سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب: --

صفحو :5

جيڪڏهن، جملي ۾ گهڻا لفظ اهڙا هوندا جن جو پهريون اکر ساڳيو هوندو، ته چئبو ته ڪلام ۾ تجنيس خطي رکيل آهي. شاهه جي سڄي رسالي ۾، اڪثر هر هڪ مصرع ۾، تجنيس خطي گهڻي استعمال ٿيل آهي، مٽلاً:-

(1) لڱن تان لطيف چي لوئي لاه مَ لال!.

[ٻن لفظن کان سواءِ ٻيا سڀيئي لفظ ل سان شروع ٿين ٿا.]

(2) لوئيءَ ۾ لائون، مون ماروُءَ سين لڌيون

(3) مينڍا ڌوءِ نه، مارئي، محلين مارنئا ڌار،

پايو ميٽ ملير ري، مُنڌ ته ويڙهي وار،

جا هتيجن هار، سا ڪيئن وهندي ڪوٽ ۾؟

 

جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپِڙي، تن لهي نه لالي،

ڪڙي ڪيف خماريا، مَيءِ پي موالي،

ڪري حاصل هليا، ڪيفيت ڪمالي،

وتن وصالي لڊوڻيا لوڌي ٿيا.

مجاز مرسل:

جيڪڏهن ڪو شاعر ڪنهن شيءِ جي، عامي نالي وٺڻ بدران، نهي ڌاتوءَ يا شيءِ جو نالو وٺي، جنهن مان اها ٺهيل آهي، ته چئبو ته شاعر، مجاز مرسل جي صنعت استعمال ڪئي آهي. شاهه جي ڪلام مان، مجاز مرسل جا چند مثال هيٺ ڏجن ٿا:

(1) ڪاتي ڪونهي ڏوه، ڳن وڍيندڙ هٿ ۾،

پسيو پر عجب جي، لچيو وڃي لوه.

(ڪاتيءَ جي بدران لوه جنهن مان ڪاتي ٺهيل آهي، استعمال ڪري، شاهه مجاز مرسل جي صنعت استعمال ڪئي اهي.)

(2) مارين ٿو مُون کي! چاڙهي لوهَ لطيف چي.

(تير جي بدران لوه لفظ ڪتب آندو ويو آهي، جنهن مان تير ٺهيل هوندو آهي.)

(3) اڀيون اوري پار ڏي، ڪوڙيون ڪک پڇن.

(ترهي بدران ڪک لفظ استعمال ڪيو ويو آهي.)

(هتي جبل جي عيوض، پٿر لفظ ڪم آندو آهي.)

شاهه پنهنجي ڪلام ۾، جانيءَ جي جمال جا جلوا، ڪائنات جي جوڙجڪ جا پراسرار راز، ۽ انساني فطرت جا روحاني راز پلٽيا آهن، جنهن ڪري سندس ڪلام بنهه جهوني ٿيڻ جو نه آهي.

شاهه نوان نوان ويس ۽ ورن ڍڪي، ويهي ٿو اندر جو حال اوري ۽ روحاني رهاڻ ڪري. ڪٿي ڏس، ته سسئي ٿي، لوڪاني لڄ لاهي، پنهونءَ پٺيان، ڏونگر ٿو ڏوري، ڪٿي ڏس ته مومل ٿي، راتين جون راتيون، راڻي جي اوسيئڙي ۽ انتظار ۾، اکين کي اوجاڳا ٿو ڏئي. ڪئي مارئي ٿي، ملڪ جا ماروئڙا ٿو ساري، ڪٿي ليلا ٿي، مڻئين تي محبوب وڪڻي ۽ ندامت جا هٿ مهٽي، ويهي ٿو ڳوڙها ڳاڙي. ڪٿي ڏس ته، سهڻي ٿي سياري جي سيءَ ۾ ساهڙ ڪارڻ ڪارا ڪن ٿو تري. ڪٿي ڏس ته، نماڻي نوري ٿي، سمي سان سهج ٿو ڪري. ڪٿي ڏس ته، سورٺ وَرُ ٿي، ڪٽاريءَ سان ڪنڌ، ڪلهنئون ڪپي ٿو ڏئي، ڪٿي ڏس ته ڪاپائڻ ٿي، چاه مان چرخو ٿو چوري. ڪٿي ڏس ته، ڪن ڪٽ، ڪاپٽ ڪاپڙي ٿي، طَمع ترڪ ڪري، هنگلاج ٿيو هلي ۽ ڪٿي ڏس ته لاهوتي ٿي، معرفت جي مهراڻ ۾ ٽٻيون هڻي، لاهوت لامڪان ٿو رسي. نيٺ پاڻ سڃاڻي ايئن ٿو ڄاڻي ته:

