سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب: --

صفحو :11

وائي-1

آهِينِمِ ڳالَهڙِيُون، ماءِ! مُرادُون پرينءَ سين.

جي مان پييُون پرينءَ ري، کوءِ! سي راتَڙِيُون،

ماءِ! مُرادُون پرينءَ سين.

جي مان اورِيُون پرينءَ سين، وَرَ[1] سي راتِڙِيُون،

ماءِ! مُرادُون پرينءَ سين.

پَسَڻَ ڪارَڻِ پرينءَ جي، پاتِيُمِ جهاتَڙِيُون[2]،

ماءِ! مُرادُون پرينءَ سين.

آڌِيءَ، عَبدُاللّطيفُ چي، ڪُهَنِ ڪاتَڙِيُون[3]،

ماءِ! مُرادُون پرينءَ سين.

وائي-2

سَڌين[4] سيڻَ نه هُونِ، نِينهُن نِياپي نه ٿِئي،

ڪارِيءَ راتِ رَتَ ڦُڙا، جان جان نيڻ نه رُونِ،

نِينهُن نِياپي نه ٿِئي.

موٽَڻُ جَنِين مِيهَڻُو، پِڙَ[5] تي سيِئي پُونِ،

نِينهُن نِياپي نه ٿِئي.

جَنِ مُسافِرَ سُپِرِين، سي مَرُ[6] رويو رُونِ،

نِينهُن نِياپي نه ٿِئي.

 

وائي-3

توڻي تَڙِيين[7] تون، يا اَلا! تو دَرُ توءِ[8] نه ڇَڏِيان!

مون کي سو مُشاهِدو، جي مُنهن نه ڏِئين مون*،

يا اَلا! تو دَرُ توءِ نه ڇَڏِيان!

مون ٻِيا دَرَ گَهڻا نِهاريا، آهِيين تُونِهين تون،

يا اَلا! تو دَرُ توءِ نه ڇَڏِيان!

 

سر سريراڳ

سر بابت

سريراڳ، ڇهن مول راڳن مان هڪ آهي. ٻيو ڪوبه مول راڳ رسالي ۾ ڪونهي. هن سر کي سراڳ پڻ چوندا آهن. سه جي معنيٰ سٺو. هي راڳ شام جو 4 بجي کان 8 بجي تائين ڳائبو آهي.

هن سر ۾، اڪثر ڪري ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ واريون پڙهڻيون اختيار ڪيون ويون آهن. جتي ڊاڪٽر ٽرمپ واريون پڙهڻيون موزون ۽ معنيٰ دار سمجهيون ويون آهن، اتي اتي، اُهي اختيار ڪيون ويون آهن. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جيڪي بيت رد ڪيا آهن، تن مان هيٺيان بيت شاهه جا سمجهي کنيا ويا آهن:

داستان- 4 ۾ بيت نمبر 8، 2،1،23 ۽ داستان-6 ۾ بيت نمبر 2.

مضمون:

هن سر جو مضمون آهي، سمنڊ جي مسافري ۽ ان جا خطرا. شاهه جيڪي ٽي سال ڳوٺ ڇڏي گم ٿي ويو هو، تن ۾ جوڳين جي جاٽ سان هنگلاج جي تيرٿ ڪري، گرنار ڏي ويندي، ڪراچيءَ جي لاڙ واري حصي جو سير ڪيو هئائين. ڪراچيءَ جو لاڙ وارو ڀاڱو، واپار سبب هاڪارو هو، تنهنڪري اتي جي وڻجارن جو حقيقتون ٻڌائي ٿو ته هو ڪهڙا ڏيساور ڏوريندا هئا ۽ هڪهڙو ڪهڙو واپار ڪندا هئا. هولونگن ۾ ايلاچن (ڦوٽن) جو واپار ڪندا هئا، عميق مان سپون سوجهي ڪڍندا هئا؛ واپار سانگي بنگال ڏانهن ويندا هئا؛ وغيره وغيره.

روحاني راز:

شاه، هن سر ۾، نه رڳو چشم ديد واقعات، تاريخي احوال، وڻجارن جي جذباتن ۽ امنگن جا بيان ڏنا آهن، پر هڪ وڏي تمثيل به رٿي آهي: ناکئن کي سفر تي اُسهڻ کان اڳي، ٻيڙيون ڌوئي صاف ڪندي ڏسي، انساني جسم کي ٻيڙيءَ سان مثابهت ڏيئي، نصيحت ٿو ڪري ته جيڪو سالڪ روحاني سفر لاءِ سنبري، تنهن کي گهرجي ته ٻيڙي ڌوئي، سڙهه ساڄا ڪري، لاجو نوان ٻڌي ۽ سفر جو سامان سنڀائي، پوءِ روانو ٿئي. مولانا رومي پڻ اها ساڳي نصيحت ڪئي آهي، چي- ڪثرت (موجودات) مان وحدت (حقاڻي ذات) جو عڪس دل جي آئيني دل جي آئيني تي حاصل نٿو ڪرين، تنهن جو ڪارڻ هي آهي، جو مٿس لٽ چڙهي ويئي آهي، وڃي اها لٽ لاهه، ته حقاني سج جو پرتوو توتي پوي.

رڳو سينو صاف ڪرڻ، ڪافي ڪين آهي. جيسين ڪنهن ڪامل ڪشتيبان (مرشد) جي دامن نه وٺبي، تيسين دنيا، جنهن کي سٽاڻي سمنڊ سان تشبيه ٿو ڏئي، انهيءَ جي ٺهرن ۽ لوڏن مان لنگهي پار پئي ڪونه سگهبو. ناکئا جيئن وچ سير ۾، معلوم هوندي نه، ڪنبندا ۽ خبردار رهندا آهن، تيئن سالڪ کي به ڪنبي وڌڻ گهرجي ۽ هرگز غافل نه رهڻ گهرجي. سالڪ کي، غواصن وانگر، پنهنجي دل جي درياهه ۾ ٽٻيون هڻي، من جي مهراڻ مان بي بها لعل لوچي آڻڻ گهرجن، جيئن سندن ٻئي جهان موچارا ٿين. مطلب ته، هيءُ بي بقا سنسار هڪ سمنڊ آهي، جنهن تي سفر ڪندي، خوفن ۽ خطرن جو مقابلو ڪرڻو پوندو ۽ شيطان جي ڪَنُ ۾ ڪرڻ جو انديشو پڻ آهي، تنهن ڪري رهبر ۽ رسد جو نهايت ضرور آهي.

