سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب: --

صفحو :4

شاهه سادو کائيندو ۽ سادو هنڊائيندو هو انگ تي گيڙوءَ رتي ڪفني، مٿي تي ڊگهي جمني ٽوپي، جنهن تي ٻه، ٽي وراڪا ڪپڙي جا ويڙهيندو هو، پير اڪثر اگهاڙا ۽ هٿ ۾ هڪ لنبي لٺ کڻندو هو، جنهن جو مٿو، جوڳين جي بيراڳڻ جهڙو هوندو هو. کاڌي پيتي لاءِ، وٽس هڪ وڏو ڪشتو يا ڪچڪول هوندو هو. اهي سندس هٿن جون سڀيئي نشانيون، اڃا تائين درگاه تي رکيل آهن.

شاهه ڏاڍيون رياضتون ڪندو ۽ تن کي تسيا ڏيندو هو. کائيندو ٿورو ۽ سمهندو گهٽ هو. هڪ لڱا، فقيرن شڪايت ڪئي، ته ڀٽ تي ڏاڍا مڇر آهن. پاڻ فرمايائون، ته ابا! مڇر ته توهان جا سڄڻ آهن، جو اوهان کي غافل ٿي سمهڻ نٿا ڏين ۽ اوهان کي هدايت ٿا ڪن ته سستي ڇڏي، اٿي الله سان اوريو. ڪڏهن به پاڻ تڪليفن جي شڪايت ڪانه ڪندو هو. جيئن مشڪلاتون وڌيڪ وڪوڙينديون هيس، تيئن وڌيڪ وهسندو هو. شاهه نهايت نهٺو ۽ نماڻو هوندو هو، رحمدل به ڏاڍو هو. پکين تي به ڪهل ايندي هيس. شڪارين کي هڪ بيت ۾ ٿو پاراتو ڏئي:

مارِي مرِين شال، ڍَٻَ وَڃَنيِئي ڍَٻيُون!

راڳ ته، شاهه جي جيءَ جو جياپو هو، ۽ ساه به سماع ٻڌاندي ڏنائين. هن بدعت کان منع ڪرڻ لاءِ، کيس ڪيترن چيو، پر پاڻ وري ورائيندو هون، ته منهنجي دل ۾، الاهي محبت جو اسريل وڻ، راڳ جي پاڻيءَ کان سواءِ سڪيو ٿو وڃي. جيتوڻيڪ اهو پاڻي پليت آهي ته به انهيءَ وڻ کي سڪڻ کان بچائي ٿو.

شاهه ڏاڍو پرهيزگار هوندو هو. زال ذات کان پاسو ڪندو هو، ايتري قدر جو ڪنهن فحش عورت جو راڳ به ڪونه ٻڌندو هو. گلان ڪڃريءَ کي سو نوازي سنڌ جي پٽ راڻي ڪري ڇڏيائين. کيس اولاد جي درڪار ڪانه هئي. چوندو هو، ته منهنجا فقير منهنجو اولاد آهن.

مطلب ته، شاهه جي رهڻي توڙي ڪهڻي، تعريف جوڳي هئي:

منهن ڏنائين ماڙهين، هنيون ڏنائين هوت

شاهه هڪ سچو ۽ پڪو موحد مسلمان هو. فرقه پرستيءَ کان پري، الله جي ياد ۾، شريعت جي پابنديءَ ڪندي، زندگي بسر ڪيائين. سماع کان سواءِ سندس ٻي ڪابه بدعت ڪانه ٿي ٻڌجي. جيڪڏهن ظاهري مسلماني پيرئون نه پاري ها، ته وقت جا ملا ۽ مجتهد مٿس ضرور تعزيرون ڪن ها. شاهه روزا رکندو ۽ نمازون پڙهندو هو. مسجد پنهنجي هٿن سان پورهيو ڪري جوڙائي هئائين. تسبيح پڙهندو هو ۽ سڀڪو کيس صوفي ٿو سڏي. ڪوبه صوفي، تيسين سچو صوفي نه آهي، جيسين شريعت جي پابندي نٿو ڪري. شاهه به انهي قسم جو صوفي هو. اڄ ڪلهه جو ڀنگوڙائي يا نات نوش ڪندڙ صوفي ڪونه هو.

