سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب: --

صفحو :7

داستان ٽيون

1

اُٿِيارِي[1] اُٿِي وِيا، مُنهجهان مُون آزارَ[2]،

حَبِيبَ ئِي هَڻي وِيا، پِيڙا[3] جِي پَچارَ،

طبيبن تَنوارَ[4]، هڏ[5] نه وڻي هاڻ مون

2

هڏ نه وڻي هاڻ مون، ويڄنِ جِي وِصالَ[6]،

هن منهنجي حال، حبيبُ ئي هادي ٿيو.

3

حبيب ئي هادي ٿيو، رهنُما راحتَ،

پيڙا نيائين پاڻُ سين، لائي ڏيئي لَتَ،

سُپيرِيان صِحَتَ، ڏِنِيَمِ مَنجهان ڏُکندي[7].

4

اَورِ[8] ڏُکَندو اُو ٿِئي، هادِي جنهن حَبِيبُ،

تِرُ تفاوت نه ڪري، تنهن کي ڪو طبيبُ،

رَهَنُما رَقيبُ[9]، ساٿَرِ[10] صِحَتَ سُپِرِين.

5

ساٿَرِ[11] صِحَتَ سُپِرِين، آهي نه آزارُ،

مَجلس ويرَ[12] مِٺو ٿئي، ڪوٺيندي قَهارُ،

خنجرُ تنهن[13] خوبُ هڻي، جنهن سين ٿئي يارُ،

صاحبُ رَبُ سَتّارُ، سوجهي[14] رَڳُون ساهَه جُون.

6

رڳون ٿِيُن رَبابُ، وڄن ويل سَڀَڪنهين،

لڇڻ ڪُڇَڻُ نه ٿيو، جانبُ ري[15] جَبابُ[16]،

سوئي سنڌيندُم[17] سُپري، ڪيس جنهن ڪبابُ

سوئي عينُ عذابُ، سوئي راحت روح جِي.

7

سوئي راهه رد ڪري، سوئي رهنماءُ،

وتعزّمن تشاءُ وتذل من تشاءُ [18].

8

پر ۾[19] پڇيائون، عشق جي اسباب[20] کي،

درون هن درد جو، ڏاڍو ڏسيائون،

آخرُ والعصر[21] جو، ايهين[22] اُتائون[23]،

تنهان پوءِ آئون، سڪان ٿي سلام کي.

9

سڪين ڪُوهُه[24] سلام کي، ڪرين ڪوهه نه سلام؟

ٻيا در تن حرام، ايءُ در جنين ديکيو[25].

10

مٺايان[26] مٺو گهڻو، ڪرو ناهه ڪلامُ،

سُڪُوتُ[27] ئي سلامُ، پريان سندي پار جو.

11

پريان سنجدي پار جي، مڙئي مجٺائي،

ڪانهي ڪڙائي، چکين جي چيت ڪري[28].

 

12

ڄاڻِي ٻجهي جن، جتوسين سور سڃ ڪي[29]،

تون ڪيئن[30] سنديون تن، پر[31] سين پچارون ڪريين.

13

تو جنين جي تات[32]، تن پُڻِ آهي تنهنجي،

فاذُکُرُوني اَذّکُرُکُم[33]، ايءَ پروڙج باتِ،

هٿ ڪاتي، ڳُڙُ واتِ، پُڇَڻُ پر پرين جي.

14

حبيبن هيڪار، منجهان مهر سڏُ ڪيو،

سو مون سڀ ڄمارَ، اورڻُ[34] اُهوئي ٿِيو.

15

پاٻوهي[35] هيڪارَ مُونهان[36] پڇيو سڄَڻين،

اَلَستُ بربّکُم[37]، چيائون جنهن وارَ،

سندي سور ڪنارَ، تن تڏانهڪون نه لَهي.

 

 

16

پاٻوهيو پڇن، ڪٿي هٿُ حبيب جو؟

نيزي هيٺان نينهن جي، پاسي پاڻُ نه ڪَنِ،

عاشقَ اَجَلَ سامُهان، اُونچي ڳاٽِ اَچَنِ،

ڪُسَڻُ قُربُ جَنّ، مرڻ تن مُشاهدو[38].

