سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب: --

صفحو :8

داستان ٽيون

1

هَئي هَئي! وَهي هَاءِ[1]، من ۾ محبوبنِ جي!

جيرا جوش جلاجئيا، بڪين[2] ٻري باهِه!

پسو مچ مٿاءِ[3]، جي ويساهه نه وِسهو[4]!

2

هَئي هَئي! وَهي هُوءِ[5] من ۾ محبوبنِ جي!

جيرا جوش جلائيا، بڪين مُڪي بُوءِ!

اچي پسو روءِ[6]، جي ويساهه نه وِسهو!

3

ڪانڊين ٽانڊين ٻاٻُرين[7]، پچان مَرُ پيئي!

جيرا، جڳر، بڪيون، سيخُنِ ۾ ٽيئي!

ويڄنئون ويئي[8]! ٿي وهيڻي[9] سڄڻينِ!

4

سَرُ[10] جو سَڃيو[11] سڄڻين ڀَرُ ڀيڏيءَ[12] ڏيئي،

ڪانَ ڪرِنگهرُ[13] ڪپيو، پکن سِرِ[14] پيهي،

جيرا، جڳر، ٻڪيُون، پاساڙا[15] ٻيئي[16]،

ويڄنئُون ويئي، ٿي وهيڻي سَڄَڻين.

5

سر جو سڃيو سڄڻين، ٻنگان[17] ٻاڻُ[18] ڀري[19]،

ويو وجودان[20] نڪري، ڪڙ ڪڙا ڪانُ ڪري!

پُڇو پيرَ ڀري، ته ڪِي ٺريو هَٿُ حبيبَ جو؟

6

سَرُ جو سڃِئو سَڄڻين، ٻيهر ٻاڻُ ڀري،

ڇمڪيو[21] سو ڇوهَ مان، ڪڙڪڙ ڪانُ ڪري،

جيرا جڳر، بڪيون، لنگهي پيو پري،

لڳو جيءَ جڙي، تاڻيان[22] تيرُ نه نڪري!

7

سَرُ جو سڃيو سڄڻين، سيڱ[23] منجهان سيلو[24]،

ٽنڱرُ[25] ٽڪيو[26] ڪينڪي، پار لنگهيو پيلو[27]،

هَڻَڻُ سين حِيلو، جانب جيڏو ئي ڪيو.

8

ڌَڳايومِ[28] ڌَئين، ڄيرو[29] اَندرِ ڄِندڙي،

لڳي سيخ وُجود ۾، سندي نينهن[30] نئين،

مُشاهدي تهين، مون کي وڌو مَچَ ۾.

9

پُڇُ پَتنگنِ کي، سنديُون کامَڻَ[31] خَبرُون،

آڻيو وجهنِ آڳ ۾، جِيُ پنهنجو جي،

جيري جنين جي، لڳا نيزا نينهن جا.

10

پَتَنگ چايين[32] پاڻَ کي، ته اَچي آڳِ اُجهاءِ،

پَچَڻَ[33] گهڻا پچائيا، تون پچڻ کي پچاءِ،[34]

واقفُ ٿي وِساءِ، آڳ[35] نه ڏجي عامَ کي.

11

پَتَنگُ چايين پاڻَ کي، ته ڄيري پئو ڄاڻي،

تان تان تاڻِج تَوَ[36] ڏي، جان آڳ نه اُجهاڻي،

وِسَهُه وِهاڻي[37]، آڳ نه ڏجي عامَ کي!

12

پَتَنگُ چايين پاڻَ کي، پسي مچُ مَ موٽُ،

سهائي[38] سُپَرين جي، گهڙُ ته ٿيين گهوٽُ،

اَڃان تون اَروٽُ[39]، کُوري خبر نه لهين.

13

پُري[40] پتنگ آئيا، مڙي مٿي مچ،

اوڏا ٿيا آڳ کي، سڙيا مٿي سچ،

سندس ڳچيُنِ ڳچَ، ويچارن وڃائيا.

14

پُرِي پَتَنگ آئيا، سري وٽ ساهي[41]،

اچي پيا آڳ ۾، ڪُڏي سڀ ڪاهي،

لاڳاپا لاهي، کاڻا کُوري وچ ۾.

15

پُري پَتَنگَ آئيا، سري سهائي هيٺ،

ٿيندا ڏيٺاري ڏيٺ[42]، مٿو ڏيندا مچ کي.

16

پتنگن پهُه ڪيو، مڙيا مٿي مچ،

پسي لهس نه لچيا[43]، سڙيا مٿي سچ،

سندا ڳچين ڳچ[44]، ويچارن وڃائيا.

17

چڙهيو چڪاسِن چاءِ[45]، آڳ ٻرندي آئيا،

وِهُسَنِ[46] واڙيءَ ڦُلَ جيئن[47]، محبتي مچ لاءِ،

آڻي پاڻُ آَڙاءِ، کڻي کوري وِچ ۾.

18

جي تتو تنُ تَنُور جيئن، ته ڇنڊي ساڻُ ڇماءِ[48]،

آڻي آڳ ادب جي، ٻاري جانءِ اجلاءِ،

پُرقِئا اندر بازيُون[49]، پنهنجيون سڀ پچاءِ،

لُڇَنُ لنؤُ[50] لطيفُ چي، پَڌَرِ هَڏِ مَ پاءِ،

متان لوڪ لکاءِ[51]، وصالان وچُ پئي[52].

19

اڃا تنُوراءِ[53]، ڪالهه[54]، ڪڍياسُون سڄڻين،

پُڻ تايائُون تڪڙو، وحدتَ جي وڌاءِ[55]،

مَحَبَتِينِ مٿاءِ، مَچُ مُورائِين[56]، نه لهي!