شاهه سيد هو، نبي ﷺ جن جي اولاد مان هو، شيعن وانگر حضرت علي ۽ سندس آل کي گهڻو گهرندو هو، عاشورن ۾ امامن لاءِ ماتم ڪندو هو، پر سينه ڪوبي ڪانه ڪندو هو. ڪربلا جي زيارت لاءِ سنڀري نڪتو هو ۽ ڪيڏاري جي سڄي سر ۾، امامن جي الفت ۾ آهون ۽ دانهون ڪيون اٿس: پر سنين وانگر، هٿ ٻڌي پنج وقت نماز ادا ڪندو هو. چئني يارن جي تعريف ڪندو هو. ٽن خليفن جي ڪڏهن به گلا ڪانه ڪندو هو ۽ هڪ ڀيرو حج لاءِ پڻ سنڀريو هو- هڪ ڀيري ڪنهن کانئس پڇيو ته: سائين! توهين سني آهيو يا شيعا؟ پاڻ وراڻي ڏنائين، ته ابا! آءٌ ٻنهي جي وچ ۾ آهيان. تنهن تي سوال ڪندڙ چيو، ته انهن ٻنهي جي وچ ۾ ته ٻيو ڪي ڪين آهي. شاهه جواب ڏنس ته: آءٌ آهيان به اهو ڪي ڪين.

شاهه جي مذهب جا ٻه پهلو ها: هڪڙو حقيقي ۽ ٻيو مجازي، هو ظاهري طرح شريعت جو پورو پابند هوندو هو، پر جڏهن عروج جي حالت ۾ ايندو هو، تڏهن روحانيت جي رستي، پنهنجي خاوند سان اهڙو محو ٿي ويندو هو، جو دنيا ۽ ماسوا کان بي خبر ٿي پوندو هو. خدا جي وحدانيت کان سواءِ انهيءَ مهل ٻيو ڪي به ڪين نظر ايندو هوس، گويا الله سان هڪ ٿي ويندو هو، ته مٿان ماڻهو منهنجون رمزون پروڙي نه سگهن ۽ وڃي گمراهيءَ جي ڪن ۾ ڪرن. صوفيانه اصطلاح ۾ پهرين حالت کي شريعت ۽ ٻي حالت کي طريقت چئبو آهي. روح جي ارتقاءَ لاءِ اهي ٻئي حالتون ضروري آهن. هڪڙي حالت فراق جي آهي ته ٻي وري وصال جي. شاهه الاهي جمال جو جلوو هر هنڌ پسي، الاهي عشق جي عميق ۾ غوطا هنيا ۽ روميءَ جي رمز پروڙي، ان تي عمل ٿي ڪيو، جنهن موجب:

ملت عشق، از همه دينها جداست،

عاشقان را مذهب و ملت خداست.

فصل -3

شاهه جون شاعراڻيون خوبيون

شعر لفظ شعور مان نڪتو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، ڄاڻ پاڪ خيالن جو ترجمان ليکي، ڪيترن بزرگن، شعر کي الهام ڪوٺيو آهي. رومي چوي ٿو ته:

شاعر جزويست از پيغمبري.

جيڪا ڳالهه ڳولا ۽ ڪوشش کان سواءِ انسان جي دل ۾ پيدا ٿئي، سا آهي الهام. اهڙي شعر جي قسم کي، ادبي اصطلاح ۾ آمد چوندا آهن. يورپ منجهه، اڳئين زماني ۾، شاعر ۽ نبيءَ جي وچ ۾ ڪو گهڻو فرق ڪونه ليکبو هو. ٻنهي کي هڙي نالي، يعني وهيٽز سان سڏيندا هئا. درحقيقت، سچو شاعر ۽ نبي، ٻئي الاهي اسرار ۾ مستغرق آهن: ٻنهي کي پالڻهار جي ڏکي پرولي ڀڃڻ جي ڳڻت آهي. شاهه نبي سو نه آهي، باقي ولي بيشڪ آهي. شاهه کي فزط شاعري جو درجو حاصل نه آهي، پر سنڌي، کيس وليءَ جو ممتاز مرتبو ڏين ٿا ۽ کيس تلاميذالرحمان (خدا جو شاگرد) سمجهن ٿا. شاهه جو هر هڪ سر الاهي عشق  جو دفتر ۽ خداشناسيءَ جو مخزن آهي. سندس ابيات شعر ۽ شاعري نه، بلڪ آيات عشق الاهي آهن. شاهه جي ڪلام کي الهام چئي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ جو:

جو تون بيت ڀائيين، سي آيتون آهين،

وڃيو من لائين، پريان سندي پار ڏي.

