سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب: --

صفحو :25

سُرُ مارئي

سر بابت:

مارئي ڪنهن به هندستاني راڳڻيءَ جو نالو ڪيهي. رسالي کي ترتيب ڏيندڙن شاهه جي فقيرن، هن سر تي، مضمون مطابق نالو رکيو ٿو ڏسجي.

هن سر ۾ پڙهڻيون عموماً ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ واريون اختيار ڪيون ويون آهن. ابيات متفرقه مان هڪ بيت اوپٽو سمجهي ترڪ ڪيو ويو آهي؛ ڇاڪاڻ جو ان ۾ سنڌ جي ميرن جو احوال ڏنل آهي ۽ اسان کي خبر آهي ته شاه ميرن جي صاحبيءَ کان اڳ فوت ٿي ويو هو.

داستانن جي ورهاست ۽ ترتيب پڻ، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ واري قائم رکي ويئي آهي. جيتوڻيڪ ابيات متفرقه ۾ قافيه کان سواءِ ٻي ڪا شاعراڻي خوبي نه آهي، تنهن هوندي به اهي قائم رکيا ويا آهن، ته متان ڪي عتاب ڪن.

آکاڻي:

هن سر جو مضمون عمر مارئيءَ جي آکاڻيءَ تي آهي، جا مختصر طور هيٺ ڏجي ٿي:

چوڏهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾، عمر سومرو، عمرڪوٽ ۾ حڪومت ڪندو هو. کيس رعيت جي لڄن ۾ هٿ وجهڻ جي بڇڙي علت هوندي هئي.

ٿر ملڪ جي ملير ڳوٺ ۾ مارئيءَ نالي هڪڙي حسين نينگر رهندي هئي، جنهن جي ماءُ جو نالو ماڏوئي ۽ پيءُ جو نالو پالڻي هو. ويچارا مسڪين مارو ماڻهو هئا، جي ڏٿ ڏؤنري ۽ جهڻ مکڻ تي گذران ڪندا هئا. وٽن هڪ همراه هاري هوندو هو، جنهن جو نالو ڦوڳ هوندو هو. ڦوڳ مارئيءَ جو سڱ ڇڪيو، پر پالڻيءَ پنهنجي نياڻيءَ جو ناتو کيت سين نالي هڪ ماروءَ سان ڪري ڇڏيو ۽ ڦوڳ کي ڇنڊي ڇڏيائين. ڦوڳ کي ڏاڍي مٺيان لڳي، سو عمرڪوٽ ۾ وڃي، عمر آڏو سنگهار جي سونهن جي صفت ڪيائين. عمر احوال ٻڌي، ويس بدلائي ۽ وهت پلاڻي؛ ڦوڳ سان ملير ڏانهن رخ رکيو. ٽن ڏينهن کان پوءِ هو ڀنڀرڪي جو، ملير کي اچي ويجها پيا.

ٿر ۾ پاڻيءَ جي قلت آهي ۽ کوه اونها ٿيندا آهن، جن مان پاڻي ڪڍڻ ۾ وقت لڳندو آهي، تنهن ڪري ٿر ڄائيون اَسر جو اُٿي، کوه تي پاڻي ڀرڻ وينديون آهن. مارئي به ائين ڪندي هئي. قضا سان اڄ ندوري ننڊ کڻي ويس، جنهن ڪري دير سان کوه تي پهتي. ٻيون گهڻيون پاڻي ڀري ويون هيون، باقي سندس هڪ ساهڙي وڃي بچي هئي.

عمر ۽ ڦوڳ، واٽهڙو ٿي اچي اتان لنگهيا. ڦوڳ عمر کي ڪن ۾ ڦوڪ ڏني، ته مارئي اها اٿيئي. اهڙو لاثاني حسن پسي، عمر کي نينهن جا نوان نشا چڙهي ويا- پوءِ اُٺ هشائي، پاڻي پيئڻ جي بهاني، مارئيءَ کان پاڻي ڍڪ گهريائين. جيئن مارئي پاڻي آڇيس، تيئن ٻانهن کان وٺي، کڻي مارئيءَ کي زوريءَ اُٺ تي وهاريائين ۽ تڪڙو ڪاهيندو اچي عمرڪوٽ پهتو.

عمرڪوٽ اچڻ سان مارئيءَ کي کڻي محلات ۾ قابول ڪيائين، پر مارئي جو اهوئي روڄ راڙو پي پيو. جيئن عمر دم دلاسا ٿي ڏنس، تيئن مارئي ماندي ٿيندي ٿي ويئي. عمر آسرا ڏنس ته، پٽ راڻي بنائيندوسانءِ، پر هوءَ پنهنجا پکا ۽ پنهوار ياد ڪريو ويتر ويئي هنجون هاريندي، عمر روز رات جو وٽس ويندو هو، پر مارئيءَ پکن جي پريت ماڙين سان مور نه مٽي. هڪ پاسي عمر جون آزيون ته ٻئي پاسي ماروئڙن جي بيپرواهي، سو پئي ويچاريءَ سور سٺا. وري ويتر کاڌي کائڻ کان به نابري واري ويٺي؛ سو اچي مرڻينگ حالت کي پهتي.

ستيءَ جو سيل ڏسي، عمر جي دل ڀڄي پئي ۽ مارن ڏانهن نياپو مڪائين، ته اچي امانت وٺي وڃو. سنيهو سڻي مارن مارئيءَ سان اچي ملاقات ڪئي ۽ کيس سنڀرائي، عمر کان سوکڙيون پاکڙيون وٺي، ساڻيهه ڏي سٽيندا، وڃي سک سانت ۾ وقت گذارڻ لڳا.

 

روحاني راز:

هن سر ۾ شاهه پڻ هڪ وڏي تمثيل رٿي آهي. مارئيءَ کي روح سان، عمر کي نفس سان، ملير کي وحدانيت جي واديءَ سان، عمرڪوٽ کي هن دورنگي دنيا سان، مشابهت ڏئي شاهه سالڪ کي روحن جي اصليت ۽ انجام جو سارو قصو سڻايو آهي. جيئن مارئي ملير لاءِ بيقرار هئي، تيئن روح وري عالم ارواح ڏانهن تانگهي ۽ تاڻي ٿو. حقيقت ۾ هي سارو، سر، ڪل شيءِ يرجع اِليٰ اَصلہ (سڀڪا شي پنهنجي اصل ڏي موٽي ٿي) جو تفسير آهي.

جڏهن اڃا سارو عالم عدم جي اوڙاهه ۾ غرق هو، تڏهن رب رحيم پنهنجي ذات ۽ صفات، جي مخفي خزاني ۽ لڪل جلوي کي، نمايان ڪرڻ جي خواهش ڪئي. ڪن چئي ڪائنات جوڙيائين. انسانن جا روح خلقي، ميثاق منجهه کائن قالو- بليٰ جو واعدو وٺي، کين عالم ارواح ۾ رکيائين. ارواح اتي آزاد ۽ البيلا هئا. هڪ ٻئي سان انهيءَ وحدت جي واديءَ ۾ ائين رهاڻيون ڪندا هئا، جيئن مارئي ملير ۾ سرتين ساڻ روح رچنديون ڪندي هئي. اتي روح الله جي عبادت، يعني محبوب جي محبت ۾ ائين مستغرق هوندا هئا، جين مارئي، ملير ۾ کيت سين جي خدمت ۾ مشغول هوندي هئي.

آخر، الله ارواحن کي، اهبطوا (هيٺ لهو) جو امر ڪيو- روح، جسماني جامو پهري، عرش تان لهي اچي فرش تي پيا. مارئي به امتحان ڏيڻ لاءِ، ملير مان منتقل ٿي عمر ڪوٽ ۾ آئي. عمرڪوٽ مان ماراد آهي، هي جهان ۽ ڪوٽ ۾ جيڪي محل ۽ ماڙيون، پلنگ ۽ پٿراڻيون، پوش ۽ پوشاڪون، ۽ ٻيا انيڪ اسباب موجود هئا- تن مان مراد آهي، دنيوي اسباب ۽ هن جهان جا جنسار، جن کان جملي سالم سالڪن جا روح بيزار ۽ ڀڄندڙ آهن. جيئن مارئي محلن ۾ ماندي هوندي هئي، تيئن سمجهدار سالڪن جا روح به هن دنيا جي پڃري اندر قيد آهن ۽ جنهن وقت اهو قضا جو قفس ڀڄندو، تنهن وقت، پنهنجي اصلي آکيري ڏي اڏامي ويندا. مارئي ملير مان نه فقط ڪوٽ ۾ اچي قابو ٿي هئي، پر عمر جهڙي عياش جي ڦندي ۾ پڻ ڦاٿي هئي. روح به، نه فقط دنيا جي بنديخاني ۾ بند ٿيا، پر نجس نفس جي آور ۾ پڻ اچي ويا. ڪيترا مجازي مزن ۾ مبتلا ٿي وطن وساري ويٺا. ڪيترا دنيا جي نجاست تي مفتون ٿي، ڪتن وانگر هڏن پٺيان هلڻ لڳا، پر اصيل انسانن کي، هن قيدخاني ۾ قرار نه ايندو. جيئن مارئيءَ جو ن ماڳ لاءِ ماندو هو، تيئن هنن جو روح به، اصلي آکيري ڏي تاڻيندو ۽ تانگهيندو رهندو هو.

حديث ۾ آيل آهي، الدُنِيا جِيفَہُ طَالِبُهَا کِلاَبُ، يعني، دنيا ڍونڍ آهي ۽ انجا طالب ڪتا، انهيءَ آيت جو تفسير، وري شاه، سر معذوريءَ ۾ ڪيو آهي. ٻي هنڌ حديث ۾ فرمايل آهي، ته الدُنِيا سِجنُ لِلّمُؤمِنِينَ وَ جَنّہُ لِلڪافِرِينِ، يعني هيءَ دنيا، مومنن لاءِ قيد آهي ۽ ڪافرن لاءِ بهشت. جيئن مارئي جو قالب ڪوٽ ۾ قيد هو، پر قلب ملير ڏي مائل هو؛ تيئن سالڪن جو بت، بنديخاني ۾ آهي، پر لاڙو لامڪان ڏي اٿن. حق جي حب ۾ آرتو آب اکين مان پيا اوتين. ٻئي پاسي پليت نفس، عمر وانگي ڌڻيءَ کان ڌتاري ڌار ڪرڻ جي ڌن ۾ لڳو پيو آهي. کين ڪئين لقما ۽ لالچون آڇي ٿو، دڙڪا ۽ ڌمڪيون ڏئي ٿو، پر هو مارئيءَ وانگر ثابت قدم رهي، نڪي ٿا ساڻيهه جي سار ڇڏين ۽ نڪي ٿا مٺي نٺار کان منهن موڙين. اهي صالح، سدائين نانگي نپٽي نفس سان جنگ جوٽيندا پيا اچن.

شاه عموماً سڀني سرن ۾، نفس سان جنگ جوٽڻ ۽ کيس ماري مات ڪرڻ جي تلقين ڪئي آهي. هيءَ هدايت، هر ڪنهن سالڪ کي، مرشد وٽان ملندي آهي ۽ هو انهيءَ امر تي عمل ڪرڻ سان، اونداهي مان نڪري اوجالي ۾ ايندو آهي. هن سر ۾، شاه ڄاڻايو آهي ته، نفس ائين آخر نااُميد ٿي، سالڪ جي پچر پاسو ڪيو. جيئن ملير مان مارئيءَ لاءَ مائٽ مٽ ملاقات لاءِ آيا، تيئن عالم ارواح مان، مقبول ٻانهي لاءِ، خدا تعاليٰ ڪونه ڪو هادي موڪلي ٿو، جو کيس هن بي  بقا مجازي محل مان، ماڳ ڏي موٽڻ ۾ مدد ڪري ٿو. شيخ جاميءَ هن دنيا جي فاني جنسار تي ٻارن وانگر موهجي وڃڻ کان منع ڪندي يوسف زليخا جي منڍ ۾ فرمائي ٿو.

دلا تاکي درين کاخِ مجازي،

کني مانندِ طفلان خاکبازي

توئي آن دست پرور مرغ گستاخ،

که بودت آشيان بيرون ازين کاخ،

چرا زان آشيان يبگانه گشتي؟

بيفشان بال و پر ز آميزشِ خاک،

بپر تا کنگر- ايوانِ افلاک.

يعني: اي روح! تون مجازي محلات ۾ ڪيترو وقت ٻارن وانگي مٽيءَ سان پيو راند ڪندين؟ تون اُهو دادلو ۽ ڪوڏ سان نپايل پکي آهين، جنهن جو اصلوڪو آکيرو، هن فاني محلات کان ٻاهر هو. ڇو جو انهيءَ آکيري کي ڇڏي، ويڳاڻو ٿيو، چٻري وانگر هن دنيا جي ويراني ۾ پيو ڀٽڪين؟ هن دنيا جي دز پنهنجن پرن تان ڇنڊي، پرواز ڪري، وڃي عرش جي ڪنگرين مٿان ويهه.

 

سُر مارُئِي

داستان پهريون

 

1

اَلَستُ بِرَبِّڪُمّ[1]، جَڏِهن ڪَنِ پِيوم،

قَالوابَليٰ[2] قَلبَ سين، تَڏِيهن تِتِ[3] چَيومِ،

تِهِين ويرَ ڪِيومِ، وَچَنُ[4] ويڙِهِيچَنِ سين.

2

جَڏِهن ڪُنّ فَيَڪُوّن[5]، مَنُ تَڏهانڪُون[6] مارُئِين،

تُون ڪيئن وِجهين تَنَ[7] کي، سُومَرا! شَڪُون[8]،

هَمِيرَن[9] هَڪُون[10]، جاڙَ[11] جُسي کي پاتِيُون.

3

چَئِي ڪُنّ فَيڪُوّنُ جَڏِهن، خَلِقِيا رُوحَ خُداءِ،

گَڏُ جِتِ گُذرانُ هُئو،. جَڙَ[12] لَڳِي تنهن جاءِ[13]،

مُون تونهِين سين[14] آهِه، اُها ساڃاءِ[15]، سُپِرِين![16]

4

فَيَڪُوّنُ[17] فِدا ڪري[18]، ڪَهِيائِين[19] سين ڪُنّ[20]،

تَعظِيماً[21] تَمامُ ڪَري[22]، پوءِ پَٿَريائِين[23] ڀُون[24]،

مارُو تِئائِين مون[25]، ڀينَر! ڀاڱي آئِيو.

 

5

نَه ڪا ڪُنّ فَيَڪُوّنُ هُئِي، نَه ڪا هُونگَ نَه هُون،*

سَڄَڻُ اُنَهِين ساعَتَ ۾، ڀيٽي[26] ڏِٺوسُون،

مُون تَنَ تَڏهانڪُون، مِلِي مُلاقاتَ ڪِي.

6

نَه ڪا ڪُنّ فَيَڪُوّنُ هُئِي، نَه ڪو لِڱُ، لَحَمُ[27]،

بَنِيو هو نه بُتَ ۾، اَڃا ڪِي آدَمُ،

مُون توهِين سين سَڱُ، اُها ساڃاءِ سُپِرِين!

7

نَه ڪا ڪُنّ فَيَڪُوّنُ هُئِي، نَه ڪا مُورَتَ ماهَه[28]،

نَه ڪا سُڌِ ثَوابَ جِي، نَه ڪو غَرضُ گُناهَه،**

هيڪائِي هيڪُ هُئِي، وَحدانِيتَ واهَه[29]،

لَکِيائِين[30]، لَطِيفَ چي، اُتِ ڳُجهاندَرَ[31] ڳاهَه[32]،

اَکِيَن ۽ اَرواحَ، اُها ساڃاءِ، سُپِرِين!

 

8

قِسَمتَ قَيدُ قَوِي،* ناَه ڪيرَ اَچي هِنَ ڪوٽَ ۾،

آڻِي لِکِئي لوحَ جي،** هَنڌُ ڏيکارِيُمِ هِيءُ،

پَرچي ڪِينَ پَنهُوار[33] رِيءَ، جانِ جُسو ۽ جِيءُ،

راڄا! راضي ٿِيءُ، تَه مارُنِ مِلي مارُئِي.

9

قِسِمَتَ قَيدِ ڪِياسِ، ناتَ ڪيرَ اَچي هَنَ ڪوٽَ ۾،

وَ نَحّنُ اَقّرَبُ اِليّہِ مِنّ حَبلِ الّوَرِيّدِ[34]، وَطنِ آن[35] وِيندياسِ،

مارُنِ کي مِلَندِياس، ڪوٺِيُون[36] ڇَڏي ڪَڏِهِين.

10

قَيّدُ الّماَءِ[37] ٿِيومِ***، هِتِ اَڙانگي[38] گهارِيان،

هِنَاڪَ جِسمِي وَالفُوَادُ لَدَ يڪُم[39]، هِينئون هُتِ سَندومِ،

قادِرُ شالَ ڪَندومِ، ميڙائو سين مارُئين!

11

قَيّدُ الّمآءِ ڪَهَنِ[40] جو، سو مُون پاندِ پِيو[41]،

جَفّ الّقَلَمُ بِمَا هُوَ ڪَائِنّ[42]، وَهِي قَلَمُ وِيو+،

اِيُ قَضا ڪَمّ ڪِيو، جيئن ٿَر مارُو، آن ماڙِئين.

12

جِهَڙو قيّدُ الّمآءِ، تَهِڙو بَندُ نه ڪو ٻِيو،

جَفّ الّقَلَمُ بِمَا هُوَ ڪَائِنّ، لهي نَه تِرُ[43] تِياءِ[44]،

عُمَرَ! تو هٿاءِ، اَجائِي[45] ٿِئي اَجِڙين[46].