پڙاڏو سو سڏ، ور وائيءَ جو جي لهين،

هئا اڳهين گڏ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا.

شاهه جي شعر، اهڙو ڪو جادو آهي، جو جيڪڏهن پڙهندڙ جدا جدا اکرن جي معنيٰ نٿو به سمجهي، ته به جوهر يا تت جهپيو وٺي ۽ خيال جِنيانوَ ۾ گهڙيو وڃيس. اهو ميٺاڄ ۽ مزو ٻين جي شعر ۾ ورلي ملندو.

شاهه جي لفظ جو ساز به واه جو هو. هن کي جاچ جي جبري طاقت هئي، جنهن ڪري شين کي جاچي، انهن جي ساخت موجب به انهن کي نالا ڏئي ٿو: مٽلاً: سڀ جا ٻه پڙ ڏسي کيس ڪهڙو نه پورو نالو ٿو ڏئي:

ٻاڙو پئي نه ٻپڙي، مٺو منهن لڳوس.

شاهه اکرن جو اکٽ ڀنڊار آهي. هڪ لفظ جا ڪئين متراد اکر ٿو ڏي. هڪ لفظ جا جيڪي ثاني لفظ ڏئي ٿو، تن جي وچ ۾ فرق به رکي ٿو. اٺ لاءِ ڪوهر، چانگو، ليڙو، توڏو، گؤنرو، ميو، ٻور، بوتر وغيره. تير لاءِ، سيلو، پيلو، لوري، لوهه، ڪان ۽ بان وغيره، بهادر لاءِ، وير، ڪوپو، مهائي، جنگ، پانو، مانجهي، سڌر، ورنہ، ڪونئرو، بانڪرو، بانڪو، پاوننگ، گهوٽ، وارت ۽ بورائو وغيره. شراب لاءِ، ڪڪو، مڌ، سرو، مي وغيره.

اهي لفظ پنهنجي علمي لياقت يا پسورائي پسائڻ خاطر استعمال ڪونه ٿو ڪري، پر هرهڪ لفظ پنهنجي پنهنجي جاءِ تي مستقل ۽ موزون معنيٰ ٿو پيش ڪري.

انهن سڀني خوبين جي با تي، ائين چوڻ غيرمناسب نه ٿيندو، ته شاهه سنڌ جي شاعرن جو سرتاج آهي، ڇاڪاڻ جو، ٻيا سنڌي شاعر، شاهه جي ڪڙيءَ تي اڃا پهچي ڪونه سگهيا آهن. شاهه جو ڪلام، خلوت ۾ پڙهبو، خواه محفل ۾، خواه ڪنهن مثال يا ٽيڪا طور ڪتب آڻبو، ته نيون نيون خوبيون اسان جي اچرج جو ڪارڻ ٿينديون، ۽ سندس طبع جي فراواني جي شاهدي ڏينديون ۽ وري وري پڙهڻ سان سندس شعر ۾ ضرور اهڙي ڪا نئين نزاڪت نظر چڙهندي، جا اڳي اک کان گُسي ويئي هوندي.