شعر ۾، هڪڙا هودندا آهن خيال ۽ ٻيا الفاظ. انسان جي دل جون عجيب ڪيفيتون، يا جيڪي جذبات، جهڙوڪ غم، خوشي، راحت يا حيرت- دل ۾ اڀرن ٿا، تن کي تز الفاظن ۾ ظاهر ڪري، پڙهندڙن جي دل ۾ ساڳيائي اهڙا احساسات پيدا ڪرڻ- اهو شاعريءَ جو اعجاز- ان جو صحيح مقصد به اهوئي آهي. شاهه جي ڪلام ۾، جهڙا آهن خيال عميق ۽ مائيدار، تهڙا آهن الفاظ عمدا ۽ معنيٰ دار. معنيٰ توڙي الفاظن جي لحاظ کان شاهه جو ڪلام عمدو شعر آهي، مثلاً:

مرڻا اڳي جي مئا سي مري ٿئا نه مات،

هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جئا.

علم عورض جي عالمن جو فيصلو آهي، ته وزن ۽ قافيو شعر جا ضروري جزا آهن. شاهه واري وقت ۾، شعر ايراني يا عربي وزن تي ڪونه ٺهندو هو. وزن جي عيوض شعر، راڳ جي ماترائن تي ٻڌبو هو. مطلب ته وزن يا راڳ جي ماترائن ۽ قافيي کان سواءِ شعر، شعر نه آهي. شاهه جي ڪلام ۾ اهي ٻئي وصفون آهن. سندس ڪلامي ڏوهيڙن ۾ آهي، سندس بيت هندستاني طرز تي، علم موسيقي جي ماترائن موجب، آواز جي ڊگهائي ۽ گهٽتائيءَ تي، قافيي سان ٺهيل آهن، جن جو مڪمل مزو يا حظ بيت ڳائڻ سان وٺي سگهجي ٿو. جيتوڻيڪ شاه، عربي علم عروض ۾ ڀليءَ ڀت ڀڙ هو، تڏهن به عربي بحر ۽ وزن جو نقل نه ڪري، ديسي طريقو اختيار ڪيو اٿس.

ڏوهيڙو لفظ دوهي مان نڪتو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ٻيڻو، يعني مثنوي. ڊاڪٽر گربخشاڻي جو چوڻ آهي ته، هر هڪ دوهي ۾ ٻه ٻه مصرعون هئڻ گهرجن، جن جي پڇاڙيءَ ۾ ساڳيو قافيه هئڻ گهرجي. هر هڪ مصرع ۾ ٻه پد (حصا) هئڻ گهرجن. انهن چئن پدن مان، پهرئين ۽ ٽئين پد ۾، تيرهن ماترائون هئڻ ضروري آهن ۽ باقي ٻئي ۽ چوٿين پد ۾، يارهن يارهن ماترائون: دوهي ۾ ڪل اٺيتاليهه ماترائن مان، گهٽ ۾ گهٽ چار ضرور چوٽيون هئڻ گهرجن، باقي چوئيتاليهه ماترائون ڊگهيون هجن يا چوٽيون، ته حرڪت نه آهي.

قاضي قاضن ۽ شاهه عبدالڪريم جو ڪلام پڻ دوهو وزن يا دوهرن ۾ لکيل آهي، پر شاهه هن طرز ۾ ب گهڻيون عمديون تبديليون آنديون. شاهه ٻن ٻن مصراعن وارا گهڻا بيت چيا. شاهه ٻئي ۽ چوٿين پد جي پڇاڙيءَ ۾ قافيه وجهڻ جي عيوض، پهرين ۽ ٽئين يا ٻئي ۽ ٽئين پد ۾ قافيه وڌو. پدن ۾، ماترائن جو عدد پڻ، شاهه مختلف رکندو آيو آهي. انهن ڦيرين گهيرن ڪري، بيتن ۾ وڌيڪ پختگي ۽ ميٺاج پيدا ٿيو آهي. شاهه ڪنهن بيت جي پهرين يا پوئين مصراع جو اڌ، ڪيترن بيتن ۾ وري وري آڻي يا فقط مصرع جو هڪ لفظ ڦيرائي يا فقط ٻن لفظن جي پاڻ ۾ جاءِ مٽائي؛ يا هڪڙي لفظ بدران ٻيو ساڳي معنيٰ وارو لفظ آڻي، سڄي بيت جو قافيو بدلائي ٿو، سو هيڪاري سندس شعر کي سوادي ڪيو ڇڏي. مطلب ته شاهه ڪنهن جي به تقليد نه ڪئي، پر پنهنجو نئون ۽ عمدو طريقو ايجاد ڪري، هڪ نئين راهه ڳولي ڪڍي.