13

رِيءَ اِعرابِيَنِ[47] هِتّ، گَهنگَهرُ[48] گهارَڻُ مُون ٿِيو،

بَڪَتِ الّعَيّنانِ فيّ هَوَاڪَ دَماً[49]، پُڄان[50] ساڻُ پِرِتِ،

مَنُ، اَکِيُون، تَنُ تِتِ، جِتي جَنَبُ[51] جيڏِيين.

14

هِي هنڌَ، ڀيڻيُون هاڻِ، ساڙِيان سَڀِ ڏيهيَنِ ري،

ڪُلُّ شَيءِ يَرّجِعُ اِليٰ اَصِلہ[52]، ٿِي جِهڄان[53] جهانگِيَنِ ڪاڻِ،

ڀِرِي[54] پنهنجي ڀاڻِ، پَسان مُلڪُ مَلِيرَ جو.

 

وائي

منهنجو هينئڙو سَنگهارَن ساري،

هوءِ جي ويجها رَهَنِ وَسَ[55] کي.

آءُ هَمِيرَ![56] ڀَڃُ زَنجِيرَ،، هيئَن[57] نه سَگهان گهاري،

هوءِ جي ويجها رَهَنِ وَسَ کي.

قَلبُ مُنهنجو ڪوٽَ ۾، گهايَلُ ٿو گهاري،

هوءِ جي ويجها رَهَنِ وَس کي.

اِلاهِي عنايَتَ سين، شالَ، کِينءَ[58] مَران کِينڪاري[59]،

هوءَ جي ويجها رَهَنِ وَس کي.

وَڃان شالَ وَطَنَ ڏي، پَرِ پِڄاڻِي[60] پاري،*

هوءِ جي ويجها رَهَنِ وَس کي.

مَران شالَ مَلِيرَ ۾، گولَنِ[61] ساڻُ گُذاري،

هوءِ جي ويجها رَهَنِ وَس کي.

 

داستان ٻيو

 

1

نَه ڪو ايرُ[62]، نَه ڀيرُ[63]، نَه ڪو اوٺي آئِيو،

مُون وَٽِ آيو ڪونَه ڪو، ڀائُرِئان[64] ڀَري پيرُ،

ڪِتابَتُون[65] ڪيرُ، آڻي ڏيندُمِ اُنِ جُون.

2

نَه خَبَرَ، نَه خوابُ، نَه ڪو اوٺِي آئِيو،

هُتي جو هِتِ ڪِهين، ڏِنو ڪونَه جَوابُ،

هَمِيرَنَ حِسابُ، ڪُهه ڄاڻان، ڪيئن ٿِيو.**

3

اوٺِي! ڳوٺِي[66] آڻِيين، ڪو هُتِي جو هِتِ هيرَ[67]،

تَه ڪِنا جي ڪوٽَنِ جا، ٿِيَنِ سُرَها سيرَ[68]،

آءُ تَه اَکِيين اُگهان، جي پائُرَ[69] ڏنَئِي پيرَ،

اَللهَ لَڳِ، لَطِيفُ چي، لاءِ مَ تُون اَويرَ،

ڪوٺِيين گهاري ڪيرَ، مَحَلين مُنجهي مُون هِينئون.

4

اَلا! اوٺِي آڻِيين، جي نياپا نِينِ،

آئُون اُنِين[70] جِي آهِيان، توڻي مُون نَه مَڃينِ،

مَسُ منهنجي هَٿَ ۾، ڪاغَذُ ڪي آڻِينِ،

لُڙِڪَ نه لِکَڻُ ڏِينِ، ڪِرِيو پُونِ قَلَمَ تي.

5

جي اَمُرّ[71] هَڻِيو اَڌَ ڪَري، سي ڪاغَذَ لِکان ڪيئن،

واڳِيُون[72] جي وصالَ سين، تَنِين چاڙهي چِيئَن[73]!

رُئان راتو ڏينهن، جيئن اُنِ جي وائِيءَ ۾ وَرَ گَهڻا.*

6

تَنِ وَهِيَن[74] ويڙِيچَنِ کي، رُئين نَه راتو ڏينهن،

ڪالَهه پَهُنوارَنِ لَڏِيو، مُون کي چاڙهي چِيئَن،

آئُون جيئندِي ڪيئن، جُهه اُنِ ٿَرِ[75] وَڃِي ٿاڻا[76] ڪِيا.

7

ٿَرِ ٿَرِ اَندَرِ ٿاڪ[77]، عُمَرَ! مارُوئَڙَنِ جا،

لاٿائُون، لَطِيفُ چي، مَٿان لوئِيءَ لاکَ،**

عُمَرَ! ڪَرِيو آک[78]، پَهرِيون ٿِي پَنَ چَران.***

8

ٿَرِ ٿَرِ اَندَرِ ٿانءُ[79]، وَنهِيَنِ ويڙِهيچَنِ جو،

سَڀِ تنهنجو سُومَرا! ويٺا ڳِنهَن[80] نانءُ[81]،

اُتي ويندِيَسِ آنءُ[82]، لوئِيءَ لَڄَ مَٿي ڪَري.+

9

سَهَسين سيبا[83] ڪَنجُري[84]، لوئِي لِيڙَ[85] ٿِيامِ،

اَباڻَنِ جي جي آسَري، ڪَتي[86] ڪانَ ڪِيامِ،

جا ڍَٽ[87] ڍَڪِييامِ، تِنهن جو پَرِوَرَ پَنُ[88] رَهائِيين!

10

سَهَسين سيبا ڪَنجُري، لوئِي لِيڙُون لِيڙَ،

واسي[89] وارَ، نه ويڙِهيان، مَرُ چَڳُون رَهَنِ چِيڙَ[90]،

مارُوءَ جي مُهاڙِ[91] رِيءَ، اَندَرِ ناهِه اُڪِيرَ،

هِهَڙو حالُ، هَمِيرَ! وَٺِي شالَ ويڙهه وَڃان.

11

سَهَسين سيبا ڪَنجُري، لوئِي سين لِيڙُنِ،

هِهَڙو حالُ وَٺِي ڪَري، وَڃان مَنجِهه ٿَرَنِ،

مارُو مانَ چَوَنِ، تَه هُئِي آسانهِين[92] آسَري.

12

سِبِي، سيبا ڏي، ڀورِي نينهن نَه ڪَچوئِي[93]،*

کَٿِيءَ وَٽِيُون[94] کُٿِيُون، سَتِي سِيڻي[95] سي،

مَڇُڻ[96] چُوِنم ڪي، لَڄايَئِي ٿَرَ- ڄائِيُون!


 

وائي

عُمَرَ! آئُون وِيندَڙو[97] پُڇان ڪوءِ،

جِتي مارُو، تِتي پانڌِي،* اَلو.

مَٿي ماڙِيءَ مارُئِي، رُوئاري ۽ روءِ،

جِتي مارُو، تِتي پانڌِي، اَلو.

پَنڌان[98] کارِيو پَهِيَڙا[99]، ڪيي جو اُڀُرِي[100] چوءِ،

جِتي مارُو، تِتي پانڌِي، اَلو.

سارِيو سانبِيئَڙَنِ[101] کي، رُوحُ منهنجو روءِ،

جِتي مارُو، تِتي پانڌِي، اَلو.

پانڌِي پَهنوارَنِ جو، ڪالَهه نه آيو ڪوءِ،

جِتي مارُو، تِتي پانڌِي، اَلو.

راڄُ پَرَتو رَبّ کي، سُومرا! سَندوءِ،

جِتي مارُو، تِتي پانڌِي، اَلو.

 

داستان ٽيون

 

1

پَٽولا[102] پَهُنوارِيُون، مُورِ نَه مَٿي ڪَن[103]،

جُهِه لاکَ رَتائُون لوئِيُون، تَه سالُنِئان[104] سُونهَنِ،

اُنّ ايلاچِنئُون[105] اَڳَرِي[106]، بَخِمَلَ بافِتَنِ،

سَکَرَ[107] ڀانئِيان، سُومِرا! کَٿيءَ کان کُهِنَبن[108]،

جا ڏِنِيَمِ ڏاڏاڻَنِ، سا لاهِيندي لَڄَ مَران.

2

اِرَمَ[109] هَڏِ مَ اوڍِيان، پَٽولا، پَٽر چِيرَ[110]،

ٻانڌُوڻا[111] ٻَنِ ڏِيان، اَرِغَچَ[112] ۽ عَبِيرَ[113]،

مارُوءَ سين شَلَ ماڻِيان، کَٿِيُون جِهَڙيُون کِيرَ،

اَندَرِ اُڃَ اُڪيرَ، مون کي پرينءَ پَهُنوارَ جِي.

3

سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، مارُوءَ سَندا مُون،

پَٽولا پَهُنوارِ کي، عُمَرَ! آڇِ مَ تُون،

وَرُ[114] لوئِيءَ جِي لُون[115]، ڏاڏڻَن ڏِنِيامِ جا.

4

سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، لُون لُون بَرابَرِ لَکُ،

رُپو جنهن رَدِّ ڪِيو،* ڪوّڙِ[116] تِهِين کي ڪَکُ،

مُون مارُوءَ جو مَکُ[117]، تيلُ نه لائِيان تُنهنجو.

5

تيلُ نَه لائِيان تنهنجو، مُون مارُوءَ جو مَنِ،

ڪَرِيان ٻِي نه ڪَنِ، آهَرَ[118] اُنَهِينءَ آهِيان.

6

مُون مارُوءَ سين لَڌِيُون، لوئِيءَ ۾ لائُون،

سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، مون کي ٻانهُنِ ٻَڌائُون،

عُمَرَ جو آئُون، پَٽُ ڪيئن پَرَهِيان[119]، سُومَرا!

7

پَٽُ نَه پَرَهِيان، سُومَرا! جانڪِيتان[120] جِيان،

آئُون ڪيئن لوئِي لاهِيان، ڪارَڻِ ٻِنِ ڏينهان،

جانسِين ٿِي جِيان، ڪانڌُ نه ڪَندِيَسِ ڪو ٻِيو.

8

جَنِ ڪَرايَنِ ڪَچَ[121] جا، وَرُ[122] ساهِيڙُيون سي،

اُت[123] اُڪنڊِي آهِيان، مَنَهَن مارُوءَ جي،

پَکَن سين نَه پاڙيان، هَنڌَ هِتي جا هِي،[124]

اَهلَ[125] اَباڻنِ کي، مَرِي شالَ مَلهائِيان.*

9

ڪَرايَنِ ڪَروڙِ جا، چُوڙا ڪُوڙا جَنِ،

سو مَرَڪُ مارُوئَڙَنِ، جِئان لوڪَ لَڄَ ٿِئي.**

10

ڪارا[126] ڪَرايَنِ ۾، سونُ اَسان کي سُوءَ[127]،

وَرُ[128] جيڏِيَنِ سين جُوعَ[129]، فاقو[130] فَرِحَتَ ڀائِيان.

11

اِيءَ نَه مارُنِ رِيتِ، جيئن سيڻَ[131] مَٽائِنِ سونَ تي،

اَچِي عُمَرَ ڪوٽَ ۾، ڪَندِيَس ڪانَ ڪُرِيت[132]،

پَکَنِ جِي پِرِيتِ، ماڙِيءَ سين نَه مَٽِيان.

12

عُمَرَ! اَڇا ڪَپِڙا، ڪاڻِيارِيُون[133] ڪيئن ڪَنِ،

جَنِين جا ٿَرَنِ ۾، وَرَ[134] ٿا ويڻَ[135] سَهَنِ،

هُوءِ جي حقَ ڀَڃَنّ[136]، سي ڪيئن سَتِيُون سُومَرا.

13

آئُون ڪيئن سَوَڙِيين سُمَهان، مُون وَرُ گهاري وِلَ[137]،

کَٿيرِيءَ تان کِلَ، عُمَرَ ڪِجِ مَ ايهَڙِي[138].

14

آئُون ڪيئن سَوَڙِيين سُمَهان، مُون وَرُ گهاري سُڃَ،

وَرُ[139] اَباڻَنِ سين اُڃَ، کوءِ[140] شَربَتُ تنهنجو سُومَرا!

15

وَرُ سي وَطَنَ ڄائِيُون، صَحرا[141] سَتُرَ[142] جَنِ،

گولاڙا[143] ۽ گُگِرِيُون[144]، اوڇَڻَ[145] اَباڻَنّ،

ويڙهيا گُهمَنِ وَلِيين[146]، جهانگِي مَنجِهه جَهنگَنِ،

مون کي مارُوئَڙَنِ، سُڃَ ڳڻائِي سيڄَ ۾.*

16

پَلُرُ[147] پِيئَڻُ، اوڇَڻُ اُنَ، جَنِ جا پيرَ مَٿي پَٽَ پاڪَ،**

وِهَڻُ[148] وَراڪَن[149] ۾، اُنِ جِي آجوکِي[150] اوطاقَ،

پاڻُ نَه پَسَنِ پاڻَ کي+، ويچارا بيباڪَ[151]،

عُمَرَ! اُووءِ نه عاقَ[152]، ڏُکِيا[153] جِمّ ڏُکوئِيين!

17

کارا کَٻَڙَ ڏيهَه ۾، ٻِيا وارِيءَ مَنجِهه وَٿاڻَ،

ساٿيَنِ کي، سَيّدُ چي، ڀَرِيو ڏِيَنِ ڀاڻَ[154]،

عُمَرَ! اِيءَ اُماڻَ[155] ثابِتُ[156] رَکِجِ، سُومرا!

18

جا عُمَرَ! تو مُل[157] عِيدَ، ساسان[158] سُوءِ[159] وَرَتِي[160] سُومَرِا!

ويئِي ويچارَنِ وِسَرِي، خُوشِي ۽ خَرِيدَ،

سِڪَڻَ ڪِيا شَهِيدَ، مارُو جي مَلِير جا.

19

منهنجو تُورُ[161] تَلِن[162] ۾، چِيها[163] ٿو چاري،

ڍائِي[164] ڍَٽَ ڌاري، آهيم اُٺي[165] مِينهَڙي.[166]

20

منهنجو تُورُ تَلِنِ ۾، آئُون هِتِ بَندِياڻِي،

مُون ڏاڏاڻي ڏيهَه ۾، ڦَرِهُه[167] ۽ لاڻِي[168]،

ڪَندِيَسِ رِهاڻِي[169]، مارُوءَ پاسِ مَلِيرَ ۾.

21

حَقّاڻو[170] هُتِ ٿِيو، آئُون هِتِ بَندِياڻِي،

ساري ساڏوهِيَن[171] کي، ڪوٺِيَنِ[172] ڪوماڻِي،

لِڳين لوهَه[173]، لَطِيفُ چي، ويٺِيَس وِساڻِي[174]،

مُنڌَ مارُوءَ جِي نَه لَهي، کَپَت[175] کِجاڻِي[176]،

سَمُن[177] سَچاڻِي[178]، اُتي آهيمِ اُنِ سين.


 

وائي

لوئِيءَ ۾ لائُون، مون مارُوءَ سين لَڌِيون،

سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، ٻانهُنِ ٻَڌائون،

مُون مارُوءَ سين لَڌِيُون.

سو ڪيئنءَ پَٽُ پَرَهِيان[179]، سُومَرا! گهورِيو عُمَرَ جو آئُون،*

مُون مارُوءَ سين لَڌِيُون.

کاڄ کَٿيرِنِ سَفَرو[180]، سڱرُ[181] ۽ سائُون[182]،

مُون مارُوءَ سين لَڌِيُون.

سا ڪيئن کائي کارِڪُون، جنهن کي ڏؤنرا ڏيجُ[183] ڏِنائون،

مُون مارُوءَ سين لَڌِيُون.

کِهَه[184]، مانڌاڻِيُون[185]، مَکِڻِي[186]، قُوتُ جَنِين جو سائُون.

مُون مارُوءَ سين لَڌِيُون.

عُمَرَ تي[187] جورَ[188] ڪَري، جيلانهن راڄُ آڳاهُون[189]،

مُون مارُوءَ سين لَڌِيُون.


 

داستان چوٿون

 

1

مينڍا[190] ڌوءِ نَه مارُئِي، پيَيسِ پَهُنوارِيُون چِتِ،*

راڄَ رُئاري، هَنجُون هاري، هِيءَ هُتي جِي هِتِ،

آهِسِ پائُرَ پارَ جو، کِجَڻُ ۽ کَپَتِ،

وِينگَسِ[191] ويڙيچَنِ رِيءَ، مَسَ سُڻي ڪا مَتِ،

سُومرا! سُپَتِ، ڪَرِ، تَه ڪوٽِئان[192] نِڪَري.

2

مِينڍا ڌوءِ نه مارُئِي، آهيسِ مَنِ مَلِيرُ،

ڪَڍي تَه ڪاڻِ لَهي، هِتان هِيءَ هَمِيرُ،

کائُرِ پِيَنِ کِيرُ،** جي اَمانَتَ اُتِ وَڃي.

3

مِينڍا ڌوءِ نَه مارُئِي، نَه کِلي، نَه کاءِ،

عُمَرَ جي انصافَ جا، ويٺِي واساما[193] ڳاءِ،***

هِيءَ جا ڪَيئي هاءِ[194]، سا مهندان[195] اِيندِيَئِي منهن ۾!+

4

مِينڍا ڌوءِ نَه مارُئِي، ٿِيَسِ ڪُرِنُون[196] وارَ،

سَتِيءَ سيئِي سارِيا، جي پائُر جا پَهُنوارَ،

عُمَرَ اُنِهُون[197] ڌارَ، مُورِ وِهي ماڙِيين.