20

پَچائي پهاڻُ[57]، جَنِ رَساڻئو[58] رُڪَ کي،

تَنين سنڌو ڄاڻُ، آهي آڳڙين[59] کي.

21

ڌَنءُ ڌَنءُ[60] ڌَمَڻُ وارَ[61]، اَڄُ پُڻ آڳڙين جي،

ٻاري مچُ مجازَ جو، اوتيائُون آڱار،

ڌُوڌِيا[62] ٿِيُ مَ ڌارَ، جِم[63] ڪچو رُڪُ ڪَڻيون ٿئي.[64]

22

ڌُوڌا! تون نه ڌَنئين، آڳِ اوڏو نه وڃين!

اُلا جي عشقَ جا، سي تان تون نه سهين،

اُڀُو ايئن چُئين[65]، ته آئون آڳرِيون آهيان!

23

سِرُ سانداڻِ ڪِرِي، پُڇِجِ گَهرُ لُهارَ[66] جو،

ڌَڪَنِ هيٺ ڌَري، مان گڏيئي رُڪَ سين.

24

سهين[67] جيئن سنداڻ، ڌَڪَنِ مٿي ڌڪڙا،

وَهِه[68] وڃائي پاڻِ، ڏي ڏَٻائُون[69] ڏڱرين[70].

25

هَئي! ٻَرَ اَڱارَنِ، ٻَڏاهِين[71] ٻَرَن جي،

هِڪُ کُوري کنِئيا[72] ٻيو ڌُوڌي[73] منجهه ڌَڳنِ[74]،

پاڻان لُهارَنِ، ميڙي رَکِيا مَچَ لَئي.

26

ٻارِيو اُجهائين پرين، اُجهايو بارِين،

مون کي ٿا مارين، لُئا[75] لُهارنِ جا.

27

اَڄ آڳڙِيا آئيا، سُوڌا[76] سِراڻي[77]،

پياري پاڻِي، تيغُون ڪندا تِکِيُون[78].

28

اَڄُ آڳَڙِيا آئِيا، سائُو[79] ڪي سُڄاڻَ،

لاهِيندا مورِياڻَ[80]، رُڪُ ڪَرِيندا[81] پَڌرو.

29

ڪَٽُ ڪَڙهي، لوهُه ٻَري، ڌُوڌا جِت ڌَڳن،

مُترِڪَنِ مُنهن[82] ڪڍيا، سانداڻيُون سَڪَنِ[83]،

اَڄ پُڻِ اَڳَڙِينِ، ميڙو آهي مَچَ تي.

30

سَرَها ڏِٺَمِ سي، جَنِ ساڃاهه[84] سِراڻِ سين،

تيغَ تَنِين جي کي، ڪَٽُ نه لڳي ڪَڏهين.

وائي.

جِيءُ جِياريو، جيءُ جِياريو، ڪِينَ مُنهنجَهڙو[85] هارِيو[86].

منهنجو جيءُ جياريو.

پِرِيَنِ جِيَ پَچارَ، سيڻنِ جي سنڀارَ، جڏڙو جيءُ جياريو،

منهنجو جيءُ جياريو.

اُڃِئو تَنُ عَمِيقَ[87] مان، پِرِينِ پُوڄ[88] پِياريو،

منهنجو جيءُ جيارِيو.

مَرَضُ مَرِيضنِ تان، اشاري ساڻُ اُتاريو[89]،

منهنجو جيءُ جيارِيو.

ڪَرَمَ ڪَرِيمَنِ جي مون کي، اَهُکِيَ مان اُڪارِيو[90]،

منهنجو جيءُ جيارِيو.

سئون مُنهن ڪِري[91] سُپِرِين، آئين[92] نِرَمَلَ نُورَ[93] نهاريو،

منهنجو جيءُ جيارِيو.

سائِلَنِ جيئن سَڏَ ڪَري، ائين طالِحَن[94] کي تاريو،

منهنجي جيءُ جيارِيو.

 

داستان چوٿون

 

1

ايڪُ[95] پِيالو ٻَه ڄَڻا، عِشقُ نه ڪري ايئن،

ليکيا جي لِکَڻَ ۾[96]، سي قُربَ رَسندا ڪيئن،

هُئَڻَ[97] ڪِيا هيئن، وانجئا[98]، پسُ! وِصالَ کان.

2

ايڪُ پِيالو، ٻه ڄڻا، عِشقُ نه ايئن ڪَري،

آٽي[99] سي ايڪُ ٿيا، جي گَتا[100] نينهن ڳري[101]،

دُئي[102] ڌارَ ڌَري، خُلّت[103] خَنجَرُ آئيو[104].

3

ايڪُ پِيالو، ٻه ڄنا، عشقُ نه ڪري اَڌَ،

اِيَ تان ساعِرَ[105] سَڌَ، ڪَيئي جا[106] قوال سين.

4

جيڏاهن قاتِلَ ڪوڙَ[107]، اَکيُون اوڏاهين کَڻي،

وِهُ[108] تَنِين جِي ووڙَ[109]، جَنِين سانگُ[110] نه ساهَ جو.

5

اَکيون اوڏاهين کَڻي، جيڏانهن قاتلَ ڪُلِ[111]،

مَٿو ڪَنِ نه مُلِ[112]، پِڪَ[113] برابر پانهنجو.

6

قاتِلُ[114] ڪمائي ڪري، وِهُ ماکِي جي ڪَنِ،

وَٽان ويهِي تَنِ، پيج[115] ڪي پياليُون.

