سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب: --

صفحو :16

داستان ڇهون

1

ساهَڙَ جا سِينگارَ، اَڻَ- لِکيا[1] اَڳي[2] هُئا،*

نَه ڪا ڪُن فَيَڪُونُ[3] هُئِي،** نَه ڪا ٻِي پَچار،

مَلَڪَنِئان[4] مَهدِ[5] هُئي، توڏِيءَ[6] جِي تَنوارَ،***

مُحبَتَ ساڻُ ميهارَ، لايائين، لَطِيف چي.

2

سُهڻيءَ کي سِينگارَ، اَڻَ- لِکِيا اَڳي هُئا،

ڪُن فَيَڪُونُ ڪانَه هُئِي، نَه ڪا ٻِي پَچارَ،

مَرَڪِي ساڻُ ميهارَ، لايائِين لَنءُ، لَطِيفُ چي.

3

گهيڙَ لَنگِهيو گهاري،[7] ميثاقان[8] مِيهارَ سان،

اَلَستُ بِرَبِڪُم قَالوابَليٰ[9]، پَرِ[10] اِها پاري،

ڏَسِيو ڏيکاري، پِرِت پِريان جو پيچِرو.

4

اَلستُ اَرواحَن کي، جَڏِهن چَيائُون،

مِيثاقان مِيهارَ سين، لَڌِيُون مون لائُون،

سو موٽي ڪيئن پاهُون[11]، جو مَحفُوظان[12] مَعافُ[13] ٿِيو.

5

اَلَستُ اَرواحَنِ کي، جڏِهن چَيائِين جيئن[14]،

قَالُوا بَليٰ قَلبَ ۾، ٿِيو تَفائُلُ[15] تيئن[16]،

مَحَبِتِيءَ مِيهارَ جي، آئون نِهوڙِي نينهن،

سَرَتِيُون! ساهَڙَ سيئن[17]، هَلَڻُ مون حَقُ ٿِيو.

6

اَلَستُ ارواحَنِ کي، جَڏِهن اَمرُ ڪِيو اَحَدَ،

هو مَنَ ڪاڍو[18] مِيهارَ ڏي، سُهِڻيءَ سِڪَڻَ سَڌَ،

دِلو دَورَ دَرِياهه جي،* ڪِيو اِرادي[19] اَڌَ،

جِيڪِين آيُسِ ڏانهن عَهَدَ[20]، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾.

7

اَلَستُ ارواحَنِ کي، جَڏِهن فَرمايو فَتاحَ[21]،

هو مَنَ ڪاڍو ميهارَ ڏي، سُهِڻيءَ سِڪَڻَ ساهَه[22]،

دِلو دَورَ دَرِياهه جي، ڪِيو اِرادي آداهَه[23]،

جِيڪِين آيُسِ ڏانهن اَللهَ، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾.

8

اَلستُ ارواحَنِ کي، جَڏِهن فائِقَ[24] فَرمايو،

هو مَنَ ڪاڍو مِيهارَ ڏي، سُهڻِيءَ کي ساعِيو،

دِلو دَورَ دَرِياهَه جو، اوڏاهِين آيو،

جيڪِين هادِيءَ هَلايو، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾.

9

اَلَستُ ارواحَنِ کي، جَڏِهن چَيائِين،

هو مَنَ ڪاڍو ميهارَ ڏي، سُهڻِيءَ سَدائِين،

جيڪِين آيُسِ اوڏاهِين، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾.

 

10

اَلَستُ ارواحَنِ کي، جَڏِهن جاڳايو جَلِيلَ[25]،

سَنئِين راهه، سَيّدُ چي، سوٺائُون[26] سَبِيلَ[27]،

وَحدَتَ جي وادِيءَ[28] ۾، ڪوڙين ڪي قَلِيلَ[29]،*

درياهَه جي دَليلَ[30]، لوڙهي لَهوارا ڪيا.

11

کامان، پَچان، پَڄُران، لُڇان ۽ لوچان،

تَنَ ۾ تؤنسَ[31] پِرِيَنِ جِي، پِيان نه ڍاپان،

جِي سمُنڊَ مُنهن ڪَرِيان، توءِ سُرڪِيائي نه ٿئي.

12

کامان، پَچان، نه مَران، سَڙان سارِي راتِ،

ٻَنِ ٻِيائِيءَ کي وِجِهي، ڪَرِ پِرِيان جِي تاتِ،

سِيخُون سَنديُون سَڄَڻين، اُڀَرَنِ آڌِيءَ راتِ،

نه ڪِين هَٿِ نه ساٿِ،** ڏِيهاڻِئو چَنگِ چَڙهان[32].

 

13

ڪارِي راتِ، ڪَچو گَهڙو اوڻٽيهِين اُونداهِي،

چَنڊَ نالو ناهِه ڪو، دَرِياهَه دَڙَ[33] لائِي،

ساهَڙَ ڪارَڻِ سُهڻي، آڌِيءَ ٿي آئِي،

اِيءُ ڪَمَ اِلاهِي، ناتَ ڪُنَنِ ۾ ڪيرَ گِهڙي؟

14

ڪارِي راتِ، ڪَچو گَهڙو، نَه ڪا سِيڻَهه[34] ساڻُ،

وِجهي، ويرَمَ نه ڪري، پِرِيان ڪارَڻِ پاڻُ،

مَحَبَتَ کي مهَراڻُ، سُڪِي سَڀُ پَٽُ ٿِيو.

15

ڪارِي راتِ ڪَچو گَهڙو، مَٿان وَسي مِينهن،

هِڪو ڀَؤُ بيراهَه[35] جو، ٻِيو سانڀارا[36] سِينهُن[37]،

شالَ مَ ڇِڄي نِينهُن، گِهڙان، گهورِيو ڄِندَڙو!

16

اورارِ نه پَرارِ، ويچاري وَهَه وِچَ ۾،

سُڪِي ڏَنِيءَ[38] سُپِرِين، ٻِيو مِڙوئِي تارِ،

تون گِهڙُ، ڪِيمَ نِهارِ، ٻُڏَندَنِ سين ٻاجُهون ڪري.

17

هِنَ پارِ، نه هُنَ، ويچارِي وَهَه وِچَ ۾!

نِيَچُ[39] نِهاري نه گِهرِي، تنهن ۾ پِيَسِ تُنَ[40]،

اَللهَ ساڻُ اَمُنَ، آرا ڪنهن[41] اُڪارِيين.

18

سَهسَين سائِرَ ٻوڙِيُون، مُنڌَ ٻوڙِيو[42] مِهَراڻُ،

وَهَه وِڃائِيو پاڻُ، هَڻي ڪَنڌُ ڪَپَنِ سين.

19

سَهسَين سائِرَ گَجَنِ، توءِ سَهَجَ[43] نه مَٽي سهڻي،

ته ڪي نينهن ڇِڄَنِ، پَرِتَهِي[44] پِرِيَن جي؟

20

سُپيرِيان جي تُرَهي، ٻُڏِي! هَٿُ مَ لاءِ،

صُباحَ تان چُونداءِ، اَسان تو اُڪاريو.

21

سُپيرِيان جي تُرَهي، ٻُڏين، توءِ مَ لَڳُ،

جي ڀانئيين پِرِينءَ مِڙان، ته پُورَ[45] اُبَتِي وَڳُ[46]،

پاءِ تيڏانهين[47] پَڳُ، ناهِه[48] جيڏانهين[49] نِجُهرو[50].

