لَطِيفُ چي، مَنُ ماري ڪِيو مُڃَ[153]،

سامِي جهاڳي سُڃَ[154]، وَسِينءَ[155] کي ويجها ٿِيا.*

2

نَه گِندا[156]، نه گَبرِي[157]، نه لانگوٽِيءَ لِکَ[158]،

جيڏانهن ڀَرِينِ وِکَ، تيڏانهن صاحِبُ سامُهُون.

3

نَه گِندا، نَه گَبَرِي، نَه لانگوٽِيءَ لِيڙَ،

جيڏانهن ڪَرِينِ ڀِيڙَ[159]، تيڏانهن صاحِبُ سامُهُون.

4

جيئن ٿا پُڇَنِ اَنَ[160] کي، تيئن جي پُڇَنِ پَنڌُ،

تَه رِڙهِي لَڌائُون رَندُ، لَٿِيَنِ لُکَ[161] لَطِيفُ چي.

5

جيئنٿا پُڇَنِ اَنّ کي، تيئن جي پُڇنِ اَللهَ،

ته رِڙهِي لَڌائُون راهَه، لَٿِيَنِ لُکَ، لَطِيفُ چي.

6

نَه گِندا، نَه گَبَرِي، نَه ڪَڇِينِ[162] ڪاڇوٽِي[163]،

سامِيَنِ ٻارِي سَڃُ ۾، بابُنِ باهوٽِي[164]،

جوڳِي جَبرُوتِي[165]، وَڃائي واٽَ ٿِيا.

7

ڪَڇي ڪاڇوٽِي، نانگَنِ ٻَڌِي نِينهن جِي،

جِهَڙا آيا جَڳَ ۾، تَهِڙا وِيا موٽِي،

اُنِين جِي چوٽِي[166]، پُورَبِ[167] ٿِيندِي پَڌِرِي.

8

سُٻيرِيءَ[168]، سَيّدُ چي، جي ٿا پُڇَنِ اَنُ،

تَنِ ڪاپڙِيَنِ ڪونهي ڪَنُ، جوڳِي چائِن[169] جاڙَ[170] ٿا.

9

جا بَرادَ[171] بُتَنِ جِي، سا اُڃَ بُکَ آديسِيَنِ،

روزا رِندَ رَکِن، عِيدَ نه اوڏا ڪاپَڙِي.*

10

جنهن سناسي سانڍِيو، گَندِي ۽ گِراهه،

اُنِينءَ[172] کان اَللهُ، اَڃا اَڳاهُون ٿِيو.

11

ويٺو پُڇِين پَرُ[173]، ڪَرِ ڪا هِنيارَ[174] هَلَڻَ[175] جِي،

اَڄُ آدِيسِي! مَرُ، صُباحَ مَرَندو سَڀُڪو.**

12

پَرِينديئِي پيرَ ٿِيا[176]، ڇَڏي گَنجو[177] گامُ[178]،

ويهِي ڪِيو نَه وِچَ ۾، تَنِ آديسِيَنِ آرامُ،

رَهَه[179] ۾ گَڏِيُنِ رامُ، پَنڌان[180] ڇُٽا ڪاپَڙِي.

13

اَکِيُون آلو[181] ماهُ،*** سَدا سَناسِين جُون،

واري نيڻَ نِنڊاهُه[182]، جاڳِي جَهلِيا جوڳِيين.

14

اَڌَ لَڳِيُون آهِينِ، آيَلِ! آديسيَنِ جون،

ويهِي[183] وِهائِينِ[184]، ڪا قَضاني[185] راتَڙِي.

15

اَڃا سي آهِين، جي سَزاوارَ[186] سِڳِيُنِ جا،

ويٺا وَڄائِينِ، جي سنياسي! سُڻِيين.

16

نسورِيائِي ناهه[187] جِي، دِلِ ۾ دُونهِين دُکاءِ،

آڻي آڳِ عِشقَ جِي، لاهوتِي! تَنَ[188] لاءِ،

جِندان[189] تين جاڳاءِ، جيئن آتَشِيان[190] آبُ ٿِئي.*

17

مَرَڻُ مُسَلَّمُ[191] جَنِ، واحِدُ تَنِ نه وِسَري،

مَٿي سَڳَرَ[192] ڪاپَڙِي، نانگا نِنڊَ نَه ڪَنِ،

نيڻَ سَدائِين تَنِ، اوجاڳي اُجارِيا.

18

پُوري پَئِي رَهُه، اُپَٽي[193] اُجُهه[194] مَ ڪاپڙِي!**

اُلا جي عِشقَ جا، سي تُون سَهِيو سَهُه،

پُڇُ پاڻ کي پَهه،*** هِنگِلاجِ هَلَڻَ جو.

19

ڏورِڻُ گَهڻُو ڏاکَڙو، ڏورِجِ ري مَ ڏِيئي[195]،

تان تان هوئِجِ حُجِري، جان سين يارُ جِيئي،

جَڏِهن پاسي پاڻُ ٿِئي،+ تَڏِهن ڇَڏِجِ تَڪِيو[196].

20

ڏورِ مَ ڏِيئيان[197] ڌارَ، ڏورِڻُ گَهڻُو ڏاکَڙو،

ڪوڙيين لَکَ هَزارَ، هِنَ اونداهِيءَ[198] اَنڌا ڪِيا.

21

سامِي تُون سُلُوڪَ کي، هَٿان[199] هَڏِ مَ ڇَڏِ،

لَڏِيندَنِ سين لَڏِ، نَه رَهِين تُون راڄَ ڪَري.*

22

وِيندَنِ کي ويڪَ[200] ٿِئي، هُوندَنِ ڪونهي هَنڌُ،**

مَن لّہُ المَوليٰ فَلَہ الڪُلّ[201]، اِيءُ پَروڙِجِ پَنڌُ[202].

23

عاشِقَ، شَهَرَ فَقِيرَ، دَرِ دَرِ هَڻَنِ سَئنَ،***

مَن عَرِفَ اللهَ ڪَلّ لِسانُہُ[203]، اِهڙاِي اَمِينَ،

جِتي پَسَنِ ڪِينَ، تِتي ڪَن تڪِيا.

24

لَنگِهه لاهُوتان[204]، ڪاپَڙِي! دُونهِين ڪا مَ دُکاءِ،+

اوري ڪَرِ مَ آسَرو،++ پَري[205] پَيرُ مَ پاءِ[206]،

جَنِ جِي جاءِ، نه ماءِ+ وَنءُ[207] تَنِين سين واڳِيو[208].

25

ڀِنِيءَ ڀَڙَڪَ ڪَنِ، باهِيُون بيراڳِن جُون،

هَلو تَه سيڪِيُون هَٿَڙا، مَٿي تَن مَچَنِ،

مُلا[209] سَناسِيَنِ، مُون جَڙَ لِڳِي جانِ ۾.

26

هُو جي ٿِيا هَر ڪيسَ[210]، تَنِ لَڳي ڪِينَ لِباسَ[211] سين،

وَتَنِ وِلهي[212] ويسَ، لاهُوتي، لَطِيفُ چي.

27

بُکَ اُنِين جي بِکِيا، ڌوڙِ تَنِين جو ڌُوپُ،

ڪِيائُون سوئِي رُوپُ، جِيان[213] لوڪَ لَڄَ ٿِئي.

28

سِڱِيُون[214]، سيلِهيُون[215]، گَبَرِيُون[216]، ٽيئِي ٽولَ ٽَڳو[217]،

پَٽُ[218] هَڻِي پَٽَ سين، ڀيري تَنِ ڀَڳو،

لاهُوتُ جَن لَڳو، سي مَڙهِيان[219] مُورُ نَه نِڱِيا[220].

29

کوءِ گودَڙَ! ٻَنِ گَبَريُون! نيئِي کِدائُون[221] کانءِ،

جيڏانهِين جوڳُ وِيو، نيڻَ تيڏانهِين ناءِ،

ڀُڻو ايئن ڀانءِ، ته سِڱِيُون شُومَتَ[222] هَٿَ جون.

30

کَڻُ گودَڙَ، ٻيونُ گبرِيُون، کانءِ مَ کِدائُون،

جِندا![223] وَڃِي جوڳَ سين، لَهِجِ ڪِي لائُون،

اِيئَن ڪُهُه اُتائُون[224]، ته سِڱِيُون شومَتَ هَٿَ جُون؟

31

جا گُرَ ڏِنِي گودَڙِي، سا مُون کي ٿِي مَرَڪُ،

چيلا ماري چَرَخُ[225]، اوڍي ويهُه اَدَبَ سين.

32

جا گُرَ ڏِني گودَڙِي، سا ٿِئي لاهِيندي لَڄَ،

سَندا تِنهِن سَهَڄَ[226]، چيلو چُوندا ڪيتَرا؟

33

جا گُرَ ڏِني گودَڙِي، سا مُون گَهڻُو سُهاءِ،

نيئِي رَساڻي ماءِ[227]، اوڍِين جي اَدَب سين.

34

اَندَرِ رِلا رِلِيُون، ٻَهَرِ پَٽولا[228]،

گَڏَهَه جا گولا، اِنين[229] پَرين[230] ڪاپَڙِي.

35

ٻَهَرِ رِلا رِلِيُون، اَندَرِ پَٽولا،

خُدا جا گولا، اِنِين پَرين ڪاپَڙِي.

36

گُلَ گُلَ پَسِي گودَڙِيا! گَهڻا مَ ڀانئيج،[231]

سوئِي سُڃاڻيجِ، هِيءُ هُو آهي هيڪَڙو.

37

پَٽَ[232] ڇَڏِيائُون پَٽَ ۾، ڏَنڊَ[233] ڇَڏِيائُون ڏِسُ!

سَڀَ ٽولَنِئان[234] اَڳي ٿِيا[235]، موٽِي ٿِيَنِ نَه مِسُ[236]،

هِيءُ ڇَڏِيائُون حِسُ[237]، وَڃِي ڪالَهه ڪُلُّ ٿِيا[238].

38

ٻولِي ٻُجهارَتَ[239]، جوڳِيان سَندِيءَ ذاتِ جِي،

ڏورِڻُ گَهڻُو ڏاکَڙو، هَلَڻَ ۾ حيرَتَ،

عَجَبُ عِبادَتَ، پَهُه پَرُوڙَڻُ اُنِ جو.

39

جنهن ڪارَڻِ جوڳِي ٿِيا، جان جان سو نَه پَسَنِ،

تان تان سناسِيَنِ، ورِهُه[240] وِهامي راتَڙِي.

40

نَه کِلَنِ، نه کِينِ ڪِي، نَه ڪِي ڳالهائينِ،

ڪنهن جنهن ۾ آهِينِ، سا پَروڙَڻُ ڏاکَڙو.

41

راتِيان رُجَهنِ[241] رامَ سين، ڏينهان ڪَنِ سَنانُ[242]،

جوڳِي سي اَنانُ[243]، وَٽُون جَنِ وِراهِيُون.

42

ڪِي جو ڏِٺائُون، ڏَهَڪِجِي[244] ڏُورِ ٿِيا،

وِهَڪَ[245] نَه ڪِيائُون، اُڀَڪَ[246] عَيبُ اُنِ جو.

43

نَه ڪِي طعامُ تُنبِيَنِ[247] ۾، نَه ڪِي گَبَرِيَنِ،

مُون پُڻِ مُلا[248] تَنِ، حاصُلُ ڪِي حالُ ڪِيو.

44

دَلَقَ[249] ڍَڪائِجِ دِلِکي، لائِجِ[250] ڪو مَ لِباسُ[251]،

پُوري کائِجِ پانهنجو، مَڙهِيان[252] اَندَرِ ماسُ،

تَه ويراڳِي! تو واسُ، بَرَ ۾ بُويُون[253] موڪِلي.

45

جِتي عَرشُ نَه اُڀَ ڪو، زَمِينَ ناهه ذَرو،

نَه ڪو چاڙَهائو[254] چَنڊَ جو، نَه ڪو سِڄَ سَرو[255]،

اُتي آديسين جو، لَڳو دَنگَ[256] دَرو[257]،*

پَري پِيُنِ پَرو[258]، ناٿُ ڏِٺائُون ناهه[259] ۾.

 

وائي-1

جوڳِي ڏاڍِي ذاتِ، جِيجان! سامِي ڏاڍِي ذاتِ،

ماءُ! مُون قَبُولِيا ڪاپَڙي.

راتِيان ڏينهن رُوحَ ۾، مون کي سَندِيَنِ تاتِ،

ماءُ! مُون قَبُولِيا ڪاپَڙي.

سِگها اِيندَمِ سُپِرِين، شل سڀاڻي پِرڀاتِ،

ماءُ! مُون قَبُولِيا ڪاپَڙي.

اُنهن آديسِيَنِ جِي مون کي وائِي آهي واتِ،

ماءُ! مُون قَبُولِيا ڪاپَڙي.

ڪَرِيان عَرضُ اللهَ کي، آئُون اُٿِي آڌِي رتِ،

ماءُ! مُون قَبُولِيا ڪاپَڙي.

اَدِيُون! عَبدُاللّطِيفُ چي، شَلَ ڏاتَرُ ڏِيندُمِ ڏاتِ،

ماءُ! مُون قَبُولِيا ڪاپَڙي.

 

 

وائي-2

راوَلُ رَهي نَه راتِ، جيڏِيُون! منهنجو راوَلُ رَهِي نَه راتِ.

ڪوهُ ڪَرِيندِيَسِ ڪاندَ ري، وِهاڻِي پِرِڀاتِ،

منهنجو راوَلُ رَهي نَه راتِ.

مِٽَ نَه مَعذُورِيَنِ جا، ڪا جا جوڳِيءَ ذاتِ،

منهنجو راوَلُ رَهي نَه راتِ.

لَڳُمِ لاهُوتِيَنِ جو، مُنجهان ڪِينَرَ ڪاتُ،

منهنجو راوَلُ رَهي نَه راتِ.

 

 

سر ڪاپائتي

 

سُر بابت:

هن سُر تي مضمون جي مدنظر نالو رکيو ويو آهي. ڪابه هندستان راڳڻي هن نالي سان ڪانه ٿي سجهي. جيئن ته هن سر ۾ ڪاپائتيءَ جو ذڪر آيل آهي تنهن ڪري اهو نالو پيو اٿس. ڊاڪٽر گربخشاڻي واري نسخي ۾ هيءُ سر ڪونهي. رواجي نسخن ۾ سر جي پڇاڙيءَ ۾ مَتِ ڏنل آهي جا گهڻي تفحص بعد معلوم ٿيو آهي ته شاهه جو ڪلام نه آهي. ڌاريون ڪلام سمجهي اهو حصو خارج ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ مقدمه ۾ 166 صفحه تي ڄاڻايو آهي ته، اها مت، فقط ٽرمپ صاحب واري نسخي ۾ ڏنل آهي ۽ پارسي نظم مسمط جي طرز تي چيل آهي. اهو پڻ شاهه جو ڪلام نه آهي.

مضمون:

هن سر ۾ شاهه ڪاپائتي جي حال، سندس محبت ۽ منفرد مصروفيت جو ذڪر ڪيو آهي.

روحاني راز:

هن سر ۾، سالڪ کي ڪاپائتيءَ سان مشابهت ڏئي، شاهه ڪئين تصوف جا اصول سالڪ جي رهبريءَ لاءِ بيان ڪيا آهن. سمجهدار سالڪ کي ويسلو ٿي ويهڻ نٿو جڳائي، جو متان اگهاڙن سان عيد ڪرڻي پويس. جيڪڏهن ڪتيندوئي ڪونه ته اوڍيندو وري ڇا؟ ڪتڻ مان مراد آهي عبادت ڪرڻ. جيڪو سالڪ صحيح طور ۽ گهڻي عبادت نه ڪندو سو قيامت جي ڏينهن پنهنجو ڪسو اعمال نامو پيش ڪندي لڄي ٿيندو. جتي هڪ جيڏا ۽ سرتا سڏ ڪندس، اتي هيءُ شرمائيندو.

علم نفس جي اصولن موجب جيڪو گهڻو پورهيو ڪندو آهي، سو انهيءَ تي اوتروئي ناز ڪندو آهي. اها هڪ انساني اوڻائي ۽ عيب آهي. انهيءَ وڏ کي وڏي ويڪ ڪري ڄاڻايو ويو آهي. شاهه هتي سالڪ کي سمجهائي ٿو ته، ڪنبندي ڪت ورنه تنهنجي سنهي ڪتيل سٽ مان به صراف ويڪون ڪڍندا ۽ ورائي منهن تي هڻندئي. ناز ڇڏي نياز سک، نياز ۽ نهٺائي ڪري، شايد صراف تنهنجو ٿلهو ڪتيل سٽ به اگهائي ڇڏين.