ڪامل مرشد وٺڻ لا مولانا رومي پڻ فرمايو آهي:

رو بجو يار- خدائي را تو زورد

چون چنا کردي، خدا يار- تو بود.

مولانا روم جي مثنويءَ ۾، جيڪو مرشد لا تاڪيد ٿيل آهي، رسالي ۾ تنهن جو پڙاڏو آهي. مشنوي، توڻي شاهه جي رسالي ۾، دولابي فقيرن ۽ مڪار پيرن، بدعتي صوفين کي رهنما بنائڻ جي مراد اصل ڪين آهي. مرشد مان مراد آهي آن حضرت محمد ﷺ جن، جنهن لاءِ روميءَ فرمايو آهي:

چه غم ديوار امت را که باشد چون تو پشتي بان؟

 

سُر سِرِيراگ

دستان پهريون

1

مانَ پُڇَنِئِي سُپِرِين، چِتان [9] لاهِه مَ چُرَ [10] ،

اَنِين [11] جا اَمُرَ، کَڻُ [12] ته خالِي نه ٿِييِن.

2

مانَ پُڇَنِئِي سُپِرِين، چِتان چُرَ مَ لاهِه،

پِرِيُنِ اَڳِيان پاءِ، پَلؤ مَڱڻَهارَ جيئن [13] .

3

مانَ پُڇَنِئِي سُپِرِين، چِتَ ۾ رَکِجِ چيتُ [14] ،

سِڙُهه ڌُئاري صافُ ڪَرِ، صابُڻَ سان سُپيتُ [15] ،

سامُونڊِي سُچيتُ [16]، ٿيءُ ته پَهُچين پارَ [17] کي.

4

مان پُڇَنِئِي سُپِرِين، چِتَ ۾ چيتاريجِ [18]،

ڪَڍِجِ ڪائِي ڪَچَ [19] کي، ڪُوڙُ مَ ڪَمائيجِ،

وَڻِج وِهائِيجِ [20] سَڀُ سوداگَرَ سَچَ جو.

5

مانَ پُڇَنِئِي سُپِرِين، چِتان لاهِه مَ چورُ [21] ،

ڪَڍِي ڇَڏِ تُون قلبَ مان، ماري ڪُوڙو ڪورُ [22]،

هُنَ ڀَرِ [23] سَندو هورُ [24]، مَٿان تو مَعافُ ٿِئي.

6

مانَ پُڇَنِئِي سُپِرِين، چِتاريجِ چِتُ،

دائِما دُوربِيءَ [25] ۾، پَسين وِلاتُنِ وِتُ [26] ،

نيـٖـهَه [27] بيکاري [28] نِتُ، ملاحَ! گَڏِ مُعلِمَ [29] سين [30].

7

ڪائو ڪَمايومِ، مُوتِي مون نَه وَڻِجيا،

سِيهي [31] جو سَيّدُ چي، وَکَرُ وِهايومِ [32] .

هِهَڙو حالُ سَندومِ، توهَه [33] تُنهِنجيَ اُبَهان [34] .

8

ڪَچُ ڪَمايُمِ ڪُوڙُ، ڀَڳَمِ عَهدَ [35] اَللهَ جا،

پِڃِرو [36] جو پاپَنِ جو، چوٽِيءَ تائين چُورُ [37] ،

معلومُ اَٿيـٖـئِي مُورُ [38] ، ڳُوڙها [39]، اِنِهينءَ [40] ڳالهه جو.

9

ڪُوڙُ ڪَماءِ مَ ڪَچُ، اُٿِي اورِ اَللهَ سين،

ڪَڍُ تون دَغا دِل مان، صاحِبَ وَڻي سَچُ،

مَحبتَ سَندو مَنَ ۾، ماڻِڪَ [41] ! ٻارجِ مَچُ،

اِنَ پَرِ اُٿِي اَچُ، ته سَودو ٿِييـٖـئي سَڦَرو [42] .

10

سَودو اِهوئِي سَڦَرو، سو مُون پَلَءِ [43] پاءِ،

وَسُ ويچاري ناهِه ڪو، تون آگا [44] ! عَرضُ اُناءِ، [45]

رِيءَ همراهِي [46] هادِيءَ جي، مُورِ نه مڙي ماءِ [47] ،

لُطفَ ساڻ لَنگهاءِ، لاهرو [48] لهِرِنِ وِچَ مان.

11

لُڙَ [49] لهرِيُون، لَسَ [50]، ليٽَ [51]، جِتي اَتُ [52] نه آبَ جو،

اَللهَ! اُتِ مَ اولِييـٖـن [53] ، ٻيڙا مَٿي ٻيٽَ،

جوکوِ ٿئـٖـي مَ جَهازَ کي، ڦَرَ هي اَچي مَ ڦيٽَ [54]،

لَڳي ڪا مَ لپيٽَ [55] ، هِنَ غارِيبي [56] غُرابَ [57] کي.

 

12

سِڙَهَه سَوان، [58] لاڄُو [59] نَوان، اولا [60] سَندَنِ عاجَ، [61]

ساٿِي سَفَرِ هَلِيا، ڀَري جُنگَ [62]ي رهنما بنائڻ جي مراد اصل ڪين آهي. جي ڪَنُ ۾ ڪرڻ جو انديشو پڻ آهي، تنهن ڪري رهبر ۽ رسد جو نهايت ضرور آ    ا  ، .. ........................... تُن ت  ، لاڄ جَهاجَ [63] ،

حاصلُ ڪَرِييـٖـن حاجَ [64] ، واحِدَ! وَڻِجارَنِ جِي.

13

سِڙَهَه سَنوان، لاڄُو نَوان، مُهاڻا سَندَنِ مِيرَ،

ساٿِي سَفَرِ هليا، ٿيا سَڻاوا سِيرَ [65] ،

جي اَچَنِ ساڻُ اُڪيرَ [66] ، سي ٻيڙا رَکين ٻاجَهه سين.