7

هوندو هَڏِ مَ سنڌِ، لاءِ پياڪَنِ پانهنجو،

پُوڄ[116] پِيارجِ پهِيڙا[117]، ويندا وَٺيو ڪَنڌِ[118]،

ته هَٽَ تنهنجي هَنڌِ[119]، موکِي[120]! ڪو مانُ لَهي.

8

هوندو هَڏِ مَ رَکُ، لاءِ پياڪَنِ پانهنجو،

وَٽِي واٽاڙُئَنِ[121] کي، تان پياري پَرَکُ،

سا لِکَ[122] لهي ٿِي لَکُ، جا تو ايندي اُنِ سين.

9

گهٽَن[123] ۽ گُهٽَڪنِ[124]، وَٽِيُون پِيَنِ وِهَه گاڏُيُوُن[125]،

بَرخيز بده[126] ساقِي، پِيارِ کي پِرِينِ،

پِڪين[127] نه پَرچَنِ، مَٽَ تَڪيائون مَنجهيان[128].

10

آڻي اُتَرَ واءَ، موکِيءَ[129] مَٽَ اُپَٽِيا[130]،

مَتارا تنهن ساءَ[131]، اَچَنِ سِرَ سَنباهِيو.

11

وِجِهجِ واٽاڙُئنِ تي، ميخاني[132] جي ماڪَ[133]،

ٿيندي سُڌِ سَڀَڪَنهِين[134]، هنڌِ هنڌِ پُوندي[135] هاڪَ،

پِرهَ جا پِياڪَ[136]، جُہُ سي[137] اَڱڻِ آئيا.

12

جُہُ سي اڱڻِ آئِيا، ته سَرو[138] ڪَندا سُڃَ،

سائِي ٿينديَنِ اُڃَ، هِي پِيتو، هُو آڻِ ڪِي.

13

موکي[139] چوکي[140] نه ٿئي، اصل اوڇي[141] ذات،

وَٽُيون ڏيئي وات، متارا[142] جنهن مارِيا.

14

مَتارا مَرِي ويا، موکي! توکي! تون نَه مَرين،

ڪيهي[143] پَرِ پَرين[144]، ڏُکي ڏاتارَنِ[145] ري؟

15

متارا مَرِي ويا، موکي تون ڀي مَرُ!

تنهنجو ڏوس[146] ڏَمَرُ، ڪونه سَهَندو اُنِ ري!

16

سَري[147] ڪين ڪيون، ويڻ موکيءَ جي ماريا،

ڪو جو سُخنُ ڪلاڙَ[148] جو، پتي تي پيون[149]،

تنهان پوءِ ٿيون، مرڻُ مَتارنِ کي!

17

اَڃا کُوري ماڳ[150]، مَٽَ، ڪُٽِڪا، ڪَٽَ گهڻا،

لاهي ويهُه مَ لاڳَ[151]، موکِي مَتارن جا.

18

ڪَنڌِ ڪَٽارو[152]، مُنهن[153] وَٽِي، عادَتَ جَنِين ايءَ،

تَنِين تِڪُون ڏِنيُون[154] جُنبِي[155] مَنهجان جيءَ،

سَرو[156] تَنِ سَبِيءَ[157]، جَنِ حاصُلُ ڪِيو حالَ[158] کي.

19

موکيءَ[159] مٺو نه گهريا، وِهَه نه وِهاٽيا[160]،

سُرڪِيءَ ڪاڻ سيّدُ چي، اُتي ٿي آٽيا[161]،

جي ڳالهين ڳڱاٽِيا[162]، تَنِ بَٺِنِ[163] پاسي بُٺيُون[164].

20

سِرُ ڏيئي سَٽِ جوڙِ[165]، ڪنهن پَرِ ڪَلاڙَنِ[166] سين،

ڪاتِي ڪَرٽُ[167] ڪَپار ۾، خَنجَرُ آڻي کوڙِ،

مَرَڻا منهن مَ موڙِ، وَٽِي ٿِي وَڍِ لَهي[168]!

21

وَٽَ وَٽَ وَٽِيءَ ۾، مَٽَ مَٽَ مَنڌُ ٻيو[169]،

قَدرُ ڪيفَ[170] ڪلاڙَ[171] جو، پِياڪَنِ پِيو،

اَچن دُرسُ دُڪانَ تي، ڪنڌُ قَبولُ ڪِيو،

سُرَها سَرُ ڏِيو، چَکَنِ سُرِڪَ سَيّدُ چي.

22

آٽِي[172] ٿِي اَڱارُ، کامِي کِرادارَنِ[173] سين،

پَسين سي ڀَتارَ، پُرِ پِيتوئي جَنِ سين.

23

ڪلاڙِ نِئُون ڪاءِ[174]، مَتِ نه سکين، مون هينيان[175]!

رُوئندي[176] راتِ وِهاءِ، چِڪائيندي بَٺيِون.

24

موکِيءَ مَٽَ اُپَٽِيا، اڇا اڱڻ ڌار،

اِيندا تو دَربارِ، وِهَ پِيئندا وَٽِيون.

25

موکِيءَ مَٽَ اُپَٽِيا، سَويرا صُبوحِ،

اُچي[177] جي، عبداللطيفُ چي، باسُ نه پُهتِئي بوءِ؟

ڪَڙو جي ڪَڪُوهِه، ته به وَٽِ سِرَ[178] گُهرَنِ وَٽيون.

26

وَٽِ سِرَ گُهرَنِ وَٽِيُون، ڌَڙَ سُرڪيينِ ڌُڄَنِ[179]،[180]

بدان شين بُشن، اي پيالو پرين،

اُچي جي عبداللطيفُ چي، وَٽي وَڌِ گُهرَنِ،

پِڪين نه. پَرِچَنِ، مَٽَ تَڪِيائُون مَنجهان.