خداوند تعاليٰ بيپرواهه بادشاهه آهي. هن کي ڪا انسان جي عبادت جي ضرورت ڪانهي. جيڪي انسان ڪري ٿو، سو فقط پنهنجي لاءِ. سالڪ محبوب جي مشاهدي ماڻڻ لاءِ جيڪي ڪندو تنهن مان کيس ئي مٺو ڦل ملندو، تنهن ڪري هن کي پنهنجي عملن تي اصل هٺ ۽ وڏائي نه ڪرڻ جڳائي.

هيءَ دنيا ٻن ڏينهن جو چٽڪو آهي- آخر فنا، تنهن ڪري وقت وڃائڻ پاڻ سان ويل وهائڻ آهي. شاه سالڪ کي صلاح ٿو ڏئي، ته ڪتڻ سندا ڏينهن ويهي مَ وڃاءِ، بلڪ ارٽ کي اوڏي ٿي، ان سان اور. 14 نمبر بيت ڏسو.


 

سُرُ ڪاپائِتِي

 

1

توڙي[260] تُون ڪاتارِ[261]، جِمَ هيڪَلِي[262] ڀيرِيين[263]،*

ڏسي ڪا ڏُئارِ[264]، صَرافَ[265] اِنهِيءَ سُٽَ ۾.

2

جَنِين ڀيرِيو هيڪَلو، تَنِين ميڙِيو، ماءِ!

تَندُ اِهَڙِيءَ ساءِ[266]، مُون آتَڻُ[267] هَڏِ نَه آئِيو.

3

جان ڪَتِين تان ڪِتُ، هِيءَ[268] هَڏِ وِهاڻِي،

ڪاپائِتي سَڀَڪا، ڪِتي سيباڻِي[269]،

ڄاتو جَنِ ڄاڻِي.** تَنِ هَٿان پَهِي[270] نه ڇَڏِي.

4

هِيءَ هَڏِ وِهاڻِي، تُون ڪَڙهُه ڪالهوڻي ڏينهن کي،

اُٿِي اورُ اَرٽَ سين،*** ويهُه مَ، ويڳاڻِي!

تَه صَرافَ سُڀاڻِي، موٽائي هَڻَنَئِي نه مُنهن تي.+

5

هِيءَ هَڏِ وِهاڻِي، جان ڪِتين تان ڪِتُ،

ڪو پَنهنجي لَڳِ[271] تُون، ڀيري ڪِجِ ڀَرَتُ،+

مَتان رُئين رَتُ، صُبُحَ وِچِ سَرَتِيين.

6

ڪتَڻَ جِي ڪانَ ڪَرِين، سُتِي ساهِين هَڏُ،

صُبُحَ ايندَءِ اوچَتِي، عِيدَ اُگهاڙَنِ گَڏُ،

جِت سَرِتَيُون ڪَندَءِ سَڏُ، اُتِ سِڪَندينءَ سينگارَ کي.

7

پائي ڏورِ اَرٽَ ۾، ڪِتين نَه ڪُوڙِي،

وِهاءَ واڌاڻي[272]، ڀُڻين[273] سَنڀُوڙِي[274]،*

مَٿي جنهن مُوڙِي[275]، سا ڪيئن وِهي ويسَرِي[276]؟

8

اَڄُ پُڻِ اُجَهڻَ[277] کي مَرِين،** نه ڪي ِتُئي ڪالَ[278]،

ڀورِي! تو سين ڀالَ[279]، ڪانڌُ ڪَرِيندو ڪيتَرا؟

9

اَڄُ پُڻِ اُجَهڻَ کي مَرِين، نه ڪي ڪِتُئي ڪالَ،

مونا[280] اُٺِجِي اُکِڙِئا، اَرٽَ ڍَرِڪِي مالَ[281]،***

هَئي!  تَنِي جي حالَ، جَنِ ڪاپي[282] مَنجهان ڪِينَ ڪِيو.

10

سي تو ويهِي وِڃائيا، جي ڪِتَڻَ سَندا ڏينهن،

اَرٽَ اوڏِي نَه ٿِيين، ڀورِي! ڀورِي[283] سينءَ[284]،

ڪَنڌُ کَڻندِينءِ[285] ڪيئن، اَڱڻِ عَجِيبَنِ جي؟

11

توڙي تُون وَڏِي[286] ٿيئين، توءِ[287] اُٿِي آتَڻ آ،

ٿِي ڀيڙِي[288] ڀيرَمَ وارِيين، ٻِي هَڏِ ڪَرِ مَ ڪا،

ته صَرافُ تو صُباح، ڪوٺي ڪاتارِنِ سين.

12

سونَ سارِيڪا[289] هَٿَڙا، ڪوهَه نَه ڪِتين رَڏِ[290]؟

ويهِي ڪُنڊَ ڪاپو[291] ڪَرِ، گُهتُون گوهِيون ڇَڏِ،

ته صَرافاڻي سَڏِ، مَرَڪِيو هوندَ مَٽائِيين[292]!

13

ڀَڳوئِي تُون ڀيرِ، جانسِين[293] رَتو راسِ ٿِئي*،

بُرِيَ بيڪارِيَ سين، هارِي! پاڻُ مَ هيرُ[294]،

ڪِتُ ڪِتَندِي ڪيرُ، نَنهن سيئن** نِيزارِي ڪَري؟

14

ڀيرِيين ۽ ڀائِيين[295]، ايئن وِڏُوڻو[296] ڪانڌُ[297]،

ويٺِي اورِ اَرٽَ سين، ڳِچِيءَ پايو پاندُ،

تَه تنهنجو ئِي وِڻِواندُ[298]! ڪِتو[299] وِتوئِي[300] نه ٿِئي.

15

مَڇُڻِ ڀاڳَ ڀَرِ[301] ڏِيين،*** ڪِتُ ڪَنبَندي[302] آءُ،

جڏهن تڏهن ماءُ! ڀِرَن[303] ڀيرَمَ وارِيُون.

16

چاوَتَ[304] پائي چِتَ ۾، سَنهو ڪِتو جَن،

تن جو صَرافَنِ، دُڪو داخِلِ نه ڪِيو.

17

مَحَبّتَ پائي مَنَ ۾، رَنڍا روڙِيا[305] جَنِ،

تَنِ جو صَرافَنِ، اَڻَ تورِيو ئِي اَگهائِيو.

18

ڪو جو وَهُه[306] ڪاپاتِيين، ڪَنبَنِ ۽ ڪِتَنِ،

ڪارَڻِ سُودَ[307] سَواريُون[308]، آتَڻَ[309] مَنجِهه اَچنِ،

اُنِ جي سُونهَن[310] سَيّدُ چي، صَرافَ ئي سِڪَنِ،

اَگِهيا سُٽَ سَندِنِ، پائي تارازِيءَ نَه تورِيا.

19

سُٽُ[311] اُنِين جو سَڦَرو[312]، جي پَرِ ۾ پِڃائِينِ*

آوازُ اَرٽَ جو، ساهَه نه سُڻائِينِ،

لِڪايو، لَطِيفُ چي، ڪَنبِيو ڪِتائِينِ،

جي[313] ماڻِڪ موٽائِينِ، تَه پِه مُلُ[314] مَهانگو اُنِ جو.

20

تُنبائي[315] تاڪِيدُ سين، جَنين پِڃايو پاءُ،

لَسِي تَندُ، لطِيفُ چي، هَلي تَنِ هَٿاءُ،

مَلمَلِ مَنجهان ماءُ! جي سِکِيُون تَنِ سُون ڪِيو.**

21

ٽَڪُ[316] وِنگِي[317]، ورَ[318] گهڻا، ڪِتان ڪُڄاڙو؟

ڪاپي مَٿان ڪيتَرو، آڻِيان اُڌارو؟

جي وَرُ[319] ڏِيي وارو[320]، ته سُونهان سَرَتِيَنِ وچَ ۾.

22

اولاڻِيان[321] اَرٽ، ڪيڏَهَنِ ڪِتَڻَ وارِيُون؟

پَهِيُون مَٿي پَٽَ، لُڙجَنِ[322] لاکِيئَڙَنِ[323] جُون.

23

ڪِتي ڪِتي ڪالَ، اَڄُ نَه آتَڻَ آئِيُون،

اَرٽَ اُکِلِي مالَ، پُوري وييُون نِجُهرا[324].

24

نه سي وَؤڻَ وَڻنِ ۾، نه سي ڪاتارِيُون،

پَسِيو بازاريُون، هِينئڙو مُون لُوڻُ ٿِئي[325].

25

ڪِتي مَٿي آئِيُون، ڪَري تَندُ تَيارُ،

اُٽَلَ اوڏاهِين ٿِئي، جيڏانهن پرينءَ پارُ،*

ڪاپائِتِيءَ قَرارُ، مَنجهان پورهِئي آئِيو.

26

جا سَنهو نَه سِکي، سا مَرُ[326] رَنڍائي روڙي،

سُٽُ تَنِين جو سَڦرو، وِيا ترازِيءَ توري،

ٿُلهي ۽ ٿوري، ويچارِيءَ سان وَڙُ ٿِيو.

27

جَنِين ڪِتو ڪالَ، سي پاڻان پييُون مامِري،

جَنِين ٽڪَ نَه مالَ، سَرَهِيُون سي صَرافَ سين.

28

پائي پاندِ ڪَپاهُه، جان مُون آتَڻَ نِهارِيان،

کَڻي ڪانَه پساهُه، سَرَتِيُون وَڃِي سُتِيُون.

29

چَرِکو[327] پنهنجي چِتَ سان، ڀِنِيءَ[328] ڀيرِيو[329] جَن،

توڙي ڪِي نَه ڪِتَنِ، تَه پِه ڪانڌُ تَنِين جو ڪوڏِيو.*

30

تاڃي[330] تورِيائُون، تَه عَيبِ نِڪِتا اَڳِيان[331]،

ڪوٺي ڪاپائِتِيَنِ کي، پَرِ ۾ پُڇيائُون،

چي:[332] اَگَلَڙِي[333] آئُون، مُون کان ڀِڙا[334] ڀَڳا نَه ٿِيا.*

 

وائي

ڪا هِنيين[335] سين لاءِ،* ڀورِي! ڪا هِنيين سين لاءِ.

تُنبائي تاڪِيدَ سين، جَنِ پِڃايو پاءُ،

ڀورِي! ڪا هِنيين سين لاءِ.

لَسيي تَندُ، لَطِيفُ چي، هَلي تَنِ هٿاءُ،

ڀورِي! ڪا هِنيين سين لاءِ.

پَهِيُون تَنِ جُون جِهرڪَنِ جهورِيُون، ٻيو اُڏائي واءُ،

ڀورِي! ڪا هِنيين سين لاءِ.

اَرٽَ پاسي اوجِهرِين، تُوکي سُمَهَڻَ آئِيو ساءُ،

ڀورِي! ڪا هِنيين سين لاءِ.

اَدِيُون عَبدُاللطِيفُ چي، روئِي رِيجهائِي راءُ،

ڀورِي! ڪا هِنيين سين لاءِ.

 

 

سر پورب

 

سر بابت:

هيءُ سر نه ڪي ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ واري نسخي ۾ آهي ۽ نه ڪي ڊاڪٽر ٽرمپ واري نسخي ۾. سرڪاري ڇاپي جي پهرئين داستان مان هڪ پارسي آميز ٻسو بيت ڌاريو ڪلام سمجهي ترڪ ڪيو ويو آهي ۽ ٻئي داستان مان به هڪ پنجابي الفاظن سان ڦڪو ۽ ڪجسو بيت خارج ڪيو ويو آهي. داستان ٻئي جي واهيات وائي نمبر-2 پڻ ترڪ ڪئي وئي آهي.

مضمون:

هن سر ۾ ٻه داستان آهن. پهرئين داستان ۾ شاهه ڪانگل کي پرينءَ ڏي قاصد ڪري موڪلي ٿو ۽ پاڻ ان کي سنيها سونپي ٿو. ٻئي داستان ۾ پوربين يا سامين ۽ جوڳين جو ذڪر ڪيل آهي. هيءُ داستان، حقيقت ۾ سر رامڪليءَ جو حصو ٿيڻ گهرجي.

روحاني راز:

شاهه سنڌ جي رسم و رواج کان بخوبي واقف هو، جنهن ڪري ڳوٺاڻن کي پرين ڏي ڪانگل کي قاصد ڪري موڪلڻ جو ڍنگ کيس وڻيو ۽ ان کي پاڻ به پانڌي ڪري پيغامن پهچائڻ جو ڪم سونپي ٿو. آخرين بيت مان ڀانئجي ٿو ته شاهه کي حقيقي محبوب ڏي اهڙي غليط ۽ گندي پکيءَ کي قاصد ڪري موڪلڻ کان بڇان آئي ٿي ڏسجي. ڪانگ کاڌي لاءِ ڍونڍ ڳوليندو آهي ۽ آواز بلڪل ناخوشگوار اٿس؛ تنهن ڪري ٻر ٻر ڪندڙ جي قاصد ٿيڻ مان ڪهڙو ڪارج سرندو؟

 

 

سُرُ پُورَبُ

 

داستان پهريون

1

ڪَري ڪانگَ ڪُرِنِشُون[336]، پيرين پرينءَ پَئيج،

آئُون جو ڏِيَئِين[337] سَنِيهو، وِچِ مَ وِساريجِ،

لِللہِ لَڳِ، لَطِيفُ چي، ڳُجهو ڳالِهائيجِ،

چُئان تيئن چُئيجِ، ته کِنياتا[338]! خوش هُئين.

2

اُڏُر لَڳِ اَللهَ، ويلو[339] ڪَرِ مَ وِچَ ۾،

آئُون جو ڏِيَئِين سَنِيهو، سانڍِ بَرابَرِ ساهَه،

سَندِي ڳُجهاندَرَ[340] ڳاهه[341]، ڪَهِجِ مَ قَرِيبَنِ ري.*

3

آءُ اُڏامِي ڪانگَڙا، پارانڀانِ[342] پَچارِ،

ويهِي هِتِ وِصالَ جو، تان ڪو تِرُ[343] تَنوارِ[344]،

جي ڏِسَڻَ ۾ ڏيسارِ[345]، سي اُڏامِي آڻِ پِرِين.

4

پارانڀانِ پَچارِ، مَٿي لامَ[346] لَطِيفُ چي،

ڦيرُ مَ فَضِيلَتَ تُون، جا ڪُرَ[347] اوهان جي ڪارِ،

جي ڏٺي ۾ ڏيٺارَ[348]، سي اُڏامِي آڻِ پِرِين.

5

وَهِلو[349] وَرُ، وَرِيا پِرِين، آءُ ڪانگا وَڻِ ويهُه،

جَنِين ڏُورِ چيتارِيو ڏيهُه، سي اُڏامِي آڻ پِرِين.

6

وَهِلو وَرُ، وَرِيا پِرِين، آءُ ڪانگا لَنءُ لاتِ،

وِيا جي قَلاتِ، سي اُڏامِي آڻِ پِرِين.

7

ڪانگَلَ سي ئِي ڪوٺِ، پِرِين جي پَرَڏيهه وِيا،

جَنِين رِيءَ جهانَ ۾، اَکَڙِيَنِ اَروٺِ[350]،

لِللہِ لَڳِ،لَطِيفُ چي، ڪِجِ ڳاراچو[351] ڳوٺِ،

جي ڏَمَرِيا ڪنهن ڏوٺِ[352]، سي اُڏامِي آڻِ پِرِين.

8

پِرِين جي پَرديسَ ۾، تَن جي ڪانگا ڪِجِ خَبَرَ،

ته سَڀِ مَڙهايان سونَ سين، پَکِي تنهنجا پَرَ،

گُهمِي مَٿان گَهرَ، ڏِجِ پارانڀا[353] پرينءَ کي.

9

آءُ ڪانگا! وَڻِ ويهُه، سُڌِيُون[354] ڏي ساڻيهَه[355] جُون،

چَڱا ڀَلا سُپِرين، ڪِه سُکِ وَسي ساڻيهُه،

پِرِينِ لئي پَرڏيهُه، مون تان گَهڻُو نِهارِيو.

10

ڪَرَ کَنيو ڪانگُ لَنئي، مُنِيءَ[356] تي مَضبوطُ،

آڻِيو ڏي آتَڻَ ۾، سَنِيها ثابُوتُ،

ڪانگَلَ! اَٿئُون قُوتُ[357]، پيغامَ پِرِيَنِ جا.

11

مَٿان مَنَهَه مُنهنجي، ڪنهن اُڏايو ڪانءُ؟

ڳِنِهِي آيو ڳالَهڙِي، سَندِي سُپيرِيانءُ،

جيڏِيُون جاڙَ ڪِيانءُ، سُئُمِ[358] هوند[359] سَنِيهَڙو.