17

ڪوٺي ڪُهي سُپرين، ڪوٺي ڪُهڻَ ساڻُ،

نيزي هيٺان نينهن جي، پاسي ڪر مَ پاڻُ،

ڄُلُ[39]، وڃائي ڄاڻُ[40]، عاشقَ اجل سامهون.

18

ڪوٺڻُ قريبن جو، عينُ تڙَڻُ آهه،

ايءَ اُلٽي ڳالهڙي، سڪ ورندي[41] ساهِ[42]،

آسر[43] هڏ[44] مَ لاهه، ڇِنَڻُ ڳنڍڻُ اُنِ جو.

19

ڪهن تان ڪر[45] لهن، ڪر لهن تان ڪهن،

سيئي ماءِ مهنّ[46]، سيئي راحت روح جي.

20

ڪُهي سو ڪر لهي، ڪوٺي سو قريبُ.

اها عادت سکيو، هر زمانُ حبيبُ،

تڇي[47] سو طبيبُ، سوئي راحت روح جي.

21

ڪُهَنِ ۽ ڪوٺين، ايءَ پر سندي سڄڻين،

سوريءَ چاڙهيو سُپِرِين، ڏنڀ ڏيهاڻي ڏين،

ويٺا ورهُه[48] وٽين[49]، آءُ وڍوڙِئا[50] وهاءِ[51] تون.


 

وائي

ٿيندو تَنَ طَبيبُ[52]. دارُون منهنجي[53] دردَ جو،

ٻُڪِي[54] ڏيندُمِ ٻاجهه جي، اچي شال عجيبُ.

دارُون منهنجي دردَ جو.

پَرِينِ اَچِي ڪيو، سندو غورُ غريب،

دارُون منهنجي دردَ جو.

ڏکندو[55] سڀوِئي ڏُور ڪيو، منجُهون[56] تَنَ طَبيبُ،

دارُون منهنجي دردَ جو.

اَدِيون عبداللطيف چي، هاتِڪُ[57] آهِ حبيبُ،

دارُون منهنجي دردَ جو. 

سر يمن ڪلياڻ

 

لغتي معنيٰ:

يمن لفظ جي لغتي معنيٰ آهي، من کي روڪڻ. يمن ڪلياڻ، ڪلياڻ راڳڻيءَ جو هڪ قسم آهي، جو رات جي وقت ڳائبو آهي.

سر بابت:

هن سر ۾، عموماً ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ واريون پڙهڻيون قائم رکيون ويون آهن، پر جتي جتي ڊاڪٽر ٽرمپ واريون پڙهڻيون وڌيڪ موزون سمجهوين ويون آهن، اتي اهي اختيار ڪيون ويون آهن. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جيڪي بيت رد ڪيا آهن، تن مان، گهڻي تفحص بعد، جيڪي بيت شاهه جا سمجهيا ويا آهن، تن جو هن نسخي ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. اضافي ڪيل بيتن جا نمبر هيٺ ڏجن ٿا:

داستان 1 ۾ بيت نمبر 20

داستان 3 ۾ بيت نمبر 14، 15 ۽ 16

داستان 4 ۾ بيت نمبر 24، 25 ۽ 26

داستان 5 ۾ بيت نمبر 32، 37، 39 ۽ 40

داستان 7 ۾ بيت نمبر 1، 2 ۽ 7

داستان 8 ۾ بيت نمبر 10 ۽ 22

روحاني راز:

هي سر، مضمون توڻي عبارت جي لحاظ کان شاهه جو عمدو ڪلام آهي، جنهن ۾ حقيقي عشق ۽ تصوف جا ڪئين راز ۽ رمزون عمدي نموني ۾ بيان ڪيون ويون آهن. هن سر ۾ ڏنل سڀيئي تمثيلون، شاهه پنهنجي وقت جي مروج ڌنڌن ۽ انهن ۾ ڪم ايندڙ اوزارن سان ڏنيون آهن. لوهارن جي دڪان تي اڱرن جو کوري ۾ جلڻ، ڌَوڻين جو ڌَنوَجڻ ۽ سنڌاڻن جوسَنڪَن ڏسي، انهن مان عجيب نصيحتون ڪڍيون اٿس- ڪلالن جي بٺيءَ تي شراب چڪجڻ، موکي جو مٽ کولڻ ۽ پياڪن جي پيهه ڪرڻ مان پڻ سالڪن لاءِ سبق آموز نڪتا ڪڍيا اٿس. طبيبن جي بيچارگيءَ ۽ عشق جي مرضن جي دنياوي ويڄن کان علحدگيءَ مان ڪئين تصوف جا اسرار پلٽيا اٿس. حقيقي معشوق کي ڪڏهين جراح (وڍڪٽ جي ماهر طبيب) سان، ڪڏهين جلاد ڪاسائيءَ سان، ڪڏهين تيرانداز شڪاريءَ سان، ڪڏهين دائودي شهسوار سان، ڪڏهن لوهار سان ۽ ڪڏهين موکيءَ سان تشبيهه ڏئي، انهن جا مختلف اوصاف بين ڪيا اٿس.

سچي عاشق کي عزازيل سان، چور سان، پتنگ سان ۽ اڱرن سان مشابهت ڏئي، هن کي ڪئين مشورا ڏنا اٿس. مولانا روميءَ جي سڄي مثنويءَ جو تت هڪ بيت ۾ ڏيئي، ڄڻ ته درياهه کي ڪوزي ۾ بند ڪيو اٿس.

ظاهري علم مان ڀليءَ ڀت بهره ور هوندي به، ملن ۽ قاضين کي ڇڏي، اندر ۾ مفتي وهارڻ جي هدايت ڪئي اٿس. آخرين بيتن ۾ صبر ڪرڻ، بردبار ٿيڻ ۽ ٻين کي نه رنجائڻ جي نيڪ نصيحت ڏني اٿس. مطلب ته ساري سر ۾ شاهه گهرا گفتا 7 عميق نڪتا ڏنا اهن، جي سالڪن لاءِ مشعل راهه ٿيندا.

هن سر ۾ برهه جي بيمار جو علاج ۽ محبت جي مريضن جا ڪيترائي جذبات جظاهر ٿيل آهن. دئي دور ڪرڻ، حقيقي عشق جو شراب پيئڻ، چپن کي چُني لائڻ ۽ اندر ۾ پاڻ کي اَڱرن وانگر پچائڻ، عشق جي مذهب جا ضروري ۽ لازمي شرط ڄاڻائي، شاهه سچن صوفين جون اعليٰ صفتون ۽ انسانيت جي ممتاز درجي تي پهچڻ جون رمزون ٻڌايون آهن. مطلب ته شاهه، هن سر ۾، ڪوڙن مدعين ۽ خالي سڌڙين جون ڪليون کولي ڇڏيون آهن.

سر يمن ڪلياڻ

 

داستان پهريون

1

توُن حبيبُ، تون طبيبُ، تون دردَ جي دوا،

جانِبَ منهنجي جيءَ ۾، آزار[58] جا انواع[59]،

خاحب! ڏي شفا، ميان! مريضن کي.

2

تون حبيب، تون طبيبُ، تون دردَ جو دارُون،

دَوا آهِنِ دل کي، تونهنجيون تنوارُون[60]،

ڪرِيان ٿي ڪارُون[61]، جيئن ٻُڪِي[62] ٻِئَنِئُون[63] نه ٿئي.

3

تون حبيبُ، تون طبيبُ، تونهين[64] ڊَٺَنِ[65] ڊَڀُّ[66]،

تون ڏيين، تون لاهين، تونهين هادي رب،

آهِم اِيُ عَجَبُ، جيئن، واريو ويڄَ هاريين.

4

تون حبيبُ، تون طبيبُ، تون دارُون کي دردَن،

تون ڏيين، تون لاهيين ڌاتَرَ کي ڏُکندنِ،

ٿڏهين ڦڪيُون فَرَقُ ڪَنِ، جَڏِهن اَمُر ڪَرِهو[67] اُنِ کي.