22

سُڪِيءَ[51] جي سانباهِه[52] ۾، جَڏِهن ٻُڏِيُون جي،

ساهَڙُ تِنين کي، ٻيلِي[53] ٻِنِهي ڪَنڌِيين[54].

23

سُڪِيءَ ٻُڏَنِ جي، ساهَڙُ ساڻِي تَنِ جو،

لَهِرِن سِرِ[55] لَطِيفُ چي، ڪُلَهَنِ چاڙِهِيو نِي،

جي پُڇَنِ پَنڌُ پَري، تَنِ اُماڻي اورَهُون.

24

سُڪِيءَ جي سانباهِه ۾، ٻُڏين، توءِ ٻُڏُ،

ڪَکَ، ڪانڊيرا، ڪاٺِيُون، ميڙي ٻَڌُ مَ مَڏُ[56]،*

نه ڪو ساهَڙَ سَڏُ، نه ڪا سُڄي[57] سهڻي**.

25

جي تو بيتَ ڀانئِيا، سي آيَتُون آهِينِ،

نِيو مَنُ لائِينِ، پِرِيان سَندي پارَ ڏي.


 

 

وائي

ويٺِي ڪِينَ وِسارِي، مَحبَتَ وِڌَڙِي ماري،

ديوانِي، يار، وو! مَستانِي، دِلبَرَ، جانِي وو!

لا! ويٺِي ڪِينَ وِساري.

جنهن کي سِڪَ ساهَڙَ جِي، سا گهايَلَ گَهرِ نه گهاري،

لا! ويٺِي ڪِينَ وِساري.

ڏَمُ ڏُهيلو[58] ڏُکِيو، سِرَ ۾ سؤنٽا[59] ماري،

لا! ويٺِي ڪِينَ وِساري.

ٻيلي پاسِ ٻُرَنِ[60] جي، تَنِ کَرِڪِينِ[61] وِڌِيَسِ کاري،

لا! ويٺِي ڪِينَ وِساري.

ٻيلي ٻِنهِي ڪَنڌِيين مُحبُ مينهُون ٿو چاري،

لا! ويٺِي ڪِينَ وِساري.

هُوءِ هُنگارُون[62]، پُونِ پُڪارُون، تَڙِ تَڙِ دوس تنواري،

لا! ويٺِي ڪِينَ وِساري.

هُوءِ جا پِڪَ پِرِيَنِ جِي، آهِيان تنهن آساري،

لا! ويٺِي ڪِينَ وِساري.


 

 

داستان ستون

 

1

تَڙِ نه گِهڙي تُورُ[63]، توءِ مَنَ ڪاڍو مِيهارَ ڏي،

ڏاڍو دَورُ دَرِياهَه ۾، سِڪَڻَ وَڏو سُورُ،

مَنَ ۾ موجَ مِيهارَ جي، پَهَسُ[64] پِريان جو پُورُ،

ٻيلي ٻِنِهي ڪَنڌِيين، نِتُ نِهاري نُورَ[65]،

مَنجهان جَرَ ضَرورُ[66]، ڪَچي[67] کي ڪو مَ ٿِئي.

2

ٻوڙيين، چاڙهِيين، تون ڌَڻِي، ٻئي جو دَعويٰ نه دَمُ،*
هِنَ منهنجي حالَ جو، ميهَرَ تي[68] مَعلَمُ[69]،

رَکُ ڀيلي[70] جو ڀَرَمُ، جو اَچِي پِيو اَجهورَ[71] ۾.

 

3

ڪانڌِي ڪَنگَ ٿِياسِ، وَهَڻُ[72] جَنازو[73] سُهِڻي،

ٻگها جي ٻيٽَنِ جا، ڪُلها[74] تَنِ ڏِناس،

اَکِيين مَلَڪَ[75] ڏِٺاسِ، توءِ مَنَ ڪاڍو ميهارَ ڏي.

4

اُڀو تَڙِ مِيهارُ، مَلاحَنِ سَڏَ ڪري،

آئون پُڻ وِجهان هَٿَڙا، اَئِين پُڻ وِجهو ڄارُ،

گهورِيُون[76] ڪارُونڀارُ[77]، مانَ مِڙَنِهُون[78] سُپِرِين.

5

مِيهارُ مَلاحَنِ کي، اُڀو آڇي اَڇَ[79]،

آئون پُڻ وِجهان هَٿَڙا، اَئِين پُڻ وِجهو رَڇَ،

سَندِيءَ ڪُنَ ڪُڻِڇَ[80]، مانَ هُونِ سَلامَتَ سُپِرِين.

6

مِيهارُ مَلاحَنِ کي، اُڀو ڪري سَڏَ،

اَدا! اِنَهين پارَ جو، موڙي اَچو مَڏَ[81]،

وِيا جي وَهَه گَڏَ، هَلو ته ڏورِيُون اُنِ کي.

7

ڪَنڌِيءَ جَهِليو ڪانَهن، عاشِقُ اُڀو آهُون ڪري،

تو ڪيئن ٻوڙِي سهڻي، ٻيلِي! منهنجي ٻانهن[82]،

دَرِياهَه! توتي دانَهن، ڏِيندُسِ ڏِينهن قِيامُ جي.

8

جِتي ڀيرَ[83] ڀِرَن، ڀَرِيون پُونِ[84] ڀَوارِيُون[85]،

تانگَهه[86] نه لَڌِي تارُئين مَپُ[87] نه ماٽِيئَڙن[88]،

ڪَنڌِيءَ اُڀا ڪيتَرا، سِيڻايا[89] سَنڪَنِ[90]،

تون ڪيئن تَنِ تَڙَنِ، اَچِيو، اَسارِي! گِهڙين؟

9

ڀَرِيُون ڀَرِ دَرِياهه، پَسُ! جي پارِ پَوَندِيُون،

ٻَڌُ تَوَڪُلَ جو تُرَهو، آهَرَ ساڻُ اَللهُ،

جَنِ جِي ساهَڙَ ساڻُ صَلاحَ، سي ڪِينَ ٻُڏَندِيُون ڪَڏِهين[91].

10

سانڀارا[92] سَڏَ ڪِيو، اُڀا چُونِمِ، آءُ،

هِڪُ تِکو ئِي تارِ وَهي، ٻِيو لُڙُ لَهِرِيُون ۽ واءُ،

ساڻِي جَنِ اَللهَ، ٻُجهان[93] سي نه ٻُڏَندِيُون.

11

سانڀارا سَڏَ ڪِيو، اُڀا چُوِنِمِ اَچُ،

هِڪُ تِکو ئِي تارِ وَهي، ٻِيو هَٿِ ڪَمِيڻِيءَ ڪَچُ[94]،

ساڻِي جَنِين سَچُ، ٻُجهان سي نه ٻُڏَندِيُون.

12

هارِي! حَقُ رَکيجِ، سانڀارا ساهَڙَ جو،

خوابَ، خِيالَ خَطِرا، تَنِ کي تَرَڪُ ڏِئيجِ،

اَندَرُ آئِينو ڪري، پَرِ ۾ سو پَسيج،

اِنهين[95] راهَه رَميجِ، ته مُشاهِدو[96] ماڻِيين.

13

هارِي! رَکِجِ حَقُ، سانڀارا ساهَڙَ جو،

خوابَ، خِيالَ، خَطِرا، تَنِين ڏيجِ تَرَڪُ،

ڪَرِيين غَيرَ[97] غَرَق، ته مُشاهِدو ماڻِين.