5

مِينڍا ڌوءِ نَه مارُئِي، مَحَلين مارُنِئان[198] ڌارَ،

پايو ميٽُ مَلِيرَ ري، مُنڌَ نَه ويڙهي وارَ،

جا هُتي- جن هارَ[199]، سا ڪينَ وِهَندِي ڪوٽَ ۾.

6

مِينڍا ڌوءِ نَه مارُئِي، ڪونِهي اُنَ اوڄاهُه[200]،

عُمَرَ جي اِنصافَ جو، پييُسِ ڪَنِ پَڙاءُ،

ويٺِي چوءِ، اللهَ، مُون تي مِٽَ نَه موٽِيا!

7

مَحَلين ماندِي[201] مارُئِي، ڏِٺِيَم مُنهن مَلُور[202]،

اَڻَڀا[203] سَڻَڀا نَه ڪَري، سُونهن وِڃايَسِ سُورَ،

پِيَسِ لوهَه، لَطِيف چي، لَٿَسِ ڪوڏَ ڪَپُورَ[204]،

چِتَ جَنِين جا چُورَ[205] سي مَکي، مَرَڪُ[206] نَه ڪَندِيُون.

8

ڪَرِيو مُهاڙِ[207] مَلِيرَ ڏي، روءِ اُڀِي چوءِ:

سُهَحُ[208] سُورِي ڀائِيان، سومَرا! سَندوءِ،

مُلِڪَ مارُوءَ جي آهِيان، جورِ[209] نَه ٿِيان جوءِ،

سو قَلبُ[210] ڪوٽِ نَه هوءِ، جو هُتي- جَن هَٿِ ڪِيو.

9

ڪَرِيو مُهاڙِ مَلِيرَ ڏي، اُڀِيائِي آهي،

جا مَٿي ڏِنيَسِ مارُئين، سا لوئِي نَه لاهي،

سُومَرا! ساهي[211] سَتِيءَ وِجُهه مَ سَنگَهرُون[212].

10

ڪِيَم مُهاڙِ مَلِيرَ ڏي، مَٿي ڪوٽَ چَڙهِي،

نِتُ نِهاري ڏيهَه ڏي، ڳوڙها پِيَم ڳَڙِي،

نِڱِي[213] ڪُوڪَ قَلبَ مان، مَنجهان رُوحَ، رَڙِي[214]،

ويڙِيچَنِ وَرِي، ڪَرَ[215] نَه لَڌِي ڪَڏِهِين!

11

جي ڪَرَ لَڌائُون، تَه بندِيءَ بَندُ نَه سارِيو،

مارُوئَڙَنِ آئُون، جيڪُس[216] وييَسِ وِسَرِي!

12

بَندِي ٻِيا قَرارِ، اَسين لوچُون[217] لوهَه ۾،

مَٿي تَنِ تَرارِ، سَدا سانڀِيئَڙنِ[218] جِي.

13

لِنگَڙِيارِي[219] لوءَ[220] ۾، جَنِين لئي ٿِياس،

تَنِين تِرَ جيتَرو، پَلَڪُ نَه پُڇِياسِ،

جَهروڪَن[221] جهورِيو هِنيُون، ڪوٺِيَنِ آئُون ڪُٺِياسِ،

مارُنِ مُونجَهه مُياسِ،* ناتَه ماڙِيَسِ ڪِينَ ڪِي.

14

ماڙِيَنِ مارِيَسِ ڪِينَ ڪِي، مُيَس مارُنِ لاءِ،

ڪَرَ لَهَندا ڪَڏِهِين، منهنجي اَچِي ماءِ[222]!

سانڀيئڙن سَداءِ، ويٺو واجَهه وِجهي هِنيُون.

15

ويٺو واجَهه وِجهي هِنيُون، پَرِ ۾ پَهُنوارَنِ،

اَتِ[223] اُڪَندي آهِيان، پائُرَ ۽ پِرِيَنِ،

ڪَرِيان ٻِي نَه ڪَنِ، وينديَسِ وَطَنَ سامُهِين.

16

وينديَسِ وَطَنِ سامُهِين، مَلِيرُ منهنجو ماڳُ،

ڏُٿُ[224] چُونڊِينديَسِ ڏيهه ۾، ساڻُ سَرَتِيَنِ ساڳُ[225]،

تَه مُون سَنئُون سَڀاڳُ، جي ويجِهي ٿِيان وَرَ کي.

17

جي ويجهي ٿِيان وَرَ کي، تَه سَڀاڳومِ[226] سَنئُون،

نِتُ نِتُ[227] آهِه نَئُون، مون کي پَسڻُ پَهُنوارَنِ جو.

18

آئُون ڪيئن ڇَڏِيان، سُومَرا! تَن پَهُنوارَنِ پَچارَ،

جَڙَ[228] جَنِين جِي جانِ ۾، لَڳِي رِيءَ لُهارَ،

ميخُون مَحَبت سَندِيُون، هِينئڙي مَنجِهه هَزارَ،

پَکا ۽ پَهُنوارَ، ڏِٺي مُون ڏينهن ٿِيا.


 

وائي

مُون مَ کَسيجاهُه[229]، مُون مَ کَڻيجاهُه[230] لوئِي، مِيان عُمَرَ!

ساڻُ پُلاهَه نَه پاڙِيان[231]، سُونهين ڏَؤنِرَنِ ڏوئِي،

مِيان عُمَرَ! مُون مَ کَسيجاهُه.

ڪاندُ نَه ڪَندِيَسِ ڪو ٻِيو، مُون وَرُ مارُو سوئِي،

مِيان عُمَرَ! مُون مَ کَسيجاهُه.

کوءِ سي طَعامَ تَن ج، وَرُ سا ڏَؤنرَنِ ڏوئي،

مِيان عُمَرَ! مُون مَ کَسيجاهُه.

جهانگِي جو جَهنگَنِ جو، سيڻُ ڪَمِيڻِي سوئِي،

مِيان عُمَرَ! مُون مَ کَسيجاهُه.


 

 

داستان پنجون

 

1

سُونهن وِڃايُمِ، سُومرا مارُون مَسَ مَڃِينِ،*

ڏُنگا[232] ڏاڏي پوٽيين، ڪَنِ ڏِنا، ڪي ڏِينِ،

جي مان[233] لوهَه لاهِينِ، تَه ڪٽَن ۾ ڪِينَ هُئان.

2

سُونهن وِڃايَمِ، سُومَرا، ميرو مُنهن ٿِيومِ،

وَڃَڻُ تِتِ پِيومِ، جِتِ هَلَڻُ ناهِه حُسنَ ري.

3

سونهن وِڃايَمِ سُومَرا! سِکِرَ[234] جِهَڙي سُونهن،

دِلِ ۾ دُکِي دؤنهن، منهنجو مُنهن ميرو ٿِيو.

4

سُونهن وِڃايَمِ سُومَرا! هِتي اَچِي هاڻِ،

ڪيئن لَهَندِيَمِ ڪاڻِ، حُسنُ مُون هِتِ وِيو!

5

سُونهن وِڃايَمِ، سُومرا! ڪيانهن وِيُم ڪمال،

وڃا ڪيئن وطن ڏي، هِهَڙو وَٺِي حالُ،

جي مان ڏِين جَمالُ،* تَه پَسان منهن پَهُوارَ جو.

6

سُونهن وِڃايَمِ سُومَرا! وَطَنِ وَڃان ڪيئن؟

حُسنَ ڌاران هِيئَن، پَسان ڪيئن پَهُنوارَ کي.

7

سونهن وِڃايَمِ سُومرا! پَسان ڪيئن پَهُنوارَ،

ڌَڻِي[235] جا ڌَڙارَ[236]، تنهن[237] رِيءَ رُوءِ[238] رُچَڻُ[239] ناهِه ڪو.**

8

سُونهن وِڃايَمِ سُومَرا! عُمَرَ! ٿِيَس اَسِيرَ[240]،

مارُو مَنجِهه مَلِيرَ، مُون سين هِتِ هيئَن ٿِيو.

9

سُونهن وِڃايَمِ سُومَرا، ٿيندِيَسِ ڪيئن قَبُولُ،

ڪونهي سُهَڳُ[241] نَه سُولُ[242]، پُوچي مُنهن پَهُنوارَ سين.

10

تَنِ مُنهن موچارا مارُئين،* مَليرُ[243] جَنِين ماڳُ،**

ناقِصَ نَوازي گَهڻا، سَندو تَنِ سَڀاڳُ،***

اَڱُڻِ مُون اَڀاڳُ، حُسنُ تي[244] هِيئن ٿِيو!+

11

ڪونهي قادِرُ ڪو ٻِيو، اُنهين جو اَڀاڳُ،+

قُلُ لّن يُصّيبَنَاَ اِلاّ مَا کَتَبَ اللهُ[245]، اِيءُ مَعذِرَتَ ماڳُ،

سَڀوئِي سَڀاڳُ، مارُئِيءَ مُساوِي[246] ٿِيو.

 

وائي

مَنجِهه رَهِي مَلِيرَ، هارِي! مُون ڪوهُه ڪِيو.

مُون هَٿان، منهنجا ڌَڻِي، سَهَسين ٿِيا صَغِيرَ[247]،

هارِي! مُون ڪوهُه ڪِيو؟

پَکِي مَنجِهه پَهُنوارَ جي، ڪوڙِيين ڪِيَمِ ڪَبِيرَ[248]،

هارِي! مون ڪوهُه ڪِيو؟

ٻُڙو[249] لاهِه مَ ٻاجهه جو، مُون تان منهنجا پِيرَ،

هارِي! مُون ڪوهُه ڪِيو؟

ٿَڌِيُون وَلِيُون ٿَرَنِ ۾، ڪوڙيين ڪِرِڙَ، ڪَرِيرَ[250]،

هارِي! مُون ڪوهُه ڪِيو؟


 

 

داستان ڇهون

 

1

جِهَڙي آيَسِ جيئن، جي تَهَڙي وَڃان تَنِ ڏي،

تَه لالائِيءَ[251] جا، لَطِيفُ چي، ڪَرَ[252] مُندَنِ[253] اُٺا[254] مينهن،

ماڙِيءَ لَڳُمِ مِيهَڻُو[255]، سَڀَ ڄَماندَرَ[256] سِينءَ[257]،

ٿِيَسِ ڪاڻِيارِي ڪانڌَ جِي، هِتي اَچي هيئن،

ڪَنڌُ کَڻَندِيَسِ ڪيئن، مَنهَه[258] مارُوئَڙَن جي.

2

جَهڙِي آيَس جيئن، جي تَهڙِي مِلان تَنِ کي،

ڦِران، ڦَرَ چارِيان، هِينون چَئيم هيئن،

وَان ڪيئن وَطَنَ ڏي، ڪاڻِ لَهَندِيَمِ ڪين؟

مُندائِتي مِينهن سونهان سَرَتِيَنِ وِچَ ۾.

3

هيڪُ جيئن نَ ڄاياسِ، ٻييو ڄاپَندي جي مَران،

گَهنگَهر[259] گَهڻو ٿِياسِ، چاپِي، مارُوئڙَن کي!

4

هِيءُ مُنهُن ڏيئِي ٻَنِ، تُون وِهُه کائِي نَه مرين؟*

تان جي مَلِيرَ- ڄائِيُون، تو سين سَڱُ نَه ڪَنِ،

تُون ڪيئن مَنجهان تَنِ، پاڻُ ڪوٺايين مارُئِي.

5

عُمَرَ ٻَنِ جِيو[260]، کوءِ منهنجو سُومَرا،

جا پَرِ نه پَهُنوارَنِ جِي، مُون سين تيئن ٿِيو،

وَٺِي مُنهن ڪِهو[261]، وَڃان وَطَنَ سامُهِين.

6

مَ سپَنِي[262] مارُئِي مُئِي، مَ ڄائِي،

جنهن اَچِي عمرڪوٽَ ۾، لوئِي لَڄائِي،

جا سانگِيَنِ سِيڏائِي، سا ڪِينَ مَرَڪي ماڙِيين.

7

بِاللهِ[263] آهِيان بَندَ ۾، ڌئان ٿِي ڌَٻَرُ[264]،

ويڻ وَراڻِي ناهِه ڪا،** سُومَرو سَٻَرُ[265]،

مِيان! مِهرِبانُ ڪَرِيين، اِلاهِي! عُمَرُ،

ويڙِهه[266] پَسان سو وَرُ، جيڏانهن عالَمَ آسَرو.

8

اَلا! اِيئن مَ هوءِ، پوءِ جيئن آءٌ مَران بَندَ ۾،

جُسو زَنجيرنِ ۾، راتو ڏِينهان روءِ،

پِهرِين وَڃان لوءِ[267]، مَرُ پُڄَنِمِ[268] ڏينهڙا!*

9

آئُون بَندَ ۾، ڪِ ڪِي[269] پييَس بَندِ؟**

مُونهين[270] لَڳو مِيهَڻو،*** ڪِ مُونهِين ڪَڙو[271] ڪَنڌِ؟

مَران جي هِنَ هَنڌِ، تَه نِجاهه[272] مَئِٿُ[273] مَلِيرَ ڏي.

10

واجهائي وَطَنَ کي، ساري ڏِيان ساهُه،

بُتُ منهنجو بَندَ ۾، قَيدِ مَ ڪَريجاهُه[274]،

پَرَڏيهياڻِي پرينءَ ري، ڌارَ مَ ڌريجاهُه،

ٿَڌِي وَسائِجاهُه ٿَرَنِ جِي، مِٽِي مُئِيءَ مَٿاهُه[275]،

جي پويُون ٿِئي پَساهُه، تَه نِجاهُه مَڙهُه مَلِيرَ ڏي.

11

واجهائي وَطَنَ کي، ساري ڏِيان ساهُه،

هِيءُ سِرُ ساڻِيهَه[276] سامُهُون، منهنجو نِجِ، مِيان!

مُقامِياڻِي[277] مارُئين، وَڃِي ٿَرِ ٿِيان،

مُيائِي جِيان،+ جي وَڃِي مَڙهُه مَلِيرَ ڏي.

12

واجهائي وَطَنَ کي، آئُون جي هِتِ مُياسِ،

گورَ[278] منهنجي سُومرا! ڪِجِ پَهُنوارَنِ پاسِ،

ڏِجِ ڏاڏاڻي ڏيهَه جي، مَنجهان وَلڙينِ واسِ[279]،

مُيائِي جِياسِ، جي وَڃي مَڙهُه مَلِيرَ ڏي.

13

ڳِچِيءَ ڳانا[280] لوهَه جا، زيرِيُون[281] ۽ زَنجِيرَ،

پَيڪَڙا[282] پيرَنِ ۾، ڪوٺِيَنِ اَندِرِ ڪِيرَ،

چارِي[283] چَوگانَن[284] ۾، واهِيَتَ[285] ڪَنِ وَزِيرَ،

ڇَنِ[286] نَه ڇَڄي[287] آهِيان،* اِهَڙِيءَ سِٽَ سَرِيرَ،**

مارُو ڄامَ مَلِيرَ، پُڇِجِ ڪِي پَهنوارِ کي.

14

ڇَنِ نَه ڇَڄي هيٺِ، ڪُڇَن[288] آهيان ڪوٽَ ۾،

لوئِيءَ سين، لَطِيفُ چي، ڀِيڙِيو ٻَڌان ڀيٺ[289]،

سَرَهِيُون سي سَرَتِيُون، وَطَنِ جَنِين ويٺ[290]،

اُتِ سَپَڄي اُنَ سَسَن[291] جِي، هِتِ رَڇائِين[292] ريٺ[293]،

ماڻِيان شالَ مَلِيرَ ۾، مُدائِتِي ميٺ[294]،

ڏيهِياهَه[295]! ڪِجاهُه ڏيٺ[296]، ڪا مَدَتَ[297] مُون سين ماڙيين.

 

15

ڇَنِ نَه ڇَڄي آهِيان، ڪُڇَنِ ۾ ڪوٽَنِ،

اِيندي[298] پييَمِ اُبَتا، پَيڪَڙا پيرَنِ،

هَٿَڙِيُون[299] هَٿَنِ، ڄَنگُهون ٻانهُون ڪاٺَ ۾!

16

هَٿين هَٿَڪَڙولَ، هِينئَڙي پِيَمِ هُنِ جا،

سانگِي سارِيَم، سُومَرا! ڍاٽِي پاسي ڍولَ،

ٻاٻاڻَنِ سين ٻولَ، ڪِيَمِ نَه ڪوٽَ ويهَڻَ جا.

17

زيريين ٻيڙيين لوهَه ۾، ڳَٽَنِ[300] ڪِيَس ڳاهُه[301]،

سُونڪي[302] سَندي سُومَري، هَڏِ نَه چاڙهِيَمِ ماهُه[303]،

سَرَتِيُون! دُعا ڪِجاهُه تَه ڀَرَمُ ڀاروڙِيءَ[304] رَهي.

18

ڀَرَمُ ڀاروڙِيءَ رَهي، جنهن ۾ اَڇِي اُنَ،

تَه پُڻِ ويٺِي وِنڌِيان[305]، توڙي پُونِس تُنّ[306]،

غافِلِ رَکُ غَرِيبَ کي، عُمَرَ! مَنجِهه اَمُنَ،

سَرَتِيَنِ ساڻِ سَمُن[307]، آهِمِ اُٺي مِينهَڙي.*

19

آهِمِ اُٺي مِينهَڙي، سَمُنَ سَرَتِيُنِ ساڻِ،

ڪنهن پَرِ لاهِيان ڪاڻِ، وَڃِي ويڙِيچَنِ سين.