 

5

جان ڪي[68] ڪري طبيب، دارُون هِنَ دردَ جا،

هڻِيو سي حبيبُ، اُکوڙيو اَڌَ ڪَري.

6

هڻُ حبيبَ هٿُ کڻي، ٿيڪ[69] مَ ٿورو لاءِ[70]،

پريم تنهنجي گهاءِ[71]، مران ته مانُ لهان.

7

هَڻُ حبيبَ هٿُ کڻي، دل ۾ ڌيري[72] دانہ،

ڪُڇان تان ڪوڪ ٿئي، صبُر آئُون نه سهان،

ڪنهن کي ايئن چُوئان[73]، ته مون کي ماريو سڄڻين.

8

هَڻُ حبيب هٿُ کڻي، ٻنگان[74] لهي ٻاڻُ[75]،

ماڳهين مون منهه[76] ٿئي، جهوليءَ وجهان پاڻُ،

اِنَ پَرِ ساڄَنَ ساڻُ، مانَ مقابلو[77] مون ٿئي.

9

جِتِ حَبيبَ هَڻَنِ، نائُڪَ[78]، ڀَري نينهَن جِي،

تِتي طَبِيبَنِ، وِڄا[79] وڃي وِسَرِي.

10

هَڻين جي حبيبَ! محبتي ميا[80] ڪري،

پُڇان ڪين طبيبَ، هُوندا[81] گهائَنِ سين ٿِي گهارِيان.

11

چوري چنگ[82]، ٻنگُ[83] لهي، حبيبن هنيوس،

ٻُجهان[84] ٻاڻُ لڳوسِ، ڪانارِئو[85] ڪَرَ[86] کڻي.

12

ڪانارِئا ڪُڻِڪَنِ، جَنِين لوهُه[87] لڱنِ ۾،

محبت جي ميدان ۾، پيا لال لُڇن،

پاڻهي ٻَڌَنِ پَٽِيُون، پاڻهي چڪئا[88] ڪَنِ

وَٽان واڍوڙِينِ[89]، رهي اچجي راتَڙي.

13

رهِي اَچجي راتَڙي، تن واڍوڙين وَٽاءَ،

جَنِ کي سُورُ سَرِيرَ ۾، گهٽَ منجهاران[90] گهاءَ،

لڪائي لوڪاءَ، پاڻهي ٻَڌَنِ پٽيُون.

14

اَڄ پُڻ ڪنجهو ڪجهه، وڍوڙَڪي[91] منهين،

جي پُڻ[92] پيين سنجهه[93]، هُوءِ پنيُو، هوءَ پٽيُون[94].

15

اَڄُ پُڻ ڪهڙي دانهن، واڍوڙڪي منهين؟

ويڄ ورائي ٻانهن، چوري، چاڪَ نهاريا.

 

16

ويچارا واڍوڙ، سدا شاڪر[95] سور سين

تانين مٿي توڙ[96]، اوري ڪن نه آسرو.

17

سدا آهي سور جي، واڍوڙين وائي،

جيڪا اَٿن من ۾، سلن نه سائي،

اوڙڪ[97] اُهائي، ڳوليو لهن ڳالهڙي.

18

سڱهنِ[98] سُڌِ نه سُورَ جِي، گهايل ڪيئن گهارين؟

پيلُ پاسو پَٽَ تان، واڍوڙَ نه وارين،

پر ۾ پچن پرينءَ لئي، هُئي! هنجهون[99] هارين،

سڄڻ جي سارين، تن رويو وِهامي[100] راتَڙي.

19

سگهن سُڌِ نه سور جي، ٿا رُنڪنِ[101] رنجوري[102]،

پيا آهن پٽ ۾ مٿن ماموري[103]،

لڳين لَنؤُ، لطيفُ چي، سدا جي سُوري[104]،

پرتِ جَنِ پورِي، تَنِ رويو وِهامي راتَڙِي.