 

12

ڪَڍِي ڪانگا! تو ڏِان، هِنيُون[360] ساڻُ هَٿَنِ،

وَڃِي کاءُ وِلاتَ ۾، اَڳِيان عَجِيبَنِ،

پِرِين مانَ چَوَنِ، ته هيئن[361] قُرِبانُ ڪيرَ ٿِي؟

13

ڏائي چَڙهِي ڏارَ تي، ڪِي جو ڪانگَ ڪَهِيو،

سوريتِيءَ[362] سُورِ پَئِي[363] پَهو[364] پَٽِ هَنيو[365]،

کامِي اَرٽُ کَنيو[366]، ويچارِيءَ وِرِهَنِ[367] مان.

14

ڏائي چَڙهِي ڏارِ تي، ٿو زاغُ[368] ڪَري زارِيُون[369]،

آڻِيو ڏي آتڻ ۾، سَنِيها سارِيُون[370]،

ماٺِ ڪَرِيو مارِيُون![371] ڪَهِيو[372] سُڻان[373] ڪانگَ جو.

15

ڏائي چَڙهِي ڏارِ تي، ڪا جا لاتِ لَتي[374]،

آتَڻَ ۾ اَندوهُه ٿِيو، سَگهي ڪانَ ڪَتي،

ويڙِهي مَنجِهه وَتي، ڪِي جو ڪانگَ ڪَمائِيو.*

16

ڪِي جو زاغ زَبانَ سين، لَنيو مَٿي لامَ،

پَهُچايائين پرينءَ جا، سَرَتِيُون! راتِ سلامَ،

ڪاڪِيُون! ڪَتي ڪا مَ، ته ڪَهِيو سُڻان ڪانگَ جو.

17

اَچِيو اَچِيو پُونِ، واڪا ڪِيو وَڻَنِ ۾،

سَنِيها سيڻن جا، چوٽِيءَ چَڙهِيو چُونِ،

ڪانگَ نه ڪُوڙا هُونِ، پِرِيان سَندي پارَ جا.

18

پِرِيان سَندي پارَ جو، ڪانگَلُ نَه ڪُوڙو،

اَچي وڃي وِچَ ۾، مَٿي دَرَ دُوڙو[375]،

جو اَندرِ اوسِيئَڙو، سو لاٿائِين لَطِيفُ چي.

19

ڪانگَلَ قَريبَنِ جا، اَچِي وائييءَ وَڻُ[376]،

تو ۾ بُوءِ بَهارَ جِي، مُشِڪَ کَٿُورِيءَ مَڻُ،

اَچِي عَجِيبَنِ جو، اورانگهِيجِ اَڱڻُ،

توکي پَسِي تَڻُ[377]، سُورَنِئان[378] صافُ ٿئي.

20

آندِيُون ڪانگَ قَرِيبَ جُون اَڄُ واڌايُون، واهَه!

مَنَ مُرادُون پُنِيُون، ٿِيُون سراهِيُون[379] ساهَه،

آندا پِرِين اَللهَ، سَڏَ منهنجا سابِ پِيا[380].

21

ڪانگَل! ڪوهُه ٿِيوءِ[381]، پِيو آهِين پَٽَ ۾؟

اَڳي اُسَ تِڙڪو نه سَهِين، اَڄُ سارو ڏينهن سَٺوءِ،

پَسِي حالُ سَندوءِ، ڪانگنِ ڪانگورو[382] ڪِيو.

22

هُئين وَسِيلو وِچَ ۾، ڪانگَلَ! پاڙِيَئِي[383] ڪانَه،

اُتُئِي[384] ڪِينَ عَجِيبَ کي، ظاهرِ ساڻُ زِبانَ،

توڙِ پهُتين تان نه، اورِيان ئِي آڻِيو ڏِيئين.

23

ڪانگَل! تنهنجي ڇانگَ[385]، جَڏو جِيءُ جِيارِيو،

مَٿان لامُنِ لَتَ ڏِيو، ٻولِيين سِرِ[386] ٻيلانگَ[387]،

اُڏِرُ مَٿان ڦانگَ[388]، تَه گهرِ آوَن[389] پِرِين.

24

ڪانگَلَ! نيئِي ڪانگِ[390]، منهنجي ڏي مَحبُوبَ کي،

لالَنَ! لايَئِي ڏينهڙا، ڪنهن سَٽاڻي سانگِ[391]،

اوهان رِيءَ اَڙانگِ[392]، ويٺِي وِرِهَه وَسائِيان.

25

رِيءَ پِرِيان پَرَديسَ ۾، وِرِهه وَڌِي ڪِي وَسَ،

اَکِيُون پارِ پِرِيَنِ جي، ٿِيُون گامَ[393] نِهارِينِ گَسَ،

ڏيندا پانڌِي ڏَسَ، کِينءَ[394] جُون آڻي خَبَرُون.

26

زاغَ[395] تنهنجي ذاتِ جو، ٿورو مَٿي مُون،

اُڏامِجِ، عَبدُاللطِيفُ چي، صُبحَ سيڻَنِ ڏُونهن[396]،

ڪِجِ وينَتِيُونِ وِتَرِيُون[397]، ٻاجهائِجِ ٻَهُون[398]،

تَه لالَنَ! ڪونَه لَهُون، جِهو[399] تو جَهانَ ۾.

27

قَرِيبَنِ جو ڪانگَڙو، مَٿي ٽارَ ٽِلي،

کَڻِيو کِيانتو خَبَرون، کِيرُون[400] ڏِيو کِلي،

لائِي جنهن لالَنَ سين، منهنجي باتِ بِلي،*

سو وَرُ[401] چَشمَنِ[402] تي چَلي، جو دَرِبارِي دوسَ جو.

28

ڪُتو جي[403] ڪانءُ، پِرِيان سَندي پارَ جو،

اُنِهين مَٿان آنءُ[404]، ڪوڙين قُرِبانِي ٿِيان.

29

سو ڪانگُ مَ قاصِدُ ڪَرِ، جو سَدا ڍونڍي ڍونڍ کي،

ڪِ ڪَندو پَهچي پيٽَ جِي، ڪِ وِيندوِ دوسَنِ دَرِ،

جنهن جِي ٻولِيائِي ٻَرِ ٻَرِ[405]، سو نياپا نيئِي رَهِيو!


 

 

وائي

سائِين! سَڱُ سَندومِ، مَ ڇِڄي سين جوڳِيين.

هَلَڻَ جو هِنگلاجَ ڏي، آديسِنِ اُتومَ[406]،

سائِين! سَڱُ سَندومِ.

نيئِي پُوربَ پارَ ڏي، ويراڳِينِ وِڌومِ،

سائِين! سَڱُ سَندومِ.

سوئِي تِيرَٿَ تِڪِيو[407]، سوئِي پَنڌُ سَندومِ،

سائِين! سَڱُ سَندومِ.

هُو جي ٿِيرَٿَ تَڪِيو، سامِيَنِ سُونهايومِ[408]،

سائِين! سَڱُ سَندومِ.


 

 

داستان ٻيو

1

سَدا شَوقَ پِرِيَن جي، ڦِران ڦيرِيدارُ[409]،

مانَ سَڃيهُون[410] يارُ، اَڳِيان اَکَڙِيُون کَڻِي.

2

تَنِ اَکِيُنِ اُتان[411] سُکَ[412]، کِلَندي کَڻَنِ جي،

پِرِيَنِ پاٻوهَڻَ[413] سين، ڏُورِ ڪِيا سقڀِ ڏُک،

ماڙُهن[414] ليکي بُکَ، سامي سُورَ سنها ڪيا.

3

وِچِينءَ ويراڳِيَنِ جِي، مَٿي ڪُڻُڇَ[415] ڪُوڪَ،

مَحَبَتِي مَلُوڪَ، ساري سِڪَ سَنها ڪِيا.

4

سامِي چايين، سُکُ طَلَبِيين، سِکِيين نه[416]، سامِي!

اَڃا اورِيين پَنڌَ ۾، ويٺين وِسامِي[417]،

گُرَ کي تون نه گڏِيين، چايين انامي[418]،

دائِمُ مُدامِي، پُورو رَهِجِ پِرينءَ سين.

5

سامِي چايين سُکُ طَلبِيين، تَسا[419] ڏِيين نَه تَنَ،

ماڙهُنِ ڏانهن مُنهن ڪِيو،* پِئين اَٽا ۽ اَنّ،

ڪاپَڙِي تو ڪَنَ، ڪِ چِيرايا چَشَن[420] لَئي.

6

پُورَبِي پُوري وِيا، آسَڻَ آڌِيءَ راتِ،

سُيَمِ نه سَناسين جون، پَچارُونِ پرڀاتِ،

ڪا ناهِه جوڳِيءَ ذاتِ، مِٽَ نه مَعذُورِنِ[421] جا.

7

پُورَبِيا[422] پُوري وِيا، آسَڻَ اَڄُ صُبُوح،

خَستُورِيءَ خوشبوءِ، آهي آدِيسِينِ ۾.

8

مَٿي راهه رَوان ٿِيا، پُورَبِ پُورِيائُون[423]،

هِي گَهرَ گهورِيائُون، اَڳانڍِيائُون[424] اَڳِيان.

9

پُورَبَ[425] پيهِي، مون تان گَهڻو نِهارِيا،

سُڌِ نه مُڪِي سَڄڻين، جيهِي نَه تيهِي[426]،

هُئا پَرَڏيهِي، وَڄائي واٽَ ٿِيا.

10

پُورَبَ مارِياسِ، ڪنهن درِ ڏِيان دانهَڙِي؟

مَتِيُون ڏِيندي لوڪَ کي، چَرِي پاڻَ ٿِياسِ،

جَنِين نه جيهِياسِ[427]، مان[428] لنئُون لَڳو تَنِ سين.

وائي

جَنِ جو وارِثُ تُون، اَلا! سي ڪيئن رَهَندا نيڻَ منهنجا؟

آڳي[429] اُڀَ خَلِقِيا، ڀَلِي خَلِقِيائِين ڀُون[430]،

جَنِ جو ورثُ تُون، اَلا!

جوڙِيائِين جوڙَ جَهانَ جِي، چَئِي ڪُنّ فَيَڪُوّن[431]،

جَنِ جو ورثُ تُون، اَلا!

ڪُوڙِي دُنِيا، ڪُوڙا پَسارا، ڏينهن مِڙيئِي ڏُون[432]،

جَنِ جو وارثُ تُون، اَلا!

آهِيُون اَلفَ[433] آسَري، مُحَمّدُ مَڃِيوسُون،

جَنِ جو ورثُ تُون، اَلا!

 

سر ڪارايل

 

سر بابت:

هيءُ سر نه ڊاڪٽر گربخشاڻي واري نسخي ۾ آهي ۽ نه ڊاڪٽر ٽرمپ واري نسخي ۾، تنهنڪري سرڪاري ڇاپي وارا بيت قائم رکيا ويا آهن. ڪارايل نالي ڪابه هندستاني راڳڻي ڪانهي. هن سر تي نالو مضمون مطابق رکيل ٿو ڏسجي؛ ڇاڪاڻ جو منجهس ڪارايل (مور يا هنج) جو ذڪر ڪيل آهي.

مضمون:

ٻگهن جو سرتاج موريا ٻهه ڪيئن ٻين ٻگهن کان نرالو طريقو اختيار ڪري ٿو، تنهن جو ذڪر هن سر ۾ ڪيل آهي.

روحاني راز:

ڪارايل مان مراد آهي، رسول ڪريم ﷺ جن جي يا انهن بزرگن جي، جيڪي مرشد وٺڻ جا لائق آهن. ٻگهن ۾ جيئن هنج سونهي ٿو، تيئن رسول پاڪ ﷺ امتين ۾ مرڪي ٿو. جيئن هنج ٻين ٻگهن وانگر تاسري پاڻيءَ يا تراکڙي تلاءَ ۾ نٿو گذاري تيئن وحدت جي واديءَ جو ڄاڻو مرشد به، ٿوري پاڻي (ٿورڙي عشق) تي قناعت نٿو ڪري، پر تار ۾ تري ٿو ۽ اونهي ۾ ٽٻيون ڏئي ٿو. ٻگهه ڪناري تي ننڍيون مڇپيون ماري گذارو ڪري ٿو؛ پر هنج پنهنجا غذا پاتار مان پيهي آڻي ٿو. هن جي روحاني خوراڪ عشق جي اوڙهه ۾ آهي ۽ نه ڪنڌيءَ تي. هنج اهوئي سر وڃي وسائي ٿو، جتي پرين سنداس. ڪنگن جي صحبت مان هن کي ڪوبه لطف نٿو اچي، تنهن ڪري هو ماڻڪن ميڙڻ لاءِ سٺا سر ٿو سوجهي. هو (مرشد) ٻين جو سونهون ٿي، پٺيءَ لائي، وڃيو حيبب سان هڪ ٿئي. سڄي سر جو راز داستان پهرين جي بيت نمبر 24 ۾ سمايل آهي. سالڪ جي لاءِ بهترين نصيحت بيت نمبر-8 ۾ ڏنل آهي.

 

سُرُ ڪارايَلُ

 

داستان پهريون

1

وَحدَهُ[434] وائِي[435]، چَڙهَندي[436] چَيائِين،

سو لُڙُ[437] لَنگِهيائِين، جِتي پارَکَ[438] پَکيان[439].

2

ٻَگَهنِ سين ٻاڻُ هَڻِي[440]، اُڏاڻو آڪاسِ،

جِتي پِرِين سَنداسِ، سو سَرُ مَڻي[441] هَنجَڙو.

3

اَکِڙِيُون اوڙاهه[442] ۾، اُڀو تَڪي تارِ،

پِٿُون[443] جي پاتارِ، هَنجُ تَنِين جو هيرئُون[444].

4

وَڃِين نه پيهِي، پِٿُءَ[445] لَئي پاتارِ ۾؟

ڪَنڌِيءَ تي ڪيهِي، هاجَ[446] تُنهنجِي هَنجَڙا؟

5

اُونِهي[447] ۾ اوڙاهُه جو، هَنجُ تِتَهِين[448] هوءِ،

اِيءُ ڪانِيئَرو[449] ڪوءِ[450]، جو ڇاڇَرِ[451] ۾ ڇيرُون ڪَري[452]؟

6

ٿِيو حُضُورِي[453] هاڻِ، سوجها[454] پِيَسِ سَرَ[455] جِي،

کُنڊي[456] لَڌِي کاڻِ[457]، پَکِيئَڙي پاتارِ ۾.

7

اَڇو پاڻِي لُڙُ ٿِيو، ڪالُورِيو[458] ڪَنگَنِ،

اِيندي لَڄَ مَرَنِ، تِنهن سَرَ مَٿي هَنجڙا!

8

ويٺو جيئن وماسِيين[459]، حَيرَتَ پؤ مَ هَڏِ،

لاتِيُون[460] جي لِباسَ[461] هھڳبم سي ڇپائي[462] ڇَڏِ،

آئُون، اَسِين ڪَنِ جي، پاسي تَنِ مَ اَڏِ،*

تَنُ طالِبَنِ گَڏِ، ته ويجهو ٿِيين، وِصالَ کي.

9

ويٺو جيئن وِماسِيين، حَيرَتَ پؤ مَ هورِ[463]،

اُونِهو جو اَڇو وَهِي، گِهڙِي تِئائِين[464] گهورِ[465]،

ڏَنِيون[466] هَڏِ مَ ڏورِ، گهورِيو گَبُ[467] گَسَنِ جو.

10

ويٺو جيئن وِماسِيين، حَيرَتَ پؤ مَ هاڻِ،

لَلَنِ[468] کي، لَطِيفُ چي، اَڇي[469] ساڻُ آراڻِ[470]،

ڪَنگَنِ لَٿِي ڪاڻِ، گِڏِيو هَنجُ حَبِيبَ کي.

11

پَکِي پيهِي نِڱيا، مَنجهان لِتڙِنِ[471] لَکَ،*

ڪَنين ماڻِڪَ ميڙِيا، ڪَنِين رَتا يَکَ،**

پُٺيءَ لائي[472] لَکَ، گَڏِيو هَنجُ[473] حَبِيبَ[474] کي.

12

هَنجَنِ سين هيڪارَ، جي ڳَڻَ ڪَري[475] نِهارِيين،

ٻَگَهن[476] سين ٻِيهارَ[477]، ٻيلَهه نه ٻَڌِين[478] ڪَڏَهِين.