14

سانڀارا سيئِي، تَنُ جَنِين جو طالِبو،

مَنُ پِرِيان نيئِي، پَڳَهِيو[98] پاڻَ ڳَري[99].

15

لَيا[100] ڏِٺَمِ لارَ[101]، سانڀاران ساهَڙَ جا،

هِينئون هِتِ نه وِندُرِي، ڌراڙَنِئُون[102] ڌارَ،

منهنجو مَنُ مِيهارَ، پَڳَهِيو پاڻَ ڳَري!

 

وائي

آيَل! امڙَ! تي جِيان، لا! جي سارِينمِ سُپِرِين.

ساهَڙَ مَٿاءَ[103] صَدَقو، ڏَهين[104] ڏَمَ ڏِيان،

لا! جي سارِينمِ سُپِرِين.

مَٿان ماڻِڪَ هيڪَڙي، اَمُلهَه اَٺَ ڏِيان،

لا! جي سارِينِمِ سُپِرِين.

اَچِين، عَبدُاللّطِيفُ چي، ته، جانِبَ! تِتُ جِيان،

لا! جي سارِينمِ سُپِرِين.


 

 

داستان اٺون

 

1

ٻُڏَندي ٻُوڙَنِ کي، ڪي هاتِڪَ[105] هَٿَ وِجَهنِ،

پَسو لَڄَ، لَطِيفُ چي، ڪيڏِي کي ڪَکَنِ،

توڻي ڪَنڌِيءَ ڪَنِ، ناتَه ساڻُنِ وَڃَنِ سِيرَ ۾.

2

ڪَچِي ڪانِي ڪانهن، ٻُڏا ڪَڍي ٻارِ مان،

يا لَنگهائي، لَطِيفُ چي، يا ڌُرِيان[106] ڪري دانَهن،

ڪَما حَقُہ[107] ڪکَنِ جِي، آهي ڳالِهه اَڳانهَن[108]،

جيڪِين ڏي ٻُڏَنِ کي ٻانهَن، ناتَه ساڻُنِ وَڃي سِيرَ ۾.

3

جان ڪِين[109] ڪَنڌِيءَ ڪانَهن، تان تاڻي ٻَڌِجِ تُرَهو،

هَٿُ پِرِيان جي هَٿَ ۾، ٻئي کي ڏِجِ مَ ٻانهَن،

سَندِي ڪَپَرَ دانهَن، ڪِ تو ڪَنين نه سُئِي؟

4

ها واڻا[110] هُلَنِ[111]، ڪَپَرَ ڪارُونڀارَ جا،

لَهِرِيُون، لُڙَ، لَطِيفُ چي، ڀيلي تي ڀُلَنِ[112]،

جي ڪَچي ساڻُ ڪَهَنِ، آڪو[113] تَنِ اوباهيين[114].

5

آهِيين هُتِ[115] اُماڻَ[116]، ٻَڌُ تُرَهو تارِ جو،

لَهِرِيُون، لَڙَ لَطِيفُ چي، جَهلِيا[117] جُنگَ جُواڻَ[118]،

اونهي تَڙِ اَگهٽِيا[119]، آڏِي پائي[120] آڻَ[121]،

جي پِيا مُنهَن مِهراڻَ، تَنِ ٻانڌِيَنِ[122] ٻيٽُ نه اُڄَهي.

6

ڪَچو کان ڪُنڀارَ، اوڳي[123]! ڳِنهِيو اُٿِيين،

 ڪِ تو ڪَنين نه سُئِي، ڀيلي تي ڀُلِڪارَ[124]،

لوڙهِيا لَکَ، لَطِيفُ چي، ڪوڙِيين ڪارُونطارَ،

اُڪارِيين آڌارَ! آرا[125] آڪي واريين[126].

7

ڪَچي ساڻُ ڪَهي، پَڪو پُڇي نه سهڻي،

لَنگِهيو لُڙُ، لَطيفُ چي، وَڇارَن وَهي[127]،

سا ڪيئن نينهُن نَهي[128]؟ جنهن کي نينهَن نَڌو[129] کَڻِي.*

8

اُونهي ۾ اوهَري، ڪَهي ڪَچي ساڻُ،

سُپَڪَ[130] جو، سَيّدُ چي، پُڇي نه پَرِياڻُ[131]،

عِشقَ وارِيُون، عَبدُاللطِيفُ چي، سَڌَ نه کَڻَنِ ساڻُ،

جَنِين پاسي پاڻُ[132]، سي اَوَتَڙان اُکَتِيُون.[133]

9

اَنگَ[134] پَسِي رَنگُ، ڪِيو ڪوجو دَؤرُ دِلي،*

ٻَرِ ٻَرِ! ٻيلِي نه ٿِيو، ڪَچو مَنجِهه ڪِلي[135]،

تَران ٿِي تارِ گَهڻو، تنهنجي، بَحرَ بِلي،

سو ميهارومِ[136] مِلي، آهيان جِنهن جي آسَري.

10

ڀانُيمِ نه ڀيلو مون کي ڌاءَ[137] ڌُتارِيو[138]،

آڪي مَٿي اُسَرِي، رُوحَ ڏِنو ريلو،

تيلاهِين ويلو[139]، پِيُمِ واهُڙَ وِچَ ۾.

11

ڪَڍِيا جي ڪِلالَ[140]، سي پَسي خالَ خوشِ ٿِئي،

پاڻِيءَ چِٽَ پُسائِيا، ڌاءَ نه جَهلِي ڌَمالَ[141]،

سُپَڪَ ڀانيا[142] سهڻي، جوڀَنَ جي جَمالَ،

آڪي جا اَحوالَ، معلوم ٿِيا مهراڻَ ۾.

12

ڪَچو، تان ڪوهُه، پَڪو نَظَرُ پِرِيَنِ جو،

ساهَڙُ منهنجو سُپِرِين، ڏَمَ ڏِٺيئِي ڏوهُه،

جي ڇَٽو[143]، جي ڇوهُه[144]، ته پُورِينديَسِ پارَ مَڻي[145].

 

13

آڪو[146] ته آڪو، ڪَچو آيُمِ ڪَمِ،

جِيءَ جَنِين جا جَمِ[147]، پَڪا سي پُڇَندِيُون.

14

پَڪا رَڇَ[148] ڪَنڀارَ جا، پَڪِي نِيهائِين،

مون کي تِئائِين[149]، ڀيلو ڀاڱي آئِيو[150].

15

ڪَچي ڪَٽُ[151] نه جَهِليو، ڀيلو پِيو ڀُرِي،

سارَ ڇَڏِيائين* سِيرَ ۾، ٻانهُنِ کان ٻُرِي[152]،

لَٽي لَهرِيُون ويئِيُون، چؤڌارِي چُرِي،

هِينئڙي مَنجِهه هُرِي، ماهِيَتَ[153] مَلَڪَ المَوتَ[154] جِي.

16

ڪَچي ڪَٽُ نه جَهِليو، ڀيلو پِيو ڀَڄي،

ماهِيَتَ مَلَڪَ المَوتَ جِي، مَنجِهه وُجُودَ وَڄِي،

ساهَڙَ کي سَڄِي[155]، آڪي جي اَحوالَ جِي.