 

وائي

عُمَرَ! آئُون مَرِي، تان نَه ڇَڏِيندي، لو!

مِٽِي مارُوئَڙَنِ جِي.

مِينهَنِ اُٺي[308] مارُئين، لالَنِ ساڻُ لَڏِيندِي،

مِٽِي مارُوئَڙَنِ جِي.

سِرِي[309] منهنجي، سُومَرا! ٿَرَنِ ڪِينَ ٿَڪيندِي[310]،

مِٽِي مارُوئَڙَنِ جِي.

هَمِيراڻا هَٿَڙا، مِهِري[311] ڪِينَ مَڃِيندِي.

مِٽِي مارُوئَڙَنِ جِي.


 

 

داستان ستون

1

پَهُنوارَنِ پاٻوهِيو[312]، وَرِيا واهوندا[313]،

سارِيَم سيڻَ، سَيّدُ چي، گاڏِيلُيُون[314] گُوندا[315]،

ڀِٽُن ڀَرِ هوندا، ڀُنگا[316] ڀَڙَ[317] ڀَتارَ جا.

2

پَنهُوارَنِ پاٻوهِيو، ڪِي وَسَ واهوندنِ،*

لَٿو سيءُ، لَطِيفُ چي، ٻَڌو ڦَڻُ[318] ڦَرَن،**

اوءِ ٿا ڪورِنِ[319] ڪُونئَري[320]، سَرَتِيُون! مَٿان سَسَن[321]،

عُمَرَ! اُن اَگُوندَرِي[322]، پاسي ڪانڌ ڪَتَنِ،***

پائُر[323] ڏنيون پُٺِيون[324]، ننڍن نوراپن[325]،+

کائر کَٿِيُون خاصِيُون، اُوچِيُون اُتِ اُڄَنِ،

ڪَڍِيو پيڻُ[326] ڪَهَنِ،+ مَليرِ گُهرِجي مارُئي!

3

پَهُنوارَنِ پاٻوهِيو، ڪِي واهوندنِ وَسَ،

عُمَرَ اُنهِين ڏيهَه جا، ڏوٿِيَن[327] ڏِٺَمِ ڏَسَ،

وَلِيُون، وَڻَ ڦُلارِيا[328]، لُلُر[329] نِڱِيو[330] لَسَ[331]،

آڻِيو وِجَهنِ آهُرين، سَندا ٽُوهَن[332] ٽَسَ[333]،

ميوا، مَڃُرَ[334]، ماکِيُون، سَڀَ ڪا چَکَنِ چَسَ[335]،

ماڙِيءَ وِهي مَسَ، مَلِيرِ وِيندِي مارُئِي.

 

4

آڻِينِ ڪِي چاڙهِين،+ ڏُٿُ ڏِيهاڻِي سُومَرا!

سَٿا ڪِيو، سَيّدُ چي، سائُون سُڪائِينِ،

مَنجهان لَنبَ[336] لَطِيفُ چي، چانئُر[337] ڪِيو چاڙهِينِ،

پُلاءُ نَه پاڙِينِ، عُمَرَ! آراڙِيءَ[338] سين.

5

تَنِ وَهِيَنِ ويڙِيچنِ ۾، سَدائِين سُڪارُ،

چونڊيو، آڻِيو چاڙهِيُون، سَندو ڏَؤنرَنِ ڏارُ[339]،

جَنِ جو ويڙِنِ[340] سين واپارُ[341]، سي ڏوٿِي هُونِ نَه ڏُٻَرا.

6

ٿوري قُوتِ قَرارِيا، رَهَنِ سَٻَرَ[342] سَتّ،*

کَٿِيءَ ۾ کَهَه[343] ڀَڪُلِيا[344] ڀُوڻَن[345] اَهَڙِيءَ ڀَت[346]،

پَهُنوارَڪِي پَتِ[347]، پيهي پُڇ مَلِيرَ ۾.

7

نَڪا جَهلَ نَه پَل، نَه ڪو رائُرُ[348] ڏيهَه ۾،

آڻِيو وَجَهنِ آهُرين، روڙِيو[349] رَتا[350] گُلَ،

مارُو پاڻَ اَمُلَ[351]، مَلِيرون[352] مَرَڪَڻُو.[353]

8

مَٿَنِ[354] ٽُٻَڪ[355] ٽُٻَڪَڙا[356]، چِڪَندَڙا[357] اَچَنِ،

کُڙِيُون کيهَه ڀَڪُلِيُون، پَگَهرُ، سِر[358] پيرَنِ،

اِي وَڙَ[359] ويڙِهِيچَنِ، مُون لوڏائِين[360] لَکِيا[361].

9

تَنِ ساڏوهِيَنِ سَڏَ مَران، ڏِنگا جَنِين ڏارَ،

ڀُڻِي ساڻُ ڀَتارَ، پائُر پيرُون چُونڊِيان!

 

10

پاڻهي پَچِي پييِئِيُون،[362] رِيءَ واهِيَتَ[363] رِيءَ واڙِ[364]،

جُوءِ ڪُشادِي جيڏِين، مَلِيرَ موڪَ[365] مُهاڙِ[366]،

اُتِ اَباڻا جنهن جا، سا ماڙِيءَ مُورِ مَ چاڙهِه،

جي اُڪَنڊِيُون آراڙِ[367]، لوهَه تَنِين کي لاهِيين!

11

دَرَ، دَروازا، دَرِيُون، هاڻي هِتي هو،[368]

ڪوڙيين اَڏِيان ڪيتَرا، تَنبُو مَٿاءَ تو،

جي مُلِ[369] نَه آيا، مارُئِي! تَنِين[370] رَڙُ مَ رو،

ڪُوڪَٽُ[371] آهي ڪو، پُسِيءَ پَهُنوارَن[372] ۾.

12

سَنِهِيءَ سُئِيءَ سِبِيو، مُون مارُوءَ سين ساهُه،

ويٺِي سارِيان، سُومَرا! گولاڙا ۽ گاهُه،

هِنيُون منهنجو هُتِ ٿِيو، هِتِ مِٽِي ۽ ماهُه[373]،

پَکَنِ مَنجِهه پَساهَه، قالِبُ[374] آهي ڪوٽَ ۾.

13

سَنِهِيءَ سُئِيءَ سِبِيو، مُون مارُوءَ سين مَنُ،

هَڻِي کَڻَ[375] حِلِمَ[376] جا، تَهِه[377] وِڌائِين تَنُ،

ڪيئن ٽوپايان ڪَنُ،** اَباڻِيءَ اِبرَ[378] ري؟

14

پاڇاهِي[379] نَه پاڙِيان، سَرَتِيُون سُئِيءَ ساڻُ،

ڍَڪي اُگهاڙَنِ کي، ڪِينَ ڍَڪِيائِين پاڻُ،

ٻِيهَرَ ڄاپي ڄاڻُ، اِبرَ جي اوصافَ[380] کي.*


 

 

وائي

رُوندي راتِ وِهاءِ مون ک رويو راتِ وِهاءِ[381]،

عُمَرَ! مِيان سُومَرا!

آئُون بَندِياڻِي بَندَ ۾، ڪِ ڪي بَندِ ٻِيا؟

عُمَرَ! مِيان سُومَرا!

مون کي ڏيهان[382] نِڪَري[383]، ٻَه ٽي ٿوڪَ[384] ٿِيا،

عُمَرَ! مِيان سُومَرا!

هِڪُ عُمَرَ مَنڊِيا[385] مامِرا[386]، ٻِيو مارُو ٿَرِ ٿِيا،

عُمَرَ! مِيان سُومَرا!

عُمَرَ! بَندِياڻِيَنِ سين، جورو[387] تو نَه جُڳاءِ،

عُمَرَ! مِيان سُومَرا!

 

داستان اٺون

 

1

چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، وِسارِيان، ڪِينَ وَري،

ڪَنان[388] عَهَدَ اَلَسّتَ جي،* ڪِ تِهائِين پَري،**

لَمّ يَلِدّ وَلَمّ يُوّلَدّ[389]، مارُئِي ڪوهُه ڪَري،

اَڄُ ڪِ ڪالَهه مَري، ساري[390] سانڀِيئَڙَن[391] کي.

2

چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، وِسارِيان، ڪِينَ وَري،

جَنِ ٿي پيءُ[392] پِيارِيو، مَنجهان سِڪَ سَري[393]،

وَهِيَنِ ويڙيچَنِ جي، سِٽائُنِ[394] سَري[395]،

ٿَرَنِ[396] ٿوڪَ[397] ري، اُٺي[398] وِيَئَڙا اُڪَرِي.***

3

چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، وِسارِيان ڪِينَ وَرَنِ[399]،

لَيّسَ ڪَمِثِلہ شَيءُ[400] پَسَڻُ ناهِه پِرِيَنِ،

پَکا پَهُنورانِ، نيئِي اَڏِيا ناهِه[401] ۾!+

4

چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، گهارِينِ مَٿي گَهٽَ،

کَهَه مانڌاڻُو، مَکَڻِي، ڍوئِينِ[402] پاسي ڍَٽَ،

پَهُنوارَڪي پَکَڙين، وَڃِي ڪَرِيان وَٽ[403]،

ساڻيهَه سامُهِين سَٽَ[404]، ڪَندِيَسِ ڀَڃِي ڪَڙَنِ کي.

5

چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، هُرَنِ مَنجِهه هِيئين،

لُطفُ ٿِيو، لَطِيفُ چي، مِهرَ ڪِي مِيين،

ڏُکِيءَ کي ڏِئين، سَرَهايُون ساڻيهه جُون.

6

چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، سَدا مَنجِهه سَرِيرَ،

لَڏي ڪنهن لوءِ[405] وِيا، مارُو مَنجِهه مَلِيرَ،

ويٺِي پُوڄِيان پِيرَ، مانَ مَلَنِمِ ڪَڏهِين!

7

چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، رَهِيا اُندَرِ رُوحَ،

اُٺي وِيئَڙا اُڪَرِي، مارُو مَٿي مُوهَه[406]،

ويرُون[407] وِلوڙَڻ[408] جُون، سارِيان گَهڻُو صُبُوحَ،

وَرُ[409] سي کارا کُوهَه، سِنجِيَمِ جي[410] ساڻيهَه جا!

8

ورُ اُهائِي ويرَ، جيئن ڌَڻُ تَسِي[411] تَڙِ آئِيو،

سَرَتِيَنِ ڏُٿُ سَبِيلَ[412] ڪِيو، اَڱڻِ چوئي ڍيرَ،

هِنئون اُن جي هيرَ ٿو جِهڄي جَهرو ڪَ[413]ن ۾.

9

بِيرَ[414] کَنيائُون بَرَ ۾، پِيارِينِ پَهُون[415]،

سِنجَنِ ساٺِيڪَنِ[416] تي، وَڏِيءَ ويرَ[417] وَهُون[418]،

پايو جَرُ[419] جَنڊَنِ[420] ۾، ڪوڏان[421] ڪَنِ ڪَهُون[422]،

ڏِينهان ڏينهن نَئُون، مون کي وِرِهُه ويڙِيچَنِ جو.

10

آڌِيءَ اَٿِيَنِ تي[423]، جيلانهن پاڻِي پاتارَ[424] ۾،

وارو ويسَرِيَنِ کي، ڏينهان ڪونَه ڏِئي،

مُون ڪَمِيڻيءَ کي، مَٿان کُوهَه کَڻِي وِيا.

11

سَرَتِيَنِ سِنجَڻُ ڇَڏِيو، سَتِيَنِل ڳالِهه سُئِي،

ماڙيچِي[425] ماڙِيَنِ ۾، ڪَڏِهن ڪانَه هُئِي،

عُمَر! آن نَه مُئِي، اِنَ اوڀالِئان[426] اَڳَهِين.

12

ڀِنِيءَ[427] جي ڀُوڻَن[428]، ڀيحَ[429] ڀُڻِڪو نَه سُڻيانِ،

سِنجَڻَ وارِيُون سَتِيُون، وَڃِي ويڙ[430] وَرَنِ،

پِيا سيٽَ[431] سَڙَنِ، تَرَهي[432] ٻنهي ڪَنڌِيين.*

13

سَڀِ نَه وَڃِي سُتِيُون، اَڃا ڪِي سِنجَنِ،

پِيو، سي پَهَرِن، جي اُڃائِجِي آئيُون.

14

ٻُري[433] نَه ٻَڪَرَ دانهن، ڀوڻُ[434] ڀُڻِڪو[435] نَه سُڻِيانِ،

مِيان مارُوئَڙنِ جا، اوڻا[436] ڏِسان آنهن[437]،

جَنِ ساٺيڪا سِنجِيا، سي ڌَڻِي ڪِيَڙءِ ڪانهن[438]،

پَکا کَڻِي پَرانهن[439]، جيڪُسِل لَڏِيو لوئِڙِيارِيين[440].

15

سِنجي سِنجي کُوهَڙا، ويڙهي وِيا وَرتَ[441]،

مِيان! مارُوئَڙَنِ جِي، مون کي هينئڙي ۾ حَيرَتَ،

چُڻِڪَنِ اَندَرِ چِتَ، سانڀِيئَڙا، ساڏوهِيُون.

16

کُوهَرَ[442]، ٿُوهَرَ[443] ٿَرَ، جِتِ ساٺِيڪا ۽ سَٽِيُون[444]،

چارِنِ اُتِ چاهَه مَنجهان، پاسي ڦوڳَيَن[445] ڦرَ،

ڪيئن لَهندَمِ ڪَرَا، جيئن مارُو پاڻُ اَپارِيا[446].

17

عُمَرَ! ٿِيَم اَپارَ[447]، وِرِهُه وَٽِيان[448] ڪَنِ سين؟

ڏوٿيئڙا ڏُورِ ٿِيا، تَڳان جَنِ تنوار،*

سِٽائُون[449] سَنگهارَ، کُوهَنِ تان کَڻِي وِيا.**

18

مُون ماڙِيءَ جو، سُومَرا! ٻنهِي پارين[450] ڏُکُ،

هِتِ عُمَرَ جو اَهُکُ[451]، هُتِ مارُو ڏِينمِ مِيهَڻا.


 

وائي

پَرَچَنِ شالَ پَهُنوارَ، ڍولا! مارو مُون سان، لا!

مُون[452] مُورائِين[453] مَدِيُون، آهِنِ سيڻَ سَتارَ،

ڍولا! مارُو مُون سان، لا!

عَيبَنِ ڀَرِي آهِيان، سَتُرُ ڪِج[454] سَتارَ،

ڍولا! مارُو مُون سان، لا!

اُٺا مينهن مَلِيرَ ۾، تَڙ تَڙ پوءِ[455] تنوارَ،

ڍولا! مارُو مُون سان، لا!

پائي آيَس پاندَ ۾، اَوَڳُڻ، عَيبَ اَپارَ،

ڍولا! مارُو مُون سان، لا!


 

 

داستان نائون

 

1

جُهڙِ ڦُڙِ[456] جِتِ ٿِيا[457]، اُتِ آڏِيائُون پَکَڙا،

هِنَ منهنجي حالَ جو، قَدُرُ نه ڪيڻانِ[458]،

جيڪُسِ آنّ وِسَرِيانِ، مارُو قُوتِ قَرارِيا.

2

جُهڙِ ڦُڙِ مَٿي مارُئين، جِتِ چِيها چِلُڙَ[459] چِڪَ،

اَندَرُ ٿو اُڃَ مَري، ساهُه اُنِين جي سِڪَ،

پِيَهُون[460] شالَ پهِيُون[461] ڀَري، تِئان[462] ڏيئِي ٽِڪَ،

وَرُ[463] پِرِيان سين پِڪَ، ٻِيا ڀاڻَ[464] ڀَرِيائي گهورِيان.

3

ڍَٽين پَٽين ڍيرَ، مَهِيَن[465] مارُوئَڙَنِ جا،

پائُرَ سَڀِ پَچِي پِيو، گَهرِ گهارِيندي ڪيرَ؟

ڪوٺِيين لَڳَنِ ڪِيرَ[466] مَحَلين مُنجهي مُون هِنيون.

4

هِنَ مُندَ[467] مارُو سَنَرا[468]، ويڙِيين وَڳَ وارِين[469]،

ڇَڇِئان[470] ڇيڪارِيو[471]، ڇيلَڙا، پَٽين[472] پَهِرائِينِ،

نيڻَ منهنجا اُنِ کي، جَهجهو جَرُ هارِينِ،

تاڙا[473] تنوارِينِ، مينهن وَسَندا، موٽُ تُون.

5

هِنَ مُند مارُو سَنَرا، کائُرَ ۾ خُوشحالَ،

سائُون، سِيارِڇُ[474]، مَکَڻِي، جيڏِيُون! آڻينِ جالَ[475]،

سَتِيءَ جِي، سَيّدُ چي، ڪا ساڻيهه[476] مَنجِهه سَنڀالَ،

لِڱنِ تان، لَطِيفُ چي، لوئِي لاهه مَ لالَ!

ڀَلو ڪَندو ڀالَ، مينهن وَسَندا، موٽُ تُون.

6

هِنَ مُندَ مارُو سَنَرا، ڍَنگَرَ[477] ڍارَ[478] رَهَنِ،

پاڻِي پُوڄَ[479] پَٽَنِ ۾، پَکي پاندِ[480] پِيَنِ،

هِنَ کي لوهه، لَطِيفُ چي، هُوءِ کائُرَ مَنجِهه کِلَنِ،

کاٽُونبا[481] کاڄَنّ، مينهن وَسَندا، موٽُ تُون.