شاهه جي ڪلام ۾، بيتن کان سواءِ، هر هڪ سر پٺيان هڪڙي وائي اچي ٿي، جنهن ۾ تن چئين تڪن واريون مصراعون آهن ۽ هڪڙو تلهه اٿس، جو سڀڪنهن مصرع جي پٺيان ورجائي ڳائبو آهي. شاهه جي بيتن واري شعر جو نمونو گهڻي وقت کان سنڌ ۾ رائج هوندو هو، جو ڀَٽ فقير ڳائيندا هئا. انهن کي لوڙائو ڪري چوندا آهن. هندستاني گويا، ڪافي يا غزل يا ٺمري ڳائڻ کان اڳي، ڏوهيڙا ڏيندا هئا. هي طريقو سنڌين به اختيار ڪيو. هو ڏوهيڙا يا لوڙائو ڏئي، راڳڻي بڌي، پوءِ ڪافي يا وائي چوڻ لڳا. اهو عمدو رواج. شاهه وٽ ٿيندڙ سماع جي مجلس مان، سنڌ ۾ رائج ٿيل ٿو ڏسجي. شاهه جي وائي ڪافي يا ٺمري جو نمونو آهي، جو انهن جي بدران ڳائبو هو.

ارسطوءَ جي راءِ موجب، محاڪات، يعني مصوري يا نقش نگاري، شعر جو روح آهي. ادب جي ٻين عالمن جو ارشاد آهي، ته تخيل ئي شعر جو روح آهي. حقيقت ۾ محاڪات ۽ تخيل، ٻئي شعر جا اهم ۽ لازمي جزا آهن. محاڪات جي معنيٰ آهي، ڪنهن شيءِ يا حالت جو اهڙي طرز سان بيان ڪرڻ، جو انهيءَ جي تصوير پڙهندڙ يا بڌندڙ جي اکين اڳيان تري اچي. محاڪات، الفاظن ۾ فوٽي ڪڍڻ جو فن آهي. تخيل وري ايجاد جي قوت جو نالو آهي. جنهن جي مدد سان شعر، سامعني جي جذبات ۾ جنبش ڪري ٿو. شاهه جي ڪلام ۾، اهي ٻئي خصوصيتون موجود آهن.

شاه، محاڪات ج ماهر آهي. شاهه جي نقش نگاري، هر هڪ بيت مان ڇُلڪي رهي آهي. جيڪڏهن ڪو چاهي، ته بيت ته بجاءِ خود، پر هرهڪ مصرع جي موضوع تي تصوير ڪڍي سگهي ٿو. (اميد ته ڪو اهڙو شائق نڪرندو، جو شاهه جي بيتن جون تصويرون ڪڍائي شايع ڪرائيندو.) شين ۽ دلي ڪيفيتن جو چٽ چٽڻ، ته ڪو شاهه کان سکي. ٿرن ۽ برن، ڏکن ۽ ڏونگرن، درياه ۽ سمنڊ جي خطرن جون، اهي اهي تصويرون ڪڍيون اٿس، جو ڏندين آڱريون اچيو وڃن. ڪوبه ڪمانگر، اهڙو نقش مشڪل ڪڍي سگهندو، جهڙو سر سهڻيءَ ۾ شاهه درياه جي دهشتناڪ صورت جو ڪڍيو آهي.

دهشت دم درياه ۾ جت جايون جانارن،

نڪو سنڌو سير جو، مپ نه ملاحن،

درندا درياه ۾، واڪا ڪيو ورن،

سڄا ٻيڙا ٻار ۾ هليا هيٺ وڃن،

پرزو پيدا نه ٿئي، تختو منجهان تن،

ڪو جو قهر ڪنن ۾، ويا ڪين ورن،

اتي اڻ تارُن، ساهڙ! سير لنگهاءِ تون.

ڪوبه نقاش، مينگهه ملار جون اهڙيون سهڻيون شڪليون مشڪل ڪڍندو. جهڙيون سر سارنگ ۾، شاهه ڪڍيون آهن مثلاً:

مند ٿي، منڊل منڊئا، ڪي اوهيڙن اوڪ،

ڇاڇري ٿي ڇنن ۾، ميهون چرن موڪ،

سرهيون ٿيون سنگهاريون، پويو پائن طوق،

ميها، چڀڙ، ڦنگيون، جت ٿين سڀيئي ٿوڪ،

لاهيين مٿان لوڪ، ڏولائي جا ڏينهڙا.

ڪهڙو ڪاريگر هام هڻندو، ته سر ڪيڏاري ۾، ڪربلا جي جنگ جون، شاهه واريون ڪڍيل لفظي تصويرون نقل ڪري سگهندس؟ شاهه جي محاڪات جو مشهور مثال هن بيت مان ملي سگهي ٿو:

بهادر گڏيا بهادرين، کڙڳ کلول ڪن،

وجهن ڌڙ ڌڙن تي، هاڪارين، هڻن،

ڪرن، ڪنڌ نچن، رَڻ گجيو، راڙو ٿيو.