17

ڪَچي ڪَٽُ نه جَهِليو، ڀيلو سَهي نه ڀَرُ[156]،

هَٿين، پيرين، آڱرِيين، ٻانهُنِ ڇَڏِيو ٻَرُ[157]،

ساهَڙَ! سِگهو وَرُ، پييَسِ مُنهن مِهراڻَ جي.**

18

ڀيلي ڀُلائِي، پَسِي چِٽَ چَرِي ٿئي،

ٻَرِ! ٻَرِ! ٻُڏِي سُهڻي! وِيرِنِ ۾ وائِي*،

ڪَچي ڪيرائِي، لالَ[158] لَهرِنِ وِچ ۾.

19

پَڪو کَڻِج پاڻَ سين، چَڱو چِٽائي،

ڪَچو ڏيجِ ڪُلالَ[159] کي، اُنهن تي موٽائي،

سو سُڻُ هِنيين سين، سهڻي! جيڪِين فائِقُ فَرِمائي،

مَوجُون مونجهائي، مارِينئِي مِهراڻَ جون.

20

ڪو جو وَرِيو واءُ، جيئن ٻَرُ ٻانهُنِ ڇَڏِيو،

اَڳي اِنَ تَڙاءُ، اُونداهِيائِي[160] اُڪِران.

21

هَڻَندي ٿَڪَمِ هَٿَ، هينئڙي حُجُون[161] ڇَڏِيُون،

لَکُ لَهرِنِ گڏِيو، مَوجُون وَرِيُون مَٿَ[162]،

نِيَمَ ڪُنَ قُوّتَ، ڀِرُ[163]، ڀَليرا سُپِرِين!

22

هينئڙي حُجُون ڇَڏِيون، قُوّتَ رَهِيَم ڪانَ،

مون تي موٽِجِ، مون پِرِين! ساهَڙَ ڄامَ سُڄاڻَ،

آهِيان گَهڻُو اَڄاڻَ، ڀِرُ، ڀَليرا سُپِرِين!

23

ڀِرُ، ڀَليرا سُپِرِين! ڀَلا ۾ ڀيراهَه[164]،

تو ريءَ تارِي[165] ناهِه ڪا، والِي! تو ريءَ واهَه،

ساهَڙَ جِي صلاحَ، تَنَ کي ڪَڍي تارِ مان.

24

تَنَ کي ڪَڍي تارِ مان، صَلُح[166] ساهَڙَ جو،

اُتِ آڏو اَچي ڪِينَ ڪِين، ٻيلِيَپو[167] ٻئي جو،

ميهَرَ! ڪِجِ منهنجو، ڪو اوڪَرُ[168] ڪِهِين آرِ تان.

 

وائي

مون پاريچي سارَ، آئون جا وِيندَڙِي وَٽِ وَڇارَ،

ڏَمُ مَ جاڳي، لو! مون پاريچِي سارَ.

مون کي تِتي ميڙيين، جِتِ ڪُنڍِيَنِ جي قَطارَ،

آئُون جا وِيندَڙي وَٽِ وَڇارَ.

ٻُرَن ٻيلايَنِ جا، سانڀارا[169] سنڀارَ[170]،

آئون جا وِيندَڙِي وَٽِ وَڇارَ.

وِچُ م پوءِ وِصالَ کي، سَٻاجها سَتارَ!

آئون جا وِيندَڙِي وَٽِ وَڇارَ.

گَهرِ گَهرِ گِلا جا وَهي، پاڙي پَنڌِ پَچارَ،

آئون جا وِيندَڙِي وَٽِ وَڇارَ.

تاڪُنِ تَڪِي آهِيان، سِگهو رَسُ، سَهارَ!

آئون جا وِيندَڙِي وَٽِ وَڇارَ.


 

 

داستان نائون

 

1

جَرِ ٿَرِ[171] تِکَ تَنوارَ وَڻِ ٽِڻِ وائِي هيڪَڙِي،

سَڀيئِي شَيءِ ٿِيا، سُورِيءَ سَزاوارَ[172]،

هَمَہ[173] مَنصُورَ[174] هَزارَ، ڪَهِڙا چاڙهِيو چاڙهِئين؟

2

سَڀَتِ[175] پَچارَ پِرِيَنِ جِي،* سَڀَتِ هوتَ حُضُورُ[176]،

مَلڪُ مِڙو مَنصُورُ، ڪُهِي ڪُهَندين ڪيتَرا؟**

3

لَهرِنِ لَکَ لِباس[177]، پاڻِيءَ پَسَڻُ هيڪَڙو،

اُونهي تنهن عَمِيقَ جِي، واري ڇَڏِ[178] وِماسَ[179]،

جِتِ ناهِه نِهايَتَ[180] نينهن جِي، کوءِ اُتِ پنهنجي کاسَ[181]،

تَڙَنِ جِي تَلاسَ[182]، لاهِه تَه لالَنَ لَڳِ[183] ٿِيين.

4

مَرِجِ وَٽِ ميهار، مَتان موٽين، سُهڻي!

ساهَڙَ جا سينگار، مَتان ڏَمَ ڏيکارِيين.

5

چُوِنِمِ جي هيڪارَ، مَ وَنءُ[184] موٽِي سهڻي!

دونهينءَ پاسي دوسَ جي، گهارِيان سَڀَ ڄَمارَ،

ٻَانڌِيڻا[185] ٻيهار[186]، هُوند نه لڱين لائيان.

6

وَڃان ڪينَ وَرِي، هُوندَ رِيءَ چئي رَهي رَهان،

دونهينءَ پاسي دوست جي، ماڳهين پوان مَرِي،

صُورَتَ نه سُونهن ڪا، ڪِيَس چِتَ چَرِي،

وِصالان[187] فِراقَ جِي، سُڄي ڳالهه ڳَرِي،*

تيلاهين تَرِي، مُنهن ڳنهيو[188] موٽيو وَڃان.

7

جي قيامَ[189] مِڙَنِ، ته ڪَرَ اوڏا سپِرِين،

تِنهان پَري سُڄَنِ[190]، واڌايُون وِصالَ جِون.**

8

آئون ڪِه نه ڄاڻان ايئن، ته جَرَ گِهڙِي جوکو ٿِئي،

قَضا جا ڪَرِيم جي، تنهن کان ڪَنڌُ ڪَڍِيو ڪيئن؟

هِڪُ لِکئي، ٻي نينهن، آڻي اوليَسِ[191] اولَ[192] ۾.

9

نه ڪانِيءَ نه ڪانَهن، نَڪو ڏوهُه قَلَمَ جو،*

اَنگُ اُتيِئي لِکِيو، جِتِ نه رَسي ٻانَهن،

ڪِنهن کي ڏيان دانهَن؟ قَضا قَلَمُ وَهائِيو.

10

تَڙَنِ جا طَعنا، سَهَنگا[193]، ڏِينِمِ سَرَتِيُون،

دَرِياهَه ديوانا! سُڻُ حَقِقتَ حالَ جِي.

11

تَران لَئِي طَعني، مَٿي وَهَه واڪا ڪِيو،

آڻي وِڌِيَسِ آرَ ۾، دَرِياهَه ديواني،

قَلَمَ جي ڪاني،** آڻي اولِيَسِ اولَ ۾.

12

تَران تان مَران، وَران تان وَهُه وِتَرو،

هينئڙي ۾ هوتَنِ جا، اَچَنِ گُهورَ[194] گهڻا،

پَسِيو پاڙي وارِيُون، ڏِسِيو ڏوهَه ڏَران،

وِچان ڪيئن وقران، ڪَنڌِيءَ منهنجو ڪارَڻِي[195].