7

هِنَ مُندَ مارُو سَنَرا، ساڻيهَه مَنجِهه سُڌِيرَ[482]،

هِنَ کي لوهه، لَطيفُ چي، ڪوٺِيَنِ اَندَرِ ڪِيرَ،

مِها[483] مَنجِهه مَلِيرَ، مينهن وَسَندا، موٽُ تُون.

8

هِنَ مُندَ مارُو سَنَرا، جِيائي[484] جالِينِ[485]،

چاريو لَنبَ، لَطِيفُ چي، واڳِيين[486] وِهارينِ،

ڪيٽائي[487] ڪاهِين، مينهنِ وَسَندا، موٽُ تُون.

9

کاروڙِيان[488] کَڻِي، ويڙِيجَهپ[489] وِيا،

سيڻَ منهنجا، سَيّدُ چي، هاڻي هِتِ هُئا،

پَسِي پَڊ[490] اُٺِين جا، لَڙِي لَڙڪَ پِيا،

ڏيهِي ڏُورِ وِيا، ڏِيان ڏوراپو ڪَنِ کي.

10

سَدا جَنِ پَرِياڻُ[491]، پانڌِي پَکي لَڏَ سين،

مارُو ڳُڻَنِ ساڻُ، وِئَڙا ٿَرِ اُڪَرِي!

11

مَٿي ٿَرَ رَهِي، وِيا گُذاري ڏينهڙا،

ڪَڏِيهن ڪونَه آئِيو، تَنِ پَهُنوارَنِ پَهِي[492]،

وِيئَڙا سي وَهِي[493]، جَنَبُ[494] گُذارِيَمِ جَنِ سين!

12

پاسا پولَڙِيَنِ ۾، ٻانهُون سِرِ[495] ٻيئِي،

اَکِيُون،نَڪُ اَريجَ[496] ري، ٽِمايَمِ ٽيئي،*

ڏُورِ ٿِيا ڏيهِي، پِرِين پائُرَ وَٽِ[497] ۾!

13

ٿاجا[498] ٿَرَ بَرَ جَهلَ[499]، پِپُون[500] پائُرَ وَٽِ ۾،

سيئِي سارِيو سُومَرا! اَچي آبَ اُڇَلَ،**

سانبِيَن[501] ڏِنَمِ سَل[502] ڏِٺي جَنِ ڏينهن ٿِيا!

14

جُهران، جِهڄان تي[503]، جيئن پَسَڻا[504] پَري ٿِيا،

اَلا! اوٺِي آڻِيين، جو کِينءَ[505] جِي خَبَرَ ڏي،

مَنَ منهنجي کي، واڪو[506] لَهي وِيڙِهه جو.

 

وائي

ويڙِهِيچَن ڏي وِيندِي، عُمَرَ! آئُون مارُوئَڙنِ ڏي وِيندِي،

ڏيهَه ڏاڏاڻِين پَکَڙين.

سَڱَرَ ساهِيڙيَنِ سين، ساڻيهه مَنجِهه سَٽِيندِي،

ڏيهَه ڏاڏاڻين پَکَڙين.

اُٺا مينهن مَلِيرَ ۾، ڌاڳا[507] ڌَٻَرَ[508] ڌوندِي،

ڏيهَه ڏاڏاڻِين پَکَڙين.

عُمَرَ! اُنهِين ڏيهَه جا، ڪوڏَرَ[509] قُوتُ ڪَرِيندِي،

ڏيهَه ڏاڏاڻين پَکَڙِين.

گولُون گولاڙَنِ جُون، جَهپي ساڻُ جَهٽِيندِي،

ڏيهَه ڏاڏاڻين پَکَڙين.

ڪوڪَڙِ[510] ڪَنڊيرِنِ ۾، ڦُوڪِيو، ڦُڪَ ڀَرِيندِي،

ڏيهَه ڏاڏاڻِين پَکَڙِين.

عِيدُنِ بَرادُن تي، کِهَه مانڌاڻُو کِيندِي[511]،

ڏيهَه ڏاڏاڻين پَکَڙين.

پُسِي کائِي پيٽَ ۾، ڏؤنرا ڏَنُ[512] آن ڏِيندِي،

ڏيهَه ڏاڏاڻين پَکَڙين.


 

 

داستان ڏهون

 

1

اُٺي [513] ٿِي وَراڻ [514]، کِينءَ[515] واڌايُون آئِيُون

لَٿِي لوئِڙِيارِيين [516]، مِڙَنِي مُنهن ڪاڻِ،

صُلحُ وارِيو سُومَري، چَئِي پَهُنوارَنِ پاڻِ،

هَمِيرَنِئُون هاڻِ. مُهُتَ [517] لَهَندِينءَ مارُئِي.

2

ڌُرِيائين ڌارَ، جي وَڍي وَڻَ جدا ڪِيا،

تَنِ سُڪَنِ ڪِهَڙِي سارَ، تَه ڪِ اُٺا مينهن مَلِيرَ ۾.

3

آيو ڪيرُ ڏيهاءِ [518]، جنهن ڪَرَ پُڇان خَبَرُون،

وِڄُون اِنَ وَڻاءِ [519]، راتِ مارُوءَ تي وَٺِيُون.

4

اُتان اوٺِي آئِيو، خَبَرَ اِيءَ کَرِي[520]،

وِساريج مَ وَرَ کي، پَئِجِ مَ مُنڌَ! مَرِي،

وِيندِينءَ اُتِ وَرِي، ڪو ڏينهن آهِيين ڪوٽَ ۾.

5

ڪو ڏينهن آهِيين ڪوٽَ ۾، لوئِي هَڏِ مَ لاهِه،

ڪامَڻِ[521]! آنهنجي ڪُرَ جِي، آڏِ[522] وَڏائِي آهه،*

هِتِ مَ پاڙِجِ هيڪَڙو، پائُرِ جي پَساهِه،**

سَتِي! سِيلُ[523] نباهِه مَلِيرِ وِيندِينءَ مارُئِي.

6

سي ساهِيڙِيون سارِينِ تو، سِيلُ جَنِين جو سَچُ،

مارُوءَ رِيءَ مَ مَچ[524]، سِيهو[525] ڀانئج سونَ کي.***

7

ساهيڙِيُون سارِين تو، سَچُ جَنِين جو سِيلُ،

نَه ڪو قالُ نَه قِيلُ[526] اُنِين جي اَدَبَ ۾.

8

جو ڏيهُه ڏاڏاڻِئان آئِيو، پيرين تنهن پُئان[527]،

سانڱائِتُوءَ[528]، سَيّدُ چي، سَندِيُون چِتَ چُئان[529]،

هِتي تان نَه هُئان[530]، حرفَ لَٿي هيڪَڙي!X.

9

جو ڏيهه ڏاڏاڻِئان آئِيو، ڏِنُم تنهن طَعنو:

پائي ويهُه مَ پلَنگين، ڳِچِيءَ سِرِ ڳانو،

مَٿان لَڪَ[531]، لَطِيفُ چي، کانءِ[532] مَ خزانو،

سَرَتِيَنِ سِيلُ چَوائِيو[533]، جورِ هَڻِي جانو،

ٿِيو سَڏُ سَمانو، حَرفَ لَٿي هِيڪَڙي.

10

مُون سين مارُوئَڙِيُون، ڪِهَڙِيءَ رِيتِ رُسَندِيُون،

چوٽِيءَ ۾ چِيڙُ پِيو، پِييَمِ رَتُ- ڄَيُون[534]،

نيڻين نِنڊَ وِهُه ٿِئِي، ساري ساڏوِهُيون[535]،

هِتي جي هُيُون، تَه سُڌِ پِيينِ سِيلَ جِي.

11

سَتِي تنهنجي سَتَ ۾، ڳالِهه گُهرِجي ڳَچُ،

وَڍِيو، چِيرِيو، چِچِرِيو، پَرِ ۾ اُڀِي پَچُ،

ساڻُ اَمانَتَ اَچُ، تقه ٿِيين سَمانِي[536] ساڻيهه ۾.

12

جانڪِي سَتِيَنِ سِيرُ، تانَ ڪِينَ وِيهَندِيَسِ ڪوٽَ ۾،

سپَ سَمُنڊِين سَپَجي، نَدِيءَ پِيئي نَه نِيرُ[537]،

جيئن هُوءَ اَبرَ[538] آسَريءَ، تيئن مُون مَنِ مَلِيرُ،

کائُرِ پِيئَڻ کِيرُ، جي اَمانَتَ اُتِ وَڃي!

13

جَرَ ۾ سِپُون جِيئن، آهِينِ اَبرَ آسَري،

جيئن ڪُنجُون[539] سارِن[540] روهَه[541] کي، مُون تَن اَندَرِ تِيئن،

هُتِ وَعِدا وَڃَڻَ جا، هِتِ نَه ڀانيُمِ هِيئن،

ڪوٺِيَنِ وِهان ڪيئن، جي نَظَرَبَندِياڻِي نَه هُئان.

14

سِپَ سَمُنڊين سَپَجي، اَبُر[542] آساروس[543]،+

ٻاڙو[544] پِيئي نَه ٻِپُڙِي[545]، مِٺو مُنهن لَڳوسِ[546]،

ماڻِڪُ تي مِڙِيوسِ، جيئن تَنگُ[547] ڪَڍِيائِين تارِ ۾.

15

سِکو، سَڀَ سَرَتِيُون! سِپُنِ مُلا[548] سِيرُ،

ٻِيو مَٽائي نِيرُ،* اُڀِيُون اَبَرَ آسَري.

16

سِکو سِپُن کان، سَرَتِيُون! رِيتِ سِڪَڻَ جِي،

مَڱنِ جَرُ مَٿان، اوري ڪَنِ نَه آسَرو.

17

پِهرِينءَ راتِ پَسِي، مُون ماڙِيءَ مَنُ ڦِڪو ڪِيو،**

موهَر[549] مارُوئَڙَنِ کي، واحِدَ! ڏيجِ وَسِي[550]،

آهَرَ[551] جنهن اَسِين، سو مِلَندو شالَ مَلِيرَ ۾.

18

وَطَنَ رِيءَ ويهِي، جي هِتِ گهارِيَمِ ڏينهڙا،

اوءِ مارُو ڏِيندَمِ منهن ۾[552]، ڏاڏاڻا ڏيهِي،

پَکَنِ ۾ پيهِي، شَلَ مَحَلَنِ جِي مَرُ ڌُئان!


 

وائي

منهنجو مَنُ، مِيان! واڳِيو ويڙِيچَنِ سين.

پاهي[553] پاکِي[554] پَٽَڙِي، پِرِيَنِ ساڻُ پِيان!

واڳِيو ويڙِيچَنِ سين.

پيرُ نَه ڇَڏِيان پِرِينءَ جو، جانسين ٿِي جِيان،

واڳِيو ويڙِيچَنِ سين.

حَرفَ لَٿي هيڪَڙي، هِتي تانِ نَه هُئان،

واڳِيو ويڙِيچَنِ سين.

کِيرُون[555] کَٿِيرِيَنِ کي، وَڃي ڏيهَه ڏِيان،

واڳِيو ويڙِيچَنِ سين.

آئُون ڪيئن لوئِي لاهِيان، ڪارَڻِ ٻِنِ ڏِينهان،

واڳِيو ويڙِيچَنِ سين.


 

 

داستان يارهون

 

1

مَلِيران[556] مارُو، پَکي[557] پيهِي آئِيو،

وَرِيا واهارُو[558]، هاڻُو[559] سَڀِ هِيڻا ٿِيا.

2

پَهِيءَ[560] سُکَ! پيرَنِ کيهَه[561]! ڪو نينهن نِياپو مارُئين،

اَتِ اُڪَنڊي آهِيان، تيئن آتَڻَ، تيئن ڏيهه،

سَندِي جا ساڻيهه، کِهَه کَٿُورِي ڀائِيان.

3

ڪنهن تَڙِ ڏيهائِي، ڪِٿي اُٺَنِ مينهڙا،

مُون وَٽِ مُون پِرِيَنِ جِي، ويهِي ڪَرِ وائِي،

آئُون اَڳَ- ڍائِي، سَنِيهو سُڻِي جِيان.

4

جيڪُسِ اُٺا مينهن، مُونهان پوءِ مَلِيرَ ۾،

ڪالَهه سَڄوئِي ڏينهن، منهنجي اَکَڙِينِ اُڪيرِيو[562].

5

سَچُ ڪِ اُٺا مينهن، مونهان پوءِ مِليرَ ۾،

ڏوٿِيَنِ لائِيا ڏينهن، پَهِريا جي پُسِيءَ کي.*

6

اُٺَنِ مينهن گَهڻا، ٿِيَنِ موڪَ[563] مَلِيرَ ۾،

اَکِيُون آبَ- ڀَرِئُو[564]، اُنَهِين[565] کوڻِ[566] کَڻان،

مارُنِ شالَ مِڙان، ڪوٺِيُون ڇَڏي ڪَڏِهِين!

7

تنهن پَرِ اُٺَنِ مينهڙا، جنهن پَرِ گُهرِيائُون،

رَضا جا رَحمانَ جِي، پُڇِي[567] پارِيائُون،

مَلِيرُ ماڻِيائُون، حُڪُمَ ساڻُ حَبيبَ جي.

8

سَکَرَ[568] سيئِي ڏينهن، جي مُون گهارِيا بَندَ ۾،

وَسايَمِ وَڏَ ڦُڙا، مَٿي، اڙِيَنِ مينهن،

واجهاڻِيَسِ[569] وِصالَ کي، ٿِيَسِ تَهِوارُون[570] تيئن،

نِيئَرُ[571] منهنجي نِينهن، اُجاري اَڇو ڪِيو.

9

عُمَرَ اَڄُ گَڏِيام، ڏوٿِي اُنَهِين ڏيهَه جا،

پاراڀا[572] پِرِيَنِ جا، اُڀِي اُن چَيامِ،

لَهِي لوهَه پِيامِ، لُطفُ ساڻُ، لَطيفُ چي.

 

وائي

کَٿِيءَ مَنجِهه کَٽيائِين، مارُو جامُ مَلِيرَ جو.

پَرَچِي پَهُنوارَنِ سين، لوئِي ڏيجُ لَڌائين،

مارُو ڄامُ مَلِيرَ جو.

سِيلُ نِباهي، سُومَرا! پنهنجو پِيّ[573] پُڇيائين،

مارُو ڄامُ مَلِيرَ جو.

جُهويو جهانگِيئَڙَنِ جو، ماڙِيءَ سان نَه مَٽِيائِين،

مارُو ڄامُ مَلِيرَ جو.

سَگرَ ساهيڙِيَنِ سين، کاٽُونبا کاڌائِين،

مارُو ڄامُ مَلِيرَ جو.

مارُوءَ پاسِ مَلِيرَ ۾، چَسا[574] سَڀِ چَکِيائِين،

مارُو ڄامُ مَلِيرَ جو.

اُتي، عَبدُاللّطِيفُ چي، شَرَمُ رَکين، رَبَ سائِين،

مارُو ڄامُ مَلِيرَ جو.


 

 

ابيات متفرقه

1

جُهُه[575] سي لوڙائُو[576] ٿِيا، جَنِين ڀَرِ[577] رَهَنِ،

مارُو مَنجِهه ٿَرَنِ، رَهِي رَهَندا ڪيتَرو؟*

2

جُهُه سي لوڙائُو ٿِا، جَنِين سَندِيءَ ڌِيرَ[578]،

مارُوئَڙا فَقِيرَ، ڪنهن دَرِ ڏيندا دانهَڙِي؟

3

وَطَنُ مُون مَلِيرُ، قَضا آندِيَسِ ڪوٽَ ۾،

چانڪِ[579] پِيَندِيَسِ پِرِينءَ سين، پائُرَ جو پَنِيرُ[580]،

هاڃُو ڪِيو هَمِيرُ، بِاللهِ نِئي ٿو بَندَ ۾!

4

سُهُمَ[581] پَسان ٿِي، سُمرا! پِرِيَنِ رِيءَ پيئِي،

مُلِ[582] رَساڻي مارُئين، مون کي ڪو نيئِي،

ته ساڻُنِ سَڀيئِي، ڳُجَهه ڳَرهِيان ڳالهيون.

5

جي گَهرِ گهارِيَمِ ڏِينهڙا، هيڪاندِيءَ حُضُورِ،

سيئِي سِڪان، سارِيان، پَچان پائُرَ پُورِ[583]،

هَمِيراڻا هَٿَڙا، ڪِينَ مَڃِيندِيَسِ مُورِ،

سَنجهي سَتِ گُذارِيان، اَچين شالَ اَسُورِ[584]،

دَران[585] ٿِيان مَ دَورِ، مارُوءَ ڄامَ مَلِيرَ جي.

6

اَتِ اُڪَنڊِي آهِيان، عُمَرَ! آئُون اَڪاڄَ[586]،

سُومَرا سُڪاڄَ[587]، جَهلِ مَ بَندِ جِهڄَندِيُون.

7

اَڄُ اَڍَنگا وِيڻَ، مون کي مُڪا جيڏِيين:

هارِي! هَمِيرَنِ جا جيڪُسِ کاڌَءِ کيڻَ[588]،

سانڀيئڙا ۽ سيڻَ، ڪِ تو وِيا وِسَري

8

ويٺِي ڪوٽَ وَٽِنِ[589] ۾، ڪامَڻِ[590] ڪُواري[591]،

مَلِيرُ سارِيو مارُئِي، رويو رُئاري،

اَلا! اوتاري، مُنڌَ مارُوءَ جي ميڙِيين!