20

سدا آهي سُورَ جِي، رَنجُورَنِ[105] رُڻڪَ[106]،

ڪنهن جنهن ڏُک ڏَسائيا[107]، لٿين ڪين چُڻڪَ[108]،

اِنَ ڀلاريءَ ڀُڻڪَ[109]، هيڪر حضوري ڪيا،

21

آيل اُن نه وسهان، منهجون جي هارين،

آڻيو آبُ اکين ۾، ڏيهه[110] کي ڏيکارين،

سڄڻ جي سارين، سي نه ڪي رون، نه چون ڪي.

 

وائي

ورسئا[111] ويڄ ويچارا! دل ۾ درد پرين جو.

اُٿيو ويڄا! مَ وِهو، وڃو ڊڀ کڻي،

دل ۾ دردُ پرين جو.

ٻُڪِي ڏيندا ٻاجَهه جي، آيا سُورَ- ڌڻي،

آيا جي جيارا

دل ۾ دردُ پرين جو.

داستان ٻيو

 

1

تن طبيب[112] نه تون، سُڌِ نه لَهين سُورَ جِي،

سانڍ پنهنجا ڊڀڙا[113]، کڏ کڻي ۾ ڀون[114]،

ڪانه گهرجي مون، حياتي هوتن ري[115].

2

ويڄن سين وائيءَ پيا[116]، ڪري[117] نه ڪئائون،

جي پند[118] پاريائون، ته سگهائي سگها ٿيا.

3

ويڄنِ سين وائيءَ پيا، ڪري ڪنِ نه پاڻِ،

اگها اِنَ اُهڃاڻِ، پَسو! سُورَ سِجهائيا[119].

4

آهي گهڻو اڱهنِ جو، تَرَسُ طبيبن،

ڪيو وَسُ ويڄن، تان ڪريءَ ري ڪين ٿئي.

5

ترسُ طبيبن جو، جڏن ڪيو نه جات[120]،

جو ويڄن جي واتِ، دارُونئا[121] تنهن دُورِ ٿيا[122].

6

اگهائي سگها ٿيا، جي ويٺا وٽ ويڄن،

ترسي طبيبن چيٺي[123] هوند چڱا ڪيا.

7

پاڙي ويڄ هُئامِ، تان مون مورُ نه پڇيا،

تيلاهين پيام، موريسر[124] اکين ۾.

8

هارئا[125] تو هري ڪپڇُ[126] ڪايا[127] سين ڪيو،

ڪريين جي ڪري، ته تون توانو ٿيين.

9

جي ڀائيين پرين مڙان[128]، سک ڇوران ڪي ڌات[129]،

جاڳڻ جشن[130] جن کي، سک نه ساري رات،

اجهي ٻجهي[131] آئيا، وائي ڪن نه وات،

سلي[132] سوريءَ چاڙهيا، بيان ڪن نه بات،

توڻي ڪسن ڪات، ساڳي سلن[133] ڪين ڪي.

10

تڙي[134] طبيبن گهايل گهران ڪڍيو،

چڪيا[135] چاڪ چهون[136] ڪري، ڪڙُيون مورُ نه ڪن[137]،

دوس[138] جي درسن سين، پئي ٺارُ[139] ٺپن[140]،

وِرِچيو ويڄ وڃن، آءُ ته پريم اُبهان[141].

11

ويڄنِ ويٺي ئي، دوسُ پيهي در آئيو،

صحت جي سرير ۾، ڪل[142] ڪرين[143] پيئي،

پيڙَ پري ويئي، اچڻ ساڻ عجيب جي.

 

12

وڍي جن وڍياس، وري ويڄ ئي سي ٿيا،

ترتُ ٻڌائون پٽيُون، روز ڪيائون راسِ[144]،

هينئڙا! تنين پاسِ، گهارِ ته گهايلُ نه ٿيين.

13

هاريا[145] ويڄ، مياس! سڌ نه لهن سور جي،

پريان کي چوندياس[146]، ته ترس طبيبن ڇڏيو.

14

ويڄ! مَ ٻُڪي ڏي، الا! چڱي مَ ٿيان،

سڄڻُ مان اچي، ڪرلاهُو[147] ٿي ڪڏهين.

15

ويهڻُ ويڄنِ وٽ، جي سکين ته سگهو[148] ٿيين،

اڳين عادت مٽ، ته اگها! عاجزُ نه ٿيين.