13

هارِيا هَنجَ! ٻَگَهنِ سين، ڪيهِي ٻڌِين ٻيلَهه؟

ميرو[479] مَٽائيجِ تُون، اَڇي[480] ڪَرِ اُڪيلَ[481]،

ڪَنگَنِ ساڻُ ڪُويلَ[482]، لَلا! جِمَ لُڙ پِيين.

14

اَڇو پِيو اَڇاهه[483]! تَه اَڇائِيءَ اُبَهو،

وِهَڻُ وَڙُ[484] نه آن[485] جو، پاڻِيءَ لُڙَ لَلاهُه[486]،

سُسَرِ[487] ڏِجي ساهُه، ڪُسَرِ[488] ڪَنگَنِ[489] قَبُرون.

15

ڪُسَرِ ڪَنگَنِ قَبَرُون، سُسَرِ ساڱاهيجِ،

هَنجَ هُتي جِي ڳالهڙِي، ٻَگَهنِ مَ ٻوليجِ،

ماڻي تُون مُڙيج[490]، چَئيجِ مَ ڪِنهِين چُهِنجَ[491] سين.

16

سَرَ سُڪي سالَ ٿِيا،* هَنجَ[492] هَرِيوئِي[493] پير،**

ڪَنگُ ويچارو ڪيرُ، جو رَسي اِنَهِيءَ رَمزَ کي؟

17

آءُ اُڏامِي هَنجَڙا! سَرَ ۾ سارِينَئِي[494]،

مَتان مارِينَئِي، پاڙِهيرِي[495] پَهُه ڪَري.

18

سَرَ ۾ پَکِي هيڪَڙو، پاڙِهيرِي پَنجاهَه،

سَندِيءَ آسَ اَللهَ، لُڏي لَهرِيَنِ وچ ۾.

19

دَلِبو[496] مَنجِهه دَرِياهَه[497]، پَکِي پَسِي آئِيا،

ويچارا ويساهَه، آڻي اُتِ اَڙائِيا.

20

پَکِي جنهن پُڄائِيا[498]، تنهن ۾ ساهُه نه ماهُه،

مَنجِهه ڪَرَنگَهرُ[499] ڪاٺَ جو، مَٿي پَکَنِ[500] گاهُه،

ويچارن ويساهه، مٿي پکن آئيو.

21

جيئن قَطَرُ[501] چُڻِيو ڪُڙِ[502] ڀَرِيين، ٻولَ ٻُجَهندين هَنجَ!

موتِي جي مِهِراڻَ جا، پُورا چُڻج پَنجَ،

اَڄُ ڪِ صُباحَ سَنجَهه،*** ٿو ڍَٻِيءَ[503] ۾ ڍيرُ ٿِيين[504].

22

ڪَؤّنرَ[505] پاڙُون پاتارِ ۾، ڀَؤنّرُ ڀِري آڪاسِ،*

ٻِنِهِي سَندِي ڳالِهڙِي، رازِقَ آندِي راس،**

تنهن عِشقَ کي شاباسِ، جنهن مَحَبتِي ميڙِيا.

23

ڪَؤنرَ پاڙُون پاتارِ ۾، ڀؤنرُ ڀِري ۾ سُڃَ،

ٻِنهي سَندِي ڳالهڙِي، عِشقَ اِيّ اُهَڃَ،***

توءِ[506] نه لَهينِ اُڃ، جي پِيئو پِيئَنِ پاڻَ ۾.

24

ڪَنڌِيَنِ ۾ ڪوهُه ڪَرِين؟ گَسنِ ۾ مَ گُذارِ،

وَڃِي وَحدَت وِيءَ[507] ۾، گُهتُون[508] ڇَڏي گهارِ،

شَرِيعَتَ جو سَرُ[509] لَهِي، تَنُ تِئائِين تارِ،

حَقِيقَتَ هَنجَنِ سين، طَرِيقَتَ تَنوارِ،

مَنجهان مَعرِفَتَ سين، اَندَرُ تُون اُجارِ،

هِدايَتَ جي هُوءِ ۾، چُڻِيو[510] تُون چانگارِ[511]،

تَه پاڙِهيري[512] اِنَ پارِ، ڪونَه ڏِسِين تُون ڪَڏَهِين.

25

جيهَه[513] لوڪُ جَهَپَ[514] ڪَري، اوهيرَ[515] اُڏامَنِ،

 پِٿُون[516] جي پاتار جا، چيتارِيو[517] چُڻَنِ،

ڪوهُه ڪَندا تَنِ، پاڙِهيري پَهُه ڪَري؟

26

ماڻِڪَ چوڻو[518] جَنِ جو، هَنجَ حُضُورِي[519] سي،

چِلُرَ[520] ۾ چُهِنبَ هَڻِي، مَڇِي کِينِ[521] نه اي[522]،

لوڪَ نه لَکِيا[523] تي[524]، جيلانهَن ڀوڻَنِ[525] ٻَگَهنِ گَڏِيا.

27

هَنجَ مِڙوئِي هَنجَ، ميرو مَنجِهنِ ناهِه ڪو،

جِتي رَهَنِ سَنجَهه، سو سَرُ ڪَنِ سُرَهو.

28

سَرَ اُهي ئي اَڳِيان، پَکِي ٻِيا ٻِيا،

جَنِ لَمِيو لاتُون ڏِنِيُون، سي ويچارا ويا،

پاٽُوندَرَ[526] پِيا، وَڃِي ڪينجَهرَ ڪَنڌِيين.

29

وِيا مورَ مَرِي، هَنجُ نَه رَهِيو هيڪَڙو،

وَطَنُ ٿِيو وَرِي، ڪوڙَنِ ڪانِيئَرنِ[527] جو.

30

سُرَهو سَرُ وِڃائِيو[528]، ڪُوڙَن ڪانِيئَرنِ،*

رُٺا روهُه[529] وَڃَنِ، ڪنهن هِيڻائِيءَ کان هَنجڙا.

 

وائي

ڀَلو، جيڏِيُون! آئُون جا بَلوچي جِي آهِيان.

ڪَنيزَڪَ ڪيچِيَنِ جِي، ناتَرِ نانءُ سَڏائِيان،

پيزارَ پُنهُونءِ ڄامَ جِي، اَکِين سين اُٺائِيان،

ڀَلو، جيڏيُون! آئُون چَشمَنِ سين چائيان.

 

داستان ٻيو

1

سو پَکِي، سو پِڃِرو، سو سَرُ، سو ئِي هَنجُ،

پيهِي جان پَروڙِيو، مُون پنهنجو مَنجُهه،

ڏِيلَ[530] جنهن جو ڏَنجُهه[531]، سو مارِي[532] ٿو مَنجَهه ڦِري.*

2

ڪارايَل[533] جي ڪوڏَ[534]، مُون ڪينجُهرُ سَڀِ نِهارِيو،

وَرِي واهيري[535] نَه وَريا، لَلا[536] لاکِيڻِيءَ.[537] لوڏَ،

هِنئين جَنِين سين هوڏَ[538]، سي هَنجڙا سڀِ هَلِي وِيا.

3

سَنَهان ڀانءِ مَ سَپَ[539]، وِياءُ[540] واسينگَنِ جا،

جَنِين جِي جَهڙَپَ[541]، هاٿِي هَنڌان[542] ئِي نَه چُري.**

4

سَنَهان ڀانءِ مَ سَپَ، سُڪا جَنِين پيٽَ،

تَنِين جِيءَ جَهپيٽَ، جُنگَنِ کي جوکو ٿئي.

5

آسَڻَ جَنِ اَرِيجَ[543] ۾، اُو ڪَڇَرَ[544] وِهَه[545] کَري[546]،

تَن جا منهن مَلَڪَنِ جِهَڙا، ٽِڪو تان نَه ٽري،*

جي اُنهِين ساڻُ اَڙي[547]، تَه ڪانِهي جاءِ جَرِيءَ[548] جِي.

6

آسَڻَ جَنِ اَرِيجَ ۾، تَنِ جي وِهَه وَرَنُ[549] ٻِيو،

تَنِ جو ڪَنڊو ئِي ڪَمُ ڪَري، جي مَٿِسَ پيرُ پِيو،

پُرِيَنِئان[550] آهي پَڌَرو، تَنِ نانگَنِ جو نِهو[551]،

ڪِلي[552] ويلَ ڪِهو[553]، جو سامُهُون ٿِئي سَپَنِ کي؟

7

ڪنهن ڪنهن ڪارِيءَ ذاتِ کي، مورَ بِه مَٽائِين،**

جي چَتُرا چَکيا ڪَري، ته وَڳَ وَرائي ڏِينِ،

ساٿَ سَمورا نِينِ، مَٺين ڀائِي موٽِيا.

8

پِهِرِين ڪاري نانگ جِي، ڪو ڇِرِڪِيَلُ[554] ڇيڙَ ڪَري،

جي هَڻي ڏَنگُ ڏَسائِيو، تَه ويجهو تان نَه وَري،***

جيڪِي[555] ٽَپِ[556] مَري، جيڪِي سِڪي صِحَتَ کي.+

9

کَپُرَ گاروڙِيَنِ[557] سين، وَڏو وِڌوءِ ويرُ،

نانگَ! نَه وِيندين نِڪِرِي* تو ڏَرَ مَٿي پيرُ،

هِيءُ تَنِين جو ڍيرُ[558]، جَنِ جُهوناڳَڙهه جَلائِيو.


 

وائي

لِکَ[559] سينءَ[560] لَلو پتو[561]، ڪُوڙِي راندِ، ڪوڙو چَٽِڪو.

لَنيو جيئن لامين چَڙهِين، ڪَرِيو ڪارايَلَ! ڪَٽِڪو[562]،

ڪُوڙِي راندِ، ڪُوڙو چَٽِڪو.

ڪِ تو ڪَنين نَه سُئو، شَهِبازَ[563] جو سَٽِڪو،

ڪُوڙي راندِ، ڪُوڙو چَٽِڪو.


 

سُر پِرڀاتِي

 

سر بابت

پرڀاتي هندستاني راڳڻي آهي، جا صبح جو ڳائبي آهي. هيءُ سر ڊاڪٽر گربخشاڻي وار ڇاپي ۾ ڪونهي. ڊاڪٽر ٽرمپ واري ڇاپي ۾ چوڏهن بيت آهن، سرڪاري ڇاپي ۾ سورنهن بيت آهن، پر هتي بمبئي واري ڇاپي مان ٻارهن بيت، نمبر 1، 2، 3، 4، 12، 13، 14، 15، 16، 17، 18، 19 اضافو ڪري ڪل ستاويهه بيت ڏنا ويا آهن.

مضمون:

لس ٻيلي جي هاڪاري حاڪم سپڙ سخيءَ جي ساراهه ۾ بيت چيل آهن. هنن بيتن کي سنڌي ٻوليءَ جي قصيدن جو ابتدائي دور چئجي ته ٺهي اچي. سر بلاول ۾ به شاهه، جادم جکري جي تعريف ۾ بيت چيا آهن. سپڙ سخي، شاهه ڏٺو ڪونه هو پر، ٻڌو هو، تنهن ڪري هن جي تعريف خوشامد جي خيال کان نه ڪيل آهي.

روحاني راز:

جيتوڻيڪ بيت سپڙ سخي جي سخاوت جي ساراهه ۾ چيل آهن، پر ماڻهو اهي خدا ڏانهن منسوب ڪري پنهنجن آسن اميدن جي برآوريءَ لاءِ نماز بعد پڙهندا آهن. چند بيتن ۾ سپڙ جو نالو اچي ٿو، ورنه اهي مدحي بيت الله جي ذات سان نهايت سهڻي مناسبت رکن ٿا. خداوند تعاليٰ سڀڪنهن کي رزق رسائي ٿو. هو ڪافر کي به سندس ڪفر سبب پيٽ قوت کان محروم نٿو رکي. هو هاٿيءَ کي مڻ ۽ ڪُئِليءَ کي ڪڻ وانگر، سيمرغ کي قاف تي قوت موڪلي ٿو، تيئن سخي سپڙ به هر ڪنهن سائل کي پيو نوازيندو هو. هو اهو ڪونه ڏسندو هو ته سائل خيرات جو مستحق آهي يا نه، پر آيل کي موٽائڻ مهڻو سمجهندو هو. جڏهن فقير ڪو اسان جي آڏو صدا هڻي، ته اسان کي اهو نه ڏسڻو آهي ته هو اسان جي خيرات جو لائق آهي يا نه! اسان کي اِنهيءَ مهل اهو خيال اچڻ گهرجي ته آيا جيڪي اسان کي خدا ڏنو آهي تنهن جا اسين حقدار آهيون يا نه- جيڪڏهن الله جون عطا ڪيل نعمتون، اسان جي حق ۽ حصي کان زياده آهن ته اسان کي به خدا جي ٻاجهه مان سبق حاصل ڪري، ڏان ڏيڻ گهرجن. انسان کي ڪوشش ڪري پاڻ ۾ الله جون گهڻي ۾ گهڻيون وصفون پيدا ڪرڻ گهرجن، جيئن هن سان هڪ ٿيڻ جي لائق بڻجي.

ڏاتار ڏڏن کي ڏاڻ ڏئي ٿو ۽ لڱن کي لڪ لنگهائي ٿو. هو ذات تي ڏات نٿو ڏئي، تنهن ڪري اسان کي وهي لهڻ گهرجي. جيڪو عبادت ڪندو سوئي الله جي اوڏو ٿيندو. عبادت ڪرڻ وقت علم ۽ ادراڪ کي ترڪ ڪري اٻوجهه بنجي الله جي آڏو وڃڻ گهرجي. ڏَڏُ ٿِي ڏان گهرج تُون ڇاڪاڻ ته اِي دَرُ اَٻُوجَهنِ جو آهي. تڪبر ڪنڌ ڀر ڪيرائيندو.


 

سر پرڀاتي

 

داستان پهريون

1

اِيءُ نه ڀانَنِ[564] ڀيرُ[565]، جيئن ڪِينَرُ[566] ڪِيرِيءَ[567] ٽنگِيو،*

سُونهاري[568] صُبُوحَ سين، وِجِهي ويٺين ويرُ،**

توکي چوندو ڪيرُ، ڪِيرَتَ[569] ڌاران[570] مَڱِڻو؟

2

سُتو ڪِيئَن نِنڊُون ڪَرِين، رو[571] وِهاڻِيءَ[572]، روءِ[573]،

سُڀان[574] سازُ سَندوءِ، پِيو هوندو پَٽَ ۾.

3

سيراندِيءَ سازُ ڪِيو، سُمهِين سارِي راتِ،

جاجِڪاڻِي[575] ذاتِ، اِيئن هوءِ اَڳَهِين؟[576]

4

جَنِين سُکُ ناهِه ڪو، چارَڻَ[577] سي چَئِجَنِ،

رُڃُنِ راهَه پُڇَنِ، مَٿي ڪُلهنِ ڪِينَرا.

5

مُوڙهو[578] ڀُڻين[579] مَڱِيان، ڪيڏانهن هُئين ڪالَهه؟

لَنگها! ڇَڏِ، لَطيفُ چي، اُجَهڻَ[580] جا اَفعالَ[581]،

سَپَڙَ[582] دَرِ سُوالَ، ڪَرِ تَه قِيمَتَ[583] آڻِيين.

6

چارَڻَ[584] لَڱو[585]، پنڌُ گَهڻُو، ڪِي چوٽاڻِيءَ[586] چَئيجِ،

هِتِ ڪِي هَلائيجِ[587]، اُتي آئُون نَه اَچِڻو.

7

جيڪِي ڏَڏَنِ[588] ڏي، ڳُجِهيان ئِي ڳُجَهه ۾،

سو جي سُڻَنِ ڪَڏِهِين، ڪِيرتِ وارا[589] ڪي،

تَه سازَ مِڙوئِي سي، هُوندَ پِٿُون[590] ڪَنِ پَلَڪَ ۾.

8

اُتِ ڪِيرت[591] وارا ڪيتَرا،* ڪيرت ڪَبو ڪوهُه،

جيڪِي بَندو ڪَمُ ڪَري، سو مِڙوئِي ڏوهُه،

تُون پارِسُ، آئُون لوهُه، جي سَڃِين[592] ته سونُ ٿِيان.

9

اُٿو اَٻوجهاءُ، سَپَڙَ جو سڏَ ٿِيو،

جيئن اِئين[593] ڪِيرَتَ نَه سِکِيا، تيئَن پاڻان[594] رِيڌو[595] راءُ[596]،

مَڱو مُون مُلاءُ[597] آئُون اَوان[598] جو آهيان.

10

ڏاتِ نَه آهي ذاتِ تي، جو وَهي[599] سو لَهي،

آرِيُون[600] اَٻوجَهنِ جُون، سَپَڙُ ڄامُ سَهي،

جو راءَ وَٽِ راتِ رَهي، تنهن جُکِي[601] تان نَه ٿِئي.

