سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب: --

صفحو :15

سر سهڻي

داستان پهريون

1

وَهُ [1] تِکَ، واهُڙَ [2] تِکَ، جِتِ نينهن تِکَ نرالِي [3] ،

جَنِ کي عِشقُ عَمِيقَ [4] جو، خِلوَتَ خِيالِي [5] ،

وارِيين سي، والِي! هِنئڙو [6] جَنِين هَٿِ ڪِيو.

2

اَنڌِيءَ [7] وَڇُون، ڪَنڌِيءَ وَڇُون، تَنگئا [8] لَهـٖـي نه تِکَ،

صُورَتَ جا ساهَڙَ جِي، ڏِيلَ پنهنجي ڏِکَ [9] ،

واهُڙُ تَنِين وِکَ، جَنِ سانڀارا [10] سُپرِين.

3

واهُڙَ وَهَنِ نَوان، اَڃا وَهُ [11] اَڳي ٿيو [12]،

گَھرِ ويٺِيُون گَھڻا ڪَريو، سَرَتِيُون سَڱَ سَنوان[13]،

صُورَتَ جا ساهَڙَ جِي، سا جي ڏِٺي آن،

هُوند [14] نه پَلِيو [15] مان، گِھڙو سڀ گَھڙا کَـڻِي.

4

جيڏِيُون! ڏِٺيان جي صُورَتَ ساهَڙَ ڄامَ جِي،

سُکِ ٿِي سُتِيُون ڪينَ ڪِين، [16] ڪانڌَنِ [17] پاسي ڪي،

مُونهان ئي [18] اَڳي، گِهڙو سَڀِ گَهڙا کَڻِي.

5

ڏِٺِي جَنِ هيڪارَ، صُورَتَ ساهَڙَ ڄامَ جِي،

سُکِ ٿي سُتِيُون ڪِينَ ڪِين، [19] ڀِرِ [20] ساڻُ ڀَتارَ،

گِهڙيُون گَهڙَنِئان، ڌارَ [21]، ڪاهي پــٖـييُون ڪُنَ ۾.

6

ساهَڙ مُون جيئن سَرَتِيُون! جي ڏِسو. سَڀيئِي،

ته سُمَهو ڪِينَ سُکِ ٿِي، پاسو وَرَ [22] ڏيئِي،

مونهان [23] اڳي ئي، گِهڙو سَڀِ گَهڙا کَڻِي.

7

جيڪِين [24] ڏِٺو مان، سو جي ڏِٺو جيڏِيين،

گَهرَ وَرَنِين سان، هوند گَهڻِنِ گهوري ڇَڏِيا.

8

گَهڙَنِ وارِيُون تَڙَنِ تي، گِهڙنِ گهڻي ئي،

سَڀَڪا چيآن سُوهَڻِي، لَئي پِرِيان پيئِي،

صُباحَ سَڀيئِي، پَسبِيُون پاتارَ ۾ [25].

9

ڪَنڌِي اُڀِيُون ڪيتَرِيُون، ساهَڙُ، ساهَڙُ [26] ڪَنِ،

ڪَنِين [27] سانگو ساهَ جو، ڪي گھورِسَ ڪِيو گِھڙَنِ،

ساهَڙُ سَندو تَنِ، گھاگھائـٖـي [28] گِھڙَنِ جي.

10

وَڻَنِ ويٺا ڪانگَ، وِچِين ٿِي ويلا ڪَري [29]،

گِھڙِي گَھڙو هَٿِ ڪَري، سُڻِي سانجِھيَ ٻانگَ،

سـٖـيئِي ڍُونڍي سانگَ [30]، جِتي ساهَڙُ سُپِرِين.

11

گِھڙِي گَھڙو هَٿِ ڪري، ٻَهُون [31] نِهاري ٻَنگُ [32]،

سر در قدمِ يار فدا شد چه بجا شد [33]، وَصلَ اِهوئِي وَنگُ [34] ،

راتِ جَنِين جو رَنگُ [35]، اَلا! سي اُڪارِيين.

12

گِھڙِي گَھڙو هَٿِ ڪري، ٻَهُون نِهاري ٻَنگُ،

وَ اَمّامَن خَافَ مَقَامَ رَبِہ [36]، اِيءُ لَنگِھيائِين لَنگُھ،

سِڪَندِيَنِ کي، سَيّدُ چي، ڪِين جَھلِيندو جَھنگُ،

راتِ جَنِين جو رَنگُ، الا! سي اُڪارِيين.

13

گِهڙِي گَهڙو هَٿِ ڪري، چيلِهه ٻَڌِي چوتو،

منهنجو مَنُ مِيهارَ کي، پارِ وَڃِي پَهُتو،

گوتي ۾ گوتو [37] مون کي مُحِبَ مِيهارَ جو.

14

گِهڙِي گَهڙو هٿِ ڪري، ٻوڙِيائِين ٻانُهون،

ويچارِيءَ وَڏِيُون ڪِيُون وِچِ دَرِيا دانهُون،

موٽَ مُحِبَ پانهُون [38]، تاڪُنِ [39] تَڪِي آهِيان.

15

گِھڙِي گَھڙو هَٿِ ڪري، اِلاهِي تُهارَ،

ڄَنگَھ ڄَرڪـٖـي واتَ ۾، سِسِيءَ کي سِيسارَ [40] ،

چُوڙا ٻِيڙا [41] چِڪَ ۾، لُڙَ ۾ لُڙِيَسِ وارَ،

لَکين چَهُٽِيَسِ لوهَڻِـيُون [42]، ٿيلِهيُون [43] ٿَـرَنِئُون ڌارَ [44] ،

مِڙِيا مَڇَ هَزارَ، ڀاڱا ٿيندِي سُوھَڻِي!

16

مِنهِه [45] جِهِين جي مُون، ڏِنو مُنهن مِيهارَ جو،

آهيم ساهَه سَئُون [46]، سو ڪيئن گَهڙو گهورِيان ؟

17

گَھڙو ڀَڳو ته گھورِيو، مَرُ چُورُ ٿِئـٖـي چُوڙو،

طالِبُ الَموليٰ مُذَڪّرُ [47]، اِيُ ٻُڏَندَنِ ٻُوڙو [48] ،

ڪوڙِهيو ڏَمُ [49] ڪُوڙو، مُون مِيهارُ مَنَ ۾.

18

گهڙو ڀَڳو ته گهورِيو، مَرُ ٻِيڙَ [50] ٿِئـٖـي ٻاهِين [51] ،

طالِبُ المَوليٰ مُذَڪَّرُ، اِيءَ پَرِ اَسانهِين [52] ،

پوان مَ پاهِين [53]، مون مِيهارُ مَنَ ۾.

19

گَھڙو ڀَڳو ته گھورِيو، پاڻان هو حِجابُ [54] ،

واڄَٽُ وَڄي وُجُودَ ۾، رَهِيو رُوحَ رَبابُ، [55]

ساهَڙَ ريءَ [56] صَوابُ [57]، آئون گھڻو ئِي گھورِيان.

20

گَھڙو ڀَڳو ته گھوريِو، تان ڪِي تَرُ، هِنيا [58]ن!

اَدَبُ [59] اَکَڙِيُنِ کي، ڏيهاڻِي [60] ڏِيان،

مِيهارَنِ مِيان، سَنئُون سُونهايمِ [61] پــٖـيچَرو.

21

گَھڙو ڀَڳو ته گھورِيو، آسَرَ مَ لاهيج،

لَا تَقنَطُو ا مِن رَحمة اللهِ [62]، تُرَهـٖـي اِنَ تَريجِ،

حَبِيباڻـٖـي هيجِ [63]، پَسِين مُنهن مِيهارَ جو.

22

گَهڙو ڀَڳو، مُنڌَ [64] مُئِي، وِيا وَسِيلا،

سارَ [65] ڇَڏِيائِين سِيرَ ۾، هئـٖـي! رَهِيا حِيلا،

سُهڻي جا سِيلا [66]، وَحدَتَ سَڀِ وِڃائِيا.

23

گَھڙو ڀَڳو، مُنڌَ مُئِي، وَسِيلا وِيا،

تِنهان پوءِ سُئا، سُهڻِي سَڏَ ميهار جا.

24

جَڏِهن وَسِيلَنِ، لوڙهي ڇَڏِي لُڙَ ۾،

پاراڙان [67] پِرِيَنِ، تڏهن پُڇِي سُوهَڻِي.

25

پاڻُ [68] مَ کَڻجِ پاڻَ سين، وَسِيلا وِڃاءِ،

عِشقَ ساڻُ اُٺاءِ، پــٖـيرُ پِريان جي پارَ [69] ڏيٖ.