مطلب ته، شاعراڻي مصوري جو ڪمال، شاهه جي ڪلام مان ليئا پائي رهيو آهي.

شاهه جي ڪلام مان، تخيل جو عنصر پڻ بکي رهيو آهي. علم هيئت جو ماهر، چنڊ کي شاعرانه اکين سان نٿو ڏسي. هو ڏسي ٿو، ته چنڊ ٽهيل ڇا جو آهي؟ بذات خود رومن آهي يا سج جي ڪرڻن جو ڇور آهي؟ ڪهڙي سبب سمنڊ جي لهرن کي ڪشش ڪري ٿو؟ پر شاعر، چنڊ جي روشنائيءَ ۾ محبوب جو جلوو ڏسي ٿو. هو چنڊ کي، پنهنجي محبوب کان، ڪئين درجا گهٽ سمجهي، انجا عيب ثواب اُپٽاري ٿو:

چنڊ تنهنجي ذات، پاڙيان تان نه پرينءَ سين،

تون اڇو ۾ رات، سڄڻ نت سوجهرو.

ڪڏهن شاعر وري چنڊ کي، پنهنجي دلبر ڏانهن قاصد ڪري موڪلي ٿو، ڇاڪاڻ جو هو چنڊ کي ساري دنيا تي نظر وجهندو تصور ڪري ٿو.

اڀر چنڊ! پس پرين، تو اوڏا، مون ڏور.

پر سائنسدان، اها ڳالهه تسليم نٿو ڪري، ڇاڪاڻ جو هو ٽابت ڪري ٿو، ته چنڊ فقط اڌ دنيا تي روشني وجهي ٿو. شاه، چنڊ کي قاصد ڪري، مٺي منٺار ڏي سنيها ٿو موڪلي:

چڱا چنڊ! چئيج، سنيها کي سڄڻين،

مٿان اڱڻ اُڀري، پرين جي پيج،

جهيڻو ڳالائيج، پيرن وجهي هٿڙا.

مطلب ته خيال جي هڏائين پڃري تي شاهه تخيل تي شاهه تخيل جو ماهه چڙهي، سهڻي شاعراڻي حور آنيو اکين اڳيان بهاري.

شاهه ۾ جمال (حسن) جي مشاهدي ماڻڻ جي قابليت هئي. جمال جا ڪيترائي قسم آهن، جهڙوڪ: طبعي، جسماني، اخلاقي ۽ روحاني. شاهه طبعي يا فطرتي جمال ڏسي، سندس اپائيندڙ جي واه جي واکاڻ ڪئي آهي. سر سارنگ ۾ قدرتي حسن جو جلوو بيتن ۾ نمايان ڪيو اٿس. درياه جو دل ڏاريندڙ منظر، تارن جي جهرمر، چنڊ جي چٽائي، ڪڪرن جي ڪارونڀار ۽ سڃ جا سينه شگاف ڪندڙ نظارا، ڏاڍي خوبيءَ سان ڪڍيا اٿس. اخلاقي ۽ روحاني حسن جو ذڪر، شاهه هر هڪ سُر ۾ ڪيو آهي. جنهن جو بيان هر هڪ سر جي روحاني راز ۾ ڏنو ويو آهي. مطلب ته، هر بيت ۾، شاهه حق ۽ حسن جو هوڪو ڏئي ٿو. اهڙو ماڻهو ورلي هوندو، جنهن شاهه جي مهراڻ مان، معنيٰ جا موتي هٿ نه آندا هجن.

شاهه جو ڪلام شاعراڻي صنعتن سان پڻ ڀرپور آهي. هن جي ڪلام ۾ فصاحت آهي، يعني هر هڪ لفظ اهڙو استعمال ڪيو اٿس، جو اُچار ڪڍڻ ۾ زبان کي ڪابه هٻڪ يا هٽڪ ڪانه ٿي ٿئي. مثلاً:

آيل! ان نه وسهان، هنجون جي هارين،

آڻيو آب اکين ۾، ڏيهه کي، ڏيکارين،

سڄڻ جي سارين، سي نه ڪي رون نه چون ڪي.

شاهه جي ڪلام ۾ بلاغت آهي، يعني هرهڪ سخن، وقت ۽ حال مطابق آهي. هو پنهنجن سورمين جي دلي ڪيفيت، چٽائيءَ سان بيان ڪري ٿو. ڪڏهن سسئي جي سورن جو، ڪڏهن سهڻيءَ جي سوز جو، ڪڏهن مومل جي مونجهاري جو، ڪڏهن ليلا جي ليلائڻ جو، ڪڏهن ڪوهياري جي ڪنجهڻ جو ۽ ڪڏهن مارئي جي بند ۾ بيحال ٿيڻ جو بيان وزنائتن لفظن ۾ بيان ڪري، پڙهندڙن کي پنهنجي سحرنگاري سان مفتون ڪيو ڇڏي، مثلاً: مومل کان ٿو چورائي:

وٽ سوريندي، ولها! ويو تيل ٻري،

موٽ مسافر سپرين! چانگي تي چڙهي،

راڻي لاءِ رڙي، ويئي وهامي راتڙي.