 

وائي

وائي دوسُ پيهي در آئيو، ٿئو ملڻ جو ساعيو[181]،

ڏينهن پڄاڻُون آڻي اسان کي، مولي مُحبُ مِلائيو،

ٿِيو مِلَڻَ جو ساعيو.

وِيو وِڇوڙو، ٿِيو ميلاپو، واحدَ واءُ وَرائِيو،

ٿيو ملڻ جو ساعيو.

هو جنهين جو ڏسُ ڏُوراڏو[182]، اوڏو اَڄُ سو آئيو،

ٿِيو مِلَڻَ جو ساعيو.

عبداللّطيف چي اَچِي عَجيبَنِ، پاڻَ فَضُلُ فَرمائيو،

ٿِيو مِلَڻَ جو ساعيو.

 

داستان پنجون

1

صُوفِي[183] سالِمُ سي وِيا[184]، جي اَڪثر[185] سين اَڏيارَ[186]،

بازِي بازِندَنِ[187] کي، آهي اَويسارَ[188]

پِرِيان سين پَهَڪارَ[189]، رِنِديءَ[190] رَساڻي ڪيِا[191].

2

صُوفِيءَ سَيرُ[192] سَڀَنِ ۾، جيئن رَڳُنِ ۾ ساهُه،

سا نَه ڪَري ڳالهڙيِ، جيئن پَرِيُون پَرُوڙي پساهُه[193]،

آهِسِ[194] ايءُ گُناهُه، جي ڪا ڪري پَڌَرِي.

 

3

ڏِني ڏُکويا، اَڻَ ڏِني راضِي ٿِيا،

صُوفِي تي[195] ٿِيا، جيئن ڪينَ[196] کنيائون پاڻ سين.

4

صُوفِي لاڪُوفِي[197]، ڪونَه. ڀانئيس[198] ڪيرُ،

مَنجهان ئِي مَنجِهه وِڙهي، پَڌَرِ[199] نَه آهِسِ پيرُ،

جَنِين ساڻُسِ ويرُ، ٿِئي تَنِين جو واهَرُو.

5

صُوفِيءَ صافُ ڪيو، ڌوئِي وَرَقُ[200] وُجود[201] جو،

تنهان پوءِ ٿِيو، جِيَئري پَسَڻُ پِرينءَ جو.

6

صُوفِي چائين، سَڌَ ڪرين، صُوفينِ اِيَءَ نه صَلاحَ[202]،

ڪاٽي رَکُ ڪُلاهه[203]، وِجُهه اُڇلي آڳ ۾.

7

جي ڪُلاهَه رَکين ڪَنڌَ تي، ته صوفِي سالِمُ ٿِيءُ،

وِهَه[204] وَٽِي هَٿِ ڪَري، پُرِ پِيالو پِيءُ،

هَنڌُ تَنِين جو هيءُ، جَنِ حاصُلُ ڪِيو حالَ[205] کي.

8

جُسي[206] ۾ جَبّارَ[207] جو خَفِي[208] خِيمُون کوڙِ،

جَلّي[209] تون زَبانَ سين، چار ئي پَهرَ چورِ[210]،

جڪرَ سين فُرقانَ[211] ۾، اِسمُ اَعظمُ[212] ڏورِ،

ٻِيا دَرَ وَڃِي مَ وؤڙِ[213]، اِيُ اَمُلُ[214] اِئائِين[215] سَپَجي[216].

9

عالَمُ آئُونءَ[217] ساڻُ، ڀريو ٿو ڀيرَ ڪري[218]،

پاڻَ[219] نه آهي ڄاڻَ[220]، مانڊِيءَ[221] مَنڊُ[222] پَکيڙِيو.

10

طالِبُ ڪَثَرَ[223] سُونهن سَرُ[224]*، اَندرِ رُوميءَ[225] راءِ،

ماڙُهو[226] اِتِ ڪِياءِ[227]، مَنڊُ نه پَسين مَنڊِيو!

11

طالِبُ ڪَثَرَ، سُونهن سَرُ، اِيَءَ رومِيءَ جي رُوءِ[228]،

جَنِين ڏِٺِي جُوءِ[229]، تَنِين ڪُڇيو ڪينِڪي.

12

طالِبُ ڪَثَرَ، سُونهن سَرُ، رُومِيءَ چيو آهي،

تاڙِي[230] جي لاهي، ته مَنجهئين[231] مُشاهِدو[232] ٿئي.

13

طالِبُ ڪَثَرَ، سُونهن سَرُ، اِيءُ رومِيءَ جي رِهاڻِ،

پِهرِين وِڃائِڻُ پاڻِ[233]، پَسَڻُ پوءِ پَرِيَنِ کي.

 

14

طالِبُ ڪَثَرَ، سُونهن سَرُ، اِيءَ رومِيءَ جِي راحَتَ،

جَنِين ڏِنِي سَتَ[234]، تَنِين ڪُڇيو ڪِينِڪي.

15

طالِبُ ڪَثَرَ، سُونهن سَرُ، اِيءَ رومِيءَ جِي اوطاقَ،

جي ڀڄي دَرُ فِراقَ، ته منجهئين مُشاهدو ٿئي.

16

ظاهر ۾ زاني[235]، فڪر منجهه فنا ٿيا،

تنين کي تعليم[236] جي، ڪوڙِهه[237] اندِر ڪانِي[238]،

حَرَفُ حَقّانِي، دَورُ ڪِيائون[239] دِلِ ۾.

17

جَنِ کي دور درد جو، سَبَقُ سُورَ[240] پڙهَنِ،

فِڪرَ ڦَرهِي هَٿَ ۾، ماٺِ مُطالعو ڪَنِ[241]،

پَنو سو پڙهن، جنهن ۾ پَسَنِ پرينءَ کي.