فصل -4

رسالي جي سرن جو احوال

هندستاني علم موسيقي مطابق، ڇهه وڏا راڳ آهن ۽ هر هڪ راڳ کي 5 زالون (راڳڻيون) 8 پتر (پٽ) ۽ 8 ڀارجا (ڌيون) آهن. شاهه جي رسالي کي ترتيب ڏيندڙن، ڪن سرن تي، هندستاني راڳن ۽ راڳڻين جا نالا رکيا آهن. وڏن راڳن مان صرف سرراڳ جو نالو، هڪ سر تي رکيو ويو آهي، باقي ٻيا نالا فقط راڳڻين جا آهن، جي هيٺ ڏجن ٿا:

(1) ڪلياڻ (2) يمن ڪلياڻ (سپورڻ راڳ) (3) کنڀات (ڪماج) (4) سهڻي (توڏي، ديپڪ راڳ جي زال) (5) سارنگ (ملهار) (6) ڪيدار (ڪيڏارو) (7) ديسي (ديبڪ جي هڪ زال) (8) سورٺ (9) پروا (بروو سنڌي) (10) رامڪلي (11) بلاول (12) آسا (13) ڌناسري (اهو سڄو سر ڪڍيو ويو آهي) (14) پوربي (15) ڪاموڏ (مامود) (16) نسبت.

رسالي مرتب ڪندڙن، وري ڪن سرن تي مضمون جي مد نظر نالا رکيا آهن، جي هيٺ ڏجن ٿا.

(1) سامونڊي (سري راڳ ۾ ڳائي سگهجي ٿو) (2) سسئي آبري (ديسي ۾ ڳائي سگهجي ٿو) (3) معذوري (4) ڪوهياري (5) مومل راڻو (6) کاهوڙي (7) رپ (8) ليلان چنيسر (9) ڪاپائتي (10) مارئي (11) ڪارايل (12) گهاتو (13) حسيني (عربي ۽ فارسي سر) (14) پرڀاتي (15) ڏهر (16) هير رانجهو (هي سڄو سر خارج ڪيو ويو آهي.) (17) بيراڳ هندي (هي سڄو سر رد ڪيو ويو آهي) (18) سر بروو ڇوٽڪو (هي سڄو سر رد ڪيو ويو آهي.) (19) ڍول مارئي هي سڄو سر ترڪ ڪيو ويو آهي.)

جن سرن تي، مضمون مطابق نالا ڏنل آهن، سي گَوين کان ڳارائي، معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي، ته ڪهڙن راڳن يا راڳڻين ۾ اهي ڳائي سگهن ٿا. هنن جو متفق رايو آهي، ته اهي بيت، گهڻين ئي هندستاني راڳڻين ۾ ڳائي سگهجن ٿا. شايد اهوئي سبب آهي، جو مٿن نالا مضمون جي مدنظر رکيا ويا آهن.

فصل 5

رسالي جي تصنيف ۽ تاليف

شاهه عبدالطيف پنهنجن هٿن سان، ڪي به ڪين لکيو هو، جڏهن وجد جي حالت ۾ ايندو هو، تڏهن ي البديہ يعني بي اختيار ويندو هو بيت چوندو، جي سندس فقير بروقت لکي وٺندا هئا، ۽ ياد ڪيو پيا ڳائيندا هئا. انهيءَ فقير، شاهه جي ڪلام جا ٽي نسخا لکيا هئا. عام طرح سان چيو وڃي ٿو، ته وفات کان تورو اڳ، شاهه فقيرن کان اُهي نسخا وٺي، ڪراڙ جي ڍنڍ ۾ اڇلائي ڇڏيا هئا؛ ڇاڪاڻ جو کيس انديشو هو، ته متان رواجي ماڻهو، سندس ڪلام جو روحاني راز نه پروڙي، گمراهيءَ جي ڪن ۾ ڪرن. شاهه جي انهيءَ قدم تي، مريدن ۽ فقيرن ۾ واويلا مچي ويئي. شاهه کي رحم اچي ويو، جنهن پنهنجي مريدياڻي مائي نيامت (نعمت) جنهن کي اڪثر بيت برزيان ياد هئا، کي حڪم ڏنو، مريدن کي بيت لکارائي. جيئن جيئن بيت لکيا ويا تيئن تيئن شاهه تصديق ڪندو ويو، ته ڪلام صحيح نقل ڪيو ويو آهي. انهيءَ نسخي کي گنج ڪوٺيندا آهن. جو اڃا درگاه جي گادي نشين وٽ رکيل آهي. گنج ۾ شاهه جا بيت ڪنهن به ترتيب يا سلسلي وار درج ٿيل ڪونهن. سندن وفات کان پوءِ، فقيرن بيتن کي مضمون مطابق سرن ۾ تقسيم ڪري، موجوده صورت ڏني.