11

ٻولِيُون ٻيلي جُون ڪَري،* پاسي ڀَرِ پِيو،

سُڻائِي سُتَنِ کي، وهاڻِيءَ وِيو،

ڄاڻي ڪِينَ ٻِيو، سُرُ سِکِيوئِي هيڪَڙو.

12

ٻولِيُون ٻيلي جُون ڪَري، پاسي ڀَرِ پِيو،

چارَڻُ چاڙهي چَؤڏولَ ۾، تِنهان پوءِ نِيو،**

رُچِي[602] راتِ ڪِيو، سَرِفِرازُ[603]، سِيّد چي.

13

ٻاجهاڻُو ٻيلي ڌَڻِي[604]، ٻُجهان[605] ٻاجَهه ٿِئِي[606]،

سَپَڙَ سا سُئِي، جيڪا چَارَڻَ چِتَ ۾.

14

ڄاڻين تَه پِه[607] نَه ڄاڻُ، اِيءُ دَرُ اَٻوجَهنِ جو،

اِنَ دَرِ سي ئي اَگِهيا، جَنِ نَه ڀانئيو پاڻ،

ريجهاڻو[608]، راڄاڻُ[609]، آهي[610] اٻوجَهنِ جو.

15

ڏڏُ ٿِي ڏانَ[611] گُهرِجِ تون، ڇَڏِ وِڄا[612] وِڃائي،

سَپَڙَ راتِ سنباهِيا، تازِي تو لائي،

جو ڄاڻي نَه ڳائي، تنهن سين ٻيلي ڌَڻِيءَ ٻاجَهه ڪِي.

16

صُبوحَ جو سُهاڳُ[613]، مَڱڻهارَنِ ماڻِيو،

ڏِنائُون ڏاتارَ کي، وَڏِيءَ ويرَ[614] وِهاڳ[615]،

وَسِ منهنجي ناهِه ڪا، سيڻَنِ هَٿِ سُهاڳُ،

پِرِيَنِ سين پُهاڳُ[616]، مانَ نِماڻِيءَ نَصِيبُ ٿِئي.

17

پِيو ليٽِين لُٽَ[617]، سَڄِيُون راتِيُون سُمهِين،

اُٿِي آڌيءَ نَه ڪَريين، سَپَڙَ سان سَهَٽَ[618]،

رُونجهي[619] راتَ اُپَٽِيا[620]، پيٽِنِئُون[621] پاڻِيَٽَ[622]،

ميڙي تِئان مَٽَ، چونڊي ڀَرِيا چارِڻين.

18

ڏاتارَ ڏُکَ ڪَيا،* پاڻان مَٿي مَڱَڻِي،

مُون دَرُ ڇَڏِيو مَڱڻا، مَڱين ڪوهُه ٻِيا؟

تَڏِهن تو پِيا، وِچان وِلَها[623] ڏينهڙا.**

19

مَڱُ تِهِين کان مَڱڻا! جو ڏيهاڙِي ٿو ڏي،

ڪُوڙا دَرَ دُنِيا جا، جاجِڪَ مَڱين جي،

سُڀان تُنهِين کي[624]، موٽِي ڏِيندا مُنهن ۾.*

20

کَڙَهَه[625] اَڳِيان کَپُ[626]، ڏِيهاڻِي ڏاتارَ جي،

لَنگها![627] لاهِه مَ لِکَ سِينءَ، مَنجهان چاوَتِ[628] چَپُ،**

مَڱَڻهارَنِ مَپُ[629]، ڪونِهي ٻِيو ڪِيرَتَ ري.

21

سَپَڙُ ساهُه پَساهِ، جاجِڪَ! جِمَ وِسارِيين،

ريهي[630] رُپي سَندِيُون، تَندُون تُنبي کي پاءِ،

لَنگها! تُون لِيلاءِ اَڳِيان وَڃي اُنَ جي.

22

ميرا پَسي مَڱَڻا، سَپَڙَ سَڏَ ڪِيا،

سَٻوجَهنِ سُئا، اَٻوجَهنِ آسَرو.

23

تُون سَپَڙُ، آئُون سيڪَڙُو[631]، تُون صاحِبُ، آئُون سَڳُ[632]،

پُڇِي تنهنجو پڳُ[633]، ڪُلهي پاتُمِ ڪِينَرو.

24

تُون سَپَڙُ، آئُون سيَڪڙُو، تُون ڏاتارُ، آئُون ڏَڏُ،

سُڻي تنهنجو سَڏُ ڪُلهي پاتُمِ ڪِينَرو.

25

تُون سَپَڙُ، آئُون سيڪَڙُو، تُون ڏاتارُ، آئُون ڏوهُه[634]،

تُون پارِسُ، آئُون لوهُه، جي سَڃِين تَه سونُ ٿِيان.

26

ڏاتارُ تَه تُون، ٻيا مِڙُئِي مَڱِڻا،

مِينهَن[635] تَه مُدائِتا[636] وَسِڻا، سَدا وَسِين تُون،

جي گَهرُ اَچين مُون، تَه ميرِيائِي مانُ لَهان.

27

اُڀِريو تارو، اُٿِي وَرَ! وِهاڳُ[637] ڏي،

سَپَڙُ رِيسارو[638]، چِتُ پَرِکي چارَڻين.*

 

وائي-1

ٻي دَرِ وانءُ[639] مَ ڪيڏاهِين، اَلا! تُون ڄامَ مَڱِيندين مَڱڻا!

ڦيرِ مَ هِنيُون، ڪَنڌُ، ڪِياڙِي، ٿِيندَءِ هاجَ هِئائِين[640]،

اَلا تُون ڄامَ مَڱِيندين مَڱڻا!

ماڻِڪَ، موتِي، مالَ خَزينا[641]، ڏيندُءِ ٻيلي سائِين،

اَلا تُون ڄامَ مَڱِيندين مَڱَڻا!

وِرِچِي تُون وِهاڳَ کان، مَتان ڏِيين پاهِين[642]،

اَلا تُون ڄامَ مَڱِيندين مَڱَڻا!

دَرِ داتا مَڱُ مَڱڻا، انڌا! هوئِجِ اوڏاهِين،

اَلا تُون ڄامَ مَڱِيندين مَڱَڻا!

مُذَڪِّرَ[643]! مَتان ڇَڏِيين، هَٿان[644] هيڪَڙائِي،

اَلا تُون ڄامَ مَڱِيندين مَڱَڻا!

ٻِيُون ڏي ٻِينِ کي، سَمو کَڻُ سَوائِي،*

اَلا تُون ڄامَ مَڱِيندين مَڱَڻا!

اِنّ اللهَ وِترُ يُحبُّ الّوِتّرَ[645]، وَحدَتَ واڳَ وِڌائِين،

اَلا تُون ڄامَ مَڱِيندين مَڱَڻا!

پنهنجي طَرَفِ پاڻَهِين، سائِلَ سَڏِيائين،

اَلا تُون ڄامَ مَڱِيندين مَڱَڻا!

جِتي جَوانَن کي، ڪوٺي ڪُٺائِين،

اَلا تُون ڄامَ مَڱِيندين مَڱَڻا!

اُتي عاشِقَنِ کي، اُلفَتَ اَهِنجُ ڏِنائِين،

اَلا تُون ڄامَ مَڱِيندين مَڱَڻا!

اَلاِنّسَانُ سِرُّي وَانّا سِرّهُ[646] اِنَ پَرِ اُتائِين[647]،

اَلا تُون ڄامَ مَڱِيندين مَڱَڻا!

ڳُجُهه ڳُجهاندَرَ ڳالِهِيُون، رازُ نَه رَکِيائِين،

اَلا تُون ڄامَ مَڱِيندين مَڱَڻا!

پَسو پينارَنِ کي، پَٽَ ۾ پاڻَ وِڌائين*،

اَلا تُون ڄامَ مَڱِيندين مَڱَڻا!

اَدِيُون! عَبدُاللّطِيفُ چي، مُون سين مِهَرِ ڪِيائِين،

اَلا تُون ڄامَ مَڱِيندين مَڱَڻا!

 

وائي-2

وَڏَڙا[648] ڏاڻَ ڏِنائِين، ڪِيائين رَختُ[649] ريزالَنِ[650] جو،

اَنڌا مَنڊا آئِيا، سَخا سَڏِ وِڌائِين،

ڪِيائِين رَختُ ريزالَنِ جو.

ڪِينَ مَنجهان جو ڪِي ڪَري، سو نَه ساراهين سائِين!

ڪِيائِين رَختُ ريزالَنِ جو.

وَتُعِزُّ مَنّ تَشَاءُ وَتُذِلُّ مَنّ تَشَاءُ[651]، ايئين اُتائِين[652]،

ڪِيائِين رَختُ ريزالَنِ جو.

نَوازِيائِين نطفو[653]، مَنجهان ڪِينَ ڪِيائِين،

ڪِيائِين رَختُ ريزالَنِ جو.

حِرفَتَ حَرِيفَنِ جِي، ڀيري سَڀِ ڀڳائِين،

ڪِيائِين رَختُ ريزالَنِ جو.

حاسِدَ سَڀ حَسَدَ ۾، مُدَعِي[654] پاڻَ[655] مُٺائِين،

ڪِيائِين رَختُ ريزالَنِ جو.

اَدِيُون! عَبدُاللّطِيفُ چي، آهِه پاڻَ وَڻَندَڙُ[656] سائِين،

ڪِيائِين رَختُ ريزالَنِ جو.
 

 

سُر ڏَهَرُ

 

سر بابت:

هيءُ سر، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ واري نسخي ۾ نه آهي. ڊاڪٽر ٽرمپ واري نسخي ۾ سر جو نالو ڏاهَرُ آهي. ڏهر لفظ جي معنيٰ پرمانند صاحب پنهنجي لغت ۾ هيءَ ڏني آهي:

A kind of tune or verse, a valley between sand hills.

يعني هڪ قسم جو سر يا نظم، وارياسي ڀٽن جي وچ واري ماٿري. ڊاڪٽر ٽرمپ ۽ سرڪاري ڇاپي جي ٻئي داستان ۾ ويهه بيت آهن، پر هتي بيت نمبر 6، 7، 19، 20 ۽ 21 بمبئي واري ڇاپي مان اضافو ڪيا ويا آهن. ڊاڪٽر ٽرمپ واري ڇاپي ۾ ارڙهن بيت آهن، پر هتي ٻه بيت نمبر 16 ۽ 17 اضافو ڪيا ويا آهن. چوٿين داستان واري ڇاپي جي ايڪونجاهه بيتن ۾ بيت نمبر 52 سرڪاري ڇاپي مان اضافو ڪيو ويو آهي ۽ وائي ڊاڪٽر ٽرمپ واري اختيار ڪئي ويئي آهي.

مضمون:

هن سر ۾ مختلف موضوعن تي بيت ڏنل آهن. پهرئين داستان ۾ ڪنڊي کي مخاطب ٿي ان کان خبرون ورتيون ويون آهن، ۽ مڇ کي وجهه وڃائي پاڻ کي تانگهي پاڻيءَ ۾ موت جي شڪار ٿيڻ تي تنبيهه ڪئي وئي آهي. ٻئي داستان ۾ رسول ڪريم ﷺ جن کي هڪل ۽ حامي ٿيڻ لاءِ التجائون ڪيون ويون آهن، خدا کان مهربانيون مڱيون ويون آهن ۽ ڪجهه سسئي جي پريشان حاليءَ جون حقيقتون ڏنيون ويون هن. ٽئين داستان ۾، سالڪ کي گهڻي سمهڻ کان منع ڪئي وئي آهي ۽ اگهور ننڊ مان جيڪي اُگرا نتيجا نڪرن ٿا، تن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. چوٿين داستان ۾ ڪونجهڙين جي ميل ميلاپ ۽ ٻڌيءَ جي بيان ڪرڻ بعد، ساڻن شڪارين جي ظلم جو احوال ڏنو ويو آهي، ته ڪيئن شڪاري ڪا ڪونج ماري ٿو ۽ ٻيون ڪونجون ان جي انتظار ۽ اوسيئڙي ۾ داڻو پاڻي نٿيون کائن ۽ پين. آخر ۾ لاکي ۽ سندس گهوڙي لکي جو احوال ڏنل آهي.

روحاني راز:

هن سر ۾ گهڻيون دعائون آهن ۽ الله جي وڏائي جو گهڻو ذڪر آيل آهي. الله کان ٻاجهه به اوڏيائي گهري ويئي آهي، جيڏو هو پاڻ آهي. رسول ڪريم ﷺ جن کي سڏڙن سڻڻ لاءِ رقت انگيز لهجي ۾ التجائون ڪيون ويون آهن.

مڇ جي بيان ۾ تمثيل رٿي ويئي آهي. هڪڙو مڇ درياهه جي پاڻيءَ چڙهڻ سبب اچي ڪنهن وڏيءَ کڏ ۾ پيو. درياهه جو پاڻي اڃا چڙهيل هو، ته مڇ کي موٽي اونهي ڏانهن وڃڻ آسان هو، پر هيڪر پاڻي لٿو، ته هو پنهنجي اصلي ماڳ کان پري رهجي ويو. کڏ ۾ پاڻي سڪڻ لڳو ۽ ماڻهن کيس ڏسي ماري وڏو. اهو ساڳيوئي حال آهي سست سالڪ جو. جيڪڏهن فرصت کي سالڪ غنيمت نه سمجهيو ۽ هتي مليل حياتيءَ (جا هڪ قسم جي کيس فرصت آهي) مان پورو فائدو وٺي، وري وڃي اصل جوءِ تي نه پهتو، ته هميشه جي لاءِ پيو عذاب کائيندو. هو جيڪڏهن مڇ وانگر کڏ 0دنيا جا کڏ مثل آهي) کي پنهنجو وطن سمجهي ويسرو ٿي ويهي رهندو ته آخر مڇ جهڙو حال ٿيندس.

 

سر ڏَهرُ

 

داستان پهريون

1

ڪَرِ ڪي ڳالهڙِيُون، ڪَنڊا! ڍورَ[657] ڌَڻِيَنِ جُون،

ڪيئن سي راتَڙِيُون، ڪَنهن پَرِ ڏينهن گُزارِيَئِي؟

2

ڪَرِ ڪا ويهِي ڳالِ[658] ڪَنڊا! ڍورَ ڌَڻينِ جِي،

هِهَڙي اَڄُ حالِ، ڏُکيا ڏينهن گُزارِيين!

3

ڪَنڊا! تو وَٽان، سَچُ ڪِ سيڻَنِ[659] لَڏِيو؟

مَڃَرَ[660] تو مَٿان، ڇَڻِيو پُونِ[661] ڇُڳا ڪِيو!

4

جان[662] تو هُئَڙو[663] وَڍُ[664]، ڪَنڊا! ڍورَ ڌڻيَنِ جو،

پاڻان ڏيئِي ڏَڍ،* مُورِيءَ[665] مَڃَرَ نَه ڪَرِيين.

5

جان تو هُئَڙو سُورُ، ڪَنڊا! ڍورَ ڌَڻِيَنِ جو،

مَٿي لامُنِ ٻُورُ، مُورِيءَ مَڃَرَ نَه ڪَرِيين.

6

ڪَنڊا! تُون ڪيڏو، جَڏَهِن ڀَرِيو ڍورُ وَهي؟

جَسودَنِ[666] جيڏو، تو ڪو گڏيو پَهِيڙو[667]؟

7

سَچُ ڪِ سُڪو ڍورُ، ڪَنڌِيءَ اَڪَ ڦُلارِيا،

جُنگَنِ[668] ڇَڏِيو زورُ، سَرَ[669] سُڪا، سُونگِي[670] گيا[671]؟

8

جَڏِهِن ڍاڳِي[672] ڍورُ، ٻَئِي وَهَنِ ٻَلِيارَ[673] ۾،

تَڏهن تاجَڙُينِ[674] طورُ[675]، هئو جَسوِڌنِ سين.

9

سُڪِي ڍورُ ڍَيُون ٿيو[676]، ڪَنڌيءَ ڏنو ڪائو[677]،

سو پاڻي پَٽِيهَلَ[678] ۾، اَڳِيُون نه آئو[679]،

ماڙهن[680] ميڙائو[681]، ڪِهِين ڪِهِين ڀيڻِيين[682].