13

نڪو سَنڌو[196] سُورَ جو، نَڪو سَنڌو سِڪَ،

عَدَدُ ناهه عِشقَ،*** پُڄاڻِي[197] پاڻَ لَهي.

14

عَدَدُ ناهه عِشقَ جو، سُڻِي ٿِي ساڻِي،*

ڪانهي پُڄاڻِي، مهندان، مُنَڌ! مِهارَ جِي.**

15

سِڪَ تنهنجي، سُپِرِين! جيئن تَران تيئن تارِ،

تونهين[198] رَهِيو روح ۾، تونهين اکنئان[199] ٻار[200]،

پِرين، تنهنجي پارِ، مون واجهائيندي وَرهيه ٿِيا.

16

سِڪَ تنهنجِي، سُپِرِين! ڪَپي ۽ ڪوري،

سَگهان نه چوري، ڏاڍو نِيَئرُ نينهن جو.

17

سِڪُ تنهنجي، سُپِرِين! اَندَرِ ٿِي اَجَهلَ[201]،

ٻَرَڪِيو ٻاهَرِ نِڪَري، کُوري کانئِي کَلَ،

ريءَ سِيراهِيءَ[202] سَلَ[203]، مون کي ڏِنا سَڄَڻين.

18

سِڪَ تنهنجي، سُپِرِين! اَندَرِ ٿي اَجهاڳَ،

مَنجِهين[204] ڀَرِيا ماڳَ، پَلُٽِيا[205] پارِيُون[206] ڪَري.

19

ڪِين[207] تَران، ڪِين تارِ مون، ڪِين سَگهان ڪِين سَگهه،

آڏو ڏيجِ مَ لَڳُ،* مون هيڪَلِيَ، وَلَها!

 

20

سِڪَ سِڪَندِيَنِ لاهِه، وِڇوڙِيا ميڙِ پِرين،

ايڏِي سَگَهه، سَچا ڌَڻِي! توهِين کي[208] جُڳاءِ،

تَنُ جَنِين جو طالِبُو، مِهرَ تَنِين کي پاءِ،

ميڙائي جو ماءِ! ڪانگُ لَوَندو ڪَڏَهِين.

21

ڏِٺي ٿِيَمِ ڏِينهن، ڪُهُه ڄاڻان ڪِهَڙا پِرِين،

نيڻَ ڀَرجِي نينهن، پَلُٽِيا پارِيُون ڪَري.

22

ڏِٺي ڏينهن ٿِيامِ، ڪُهُه ڄاڻان ڪِهَڙا پِرِين،

وَلِينِ جيئن وَرِيامِ، گوندرَ غَمَ پِرِيَنِ جا.

23

ڏِٺي ڏينهن ٿِيامِ، ڪُهُه ڄاڻان ڪِهَڙا پِرِين؟

سَهسِين سِڄَ اُلَهِي، واجهائِيندي وِيام،

تَنِين سالَ ٿِيامِ، جَنِين ساعَتَ نه سَهان.**

24

گَهرُ، نه وَرُ، نه وَٿُ ڪا، آهيمِ مَنِ ميهار،

اِنَ اوسيئڙي[209] اُٿِيان، سَنجهي ڪَري سِينگارُ،

پِرِين! تنهنجو پار، پَسان مانَ پَرِ ڪَنهِين.


 

وائي

هوئِجِ هوشيارِ، خَبَردارِ، تِرڪَڻِ آهي تَڙَ ۾.

کَڏُون، کُوٻا، چِڪَ چِڪندِيُون[210] تان ڪِين نَئِي[211] نِهارِ،

تِرڪَڻِ آهي تَڙَ ۾.

آڌِيءَ سي آکُڙَندِيَون[212]، اَکِيُون جَنِ ڪَپارِ،*

تِرِڪَڻِ آهي تَڙَ ۾.

مون سُؤ[213] مَلاحَنِ کان، تَڙَ اڙانگا[214] تارِ،

تِرِڪَڻِ آهي تَڙَ ۾.

هوتُ هَلندِيَنِ کَٽِيو، ويهَڻُ، مُنڌَ! وِسارِ،

تِرِڪَڻِ آهي تَڙَ ۾.

کُهِه آتَڻُ! ٻَنِ جيڏِيُون! ڏيراڻِيُون ڏُئارِ[215]!**

تِرِڪَڻِ آهي تَڙَ ۾.

پَڪو کَڻِجِ پاڻَ سين، پِرِين تُنهنجو پارِ،

تِرِڪَڻِ آهي تَڙَ ۾.

وِيندي واٽاڙُئَنِ[216] کي، پَٽِيءَ[217] ڪِيمَ پَچارِ،

تِرِڪَڻِ آهي تَڙَ ۾.

پُونديين مُنهَن[218] ميهارَ جي، ڏَمَ وَٽِ ڏينهن مَ گهارِ،

تِرڪَڻِ آهي تَڙَ ۾.

ساهَڙَ کي، سُڻُ، سهڻي! ٻِڇَلِ آڏِي[219] ٻارِ،*

تِرِڪَڻِ آهي تَڙَ ۾.

تارِ تَرَندِيين، لُڙُ لَنگَهنديين، عِشقَ جي آڌارِ،

تِرڪَڻِ آهي تَڙَ ۾.

پاندُ مَ ڇَڏِجِ پِرِينءَ جو، پِهين[220] جي پانارِ،

تِرِڪَڻِ آهي تَڙَ ۾.

ٿِيندوءِ سَڏُ ساهَڙَ جو توڏِي! ٿِيءُ تَيار،

تِرِڪَڻِ آهي تَڙَ ۾.


 

 

اَبيات متفرقه

 

1

ساهَڙَ ڌاران سُهڻي، اَڌوتِي[221] آهي،

ڪُنڍِيُون جو ڪاهي،** پاسي تِهِين[222] پاڪ ٿِئي.

2

ساهَڙَ ڌاران سُهڻي، نِسورِي ناپاڪَ،

نَجاسَتَ[223] ناهِه ڪَري[224]، اُنِين جِي اوطاقَ،

هوءِ جي کِيرَ پِياڪَ،* پاسي تَنِين پاڪَ ٿِئي.

3

ساهَڙَ ڌاران سهڻي، هِيءَ تان جُنَبِي[225] جوءِ،

هِنَ پاڻِيءَ سين پانهنجو، مورِ نه مَٿو ڌوءِ،

جي پِرِينءَ پاسي هوءِ، ته ڪَرَ توڏِيءَ تَڙُ ڪِيو.

4

ساهَڙَ ڌاران سهڻي، هِيءَ تان جُهڪِي[226] زالَ،

توڏِيءَ تَپُ شُرُوعُ ٿِيو، هَئي! هَيڻِيءَ جِي حالَ،

جَڏِي رِيءَ جَمالَ، اَگهِي ٿِي آهُون ڪَري.

5

ساهَڙَ ڌاران سهڻي، آهي ۾ آزارَ،

ڏَمَ پاسي ۾ ڏُکَندو، صِحَتَ وَٽِ سَنگهارَ،

توڏِيءَ سَندي تَنَ جِي، دَوا ۾ دِيدارَ،

جي پَسي منهن ميهار، تَه سِگهيائِي سَگهِي ٿِئي.