شاهه جي ڪلام ۾ جدت آهي يعني، هن مضمون اهڙا علحدا علحدا، اختيار ڪيا آهن ۽ اهڙي عمدي طرز سان ادا ڪيا آهن، جو ڪنهن به اڳئين شاعر جو نقل يا تتبع نٿا لڳن. شاهه جو ڪلام جدت ڪري جادوءَ جو اثر رکي ٿو. مٽلاً:

نيهن نهائين کان، سک منهنجا سپرين!

سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.

شاهه جي ڪلام ۾ سلامت آهي، يعني لفظ اهڙا استعمال ڪيا اٿس، جي ان وقت ماڻهو روزمره جي ڪاروبار ۾ ڪم آڻيندا هئا. سندس بيتن پڙهڻ سان هرڪو چوندو، ته سچ چيو اٿس. اهي ڳالهيون منهنجي دل مطابق آهي. اها الفاظن جي سادگي شاهه جو مرڪ آهي. نڪي ابوالڦوڙاٽ عربي اکر، نڪي ڳاٽي ڀڳا ٻي ڪنهن ٻوليءَ جا لفظ استعمال ڪيا اٿس. رنگين ۽ گوناگون هوندي به شاهه جو ڪلام، سليس، سلوڻي ۽ سادي سنڌيءَ ۾ آهي.

 

مثلاً:

عدل نه ڇٽان آئون، ڪو ڦيرو ڪج فضل جو.

شاهه جي ڪلام ۾ بندش آهي، يعني الفاظن جي اچارن ۾ ميٺاج ۽ معنيٰ ۾ موزونيت آهي. شاهه جي استعمال ڪيل الفاظن جي خوبي سندن اچارن، آوازن، لهجي ۽ معنيٰ ۾ آهي. شاهه جي بيتن ۾، نه معنيٰ تنگ آهي ۽ نه قافيو لنگ. مضمونن جي بلندي ۽ بندش، سندس بيتن کي سلوڻو بنايو پڏين. شاهه معنيٰ جي ڪنوار کي موزون الفاظن ۾ ملبوس ڪري هيئن ٿو پيش ڪري:

پريان سندي پار جي، مڙيئي مٺائي،

ڪانهي ڪڙائي، چکين جي چيت ڪري.

شاهه جي ڪلام ۾، اڪثر ڪري، اکرن جي بيهڪ نثر جهڙي آهي ۽ ٻين شاعرن وانگر پيچيدي نه آهي، مٽلاً:

سوريءَ سڏ ٿيو، ڪا هلندي جيڏيون؟

وڃڻ تن پيو، نالو نينهن ڳنن جي.

شاهه پنهنجي ڪلام کي، سخن جي صنعتن سان به ڪافي سينگاريو آهي، جن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.

جيئن خداداد حسن کي زياده ڌمڪائڻ ۾ موثر بنائڻ لاءِ زالون زيور زيب تن ڪنديون آهن، تيئن شعر جي نازنين پري پيڪر کي، زياده دلڪش بنائڻ لاءِ شاعر سنگار جو سامان وجهي سنواريندا ۽ زياده حسين پنائيندا آهن. شاهه پنهنجي سخن کي، صنعتن سان ڪافي سجايو ۽ سينگاريو آهي. شاهه جيڪي سخن جا سينگار اختيار ڪيا آهن، تن مان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا:

(1)ـ تشبيهون ۽ استعارا:

هي صنعتون سخن جي سونهن آهن. جڏهن عام رواني ماڻهو به جوش ۾ اچي ويندو آهي يا اندوه ۽ غم جي حالت ۾ هوندو آهي، تڏهن بي اختيار، زبان مان اسعتارا نڪري ويندا اٿس، مثلاً ڪنهن جو عزيز مري ويندو آهي، ته چوندو آهي، ته دل ٿي ڦاٽيم، توکي ڪنهن جي نظر نيو، ادا! چيلهه ڀڃي ويو وغيره. اهي سڀ استعارا آهن، جي دلي رازن بيان ڪرڻ جا فطرتي اوزار آهن. جيڪڏهن اهي ّعر ۾ استعمال ڪبا، ته جذبات جا صحيح ترجمان ٿيندا ۽ ٻين ۾ به اهي ساڳيا ساڳيا امنگ اٿاريندا ۽ دل موم ڪرڻ لاءِ مؤثر ٿيندا.