10

ڍورُ نه اَڳِينءَ ڍارَ[683]، مَهَندِ[684] مَلاحَنِ لنگهيو،

موڙي ڇوڙِيا مَڪُرا[685]، پَسِي پاڻِيءَ پارَ،

جَسودَنِ جِيها[686] يارَ، پِيئَڙا وِيرَ وِماسَ[687] ۾؟

11

جان واهُڙَ ۾ وَهُه، تان تُون مَڇَ[688] نه موٽييين،

ڪائي[689] ۾ ڪوهُه ڪَرِيين، پوءِ موٽَڻَ جو پَهُه؟

سِرَ مَٿي سَهُه، مَهِميزُون[690] مَلاحَنِ جُون.

12

جان جَرُ[691] هُئڙو جالَ[692]، تان تُون مَڇَ نه موٽِيين،

پُوندِيَئي اَڄُ ڪ ڪالَ، سانڀويُون[693] سانگَينِ[694] جُون.

13

جان جَرُ هُئڙو سِيرَ، تان تُون مَڇَ نه موٽِيين،

آڏا اَڏي ڪِيرَ[695]، گَهٽَ[696] به جَهلِيا گهاتُوئين[697].

14

مَتو آهِين مَڇَ، ٿلهو ٿيو ٿُونا هَڻين،

جا تو ڏِٺِي اَڇَ[698]، تنهن پاڻِيءَ پُنا ڏينهڙا.

15

ڏُوران پَسِي ڏورِ، وِهين جي نه وِهِرِوُن[699] ڪَري،

هُوندَ نه پَئين هورِ[700]، مانگرِياڻي،[701] مَڇَڙا!

16

جا تو گهيڙِي گهٽِ[702]، مانگَرِياڻِي، مَڇَڙا!

نيئِي پڇاڙيا[703] پَٽِ، تنهن ڪَنڌِيءَ ڪَڍي ڪيتَرا.

17

ڪُنڍِي ڪَلِيُنِ[704] وِچَ  ۾، جَڏِهن هَنئِي جَنِ،

موٽِي مُون پِريَنِ، ڪَڍَڻَ جِي ڪانَه ڪَئِي.

18

ڪُنڍِي ڪَلِيُنِ وِچَ ۾، جڏهن هَنيائون،

اُڦَٽُ[705] نه مارِيائُون، ڏورِ ڏيئِي وِيا ڏُکَ جِي.

 

وائي

لايَئِي جا وَرَنِ[706] کي، سا ڪانڌَ! منهنجي ڪورا[707].

ماءُ مارِيندَمِ ڪَڏِهِين هِنَ پِرِينءَ جا هورا[708]،

سا ڪانڌَ مُنهنجي ڪورا.

اَچَنِ پِرِين پَٻَکِيا[709]، ڪَرَ[710] ٻاٻِيهو[711] جيئن مورا[712]،

سا ڪانڌَ مُنهنجي ڪورا.

سيڻين سِرِکَنڊُ[713] سَپَجي[714]، ٻيو عَطُرَ پِرِين اَتورا[715]،

سا ڪانڌَ مُنهنجي ڪورا.

ڇَپَرُ کَٿورِي ٿِيو، ٻِي تازي ڦُلَن ڦورا[716]،

سا ڪانڌَ مُنهنجي ڪورا.

اَلا عَبدُاللّطِيفُ کي سانوَلَ[717]، ميڙِ سَنڀُوڙا[718]،

سا ڪانڌَ مُنهنجي ڪورا.


 

 

داستان ٻيو

1

مَدِيني جا مِيرَ[719]، سُڻُ مُنهنجا سَڏِڙا،

سَرَڻِ[720] تنهنجي سِيرَ[721]، تُون پارِ لَنگهايين پيئڙا[722].*

2

مَدِيني جا ڌَڻِي، سُڻ منهنجا سَڏَڙا،

تنهنجي آهِه تَڻِي[723]، ٻِي ڪَنڌي[724] سارِيان ڪانَه ڪا.

3

مَدِيني جا گهوٽَ، سُڻُ منهنجا سَڏِڙا،

ڪِج مُحمّدُ موٽَ، عاصِي تنهنجي آسَري.

4

مَدِيني جا شاهَه، سُڻُ منهنجا سَڏِڙا،

ڪارَڻِ لَڳ اَللهَ، سگهو رَسِج سُپِرين!

5

مَدِيني جا شيرَ، سُڻُ منهنجا سَڏِڙا،

ڀَرِ مُبارَڪَ پيرَ، عاصِي[725] تنهنجي آسَري.

6

مَدِيني جا ڄامَ، سُڻُ منهنجا سَڏِڙا،

آهيان تنهنجي سامَ[726]، سِگهو رَسِج سيرَ ۾.

7

وَنءُ[727] مَدِيني، مَڱِڻا! اَکِيُون پيرَ ڪَري،

جِتي ماڻِڪِي[728] محَمّدَ مِيرَ جي، جَهِرِڪِيو[729] جوتِ[730] ڪري،

پَسِيو جوتِ جَمالَ جِي، جِتِ اُمِتَيَنِ نيڻ ٺَري،

پِرِيتَئُون[731] پيرُ ڀَري، ڪِج زيارت ذوقَ سين.

8

ڌَڻِي! سو وارِيئين واءُ، جو ميڙائو[732] سَڄَڻين،

ويٺي اٽَ مَٿانءُ، هِنئين[733] آسَرَ[734] مَ لهي.

9

مَٿي واٽَڙَيَنِ، نيڻَ نِهارا[735] مُون ڪِيا،

وِيندا مانَ پَسَنِ، مَٿان سَڳَرَ[736] سُپِرِين.

10

ڪيچَينِ[737] ڪارَڻِ ڪالَ[738]، نيڻَ نِهارا مون ڪِيا،

اِيندا پَسان شالَ، اوٺِي آرِيءَ ڄامَ[739] جا.

11

اوٺِيَنِ ڪارَڻِ اَڄُ، نيڻَ نِهارا مُون ڪِيا،

پُنهُون ڄامَ پَهُڄُ[740]، ته لاهِيُون اُڃَ اَکِيَنِ جِي.

12

نيڻَ جي نِهارِينِ، سي اَڄُ نه اوٺِي آئِيا،

هَنجُون[741] نه هارِين، پاڻِي پُنهُونءَ ڄامَ ري.*

13

نيڻَ نِهاري مُنهنجا، روئِي ٿِيا رَتُ،

پُنهُونءَ هوءِ پَهتُ[742]، ته پارِي[743] نِيَنِ پاڻَ سين.

14

نيڻَ نِهاري مُنهنجا، روئِي رَتُ ٿِيا،

جي هَٿان هوتَ ويا، سي اَچَنِ تان آجِي[744] ٿِيان.

15

نيڻَ نِهاري منهنجا، رَتُ ٿِيا روئِي،

ڏُکَنِ جي ڏوئِي[745]، آهي هَٿِ اَسونهَن[746] جي.

16

اَڄُ اَڱڻُ ڪيڻانِ[747]، آسَرَ لَڳِي[748] سورِيان[749]،

ڏُونگَرِ ڏينهن لَڳانِ[750] مانَ[751] وَرِڪَنِ[752] سُپِرِين.

17

ڏُونگَرِ لَڳَن ڏينهن، مانَ وَرِڪَنِ سُپرين،

ڪِيَسِ نِماڻِي نِينهَن، آيَلَ! ٻروچنِ جي.

18

اَللهَ جيئن نالوءِ[753]، تيئن مُون وَڏو آسَرو،

خالِقَ تنهنجي کاندِ[754] جو، پَرو پاندُ نَه ڪوءِ،*

نالو رَبّ سَندوءِ، رَهِيو آهِمِ[755] رُوحَ ۾.

19

صاحِبَ تُنهنجِي صاحِبِي، عَجَبُ ڏِٺِي سُون،

پَنَ ٻوڙِين پاتالَ[756] ۾، پَهَڻَ[757] تارِين تُون،

جيڪَرَ اَچِين مُون، ته ميرِيائِي مانُ لَهان.

20

صاحِبَ تنهنجِي صاحِبِي، عَجَبَ جِهَڙِي آهِه،

وَڏِي سَگَهه سَندِياءِ، پاڻَ وَهِيڻو[758] آهِيين.

21

وَڏِي سَگَهه سَندِياءِ، ٻاجُهنِ ڀَرِيو آهِيين،

مون تان مِهِرَ مَ لاهِه، آئُون تنهنجِي آهِيان.

22

مِٺو جيئن نالوءِ، تيئن مُون وَڏو آسَرو،

ڪو دَرُ ناهِه جِهوءِ[759]، مُون ٻِيا دَرَ گَهڻا نِهاريا.

23

جيڏو تنهنجو نانءُ[760]، ٻاجَهه بِه تيڏِيائِي مَڱان،

رِيءَ[761] ٿَنڀين، رِيءَ ٿُوڻِيين، تُون ڇَپَرُ، تُون ڇانءُ[762]،

ڪُڄاڙو[763] ڪَهانءُ[764]؟ توکي مَعلُومُ سَڀِڪا.

24

مَ ڪَرِ ڍولَ ڍِلو، ناتو نِماڻيءَ سين،

ڪونِهي ڪَمِيڻِيءَ جو، بِگَرِ[765] تو بِلو[766]،

تُنهنجو نانءُ نِلو[767]، وَٺِيو ويٺِي آهِيان.

25

سَتُرُ[768] ڪَرِ سَتارَ! آئُون اُگهاڙِي آهِيان،

ڍَڪِيين ڍَڪَڻَهارَ، ڏيئِي پاندُ[769] پَناهه جو.

 

وائي

مُون کي نِنڊَ نَه نيڻين[770]، ڪالَهانڪُون[771] لَڪَنِ ۾،

موٽُ تُون آيَلِ! منهنجي ماءُ! تو ڏُکُ نه ڪيڻين ڪيڻين[772]،

ڪالَهانڪُون لَڪَنِ ۾.

هُوءِ نَه نِيَنَمِ پاڻَ سين، آئُون جا وِيندَڙِي سيڻين[773] سيڻين،

ڪالَهانڪُون لَڪَنِ ۾.

ڪالَهُوڻِيان اَچُ گَهڻِي جهورَڙي[774] جِهيڻين جِهيڻين[775]،

ڪالَهانڪُون لَڪَنِ ۾.

ٻِيُون سَڀُ واڳِيُون[776] وَرَنِ سين، آنءُ جا واڳَڙي ويڻين ويڻين[777]،

ڪالَهانڪُون لَڪَنِ ۾.

هِينئَڙو[778]، ڏاڙهُونءَ گُلَ جيئن، رَوئي رَتَڙو نيڻين نيڻين،

ڪالَهانڪُون لَڪَنِ ۾.

اَلا! عَبدُاللّطِيفُ چي، مُحِبُّ اَسان تُون ميڙين ميڙين[779]،

ڪالَهانڪُون لَڪَنِ ۾.

 


 

 

داستان ٽيون

1

ڪَرِ ڪو ڀيرو[780] ڪانڌَ[781] مُون نِماڻِيءَ جي نِجُهري[782]،

پِرِين تُنهنجي پاندَ، ڍولِيا! ڍَڪِي آهِيان.

2

جيئن تُون قائِمُ ڪانڌَ! تيئن آئُون وَرَ! وِلِهي[783] نه ٿِيان،

پَکي ڇِنا پاندَ، ڳَنڍُ نَه ڄاڻي ڪو ٻيو.

3

ڪانڌَ ٻِيُنِ ڪيتَرا، مُون[784] وَرُ[785] وڏِي وَٿُ[786]،

مَٿان ڏيئِي هَٿُ، جنهن عَيبَ منهنجا ڍَڪِيا.

4

ڪانڌَ ٻِيُن ڪيتَرا، مُون وَرُ وَڏِي جُوءِ[787]،

لوڪَ نَه آڇي اُوءِ[788]، جي ڏِسي ڏوهَه اَکين سين.*

5

ڪانڌَ ٻِيُنِ ڪيتَرا، مُون وَرُ وَڏِي کاندِ[789]،

پاڻان ڍَڪي پاندِ، جي ڏِسي ڏوهَه اَکين سين.

6

ڪانڌَ ٻِيُنِ ڪيتَرا، مُون وَرُ وَڏِي ذاتِ،

لوڪَ نه آڻي واتِ،** جي ڏسي ڏوهَه اَکين سين.

7

وَرَ سين وِجِهيو ڪاڻِ[790]، کَرَ[791] سين کِلَڻُ ڀانئِيين[792]،

ڀورِي[793] مُنڌ[794] اَڄاڻِ! ڪَڻَ[795] ڇَڏِيو، تُهَه[796] مِيڙيين.

8

سُتا[797] اُٿِي جاڳُ، نِنڊَ نَه ڪِجي ايتَري،

سُلطانِي[798] سُهاڳُ[799]، نِنڊُنِ ڪَندي نه ٿِئي.

9

ڪِي سُمهُه، ڪِي جاڳُ، ننڊَ نه ڪِجي ايتَرِي،

اِيءُ مانجهاندي[800] جو ماڳُ[801]، جو تو ساڻِيهُه[802] ڀانئِيو.

10

جاڳَڻَ مَنجهان جَسُ[803]، آهي اَدا! تنهن کي،

لاهي جو، لَطِيفُ چي، مَٿان قَلَبَ[804] ڪَسُ،

وَرَنهَه ڪِجان وَسُ، صُبُحَ ساڻُ، سَيّدُ چي.

11

سُتي نه سَرَندِياءِ، ڪَرِ پَچارَ پِرِيَنِ، جِي،

وِهامِي وِيندِياءِ، گَهڻا هَڻندين هَٿَڙا.

12

هي[805] تان ٿورَڙِيُون، جي تُون ڀورا! پَسِي ڀُلِيين،

راتِيُون ٻِيُون گَهڻِيُون، جي تو اِيندِيُون هيڪَلِيُون[806].

13

سُمَهڻان[807] ساڙو، جيڏِيُون! جيڏِوئِي ٿِيو،

پِرِيَنِ سين پاڙو، منهنجو نِنڊَ نِبيرِيو.

14

سُمَهَڻان ساڙو، جيڏِيُون! جيڏوئِي ٿِيو،

هوتَ لَنگِهيا هاڙهو، تون اَناسِي[808] اوجَهرِين[809].

15

پِرِهَه ڦُٽِي، راتِ گَئي[810]، جِهيڻا ٿيا نَکَٽَ[811]،

هاري[812]! وِيَئِي وَٽَ[813]، گَهڻا هَڻندِينءَ هَٿَڙا.

16

پيئي جا پرڀاتِ، سا ماڪَ مَ پَسو ماڙُهئا[814]!

روئِي ڇُڙِي[815] راتِ، ڏِسِي ڏُکويَنِ کي.

17

سَڄِيُون راتِيُون سُمهِي، ڇَڏِيَئِي پِيّ[816] پَچارَ،

ڀانَيَئِي سَڀِ ڄَمارَ، سَڄَڻَ هوندا مان گَهرين[817].

18

ڍولُ مَ کَڻي ٻانهَڙِي، پِرِين مَ کَڻي پاندُ،

آئُون پنهنجو ڪانڌُ، لوڪان لِڪي رانّئِيان[818].

19

مُسَنِ[819] مُنهَن سَنَرا[820]، کَرِيا گَهڻُو کِلَنِ،

سي تان وِسَرِيَنِ، آيا جَنِ ڪَمَنِ کي.

20

ڦِرِيا پَسيي ڦِيڻُ[821]، کَريَنِ کِيرُ نَه چَکِيو،

دُنِيا ڪارَڻِ دِينُ، وِڃائي وِلَها[822] ٿِيا.

 

وائي

مُون سين هوتَ نه ڪَنا هِيئن، مُون نه ڇَڏِيندا ڇَپَرين[823]،

هوتَنِ جي هيڪاندِ[824] کي، آئُون رُئان راتو ڏينهن[825]،

مُون نَه ڇَڏِيندا ڇپَرَين.

ڇيڙي وِڌيَسِ ڇَپَرِين، ٻاروچاڻِي[826] نينهن،

مُون نَه ڇَڏِيندا ڇپَرَين.

لُڪُون لَڳَنِ ڪوسِيُون، ڏاڍا تَپَنِ ڏينهن،

مُون نَه ڇَڏِيندا ڇپَرَين.

مون کي پِرِيَنِ ميڙِيين، رُوجَهڙِيُون[827] ميڙِيين مينهِن،

مُون نَه ڇَڏِيندا ڇپَرَين.

اَلا! عَبدُاللّطِيفُ کي سَڄَڻُ ميڙِ سَمِيعَ[828]،

مُون نَه ڇَڏِيندا ڇپَرَين.


 

 

داستان چوٿون

1

روهِه[829] راماڻا[830] ڪَنِ، اَڄ پُڻِ هَلَڻَ هارِيُون،

ڪَرڳَلُ[831] ڪونجَڙِيَنِ، رائي ۾ راتَ ڪِيو.