9

جيها جي تيها، مُون مارُو مَڃِيا،

مُون جيڏِيُون مَلِيرَ ۾، چُونڊِنِ موڪَ مِها[592]،

منهنجي آهه اِها، ڪَڏِهن ڪيرائيندي ڪوٽَ کي.

10

مارُوءَ پاسِ مَلِيرَ ۾، ڌوئِي[593] مَرُ مَران،

پاڻي واري[594] پانهنجو، وينديائِي[595] وَران،

ٿورو مَنجِهه ٿَران، هوند لَڳي لوئَڙِيارِيين.

11

مارُوءَ پاسِ مَلِيرَ ۾، هَميشه هُئان،

پيرين تنهن پُئان، نَيَ[596] وِهاڻِيءَ نُورَ سين.*

12

مائٽ منهنجا، سومَرا، مارُو نَه ميرا،

اُٿِيو ڏِينِ اُسُورَ جو، ڀِٽُنِ ڀَرِ ڀيرا،

پَهُنوارَنِ پيرا، وِڙُهه مَ ويرِيچَنِ سين.**

 

13

ڪيئن ڌُئَارِيان ڌَٻَڙا، وِيندِيَسِ ڪنهن نَه وِهاهِه[597]،

مُون مُلِ[598] مارُو ناهِه، اَڇا اوڍِيان ڪَنِ کي[599]؟

14

اَکَڙِيُون مَلِيرَ ڏي، جَنِين راتو ڏينهن،

هاڻي ڪَندِيَس ڪيئن، عُمَرَ! اَسائُنِ[600] سين.

15

ڪانڌُ نَه ڪَندِيَسِ ڪو ٻيو، کَٿيرو ئِي خُوبُ،

ميروئِي مَحبُوبُ، اَسان مارُو مَنَ ۾.

16

مُنهن منهنجو، سُومَرا! مَرُ ميروئِي هوءِ!

مَتان مارُو چُوءِ، تَه ڌوتوءِ ڌوراڻَنِ[601] ۾.

17

جي لُوڻُ لِڱين[602] لائِيين، چِيري چِيري چَمُ،

مُون[603] ڪُرَ[604] اَڳِ نَه ڪِيو، اِهَڙو ڪوجهو ڪمُ،

جان جان دَعويٰ دَمُ، تان تان پِرِتِ پَهُنوارَ سين.

 

18

تنهن کِنوڻِ[605] ٿِي کِنواءِ،* جا ڏِسِ[606] ڏاڏاڻنِ جِي،

سارِيو سانڀِيئَڙَنِ کي، رويو راتِ وِهاءِ،

سُوٽا[607] ڪِيمِ سَهاءِ، عُمَرَ! بَندِياڻِنِ کي.

19

جِتِ ڀُونگا، ڀِٽُون، ڀيڻِيُون، تنهن کِنوَڻِيون کِنَونِ،

پائُرَ سَڀِ پُسائِيو، وَسِي وِڄَڙِيَنِ،

مارُوءَ ري مَ مَرَنِ اَللهَ! هي[608] آسائِتيُون.

20

جِتِ ڀُونگا، ڀِٽُون، ڀيڻِيُون، تنهن کنوڻِ ٿِي کِنواءِ،

سا وِڄُ پَسِيو وِندُران، مون رُوندي راتِ وِهاءِ،

سِيليتِيَنِ[609] سُهاءِ[610]، مارُو جو[611] مَلِيرَ جو.

21

پَهرِي ڪِيا پَٽَنِ ۾، وِڄَڙِيَنِ واڌاڻا[612]،

سُورَ اُنِين جا، سُومَرا! مون کي اَندَرِ اُڌاڻا[613]،

اُٺِ وِيئَڙا اُڪَرِي، عُمَرَ! اَباڻا،

ٻَڪَرَ ٻاٻاڻا، پَسان شالَ پَرِ ڪَهِين!

22

وِڄَڙِيَنِ ويسَ ڪِيا، موٽِي آئِي مُندَ،

اَکِيُون اَباڻَنِ ڏي، بَسِ نَه ڪَرِنِ بُوندَ[614]،

هيئن نه ٿِيَنِ هوندَ، جي ڪَرَ لَڌائُون ڪَڏِهِين.

23

جِتِ کَرَڙَ[615]، کَتا ۽ کاهِيُون[616] پالَ[617]، پَڪا[618] ۽ پَڪَ[619]،

سَرَهِيُون سي سَرَتِيُون، حاضُرُ پاسي حَقَ[620]،

مارُوئَنِ سين ماڻِيان، شالَ مُندائِتِي مَڪَ[621]،

کينڪاريان خَلَقَ، جا ٿَرَڄائِي، ۾ ٿُوهَرين.

24

پَڪا پَهُنوارَنِ ڏي، ميوا، مَڃَرَ، مَڪَ،

عُمَرَ! اَتِ اُڪَنڍِيو، حالُ هَماري[622] حَقَ،

لوئِي ۽ لَڪَ [623]، سَمُنَ سُپيريَنِ سين.

25

پانڌِي! پِرِينءَ پَهُنوارَ کي، چَيُمِ تيئن چَئيجِ:

سَندا سَنگَتِ ڏينهڙا، وَرَ! مَ وِساريجِ،

ڪوٺِيَنِ ڪُٺِي آهِيان، سِگِهي سارَ لَهيجِ،

مُٺِ مانڌاڻي مُنجيجِ، ته نِيئَرنِ ۾ نَئُون ڪَريان[624].

26

پانڌِي! پِرِينءَ پَهُنوار سين، روئِي ڪِجِ رِهاڻ:

جيئن ٿَرِ وِڄُون اُٺِيُون، تيئن آن سُورَنِ ساڻِ،

ڪِجاهه ڪا وَراڻِ[625]، ڏُکَنِ ڏِيلُ ڏَهِيُون[626] ڪِيو.

27

پانڌِي پِرِينءَ پَهُنوارَ جا، جان ٿو وَڃِين وَسَ[627]،

ساري ڏيجِ سَرَتِيين، سَلامَنِ سَهَس:[628]

آئون اَوهان جي آهيان، گولِي مَٿي گَس،

ويٺِي ڪَرِيان وَسَ، ايڏي[629] جي اَچَڻَ جا.

28

پانڌي! چَئِجِ پِرِينءَ کي، جورِ هَڻِي جانا:

پيڪَڙا[630] پيرَنِ ۾، ڪَرايَنِ ڪانا[631]،

آن[632] رِيءَ اَمانا[633]، گَهنگَهرِ گهارِيان ڏينهڙا.

29

پانڌِي پِرِينءَ پَهُنوارَ جا، نِياپا ني ڪي،

ساري ڏيجِ سَرَتِيين، يادِ پُونَئِي جيڪي،

وَلِيُون، وَڻ ڦُلارِيا، ڪِرِڙَ پَڪا ڪي ڪي،

سَڱر کِينِ[634] سَرَتِيُون، سِييَنِ[635] جيئن سيڪي،

زيرِيُون[636] ڀَڃِي جي ڪي، مِلان ماروئَڙَنِ کي.

30

جي هِتِ هُئِي مارُئِي، ته لَڌِيَمِ ڪَرَ[637] ڪيڻاسِ[638]،

اَرداسِيُمِ[639] عُمرَ کي، ويجهو ٿِي وَٽاسِ،

جِي نَه ڇَڏِيائِين، ڪِ جَهلِيائين، تَه پنهنجو اَنگُ آڇِيانسِ،

لاهي لوهُه، لَطِيفُ چي، هِتان هوند هَلانسِ،

موکي[640] مَلِيرَ سامُهِين، وَٺِي ٻانهن وَڃانسِ،

رَهَبرُ ٿِي ريڙِهيانس، سونهاري ساڻيهه ڏي.

31

نَنگا آهِيُون نِڱِيا[641]، اَسِين مارُو لوڪَ،

ٿَرَ کي ڀانيُون ٿوڪُ[642]، جو ڍَڪَ ڍاٽِيئَڙنِ جِي.

32

اوڏا جان هُئا، تان نِتُ نِياپا آئِيا،

مارُوئڙا مَليرَ ڏي، واري وَڳَ وِيا،

تَنِين ڏونهن[643] ڪِها[644]، ڏي[645] ڏوراپا، چائِيان[646]؟

33

کَنيائُون کائُر ڏي، ساري هاجَ هِئا[647]،

لاهي لَڏَ، لَطِيفُ چي، پَرِيين ٿَرِ ٿِيا،

ڇَڏي ڳُڻَ ويا، مارُوئَڙا مَلِيرَ ۾.

34

جيئن ڳَنڍِيُون مَنجِهه ڳَنڍِيرَ، تيئن مُون مَنُ مارُوئَڙَنِ سين،

سي مارُوئَڙا ٿَرِ ٿِيا، جي ڳُڻَنِ جا ڳَهِيرَ[648]،

تَنِين رِيءَ، هَمِيرَ! گَهنگَهرِ گهارِيان ڏينهَڙا.

35

جيئن ڳَنڍِيُون مَنجِهه ڳَنڍِيرُ، تيئن مُون مَنَ مارُوئَڙَنِ جُون،

ڏِنِيُون لَسَ[649]، لَطِيفُ چي، هينئڙي کي هَمِيرَ،*

وڃِي مَنجِهه مَلِيرَ، سَڀِ ڇوڙِيندِيَسِ سُومرا!

36

سي ٿاريلا[650] ٿَرَنِ ۾، جي مان[651] گَهٽُ[652] گُهري،

وَطنُ وَسَ، وَسَندِيُون، هينئَڙي نِتَ هُري،

اَندَرِ چِتَ چُري، وِرِهُه ويڙِيچَنِ جو.

37

وَهِيان ٿِيَنِ وَٿاڻَ، ڏوکاهي[653] هُئانِ جي،

اوءِ ڀيڻِيُون[654] ۽ ڀاڻَ، موٽِي مارُنِ اَڏِيا.

38

ٿورا مَنجِهه ٿَرَنِ، مُون سين مارُوءَ جي ڪِيا،

عُمَرَ! اُنِ ڳُڻَنِ، آئُون ڪيئن لوئِي لاهِيان؟

39

هَڏِ نَه پَڙان هيڪَڙي، ٿوري ٿَرَ ڄايَنِ،

مون کي مارُوئَڙَنِ، ميرِي[655] ڪَري نه مَٽِيو.

40

نِيئَرُ نَه لَهي نينهن جو، لوهه جا وِيا لَهِي،

ڪُنجِيُون جي قُفلَنِ جون، سيڻَنِ هَٿِ سَهِي،

وِيئَڙا راڄَ رَهِي، ڏِيان ڏوراپا ڪَنِ کي؟

 

 

41

نِيَرءَ نَه لَهي نينهن جو، لوهه جا لَهِي وِيا،

مارُنِ ڌاران ماڙِيين، ڏُهِلا[656] ڏينهن ٿِيا،

ڏيهِي ڏُورِ وِيا، ڏِيان ڏوراپا ڪَنِ ڪَنِ کي؟

42

سُڻِي ساڻِيهه ڳالهڙِي، وِهُسي[657] ويڙِيچِي،

سَڀِ سُڌِ پييَمِ سُومَرا! هِتي هُتي جِي،

ڀينَرُ ۽ ڀيچِي[658]، سُوايا[659] سارِين مون.

43

سُڻِي ساڻِيهَه ڳالهڙي، لَهِي وِيا لوهَه،

اَندَرَ جا اندوهه، لَٿا ڏُکَ، سُکَ ٿِيا.

44

توکي توڙائِين لِکِي، عُمَرَ! اَڇائِي[660]،

جنهن تو سامائِي، مامَ[661] نَه ڀَڳِي مارُئين.*

45

وِيا ڳُڻَنِ ساڻُ، مارُوئڙا ٿَرِ اُڪَرِي،

تَنِ پُڄاڻان هاڻِ، آئون جاڙَ جِيان[662] ٿِي، جيڏِيون!

46

ڇَڏِ سَٻَرايُون[663] سُومَرا، عُمَرَ! لَڳِ اَللهَ،

ٿِيَمِ نَه ٿورا ڏينهڙا، ماڙِيين ڳارِيَمِ ماهَه،

سِڪَ منهنجي ساهَه، مارُوءَ جِي مَسَ لَهي.

47

مَ ڪِي روءُ، مَ رَڙُ ڪِي، هَنجُون هَڏِ مَ هارِ،

تو تان بَندُ بِدا[664] ٿِيو، ٻيڙِيُون[665] نيئِي ٻار،

پَهُچَندِينءَ پَهُنوارِ! سِگِهي سَنگهارَنِ کي.

48

مَ ڪِي روءُ، مَ رَڙُ ڪِي، مَ ڪِي هَنجون هارِ،

جِهَڙا اَچَنِ ڏينهڙا، تَهِڙا ويٺِي گهارِ،

ڏُکَنِ پُٺِيان سُکَڙا، سِگها ٿِينِ سَنگهارِ،

لَٿا، لوهَه لَطِيفُ چي، پَروڙِجِ پَهُنوارِ،

ٻيڙِيُون نيئِي ٻارِ، تو تان بَندُ بِدا ٿِيو.

49

مَ ڪِي روءُ، مَ رَڙُ ڪِي، مَ ڪِي ڪَرِ دانهُون،

سُتي لوڪَ، لَطِيفُ چي، ٻيئِي کَڻِجِ ٻانهُون،*

لَڌِيُئِي جِتِ لائُون، سو ڏيهُه پَسَندِينءَ مارُئِي!

50

مَ ڪِي روءُ، مَ رَڙُ ڪِي، مَ ڪِي ڪَرِ ڪِيهُون،

اُٺِ اَچَنِ اتَهِين،+ وانڍَنِ[666] جُون وِيهُون[667]،**

ميڙِيندوءِ مِيُون، مِينهين اُٺي مارُئِي!

51

لوئڙيارِي آهيان، وارِيان تان نَه وَرَقُ،

سانڍِيُمِ سُپِرِيَنِ لئي، لوئِيءَ اَندَرِ لَڪُ[668]،

ڪَنڌِ ڪاسو[669]، پَٽِ پاسو، ڏِنُمِ تَنَ تَرَڪُ،

سَندو مارُوءَ حَقُ، جان جِيان تان پارِيان.

52

اَڄُ پُڻِ چِڪِيَمِ[670] چاڪَ[671]، وَنهِينِ ويڙيچَنِ جا،

سُورَنِ اَچِي، سُومَرا! اَندَرِ ڪِي اوطاقَ،

مارُوءَ جي فِراقَ، هَڏَ منهنجا ڪَپِيا.

53

چِڪِي، چِڪِيَمِ چاڪَ، وَنهِيَنِ ويڙِيَنِ جا،

واجِهيندي وِصالَ کي، فَنا ڪِيَسِ فِراقَ،

سيئِي سارِيَمِ سُومَرا! ٿَر جَنِين جا ٿاڪَ،

مارُوءَ جي اوطاقَ، گَهڻُو اُڪَنڊِي آهِيان.

 

وائي

مُون مَنُ مارُوءَ جو، مارُوءَ جو منهنجو مِيان!

مُون مَنُ مارُوءَ جو.

منهن منهنجو، سُومَرا! مَرُ ميروئِي هوءِ،

مُون مَنُ مارُوءَ جو.

ڌوتوءِ ڌورارَنِ[672] ۾، متان مارُو چوءِ،

مُون مَنُ مارُوءَ جو.

لارُون[673] جي لُڙِڪَنِ جُون، ڳِڻي[674] وڃان توءِ[675]،

مُون مَنُ مارُوءَ جو.

 

[1]. ڇا، نه آهيان مان اوهان جو رب؟ (ق-ش،7، 172)

[2]. جواب ڏنو: هائو

[3]. اُتي (عالم ارواح ۾)

[4]. وعده

[5]. (جڏهين خدا تعاليٰ ڪنهن ڳالهه جو ارادو ڪري ٿو، تڏهن فقط چوي ٿو ته) ٿيءُ ۽ پوءِ اها ٿي پوي

[6]. تنهن وقت کان وٺي

[7]. بدن

[8]. ڪليون، بند

[9]. اميرن

[10]. بند،

[11]. زنجير

[12]. اجايو، بي فائده

[13]. انهيءَ جاءِ (عالم ارواح)

[14]. تو سان ئي

[15]. ڏيٺ، سڃاڻپ

[16]. اي محبوب! (کيت ڏانهن اشارو آهي).

[17]. پوءِ ٿيندو

[18]. قربان ڪري، خيال لاهي

[19]. چيائين

[20]. ٿيءُ پؤ

[21]. عزت يا آڌرڀاءُ لاءِ

[22]. (آسمان وغيره) جوڙي راس ڪري

[23]. پکيڙيائين

[24]. زمين

[25]. مون

* اڇا ڪي خدا تعاليٰ جهان جي خلقڻ جو ارادو ڪيو هو، نڪي دنيا جو هل هلاچو وجود ۾ آيو هو

[26]. ڀاڪر پائي گڏجي، رهاڻ ڪري

[27]. گوشت، ماسُ

[28]. چنڊ

** اڃا ماڻهو پيدا ڪونه ٿيا هئا جو ثواب يا گناهه ڪن.

[29]. واه جي! خاصي، رڳي، فقط

[30]. معلوم ڪيائين

[31]. لڪل مخفي

[32].اشارو، پرولي.

* قسمت هڪ باري بند آهي.