26

پاڻُ مَ کَـڻِـجِ پاڻَ سين، وَسِيلا وِسارِ،

لُڙُ لَنگھائـٖـي، سُوهَڻي! پِرِتِ وجَھندِيَئي پارِ،

سي تُرتُ لَنگِھينديُون تارِ، اُڪَنڊَ آڳَههُ [70] جن سين.

27

پاڻُ مَ کَـڻـجِ پاڻَ سين، رِيءَ وَسِيلي وانءُ،

مَٿان سائِرَ [71]، سُهڻِي! پِرِتِ وَٺِجـٖـي پانءُ [72] ،

نِينهن ڳِنهَنديٖ نانءُ، وَنءُ پِريان جي پارَ ڏي.

28

پاڻُ مَ کَڻج پاڻَ سين، رِيءَ وَسِيلي وَڌُ،

لالَنُ تَنِين لَڌُ [73] عِشقُ جَنِين جي اَڳَ ۾.

29

پاڻُ مَ پاڻَ سين، رِيءَ وَسِيلي وَڃُ،

ڀيلو [74] ڀــٖـيري ڀَڃُ، اُڪَنڊَ کَڻُ عَمِيقَ [75] ۾.

30

ڪونِهي آڳُهُه اِهَڙو، جِهَڙِي مَحَبَتَ مَنِ،

اُڀِيُون اورِيــٖـين پارَ ڏي، ڪُوڙِيُون ڪَکَ [76] پُڇَنِ،

نَدِي تِن نيڙُ [77] ٿِئـٖـي، جي رِيءَ تُرَهي تَرَنِ،

سِڪَ رَساڻي سُهڻِي، اَصلِ عاشِقَنِ،

سي جَھليُون ڪِينَ ڪُنَنِ، پُڇَنِ جي مِيهارَ کي.

31

پُڇَنِ جي ميهارَ کي، پُڇي سي ميهارَ،

تُرَهو تَنِين بارُ، عِشقُ جَنِين کي آڪَرو [78].

32

عِشقُ جَنِين کي آڪَرو، تُرَهو مَٿـٖـي تَنِ،

جي ساهَڙَ کي سڪَنِ تَنِين جَرُ [79] جَنڊ [80] ٿِئـٖـي.

33

تُرَهو آڇِ مَ تَنِ کي، جَنِ عِشقَ سـٖـين آگاهَ [81]،

پُڇي مَسَ مَلاحَ [82]، ساهَڙَ مَڻِي [83] سُوهَڻِي.

34

ساهَڙُ، سا سُوهَڻِي، سائِرُ [84] پُڻِ سوئِي،

آهي نِجوئِي [85]، ڳُجُھ ڳُجھاندَرَ [86] ڳالھڙِي. [87]


 

وائي

ڪِهڙيٖ مَنجِھ حِسابَ [88]؟ هُئڻُ مُنهِنجو هوتَ ريٖ، لا!

گولِي! ڀَڄُ گُناهَ کان، ڪونِهي سُولُ ثَوابَ، [89]

هُئَڻُ منهنجو هوتَ ريٖ، لا!

نَه ڪِي سَوَت [90] ۾، نَه ڪِي مَنجِھ رَبابَ،

هُئَڻُ منهنجو هوتَ ريٖ، لا!

خُدِيائِي خُوبُ ٿِيــٖـيـن، لايــٖـين جي لُعابَ [91]،

هُئَڻُ منهنجو هوتَ ريٖ، لا!

پَلِيتُ ئِي پاڪُ ٿِـئـٖـي، جُنَبيو [92] مَنجِھ جِنابَ [93] ،

هُئَڻُ منهنجو هوتَ ريٖ، لا!

سو نه ڪنهِين شَيءِ ۾، جيڪِي مَنجِھ تُرابَ [94]،

هُئَڻُ منهنجو هوتَ ريٖ، لا!

هُوءِ جي جَرَڪِيا [95] جَرَ تي، سي تان سَڀِ حُبابَ،

هُئَڻُ منهنجو هوتَ ريٖ، لا!

هادِيءَ سين هُنَ پارَ ڏي، رِڙهِين ساڻُ رِڪابَ [96]،

هُئَڻُ منهنجو هوتَ ريٖ، لا!

چَنبو وِجِھي چورَ [97] کي، آءُ ڇَڙَ [98]، عُقابَ!

هُئَڻُ منهنجو هوتَ ريٖ، لا!

ديدُ [99] وِڃاءِ مَ دوستَ جو هَلِي مَنجِھ حِجابَ [100]،

هُئَڻُ منهنجو هوتَ ريٖ، لا!

ڪَسرَتَ [101] آهي قُربَ [102] ۾، اِدغامَ [103] ۾ اِعرابَ، [104]

هُئَڻُ منهنجو هوتَ ريٖ، لا!

فَنا وِجِهي فَمَ [105] ۾، ڪارڻِ ٿِيءُ ڪَبابَ،

هُئَڻُ منهنجو هوتَ ريٖ، لا!

ڏي طَهُورا [106] تَنِ کي، جي سِڪَنِ لاءِ شَرابَ،

هُئَڻُ منهنجو هوتَ ريٖ، لا!

مُٺِيءَ ڪِيا مَرضَ ۾، جاوا [107] سَڀِ جَوابَ، [108]

هُئَڻُ منهنجو هوتَ ريٖ، لا!

داستان ٻيو

 

1

ڪَرَڳَلَ [109] ڪوچَ، [110] ڪُنَ گھڻا، جِتِ جَرَ واڳُو جِئائِين [111] ،

پاڻ اُڇلـٖـي آبَ ۾، وَهُه سِر [112] وِڌائِين،

لَهرِيُون لَنگِھيائِين، لُطفَ ساڻُ، لَطِيفُ چـٖـي.

2

ڪَرَڳَلَ ڪوچَ ڪُنَ گهڻا، جِتِ دَڙڪو مَنجِهه دَرياهَه،

اَچِيو اُتاهِين [113] گِهڙي، سانگو ڪري نه ساهَه،

ساهَڙَ جِيَ صَلاحَ [114]، ٻارِ لَنگهايَسِ ٻاجَهه سين.

3

دَهَشَتَ دَمُ دَرياهه ۾، جِتِ هَيبَتَ هُلاچو،

وِرچِي [115] وِيرِنِ وِچَ ۾، ڪاڏيٖ وِيو ڪَچو،

ساهَڙُ ڄامُ سَچو، ساڻِي ٿِيندُمِ سيرَ ۾.

4

دَهَشَتَ دَمَ دَرياهه ۾، جِتِ سَٽاڻا [116] سيسارَ [117]

بيحَدِ باڳُو [118] بَحرَ ۾، هَيبَتَناڪَ هَزارَ،

سارِيان ڪانَه سَرِيرَ ۾، طاقَت توهان [119] ڌارَ،

ساهَڙ ڄامَ سَتارَ، سِگھو رَسِج سِيرَ ۾.

5

دَهشَتَ دَمُ دَرياهه ۾، جِتِ ڪَڙَ ڪُنَ ڪَرِينِ،

ٻِڇَلِ [120] ٻانڊِي [121] ٻارِ ۾، اُتِ [122] لَهرِيُون لوڏا ڏِينِ،

سَناوَرَ [123] سَهِميا [124] ، اُتِ سيڻها [125] نه سَنڊِينِ [126]،

جِتِ وِيرِيُون واٽَ نه ڏِين، اُتِ ساهَڙَ! سِيرَ لَنگها ئِيــٖـين.

6

دَهَشَتَ دَمُ دَرياهَ ۾، جِتِ ڪَڙَڪو ڪُنُ ڪريٖ،

توڏِي [127] تاڪُن وِچَ ۾، مَٿان وِيرَ وَريٖ،

آءُ، ساهَڙَ! منهنجا سُپِرِين! پِرِيان [128] پيرَ ڀَريٖ،

هادِي! هَٿُ ڌَريٖ، اُونهـٖـي مان اُڪارِيــٖـين.

7

دَهشَتَ دَمُ دَرياهَ ۾، جِتِ ڪُنَنِ جو ڪَڙَڪا،

سَهـٖـي ڪِينَ سَمُونڊَ جا، ماندِي ماندِي دِلِ دَڙَڪا،

ساهَڙَ! تون سُڻُ ڪا، فَرِيادِي فَقِيرِ جِي.