18

سا سِٽَ سارِيائون، الِفُ جنهن جي اَڳَ[242]،

لا مقصُودَ فِي الدّارَين[243]، اِنَ پَرِ اُتائُون[244]،

سَڳَرُ[245] سوٺائُون[246]، ٿِيا رَسِيلا[247] رَحمانَ سين.

19

ٿِيا رَسِيلا رَحمان سين، سَڳرُ سُونهين[248] جي،

آئِيون تَنِين کي، واڏايُون[249] وِصالَ جُون.

20

سا سِٽَ نه سارِين، اَلِفُ جنهن جي اَڳَ ۾،

ناحَقُ نِهارِين، پَنا ٻِيا پرينءَ لَئي.

21

اَکَرَ پَڙهي اَڀاڳِئا[250]، قاضِي ٿِئين[251] ڪئِاءُ[252]؟

ڀيرِيين[253] ۽ ڀائيين[254]، ايڏا[255]، ايئن نه آءٌ[256].

اِنَ سُرڪِيءَ سندو ساءُ، پُڇِجِ عَزاِيلَ کي[257].

22

عاشِقُ عَزازِيلُ ٻيا مِڙَئي سَڌَڙِيا،

مَنجهان سِڪَ سَبِيلَ[258]، لَعنتِي لالُ ٿِئو[259].

23

وِسَريومِ سَبَقُ، پِهرين سِٽَ نه سَنڀَران[260]،

اَڃا هِيءُ وَرَقُ، هَئي! مُطالِعُ[261] نه ٿِيو!

24

ڪيو مُطالعُ مون، هُو جو وَرَقُ وِصالَ[262] جو،

تنهن ۾ تون هِين تُون، ٻِي لاتِ نه لَحظي[263] جيتري.

25

جو مون پَڙهيو پاڻ لَئِي، سَابِقُ[264] جو،

پِهرِين سُڃاتُم پانهنجي، نَفسَ جو نِهو[265]،

جت عَرِفان[266] اصلَ ۾[267]، ٿي رُوحَنِ روزُ ڪيو،

وَرِي وَرَقُ پِيو، گَڏيُمِ وَڍُ[268] وِصالَ جو*.

26

اَکَرَ ڇُتي[269] هيڪڙي، ٻَهُون[270] جي نه ٻُجَهنِ[271]،**

ڪوهُ ڪِبو کي تَنِ، سَڄِي سُڻائي[272] ڳالهڙي.

27

پَڙِهيو ٿا پَڙَهَنِ، ڪَڙَهَنِ[273] ڪينَ قُلُوبَ ۾[274]،

پاڻان ڏوهه چَرَهَنِ، جِيَ وَرَقَ وَرائِنِ وِتَرا[275].

28

پَڙهيو پَڙهيجاهُ،[276] سبقُ اِنهين[277] سُورَ جو،

مِيمُ[278] رَکِجاهُ[279] مَنَ ۾، الِفُ[280] تنهن اَڳياهُ،[281]

چِتان[282] چوريجاهُ[283]، اِها لاتِ لَطيفُ چي.

29

اَکَرُ پَڙهُ اَلِفَ جو، وَرَقَ سَڀِ وِسارِ،

اَندَرُ تُون اُجارِ، پَنا پَڙهندين ڪيترا.

30

جيئن جيئن وَرَقَ وَرائيين، تيئن تيئن ڏِٺو ڏوهَه،

تِنهن ڪَهڻيءَ[284] ڪِبِو ڪوهُ، جي رَهِڻيءَ[285] رهيو نه سُپرِين.

31

ڪاتِبَ[286] لکين جيئن، لايو لامُ اَلِفَ سين،

اَسان سَڄَڻُ تيئن، رَهيو آهي رُوحَ ۾[287].

32

ڪو[288] ٿو ڪاڳرَ[289] ڪورِيين ويٺو وڃايين مَسُ،

ڏورِ[290] تِئائِين[291] ڏسُ، اَکَرَ جِئائِين[292] جُڙيا.

33

تِهَڙا چالِيها[293] نه چالِيهَه، جِهَڙو پَسَڻُ پرينءَ جو،

ڪِهَڙي ڪاتِبَ! تون ڪرِيين، مٿي پَنَنِ پِيهَه[294]،

جي وَرَقَ وارين وِيهَه، ته اَکَرُ اُهوئِي هيڪڙو.

34

تَنُ کُڏِي[295]، مَنُ جُجِرو[296]، ڪِيمَ چالِيها رَکُ،

ڪُهه[297] نَه پوڄيو پوڄيين، اَٺَئِي پَهَر اَلَکُ[298]،

تان تون پاڻُ پَرَکُ[299] سَڀَڪَنهيِن ڏانهن سامهون.

35

سَڀَڪنهين ڏانهن سامهون، ڪو هنڌُ خالِي ناهه،

اَحَد[300] جي آرَکَ[301] ٿيا، سي ڪاثِرَ[302] ڪِبا ڪاهِه[303]،

مُحِبُ مَنجِهِين،[304] مَنَ ماهِه[305]، مُون اَڄاڻنِديءَ[306] اُڄهيو[307].

36

هارائِجِ هِنئيين[308] ۾، اَلِفَ سَندي اوڙَ[309]،

ته ڪِتابَن جِي ڪوڙَ[310]، مَنجهان ئِي مَعلومُ ٿِئي.

37

ڪوڙيين ڪِتابَن ۾، حرفُ مِڙوئي هيڪُ،

جي تو نَظَرَ نيڪُ، ته بِسمِ اللهِ ئِي بَس ٿئي.