2

وَڳَرُ اُڪيري[832]، سَرُ[833] سارِيو، سُورَ چَري[834]،

جُهرِي جِهڄَندي ڏي[835]، سَنِيها کي سَڄَڻين.

3

وَڳَرُ وِساري، ويٺين ڪيئن ماٺِ ڪَري،

ڪِ تو نَه ماري، رُڻُ جُهڻُ[836] سَندِي سَڄَڻين.

4

وَڳَرَ وِيا وَهِي[837]، ڪالَهه تنهنجا ڪُونجَڙِي،

ڪَندينءَ ڪوهُه رَهِي، سَرَ ۾ سُپِرِيَنِ ري؟

5

وَڳَرَ ڪِيو وَتَنِ، پِرِتِ نَه ڇِنَنِ پاڻَ ۾،

پَسو پَکِيَئڙَنِ، ماڙُهنِئان[838] ميٺُ گَهڻو.

6

وَڏي وَڳَرَ هيرُئِين، چُڻي نه ٻِيَنِ گَڏُ،

ڪُونجَ ڪَرِيندي سَڏُ، ويئِي وِهامِي راتَڙِي.

7

قِسِمَتَ آندِيُون ڪونجَڙِيُون، وَطَنُ سَندُنِ روهُه،

ڪنهن جو ڪونهي ڏوهُه، رِزقُ رازِقَ هَٿَ ۾.

8

مَ لَنؤ[839] ڪونجِي! ماٺِ ڪَرِ، چورِ مَ هِينئين چاڪَ،

ڦَٽِيُون جي فِراقَ، سي گَهرِ گهارِيندِيُون ڪيتَرو؟

9

مَ لَنؤ ڪونجِي! ماٺِ ڪَرِ، چورِ مَ هِنئين سَلَ،

ڳوڙَها مَٿي ڳَلَ، جِمَ[840] وِهاڻِيءَ[841] وَهائِيين.

10

ڪونجَڙِي[842] ڪالَهه لَنئِين، سَڄَڻ ويڌَمِ چِتِ[843]،

آئُون جنهن رِيءَ هِتِ، گَنگَهرَ گهارِيان ڏينهڙا.

11

اُتَرَ ڏي آلاپَ، ڪالَهانڪُون[844] ڪُونجَ ڪَري،

پِرِين پَسِي مَنجِهه خَوابَ، وِهاڻِيءَ وايُون ڪَري.

12

ڪُونجِيُون ٿِيُون ڪُڻُڪَنِ، جيڪُسِ هَلَڻَ هارِيُون،

ٻَچا پوءِ[845] اَٿَنِ، وَڃَنِ وانڌا[846] ڪَندِيُون.

13

آيُون ڍورَ[847] ڍَرِي، اَصُلَ سَندي آسَري،

کَنڀَڙَ[848] ڀُونءِ[849] کَري[850]، پاڻا پيرَ ڏُکويا پَکَڻين[851].

14

آيُون اَڳِيئن هيرَ، اَصُلَ سَندي آسَري،

پِڙَ ۾ پَسان نَه پيرَ، سيڻَنِ ساجُهرُ لَڏِيو.

15

وَڳَرَ ۾ وائِي، ڪالَهه تنهنجي ڪُونجَڙِي!

سَرَ ۾ سارِينَئِي گَهڻُو، ڀينَرُ ۽ ڀائِي،

پَسِين نه ڦاهِي، جا مارِيءَ سَندي مَنَ ۾.

16

ڪُونجَ نَه پَسِين ڪَکَ، ڍَٻُ[852] جنهن سين ڍَٻِيو[853]،

مارِيءَ ماري لکَ![854] وَڳَرَ هَڻِي ويڇُون[855] ڪِيا.

17

ڪُونجَ نَه لَکِيو[856] ٻاڻُ[857]، جو مارِيءَ سَندي مَن ۾،

اوچِتي پَرِياڻَ[858]، وَڳرَ هَڻي ويڇون ڪِيا.

18

بَغَلَ مَنجِهه بَندوقَ، مارِيءَ ميرا ڪَپِڙا،

ماريو مِيرَ مَلُوڪَ، لَتاڙِيو لَڪَ چَڙهي.*

19

مارِي مَرِين شال! ڍَٻَ وَڄَنَئِي ڍَٻِيُون[859]،

جيئن تو اَچي ڪالَ[860]، وِڌو وِچُ وِرِهَنِ[861] کي.

20

چيتا[862] ڪِيو چُڻيجِ، بُڊاماڻي بُٺِ ۾،**

نيڻين نِنڊَ مَ ڏيجِ، ڇيڙون[863] ڇَپَرِ آئِيُون.

21

سَنگهارَنِ ساري، ساٿِي! ڏيجِ سَنِيهَڙا،

سا هيڪَلِي گهارِي، مُنڌَ ڪاڇي[864] ڪَنڌِيين.

22

ڪيرَ ڪَريندِي رِيسَ، آيَلِ! سَنگهارَنِ سين؟

جَنين جي خَمِيسَ[865]، وارِيُون واري ڇَڏِيُون.*

23

ڪاڇي ڪاهِيائُون، سَچُ ڪِ سَنگهارَنِ لَڏِيو؟

مُون تَنُ مارِيائُون، پانان وِجِهي گوندَرين.

24

ڪاڇي پيئِي ڪُوڪَ، سَچُ ڪِ سَنگهارَنِ لَڏِيو؟

مادَرِ سي مَلُوڪَ، اُٺي وِيا اُڪِرِي.**

25

ڪاڇو ۽ ڪوهِيارُ[866] ڏُونگَرُ سَندُنِ ڏيهَڙو[867]،

ساجُهرُ لَهِي[868] بارُ، ڪوهُه نَه وِئين اُنِ سين؟

26

جَيئَنِ سي سَنگهارَ، اَجهي جَنِ جي گهارِيان،

مانَ لَهَنِئُون سارَ، اَچِي اَوکين[869] ڏينهَنڙين.

27

ڌَڻُ ڌارَڻُ، ڌارَ رَهَڻُ، اِيءُ نه سَنگهارَنِ سِٽَ[870]،

ڪاهي اِيندا ڪَڏَهِين، مَٿي وانڍِ[871] وَهِٽَ،

جي هاڻُو[872] هُونِئي مِٽَ، تَه بِه[873] اوڊو[874] لاهه مَ اُنِ جو.

28

جِهڄان پَسِي جهوڪ[875]، آيَلِ سنگهارَنِ جِي،

جَنِ ٿي پِي[876] پِيارِيا، مَنجهان مَٽِنِ موڪَ،

لَڏي وِچان لوڪَ، اُٿِي وِيا سي اُڪِرِي،

29

جهوڪُونِ[877] نَه جُهڻِڪَنِ، وَڳَ[878] نَه پَسان وَٽِ[879] ۾،

آيَلِ سَنگهارَنِ، جيڪُس[880] چِٽاڻو[881] چِتِ ڪِيو[882].

30

جي ڀانيين وَسَ چَران، تَه سَنگهارَنِ سين لَڏِ،

ته هاڃي[883] سَندِي هَڏِ، ڪُوڪَ نه سُڻين ڪَڏِهِين.

31

مَنڌِيُون[884] مَٽِ گُڙَنِ[885]، جهوڪَ بِه سُونهَنِ پَهِيَڙا،

سَندِي سَنگهارَنِ، جُوءِ جِياري جَڏَڙِي[886].

32

ڀُورِيين[887] پاند[888] ٽِمَنِ، جَڳهَه[889] جهاڳي آئِيُون،

ڪاڇو مينهِڙيَنِ، مُدئِتو ئِي ماڻِيو.

33

راءَ[890] سين رُٺا جي، تَنِ جاڙيجَنِ[891] جاڙَ ڪِي[892]،

ڪيئن ماڻيندا سي، چوڏَهَن چارو[893] ڪَڇَڙو[894]؟

34

جاڳو جاڙيجا، سَما سُکِ مَ سُمهو،

پَسو، آن پارِيا[895]، لاکو[896] ٿو لوڙِيُون[897] ڪَري.

35

ڀُڄئان[898] ڀُلي پيرُ،، وِڌو راءِ رِڪيبَ ۾،

ڪَڇَ رَهَندو ڪيرُ، لاکو لوڙائُن[899] سين؟

36

ٽاٽونڪِينِ[900] پَلاڻَ، سَدا هَڻَنِ کَرِکِرا[901]،

لاکي لوڙائُنِ جا، اِهَڙائِي اُهڃاڻَ،

ڏيئِي تَنگَنِ تاڻَ، ڪُوڪَ ڪارِيندا[902] ڪَڇَڙي.

37

لَکِي[903] ۽ لاکو، ٻَئِي مُئا، ٻاجَهه ٿِي،

قادِرَ لاٿو ڪَڇَ تان، اَدِيُون! اولاڪو،

وانڍِينَ[904] ۾ واڪو، ريٻاڙِي[905] رَهِي وِيا.

38

ريٻارَڻِ[906]! رِيجهاءِ، لاکو لولاٽِيَنِ[907] سين،

سائُو[908] مانَ سَندِياءِ، ٺَٺُ[909] مَٽائي ٺاڪُرو[910].

39

ريٻارِڻَ روئِي، واڙي[911] وِڌا وَڇَڙا،

سَمورا سوئِي، هَڻِي هِتان ساٿَ وِيو.

40

رَڙي ريٻارَڻِ، روءِ، اُڀِ ڍَنگَهرَ جَهلَ[912]،

ڀَري هِتان پَلَ،* ڪيتَريُون ڪاهي وِيا!

41

رَڙي ريٻارَڻ، روءِ، اُڀِي ڍَنگَهرَ ڍارَ[913]،

وَڃَنِ اَڄُ وَڳَ هَنيو، سُئَمِ جي سُوارَ،

ڪاڇي ٻِنهِي پارَ، ڌاڪو هِنِ جو دِسِيين[914].

42

رَڙي ريٻارَڻِ روءِ، واڙي پايو وَڇَڙا،

کَرا[915] ويڻَ[916] کَنگهارَ[917] کي، چَنچلُ[918] اُڀِي چوءِ،

واڙي وَڇُ نَه ڪوءِ، لاکو لوڙائُنِ سين.

43

لاکا لَکَ سُڄَنِ، ڦُلاڻِيءَ ڀيرُ ٻِيو،**

جنهن ڀَرِ راڻا، راڄِئا، ڪوٽَنِ مَنجِهه ڪَنبَنِ،

جنهن جو جاڙيجَنِ، سُتي سَنچو[919] نَه لَهي.

44

لاکا لَکَ هُئا، ڦُلاڻِيءَ ڀيرُ ٻِيو،

آجا اوڏَ[920] ٿِيا، پَلئي لَڳي جنهن جي.

45

لاکو لَکِيءَ تي چَڙهي، لَکِي لاکي هيٺِ،

سُنهارِيُون[921] سِرِ ڪِيو، ڀيرِئو ٻَڌي بيٺِ،*

ڪَندو ڏَمَرُ ڏيٺِ[922]، صُباحَ ساڻُ سَڀِڪَنهِين.

46

اَڏِيو جو اوڏَنِ سو ڍَنگَهر ڍِلو مَ ٿِئي،

جنهن ڀَرِ وِيهِي ڪَنِ، ليکو لاکي ڄامَ سين.

47

لاکي لَڄَ کَنئِي، اَسان اوڏَڙِيَنِ جي،

ڪَندو ڪانَه ٻِي، اَڳِ وسوڙهَلَ[923] آهِيُون.

48

لاکا لَڄَ سَندِياءِ، اوڏِ اَگَلِي[924] آهِيان،

پَکا سي پَرِتاءِ، جي اَجهي تنهنجي اَڏِيا.

49

اَڏيندي اوڏَنِ، لَڏَڻَ جي ڪانَه ڪِي،

لاکو مَٿان تَنِ، اوچِتوئِي آئِيو.

50

اَڏي اَڏي اوڏَ، ڇَڏِي وِيا ڀيڻيُون[925]،

ٽِڪاڻا ۽ ٽولَ[926]، پِيا آهِنِ پَٽَ ۾.

51

ڇِنَلَ ڇَڄَ هَٿَنِ ۾، ڪُلَهنِ ڪوڏارا،

پورهِئي خاطِرِ پانهنجي، اُٿَنِ سَوارا[927]،

اوڏَ بِه ويچارا، لاکا! وَڃَنِ لَڏِيو.

52

ڪَڏهن مَڙهُه مُقامَ ۾، ڪَڏِهن ڳارهو گهوٽُ،

سَندو وارِيءَ ڪوٽُ، اَڏِيو اَڏِبو ڪيتَرو؟

 

وائي

 

هي سَڀِ هَلَڻِ هارا، ڪونَه رَهندو ڪو هِتِ، جيڏِيُون!

اَڏِيا رَهندا اِتَهِين، هي سَڀِ ماڳَ موچارا،

ڪونَه رَهندو ڪو هِتِ، جيڏِيُون!

جَن کي باشاهِيُون[928] بُلَندُ هُيُون، سي وِيا ڇَڏي ويچارا،

ڪونَه رَهندو ڪو هِتِ، جيڏِيُون!

ڪُلُ نَفَسِ ڏائِقہُ المَوتِ[929]، سَمجِهجِ اِهي اشارا،

ڪونَه رَهندو ڪو هِتِ، جيڏِيُون!

داڙُو[930] دَڙِي[931] اُنَهِين نه بَخشائِيندو بَدڪارا،

ڪونَه رَهندو ڪو هِتِ، جيڏِيُون!

اَلا!عَبدُاللّطِيفُ چي، اُتِ سَتُرُ ڪِجِ[932] ستارا!

ڪونَه رَهندو ڪو هِتِ، جيڏِيُون!


[1]. اصل، بنهه

[2]. خوش

[3]. ڏينهن جو، سارو ڏينهن

[4]. جوڳين

[5]. جڏي، بيمار

[6]. گهڻو، مئو، جام

[7]. پيالا

[8]. بند ڪري، پوري، ترڪ ڪري

[9]. وار، وڏن وارن سان، چوٽا، جٽائون

[10]. سوءِ يا ماتم ڪندڙ، غمگين، غم ۾ گذاريندڙ

[11]. هنن کي اونده يا غم آهي

[12]. سندن يا انهن جي ڄمار يا عمر

[13]. ناپاڪ

[14]. ڀونءِ، زمين

[15]. ڪاراڻ کان (وار ڪاري رنگ مان ڦري)

[16]. ڀڀوت لڳڻ ڪري ڪڪي يا خاڪي رنگ جا ٿيا

[17]. لهسيا

[18]. ڊڄي، ڏڪي

[19]. ڪيرائي

[20]. جدا ڪري، ڇَڏي، ترڪ ڪري

[21]. خوش

[22]. علم (خودي)

[23]. خودي

[24]. تير

[25]. گريبان، پهراڻ جي اندران، اندر يا دل ۾

[26]. پنهنجو بنايو * مڙهين ۾ مهر جا مينهن وٺا ۽ خوشيون ٿيون.

[27]. زيارت

[28]. پوڄين، سلام ڪن

[29]. جواهر (ڌڻيءَ).

[30]. ڌوئين

[31]. ڌوتيون، لانگوٽيون

[32]. گرو، وڏو علم جو اڪابر، معرفت جو صاحب

[33]. خدا جو هندڪو نالو، اُميش

[34]. نفس، شهوت، نفساني خواهشون

[35]. ڪانا ۽ ڪاٺيون

[36]. بهادر

[37]. املهه، بي بها، لاثاني

[38]. سورة، آيت (تسبيح)

[39]. سبحان (سڀ ساراه الله کي جڳائي)

[40]. حوض، تلائن

[41]. پيٽ ۾، اندر ۾

[42]. ميٽ مليل، ميٽ لڳيل

[43]. ڇنل گودڙين وارا؛ سونن ڏندن وارا؛ واريءَ سان ڀريل، ڀڀوت

[44]. رلايس

[45]. لانگوٽيءَ وارن فقيرن

[46]. ڏک، غم.

[47]. طبيبن، حڪيمن

[48]. سرخي، ڳاڙهاڻ

[49]. مون کي شرمايو (گهايو)؛ مون کي پنهنجي ڪوجهائيءَ جو احساس پيدا ڪرايو.

[50]. (1) تلخ تجربو ڏٺو آهي (ڪنهن ڪم کان ڪرائجڻ معنيٰ ڪنهن ڪم ڪرڻ ڪري نقصان پائڻ سبب بيزار هجڻ) (2) سوگهو ٻڌو آهي (ڪرڻ= زنجيرن ۽ ڪڙن ۾ ٻڌڻ)

[51]. مند جو نئون ميوو

[52]. خوراڪ، کاڌي

[53]. طمعدار

[54]. صدا، خيرات لاءِ طلب

[55]. ماڻهن کان

[56]. اڻ هوند، مصيبت، ڏک

[57]. اميدوار، طالب.