8

دَهَشَتَ دَمُ دَرياهه ۾، جِتِ ڪُنَنِ جو ڪَڙَڪو،

آهـٖـينِ اُنهين [129] پارَ جو، دِلِ اَندَرِ دَڙَڪو،

ڀَڃـٖـي سِڪَ سَيّدُ چـٖـي، سِيرَ سَندو سَڙَڪو [130] ،

والِي! ڪِجِ وَڙُ ڪو، ته ٻارِ [131] لَنگِهيان ٻاجَهه سين.

9

دَهَشَتَ دَمُ دَرياهه ۾، جِتِ لُڙَ، لَهرِيُون، لَسَ ليٽَ،

آڻِيو اوڀارَنِ ۾، ٻانڊِي ٻوڙيٖ ٻيٽَ، [132]، اُتِ ساهَڙَ! سِيرَ لَنگهاءِ تون.

جِتِ چِڪَڻِ جِي چپــٖـٽَ [133]، اُتِ ساهَڙَ! سِيرَ لَنگهاءِ تون.

10

دَهَشَتَ دَمَ دَرياهه ۾، جِتِ تِکِيُون تنوارُون،

منهنجِيُون مانَ ميهارَ کي، پَهُچَنِ پُڪارُون،

لَهُه ساهَڙَ! سَنڀارُون، ته لَهرِنِ لوڏِ نه مَران.

11

دَهَشَتَ دَمُ دَرياهه ۾، جِتِ جايُون جانارَنِ [134]،

نَه ڪو سَنڌو سِيرَ جو، مَپُ [135] نه مَلاحَنِ،

دَرِندا دَرياهَه ۾، واڪا ڪِيو وَرَنِ،

سَڄا ٻيڙا ٻارِ ۾، هَلِيا هيٺِ وَڃَنِ،

پُرزو پَيدا نه ٿِـئي، تَختو مَنجھان تَنِ،

ڪو جو قَهرُ ڪُنَنِ، ويا ڪِينَ وَرَنِ،

اُتـٖـي اَڻتارُنِ، ساهَڙَ! سِيرَ لَنگھاءِ تون.

12

دَرَهَڙَ [136] ڌنسَن [137] دَرياهَ ۾، جِتِ لَهرِيُون ڪَنِ لوڙا [138] ،

سَئـٖـين [139] اَچِي سَمُونڊَ ۾، ٿِيا سِيڻايا [140] سوڙها [141] ،

جي تارُو هُئا توڙا [142]، تَنِ هَرٻو [143] ڀانيو هيڪڙو.

وائي

سَچا ساهَڙَ! مون کي تون، اي وَهِيان [144] واهَرَ! مون کي تون،

اي! نيئِي اولِ پِرِيان جي پارَ ڏيٖ.

ڪُنَ جـٖـي [145] ڪارُونڀار [146] جا، وو! سي آئون ڀانِئيان ڀُون [147]،

اي! نيئِي اولِ پِرِيان جي پارَ ڏيٖ.

سَندو جِيئڻَ آسَرو، وو! مَنان [148] لاٿو مون،

اي! نيئِي اولِ پِرِيان جي پارَ ڏيٖ.

 

داستان ٽيون

1

تَڙِ تَڪَڻِ تارِ گِھڙَڻُ، اِيءُ ڪاڻِيارِيَنِ ڪَمُ،

ڏَهَه ڏَهَه ڀيرا ڏينهن ۾، ڏي ڏوراپا ڏَمُ [149] ،

عَقُل، مَتِ، شَرَمُ، ٽيئِي نِينهن نِهوڙِيا.

2

گھيڙان [150] ڪَري نه گُھورَ [151]، تَڙُ تَڪَڙِ کان نه لَهِي،

جنهن کي سِڪَ ساهَڙَ جِي، پُورَنِ مَٿي پُورَ،

ڪارِيءَ راتِ ڪُنَنِ ۾، وَهَمَنِ ڪِي [152] وَهلُورَ،

جَنهن کي ساڻُ پِريان جا سُورَ، تنهن کي نَدِي ناهِه نِگاهَ ۾.

3

جِئان [153] گِھڙي تِئان [154] گھيڙُ، ڪَپَرُ [155] پُڇَنِ ڪُوڙِيُون،

ڏَمَ سين جُسو ظاهِراً، مَنُ ميهار سين ميڙُ،

سا نَدي ڀانئي نيڙُ [156]، جنهن کي سِڪُ ساهَڙَ جِي.

4

جِئان وَهي [157] تِئان [158] واٽَ، ڪَپَرُ پُڇَنِ ڪُوڙِيُون،

جَنِ کي سِڪَ ساهَڙَ جِي، سي گِھيڙَ نه پُڇَنِ گھاٽَ [159] ،

جَنِ کي عِشقَ جِي اُساٽَ، سي واهُڙُ [160] ڀانـئِينِ وِکَڙِي.

5

ڪنهن جنهن گھيڙَ گِھڙِي، جيئن اَوَتَڙان [161] تَڙُ ٿِيوسِ،

سالِمَ ويئِي سُهڻِي، ڪُنَنِ ڪِين [162] ڪَيوسِ،

اُهِسُ [163] اَکَڙِيَنِ ۾، پِريان جو پِيوسِ،

حَقا [164] حَق ٿِيوس [165]، هُئِي طالِبِ حَقّ [166] جِي.

6

هُئِي طالِبِ حَقّ جِي، توڏِي [167] لاڪُون [168] توڙَ،

نه مَلاحُ نه مَڪُري، نَه ڪِين ٻَڌي نوڙَ،

پاڻِي پِنِيءَ ٻوڙَ، سُهڻِيءَ ليکي سِيرَ ۾.

 

7

توڏِي توڙائِين [169]، نِينهن نَوازِي سُهڻي،

ڳِچِيءَ هارُ حَبيبَ جو، لائِقُ لَڌائِين،

سو تَڙُ سوٺائِين، جيڏانهن عالَمَ آسَرو.

8

توڏِي! تُهائِين [170] جي، سي هِتَهِين ڇَڏِ حِرَصَ،

ساهَڙَ ڌاران سُهڻِي! کوٽِـيُون ڪَنِ کِرَسَ [171] ،

وَڏِي اِيءَ وِرَسَ [172]، جيئن ڏَمَ وَٽِ ڏِينهن گُذارِيــٖـين.

9

توڏِيءَ کي تَعظِيمَ [173]، ٻينِ سَڀَنِئا [174] اَڳَرِي [175] ،

اوڏِي ٿِي اَلفَ کي، مَنُ گَڏِيائِين سين مِيمَ، [176]

جيلانَهن ذاتِ [177] حَلِيمَ [178]، مِلِي تـٖـي [179] ميهار کي.

10

ساريٖ سِکُ سَبَقُ، شَرِيعَتَ سَندو، سُهڻِي،

طَرِيقَتان تِکو وَهي، حَقِيقَتَ جو حَقُ،

مَعرِفَتَ مَرَڪ، اَصلِ عاشِقَنِ کي.

11

صَبُرُ شاڪِرَنِ، آهي اوطاقُنِ ۾، [180]

جي وَاصلُ [181] ٿِيا وِصالَ ۾، سي ذَرو نه ظاهِرُ نه ڪَنِ،

وِييَتَ [182] واهَرَ [183] تَرَنِ، هِنئڙا، جَنِ هَڄِي وِيا [184].

12

پَلَ پَلِ ٿـٖـي پَلِي، ڏَمَ ڏِيهاڻِي [185] ڪيتَرو،

پَسِي دُورُ [186] دَرِياهَه جو، وِچان ڪِينَ وَلِي [187]،

ڪارِيءَ راتِ قَرِيبَ ڏي، مَنجهان حُبَ هَلِي،

نه ڪنهن جهولَ [188] جَهلِي، هُئِي سَمُنَ [189] پُورِي سهڻي.

13

جهولَ نه جَهلِي سُهڻي، سائِرَ [190] سَٽَ [191] سَندِياس،

جنهن اَهڙِي ڄائِي عاجِزا [192]، سا مَرُ مَرَڪي ماسِ [193]،

پَسين جي پِياسِ [194]، ته ڪِين عِشقُ آڻِيــٖـين.

14

نَه ڪا جهولَ جَهليسِ، نه تانگهو، نه تارِ ڪِين،

ڏَمُ ڏِيهاڻِي ڪيتَرو، پَرِ ۾ ٿو پَليسِ،

تان تان جِيءُ جَليسِ، مِلي جان نه ميهارَ کي.

15

سِهَه [195] سِيارو، پاڻِي پارو [196]، جِت جُهڙُ، جَهڪَ [197] ۽ جهولَ،

مَنَ اندَرِ ميهار جا، هينئڙي اَچَنِ هولَ [198] ،

جيلانهَن ٻَڌِيَسِ ٻولَ، تـٖـي اَڙانگا آرَ [199] تَران.