 

وائي - 1

سَهسين [67] شُڪِرانا، ڪوڙِييـٖـن [68] ڀالَ ڪَرِيمَ جا.

حمدُ چَئجِ حَڪِيمَ کي، جورِ [69] هَڻِي جان،

ڪوڙِييـٖـن ڀالَ ڪَرِيمَ جا.

تو ڏيکاري تو ڌَڻِي، باطِنَ جا بانا [70] ،

ڪوڙِييـٖـن ڀالَ ڪَرِيمَ جا.معلو    ،

مَتان، مَردَ وِسارِييـٖـن، صاحِبَ جِي ثَنا [71] ،

ڪوڙِييـٖـن ڀالَ ڪَرِيمَ جا.معلو    ،

دوستُ رَکِي دِل ۾، پَڙهُه لالَنُ لِسانا [72] [73] ،

ڪوڙِييـٖـن ڀالَ ڪَرِيمَ جا.معلو    ،

جَفا ڏيئِي جِيءَ کي، ٿِيءُ فِڪرَ مَنجِهه فَنا،

ڪوڙِييـٖـن ڀالَ ڪَرِيمَ جا.معلو    ،

تُسِي [74] تو سين توهُه [75] ڪَري، مَنَ آگو [76] اِحسانا [77]،

ڪوڙِييـٖـن ڀالَ ڪَرِيمَ جا.معلو    ،

ڪَڍُ تُون دَغا دِل مان، ٻانهپَ سين، ٻانها!

ڪوڙِييـٖـن ڀالَ ڪَرِيمَ جا.معلو    ،

صاحِبَ وَڻي سَچَ سين، ٿِيُ دانَهُه، [78] ديوانا!

ڪوڙِييـٖـن ڀالَ ڪَرِيمَ جا.معلو    ،

جي تَسليمَ سين تحِقيقُ هُئا [79] ، سي ڪيئن اَمانا [80] ؟

ڪوڙِييـٖـن ڀالَ ڪَرِيمَ جا.معلو    ،

جا ڳِيا جي جَبارَ [81] لئي [82]، سيـٖـئِي سَمانا [83] ،

ڪوڙِييـٖـن ڀالَ ڪَرِيمَ جا.معلو    ،

فَاذ کُرُونِيُ اَذُکُر کُمُ [84]، ڪَهِيو [85] قُرآنا،

ڪوڙِييـٖـن ڀالَ ڪَرِيمَ جا.معلو    ،

وَاشکُرُوا لِي وَلاَ تَکُفُروۡن [86]، ڪَڍُ تون ڪُفرانا [87] ،

ڪوڙِييـٖـن ڀالَ ڪَرِيمَ جا.معلو    ،

سَڀِ سَنوارِيا [88] سُپِرِينءَ، ڪُوَلَ [89] تو ڪَنا [90] ،

ڪوڙِييـٖـن ڀالَ ڪَرِيمَ جا.معلو    ،

چَڱِي چَئِجِ چاهَ سين، مَدحَ اِيءَ مَنا [91] ،

ڪوڙِييـٖـن ڀالَ ڪَرِيمَ جا.معلو    ،

تائِيبَ ٿِيو تَڪِڙا، جوشا [92] ، جُوانا،

ڪوڙِييـٖـن ڀالَ ڪَرِيمَ جا.معلو    ،

ته لَهين تُون لَطِيفُ [93] کان، اَمُنُ اِيمانا [94] ،

ڪوڙِييـٖـن ڀالَ ڪَرِيمَ جا.معلو    ،

وائي - 2

مون ۾ تُون موجُود، آئون اَڳاهِين [95] آهِيان [96] ،

آئُون اَسُونِهين [97] آهِيان.

اَکِيُون اَکَڙِيُنِ کي، سِڪيو ڪَنِ سُجُودُ [98] ،

آئُون اَڳاهِين آهِيان.

آئُون اَسُوِنهِين آهِيان.

تيلانهن [99] رَسِيُون بُودَ [100] کي، جيلانهن [101] ٿِيُون نابوُدُ [102]،

آئُون اَڳاهِين آهِيان.

آئُون اَسوِنهين آهِيان.

ماڻُهن جي موٽَڻَ [103] جو، صاحِبَ هَٿِ سُجُود [104] ،

آئُون اَڳاهِين آهِيان.

آئُون اَسوِنهين آهِيان.

اِنَ دَرِ سيئي اِگِهيا [105]، جَنِ وِڃايو وُجُودُ،

آئُون اَڳاهِين آهِيان.

آئُون اَسوِنهين آهِيان.

 

داستان ٻيو

 

1

جيڪِي مَنجِهه جَهانَ، سو تارِيءَ [106] تَڳي تُنهنجي،

لُطفَ جِي، لَطِيفُ چي، تو وَٽِ ڪَمِي ڪانَ،

عَدُلَ ڇُٽان آن نه، ڪو ڦيرو ڪِجِ فَضُلَ جو.

2

سارِي راتِ سُبحانُ، جاڳِي جَنِ يادِ ڪِيو،

اُنِ جِي، عبداللطيفُ چي، مِٽِيءَ [107] لَڌو مانُ،

ڪوڙِيين ڪَنِ سَلامُ، آڳَهِه [108] اَچِيو اُنِ جي.

3

سيوا [109] ڪَرِ سَمونُڊَ [110] جِي [111] ، جِتِ جَرُ وَهي ٿو جالَ [112] ،

سَئين [113] وَهَنِ سِيرَ ۾، ماڻِڪَ، موتِي لالَ،

جي ماسو جُڙيَـٖـئِي مالَ، ته پُوڄارا ! پُرِ ٿِييـٖـن.


 

4

سي پُوڄارا پُرِ ٿِيا، سَمُنڊَ سيوِيو [114] جَنِ،

آندائُون عَمِيقَ مان، جُوتِي [115] جَواهَرنِ،

لَڌائُون لَطيفُ چي، لالُون مان لَهرِنِ،

ڪانِهي قيمَتَ تَنِ، مُلُهه [116] مَهانگو اُنِ جو.