جيڪڏهن شاعر، کليو کلايو ٻن شين جي ڀيٽ ڪندو، ته چئبو، ته هن تشبيهه جي صنعت استعمال ڪئي آهي. مثلاً شاه، معشوق کي صياد سان مشابهت ڏئي ٿو، جو تير ڪمان کڻي شڪار تي ويندو آهي ۽ جيڪو شڪار ڪندو آهي سو ويندو آهي، جهوليءَ ۾ وجهندو. معشوق پنبڻين جي تيرن ۽ ڀرن جي ڪمان سان، عاشقن جون دليون شڪار ڪري ٿو:

(1) هَڻُ حَبيبَ هٿُ کڻي، ٻَنگا لهي ٻاڻُ،

ماڳِهِين مون مِنههُ ٿئي، جهوليءَ وِجهان پاڻُ.

شاهه مرشد کي لُهار سان مشابهت ڏيندي چوي ٿو، ته مرشد کي ئي خبر آهي، ته ڪهڙن سالڪن پنهنجي خام وڃائي، ڪماليت حاصل ڪئي آهي:

پچائي پَهاڻُ، جَن رَساڻئو رَڪُ کي،

تَنين سندو ڄاڻُ، آهي آَڳَڙَينِ کي.

(2) چِپُون ڇَپَرَ کَٽَ، پَهَڻَ پَٿَراڻِيُون ڀانِئيان.

(3) پَرتوو پنهونءَ جو، جُهڙ جيئن جهالا ڏي.

جيڪڏهن ڀيٽ اهڙي نمايان ۽ کليل نه هوندو، بلڪ خفيف ۽ لڪل هوندي، ته چئبو، ته شاعر استعاره استعمال ڪيو آهي. شاهه پڻ اسعتارا استعمال ڪيا آهن مٽلاً:

(1) ساٿِي نهَ پسان سي، جي هُئَمِ هنيين ٿوڻِيُون.

(2) مُنهن ڏيئِي مُون آئِيون، رَنگا رَنگي راهُ.

(3) واڪو ڪَنديَس، وو! مون سين جَبَلُ ٿو جاڙُون ڪَري!

(هتي بي جان جبل کي جاندار واري وصف ڏني وئي آهي. جيئن بي جان ڏونگر کي هيٺ خطاب ڪيو ويو آهي.)

ڏونگَرَ! مُون نهَ ڏُکوءِ، آن اَڳَ ڏُکوئي آهيان.

اهڙا مثال شاهه جي رسالي ۾ هزارين ملندا.

تضاد:

ٻن متضاد، يعني هڪ ٻئي جي اُبتڙ معنيٰ رکندڙ لفظن کي، ٻن مختلف شين جي ڀيٽ ڪرڻ لاءِ، يا سندن تفاوت کي زياده چٽائيءَ سان ذهن نشين ڪرائڻ لاءِ، شاعر استعمال ڪندو ته چئبو، ته شاعر تضاد جي صنعت استعمال ڪئي آهي. شاهه اها صنعت هيئن ٿو اسعتمال ڪري:

(1) سو هي، سو هو، سو اجل، سو الله،

سو پرين، سو پساه، سو ويري سو واهرو.

(هتي اجل ۽ الله، ويري ۽ واهرو هڪ ئي هستيءَ جي وصف ڪن ٿا ۽ متضاد آهن.)

(2) وحدتا ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪل.

[وحدت (هيڪڙائي) ۽ ڪثرت (گھڻائي) متضاد لفظ آهن، جن کي هڪ ئي مصرع ۾ خوبيءَ سان استعمال ڪيو ويو آهي.]

لف ونشر:

لف لفظ مان مراد آهي ته، ڪن شين جو ذڪر ڪيو وڃي، ۽ نشر لفظ مان مراد آهي ته، انهن شين جي مناسب کي بيان ڪيو وڃي. جيڪڏهن مناسبت، نمبروار ۽ ترتيب سان بيان ڪيل هوندي، ته لف ونشر غير مرتب استعمال ڪئي چئبي. شاهه لف ونشر جي صنعت هيئن ٿو استعمال ڪري:

جيئنءَ سو هَرَڻَ هَماءِ، سَرگَردان سَنسارَ ۾،

هِيءُ پَڳُ نه کوڙي پَٽين، هُو ڌَڙَ سِرِ ڌَري نه ساهُ.