16

سِياريٖ سِهَه راتِ ۾، جا گِھڙيٖ وَسَنديٖ مينهن،

هَلو ته پُڇُون سُوهَڻِي، جا ڪَرَ ڄاڻـٖـي نينهن،

جنهن کي راتو ڏينهن، مِيهار ئِي مَنَ ۾.

17

سانوَڻِ گِهڙيٖ سَڀَڪا، هِيءَ سَرَهِي سِياري،

تَنُ وِڌائِين تارِ ۾، اَرواحَ جي آريٖ، [200]

مُحَبَـتِي ماريٖ، ڪونِهي دادُ [201] دَرياهَه ۾.

18

ٻانڊِي! [202] جي ٻيليي ٿِيــٖـين [203]، ته حالُ ڳَرَهِيان هِيءُ،

سَگهو ساعَتَ نه ڄِندَڙو، جَرَ ري منهنجو جِيءُ،

سانوَڻُ سِيارو ڀانئِيان، وَهِه [204] پِريان جي وِيءُ [205]، [206]

پارِ جَنِين جو پِيءُ [207]، وَڃَڻُ واجِبُ تَنِ تي.

19

واهُڙَ! ڀَرِيُون مَ پاءِ [208]، تو پِڻُ لـٖـيکو ڏِيَڻُو،

سَدا سانوَڻَ ڏينهَڙا، هِنئين [209] نه هُونداءِ،

وِهاڻِيءَ [210] وينداءِ، اوڀَرَ اُتاهان [211] لَهِي.

20

واهُڙَ! وَهين مَ ڇالَ [212]، سُڪِي ٻيلاٽِيُون [213] ٿِيــٖـين،

پَسان تنهنجـٖـي پيٽَ ۾، لاڻا [214]، لُوتَ [215]، لِيارَ [216]،

جُہُ تو سَڀَ ڄَمارَ، آسائِتِيُون ٻوڙِيُون.

21

ڪَڙِ ڪَڙِ، ڪُنَ! مَ وَڄُ [217]، ٻانڊِي ٻوڙِ مَ ٻارِ ۾،

مون تي جا ميهارَ جِي، سان ڪيئن ڌُئان ڌَڄُ [218]،

توءِ [219] گِهڙَندِيَسِ اَڄُ، جي اُبَتا آرَ ڪَرِيــٖـين. [220]

22

اَدا! ڙي! ٻانڊِي! توکي ڪَڙهان [221] ڪِ پاڻَ کي،

سُوڌِي خَبَرَ سَڄَڻـٖـين، تو ڪا تَڙِ آندِي،

تون پاتارئان [222] پانڌِي، اَسان پَنڌُ پِرِيَنِ ڏيٖ.

23

مَحَبَتِي ميهارَ جُون، دِلِ اَندَرِ دونهِيُون،

آڻِيو وِجهي اَرَ ۾، لُهاڻو [223] لُوهِيُون [224] ،

جي ساهَڙَ جون سُونهِيُون [225] ، سِيرَ سِراڙو [226] تَنِ کي.

 

وائي

 

مَدَتَ [227] ٿِيءُ ميهارَ! يارَ، ساهَڙَ سائِرَ سِيرَ ۾.

اُونها ڪُنَ، اَتانگَ [228] تَڙَ، اولِي هَڻُ [229] آڌارَ [230]!

ساهَڙَ! سائِرَ سِيرَ ۾.

ڏينهَن ڏُهِلا [231] ڏَمَ سين، آهِيان آهئان [232] ڌارَ،

ساهَڙَ! سائِرَ سِيرَ ۾.

ٻِڇَلِ ٻانڊِي ٻارِ ڪِري [233]، اَتِ [234] اوبَتا آرَ، [235]

ساهَڙَ! سائِرَ سِيرَ ۾.

تِتـٖـي گِهڙي سهڻي، آڳَهَه ريءَ آڌارَ،

ساهَڙَ! سائِرَ سِيرَ ۾.

ڪارِي راتِ، ڪَچو گَهڙو، توڏِيءَ [236] ڪِي تَنوارَ،

ساهَڙَ! سائِرَ سِيرَ ۾.

سَنڀُوڙو [237]، سِيڻاهِه [238] سـٖـين، سِگهو رَسُ، سَنگهارَ [239]!

ساهَڙَ! سائِرَ سِيرَ ۾.

اورڙآن [240] آهُون ڪَرِيان، پَهُچان شالَ پَرارَ [241] ،

ساهَڙَ! سائِرَ سِيرَ ۾.

سَڻِيو جَهانءِ [242] جِهڄــٖـي هِنيون، سانڀاران [243] سَنڀنارَ [244]،

ساهَڙَ! سائِرَ سِيرَ ۾.

آيَمِ [245] ريلي [246] ريءَ [247] سين، اَللهّ! تو آهار،

ساهَڙَ! سائِرَ سِيرَ ۾.

تارِي تَرَندِيَسِ، لُڙَ لَنگِهيندِيَسِ، ويندِيَسِ وَٽِ وَڇارَ [248]،

ساهَڙَ! سائِرَ سِيرَ ۾.

پُورِيندِيَسِ [249] پارِ مَڻِي [250]، سَهَسين جي سِيسارَ [251]،

ساهَڙَ! سائِرَ سِيرَ ۾.

گولِي گهاگهائـٖـي [252] گِهڙي، جَکَنِ [253] ٿا جانارَ،

ساهَڙَ! سائِرَ سِيرَ ۾.

 

داستان چوٿون

1

اَدِيُون! سَڀِ اَندامَ [254]، چَڙَنِ منهنجا چورِيا،

لارُنِ [255] جا لَنءُ لايِئِي، سا ڪيئن آڇِيان عامَ،

لَڳِيَسِ جنهن جي لامَ [256]، سو دِلاسا دوستُ مُهـٖـي [257]،

2

چَؤڌارِي چَڙا، ٻُرَنِ [258] ٻيلايَنِ جا،

سُتي سَنڀارَنِ جو، پِيُمِ ڪَنِ پَڙاءَ،

وِهَڻَ [259] مون نه وَڙاءَ [260]، سُڻِيو جهانءِ جِهڄي هِنيُون.

3

چَڙَنِ چورِي آهِيان، سُکِ ٿِي سُمَهان ڪيئن؟

سارِيان ساهَڙَ ڄامَ کي، ڏَهَه ڏَهَه ڀيرا ڏينهن،

مِيهارَ مَرَڻُ سينءَ [261]، نِيئَرُ پاتُمِ نينهن جو.

4

ڪارا ڪُنَ، ڪارِي تُڳِي [262]، جِتِ ڪارِيهَرَ ڪَڙَڪا [263]،

مَئـٖـي مَتـٖـي [264] مِهراڻَ [265] ۾، اَچَنِ دُپارا [266] دَڙَڪا،

وِيندي ساهَڙَ سامُهان، جهولَ ڏِنَسِ جَهڙَڪا [267]،

کَرِ ڪيَنِ [268] جا کَڙَڪا، سُونهان ٿِيَئڙَسِ سِيرَ ۾.

5

کَرِڪيَنِ خُوشِ ڪِياسِ، مَحَبَتِي ميهار جي،

پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي، آڌِي اُٿِيياسِ،

سُتي جاڳاياسِ، سانڀَرَ [269] سُپيرِيُنِ جي.

6

جِيارِيَسِ سَنڀارَ [270]، ڪُهُه ڪَرِيندَمِ گَڏِجِي؟ [271]

ويروتارَ [272]، وَجُودَ ۾، پِريَنِ جِي پَچارَ،

سي سَڄَڻَ هُونِ نه ڌارَ، جي هِينئـٖـين ۾ حَلُ ٿِيا [273]،

7

ٻيلـٖـي پارِ ٻُرِي، مون کي چَڙَنِ چورِيو،

مَحَبتِيءَ مِيهارَ جِي، سُتي شاخَ [274] چُرِي،

مَٿي جهوڪَ [275] جُهرِي، پُونديَسِ پاريچَنِ [276] جي.

8

هُنَ ڀَرِ سُيِمَ هو ستي سنڀارَنِ جي،

چِتُ چَڙَنِ چورِيو، جؤنڪَ [277] ٿِيَڙَمِ جُوءِ [278]، [279]

مَحَبَتِي ميهارَ جِي، بِاللهِ [280] پييَمِ بُوءِ [281]،

وڃِي رُوءِ بَرُوءِ، ديکِيان [282] دوستَ ميهار کي.