ڪوبه عقل وارو، انهيءَ ڳالهه تي اعتبار نه ڪندو ته ڪو شاعر، پنهنجو ڪلام هن طرح ضايع ڪندو. ڀورڙن کي ڀنڀلائڻ لاءِ هي اُٺاوَ، گهڻن ئي ٻين درويشن صفت شاعرن لاءِ پڻ گهڙيا آهن، بهر صورت رسالو، ڇهه سو سالن کان به مٿي، شاعر جي سن وفات يعني 1702ع کان وٺي 1866ع تائين، قلمي صورت ۾ رهيو. پهريون ڇاپو ٽرمپ صاحب جي ڪوشش سان، جرمنيءَ جي لپسيا شهر ۾ ڇپيو. هن صاحب کي ٻه عمدا جهونا قلمي نسخا هٿ چڙهيا هئا. جن کي ڪنهن هوشيار سنڌيءَ کان ڀيٽرائي صحيح ڪري، مذڪور نسخو تيار ڪرايائين. جيتوڻيڪ هن نسخي ڇپڻ لاءِ، کيس برطانيه سرڪار کان ڪافي مالي مدد ملي، تنهن هوندي به گهٽ رقم هئڻ سبب، ڪيترا سُر پنهنجي ڇپيل نسخي ۾ درج ڪرائي نه سگهيو. هن ڇاپي ۾ فقط 26 سر آهن. انهيءَ جي علاوه منجهس ٻيو به خاميون رهجي ويون. هڪ ته صورتخطي نه اصلوڪي ۽ نه آهي هاڻوڪي. مگر سندس خود بنايل. ٻيو ته تلفظ 1866ع وارو اختيار ڪيو اٿس. ٽيو ته، ڪٿي ڪٿي پڙهڻيون بدلايون ويون آهن. انهن سڀني اوڻاين جي هوندي به، شاباس آهي هن شخص کي، جنهن رسالي کي اونداهيءَ مان ٻاهر ڪڍيو. هن نسخي ۾ جيڪي وايون درج ٿيل آهن، سي درحقيقت شاهه جون آهن. اها هن نسخي جي وڏي خوبي آهي.

رسالي جو ٻيو هڪ سنگي ڇاپو، قاضي ابراهيم جي سعيي سان، بمبئي ۾ سن 1867ع ۾ سايع ٿيو، جنهن ۾ هن صاحب بنا ڪنهن تميز جي، جيڪو ڪچو ڦڪو ڪلام هٿ آيو اٿس، سو کڻي درج ڪيو اٿس. هن نسخي جي صورتخطي پڻ اڳوڻي آهي، جنهن جي پڙهڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي. هن جهڙو ردي نسخو هڏهين هٿ نه ايندو. (گربخشاڻي)

سن 1900ع، سنڌ سرڪار جي تعليم کاتي، موجوده صورتخطي ۾ رسالو ڇپايو، جنهن ۾ به عيب آهن. هڪڙو ته شاهه جي ڪلام ۾ ٻين سگهڙن جو جيڪو ڪلام اچي ويو آهي، تنهن کي ترڪ نه ڪيو ويو آهي. ٻيو ته شاهه جي ڏينهن وارو تلفظ ڦيرائي، ان کي عاملڪو لباس پهرايو ويو آهي. ٽيون ته ڪيتريون صحيح پڙهڻيون ڇڏي، خودڪشيديون پڙهڻيون ڏنيون ويو آهن.