[58]. خوشبوءِ، واس * بک جي خوشبوءِ ماڻيائون، فاقا سٺائون.

[59]. ناشتي ڪرڻ کان سواءِ، بک ۾، بکيا

[60]. مڪان، جاءِ

[61]. آزاد، پالها، خالي ** هو ڀينگيا ۽ آزاد آهن.

[62]. ڪشتو، جمني، پنڻ جي ٺولهي

[63]. گهران؛ گهرن وٽان، ماڻهن جي جاين تان

[64]. دران در کان

[65]. شرعان، شرع کان، شريعت کان *** هنن جي اندر ۾ روشن ضمير هن جو قاضي ٿيو ويٺو آهي، جو هنن جي رهبري ڪري ٿو، ته پوءِ هو ڇو ڪنهن ٻئي کان فتويٰ وٺن؟

[66]. قدر ۽ اهميت ڄاڻن يا سمجهن

[67]. بيداري، اوجاڳو، بيخوابي، بي آرامي + جن جي لاءِ اوجاڳو دير آهي يا خراب آهي. ظالم جيترو وقت جاڳندو اوترو ٻين لاءِ خير ڪونهي، تنهن ڪري ان جو جاڳڻ ٻين لاءِ جنجل آهي، پر برعڪس انهيءَ لاهوتي فقيرن جو اوجاڳو انهن لاءِ فائديمند آهي.

[68]. ٽپ، ڇال، سٽون

[69]. اهو طرف (الهندو) جنهن ڏانهن مٿو ڪري سمهبو آهي.

[70]. ذائقن، مزن

[71]. ماڳ کان، اصل کان

[72]. ڌاران، کانسواءِ، بغير

[73]. ڇڪي ٻڌي، زور سان ٻڌي

[74]. رسن، نوڙين

[75]. ڪشان، ڪشن سان

[76]. تسيا، تڪليف، جفا

[77]. گسان، گسن کان.

[78]. سلام، نياز

[79]. هتائين، هن هنڌ يا جاءِ کان ئي

[80]. دور، پري پنڌ وارا

[81]. وطن، ملڪ

[82]. اي رانول، اي سڄڻ يا دوست!

[83]. ڪٽنب، قبيلو، ذات، نسب، پيڙهي، خاندان

[84]. نمونن، طريقن (هر حال ۾)

[85]. لالچ، طمع، موڙي، روڪڙ، نقد

[86]. بچائي رکن، ميڙي رکن

[87]. مضبوط ڪري

[88]. وضو، پاڻيءَ سان هٿ پير، مٿو اگهڻ

[89]. اسلام کان * دنيا ترڪ ڪرڻ جو اصول ٻڌائون.

[90]. وڏو سياڻو رهبر، مرشد يا خدا.

[91]. واڳ، رسو، نوڙي * واڳي ڏيڻ: ڍور يا ڦَرَ کي ٻُوٿ ۾ ڪاٺيون ٻڌڻ، جيئن اوڳاري سگهي پر ڪجهه کائي نه سگهي

[92]. ڳاڙهي

[93]. مولهين يا ڪلنگين يا پٽڪن سان

[94]. سرخرو، خوش، ڀتار يا مرشد وارا ** جن سان نينهن يا عشق لڳو.

[95]. ان جي مٿان پردو يا ڪک جو تهه، بيڪار شيءِ، ڦوڳ

[96]. خوشي، خيرعافيت

[97]. ڳاڙهاڻ، سُرخي

[98]. زخم، چير

[99]. ڦاڪون، اڌ

[100]. تاڙي

[101]. نج، (سون جهڙا) صاف

[102]. رجعات، رجوعات، رجاعت، آمدرفت، لهه وچڙ، لاڳاپو

[103]. لباسان، دولاب يا دغا کان

[104]. پري رک، روڪ.

[105]. سمجهي، ڄاڻي ٻجهي

[106]. ظاهري علم، خودي

[107]. هل، پنڌ ڪر

[108]. هلت، روش

[109]. بيماري (بڇڙي ڳالهه)

[110]. ڀڳلن، چڪنا چور ٿيلن، عشق ۾ پرزا پرزا ٿيلن

[111]. طعام

[112]. وٽ، ويجهو، تي

[113]. سوراخ، ٽُنگ

[114]. ٻني ڪرڻ لاءِ هر ڏيڻ، کوٽين

[115]. ٻني، فصل

[116]. املهه، بي بها، لاثاني.

[117]. صبر وارا، ڏکن تي صبر ڪندڙ، صبر بابت نصيحت ڪندڙ

[118]. ذڪر، ڳالهه، پچار

[119]. ملي، گڏجي

[120]. راضي ڪندڙ، وڻندڙ، دلپسند

[121]. ڍؤ، پيٽ ڀري کائج (ماڻج)

[122]. هنگلاج، هندن جي تيرٿ جي جاءِ

[123]. قسمت سانگي، نصيب سان

[124]. وطن يا ڏيهه

[125]. گنگا ندي، هندن جي تيرٿ جي جاءِ

[126]. ڪاه ڪئي، هليا، ڏانهن ويا.

[127]. لاهوتي فقيرن جو

[128]. لا= نه، نفي، نيستي، نابودي

[129]. ذائقو، سواد

[130]. جاڳڻ، بيداري، ڳائڻ جي مجلس، ميڙو

[131]. پارئان، پار [طرف، پاسي] کان، وٽان.

[132]. قطار، جماعت، مجلس* ڌوتل ڪپڙا جيئن کٽيءَ جي کوڙ (سؤنٽيءَ) جا ڌڪ سهندا آهن، تيئن مان به سناسين کي ساريو ڏکن جون ڏونگريون پيو کان.

[133]. وٽ، پيچ ۾

[134]. منهنجي تن (بدن يا دل) کي

[135]. سنکي، وڄائڻ جو ڪوڏ. ** گڏ گذاريوسون ٿي (مرشد يا رهبر ڏي اشارو آهي).

[136]. جهوري، سوز (الاهي عشق)

[137]. نشان، عادت، ڪم، پتو، ڏس.

[138]. سنڀاليندڙ، وارث، مٽ مائٽ

[139]. اکين ٻوٽيل يا بند ٿيل، ڄونچو، جيڪو اکين سان پوري طرح نه ڏسي سگهي، انڌو

[140]. بهار، خوش * مرشد ملڻ کان اڳ جو دل جون دريون بند هيون سي کلي پيون ۽ دڳ لڳڻ سبب ڏاڍو نهال ٿيس ۽ الاهي اسرار مونتي کلي پيا. ** هنن سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ يا ڏک ڏوراپي ڪڍڻ جو مون کي وجهه مليو

[141]. نصيحت، سبق (ٻين نسخن ۾ مِت= ماري ڏنل آهي).

[142]. گهڙي، داخل ٿي، اندر گم ٿي

[143]. مڙهيون، مڪان

[144]. لاڙو، عشق، محبت، ڪاڍو

[145]. ڀڳل ان يا چانور

[146]. کائين.

[147]. ڀٽ فقيرن، گداگرن، پينن

[148]. هلان، سفر ڪريان، گهمان، ڀٽڪان

[149]. افسوس کان، جوٽون پٽيان، ماتم ڪريان

[150]. ڀلايون، مهربانيون

[151]. ڏيا، رعب، جوهر، ڪلا، قدرت، نور، روشني، تجلي

[152]. بگرِين (فقيرن وارن بغل ٿيلهين) ۾

[153]. سر يا گاهه جنهن مان رسا ٺاهيندا آهن؛ پائمال

[154]. فنا جي وادي يا ماٿري

[155]. آباديءَ، حق، ابدي حياتيءَ * نيستي جون منزلون طي ڪري واصل باالله ٿيا.

[156]. رلي، کٿي، گودڙي، کدا، جمني

[157]. گودڙي، پراڻا ڪپڙا، گادي، گاديلو

[158]. ذري، ٽڪري.

[159]. ڪاه ڪن، رخ رکن

[160]. اناج، کاڌو

[161]. ماندائي، فڪر، انتظار، ڳڻتي، ڏک

[162]. ماپين، وهٽين؛ سبڻ لاءِ ڪپڙو ماپي ٺاهين

[163]. گودڙي، لانگوٽي

[164]. دونهين، ننڍي باهه

[165]. جبروت (سلوڪ جي ٽئين منزل) منزل کي پهتل

[166]. چوٽيءَ جا وار، سر، مٿو (مرتبو عزت)

[167]. مشرق، اڀرندي (خدا جي اڳيان، قيامت ڏينهن)

[168]. سويل ئي، اول ئي، پهريائين

[169]. چوائين، ڪوٺائين

[170]. اجايو.

[171]. عيد، خوشي، کائڻ پيئڻ جو ڏينهن * جيڪو ڏينهن تن پرورن يا جسم خوش رکڻ وارن لاءِ عيد جو ڏينهن آهي، سو آديسن لاءِ روزي رکڻ جو ڏينهن آهي.

[172]. اُنهيءَ

[173]. گذريل سال يا ورهيه

[174]. هينئر، هڪل

[175]. مرڻ. ** مرڻ کان اڳي مر ته مهند ۾ مرڪين (نفس کي نهوڙي، فنا جي منزل طي ڪر ته ابدي حياتي ۽ ايزدي مشاهدو ماڻين)

[176]. سفر تي اسهيا يا ويا

[177]. گنجو ٽڪر

[178]. ڳوٺ

[179]. راهه

[180]. پنڌان، پنڌ کان

[181]. پسيل، ڀنل *** جوڳي هميشه نيڻن مان ارتو اوتيو پنهنجي تن کي پيا پسائين.

[182]. ننڊ کان

[183]. آرام ڪري

[184]. گذارين، پوري ڪن

[185]. اتفاق سان.

[186]. لائق، مستحق

[187]. فنا، نيستي، نابودي، لاالله جي

[188]. تن يا جسم کي

[189]. جندان، جند يا جان سان

[190]. آتش مان * من ۾ الاهي عشق جي ڪا اهڙي دونهين دکاءِ جو اها بره جي باه تنهنجي دل کي ٺارڻ لاءِ پاڻيءَ جو ڪم ڏئي

[191]. خلاصي طرح ڏنل، سونپيل، حوالي ڪيل، قبوليل

[192]. رستي، راه (سلوڪ) جي گس تي

[193]. کولي

[194]. هل، سفر ڪر. ** هنن ظاهري اکين کان ڪم وٺڻ ڇڏي ڏي. *** پنهنجي دل سان صلاح مصلحت ڪر.

[195]. (ڏيئو) بتيءَ، مرشد، سونهي+ مري وڃي

[196]. آڌار، ڀروسو، ٽيڪ، اميد.

[197]. ڏيئي کان

[198]. رهبر کان سواءِ ملوڪ جي راهه ۾ هلڻ

[199]. هٿ کان يا مان * (1) تون حڪومت ڪرين خوش گذارين (2) تون راڄ جي ماڻهنِ (هڪجهڙن) سان همراه گذارين (خوش گذارين)

[200]. ويڪرائي، وڇوٽي؛ ويڇو ** خوديءَ وارن لاءِ اڌار ڪونهي.

[201]. جنهن کي الله آهي تنهن کي سڀ ڪجهه آهي (حديث)

[202]. گس رستو *** گهر گهر پنن ٿا.

[203]. جنهن خدا کي سڃاتو تنهن جي زبان گونگي ٿي

[204]. لاهوتان، لاهوت (سلوڪ جي چوٿين منزل) کان + دونهين دکائي آرام سان گهر بنائي ويهي نه رهه. ++ ويجهي منزل تي پهچڻ جي تمنا نه رک بلڪ آخرين منزل (لالن سان لئي ٿيڻ واري منزل) جي خواهش ڌار.

[205]. دور

[206]. ائين ڪرڻ کان پري نه ڀڄ. + جن جو نه مڪان آهي ۽ نڪو عزيز خويش، يعني جن دنيا کي ترڪ ڪيو آهي.

[207]. وڃ

[208]. گڏيو، ڳنڍيو.

[209]. وٽان

[210]. هر رنگ جا، هريءَ جي رنگ ۾ رتل

[211]. دغا، دولاب

[212]. خالي، سکڻي، ڪنگال، سڃي

[213]. جئان، جنهن کان، جتان

[214]. سنگ مان ٺهيل توتاڙيون

[215]. ڏاس جا رسا، نوڙيون، ڳانا

[216]. گودڙيون

[217]. ڌاڳا، جڻيا

[218]. جمني، ڪشتو

[219]. مڙهين مان

[220]. نڪتا، ويا، هليا

[221]. جمنيون، پياليون؛ فنجان

[222]. خرابي، سزا.

[223]. اي جند!، اي جان!، اي پيارا!

[224]. چيائون

[225]. ڦيري ڏئي، خيال ۽ خودي وڃائي، هٺ ۽ وڏائي ترڪ ڪري

[226]. سک، آرام، سينگار

[227]. جاءِ، منزل مقصود

[228]. ريشمي ڪپڙا

[229]. اِنهن

[230]. اهڃاڻن، نمونن، نشانن.

[231]. اي گودڙيءَ وارا فقير! مختلف گلن جا نمونا ڏسي ائين نه ڀانئج ته ڪي هي جدا جدا شيون آهن. هن ڪثرت ۾ وحدت آهي.

[232]. جمنيون، ٿانوَ

[233]. وڄائڻ جون سڱيون

[234]. ٽولين (گروهن، جماعتن) کان

[235]. بهتر ٿيا، افضل ٿيا

[236]. ٽامو، مٺ (خراب)

[237]. احساس، ڇهڻ جو حواس

[238]. وحدت يا خدا سان مليا

[239]. ڳجهارت، پرولي، ڳجهي ڳالهه

[240]. ڏک.

[241]. مشغول ٿين، رڌل رهن، ريجهنِ

[242]. وهنجن، غسل ڪن (عيش آرام ڪن)

[243]. مست، سمجهه کان ٻاهر

[244]. ڊڄي، ڪنبي

[245]. ويهڪ، وهڻ، آرام

[246]. بيهڻ، ترسڻ، روڪجڻ

[247]. ڪِستن

[248]. وٽان، کان

[249]. گودڙي، چتين لڳل چوغو، ڦاٽل ڪپڙو (فقيريءَ يا دنيا کي ترڪ ڪرڻ جي نشاني)

[250]. لاهجِ، ڦٽو ڪج

[251]. ظاهري ڪپڙا

[252]. مڙهين ۾

[253]. بوءِ جو جمع، خوشبوءِ

[254]. اڀرڻ، چڙهڻ

[255]. رستو، نشان

[256]. حد، نشان، رستو

[257]. دڙو، دڙهو، زمين تي پير هڻڻ * اتي آديسن جي نچڻ ٽپڻ جي جاءِ آهي.

[258]. خبر، پروڙ

[259]. نيستي، فنا، نابودي.

[260]. جيتوڻيڪ

[261]. هوشيار ڪتڻ واري (ڪئين منزلون طي ڪيل سالڪ)

[262]. هڪڙي تند واري؛ سنهو

[263]. ڦيرائين؛ وڪڙ ڏين * متان ڪپهه مان هڪڙي تند وارو سٽ ڪتين يا خراب ڪتين.

[264]. بيماري؛ عيب

[265]. سون رپو پرکيندڙ (خدا)

[266]. ذائقي؛ ڊول، نموني

[267]. ڪتڻ جي جاءِ

[268]. هيءَ حيلتي

[269]. وڻندڙ ** جن پاڻ کي سڃاتو

[270]. ڪپاه جي پوڻي يا مچو *** اٿي ائٽ هلاءِ + ورائي نه ڏينئي؛ تنهنجو پورهيو قبول نه پوي.

[271]. واسطي، لاءِ، ڪارڻ + تند ڦيرائي عمدو ڀرت ڀرج؛ سمر يا توشو تيار ڪر.

[272]. شادي مراديءَ

[273]. وڃين

[274]. تيار ٿيو * شاديءَ تي وڃڻ لاءِ سنڀري آهين (پر نئون وڳو ڪٿي اٿئي)

[275]. ويڙهي، ننڍو گڏو

[276]. غافل

[277]. وڃڻ ** اڄ به ڪنهن پاسي گهمڻ لاءِ تيار آهين (ڪم ڪونه ٿي ڪرين)

[278]. ڪالهه

[279]. مهربانيون، ڀلايون

[280]. ارٽ جون اُڀيون ڪاٺيون

[281]. نوڙ يا رسي جنهن تي ائٽ ڦرندو آهي. *** ائٽ بيڪار پيو آهي.