** قسمت ۾ لکيل هئڻ.

[33]. ٻڪرار

[34]. اسين (خدا) هن (انسان) کي ڪنڌ ۾ رڳ کان به وڌيڪ ويجها آهيون. (ق-ش 50، 16)

[35]. آئون

[36]. ڪمرا، بنديخانا

[37]. قيد الماءَ (شدَ من الحديد (داڻي پاڻيءَ جو قيد لوهي ڪوٽ کان به وڌيڪ سخت آهي. عربي چوڻي)

*** داڻو پاڻي لکيل اٿم نصيب ۾ هت رهڻ آهي.

[38]. اڻانگي، ڏکئي حال ۾

[39]. منهنجو بدن هت آهي ۽ دل اوهان وٽ آهي (عربي چوڻي)

[40]. چون، سڏين

[41]. حاصل ٿيو اٿم

[42]. جيڪي ٿيو هو، سو لکي، قلم سڪي ويو (حديث)+ خدا وارو تقدير جو قلم لکي وڃي پار پيو (جيڪي ٿيڻو هو، سو ٿي ويو).

[43]. تر جيترو، ٿورو

[44]. تنهن مان

[45]. آزادي

[46]. ڌنار، ٻڪرار

[47]. برپٽ ۾ رهندڙ عربن، جهانگين

[48]. حيران، پريشان

[49]. تنهنجي عشق ۾ (منهنجن) ٻنهي اکين رت رنو. (عربي شعر)

[50]. مارن کي پهچان

[51]. جنم، ڄم، حياتي

[52]. سڀڪا شيءِ پنهنجي اصل ڏي موٽي ٿي (عربي چوڻي)

[53]. ڳران

[54]. ڦري، موٽي

[55]. جتي مينهن پوڻ ڪري ساوڪ هجي

[56]. امير (عمر)

[57]. هينئن، هن حال ۾.

[58]. خوشي مان

[59]. کيڪاري، خوش خير عافيت ڪري

[60]. پيءُ جي، اباڻي

* اباڻي ريت رسم نباهي (ستر قائم رکي).

[61]. گولاڙن (ول جو قسم)

[62]. چاري، خبر چار آڻيندڙ

[63]. واٽهڙو، مسافر

[64]. ڀائرن مان

[65]. خط، نياپو.

** اميرن (عمر) منهنجي لاءِ الائجي ڪهڙي ڳالهه رٿي آهي.

[66]. ڳوٺائي، ڳوٺ جو

[67]. هينئر

[68]. رستا، گس

[69]. ٿر جو ڏکڻ وارو ڀاڱو

[70]. انهن

[71]. تقدير

[72]. ڪيئن

[73]. ٻڌل، گڏ

* مارن جو هڪ ڳالهه تي ٽڪاءُ ڪونهي.

[74]. ڦاهيءَ (ڏاگهه. باهه جو مچ)

[75]. برپٽ

[76]. مڪان، منزل

[77]. ٺڪاڻو، منزل، گهر

** مارن مارئيءَ جي فراق ۾ لوئي تان لاک جو ڳاڙهو رنگ ٻوٽا ۽ ٻيا چٽ گل (هار سينگار) لاهي ڇڏيا آهن.

[78]. امر، حڪم

***. اي عمر! حڪم ڪر. ته آءٌ مال سان پهري (گڏ وڃي) انهن کي پن چاريان.

[79]. وٿاڻ، منزل

[80]. وٺن، چون (ته ظالم آهي)

[81]. نالو

[82]. آئون + عصمت يا ڀرم قائم رکي

[83]. ٽوپا، ٽاڪا

[84]. گج، چولي

[85]. ڇيهون ڇيهون

[86]. اُن جي ڪتيل لوئي

[87]. ٿر جو وچون حصو

[88]. پردو، عزت، پت

[89]. سرهو تيل وجهي

[90]. منجهيل

[91]. منهن

[92]. اسان جي ئي

[93]. سستاڻي، گهٽائي

* ابهمڙي لوئي کي ٽوپا پئي ڏي، پر مارن جي محبت مان تر جيترو به گهٽ نٿي ڪري.

[94]. (واحد: وَٽِ) ڪِناريون، انديون اندريون يا ڪنيون

[95]. اندي ورائي ٽوپو ڏيئي

[96]. متان.

[97]. واٽ ويندڙ، واٽهڙو

* جتي مارو آهن، اوڏاهين ڪو وڇڻ وارو آهي؟

[98]. پنڌان، پنڌ کان

[99]. واٽهڙو، مسافر

[100]. ڳاٽ کڻي

[101]. سانڀِيئَڙنِ، محبوب، جن جي سار اٿم

[102]. ريشمي ڪپڙا

[103]. ڍڪين، پائين، پهرين

[104]. شالن کان به وڌيڪ

[105]. پٽاپٽي ريشمي ڪپڙا

[106]. بهتر

[107]. سرس، بهتر

[108]. کهنبن ڪپڙن.

[109]. اعليٰ اوني ڪپڙا

[110]. ريشمي ڪپڙا

[111]. پوتيون، چنيون

[112]. بافتو، آسماني رنگ جو ڪپڙو

[113]. (ع) هڪ خوشبودار مسالو، جيڪو ڪپڙن تي ڇٽڪاربو آهي.

[114]. بهتر (دولت، قيمتي)

[115]. تند، ڌار، ڏاڳو

* جنهن سون ۾ رپو، يعني دنيوي اسباب ترڪ ڪيو.

[116]. ڪروڙ، ڪوڙي، ويهه (Scoire) ڪروڙ، تمام گهڻا

[117]. مڱڻي وقت مکيل تيل

[118]. آڌار، اميد

[119]. پهريان، اوڍيان، ڍڪيان.

[120]. جيستائين ڪِه

[121]. شيشي جا ڪوڙا چوڙا

[122]. بهتر

[123]. انت، نهايت، بلڪل، تمام

[124]. اِهي

[125]. ماڻهو، ڀاتي

* ستر وڃائڻ جي عيوض هتي مري، شل اباڻي آڪههه (خاندان) جو منهن مٿي ڪريان.

** جن شين استعمال ڪرڻ سان ٻين کي لڄ اچي، سي مارو فخر سان استعمال ڪن ٿا.

[126]. ڪاري رنگ جا ڪپڙا

[127]. ڏک، ماتم

[128]. بهتر

[129]. بک، لنگهڻ

[130]. بک، ڀينگ

[131]. مائٽ، عزيز، محبوب

[132]. (ڪُ+ ريت) بڇڙي رسم، ڪُپر.

[133]. ڪاڻ يا عذاب يا عيب واريون، مهڻي هاب

[134]. مڙس، ڀتار

[135]. مهڻا

[136]. مڙسن سان بي وفا ٿين

[137]. ولهه ۾، ٿڌ ۾

[138]. اهڙي

[139]. بهتر

[140]. کڏ ۾ پوي

[141]. برپٽ

[142]. پردو، پناه

[143]. ول جو قسم

[144]. وڻ جو قسم

[145]. ڪپڙو، ڍڪ، پناه

[146]. ولين سان

** شاديءَ رات سڃ ڏاج ۾ ڏني.

[147]. مينهن جو پاڻي

** جيڪي پير اُگهاڙا ڪيو پٽن تي پيا هلن

[148]. وهڻ جي جاءِ، گهر

[149]. ويڙه، وڻن جي جهڳٽن

[150]. جوکي يا خطري کان خالي، سلامتي واري

+ منجهن خودي ۽ خود غرضي بنهه ڪانهي.

[151]. بي ڊپا، بي فڪرا، البيلا

[152]. بي چيا، نافرمانبردار، نٺر

[153]. مظلوم.

[154]. پيالا، وٽيون

[155]. امانت

[156]. سلامت

[157]. وٽ، لاءِ

[158]. اسان

[159]. ماتم

[160]. ورتائِي، استعمال ڪئي، ملهائي

[161]. جيڏو، سرتو، محبوب

[162]. هيٺاهين زمين، ڍوري، ترائي

[163]. گاهه جو قسم

[164]. ڊائي، وارو، وعده

[165]. وسئي

[166]. مينهن

[167]. ان جو قسم

[168]. ٻوٽي جو قسم

[169]. رهاڻ، محفل

[170]. مڙس

[171]. مٺي ڄار جو وڻ

[172]. بنديخاني ۾

[173]. زنجيرن پئي

[174]. اُجهاڻل، ڪڪ،پريشان

[175]. جهوري، ڳارو

[176]. اندر جو سور، پريشاني

[177]. وعده، انجام

[178]. سچائي.

[179]. پهريان، اوچيان

*. عمر جو پٽ گهورئو! آئون انکي ڪيئن پهرينديس

[180]. سَڦَرو، سَڦَلُ، فائدي وارو، لائق

[181]. ڪنڊيءَ جي وڻ جون سڱريون

[182]. ان جو قسم

[183]. ڏاج، ڀاڱو، ورثو

[184]. گاهه جو قسم

[185]. گاهه جو قسم

[186]. گاهه جو قسم

[187]. تنهن ڪري

[188]. زور، زبردستي، ڏاڍائي

[189]. اڳڀرو، پري.

[190]. وارن جون چڳون

*. پهنواريون ياد پونس ٿيون.

[191]. وينگس، وينجهر (سياڻي، عقل واري)

[192]. ڪوٽ مان، بند مان

**. ٿر جا ماڻهو کير پين، يعني خوشيون ڪن.

[193]. ڳڻتيون، فڪر

[194]. هاڃو

[195]. اڳيان+ هي جو مونسان ويل وهايو اٿئي، تنهن جو قيامت ڏينهن حساب ڏيڻو پوندءِ

[196]. ڳنڍيون ڳُوڙها

[197]. انهن کان.

[198]. مارن کان

[199]. (1) هُتي جي، هُتي واري

[200]. وڻي، پسند

[201]. بيقرار، پريشان

[202]. ملول، پريشان

[203]. اڻڀا وار،

[204]. ڪافور، سرهاڻ

[205]. پرزا پرزا

[206]. خوشيون، لاڏ ڪوڏ

[207]. منهن

[208]. سک سهنج

[209]. زوريءَ

[210]. دل.

[211]. ڇڪي تاڻي

[212]. زنجيرون

[213]. نڪتي

[214]. رڙ

[215]. خبر، پرگهور

[216]. شايد، مڄاڻ

[217]. ڳوليون، بيقرار

[218]. جن جي سار اٿم (محبوب)

[219]. تڳڙي پوش، ڦاٽل ڪپڙن واري

[220]. لوڪ يا جهان ۾

[221]. ڪٽهڙو، بالڪني، ماڙي

*. مارن جي ڳڻتيءَ ۾ فنا ٿيس.

[222]. اي ماءُ!

[223]. انت، نهايت، تمام گهڻو

[224]. جهنگلي گاهه جو ان

[225]. ڀاڄي، ترڪاري

[226]. منهنجو سڀاڳ

[227]. هر هر، وري وري

[228]. ميخ.

[229]. کسائين

[230]. کڻجائين

[231]. برابر سمجهان

*. مارو ماڻهو مون کي سونهن (عصمت) کان سواءِ مشڪل قبول ڪندا.

[232]. طعنا، ميهڻا

[233]. منهنجا.

[234]. لعل

*. جيڪڏهن منهنجو جمال مون کي ورائي ڏين.

[235]. چونڊي

[236]. ڌڻار، ڌراڙ، ڌنار

[237]. تنهن کي (مارئيءَ کي)

[238]. (سهڻي) منهن

[239]. فرحت، خوشي

**. جنهن ڌنار (کيت سين) چونڊيو آهي، تنهن کي سهڻي منهن (نيڪ اعمالن) کان سواءِ خوشي حاصل ڪانه ٿيندي.

[240]. بندياڻي.

[241]. سهاڳ

[242]. فرح، مزو

*. انهن مارن جا منهن موچارا آهن (نور الاهي سا پيا چمڪن).

[243]. ملير، وطن (عالم ارواح)

**. جن مرڻ کان اڳي مري عالم ارواح وڃي وسايو آهي.

***. اهو هنن جو سڀاڳ آهي جو هو عيبدارن جا عيب ڍڪي، انهن تي مهربانيون ٿا ڪن.

[244]. تنهنڪري + منهنجي قسمت ۾ ئي ڪا اوڻائي آهي جو منهنجي سونهن هن ريت برباد ٿي ويئي. + الله کان سواءِ ٻي ڪنهن کي طاقت نه آهي. اڀاڳ به سندس طرفان ئي آهي.

[245]. چؤ ته ڪا به مصيبت اسان کي نه رسندي، سواءِ انهيءَ جي جا خدا اسان جي حق ۾ لکي آهي (ق-ش 9، 51)

[246]. هڪجهڙو، برابر

[247]. ننڍا (گناه)

[248]. وڏا (گناه).

[249]. ڦرو، منڊيءَ جي ٽڪ، مهر

[250]. جهنگلي ٻوٽو

[251]. ڳاڙهاڻ (خوشي)

[252]. جيڪر

[253]. مندن، موسمن

[254]. وٺا

[255]. مهڻو، ٽوڪ، طعنو

[256]. ڄمار، زندگي، حياتي

[257]. تائين

[258]. ڇَنو، اَڱَڻُ

[259]. پريشاني، جنجال.

*. پاڻ کي عتاب ڏيندي خطاب ٿي ڪري ته هيءُ منهن، جو توکي آڏو آيو آهي، سو کڏ ۾ وجهي، زهر کائي، پاڻ کي پورو ڇو نٿي ڪري ڇڏيئه؟

[260]. جيئڻ، حياتي

[261]. ڪهڙو

[262]. پيدا ٿي، سامائي

[263]. الله جو قسم

[264]. اڇي لوئي

**. ڪڇڻ جي مجال ئي ڪانهي

[265]. سگهارو، زبردست.

[266]. ويڙهي (۾)، گهر (۾)، وطن (۾)

[267]. لوڪ، ملڪ

[268]. پُورا ٿييَنَمِ

[269]. ڪِ ڪئي، ڇا ڪَيَمِ؟ ڪهڙي عمل جي نتيجي ۾؟

*. پوءِ ڀلي مران

[270]. مون کي ئي

**. آءٌ ڪهڙي ڏوه ڪري قيد ڪئي وئي آهيان يا ڪنهن مون کي زوريءَ قيد ڪيو آهي؟

[271]. زنجير

[272]. نجائين، کڻي وڃجائين

[273]. ميت، لاش

[274]. ڪجائين

[275]. مٿان

[276]. ساڻيهه، وطن

[277]. هڪ ئي مقام ۾ پوريل+ نئين سر حياتي مليم.

[278]. قبر

[279]. واس ڌوپ

[280]. ڪڙو، ڳٽ

[281]. ٻيڙي، پيرن جون ڪڙيون

[282]. پيرن جون ڪڙيون

[283]. جاسوس، پهريدار

[284]. چؤڪنڊون، اڱڻ

[285]. واهپو، چوڪسي

[286]. خوشيءَ مان

[287]. ڇت يا ڇني ۾، ڪوٺي

*. آءٌ رضا خوشيءَ سان ڪوٺيءَ ۾ ڪانه ويٺي آهيان.

**. بدن اهڙي طرح (زنجير ۾ جڪڙيو پيو آهي).

[288]. (ڪ+ڇن)= بنا مرضيءَ، لاچار

[289]. ڪمر، چيلهه

[290]. وهڪ، گهر (پاٿاري)

[291]. گهيٽن

[292]. ريڍائين، رِڍَنِ جي

[293]. رڍ جا وڏا وار (اُن)

[294]. مٺاڻ

[295]. اي ڏيهي! اي هموطنؤ!

[296]. ملاقات

[297]. مدد.

[298]. ايندي ئي، اچڻ شرط

[299]. هٿڪڙيون

[300]. ڦاسين، طوقن

[301]. چُورو، اَٽو، ڪُٽو

[302]. فڪر، ڳڻتيءَ، ڊَپَ

[303]. ماس، گوشت

[304]. اوني اَڇي لوئي

[305]. تنتان، رفو ڪريان

[306]. سوراخ، ٽنگ

[307]. وعدو، انجام، ڊائي

*. ساهيلين سان مينهن وٺي ڊائي ٻڌي اٿم.

[308]. مينهن وٺي

[309]. سسي، کٽولو، جنازو

[310]. ٿڪائيندي

[311]. زال (مارئي)

[312]. مشڪيو، کليو

[313]. بهار جون هوائون

[314]. چؤپائي مال جي اچ وڃ جو رستو، گس

[315]. ننڍن ڦرن کي رات جو مِرُن کان بچائڻ لاءِ جايون، واڙا

[316]. ڀونگا، جهوپڙيون

[317]. سگهاري، موچاري.

[318]. پير جو اڳيون ڀاڱو

*. بهار جي مينهن وسڪارو ڪيو

**. ڦر وڏا ٿيا

[319]. ڪپين، وڍين

[320]. نرم

[321]. گيهٽن، رڍن جي نَرَنِ

[322]. بي اوني، بنا ڳڻتيءَ

[323]. (ٿر جي ڏاکڻين ڀاڱي) ڀائَر (۾)

***. اي عمر! منهنجون سرتيون پنهنجن ڀتارن جي ڀر ۾ ويهي بنا فڪر جي، اُن ڪتين ٿيون

[324]. پٺيءَ جا وار (ان) ڏني

[325]. ٿڃ پياڪ ڦرن+ پائَر ۾ رڍن جي ننڍن ٿڃ پياڪ ڦرن به اُن جون پٺيون ڏنيون آهن!