[پهرين مصرع ۾ ٻه فاعل آهن. هڪڙو هرڻ ۽ ٻيو هماءُ. ٻي مصرع ۾ انهن بابت چيل آهي ته هيءُ يعني هماءُ پٽ تي پير نٿو رکي (بي قرار آهي ۽ هُو يعني هرڻ ڌڙ ۾ ساه نٿو رکي يعني بي آرام آهي.)]

ايهام:

ايهام لفظ جي معنيٰ آهي، وهم ۾ وجهڻ. جيڪڏهن ڪلام ۾، هڪ لفظ اهڙو اچي، جنهن جون ٻه معنائون هجن، هڪڙي ويجهي، ٻي پرين ۽ ٻڌندڙ جو گمان ويجهي معنيٰ ڏانهن وڃي، مگر شاعر جي مراد پرين معنيٰ جي هجي، ته چئبو ته، شاعر، ايهام جي صنعت استعمال ڪئي آهي. ويجهي معنيٰ جو مطلب آهي، اُها معنيٰ جا ذڪر ڪيل ڳالهه جي مناسب نه هجي، پر لڪل معنيٰ جي لحاظ کان اها معنيٰ ڪڍي سگهجي. شاهه مان ڪي ايهام جا مثال هيٺ ڏجن ٿا.

(1) ننگَرَئُون نيڻين، مَڻُ اولِيءَ نه اوهَري!

سَٻاجهين سيڻين، پائي ڳُڻَ ڳِهِيون هِيُون.

[ڳڻ لفظ جي معنيٰ آهي 1- خصلتون 2- نوڙي. هتي ٻئي معنائون لڳن ٿيون.]

(2) حَقّا حَقّ ٿِيوسِ، هُئِي طالِبَ حَقّ جِي.

[حقا معنيٰ (1) حق يا خدا وٽان (2) تحقيق، حق معنيٰ انصاف. ٻي نمبر استعمال ڪيل حق جون معنائون آهن (1) مڙس (2) سچ، خدا.]

(3) ورَ وَراڪا وچَ ۾، لکين آڏا لَڪَ،

هو جي آڏا حَقَ، سي ڪَندا ڪوهَ ڪَنديَنِ کي؟

[حق= (1) مڙس، ڀتار (2) خدا (3) سچ.]

(4) وَرَ ۾ ڪونهي وَرُ، ڏيرَنِ وَرُ وڏو ڪيو.

[ور= (1) مڙس (2) پيچ، ڦيرو (3) مڪر، ڇند]

(5) جا هَڙَ ڇُڙي نهَ ساهَ جِي، سا هَڙَ ساهَڙَ ساهَڙَ رِيَ،

ساهَڙَ ميڙِ، سَمِيعَ، ته سا هَڙَ ڇُڙي ساهَ جِي.

[ساهڙ= (1) دوست (2) محبت جي ڳنڊ- هن صنعت کي، تجنيس مرڪب پڻ چئبو آهي.]

مراعات نظير:

جيڪڏهن شاعر، اهڙا لفظ هڪ هنڌ اسعتمال ڪري، جن جي پاڻ ۾ هڪ ئي ٻئي سان مناسبت هجي. جهڙوڪ باغ جي بيان ۾، گُل، بلبل، باغبان، سرو، قمري جو ذڪر ڪرڻ، ته چئبو ته شاعر مراعات نظير جي صنعت استعمال ڪئي آهي. رسالي مان چند مثال هيٺ ڏجن ٿا:

(1) ڪاتي جا قريب جي، سا هَڏي چيري چم،

عاشق پنهنجو لحم، لله ڪارڻ وڍيو.

[ڪاتيءَ جي ذڪر سان هڏ ، چم لحم (گوشت) جو ذڪر ڪهڙو نه موزون ٿو لڳي.]

(2) اڃا کوري ماڳَ، مَٽَ، ڪُٽِڪا، ڪَٽَ گهَڻا.

[ڪلاڙن جي کوري (بٺيءَ) جو ذڪر ڪندي، مٽ، ڪٽڪا (دلي)، ڪٽ (وڏي مٽ) جو بيان ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ جو اتي اهي موجود هوندا آهن.]

(3) دائودي دَيُون ڪَري، رَڪَنِ ڪونهي رَنگُ،

گهوڙيءَ هيٺ آينگُ، ڪاهِيو پاکَرِيين هَڻي:

(4) مَيَنِ مَٿي سَمَرا، کُهِيَن سَڏ ڪَرِين،

ساٿُ نِباهِيو نِينِ، اِيءَ پَرِ سَندِي سَڄَڻين.

[ٿڪلن کي سڏ ڪيو، سندن سامان اٺن تي رکي، ساري ساٿ کي منزل مقصود تي پهچائڻ، سڄن جو شيوو آهي.]

تجنيس خطي:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com