5

سيوِيو جَنِ سُبحانُ، وِيرَ نه وِڙهي تَنِ سين،

توبَهَه جي تاثِيرَ سين، تَرِي وِيا طُوفانُ،

ڏيئِي تَوَڪّلَ تَوَڪّلَ تَڪِيو [117]، آرُ [118] لَنگِهيا آسانُ،

ڪامِلُ ڪِشتِيبانُ [119] وِچَ ۾ گَڏِيُنِ واهَرُو.

6

سارِي راتِ سُڄاڻَ، سَودو ڪَنِ صاحِبَ سين،

ٻانهَپَ ڀَري ٻيڙِيُون، هَلِيا جوپَ [120] جُوانَ،

پاڻِي پَهِلِوانَ، لَحظي [121]  مَنجِهه لَنگهي وِيا.

7

ٻانهَپَ جو ٻيڙيَنِ ۾، وَکَرُ وِڌائُون،

موتِي مَعرفتَ جا، سَچا سودِيائُون [122] ،

اَلتّائِبُ مِنَ الذّنب [123] اِيءَ [124] کَٽِ [125] کَٽِيائُون،

اُنِين [126] جِيءَ آئُون، بَرڪَتَ بارُ [127] لَنگهائِيان!

8

جَنِين سَودي [128] سَچَ جو، وَکَرُ وِهايو،

بَخِرو [129] لَهُمُ البُشريٰ [130] جو، اُنِين [131] لئي آيو [132] ،

اُنِ کي لالَنَ لَنگهايو، ساندارو [133] سَمُونڊَ جو.

9

اِيءَ گَتِ [134] غَوّاصَنِ [135] ، جيئن سَمنڊُ سوجِهيائُون [136] ،

پيهِي مَنجِهه پاتارَ جـٖـي، ماڻِڪَ ميڙِيائُون،

آڻي ڏِنائُون، هِيرو لالُ هَٿَنِ سين.

10

آڇارا [137] عَمِيقَ جا، گَڏِيا غَواصَنِ،

جَهرِيُون [138]  جهاڳي آئِيا، ڪارُونڀارَ [139] ڪَنَنِ،

سَمُنڊُ سوجهـٖـي جَنِ، آڻي اَمُلَ [140]  اولِيا [141] .

11

وِيا جي عَمِيقَ ڏي، مُنهن ڪائو [142] ڏيئِي، [143]

تَنِ سِپُون سوجهي ڪَڍِيُون، پاتاران پيهِي،

پَسَندا سيئِي، اَمُلَ اَکڙِيُن سين.

12

آڏو چِڪَڻُ [144] چاڙُ [145] ، منهنجي موجَ نه سَهي مَڪُڙِي [146] ،

ميڙي مَٺايُنِ [147] جو، بيحد چاڙهِيُم بارُ،

چَوَڻُ چارو ناهِه ڪو، بَديُون بي شُمارُ،

ڪَپَرُ ڪارُونڀارُ، اُڪارِييـٖـن اِحسانَ سين.

13

ويرمَ [148] لاهي ويـٖـهُه، [149] [150] مَٿي آرَ [151] اوڙاهَه جي،

پَسِي پاڙي وارِيُون، ڪِجِ اَنديشو ايـٖـهُه [152] ،

وِيندو نه پَسين ڏيـٖـهُه [153] ، پَتَڻِ هُنَ پارِ مَڻِي [154] ؟ [155]

14

اَٺَئِي پَهَر اوڙاهَه تي، مُنجِهه گُهرِءِ [156] گهاريٖ،

وَسُ نه ويچاريٖ، ته ڪا ماڳِ ڍُڪَندِي [157] مَڪُڙِي.

15

هِڪِي ٻانهـٖـي چِتَ ۾، ٻِي صاحِبُ سَنواري،

دَنگِي [158] هِنَ درياهَه مان، هَلائي هاڪاري،

تَرازو [159] تاري، سُتَڙِي [160] سَڀيئي ڪَري.

16

هِڪِي ٻانهـٖـي چِتَ ۾، ٻِي سِٽـٖـي [161] صاحِبُ،

ڪَڍي اُونهي ڪُن، مان اِي آگي [162] جو عَجَبُ،

اِيءُ  سائِينءَ جو سَبَبُ، جيئن ٻُڏا اُڪاري ٻارِ [163] مان.

17

هِڪِي ٻانهي چِتَ ۾، ٻِي جا ڪَري اَللهُ،

پاڻهي وِجهي ڪُنَ ۾، پاڻهي اُڪاري اوڙاهُ،

تنهن واحدَ کي واهُه، جو سُتَڙِ سَڀيئِي ڪري.

18

هِڪِي ٻانهـٖـي چِتَ ۾، ٻِي جا اَللهُ ڪري،

پاڻهي وِجهي ڪُنَ ۾، پاڻهي ڪَنڌِيَ نـٖـي [164] ،

سُتَڙِ سي ڍوئـٖـي [165]، جي تَڙَ تَوائِي مَڪُرا. [166]

19

هِڪِي ٻانهـٖـي چِتَ ۾، ٻِي ڪري جوڙَ جَبارُ،

ڪَڍيٖ اُنهي ڪُنَ مان، اِي آگي جو آڌارُ،

جَهاز جوهَرِيَنِ جو، تنهن کي ڀَؤُ [167] نه ڏِئـٖـي ڀَتارُ،

نَنڍا وَڏا مَڪُرا، سَڀِ پَسَندا پارُ،

جيڏانهن مُنهن مَدِيني جو، سُڄي [168] مُحمّدُ موچارُ [169]،

سٻاجهو سَتارُ [170] سُتَڙِ سَڀيئِي ڪَري.

 

وائي

ڪَنڌِي سارِيان [171] ڪانَه، يا اَمُنُ اَمانَ،

يا اِلاهي! ٻاجَهه ٻِلاٽِي [172] ڀانئيان [173]ئ

ڳَڻَڻَ ڳاڻيٽو ناهه ڪو، اَپَرِ ٿِيا عِصيانَ، [174]

يا اِلاهِي! ٻاجَهه ٻِلاٽِي ڀانئيان.

خَبَرَ ناهه قَبَرَ جِي، نِسورا نِسيانَ [175]،

يا اِلاهِي! ٻاجَهه ٻِلاٽِي ڀانئيان.

والِي! رَسِجَ وَهِلو [176]، اَرَکِ [177] ٿِيا اِنسانَ،

يا اِلاهِي! ٻاجَهه ٻِلاٽِي ڀانئيان.