6

مَتان گِهڙين، سهڻي! اَڄُ دَرياهَه ۾ دَمُ،

ڪارِيءَ راتِ ڪُنَنِ ، ڪِهَڙو اَٿَئِي ڪَمُ؟

مَتان جاڳي ڏَمُ، پُڇي پاڙي وارِيين.

7

پُڇِي پاڙي وارِيُون، ڪوهُه ڪَرِيندو ڏَمُ؟

ڪارِيءَ راتِ ڪُنَنِ ۾، آهه ڪانِيارِنِ[227] ڪَمُ،

هِيءُ هَڏو ۽ چَمُ، گهورِيو مُحِبُ ميهارَ تان.

8

ڏِهاڻِي[228] ڏَمَرُ ڪَري، مَٿي مَحَبتَ مُون،

تنهن کي اَچي تُون، پِرِيَمِ! ڪوهُه نه پَلِيين؟

9

جان جان هُئِي جيئرَي، وِرِچِي نه ويٺِي،

وَڃِي ڀُونءِ پيٺِي[229]، سِڪَندِي کي سَڄَڻين.

10

جان جان هُئِي جيئري، ويٺي نَه ويساندِ[230]،

لُڙهِي لَهرِنِ پاندِ، مُيائِي ميهار ڏي.

11

وَرُ[231] اُونداهِي راتَڙِي، چانُڊوڻِيءَ[232] چانڊا[233]،

اوري ميهارا، منهن مَ پَسان ڪو ٻيو!

12

سَدا پُڇُ مَ، سهڻي! اُونداهِيءَ اَڌ راتِ،

پِريان ڏي پِرڀاتِ، وانءُ[234] ڏيٺاري[235] ڏينهن کي.

13

سائِرَ ٻوڙِي سهڻي، نَه ڍوري، نه ڍَنڍَ،

اَکين مَنجِهه اُڪَنڊَ، مُيائِي ميهار ڏي.

14

ساهَڙُ سُڪِيءَ ۾ ٿِيو، پاڻِيءَ مَنجِهه پُنهوهُه[236]،

سَندو ڪَچَ ڪُنو،* تارِ تَرَندو ڪيتَرو؟

15

سانوَڻَ لَهَرِيُون، ٿَرَ وارِي، تَرِ[237] وارَ،

اِنِهان ئِي اَپارَ، مُون سين ڀَلي ڀال ڪِيا.

16

نه مُون نانَاڻِئان کَٽِيو، نَه ڪِي ڏاڏاڻِئا،

پِرِيَنِ جي پارا[238]، مُون سين وَڏائِي وَڙَ ٿِيا.


 

وائي-1

ڪُهُه ڄاڻان ڪيڏاهِين، منهنجو تَنُ تَڻي[239] تيڏاهِين،

سائِين! نيڻين نينهَڙو لَڳائي وِيڙا[240].

جيڏانهن عالَمَ آسَرو، مون پُڻ آهي اوڏاهِين،

دُونهِين دوسِتَ ميهارَ جِي، ڏِيئي جيئن ڏِٺائِين،

ساري سُپِرِيَنِ کي، رَهَه پَرِ رَتُ رُنائِين،

دامَنَ[241] تيڏِي، چَنگُلُ[242] ميڏا، روزَ قِيامَتَ تائِين،

پِيرُ اَسان ڏا حَضرَتُ مِيران[243]، ڪُلَ دِي آسَ پڄائِين.

 

وائي-2

توکي مَڱان، جو تون آهِيين، ٻِيو دَرُ ڪونَه سُڃاڻان.

ايلاهي! عِنايَتَ[244] سين، نوازين نِماڻا،

اَنڌا ڪَريين اَڳَ ۾، ڪوٺائِيين ڪاڻا.

 

وائي-3

نَهِين[245] نَهِين ميڏي وَسِ، وو!

بِنا دِلبَرَ هِيءَ دِلِ ماندِي[246].

سِڪان ٿي سَنگهارَ کي، بابِ[247] نه منهنجي بَسِ،*

مون کي مَتِ ميهارَ جِي، ڪانه اَچي ٻِي ڪَسِ[248]،

دَردَ دَسِي آهِيان، دَرِدُ مُونهين جو دَسِ[249]،

سُکُ نه پُڇي سهڻي، ڏُکُ ڏُکِيءَ کي ڏَسِ.

 

وائي-4

لَڙَڪيءَ[250] لَنءُ[251] نَه سڃاتو، راندِ ڀايائِين راز[252] کي.

اَنڌو[253] اُلُوهِيَتَ[254] کان، آهي اِيءُ اُمُاٿو[255]،

صُباحَ سو نَه شُمارَ ۾، ليکِئان جو اَڄُ لاٿو،*

پييَسِ ڪاڻِ ڪَرِيمَ سين، ٿِيُسِ نِمرُودِي[256] ناتو.**

 

وائي-5

وَڃي سا رات وِهاڻِي، رِيءَ پَسَڻَ پِرِيَنِ جي!

هِهَڙا اوڏا سپِرِين، تو ڪيئن نِنِڊَ رِهاڻي؟

 

وائي-7

مُنهِنجِيُون سَڀيئِي، آيَلِ! ماءِ! مَنَ مُرادُون پُنِيُون.

جِهَڙي پِرِيان ڳالَهڙِي، تِهَڙِي ٻِي نه ڪاءِ،

ڪِجي[257] تان ڪوڏَ[258] ٿِئي، سُڄي[259] سِيباءِ[260]،

ويهُه داتا جي دَرَ تي، شُڪُر جنهن جُڳاءِ،

ڪانهي حَدَ حَمدَ جِي، ته ڪَرِيان لالَنَ لاءِ،

ڳَڻِيو ڳَڻِيان ڪيتَرِيون، وَڏِيُون وَڏاياءِ[261]؟

سو مُون هَٿان نه ٿِئي، جيڪِين[262] تو جُڳاءِ،

تو سَڄِيُون[263]، تو سَندِيُون[264]، سِڪَن توهِين ساءِ[265]،

اُڃَ تنهنجي اُڃِيُون، لوچِنِ توهِين لاءِ،

دِلِ دانهَنِ ري نه رَهي، مون کي ماٺِ جُڳاءِ.

 

[1]. لوح محفوظ ۾ لکيل (ظاهر ڪونه هئا)

[2]. ازل ۾ (جڏهن خدا جي ذات هئي، پر اڃا دنيا پيدا نه ٿي هئي.)

*. جڏهن اڃا دنيا خلقيل نه هئي، تڏهن ساهڙ جا سينگار (خدا جا مختلف روپ) ظاهر ڪونه هئا، پر سندس ارادِي ۾ رٿيل هئا.

[3]. ٿي، پوءِ اها ٿي پوي

**. اڃا دنيا پيدا ڪانه ٿي هئي.

[4]. فرشتن کان

[5]. مَهَندِ، اڳي

[6]. سهڻيءَ

***. دنيا وجود ۾ آئي، تنهن کان اڳ سهڻيءَ جو انگ ميهار سان لکيل هو.

[7]. سهڻيءَ

*** دنيا وجود ۾ آئي، تنهن کان اڳ سهڻيءَ جو انگ ميهار سان لکيل هو.

[8]. ميثاق (ازل وارو واعدو) کان وٺي

[9]. ڇا، نه آهيان مان اوهان جو رب؟ (روحن) جواب ڏنو: هائو

[10]. طريقو، رسم

[11]. پٺيان

[12]. لوح محفوظ، ازل کان

[13]. رخصت ڏنل، امر ڏنل.