[326]. چانورن جي پيڄي (ڪلف) + سرتيون نَينِ لويَن پائڻ کان اڳ (خوشيءَ جي موقعي تي) ڪپڙن مان پيڄي لاهيندي چون پيون ته:

[327]. ڏٿ تي گذران ڪندڙن

[328]. ٻور جهليو

[329]. ڀاڄيءَ جو قسم

[330]. نڪتو

[331]. لس لڳي پيئي آهي (گهڻو پيدا ٿيو آهي)

[332]. گدرن جهڙو ميوو جو تمام ڪڙو ٿيندو آهي

[333]. کاريون، ٽوڪريون

[334]. ڪنڊيءَ جي وڻ جون سڱريون

[335]. لذت، ذائقو+ ٿوري تي قناعت ڪن، ان جا انبار پيل ڪونه اٿن

[336]. گاهه جو قسم

[337]. رٻ، چانور

[338]. گاهه جو قسم

[339]. ٽاري

[340]. وڻن

[341]. واهپو

[342]. مضبوط

*. ٿورو کائي به ست ۽ سيل تي محڪم آهن.

[343]. دز مٽي

[344]. مٽيءَ هاڻا، ميرا

[345]. ڀُڻَنِ، گهمن، ڦرن

[346]. طرح، ريت

[347]. عزت، (سيل لاءِ شهرت)

[348]. ڍل محصول

[349]. ڇنيو

[350]. ڳاڙها

[351]. بي بها، لاثاني

[352]. هنن جو ملڪ ملير

[353]. ٻهڪندڙ

[354]. مَٿَنِ تي

[355]. کارا، ٽوڪرا

[356]. ننڍا کارا

[357]. پگهر ڳاڙيندا، جهڄندا

[358]. تي

[359]. نشان، پتا

[360]. لوڏ يا هلڻ جي ٽور مان ئي

[361]. سهي ڪيا.

[362]. ساڏوهين قدرتي نموني ۾ پچي راس ٿيون

[363]. سنڀال

[364]. لوڙهو، رک

[365]. موڪري، ڪشادي، گهڻي

[366]. آڳو، مهاڳ

[367]. آراڙي گاهه لاءِ

[368]. هُجِ، رهي پؤ!

[369]. مور، بنهه، بلڪل

[370]. تن لاءِ

[371]. ويڌن، هل هنگامو

[372]. پسيءَ تي گذران ڪندڙ پهنوارن

[373]. گوشت

[374]. جسم، بدن

[375]. ٽوپا، بخيا

[376]. نرمي، مهر

[377]. پِڙن ۾، ٻن تهن جي وچ ۾

**. مڱڻي وقت ڪنوار جا ڪن ڳهن وجهڻ لاءِ ٽوپائيندا آهن، آءٌ تنهنجن ڳهن پائڻ لاءِ ڪيئن ڪنن ۾ ٽُنگ ڪڍايان.

[378]. سئيءَ

[379]. بادشاهي

[380]. ڳڻ، وصف

*. جي فنا ٿيڻ بعد بقا حاصل ڪندينءَ ته (مرڻ کان اڳي مري وري جيئرو ٿيندينءَ ته) پوءِ سئيءَ جي گڻن (سچي محبت) جي پروڙ پوندءِ

[381]. وهامي، گذري

[382]. ڏيهه (وطن) مان

[383]. نِڪتي

[384]. ڏينهن

[385]. جوڙيا

[386]. معاملا، رٿون.

[387]. جور، جبر، ڏاڍُ.

[388]. کان

*. روحن جي خلقجڻ جي وقت کان وٺي.

**. يا اڃا انهيءَ کان به اڳ، يعني جڏهن اڃا روح خدا جي ارادي ۾ موجود هئا.

[389]. هو (خدا) نڪي ڄڻي ٿو، نڪي ڄائو آهي (ق-ش، 112، 3)

[390]. ياد ڪري

[391]. محبوبن

[392]. (1) صاف پاڻي (2) کير (3) جَهڻ، ڏڌ

[393]. محبت جي چشمي مان

[394]. مانڊاڻن، جهوپڙين

[395]. تڳي، هلي چلي

[396]. ماڳِن يا مڪانن تي

[397]. سامان

[398]. مينهن وٺي

***. برسات پوڻ تي مارو گهرن ۾ سامان رکي، وڃي وس وسائيندا آهن.

[399]. ڀتار (محبوبن)

[400]. ڪابه شيءِ هن (خدا) جهڙي نه آهي (ق-ش 42، 11)+ افسوس جو اهڙن پرين کي آءٌ ڏسي نٿي سگهان جنهن جهڙو ٻيو ڪوبه ناهي.

[401]. نابودي، سڃ+ جيئن پنهوارن جي طالبن کي انهن جي لاءِ سڃ ۾ وڃڻو پوندو آهي، تيئن خدا جي طالبن کي هستي ڇڏي، نيستيءَ ۾ وڃڻو آهي.

[402]. ڍوئڻ مصدر جو مضارع= کڻن

[403]. وَٽ ڪرڻ، تبرڪ ڪرڻ، چکڻُ

[404]. سٽ سٽ ڪري وڃان، ڪاهيان.

[405]. لوڪ (ملڪ)

[406]. موهڙ، مهاڙ (ميدان)

[407]. وقت

[408]. ڏڌ ولوڙڻ

[409]. بهتر

[410]. جن مان پاڻي ڀريم

[411]. اُڇايو، اُساٽيو

[412]. گهڻو

[413]. محلانن، ماڙين.

[414]. کوه

[415]. ٻڪريون، ڌڻ، مال

[416]. سٺ پُرِهَه، اونها کوه

[417]. سوير صبح جو

[418]. زالون

[419]. پاڻي

[420]. ڏولن، ٻوڪن

[421]. شوق مان

[422]. ڪاهون، ڊوڙون

[423]. تنهن ڪري، انهيءَ لاءِ

[424]. زمين جي تري ۾

[425]. ٿر جي رهاڪو

[426]. مهڻن کان

[427]. پره ڦٽيءَ

[428]. پُڻَنِ،ل هلن، گهمن

[429]. پره ڦٽيءَ

[430]. اويڙه ۾

[431]. نوڙيون

[432]. کوه

مارئي جي کڄي وڃڻ کان پوءِ پهواريون کوهه تي پاڻي ڀرڻ بند ڪري، ڳوٺ ڦٽائي ويون آهن، جنهن ڪري پاڻي ڪڍڻ جون نوڙيون کوه تي پيون سڙن.

[433]. ٻُڌي، سڻي

[434]. ڀوڻيءَ جي (ڦرڻ جو)

[435]. آواز

[436]. ٺلها، خالي

[437]. جانورن جي پاڻي پيارڻ جا حوض

[438]. ڪيڏانهن

[439]. پراهون، پري

[440]. لوئي ڍڪيندڙن

[441]. نوڙيون، کُوهه مان پاڻي ڪڍڻ جا واڍَ، رسا

[442]. ننڍا کوهه

[443]. وڻ جو قسم

[444]. رسيون، نوڙيون

[445]. ٻوٽي جو قسم

[446]. مشغول

[447]. مشغول

[448]. محبت ونڊيان، حال اوريان

*. جن جي تنوار (نالي ڳنهڻ) تي جيان ٿي.

[449]. مانڊاڻ

**. برسات پوڻ ڪري مارو کوهن جي ڀرسان ڳوٺن مان لڏي وڃي وس وٽ ويٺا آهن.

[450]. پاسن کان

[451]. ڏک، اِيذاءُ.

[452]. مون کي

[453]. اصل کان، شروع کان

[454]. ڍڪ ڍڪج

[455]. پوي

[456]. وسڪارو، برسات

[457]. هنن لاءِ ٿي

[458]. ڪڻن، انهن کي.

[459]. گپ، چڪ

[460]. پيون

[461]. وٽيون

[462]. تنهن مان، اُتان (سڪ جي چشمي مان)

[463]. بهتر

[464]. جايون

[465]. وهين، شاهوڪارن

[466]. ڪلا

[467]. مند، موسم

[468]. خوش

[469]. ولر ورائين

[470]. ڇڇر مان، هيٺانهين زمينن مان، تراين مان

[471]. ڪاهيو، هليو

[472]. مٿاهين ميدانن

[473]. ٻاٻيهو پکي، جو مينهن جي موسم ۾ اچي پرگهٽ ٿيندو آهي

[474]. ول جو قسم (ڀاڄي)

[475]. گهڻي انداز ۾، ڍڳُ

[476]. وطن.

[477]. ڊينگهر، ڪنڊن جي لوڙهي

[478]. وٽ، ڀرسان

[479]. گهڻو، جام

[480]. ڀرسان

[481]. ٻوٽي ۽ ميوي جو قسم

[482]. خوش، آسودا، بود ۾

[483]. ميها (ڀاڄي)

[484]. کپري تعلقي ۾، هنڱورني ڳوٺ جي اتر طرف، ٻن ڪوهن تي هڪ تڙ جو نالو

[485]. گهارين، گذارين

[486]. واگهيون جو تڙ

[487]. تڙ جو نالو

[488]. کاروڙو، ڳوٺ جو نالو (ننگرپارڪر) کاروڙي

[489]. ڏيپلي کان ٽي ڪوه پري ڳوٺ

[490]. ڦٽل ڳوٺ، ويرانو.

[491]. اُهڃاڻ،نشان

[492]. قاصد

[493]. هليا ويا، پنڌ پيا

[494]. جنم، حياتي

[495]. مٿي هيٺان (وهاڻي بدران)

[496]. ريج بنا زمين، ٿر

* ٿر کان سواءِ (جدا ٿي) روئي روئي ٻه اَکيون ۽ ٽيون نڪ سمي رهيا آهن

[497]. ور وڪڙ

[498]. مجلسون، ڪچهريون

[499]. وٽ، ڀرسان

[500]. ميوي جو قسم

**. هنجون ويٺي هاريان.

[501]. مائٽن (جي فراق)

[502]. ٽُنگ، زخم

[503]. تنهنڪري

[504]. ڏسڻ کان

[505]. خير سلامتيءَ، خوشيءَ

[506]. روڄ راڙو.

[507]. ليڙون، چوٽيون

[508]. گودڙيون، رليون

[509]. ڏٿ، جهنگلي ميوو

[510]. ڪابه سڪل شيءِ

[511]. کائيندي

[512]. محصول.

[513]. مينهن وٺي

[514]. آسودگي

[515]. سلامتي

[516]. لويون ڍڪيندڙن

[517]. عزت، آبرو

[518]. ڏيهان، وطن کان

[519]. ورڻاءِ، ورن يا رنگ واريون، اهڙي نموني جون

[520]. صحيح، سڄي.

[521]. اي ڪامڻي، اي منڌ! مارئي

[522]. مکيه، خاص

*. اي مارئي! لوئي اوهانجي ڪڙم جي خاص خوبيءَ يا مکيه زيور آهي.

**. عمرڪوٽ ۾ جيڪي دم کڻين ٿي، تن مان هڪڙو به پنهنجي وطن ۾ کنيل دم جي برابر نه سمجهج، عمرڪوٽ ۾ جيئڻ اجايو سمجهج.

[523]. (1) سڀاءُ، گڻ، خاصيت، سينگار (2) سپت، نيڪ اخلاق (3) سَتُرُ

[524]. ٿلهي متاري ٿيءَ

[525]. شيهو

***. سون جا زيور تڇ ڪري سمجهج.

[526]. بحث مباحثه، شڪ شبهو

[527]. پَوان

[528]. مسافر، سڱ واري مڙس

[529]. چَوان

[530]. هُجان + دل جو احوال اوريان. X ايتري وقت ۾ جنهن ۾ هڪ حرف ڳالهائي سگهجي، دم يا پل ۾.

[531]. ساڙ، جلائي + اي مارئي! لوئي جنهن سان تو چيلهه ٻڌي آهي، سو خزانو اٿئي، ڇاڪاڻ جو ان تي تنهنجي ڀرم جو مدار آهي، انهيءَ کي متان ساڙين (نقصان پهچائين).

[532]. سيل رکڻ لاءِ عرض ڪيو

[533]. شانائتو، مانائتو، اجهو ٿو عزت سان وطن رسڻ لاءِ مائٽن طرفان سڏ ٿيئي، اجهي ٿا مائٽ وٺڻ اَچِئي.

[534]. جون

[535]. ڄار جا وڻ، جوءَ، ڄاريون

[536]. شانائتي، عزت آبروءَ واري

[537]. پاڻي

[538]. ڪڪر (مينهن)

[539]. پکين جو قسم، جي ولر ڪري اُڏامندا آهن

[540]. سارين، ياد ڪن

[541]. جبل وطن.

[542]. ڪڪر

[543]. آسرو آهيس + ڪڪر جو آسرو اٿس

[544]. سمنڊ جو کارو پاڻي

[545]. سپ، جنهن کي ٻه پڙ آهن

[546]. منهان پيس، کاري پاڻيءَ کان نفرت اٿس

[547]. ڪشالو، لنگهڻ

[548]. کان

*. ٻيو سڀ ڪنهن قسم جو پاڻي ترڪ ڪري.

**. پهرين رات ئي عمر جي ماڙي ڏسي، منهنجو روح کٽو ٿي پيو.

[549]. مهاڙو، موهَرُ، (ٿر جو هڪ حصو)

[550]. وسيع، ويڪري

[551]. آڌار

[552]. طعنا هڻندم.

[553]. پيالي

[554]. پانکي (پٽڙي)، ٻاڪري جهڻ، لسي، رٻ

[555]. مبارڪون

[556]. مليرمان

[557]. پکي ۾، مڪان يا ڪوٽ ۾

[558]. واهَرُو، مددگار

[559]. ظالم

[560]. اي قاصد!

[561]. دز، مٽي، (2 کان 4 بيت تائين مارئي قاصد کي مرحبا ڪري، ساڻيهه جون خبرون پڇي ٿي).

[562]. واجهايو

*. جي پسيءَ جي ڳولا ۾ جهنگن پٽن ۾ پکڙجي ويا آهن.

[563]. ججهو

[564]. ڳوڙهن سان ڀريل اکيون.

[565]. اُنهيءَ

[566]. طرف، پاسي

[567]. گهري، عرض ڪري (هن بيت ۾ قاصد جواب ٿو ڏئي).

[568]. چڱا، سٺا

[569]. واجهايم پئي

[570]. پرزا پرزا

[571]. زنجير

[572]. پيغام، سنيها

[573]. پرين، محبوب.

[574]. لذت، سواد چشڪا

[575]. جڏهن

[576]. ڦورو

[577]. آڌار، آسري* جن جي آڌار تي مارو ماڻهو ٿر ۾ رهن ٿا، سي جيڪڏهن خود ظالم ڦورو ٿي پوندا ته مارو ڪيترو وقت ملير ۾ رهي سگهندا؟

[578]. آڌار

[579]. چوان ته، مون ليکي

[580]. پاڻي

[581]. تيز ڇڙٻ، دڙڪو، طعنو.

[582]. (ماروئن) وَٽ.

[583]. خيال يا يادگيريءَ ۾

[584]. اَسُرِ

[585]. در کان

[586]. نڪار، نالائق

[587]. لائق

[588]. کاڄ، طعام

[589]. پاسي ڪنڊن

[590]. ڪامڻي، سهڻي زال

[591]. پاراتا ڏيئي، پٽي، گلا ڪري.

[592]. ميها، ٽِنڊا (ڀاڄي)

[593]. وهنجي

[594]. وهنجي

[595]. وڃڻ سان (مون کي ايترو وقت ڇڏ جو وطن وڃي وهنجي، موٽي اچان)

[596]. رات

*. آءٌ پنهنجي پرين کي اکين سان اَسر وقت پيرين پونديس.

**. اي عمر! مارن جا پيرا ڏسجن پيا، اهي آيا ڪي آيا، تنهن ڪري هنن سان هروڀرو هٿ نه اٽڪاءِ.

[597]. وهانءَ تي، شاديءَ تي

[598]. وٽ

[599]. ڪن جي لاءِ يا خاطر.

[600]. آسن، اميدن وارن

[601]. محلاتن

[602]. لڱن کي

[603]. مُنهنجي

[604]. ڪڙم، خاندان

[605]. طرف، پاسي ڏس

*. تنهن طرف کوڻ پئي کنوي.

[606]. ڏانهن، طرف

[607]. طعنا.

[608]. اِهي

[609]. سيل واريون، ستيون

[610]. سهائي، منهن تي پوي

[611]. جيڪو

[612]. ويجهه، پالوٽ

[613]. ڀڙڪو ڏئي ٻاهر نڪتا

[614]. بونديون، ڦڙا، ڳوڙها.

[615]. اوني فراسيون

[616]. ڏاس جو ٺهيل ٻورو، خرزين،

[617]. کاهيءَ جهڙي شيءِ جيڪا گوار جا سُڪل پن وغيره (ڳواٽي) ۽ ٻاجهريءَ جا ڪانا ڍوئڻ لاءِ ڪم اچي ٿي.

[618]. ڪکائان جهوپڙا

[619]. ڪرڙ جو ميوو

[620]. مڙس

[621]. کٻڙ جو (ڪچو) ميوو

[622]. منهنجي

[623]. ڀٽن جي لاهين تي ٺهيل گَسَ.

[624]. وٽ ڪريان، مند جو نئون ميوو ڪري کانءُ

[625]. موٽ

[626]. پرزا پرزا

[627]. مينهن ڪري آبادي

[628]. (سهسين) سؤ، سوين.

[629]. ايڏانهن

[630]. ٻيڙيون

[631]. ڪڙا، ڳٽ

[632]. اوهان

[633]. بي مانا، بي عزتا

[634]. کائن

[635]. سَيون، سيويُون (Vemicell)

[636]. زنجيرون.