سُڻُ سَٻاجها سُپِرِين! نَعرو [178] ، نِگَهبانَ!

يا اِلاهِي! ٻاجَهه ٻِلاٽِي ڀانئيان.

مَدِيُون [179] پَسِي منهنجيون، شَرِمايا شيطانَ!

يا اِلاهِي! ٻاجَهه ٻِلاٽِي ڀانئيان.

هِنَ منهنجي حالَ تي، هَيءِ هَيءِ ڪَنِ حَيوانَ،

يا اِلاهِي! ٻاجَهه ٻِلاٽِي ڀانئيان.

سائِين سُکاڻِي [180] آهِييـٖـن، سامُونڊِيَ [181] ، سُبحانَ،

يا اِلاهِي! ٻاجَهه ٻِلاٽِي ڀانئيان.

تُرَهو [182] ڇِنُمِ تارِ ۾، رَسِجِ تُون رَحمانَ!

يا اِلاهِي! ٻاجَهه ٻِلاٽِي ڀانئيان.

ٻيـٖـلِي [183] جو ٻُڏَنِ جو، مون تي موٽي مانَ [184] ،

يا اِلاهِي! ٻاجَهه ٻِلاٽِي ڀانئيان.

ويٺو پِني پِنَڻو، ڪَرِ ڀيرو [185] مَٿي ڀانَ [186] ،

يا اِلاهِي! ٻاجَهه ٻِلاٽِي ڀانئيان.

خالِقَ تان خُوبُ ڪِيا، گولَنِ جا گُذِرانَ،

يا اِلاهِي! ٻاجَهه ٻِلاٽِي ڀانئيان.

آئون پُڻ اَنڌو اُنِ ۾، ويٺو پِنان پانَ [187] ،

يا اِلاهِي! ٻاجَهه ٻِلاٽِي ڀانئيان.

سَڀِ سُؤالِي سَمَگِيا [188] ، داتا ڏيئِي دانَ،

يا اِلاهِي! ٻاجَهه ٻِلاٽِي ڀانئيان.

وِلها [189] سڀ وهيان [190] ڪِيا تنهنجي جُودَ [191] جُوانَ،

يا اِلاهِي! ٻاجَهه ٻِلاٽِي ڀانئيان.

مَتان مُونکي ڇَڏِيين، ٻِيلي [192] سندا ٻانَ [193] ،

يا اِلاهِي! ٻاجَهه ٻِلاٽِي ڀانئيان.

وِيرَ [194] وَسِيلو آهِييـٖـن، داڙو [195] ۾ دِيوانَ [196] ،

يا اِلاهِي! ٻاجَهه ٻِلاٽِي ڀانئيان.

لاءِ ڏوهارِيَنِ ڏينهن کي [197]، خِيمو اَڏيو خانَ [198] ،

يا اِلاهِي! ٻاجَهه ٻِلاٽِي ڀانئيان.

اُتي عبداللطيفُ چي، سُڻِجِ ڪا سُلطانَ،

يا اِلاهِي! ٻاجَهه ٻِلاٽِي ڀانئيان.

 

داستان ٽيون

 

1

کُوها [199] ڪالهه کَڻِي، اُنِ وِڌا اُتَرَ آسَري،

اَلا! جُهري مَ اُنِ جي، اولي [200] جِي اَڻِي [201] ،

وَڻِجارَنِ وَڻِي [202]، وَکَرُ وِڌو ٻيڙِييـٖـن.

2

وَکَرُ سو وِهاءِ [203]، جو پَئِي پُراڻُو نه ٿِيي،

ويچِيندي [204] وِلاتَ ۾، ذَرو ٿِيي نه ضاءِ [205] ،

سا ڪا هَڙَ هَلاءِ، هَلاءِ، آڳَهِه [206] جنهن جي اُبهَين [207] .

3

اورِيائِين، ميڙِيو مُعلِمَ خَبَرُون،

سا تان سُڌِ نه ڏِينِ، جِتي وَهُ ويڌُ [208] ڪَري.


 

4

ٻيڙِي تُنهنجِي ٻاجَهه، وَکَرُ تنهن وِصالَ جو،

کُوها، اولا، تو ڪِيا، سَڀِ سُونهارا ساجَ [209] ،

اُتِ ڪا مُعِلم [210] حاج [211] ، جِتِ پورَڻَ وارو [212] پاڻهين؟ [213]. [214]

5

ٻيڙِي پُراڻِي، وَکَرُ پاءِ مَ وِتَرو [215] ،

تَري ۾ تُنَ [216] پِيا، پاسَنِئُون پاڻِي،

هِيءَ، هَڏِ وِهاڻِي! ڪَڙهُه [217] ڪالُهوڻي ڏينهن [218] کي.

6

تَري تُنَ پِياسِ، پاسَنِئُون پاڻِي وَهي،

کُوهو جُهرِ جُهنُو [219] ٿِيو، لاڄُو [220] سَڀِ لَڙِياسِ،

جيلانهن سَڌَرُ [221] سُکاڻِياسِ [222] ، وَهي تي [223] وَهَه سامُهُون [224] .

7

ويٺو تُنَ تُنِينسِ [225] ، مُکِ [226] ڏيِهاڻِي [227] مَڪڙي،

سَنباهي سَيّدُ چي، مَٿي نيڍُوءَ [228] نِينسِ،

وَٽائـٖـي وَڏاندَرا [229] ، لاڄُو لَڳائِينسِ،

آخَرِ اُهِرائِينسِ [230]، ته جوکو ٿِئـٖـي نه جهازَ کي.

8

تُنَ تُنِيندو آءُ، مَکِ ڏِيهاڻِي مَڪڙي،

سانباهِي [231] سَمُونڊَ جِي، مَنا [232] مُورِ مَ لاهِه،

اَڄ ڪِ سَنجِهه صُباحِ، اُهِرَندِي [233] اَتانگَ [234] تَڙيـٖـن.