38

اورِيائين[311] اوڄون ڪَري،[312] مُنجهايا مُلَنِ،

سي پِرِيَنَئُون[313] پاسي ٿيا، ڳهه ڳهه[314] ڳالهيون ڪَنِ،

ساهان اوڏو سُپِرِين، لوچيو تان نه لَهنِ،

دَمُ نه سُڃاڻَنِ، دانهُون ڪَنِ مُلَنِ جيئن.

39

مُلئين[315] مُٺي، ماءُ! جنهن پِتو ڦِٽو پيٽَ ۾[316]،

سُڃاڻِي اَللهُ، ٽُٻِي ڏِنائين ڌوڙِ ۾.

 

40

اَحد، اَحمَدُ پاڻَ ۾، وِچان مِيمُ فَرَقُ،

آهي مُستَغَرقُ[317]، عالَمُ اِنهِيءَ ڳالهه ۾.


 

[1]. اونهي ۽ ڳجهي دانهن پئي نڪري

[2]. بُڪين ۾، گردن ۾

[3]. منهنجي مٿان

[4]. منهنجي چوڻ تي اعتبار نه ڪريو

[5]. دانهن

[6]. منهن، شڪل، روبرو.

[7]. ڪنڊيءَ ۽ ٻٻر جي ٽانڊن تي

[8]. ڳالهه حڪيمن جي هٿن مان نڪري وئي

[9]. وس ۾، اختيار ۾

[10]. تير

[11]. نشانو ڪيو، چتيو

[12]. ڪرائي جي هڏي يا ٻانهن تي رکي

[13]. پٺيءَ جو ڪنڊو، ڪرنگهو

[14]. پکن سان، کنڀن سوڌو

[15]. پاسريون

[16]. ٻَئِي

[17]. ٻنگ يا ڪمان مان

[18]. تير

[19]. زور سان

[20]. بدن مان

[21]. ڇم ڇم ڪيو

[22]. ڇڪيان.

[23]. ڪمان

[24]. تير

[25]. تير

[26]. ترسيو

[27]. تير

[28]. مون کي ڌڳايو يا جلايو

[29]. باهه

[30]. نينهن، عشق

[31]. بيتاب ٿيڻ

[32]. چوائين، ڪوٺائين

[33]. باهه

[34]. عشق جي باهه سان رواجي باهه کي لهساٽي ڇڏ

[35]. ٻاڦورَ، راز، ڳجهه

[36]. سيِڪ، تپش، گرمي

[37]. ويساهه يا اعتبار ڪر، ته اجها ڪي اجها گذري.

[38]. روشني، تپش، باهه

[39]. ڪچو، اڻ واقف

[40]. هلي، مڙي

[41]. سهائي، روشني، باهه

[42]. محبوب جا واقف ٿيندا، يعني مشاهدو ماڻيندا

[43]. لِچڪيا، هٻڪيا، لُڏيا

[44]. گهڻا ٽڪرا.

[45]. چاهه، عشق،جنون

[46]. خوش ٿين، ٻَهَڪنِ

[47]. لوڙهي ۾ ولين جي گلن جيئن

[48]. تحمل سان اُجهاءِ (ڇنڊو هڻي آهستي آهستي اُجهاءِ، تَڪڙ نه ڪَرِ!)

[49]. مراقبي ۾ عشق جي راهه جون منزلون

[50]. لڇڻ ۽ لنؤ، ٻنهي کي

[51]. ماڻهن جي معلوميت

[52]. وصال جي آڏو اچي

[53]. تنور مان

[54]. ڪالهه

[55]. واڌ، زيادتي کان

[56]. ڪڏهين به

[57]. پهڻ، پٿر، ڪچو ڌاتو، سالڪ جو خاڪي وجود

[58]. رسايو، بنايو، ٺاهيو

[59]. لهارن، ڪامل مرشدن.

[60]. ڌمڻ جو آواز

[61]. ڌنوڻ جو وقت (ڌنوڻ جي وارو وار، لاڳيتو ڌَمَڻَ ڌنوَڻ جو عمل)

[62]. ڌنوڻ وارو، نئون طالب (ڌنوڻ وارا! سيکڙاٽ لوهارَ! نوان طالب)

[63]. (جيئن) متان

[64]. طالب باهه کان ڌار نه ٿي، متان ڪچي لوهه وانگر مترڪي جي ڌڪ لڳڻ سان ڀڄي ذرا ذرا ٿي پوين، يعني پريشان ٿي وڃين.

[65]. چَوين

[66]. لوهار

[67]. برداشت ڪرين

[68]. عشق جو جوش

[69]. مهميزون، ضربون

[70]. ڪاٺ جي مترڪن کي

[71]. ٻن پاسن کان، ٻه دفعا يا ٻه ڀيرا

[72]. ساڙيا، جلايا

[73]. ڀڙڪي، شعلي، باهه

[74]. ٻرن.

[75]. اُلا

[76]. صادق، سچا

[77]. سراڻ وارا

[78]. ترارن کي آبدار ڪري تکو ڪندا.

[79]. سچا

[80]. ڪٽ، دل جو ميل

[81]. ڪندا

[82]. منهن

[83]. ڏڪن، ڊِڄن، هِراسجن

[84]. سڃاڻپ

[85]. منهنجو جيءُ

[86]. مون کي نااميد نه ڪريو.

[87]. اونهو سمنڊ

[88]. گهڻو، ججهو (گهڻي، ججهي)

[89]. لاهيو، دور ڪريو

[90]. پارُ ڪَيو.

[91]. سڌو نهاري، پرچي

[92]. اوهين

[93]. ٿڌي روشني واري نظر (سان)

[94]. بدبختن

[95]. هِڪُ، هڪڙو،

[96]. جن پنهنجو وجود نه وڃايو آهي، خوديءَ وارا

[97]. خودي

[98]. وانجهيا، محرومٿيا، دور ٿيا، يا نااُميد ٿيا.