9

هُنَ ڀَرِ سُيَمِ هاڪَ [283]، سُتـٖـي سَنڀارَنِ [284] جِي،

مَحَبَتِي ميهارَ جي، چَڙَنِ چورِيا چاڪَ،

اُنِين جِيَ اوطاقَ، وَڃَڻُ واجِبُ مون پِيو.

10

ڪيڏانهن گَهنڊَ گُڙَنِ [285]؟ ڪيڏانهن اُٿِي وِيِئيون،

تيڏانهن ٿِيُون چَرَنِ، جيڏانهن پُٺِ ميهار جِي. [286]

11

ڪِٿي ٿِيو ميهار، ڪِٿي ٿو گُهنڊُ گُڙيٖ،

ڪِٿي دونِهين دوستَ جِي، ڪِٿي پَرِيُون پارُ،

جنهن [287] مون سَڀَ ڄَمارَ، جَرَ ۾ جهوتُون ڏِنِيُون [288].

12

وَڇِنِ سين ويٺِي، سُورَ وِياڇـٖـي [289] سُهڻي،

آن ڪا ٿِي ڏٖيٺِي [290]، مـٖـينهُن جي ميهارَ سـٖـين؟

13

پُڄِو پِنگَهن [291] پاندَ، ويٺِي روءِ وَڇِنِ سين،

ڪُهه ڪَرِينديَسِ ڪانڌَ [292]، گَهڙو ڀَڳو گهوريو.

14

ڳِچِيءَ پايو ٻانهن، ويٺِي روءِ وَڇِنِ سين،

لايان لالَ لِڱنِ کي، آئِين [293] جي چَرو ڪانهن [294]،

آئون اوهان جِي دانهن، سَدا ڀُڻان [295] سَنَرِي [296].

 

15

ڀيلِيان [297] جِتِ ڀَڳِيُون، آيُون اُتِ وَرِي،

ڪانهي ٻِي ڳَرِي [298]، مينهُنِ کي ميهارَ ري.

16

مِيهاران [299] مِرِڪَ [300]، پِيتائِين پِرِيم جي،

تنهن مُنڌَ [301] مَتوالِي ڪِي، سَندِيءَ ساءَ سُرِڪَ [302]،

لَڳِيَسِ ڪامَ [303] ڪِرِڪَ [304]، لوهان [305] تِکِي لَطِيفُ چي.

17

ميهاران مَهِي [306]، پِيتائِين پِريمَ جِي،

اُرِڪَ سُرِڪَ [307]، سَيدُ چي، لَڳِيَسِ ڏوتُ [308] ڏَهِي، [309]

سَگهـٖـي تان نه سَهِي، مِلي جان نه ميهارَ کي.

 

18

مَريٖ تان مَ ميهارَ، وَٿاڻُ وِلَهو [310] مَ ٿِئـٖـي،

وَڇِنِ جي وَڇارَ جو، وِنگو ٿِئـٖـي مَ وارُ، [311]

ساهَڙَ مون سينگارُ، ماڙهُنِ [312] ليکـٖـي مِيهَڻُو.

19

مـٖـينهُون هِنَ مِيهارَ جُون، اَلا! سَڀ بَچَنِ،

وَڇُون جي ڪِيرَنِ [313] سين، سَدا ٿِيون سُونَهنِ،

مون کي ماڻِڪِيَنِ [314]، تاڻـٖـي هَنيو تارِ ۾.

20

مـٖـينهُون هِنَ مِيهارَ جُون، اَلا! سَڀِ جِيئنِ،

ڪارِيُون، ڪَڪِيُون، ڪُنڍِيُون [315]، وارا ڪِيو [316] وِيَنِ [317]،

جُوءِ جا جاندارَنِ جِي، ٻيلا ٻَهَه ٻَهَه ڪَنِ [318] ،

اَچِي ريلَ [319] رَهَنِ، مون سانڀارا سُپِرِين.

21

چا هَڪَ [320] چَرِي، تارِ تَري، آيُون مَٿـٖـي آرَ [321]،

ڪوڙِيــٖـين ڪَرَ کَڻَندِيُون [322]، سُڻِي سَڏَ ڌَرارَ،

مـٖـينهُون ساڻُ ميهار، پَرَچِي پارِ لَنگِهيندِيُون. [323]

22

چاهَڪَ چَري، تارِ تَرِي، آيُون مَٿي ٻــٖـيٽَ،

لُڙَ لَنگِهيندِيُون ليٽَ، لُطفَ ساڻُ، لَطِيفُ چـٖـي.

23

چاهَڪَ چَرِي، تارِ تَرِي، آيُون مَٿي ڪُنَ،

ڪوڙِيــٖـين ڪَرَ کَڻَندِيُون، ساهَڙَ جي سَمُنَ [324]،

مينهون ساڻُ اَمُنَ، پَرَچي پارِ لَنگِهيندِيُون.

24

چاهَڪ چَرِي، تارِ تَرِي، آيُون مَٿي کُوهَه،

سُڻِي سَڏُ ساهَڙَ جو، راضِي ٿِيندُن رُوحَ،

مينهُون ساڻُ صُبُوحَ، پَرَچِي پارِ لَنگِهيندِيُون.

 

وائي

مون کي ڪا مَ جَهلـٖـي، سَڀَڪا پاڻُ پَلـٖـي[325]،

آئون وِڌَڙِي نينهن اُڇَلـٖـي.

وِيندِي آئون پارِ پِرِيان ڏي، مون کي ڪامَ جَهلـٖـي،

آئون وِڌَڙِي نينهن اُڇَلـٖـي.

تَنُ وِڌائِين تارِ ۾، آڌِيءَ راتِ اُڇَلي،

آئون وِڌَڙِي نينهن اُڇَلـٖـي.

پَسي دونهِيُون دوستَ جُون، منهنجو جِيءُ جَلـٖـي،

آئون وِڌَڙِي نينهن اُڇَلـٖـي.

 

داستان پنجون

1

ساندَهِه سَڀُ دَرِياهُه، پَريٖ ڪَنڌِي پارَ جِي،

ڇَڪِي [326] ڇولِيءَ [327] ۾ گِهڙي، جِتي جِيءَ وِڙاهُه [328]،

پَسِيو ڏوهَه ڏڪـٖـي هِنيُون، آرَ مَٿـٖـي اَرِواحُ،

جي تُوهه [329] ٿِئـٖـي تو ڏاهُه [330]، تا وِيرَ وِهِيڻَون [331] ناهِه ڪِين.

2

ساندَهِه سَڀُ درياهه، پَري ڪَنڌِي پارَ جِي،

ڪَنبي هِنيُون ڪَمَاحَقُہَ [332]، آرَ مَٿي اَرِواحُ،

دِلاسِي دارَيَن [333] جي، سانچِيو [334] سانچي ساهُه،

جي توهُه ٿِئـٖـي توڏانهن، ته وِيرَ وَهِيڻِو ناهِه ڪِين.

3

سِڪَڻَ واريَنِ سُٿِرو [335]، جي دَهَشَتَ سان دَرِياهُه،

اوڙَڪِ [336] اُنِهين [337] جو نه رَهـٖـي، آرَ بِنا اَرِواحُ،

وِيندي ساهَڙَ سامُهِيُون، صَدَقو ڪَندِيُون ساهُه،

جَنِ کي حُبَ اُنهيءَ جِي آهِه، ساهَڙُ ساڻِي [338] تَنِ جو.

4

گِهڙِيا سي چَڙهِيا، ايهين [339] اَٿـٖـيئِي،

مَئـٖـي مَتـٖـي مِهراڻَ ۾، پئو ٽپو ڏِيئي،

ته ميهار مِليئِي، سَنڀُوڙو [340] سِيڻاهَه [341] سين.

5

اَکِيُون مُنهن ميهار ڏي، رَکِيُون جَنِ جوڙيٖ،

رِيءَ سَنڊَ [342]، سَيّدُ چـٖـي، تارِ گِهڙَنِ توڙيٖ [343]،

تَنِين کي ٻوڙيٖ، سائِرُ سگَهـٖـي ڪِينَ ڪِين.

6

آڌِيءَ اُڌاڻا [344]، سَرَتِيُون! سُکَ ميهار جا،

لَنگهي سِيرَ سَنوان ٿِيا، ساهَڙَ سيباڻا [345]،

ڀِنييءَ [346] تي ڀاڻا [347]، پَسان مانَ پِرِيَنِ جا.