9

اَچِي سو ڏِنوءِ، جو ڪَپَرُ سُئوءِ [235] ڪَنَنِ سين،

سُتي لوڪِ، لَديفُ چي، يادِ نه ذَرو ڪِيوءِ،

غافِلُ ٿِي غُرابَ [236] کي، اوڙَهَه [237] تي آندوءِ،

سو ڇِتَرُ [238] ڇوهـٖـي [239] کان رَکين [240] جو پِيو پُراڻُو پوءِ [241]،

جَهازُ ضَعِيفَنِ جو، پاڻِيَ ۾ پَرِتوءِ [242] !

سَيّدَ [243] ساٿُ [244] سَندوءِ، پُرِبَندَرَ [245] پَهُچائِييـٖـن !

10

جوتو [246] وانءُ [247] جِهازَ ! گَڏيو غُرابَنِ سين،

پُورِيندي [248] هُنَ پارَ ڏي، سَڌَرَ [249] کَڻِج سازَ،

اَچَنِ ٿا آوازَ، سَٽاڻي [250]، سَمُونڊَ جا.

11

دَنگي [251] وِچِ دَرياهَه، ڪِين ٻُڏي ڪِين اُپِڙي [252] ،

هُو جي واڍي واڻِيا [253] ، سي سُونهَڻَ [254] سَڀ سَڙِيا،

مُعلِمَ ماڳِ نه اَڳِيين، ڦِلِنگِي [255] مَنجِهه ڦِرِيا [256] ،

مَلاحَ! تُنهِنجِي مَڪڙِيءَ، اَچِي چورَ چَڙهيا،

جِتي ڍِينگَ [257] ڍَرِيا [258]، تِتي تارِي [259] تنهنجي!

12

دَنگِيءَ ۾ داڻا، وَٺِي وِجُهه وَکَرَ جا،

وِيرِ وِڙَهندِيهءِ، ويسَرا [260] ! وِهُه [261] مَ، ويڳاڻا [262] !

هِيءَ نِنڊُ، نه ڄاڻان، ڪَڏِهن هَڻَندِيهءِ، تارَ [263] ۾.

13

وَکَرُ، وَڻِجارا! پاڻَ [264] پَرايو چاڙِهيو،

اَچِي لَهِرِيُون لَڳُيون ٻيڙيءَ ٻِپارا [265] ،

جاڳو جي، يارا، ته تَڙِ تَوائِي نه ٿئـٖـي.

14

ٻيڙِياتا [266] ! ٻيئي، تو نه ڦَٻَنديُون ڳالَهڙِيون [267]،

سَڄِيُون راتِيُون سُمَهين، ڀَرُ [268] سُکاڻُ ڏيئي،

صُباح سَڀيئِي، پارِ پُڇَندَءِ خَبَرُون.

15

وَهَه تِکَ [269] وَهَڪُرا، جِتِ ننگَرَ [270] نَه ٺَهِرَنِ،

وڏاندَريُون [271] وَهَه سامُهِيُون [272] جَجهي زورِ جُنَبنِ [273] ،

نيڍُوءَ [274] ۾ ناتارِيُون [275] ، وَڻِجارا وِجَهنِ،

مُلا [276] مُعلِمَنِ، مون ڳَرِي [277] سُئِي [278] ڳالَهڙِي.

16

وڻِجارا ويٺي، تو نه سَرَندِي شاهَ [279] ري [280] ،

مَکِ پنهنجي مَڪُري، چَڱِي ڪَرِ چيٺي،

پاسا پاکَڙِيَنِ [281] جا، سَمُنڊُ ٿو سيڪي،

جي لُنڊا [282] ۾ ليکي [283] ، وِيرِ وِڙَهندِي تَنِ سين.

17

ناکُئو [284] نِگَهبانُ، مُعِلمَ مُنجي خَبَرُون [285] ،

جَنِ ساري کَنيو سَمُونڊَ تي، سَفَرَ جو سامانُ،

لُطيفَ ساڻُ لطيفُ چي، تَنِ لَنگِهيو طُوفانُ،

سَنڀاري [286] سُبحانُ، وَڃي عادَنِئُون [287] اُکَتَا [288] .

18

بَندَرِ جان [289] ڀَئِي [290] ، ته سُکاڻِيا ! مَ سُمَهو،

ڪَپَرُ ٿو ڪُنَ ڪَري جِيئن ماٽي مَنجِهه مَهِي،

ايڏو سُورُ سَهِي، نِنڊَ نه ڪِجي، ناکُئا!

19

سُتا سَڀِ پَئِي، سَندي مُعلِمَ آسَري،

آئِين [291] پُڻِ سُمهو، ناکُئا! بَندَرِ ناهِه ڀَئِي [292] ،

جَنِ جِي سَيّدَ [293] لَڄَ کَنئِي، سي سَڀِ لَنگِهيندا لَڪِيُون.


[1]. بهتر

[2]. جهاتيون، ليا

[3]. ننڍيون ڪاتيون.

[4]. سڌ ڪرڻ سان

[5]. (عشق جو) ميدان

[6]. ڀلي

[7]. هڪالي ڪڍين

[8]. ته به

* جيڪڏهين تون مون کي عزت سان نه آڌرڀاءُ ڪرين، ته به مون کي ديدار ته ٿيو. مون کي رخ ڏين يا نه ڏين، مون لاءِ ته ديدار ٿيو.

[9]- چت تان

[10]- يادگيري

[11]- انهيءَ جا، خدا تعاليٰ جا

[12]- فرمانن تي عمل ڪر

[13]- جيان وانگر

[14]- ڌيان

[15]- سفيد، اڇو، صاف

[16]- خبردار، سجاڳ

[17]- ٻئي پاسي، منزل مقصود.

[18]- ياد ڪج

[19]- ڪچو ڪوڏ، ڪوڙ

[20]- واپار ڪج

[21]- چر، يادگيري

[22]- ڪوڏ، کوٽ

[23]- آخرت

[24]- اڊڪو، ڳڻتي

[25]- دوربينيءَ

[26]- خزانا، سگهه، طاقت

[27]- ٻيڙي

[28]- نکاري، ڌوئي صاف ڪري

[29]- آزمودگار ملاح، ڪپتان، مرشد

[30]- اي ناکئا! پنهنجي ٻيڙي (جسم) هميشه صاف رکي مرشد ڪامل جي حوالي ڪر.

[31]- شيهو، خميس مَٺُ

[32]- واپار ڪيم.