[99]. رڃي، ڳري

[100]. گُچي ويا، پيهي ويا

[101]. چنبي ۾ يا گؤري، سخت

[102]. دوئي (ف) ٻيائي

[103]. دوستي، محبت

[104]. محبت جو خنجر ٻيائيءَ کي وڃايو، عاشق ۽ معشوق کي هڪ ڪيو ڇڏي.

[105]. شاعر (هڪڙي پيالي مان ٻه ڄڻا پين اها سڌ، تون قوال سان ڪري سگهين ٿو مگر معشوق سان نه)

[106]. جيڪا

[107]. گهڻا (ويهون، Scores، گهڻا)

[108]. زهر

[109]. ڳولا

[110]. سانگو، پرواهه

[111]. سڀني دنيوي شين کي ترڪ ڪندڙ

[112]. ملهه، ڪٿ

[113]. ٿُڪ، ذري برابر، سُرڪي.

[114]. قاتل زهر

[115]. پيئجانءِ

[116]. گهڻو

[117]. واٽهڙو، پانڌيئڙو، سالڪ

[118]. ڀر، پاسو

[119]. تنهنجي جاءِ تي

[120]. شراب وڪڻندڙ، نالو، پير مغان، ساقي.

[121]. واٽهڙن

[122]. ذري، ٿورڙي

[123]. نڙيءَ

[124]. ڳيتون ڏين

[125]. زهر گڏيل

[126]. اٿي ڏي

[127]. سرڪين سان

[128]. اندرِيان، جيڪي اندر لِڪائي رکيل آهن.

[129]. پير مغان

[130]. کوليا

[131]. چشڪي، مزي

[132]. شراب خاني

[133]. ڇنڊا، گهم

[134]. سڀ ڪنهن کي

[135]. پوندي، ٿيندي

[136]. پيڻ وارا

[137]. جڏهين اُهي

[138]. شراب.

[139]. شراب وڪڻندڙ

[140]. چڱي، سٺي

[141]. ڪني، هلڪي

[142]. جنگ جوان، نالا

[143]. ڪهڙي

[144]. ڪهڙو رستو اختيار ڪرين. (پلجين، تڳين)

[145]. سخين، سالڪن

[146]. عتاب

[147]. شراب

[148]. شراب چڪائيندڙ

[149]. غيرت آين

[150]. هنڌ، جاءِ

[151]. لاڳاپا، دوستي

[152]. خنجر

[153]. وات ۾

[154]. پيتو

[155]. گهڻو، جوش ۾ اچي

[156]. شراب

[157]. تمام گهڻو

[158]. وجد جي حالت

[159]. پير مغان

[160]. موڳا ڪيا

[161]. ڳاهٽ ٿيا

[162]. ڳڱ ڪيا، غرق ٿيا

[163]. بَٺِينِ، شراب ڪڍڻ جي مڪانن (Breweries)

[164]. قبرون

[165]. سودو ڪر

[166]. ڪلالن، شراب، چڪائيندڙن

[167]. وڏي ڪارائي

[168]. شراب جو پيالو تنهنجي سر کان قيمت ۾ زياده آهي.

[169]. وٽيءَ وٽيءَ ۾ نئين لذت آهي ۽ مٽ مٽ ۾ نئون شراب آهي

[170]. نشي جي لذت

[171]. شراب

[172]. سڙي، خاڪ ٿي

[173]. خريدارن، سچن عاشقن

[174]. ڪابه

[175]. اي منهنجي دل!

[176]. روئيندي

[177]. عمدي شراب

[178]. سر جي عيوض

[179]. لڏن (چونڊجن)

[180]. سِرَ جي عيوض (شراب جون) وَٽيون گهرن ٿا ۽ (سندن) ڌَڙَ سُرڪين جي عيوض چونڊجَن ٿا.)

[181]. سعيو، تياري

[182]. ڏوراهون، پري.

[183]. سالڪ

[184]. منزل مقصود تي پهتا

[185]. گهڻائي، ڪثرت

[186]. پاسو ڪندڙ

[187]. عشق جي رانديگرن

[188]. نه وسرندڙ* عاشق کي اهڙو کٽيو يا فائدو حاصل ٿئي ٿو جو وسرڻ جو نه آهي.

[189]. هم صلاح

[190]. مستي، قلندري

[191]. اهڙن شخصن کي رنديءَ دوست سان هم صلاح ڪيو.

[192]. سَير، پَهَچَ، موجودگي، پهچڻ ۽ اتي هجڻ جي سَگَهه (صوفياڻو اصطلاح)

[193]. جيئن لاالله جي ذڪر جي منزل کي رسي، راز پروڙي

[194]. آهيس

[195]. تڏهين، تنهن ڪري

[196]. نيستي.

[197]. بنا ڪنهن ڪوفي يا فرقي جو

[198]. سمجهيس (پسند ڪريس)

[199]. ظاهر

[200]. پنو، پردو

[201]. هستي

[202]. طريقو، مرڪ

[203]. ٽوپي يا تاج (صوفين جو)

[204]. زهر

[205]. وجد جي حالت

[206]. وجود

[207]. جبرو، ڏاڍو، خدا تعاليٰ جو نالو

[208]. ڳجهو، مخفي ذڪر

[209]. ظاهر، چٽو، ذڪر جلي ڪري

[210]. هلاءِ، اُچار

[211]. قرآن شريف، حق ۽ باطل ۾ فرق ڏيکاريندڙ

[212]. الله جو وڏو نالو

[213]. رل، ڳول

[214]. بي بها

[215]. اِتائين

[216]. پيدا يا حاصل ٿئي.