16

هئين ته ويڄنِ وٽِ، تون ڪيئن جيءَ جڏو[149] ٿيين،

سرُ ڏيئي ۾ سٽِ، ڪُهه نه ڪيئي ڊڀڙا؟[150]

17

ڪُٺيس ڪويڄنِ[151]، تن طبيبَ نه گڏيا،

ڏيئي ڏنڀ ڏڏنِ[152]، ڏيلُ ڏُکوئيو.

18

دارُون ۽ ڪارُون[153]، جان ڪي ڪيا ويڄ مون!

ٻُڪي ڏيندا ٻاجهه جي، نهاري ناڙُون[154]،

جن جُون سيڻَ لَهنِ سارُون[155]، تن تان ڏکندو ڏور ٿئي.

19

اگَهنِ مِڙِي اَڄُ، ڪيو سَڏُ صِحَتَ کي،

ڏُورِ ڏُکندا ڀَڄُ، مهريءَ[156] مُنهن ڏيکاريو.

 

وائي

اچي سار لهيج، ساڄن سور تُماري[157] آئون ماري!

سُور تُماري جي مران، تان مُون ڏوهُه نه ڏيج،

ساڄن سور تُماري ائون ماري!

ڊَڀَنِ ڀَري هٿڙا[158]، دارُون دوستَ ڪَريج،

ساڄن سور تُماري آئون ماري!


[1]. جاڳائي

[2]. اندر ۾ محبت جو مچ مچائي پوءِ پاڻ ڪڍي ويا.

[3]. درد، بيماري

[4]. درد، بيماري

[5]. اصل، بنهه

[6]. طبيبن جو اچڻ

[7]. بيماري، در

[8]. وڌيڪ، عجيب، علحدو

[9]. نگهبان، خدا جو نالو

[10]. دوا جو نالو

[11]. مفيد دوا

[12]. مهل

[13]. تنهن کي

[14]. صاف ڪري، چڪاسي

[15]. کان سواءِ

[16]. جواب، جواب کان سواءِ، خاموش

[17]. شفا ڏيندم

[18]. جنهن کي وڻيئي تنهن کي عزت وارو ڪرين ۽ جنهن کي وڻيئي تنهن کي ذليل ڪرين (ق-ش-3، 25).

[19]. مخفي طور

[20]. ڪارڻ

[21]. سوره والعصر جو پويون لفظ يعني صبر

[22]. ائين ئي

[23]. چيائون

[24]. ڇو

[25]. ڏٺو

[26]. مٺائيءَ کان

[27]. خاموشي، ماٺ.

[28]. دل لائي، خبرداري سان

[29]. توکي سور ڏنائون

[30]. ڪيئن

[31]. ڌارين

[32]. پچار، يادگيري

[33]. ياد ڪريو مون کي، ته آءٌ به اوهان کي ياد ڪريان (ق-ش 2، 102)

[34]. ياد ڪرڻ

[35]. مرڪي

[36]. مون کان

[37]. ڇا، نه آهيان مان اوهان جو رب؟ (ق-ش 7، 172)

 

[39]. هل، وڌ

[40]. خودي يا هستي سمجهڻ

[41]. جواب

[42]. سا، اهائي

[43]. آسرو، اُميد

[44]. ڪڏهن

[45]. خبرچار

[46]. زخمي ڪن، نيزو هڻن

[47]. ڪپي ۽ ڪوري، وڍي.

[48]. وڇوڙو، عشق جو عذاب

[49]. وراهين

[50]. اي ڦٽيل

[51]. خريد ڪر

[52]. دل گهريو حڪيم ٿيندو

[53]. منهنجي

[54]. دوا

[55]. بيماري، درد

[56]. اندر مان

[57]. هوشيار، قابل.

[58]. آزار، درد

[59]. انواع، ڪئين نمونا (قسم)

[60]. سٺيون ڳالهيون، ذڪر

[61]. پڪارون، ڪوششون

[62]. دوا

[63]. ٻين کان

[64]. تون ئي

[65]. بيمارن جو (ڊٺلن، اگهن)

[66]. دوا

[67]. ڪريو.