7

آڌِيءَ اُڌاڻو، هينئڙو مون هَٿَنِ مان،

وَهَه پَئِي [348] واهُڙَ تَري، ساهَڙَ سيباڻو،

ڀيڄَ ڀِنِيءَ ڀاڻو، پِيءَ جو پَسي آئِيو.

8

جيڏانهن چِتَ چاهُه گَهڻُو، آرُ [349] پِه [350] اوڏاهِين،

وَڃي وَهُه واڪا ڪِيو، تِکو تِئائِين،

ميهار مِلائِين، لَهرِن مَنجِهه، لَطِيفُ چـٖـي.

9

پَلِيان، پَلِيو نه رَهي، نِرتُؤم [351] نينهن نِبارُ [352]،

گِهڙان، گهورِيو ڄِندَڙو! اُٿَلَ مون اَپارُ،

جَنِين مَنِ ميهار، هَلَڻُ تَنِين حَقُ ٿِيو.

10

پَسُ! پَسَنا پَري ٿِيا، اوري سَندُن آرُ [353]، [354]

دَرِياهَه ري سَهاڙُ [355]، ڏِسَڻُ گهڻُو ڏُهِلو [356].

11

ڪاڏيٖ وَڃان ووءِ، جيئن وَهَڻُ [357] وَڇارَنِ مَٽِيو،

ڏوڌيي پُڇـٖـي ڏيهَه جا، جَرَ سِرِ [358] اُڀِي جوءِ،

شِڪَستِي [359] سَيّدُ چـٖـي، چِيهان ڪَرِيو [360] چوءِ،

ساهَڙَ! سانگُ [361] سَندوءِ اَچِي اورانهون [362] ٿِئـٖـي.

12

سَندو ڏَم ڏَهَڪارُ [363]، هڏهين [364] ڪونهـٖـي هِنَ [365] کي،

هِيءَ پاڻيءَ سين پانهنجو، پُسائـٖـي نه سِينگارُ،

ڪارَڻِ مُنڌَ ميهار، ڪارِيءَ راتِ ڪُنَ تَري. [366]

13

ڏَمُ ڏيهاڻي ڏي، سَندا ميهَرَ مِيهڻَا،

جَهليمِ ٿي جهولِيءَ ۾، پَلئـٖـيءَ پايِو سي،

مَرُجان چالِيهَه چَئـٖـي [367] ، سَگَان [368] سُپرِيَنِ جي.

14

جيهَرَ [369] لوڪُ جهَپَ [370] ڪري، ذَرو جاڳَ نه هوءِ،

اوهِيَرَ [371] اَچيو، اَدِيُون پَهُه پِرِيان جو پوءِ،

جي ڪَچو [372] چُونَمِ ڪوءِ، ته مَرَڪُ ڀايان مِهَڻُو.

15

ته ڪَر ڪيئن سُئِي جي سِيرَ نه گِهڙِي سُهڻي،

هِتِ حَياتِيءَ ڏينهَڙا، هَڏِهِين تان نه هُئِي،

چُڪيءَ تنهن چرِي ڪَئِي، جو ڏِنُسِ اُنِ ڏُهِي،

سُهڻيءَ کي سَيّدُ چئي، وِڌو قُربَ ڪُهِي،

هونهـٖـين [373] هوند [374] مُئيي، پَرَ ٻُڏييءَ جا ٻِيڻا ٿِيا. [375]

16

ڪا جا ڪُنَ ڪُرِينِ، ڀِنَيءَ ڀُڻِ جُهڻِ [376] پاڻَ ۾،

اَکِيُون تنهن آبَ کي، آڌِيءَ اُڪـٖـيرِينِ [377]،

توڻـٖـي تِڪُون ڏِينِ، تَه پِه اُڃَ اُنين کي نه لَهي.

17

دائِمُ جا دَرِياهَه ۾، سا مَڇِي ڪِنِي ڪوهُه؟ [378]

آهـٖـيس اِيءُ اَندوهُه [379]، پاڻِي ڪِٿي ته پِيان.

18

ڪيرَ ڪُنَ، آئون ڪيرَ؟ ڪير ڏَمَرَ سَهـٖـي ڏَمَ جا،

قَضا رِيءَ ڪيرَ ڌَري، مَٿي پاڻِيءَ پيرَ،

ڀَينَرُ ڀِنِيءَ ويرَ، لِڌو [380] تـٖـي [381] ٿِي لوڙِيان.

19

جي ٻُڏان ته ٻَنِ، اولِجان اُنَ پارَ ڏي،

ڪَنڌِيءَ اَچِيو سُپِرين، مانَ ٻَرِ ٻَرِ ڪَنِ،

مُيائِي سين تَنِ، جيڪَرَ اُٿِي نِڪَران.

20

لَهرِ مِڙوِئي لالُ، [382] وَهَڻُ [383] کَٿُوران [384] وِتَرو [385]،

اوٻَهارا [386] عنبير جا، جَرَ مان اَچَنِ جالَ،

ڪُنَنِ گِهڙِي ڪالَ، سِڪَ پِرِيان جي سُهڻي.

21

جيڪِين ڏِٺَئـٖـي تارِ ۾، ڪَنڌِيءَ سو ڪَهـٖـيج،

جَرُ وڏو جهاجَهه گَهڻِي، پاندُ مَ پُسائيج،

ساهَڙُ ساڱاهـٖـيج، ته ٿابتو لَنگهـٖـين سِيرَ مان.

22

ڳؤرا ٻَئِي پارَ، هِنيوُن حَيرَتَ ۾ پِيو،

ويهان ته ويرَم ٿِئـٖـي، نينهن ۾ پوءِ نِهارَ، [387]

وَڃان ته واڪو ٿِئـٖـي، پاڙي پوءِ پَچارَ،

هُتِ ٿِي وَاعدي وارَ، هِتِ سُوٽُون [388] ڏِينِمِ سَرَتِيون.

23

جا هَڙَ [389] اَندَرِ جِيءَ، ساهَڙَ [390] ڏِنِي ساهَه کي،

سا هَڙَ ڇُڙي [391] نه ساهَه جِي، سا هَڙَ ساهَڙَ رِيءَ [392]،

ساهَڙَ ميڙِ، [393] سَمِيعَ [394] ! ته سا هَڙَ ڇُڙيٖ ساهَ جِي.

وائي

اَکِيُن پيرَ ڪريٖ، وَڃِجـٖـي، وو! وَڃِجي.

سُپيرِيان جِي ڳالهڙِي، ڪنهن سان ڪينَ ڪِجي،

وَڃِجي، وو! وَڃِجي.

لِڪائي لوڪَ کان، ڳُجَهڙِي ڳوٺِ نِجي،

وَڃِجي، وو! وَڃِجي.

مَحَبَتِي مِيهارَ جو، سُورُ نه ڪنهن سَلِجي،

وَڃِجي، وو! وَڃِجي.


[1]- پاڻيءَ جي وهڪ ۾

[2]- درياهه چڙهڻ وقت ڦاٽ جي تکي وهندڙ پاڻيءَ ۾

[3]- وه توڙي واهڙ ۾ تک آهي، پر عشق جي تک ٻين سڀني کان زبردست آهي

[4]- اونهو درياهه (وحدت) جو

[5]- سي اڪيلائيءَ ۾ گذارين ٿا.

[6]- دل

[7]- ڇيڙو، پرين ڪنڌي

[8]- تنگ يا سوڙهي گهيڙ مان

[9]- سينگار، ساهڙ جي صورت دل ۾ ڌاري درياهه ۾ گهڙي

[10]- سامهون، ياد

[11]- تک (منزل مقصود)

[12]- عشق جون ابتدائي منزلون آسان آهن، پر توڙ پهچڻ مشڪل آهي

[13]- مائٽيءَ جي دعويٰ ڪريو

[14]- جيڪر، هوند

[15]- منع ڪريو

[16]- ڪي

[17]- ڀتارن

[18]- مون کان ئي

[20]- گڏجي

[21]- گهڙن يا دلن کان سواءِ

[22]- مڙس، ڀتار

[23]- مون کان

[24]- جيڪي

[25]- صبح جو سچن عاشقن جا لاش درياءِ جي وچ ۾ لڙهندا ڏسبا.

[26]- محبوب

[27]- ڪن کي

[28]- کلي، خوش ٿي

[29]- گذري وڃي

[30]- ماڳ، جايون

[31]- گهڻو

[32]- درياه جو ور

[33]- جيڪڏهن يار جي قدمن تان سر فدا ٿيو، ۽ ڇا ٿيو؟

[34]- پيچ، ڍنگ

[35]- راحت يا ميلاپ جو وقت

[36]- جيڪو پنهنجي رب اڳيان ڪنبي ٿو (۽ پنهنجي نفس کي حرص ۽ هوا کان روڪي ٿو، ته پوءِ ضرور بهشت سندس رهڻ جي جاءِ ٿيندي).