[217]. خودي

[218]. گمراهه، ڦري ٿو

[219]. اسان کي (پاڻ کي)

[220]. سمجهه، پروڙ

[221].جادوگر

[222]. طلسم

[223]. ڪثرت، گهڻائي

[224]. اصل، منڍ* سونهن (مطلق جمال، خدا) اصل آهي ۽ ڪثر (ساري ڪائنات) سندس ڳولائو آهي.

[225]. مولانا جلال الدين رومي شاعر صاحب جي مثنوي

 [226]. ماڻهو

[227]. ڪٿان (آيا)

[228]. رايو

[229]. مڪان

[230]. حجاب، اڻ ڄاڻائي جو پردو

[231]. اَندرَ ۾ ئي، پنهنجي پاڻ ۾

[232]. ديدار

[233]. هستي، خودي

[234]. سچي حقيقت، خدا.

[235]. زنا ڪندڙ، گنهگار، (ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي مرتب ڪيل شاهه جو رسالو ۾ هيءَ پڙهڻي ظاني مقرر ڪئي* جنهن جي وضاحت مختلف قلمي رسالن جي ڀيٽ ڪندي هن ريت ڪئي اٿن، ظاني (شڪ ڪندڙ، شڪي) صحيح ۽ سهڻي آهي ۽ يقيني طور اها ئي اصل پڙهڻي هئي، پر ڪاتبن ان کي زاني ڪري لکيو. (شاه جو رسالو مطبوعه ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، 1989-ص 225).

[236]. سچو علم، معرفت

[237]. اندر، ڪُک

[238]. تير، ڪان

[239]. وري وري پڙهيائون. (هي بيت شاهه جو نٿو ڀانئجي.)

[240]. سورن جو سبق

[241]. پڙهن

[242]. الست بربکم قالو بليٰ وارو جملو (جنهن جو پهريون اکر الف آهي) ياد ڪيائون

[243]. الله کان سواءِ انهن جو ٻنهي جهانن ۾ ڪو مقصود ڪونهي

[244]. چيائون

[245]. سوڙهو پيچرو، سرحد

[246]. ڳوليائون

[247]. راضي، خوش

[248]. ڳولين

[249]. مبارڪون

[250]. اي نڀاڳا!

[251]. ٿيئن

[252]. ڪٿان

[253]. ڦيراٽيون ڏئين

[254]. خودي هلائڻ، پاڻ ڀائين

[255]. ايڏانهن

[256]. ائين نه اچ

[257]. عزازيل (ابليس يا شيطان کان)

[258]. تمام گهڻي

[259]. اهو لعل لعنتي ٿيو، تڙجي ويول.

[260]. ياد ڪريان، ساريان

[261]. پڙهڻ (مطالعو)

[262]. ميلاپ

[263]. رتي، ذري.

[264]. اڳيون

[265]. خزانو، مڪان، آکيرو

[266]. معرفت، سڃاڻپ

[267]. ازل ۾، عالم ارواح ۾

[268]. وٿي، وڇوڙو، ڦٽ * جدائي جي وٿيءَ کي وري گڏي ڇڏيم.

[269]. ڇُهڻ سان

[270]. وڌيڪ، ٻيو، باقي سڀڪجهه

[271]. جيڪي هڪ اکر چوڻ سان گهڻو نه سمجهن، جيڪي اشاري مان نه سمجهن.

** هڪڙوئي اکر ڪَن پوڻ سان جيڪڏهن باقي سڀڪجهه سمجهي نه وڃي.

[272]. ٻڌائي

[273]. دل ۾ هنڊائين

[274]. دل ۾

[275]. ويترا،

[276]. پڙهجو گهڻا

[277]. انهيءَ

[278]. پهريون اکر محمد صلعم جو.

[279]. رَکِجو

[280]. الله جو پهريون اکر

[281]. اڳيان

[282]. دل سان

[283]. تون پڙهج.

[284]. قول، خالي زبان سان اچارڻ يا چوڻ

[285]. عمل

[286]. لکڻ وارا

[287]. جيئن الف ۽ لام ڳنڍي لا لکيو آهي، تيئن سڄڻ به اسان سان ڳنڍيو پيو آهي، جدا ناهي

[288]. ڇو (ڪوه)

[289]. ڪاغذ

[290]. ڳول

[291]. تتائين

[292]. جتائين

[293]. چاليهن ڏينهن جو روزو

[294]. ڳاهٽ، سوڙهه

[295]. ننڍي مسجد

[296]. مسجد جي هڪ ڪوٺڙي، خلوت گاه

[297]. ڇو (ڪوه)

[298]. ڳجهو، جو ڏسڻ کان پري هجي، خدا

[299]. سڃاڻ* پاڻ سڃاڻ، خدا کي سڀڪنهن سامهون ڏسين يا هرهڪ ۾ خدا ڏسين.

[300]. خدا کان

[301]. الڳ، غافل

[302]. ڪائنر، گيدي

[303]. ڪيڏانهن

[304]. اندر ۾ ئي

[305]. ۾ آهه

[306]. اٻوجهه

[307]. پروڙيو

[308]. دل

[309]. ليڪ

[310]. ڪوڙي، ويهه

[311]. حال اورين، ويجهڙائي کان

[312]. اٽڪائي، منجهائي

[313]. دوست کان

[314]. اجايون، بيهوديون (ڳاهه ڳاهه، قسمين قسمين)

[315]. ملن (مُلان جي)

[316]. اندر ۾ زهر چڙهي ويو.

[317]. غرق، منجهيل (هنڌن تي، جاين تي)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com