سن 1913ع ۾، مرزا ڪليچ بيگ، سرڪاري ڇاپي ۾ جيڪي بمبئي ڇاپي وارا ڇڏيل بيت هئا. سي اضافو ڪري موجوده صورتخطيءَ ۾ هڪ ڇاپو پڌرو ڪيو. هن ڇاپي ۾، بمبئي واري سنگي ڇاپي ۽ سرڪاري ڇاپي وارين سڀني واڻاين سان گڏ، وڏي وڏ هيءَ آهي جو، منجهس ڇپائيءَ جون نهايت گهڻيون چڪون رهجي ويون آهن، جنهن ڪري پڙهڻ جي قابل نه آهي. هن نسخي جي هوبهو سنگي ڪاپي مولوي ابراهيم بختارپوريءَ سن 1913ع ۾ عباسي لٿو پريس مان ڇپارائي، جنهن ۾ ٽپڙ ساڳيا آهن.

سن 1913ع ۾، ڊاڪٽر گربخشاڻي گهڻي جفاڪشيءَ بعد شاهه جي رسالي جا ٽي جلد معنيٰ، شرح ۽ سمجهاڻيءَ سميت شايع ڪرائي، سنڌي ادب جي بي انتها خدمت ڪئي. هن نسخي ۾ هيٺيون خصوصيتون آهن.

هڪڙو ته گهڻي تفحص ۽ ڇاند ڇونڊ بعد، ڌاريون ڪلام ترڪ ڪري، شاهه جو صحيح ۽ سڄو ڪلام ڏنو اٿس. ٻيو ته، لفظن جا اشتقاق ڏنا اٿس. ٽيون ته، هر هڪ اکر تي اعرابن ڏيڻ ڪري پڙهڻي ٻڌي ڇڏي اٿس. چوٿون ته، مختلف پڙهڻيون هيٺان حاشيءَ ۾ ڏنيون اَٿس. پنجون ته، صورتخطي موجوده آهي. ڇهون ته تلفظ لاڙي رکيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته شاهه لاڙ جو هو. رسالي جي قلمي نسخي ۾ ڏنل تلفظ لاڙي آهي، لاڙ جا ماڻهو اڃا تائين اکرن جو اهو تلفظ ڪندا آهن ۽ اهو تلفظ اشتقاق مطابق آهي.

هيترين خوبين هوندي به اڃا هي نسخو مڪمل نه آهي. رواجي نسخن ۾ 37 سر آهن. جن مان ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب هيٺين ڇهن سڄن سرن کي ڌاريون ڪلام سمجهي ترڪ ڪرڻ جو خيال، مقدم جي ڏهين فصل ۾ ظاهر ڪيو آهي:

(1) سر بيراڳ هندي (2) سر ڌناسري (3) سر بروو سنڌي ڇوٽڪو (4) سر ڍول مارئي (5) سر ڌناسري (6) سر بسنت. مرزا قليچ بيگ شاهه جي احوال شاهه عبداللطيف واري ڪتاب جي صفحي 62 تي سر بيراڳ، هير رانجهو، ڍول مارئي، سر سنڌي پروو ڇوٽڪو، ڌاريون ڪلام تسليم ڪري ٿو. انهيءَ حساب سان به، باقي شاهه جا مرتب ڪيل 13 سر ٿيا، جن مان ڊاڪٽر گربخشاڻي جي ٽن حصن ۾ فقط 17 سر اچن ٿا. چيو وڃي ٿو ته چوٿون جلد تيار ڪري رکيو هئائين، پر ڪن نامعلوم سببن ڪري شايع ڪرائي نه سگهيو. ڊاڪٽر دئود پوٽي، صاحب، جنهن ساڻس ڪلهوڪلهي ۾ ڏئي ڪم ڪيو هو، تنهن مون کي ٻڌايو ته مون، چوٿون جلد، گربخشاڻي جي آنجهاني ٿيڻ بعد، سندس پٽ کان گهريو هو، پر هو نٽائي ويو. مون چوٿو جلد ڪونه ڏٺو هو ۽ نڪي ان جي تيار ڪرڻ ۾ ڪو منهنجو حصو هو. منهنجي خيال موجب سر ڪيڏارو شاهه جو ڪلام نه آهي. ڊاڪٽر اهو ٽئين جلد ۾ درج ڪيو، تنهن ڪري منهنجو هن سان اختلاف ٿيو هو ۽ آءٌ پوءِ ساڻس شريڪ ڪار نه رهيس.