[68]. جڪي به

[69]. پوئتي هٽاءِ. قياس ڪر (بس ڪر. بند ڪر. هٽاءِ. م.)

[70]. مهرباني ڪر

[71]. زخم جي ڪري

[72]. اونهي، جهڪي، ڳجهي، ويچاري

[73]. چوان

[74]. ٻنگ يا ڪمان جي ور مان

[75]. تير

[76]. بهانو (سبب)

[77]. ملاقات، گڏجاڻي

[78]. ناوَڪَ، تير جي نوڪ (چهنب، چوٽ. م.)

[79]. قابليت (علم، هنر.م.) منجهيو پون

[80]. مهرباني (رحم. ٻاجهه. م)

[81]. جيڪر.

[82]. ڪمان کي ڪشي

[83]. وَنگ، تير جو گوشو يا ڇيڙو (جيڪو ڪمان جي زهه تي چاڙهجي)

[84]. آءٌ ڀانيان ٿو (سمجهان ٿو)

[85]. تير يا ڪان لڳل ماڻهو

[86]. هٿ (مٿي اُپڙي، (ڪُر کڻي: ڪنڌ کڻي، ُپڙي) مٿي اُڇلي

[87]. تير

[88]. علاج

[89]. ڦٽيلن

[90]. دل ۾

[91]. وڍيلن جي

[92]. جيتوڻيڪ

[93]. سانجهي

[94]. اڃا پيا مرهم پٽي ڪن.

[95]. راضي

[96]. آخري منزل

[97]. آخر، نيٺ (گهڻو)

[98]. تندرست ماڻهن

[99]. ڳوڙها

[100]. گذري

[101]. ڪنجهن، ڪڻڪن

[102]. رنجور (ف)، بيمارَ

[103]. امر ڪيل بيماري

[104]. دائمي درد، عشق هميشه جو آزار آهي

[105]. بيمارن، عاشقن

[106]. ڪنجهڪار

[107]. ڏنگيا

[108]. سور، درد.

[109]. تنوار، وائي، خبر.

[110]. ڏيهه جي ماڻهن

[111]. گمراه ٿيا، عاجز ٿيا،

[112]. حڪيم،

[113]. دوائون

[114]. زمين

[115]. کان سواءِ

[116]. تڪرار ڪيائون

[117]. پرهيز

[118]. صلاح، نصيحت.

[119]. ڳاريا، جهوريا

[120]. ذات، پٽيءَ، هرگز

[121]. دوا درمل کان

[122]. پاسو ڪيائون

[123]. ڪوشش ڪري، حيلو ڪري

[124]. ڇاليون، ڦلا

[125]. نادان، هار کاڌل

[126]. ڪري ڀڃي، نقصان

[127]. بدن.

[128]. مِلان

[129]. روش، ڍنگ

[130]. مزو، خوشي

[131]. ٿڪي ٽٽي، رُلي ڀَٽڪي

[132]. سوراخِ ڪري، عذاب ڏئي

[133]. سَلِينِ، مَڃينِ، ٻڌائين

[134]. گهر مان

[135]. ڪڙهيا

[136]. چيهيون، چيرَ

[137]. ڦٽ اصل نٿا ڇٽن

[138]. دوست

[139]. آرام اچي

[140]. وڍن، ڦٽن

[141]. اُٿي بيهان، چاق ٿيان

[142]. سڌ

[143]. لڱن ۾

[144]. نؤبنو.

[145]. هارايل، ناڪام

[146]. چونديس

[147]. خبر لهڻ وارو، شفا ڏيڻ وارو

[148]. چڱو ڀلو

[149]. اگهو

[150]. سر عيوض ۾ ڏئي، سر جو سودو ڪري ڇونه علاج ڪيئي؟

[151]. ڄٽ طبيبن

[152]. اڻ ڄاڻن، موڳن

[153]. دانهون

[154]. نبضون

[155]. سار جو جمع، پَرگهور.

[156]. مهربان، مهر ڪندڙ

[157]. تمهاري، توهان جي، تنهنجي

[158]. دوائون هٿن ۾ کڻي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com