[33]- آڌار

[34]- بيٺو آهيان

[35]- واعدا، انجام، احڪام

[36]- هڏن جو پڃرو، جسم

[37]- پرزا پرزا، ٻڏل

[38]- تت، حاصل مطلب

[39]- بي انت، خدا تعاليٰ (ڳُوڙاهُه)

[40]- انهيءَ.

[41]- موتيءَ جهڙا، انسان

[42]- فائدي وارو (سَڦل)

[43]- پلئه

[44]- آقا، آغا، ڌڻي

[45]- اُوناءِ، قبول ڪر

[46]- مدد

[47]- ماڳ تي

[48]- لهرن ۾ گرفتار (ٻيڙي يا ناکئو)

[49]- ميرو

[50]- پاڻيءَ جي اڇ

[51]- پاڻيءَ جي آُئل يا ليٽ

[52]- انست، حد

[53]- اُڇلائين، ڇڏي ڏين

[54]- ضرب، ڌڪ

[55]- چپيٽ، ڌڪ

[56]- غريبن جي

[57]- جهاز (غوراب)

[58]- سَنوان

[59]- نوڙ، رسيون

[60]- ونجهه يا ڳن

[61]- هائيءَ ڏند (Lvory)

[62]- جوڌا، وڏا

[63]- جهاز

[64]- مراد

[65]- سير تي سڻائي واءَ سان روانا ٿيا، تڪڙا ويا

[66]- سڪ، حب

[67][67]- سوين

[68]- ڪروڙين

[69]- زور سان (جان مان، دل مان)

[70]- رنگ، عجائب

[71]- تعريف، واکاڻ

[72]- زبان سان

[73]- خدا کي دل ۾ يدا ڪر ۽ زبان سان پڻ، خفي ۽ جلي ٻئي ذڪرِ ڪر

[74]- راضي ٿي

[75]- راضپو، مهرباني

[76]- آقا، ڌڻي

[77]- احسان سان.

[78]- داناءَ

[79]- جن سچي پچي سر تسليم ڪيو.

[80]- بي مانا، بي عزتا

[81]- خدا

[82]- لاءِ

[83]- عزت وارا

[84]- ياد ڪريو مون کي، ته يدا ڪريان اوهان کي (ق.ش 2، 152)

[85]- چيو

[86]- شڪر ڪريو منهنجو ۽ ڪفر نه ڪريو (ق، ش. 2، 152)

[87]- بي شڪري کي

[88]- سڌاريا

[89] - خراب، بدافعال

[90]- توکان (ٿيل)

[91]- من مان، دل مان

[92]- جوش مان، چاهه سان

[93]- خدا جو نالو

[94]- ايمان جي سلامتي.

[95]- اڳڀري، پرڀري

[96]- تون منهنجي من ۾ وسين پيو پر آءُ خوديءَ ڪري تو کان پرڀرو آهيان.

[97]- بنا رهبر يا سونهي جي

[98]- سجدا

[99]- تلاهين، تنهن صورت ۾

[100]- لازوال هستي

[101]- جيلاهين، جنهن صورت ۾

[102]- فنا

[103]- سڌرڻ، توبهه ڪرڻ

[104]- ماڻهن توبهه تائب ٿين سو به ڌڻيءَ جي وس ۾ آهي.

[105]- قبول پيا

[106]- آڌار، ٽيڪ، آسري

[107]- خاڪ، قبر

[108]- اڱڻ، آڌار، ڀروسي

[109]- شيوا، خدمت، پوڄا

[110]- سَمُنڊ

[111]- وڻج واپار ڪر

[112]- گهڻو، جام

[113]- سوين

[114]- شيوا ڪئي

[115]- ڇڳو، ڍڳ

[116]- ملهه

[117]- آڌار

[118]- چاڙهه وارو وهڪرو

[119]- ٻيڙي هلائيندڙ، رهبر

[120]- بهادر

[121]- پل ، اک ڇنڀ

[122]- خريد ڪيائون

[123]- جيڪو گناهَن کان توبهه ڪري ٿو، سو انهيءَ جهڙو آهي، جنهن گناهه نه ڪيا هجن، (حديث)

[124]- اها

[125]- بازي، کٽيو، فائدو

[126]- انهن

[127]- ٻوجهو، وکر، سامان

[128]- سودو ڪري، خريد ڪري

[129]- حصو، ڀاڱو، انعام

[130]- انهن لاءِ بشارٽ آهي (ق.ش)

[131]- اُنهن

[132]- نازل ٿيو

[133]- (درياهه جو) پيٽ

[134]- عادت، روش

[135]- ٽوپن جي

[136]- ڳوليائون، چڪاسيائون

[137]- پاڻيءَ جي اڇ

[138]- وهڪري واريون لهرون

[139]- اونداهي، ڪاراڻ (بي انت)

[140]- بي بها (بي انت)

[141]- اڇلايا

[142]- ٻوٿاڙو (سمنڊ، ڪائي جهڙو اڇو پاڻي)

[143]- سمنڊ ۾ مُنهن وِجهي

[144]- ڌٻڻ

[145]- چاڙهه، اڀ ڪپري

[146]- ٻيڙي

[147]- بَدِينُ

[148]- دير

[149]- چَڙهُه

[150]- غفلت ڇڏي

[151]- سير، تک

[152]- اهو، هيءَ

[153]- سڀيئي ماڻهو، دنيا

[154]- طرف، پاس

[155]- ماڻهن کي مري، هن دنيا کان هن دنيا ڏي ويندو ڪونه ٿو ڏسين؟

[156]- فڪر، اڊڪي، ڳڻتي

[157]- ويندي، پهچندي

[158]- ٻيڙي

[159]- ننڍي ٻيڙي

[160]- سٺي تڙتي

[161]- رٿي

[162]- آقا، ڌڻي

[163]- درياهه

[164]- وٺي وڃي، پهچائي

[165]- کڻي وڃي، پهچائي

[166]- مَڪڙا، ٻيڙا

[167]- ڊپ، خوف، خطرو

[168]- سجهي، ٻڌجي

[169]- موچارو، سهڻو، سڳورو

[170]- ڍڪ ڍڪسيندڙ

[171]- سجهي ، ياد

[172]- ٻيٽاري، ننڍو ٻيٽ

[173]- اي خدا! تنهنجي مهر مون لاءِ ٻيٽاري يا پناهه گاه يا اجهو آهي.