[14]. جيئن

[15]. سٺو سُڻ، چڱي فال

[16]. تيئن

[17]. تائين

[18]. سڪ، ڇڪ

* جيتوڻيڪ ظاهر ۾ دلو درياهه جي تک ڀڳو (پر حقيقت ۾)

[19]. خدا جي مرضي، قضا

[20]. اقرار، انجام (ميثاق وارو)

[21]. کوليندڙ، مشڪلاتون حل ڪندڙ (خدا)

[22]. ساءَ، سواد، لذت

[23]. اڌ

[24]. فوقيت وارو (خدا).

[25]. (وڏي رتبي واري) خدا

[26]. سوٺو کنيائون، واعدو ڪيائون

[27]. خدا جي واٽ (صراط المستقيم)

[28]. ماٿريءَ

[29]. ٿورا

*. ڪروڙن مان ٿورا وڃي رهيا

[30]. وهم، خيال، دنيا جي وهمن

[31]. گرمي، اساٽ

**. نه ڪجهه هٿ ۾ اٿم، نه ڪجهه وڪري لاءِ سيڙايل قافلي ۾ اٿم.

[32]. روز روز سوريءَ تي چڙهان، تڪليفون ڀوڳيان.

[33]. ڌڌڪو، ڌمچر

[34]. ترهو

[35]. اوجهڙ، گمراهيءَ

[36]. سامهون

[37]. شينهن

[38]. ڪنڌي، ڪنارو، ڪپر.

[39]. هيٺان دلو، گهڙو

[40]. تنگ، سوراخ

[41]. ڪنهن کي آر (تک) کان

[42]. غالب پيئي، خطرن کان نه ڊني

[43]. سڀاءُ، فطرتي لاڙو

[44]. پرتل آهي، آسري تي آهي، مٿين ڏيکاريل طريقي

[45]. وهڪرو، آر

[46]. وڃ، ڊوڙ

[47]. تيڏاهين

[48]. پير

[49]. نانهين، ڪين، فنا.

[50]. ڀونگو، گَهُر، مڪانُ.

[51]. آخرت منزل

[52]. تياري

[53]. واهرو

[54]. ڪپرن (جهانن)

[55]. تي، مٿان

[56]. ترهو

*. وسيلا ترڪ ڪر.

[57]. سجهي

**. وصل جي حالت ۾ ساهڙ ۽ سهڻيءَ جي وچان سنڌو نڪري ويو آهي.

[58]. ڏک ڏيندڙ، ڏنگو

[59]. ڏنڊا

[60]. وڄن

[61]. وڏن چڙن

[62]. هُونگارون

[63]. جيڏو؛ محبوب (ميهار)

[64]. زور سان، سخت

[65]. روشني (دونهي جنهن جي روشني سهڻيءَ کي ميهار جي جهوپڙيءَ طرف تري وڃڻ ويل رهبري ڪندي هئي)

[66]. ضرر، نقصان

[67]. گهڙي.

*. ٻئي جي مجال نه آهي

[68]. ميهار کي

[69]. خبر

[70]. ڪچي دلي

[71]. اجهاڳ پاڻي

[72]. وهڪرو

[73]. ميت کڻڻ جو کٽولو

[74]. پاڻيءَ جو پکي، ٻڳ يا ٻَگُهه، جو هڪ ٽنگ تي اکيون پوري بيهندو آهي

[75]. ڪلها

[76]. ملائڪ (منڪر ۽ نڪير)

[77]. ڳوليون، گهور ڪري تلاش ڪريون

[78]. ملنئون- اسان کي ملن

[79]. ڏڌ

[80]. ڪنڊ، گوشو.

[81]. دنگي، ننڍي ٻيڙي

[82]. زال

[83]. ڦير، ڪُن

[84]. درياهه کائي، ڀڪون پون

[85]. خوفائتيون

[86]. اونهائي، عمق

[87]. ماپ

[88]. ماٽيءَ تي ترندڙ مهاڻن

[89]. سيڻاهه يا ترهي وارا

[90]. ڪنبن، ڊڄن

[91]. ڪڏهين.

[92]. پسند پيل (عشق)

[93]. سمجهان ٿي

[94]. ڪچو گهڙو، ڪوڙ

[95]. انهيءَ

[96]. وڃج، هلج

[97]. دئي، ٻئائي.

[98]. پڳه (رسي) سان ٻڌو

[99]. وٽ

[100]. لوا (وڻ جو قسم)

[101]. ليار

[102]. ڌراڙ کان سواءِ

[103]. مٿان

[104]. ڪيترائي ڀيرا، ڏهه، بيشمار.

[105]. حاذق، هوشيار، حريف

[106]. اول کان، اصل کان، اُٿندي ئي

[107]. جيئن مناسب آهي، تحقيق

[108]. اڳاهين، ڳري، مشهور، بهتر

[109]. ڪي

[110]. هوانو، افواهه، خبرون

[111]. هلجن، ٻڌڻ ۾ اچن

[112]. ڀلڪار ڪن، ڪڙڪن، آواز ڪن

[113]. ڪچو گهڙو، خواب

[114]. بيهارين (پار پهچائين).

[115]. هن طرف (آخرت)

[116]. هلڻ وارو اماڻڻ وارو آهين، امانت

[117]. روڪيا

[118]. جُوان، وڏا پهلوان

[119]. روڪيا

[120]. هٿ جوڙي، عاجزي ڪري

[121]. حڪم، آگيا

[122]. ٻَڌنڌ تان آيلن، ڪناري تان آيلن. پانڌيءَ

[123]. موڳي، اڻ ڄاڻ

[124]. ڏمر، غضب (لهرن جو آواز)

[125]. آرَ مان، تِک مان

[126]. ڪچي گهڙي (تي ترڻ) وارين کي

[127]. وڇارن ڏانهن پيئي وڃي

[128]. ٻڌي، قابو ڪري

[129]. ٻڌل، قابو

*. جنهن کي عشق قابو ٻڌو آهي (غالب پيو آهي) سا عشق کي ڪيئن ٻڌندي (غالب پئي روڪي سگهندي.)

[130]. چڱو پڪل (پڪو گهڙو)

[131]. نشان، اهڃاڻ، ڏس پتو

[132]. جن وٽ خودي موجود آهي.

[133]. اُڪري پار پيون.

[134]. قسمت

*. منهنجي قسمت جو رخ ڏسي، دلو به وچ درياهه ۾ دغا ڏيئي بيٺو

[135]. ڪشمڪش، لڙائي؛ اوکيءَ ويل

[136]. منهنجو ميهار

[137]. گيڙوءَ جهڙو رنگ، چٽ، نقش

[138]. ڀنڀلايو، لڳيو

[139]. وٿي، دير، ويرم

[140]. گلال (ف) ڪنڀار

[141]. چوٽ، سٽ، ڌڪ

[142]. سمجهيا

[143]. سخت طوفان

[144]. وهه جي تک

[145]. ڏانهن.

[146]. ڪَچو گهڙو

[147]. جمع، قرار

[148]. اسباب (ٿانو)

[149]. تتان

[150]. ڪچو گهڙو

[151]. اصل، هرگز

*. حوصلا خطا ٿي ويس.