[37]- غوطو، خيال، ڳڻتي، پور ۾ پور

[38]- پوئتي

[39]- تِڪيندڙ دشمنن، درياهه جي جانورن

[40]- سيسر

[41]- ٻيڻا، مڙيل

[42]- ۽

[43]- مڇيءَ جا قسم

[44]- ٿر يا اصل ماڳ کان پري.

[45]- بهاني

[46]- جهڙو، ساڻ

[47]- خدا جو طالب نر آهي

[48]- آڌار

[49]- سهڻيءَ هي مڙس جي نالو (ڪميڻو نفس)

[50]- ٻيڻي

[51]- ٻانهين

[52]- اسان جي

[53]- پوئتي

[54]- پردو، رنڊڪ

[55]- ميهار جي يادگيري روح ۾ رباب جي تارن وانگر پئي تنواري

[56]- کان سواءِ

[57]- پرهيزگاري، تقويٰ

[58]- ڪي دل سان تر

[59]- مهميز، سزا

[60]- ڏهاڙي، روزانو، هر وقت

[61]- ڏيکاريم

[62]- خدا جي رحمت کان نا امدي نه ٿيو (ق- ش 39، 6)

[63]- محبوبن جي سڪ يا ڇڪ

[64]- عورت، زال (هتي سهڻي)

[65]- هوش

[66]- هار سينگار

[67]- پرينءَ ڪنڌيءَ کان

[68]- خودي

[69]- طرف، پاسي

[70]- آڌار

[71]- درياهه

[72]- پير

[73]- حاصلات، ملندو

[74]- مٽيءَ جو دلو، ڪَچو، ڀُرڻو

[75]- اونهي درياه

[76]- ڪکن جو ٺهيل ترهو

[77]- نهر، ڪسي

[78]- گهڻو

[79]- پاڻي

[80]- جنڊ جهڙو، پڪو رستو، سڪو پٽ

[81]- آگاهي، واقفيت

[82]- ناکٽن جي ڪاڻ ڪانه ٿي ڪڍي

[83]- ساهڙ ڏانهن ويندڙ (مڻي-طرف)

[84]- درياهه

[85]- نسورو، خالص

[86]- تمام ڳوڙهي

[87]- اها ڳالهه سراسر هڪ اسرار آهي ته سائر، سهڻي ۽ ساهڙ هڪ آهن.

[88]- ڪهڙي ليکي

[89]- نه رڳو گناهه کي ترڪ ڪر، ۾ ثواب ۾ به ڪو لطف ڪونهي. محبوب جي طلب انهن کان بي نياز آهي.

[90]- ٺلهي پرهيز گاري

[91]- ٿُڪَ، پِڪ، چپن کي چنو مکين، خاموش رهين.

[92]- پليتي

[93]- مٿي ميرائي

[94]- مِٽي ومٽيءَ جو پتلو يعني انسان

[95]- چلڪيا، جهرڪيا

[96]- رڪاب وٺي نوڪرن وانگر هلين

[97]- نفس

[98]- تيز

[99]- ساڃاهه، سڃاڻپ

[100]- پردو

[101]- ڀڃڻ، نفس مارڻ

[102]- نزديڪي يا وصل

[103]- ٻن حرفن جو ملي هڪ آواز ٿيڻ. (اعراب- لاڪنائون، يعني علامتون، جهڙوڪ زير، زير ۽ پيش)

[104]- جهڙيءَ طرح ادغام ۾ ٻه حرف پنهنجي پنهنجي هستي وِڃائي هڪ ٿين ٿا، تهڙيءَ طرح، واصل ياالله لاءِ، نفس مارڻ يعني انفرادي هستي مٽائڻ ضروري آهي

[105]- وات

[106]- پاڪ پائي

[107]- اجايا

[108]- مٿيان اسرار، مرض بيخوديءَ جي حالت ۾ ظاهر ڪيا اٿم.

[109]- ڌمچر

[110]- گوڙ

[111]- جتائين

[112]- ۾، تي

[113]- اُتائين

[114]- چڱائيءَ

[115]- ڳري، ڀڄي ڀري

[116]- خطرناڪ

[117]- سيسر

[118]- واڳون

[119]- توکان

[120]- تيز وهندڙ

[121]- پوري بندبي، ڪاٺي

[122]- اُتي

[123]- تارو

[124]- دهلجي، ڊڄي، هوشيار

[125]- سيڻا تي ترندڙ

[126]- وڃن، همت ڪن

[127]- خوبصورت زال، سهڻي

[128]- محبت وچان، پرت مان

[129]- اُنهيءَ

[130]- سٽڪو، خطرو

[131]- درياهه

[132]- ڪُنَ وٽ اوڀاري وهندڙ پاڻيءَ ۾ ڦيرايو ڦيرايو بنڊيءَ کي آڻيو ٻيٽ تي هڻي، درياهه هيبتناڪ آهي.

[133]- چوٽ

[134]- جانورن

[135]- ماپ، خبر

[136]- ڌمچر

[137]-  ڌڌڪو، ڌماڌم

[138]- آواز

[139]- سوين، گهڻا

[140]- سيڻاهه وارا

[141]- تنگ، پريشان، عاجز

[142]- توڙان، اصل کان وٺي

[143]- ٻرانگهه، ٽپو.

[144]- آسودا، دولتمند

[145]- جيڪي

[146]- ڪڪرن جي ڪري ڪارا، خطرناڪ

[147]- زمين

[148]- من مان، دل مان

[149]-سهڻي جي مڙس جو نالو

[150]- گهيڙان، گهيڙ کان.

[151]- ڪَئِي

[152]- ڪو سولر گهيڙ نٿي جانچي

[153]- جتان

[154]- تتان

[155]- ڪپر، ڪنڌي

[156]- ننڍڙي نهر

[157]- جتان وڃي

[158]- تتان، انهيءَ هنڌ تان

[159]- نڙ، لنگهه

[160]- وهڪرا، واهه

[161]- خراب تڙ تان

[162]- ڪي

[163]- روشني، نور

[164]- الله وٽان، تحقيق

[165]- انصاف پلئُه پيس

[166]- مڙس، سچ

[167]- خوبصورت زال، سهڻي

[168]- کان وٺي.

[169]- اصل کان، ازل کان

[170]- موهت ڪرائڻ، پسند ڪرائڻ گهرين

[171]- ناز، نخرا

[172]- ڀل، چُڪَ

[173]- عزت

[174]- سڀني کان

[175]- زياده

[176]- الله ۽ محمد ﷺ جي حڪمن پٽاندڙ هلي.

[177]- اصل، بنهه

[178]- نماڻي

[179]- تنهن ڪري

[180]- جيڪي شڪر جي منزل کي پهتل آهن، سي صبر ڪري راز ظاهر نٿا ڪن ۽ اوطاقن ۾ ويهي خلوت ۾ گذارين ٿا.

[181]- لئِه ٿيا

[182]- سواءِ، بنا

[183]- مدد

[184]- نابود يا فنا ٿيا.

[185]- ڏيهاڙي، روزانو

[186]- ڀير، زور، جنبش

[187]- موٽي

[188]- درياهه جي پائڻ ڪري ٿيل اونهي کڏ جتي پاڻي بيهي رهندو آهي.

[189]- سمان، وقت، ملاقات، واعدو

[190]- درياهه

[191]- ڪاهه، وک

[192]- ضعيفڙي، ڇوڪري

[193]- ماڻس

[194]- هن جي پيءُ يا پرين (محبوب)

[195]- مڪمل، تهه

[196]- پاري جهڙو ٿڌو

[197]- سخت هوا، ڌوڙيو

[198]- فڪر، ڊپ، پور

[199]- وهڪرا، خيال

[200]- دل جي لاڙي (محبت) جي تيزيءَ ڪري.

[201]- انصاف

[202]- پوري ڪاٺي

[203]- حال ڀائي ٿين

[204]- شوق

[205]- سائو ميدان، چراگاهه

[206]- محبوب جي چراگاهه جي شوق ڪري سيارو به سانوڻ ٿي سمجهان

[207]- پرين

[208]- زمين نه کاءُ ڪپر نه ڪيراءِ

[209]- انهيءَ نموني، ائين

[210]- گذري

[211]- مٿاهان.