[174]- گناهه

[175]- ويسر، ڀلون چڪون.

[176]- جلد، سگهو

[177]- ناپرهيزگار، بيزار

[178]- فرياد، دانهون

[179]- بديون، عيب

[180]- سکاڻ وارو، ٻيڙي هلائيندڙ، هادي

[181]- سمنڊ ۾ هلندڙ جو

[182]- ترڻ لاءِ شيءَ، آڌار

[183]- مدد گار

[184]- شل، مهرباني ڪري

[185]- مهر

[186]- قصيدا ڳائيندڙ فقير، ڀٽ.

[187]- بيک، پن، خيرات

[188]- نوازيا، بخشش ڏيئي خوش ڪيا

[189]- مسڪين

[190]- شاهوڪار

[191]- سخا

[192]- مدد گار

[193]- ٻانهي، غلام

[194]- بهادر، ڀلارا

[195]- بچائيندڙ، واهرو (محمد ﷺ)

[196]- عدالت گاهه (قيامت)

[197]- ڏينهن لاءِ (قيامت)

[198]- عزت واري (محمد ﷺ)

[199]- سڙهه ٽنگڻ لاءِ ڪاٺيون

[200]- ونجهه

[201]- نؤڪ، چهنب

[202]- وڻج ڪري، سودو ڪري

[203]- خريد ڪر

[204]- وڪڻندي (کپائيندي)

[205]- ضايع، نقصان

[206]- آڌار، اڳيان

[207]- اهڙو مودو ڪر جنهن جي ذريعي نجات حاصل ٿيئي

[208]- ويڌن، قهر

[209]- ساز سامان

[210]- ناکئو، ڪپتان، ڪشتيباز

[211]- حاجت، ضرورت، پهچ

[212]- پار لنگهائيندڙ

[213]- پاڻ آهي.

[214]- اُتي اکئي جي ڪهڙي ضرورت، جتي پاڻ ئي پارو لنگهائڻ وارو هجي؟

[215]- گهڻو، وڌيڪ

[216]- ٽنگ، سوراخ

[217]- فڪر، ڳڻتي ڪر

[218]- سڀاڻڪي ڏينهن

[219]- ڀڳل ٽٽل، اندران پورو

[220]- نوڙ، رسا

[221]- چڱو، مضبوط

[222]- ان جي سکاڻ وارو، هادي

[223]- تنهن ڪري

[224]- جنهن صورت ۾ هلائڻ وارو پختو آهي، تنهن صورت ۾ ٻيڙي تک يا سير کي سامهون اوڀاري پيئي هلي.

[225]- بند ڪرينس

[226]- تيل لڳاءِ

[227]- ڏهاڙي، روزانو

[228]- اونهي سمنڊ ۾

[229]- وڏا، مضبوط

[230]- پاڻيءَ ۾ ڌڪينس، هلائينس

[231]- سنبت، تياري

[232]- من تان

[233]- هلندي

[234]- اتانگهه، اونهي.

[235]- تو ٻڌو هو

[236]- غوراب

[237]- اوڙاهه، اٿاهه

[238]- پراڻو جهاز

[239]- طوفان

[240]- بچائين

[241]- ٿئي

[242]- توکي سپرد آهي، تنهن حوالي آهي.

[243]- اي سردار (محمد ﷺ)

[244]- جماعت، اُت

[245]- پورو بندر، منزل مقصود

[246]- گڏيو، همراهه ٿيو

[247]- وچ

[248]- ويندي، هلندي

[249]- سٺو، مضبوط

[250]- سخت، خطرناڪ

[251]- ٻيڙي

[252]- ڪڏهين ٻڏي ٿي ۽ ڪڏهين وري منهن ٻاهر ڪڍي ٿي، وڏي خطري ۾ آهي.

[253]- ملايا، جڙيا

[254]- ڪاٺ جون ڪليون

[255]- فرنگي، دريائي چور

[256]- معلم سکاڻي پنهنجي مقرر جاءِ تي نه آهي، ڇاڪاڻ جو دريائي چور، نفساني خواهشون اندر گهڙي آيون آهن.

[257]- وڏا، پيت جيڏا جهاز

[258]- ڍرڪي پيا، ٻڏي ويا

[259]- آڌار

[260]- اي غافل

[261]- ويهُه

[262]- موڙهيل، منجهيل

[263]- اونهي پاڻيءَ

[264]- پاڻهين

[265]- ٻنهي پاسن کان، چوگرد

[266]- اي ٻيڙيءَ وارا

[267]- توکي پار پهچڻ يا ننڊڻ ڪرڻ، ٻنهي مان هڪڙي ڳالهه حاصل ٿيندي.

[268]- پاسو، ٽيڪ

[269]- ڏاڍيءَ تک وارا

[270]- وڏيون ٻيڙيون، لنگر، جهاز بيهارڻِ جو لوهي اوزار

[271]- وڏيون ٻيڙيون

[272]- سامهون، اڳيان

[273]- اهڙي تک آهي جو تنهنجيءَ کان وڏيون ٻيڙيون به گهڻي ڪوشش سان اوڀاريون وڃي سگهن ٿيون.

[274]- اونهي (سمنڊ)

[275]- اٺ مڻا لوهه جا ٽڪر

[276]- وٽان، کان

[277]- خوفائتي

[278]- ٻڌي

[279]- درياهه شاهه

[280]- کان سواءِ

[281]- ٻيڙين

[282]- عيبدار

[283]- جن جي عملن جو حساب ڪتاب برابر نه آهي.

[284]- خلاصي

[285]- ٽڪرن جي جاچ رکندڙ ۾ پاڻيءَ جي ماپ لهندڙ خلاصي جيڪڏهن هوشيار ۽ خبردار آهي ته معلم (ڪپتان) کي خطرن کان آگاه ڪري ٿو

[286]- ساري

[287]- عدن کان (ملڪ يا بندر)

[288]- نڪتا، پهتا

[289]- جيڪڏهن

[290]- خوف، خطرو

[291]- اوهين

[292]- ڊپ ڀؤ

[293]- سردار، نبيءَ سڳوري

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com