[152]. ساڻي يا ماندي ٿي

[153]. حقيقت، صورت

[154]. حضرت عزرائيل (موت جو فرشتو)

[155]. سڄي حقيقت

[156]. چڪر، ڦيرو، زور، داٻ

[157]. ٻَل، طاقت

**. ويرن مان اها تنوار پئي آئي (درياهه جي لهرن به سهڻيءَ جي ٻڏڻ تي افسوس پي کاڌو).

*. ويرن مان ها تنور پئي آئي (درياهه جي لهرن به سهڻي جي ٻڏڻ تي افسوس پئي کاڌو)

[158]. لعل جهڙي (سهڻي)

[159]. گِلال، ڪنڀار

[160]. اونداهيءَ رات هوندي به

[161]. اميدون، حجتونا

[162]. مٿان

[163]. ڦر، موٽ.

[164]. بي راهه، اوجهڙ

[165]. واهه، وسيلو

[166]. راضپو

[167]. مدد، واهر

[168]. اُڪَرَڻ، نيڪال، پار لنگهائڻ

[169]. پسند پيل

[170]. چڙا، گهنڊ.

[171]. بحر ۽ بر ۾ (جتي ڪٿي)

[172]. لائق

[173]. سڀ

[174]. منصور بن حلاج، پڃارو هوندو هو، جنهن اناالحق (آءٌ خدا آهيان) جو نعرو هڻي پاڻ کي موت جي سزا جو مستحق بنايو هو.

[175]. هرهنڌ

*. سڀ ۾ الاهي عشق جو جوش آهي

[176]. هر جاءِ ڌڻي حاصر آهي (الله هر هنڌ موجود آهي).

**. سڄي ملڪ ۽ سڀني مخلوقن ۾ الله وسي ٿو، ۽ سڀئي پاڻ ۾ خدا کي ڏسي اناالحق چون ٿا، هاڻي ڪيترا سوري چاڙهي ڪيترا چاڙهيندين؟- ويس، روپ

[177]. ويس، روپ

[178]. لاهي ڇڏ

[179]. خيالُ، ڳڻتي، ڳڻ ڳوت

[180]. حد، انت

[181]. خواهش، سڌ

[182]. تلاش، ڳولا

[183]. محبوب وٽ ويجهو.

[184]. نه وڃ

[185]. چني، پوتي، رڱي رَئو

[186]. ٻيهر، ٻيو ڀيرو، وري

[187]. وصال کان

*. فراق جي حالت وصال جي حالت کان زياده وزندار آهي.

[188]. منهن يا ڪنڌ کنيو

[189]. قيامت جي ڏينهن (جو دور آهي)

[190]. سجهن

**. وصال حآصل ڪرڻ نهايت مشڪل آهي.

[191]. ڌڪيس، وڌيس

[192]. درياهه، جي ڪنڊ، جتي ڪک ڪانا اولجي اچي ڪٺا ٿيندا آهن.

*. منهنجي بدبختي ڪنهن دنيوي قلم (جيڪو ڪانهه جي سر مان ٺهندو آهي )ڪري ڪانه ٿي آهي، پر قضا جي قلم ڪري آهي.

[193]. سهانگا، گهڻا، مفت

**. قضا جي قلم، قسمت

[194]. خيال، پور

[195]. وسيلو (ميهار)

[196]. حد

***. عشق جو اسرار اونهو آهي.

[197]. حد، انت

*. اها ڳالهه ٻڌي، وڃي عشق ڀيڙي ٿيءُ

**. ميهار _معشوق) جو به انت ڪونهي.

[198]. توهين، تون ئي

[199]. اکين کان

[200]. ٻاهر

[201]. جهلڻ کان وڌيڪ

[202]. واڍي جو اوزار جنهن سان هو سوراخ ڪڍندو آهي

[203]. سوراخ

[204]. اندر ۾

[205]. اٿلي پيا

[206]. سيڙهون، وسڪارا

[207]. ڪي

*. اڳيان رنڊڪ اچڻ نه ڏجائين.

[208]. تو کي ئي

**. جن جي جدائي هڪ پل به سهي نه سگهان تن کان جدا ٿئي سال ٿي ويا آهن.

[209]. انتظار، ڪر، ڳڻتي

[210]. ڌٻڻون

[211]. نمي

[212]. آٿڙبيون

*. مغرور، خوديءَ وارا.

[213]. ٻڌو

[214]. اَڻاگا، ڏکيا

[215]. ڏکيو وقت، مرض

**. شل ڏيراڻيون مصيبت ۾ مبتلا ٿين.

[216]. واٽهڙوئن

[217]. اصل، صفا، بنهه

[218]. روبرو ٿيندينءَ

[219]. سامهون

*. اي سهڻي! ٻڌ، ته ساهڙ جي سامهون (تنهنجي ۽ ساهڙ جي وچ ۾) ٻڇل ٻار (تکو وهندڙ درياهه) پيو وهي.

[220]. پيهين، اندر غرق ٿئين

[221]. اڻ ڌوتل، ناپاڪ

**. ميهار

[222]. تنهين.

[223]. پليدگي، پليتي

[224]. نابود ڪري

* (1) ميهار، جيڪي گهڻي کير هئڻ ڪري، هميشه کير پيئندا آهن. (2) وڇون يا ننڍا ڦر.

[225]. مٿي ميري، ناپاڪ

[226]. ڪٻي، ويهي رهيل، گڪي، غمگين.

[227]. ڪاڻيارن، پيارَ جي هٿان مجبور ٿيلن، عيبدارن.

[228]. ڏهاڙي، روزانو

[229]. پيٺي (درياهه جي تري ۾ غرق ٿي.)

[230]. آرام سان.

[231]. بهتر، موٽ

[232]. چنڊ واريءَ

[233]. چانڊوڪيءَ کان

[234]. وڃ

[235]. ڏٺي واٺئي، کليو کلايو

[236]. پهتو، رسيو

*. ڪچي مٽيءَ جو ڪُنو، ڪچو گهڙو

[237]. خال

[238]. پاران، طرفان.

[239]. ڇڪي، تاڻي

[240]. ويا

[241]. پلئُه

[242]. هٿ

[243]. حضرت شيخ محي الدين عبدالقادر جيلاني (پيران پير دستگير).

[244]. مهرباني

[245]. نه آهي

[246]. پريشان

[247]. واسطي، لاءِ

*. منهنجي لاءِ (سڪڻ کان) بس ڪرڻ ممڪن نه آهي).

[248]. پسند

[249]. مغلوب ڪر، ڪيترائي دوست.

[250]. ڇوڪري، پٺيان لڳي

[251]. عشق

[252]. عشق جو اسرار

[253]. غير واقف

[254]. الاهي ذات

[255]. ديوانو، گمراهه

*. جيڪو ماڻهو اڄ (هن دنيا ۾) شمار ۾ نه آهي، سو سڀاڻي (قيامت جي ڏينهن) ڪيئن ڳاڻاٽي ۾ ايندو يا ڇوٽڪارو پائيندو: جي هت نه هوت پسن، سي ڪيئن ڪيچ پسنديون؟

[256]. نمرود بن ڪنعان بادشاهه، جنهن خدائي جي دعويٰ ڪئي هئي.

**. نمرود جهڙي شيطان سان واسطو يا صحبت

[257]. ڳالهه ڪجي

[258]. خوشي

[259]. سڻجي، ٻڌجي

[260]. وڻي، جڳائي

[261]. تنهنجي وڏائي

[262]. جيڪي

[263]. جيڪي تنهنجي روبرو آهن، حاضريءَ ۾ بيٺل

[264]. ڀر واريون، ٻانهيون

[265]. لذت (صحبت جي).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com