[212]- شال، من، تکو

[213]- ننڍا ٻيٽ

[214]- ننڍي ٻوٽي جو قسم

[215]- ۽

[216]- وڻن جا قسم

[217]- آواز نه ڪر

[218]- دز، مٽي، لالاڻ

[219]- تنهن هوندي نه

[220]- اوڀارو وهندي، تکو وهندي

[221]- تنهنجو خيال ڪريان (درياهه ۾ ترندي پوري ڪاٺي ساهڙ طرفان ايندي ڏسي، سهڻي ٿي ان کي خطاب ڪري)

[222]- درياهه، سمنڊ

[223]- جلائيندڙ، ساڙيندڙ (عشق)، سنڌو درياهه جي وهڪري جو نالو

[224]- سڙيل

[225]- واقف ڪار

[226]- پٿر (جهڙو سخت پيچرو)، ٻرانگهه، وک،گهوڙي جي ڊوڙ جو قِسم.

[227]- مدد

[228]- اَتانگهه

[229]- ٻيڙيءَ جو ڳن هڻي پار پهچاءِ

[230]- اي ڀرجهلا

[231]- ڏکيا

[232]- اوهان کان

[233]- درياهه ۾ ڪري

[234]- انهيءَ هنڌ

[235]- تڪڙي وهندڙ ٻانڊي درياهه ۾ تمام اُبتيون سبتيون گهمراٽيون پئي پائي (جتي وهه تکي آهي)

[236]- خوبصورت زال (سهڻي)

[237]- سنبريل

[238]- ترهي

[239]- ڌڻ وارا، ميهار

[240]- اورينءَ ڀر کان

[241]- پرينءَ ڀر

[242]- آواز (چڙن جو)

[243]- ياد پوي

[244]- يادگيري ڏياريندڙ

[245]- گهارڻو پيم

[246]- پاڻيءَ جي اُٿل

[247]- تک

[248]- وڇن واري (ميهار)

[249]- ڪاهينديس

[250]- طرف، ڏانهن

[251]- سيسر

[252]- کلي ڪڏي، خوش ٿي

[253]- خار کائين.

[254]- عضوا، لڱ

[255]- چري جي لارَ، گهنڊ جي زبان

[256]- آسري، پناهه

[257]- مُني، موڪلي

[258]- وڄن

[259]- ويهڻ

[260]- جاڳائي، منهن تي پوي.

[261]- تائين

[262]- رات

[263]- واسينگ نانگن جو سوساٽ

[264]- مست

[265]- درياهه

[266]- ٻنهي پاسن کان

[267]- چپيٽون، ضربون

[268]- وڏن چڙن

[269]- يادگيري

[270]- چڙن جو آواز

[271]- مانم نا اميد هيس، پر چڙن جي آواز ڪري رڳن ۾ ساهه پيو اٿم، هاڻي آءُ ظاهري وصال کي ڇا ڪندس؟

[272]- هميشه لاءِ ٿيا

[273]- رلي ملي ويا.

[274]- ستا سور

[275]- وٿاڻ، منزل

[276]- پرينءَ ڀر جو رهندڙ (ميهار)

[277]- ذوق، محبت

[278]- هنڌ، ماڳ

[279]- (ديدار ڪرڻ جو) دل ۾ ذوق پيدا ٿيو

[280]- الله جو قسم ته

[281]- خبر پيم تي ڪٿي آهي، خوشبوءِ

[282]- ڏسان

[283]- آواز، سڏ

[284]- چڙن، ياد ڪندڙن

[285]- وڄن

[286]- مينهون هميشه ڌراڙ جي پٺيان وينديون آهن.

[287]- جنهن لاءِ

[288]- واجهه وڌا، ڳولا ڪئي

[289]- اوري

[290]- ڏيٺَ، ملاقات

[291]- نوڙي

[292]- مڙس (ڏم)

[293]- اوهين، اوهان (مينهون)

[294]- ڪوڙو سر

[295]- رهان، ٿيان

[296]- خوش، سرهي

[297]- ڇرڻ جي جاءِ

[298]- گهٽي، چارو، واهه

[299]- ميهار کان

[300]- سرڪي، ڍڪ

[301]- عورت

[302]- سرڪيءَ جي سودا

[303]- عشق جو فرشتو

[304]- تير

[305]- لوهه کان

[306]- جهڻ، ڏڌ

[307]- ڳيت، ڍڪ، گهڻو پيڻ

[308]- شر، گهڻ کائو، پيٽون

[309]- ميهار وٽان محبت جي مهي ڳيتون ڏئي پيتائين ۽ اها مهي ڏوت ٿي لڳس، جو جيترو وڌيڪ پئي اوترو وڌيڪ طلب ٿيس

[310]- خالي، سڃو

[311]- ميهار کي ڪو نقصان نه پهچي

[312]- ماڻهن

[313]- ڪلن

[314]- اکين جي تارن (مينهن جي)

[315]- وريل سگَن واريون مينهون

[316]- هڪ ٻئي جي پٺيان، جيئن هر موسم ۾ ميهار وٽ کير هجن

[317]- ويامن

[318]- چمڪن

[319]- پاڻيءَ جي اُڇل پاڻيءَ جي اُٿل ڪري سر سبز ٿيل ميدان.

[320]- ڪانهه، چارو

[321]- وهڪري، تک

[322]- ڳاٽ مٿي ڪنديون

[323]- 20 کان 24 تائين بيتن ۾، قيامت ۾ حضرت محمد ﷺ جي شفاعت ڏانهن اشارو آهي.

[324]- واعدو، آڌار

[325]- روڪي، جهلي

[326]- پريشان، مستاني

[327]- لهر، درياهه

[328]- وڻاءَ، جوکو

[329]- مهرباني

[330]- تو وٽان

[331]- وس ۾

[332]- جيئن واجب آهي، تحقيق

[333]- ٻنهي جهانن، دنيا ۽ آخرت

[334]- جمع ڪيو، ڏڍ ڏيو.

[335]- آسان، سولو

[336]- هميشه توڙ تائين

[337]- اُنهن

[338]- مددگار

[339]- ائين

[340]- تيار، ڀرسان

[341]- ترهو

[342]- ترڻ وارو ساندارو

[343]- جيتوڻيڪ

[344]- ڀڙڪو کائي ظاهر ٿيا.

[345]- لائق، پسند پيل، دل گهريا

[346]- پرڀات، صبح

[347]- ماڳ، جايون

[348]- عشق جي تک سببان

[349]- لاڙو، عشق

[350]- به

[351]- نرت کان، نظر، ڌيان

[352]- خالص، نج

[353]- رخ، لاڙو

[354]- محبوب جيتوڻيڪ ظاهر ۾ ڏور آهي ته به هن لاءِ اڪير ويجهي (دل ۾) آهي.

[355]- ساهڙ ميهار

[356]- ڏکيو، مشڪل

[357]- وهڻ جي جاءِ، ماڳ، وٿاڻ

[358]- تي مٿان

[359]- شڪسته دل، نااميد

[360]- دانهون ڪريو

[361]- مڪان، جوءِ، جاءِ

[362]- ويجهو

[363]- ڊپ، خوف

[364]- هڏهين، بنهه، اصل

[365]- سهڻيءَ

[366]- اشارو آهي انهي وقت ڏانهن، جڏهين ميهار درياهه تري سهڻيءَ کي اچي ملندو هو.

[367]- ڀلي چاليهه دفعا مهڻا ڏي

[368]- سڱ ۽ ناتي جي ڪري

[369]- جنهن ويل

[370]- ننڊ

[371]- تنهن ويل

[372]- گهٽ وڌ، طعنو

[373]- هونئن ئي

[374]- جيڪر

[375]- مري ته ضرور ها پر ٻڌڻ ڪري شهادت جو درجو مليس.

[376]- سس پس، صلاحون

[377]- سڪن

[378]- ڇو؟ هميشه درياهه جي پاڻيءَ ۾ رهندي به مڇي ککي ڇو ٿي ٿئي؟ (جواب ٻي سٽ ۾ ڏنل آهي.)

[379]- غم

[380]- لکيو، قسمت

[381]- تنهن سبب

[382]- سڀئي لهرون لعلن سان ٽمٽار آهن

[383]- واهڙ

[384]- کٿوريءَ (مشڪ) کان

[385]- بهتر زياده

[386]- هٻڪار، خوشبوءِ

[387]- مون کي ميهار وٽ مهڻي هاب ٿيڻو پوندو

[388]- طعنا مهڻا

[389]- محبت جي ڳنڍ

[390]- دوست (ميهار)

[391]- ڳنڍ کلي (محبت جون مشڪلاتون حل ٿين)

[392]- کان سواءِ

[393] - ميهار سان ملاءِ

[394]- اي ٻڌندڙ! (خدا)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com