موجوده نسخي ۾ هيٺيون خوبيون رکيون ويون آهن:

شاهه جا ٽيهه ئي سر ڏنا ويا آهن، يعني شاهه جو مڪمل رسالو پيش ڪيو ويو آهي.

سڀني سر ۾ تلفظ لاڙي رکيو ويو آهي.

اکرن جي هجي، هاڻوڪي سنڌي صورتخطيءَ ۾ ڏني ويئي آهي.

ڇنڊ ڇانڊ بعد ڌاريو ڪلام رد ڪري شاهه جو سچو ۽ صحيح ڪلام پيش ڪيو ويو آهي.

ته هر صفحي جي هيٺيان، اهنجن الفاظن جي معنيٰ ڏني ويئي آهي، جيئن پڙهندڙ کي هرهر سارو ڪتاب اٿلائي، پٺيان معنيٰ ڳولڻ جي تڪليف ڪرڻي نه پوي.

هر هڪ اکر کي اعراب ڏنا ويا آهن، جيئن ڪابه پڙهڻ ۾ غلطي نه ٿئي.

هر هڪ سر جي اڳيان، سر جي حقيقت، مضمون، آکاڻي ۽ روحاني راز، نثر ۾ بيان ڪيا ويا آهن.

ڇپائي سٺي ڪاغذ، گهڻي احتياط ۽ خرچ سان ڪرائي ويئي آهي.

رسالي جي سڀ ڪنهن نسخي ۾ سرن جو سلسلو به الڳ الڳ آهي. هن نسخي ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي وارن ڏنل 17 سرن جو نمبر ساڳيو بهاريو ويو آهي ۽ باقي سر، اهميت آهر نمبر وار بهاريا ويا آهن.

شاهه جو رسالو

سر ڪلياڻ

لغتي معنيٰ:

ڪلياڻ هڪ راڳڻيءَ جو نالو آهي، جا سج لهڻ کان پوءِ ڳائبي آهي. ڪلياڻ لفظ جي معنيٰ آهي سُکُ يا خير.

سُرَ بابت:

ڊاڪٽر گربخشاڻي واري نسخي جي پهرين داستان ۾ ٽن بيتن (نمبر 4،3،2،) جو اضافو ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته تحقيقات بعد معلوم ٿيو آهي ته اهي بيت شاهه جي ڪلام مان ئي آهن.

مضمون:

رسالي جي ابتدا، مشرقي مسلمان مصنفن جي دستور موجب، حمد و ثنا سان ڪئي وئي آهي. رسالي جي شروع ۾ سر ڪلياڻ اچي ٿو، جنهن ۾ الله جي صفت، پيغبر پاڪ جي نعت، ۽ اصحابن سڳورن جي تعريف بعد، سلوڪ جو سبق پڙهايو ويو آهي.

روحاني راز:

هن سر ۾ سالڪ کي وحدانيت جي راهه ڳڙهڻ جي هدايت ڪيل آهي. توحيد پرستي، جنهن ۾ رسالت تي ايمان آڻڻ پڻ شامل آهي، سالڪ لاءِ نهايت ضروري ڪري ڄاڻايو ويو آهي. سالڪ کي وحدت ۽ ڪثرت جو مسئلو عمدي ڍنگ ۾ سمجهائيندي، ٻڌايو ويو آهي ته حق هيڪڙو آهي. جيڪي ڪي تون دنيا ۾ پسين ٿو سو نه فقط الله کانسواءِ ٻيو ڪي ڪين آهي، بلڪ جيڪي ڪي آهي سو سڀ الله آهي. انهيءَ عقيدت کي همه اوست يعني سڀ ڪجهه اهو پاڻ آهي، صوفين ٻه گروه آهن: هڪڙا همه اوست جا قائل آهن ۽ ٻيا همه از اوست يعني سڀ ڪجهه ان جو بنايل آهي، جا قائل آهن. شاهه عبداللطيف جو عقيدو هو ته ڪائنات حق جو ظهور آهي، تنهنڪري هر هڪ شيءِ ۾ ذات الاهيءَ جو جلوو ضرور آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com