سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب: --

صفحو :30

سر بلاول

سر بابت:

هي سر ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ واري نسخي ۾ ڪونهي تنهن ڪري هن نسخي جي پهرئين داستان ۾، ڊاڪٽر ٽرمپ ۽ سرڪاري ڇاپي وارا اوڻيهه بيت ۽ وائي ۽ ٻئي داستان ۾ ڊاڪٽر ٽرمپ وارا پندرنهن بيت ۽ وائي (سرڪاري ڇاپي ۾ هڪ بيت وڌيڪ آهي جو ٻين بيتن ۾ ڏنل مصراعن کي هيٺ مٿي ڪري بنايو ويو آهي، تنهن ڪري هتان خارج ڪيو ويو آهي.) چوٿين داستان ۾ ڊاڪٽر ٽرمپ ۽ سرڪاري ڇاپي وارا تيرنهن بيت ۽ وائي ڏنا ويا آهن. ڊاڪٽر ٽرمپ ۽ سرڪاري ڇاپي جي فقط ٽئين داستان مان پهريون بيت، جو عطا نالي سگهڙ جو لکيل آهي، سو خارج ڪيو ويو آهي.

مضمون:

مضمون جي لحاظ کان هن سر کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. پهرين ٽن داستانن ۾ سمن جي ڄام جکري جي سخاوت ۽ دليريءَ تي داد ڏنو ويو آهي ۽ دل کولي سندس تعريف ۽ توصيف ڪئي وئي آهي. سنڌي ادب جو هي پهريون ئي قصيدي جو قسم آهي. هن کان اڳ نعتون لکيل آهن، مگر ڪنهن به حاڪم جي سخاوت يا شجاعت بنسبت ڪو قصيدو ڪونهي. هنن بيتن کي گڏي کڻي هڪڙو قصيدو چئجي ته به ٺهي اچي. ٻئي حصي يعني چوٿين داستان ۾ وروءَ يا وڳند سان شاهه جيڪي بيتن ۾ چرچا ڪندو هو سي ڏنل آهن.

 

روحاني راز:

شاهه پنهنجي ڪلام ۾ ڪنهن جي به لنڊي خوشامد ڪانه ڪئي آهي. ايراني قصيدي نويس، حاڪمن کي خوش ڪرڻ لاءِ چند شعر لکيو ۽ درٻار ۾ پڙهيو پيا پيٽ قوت ڪندا هئا. هنن جي ڪلام کي چاپلوسي چئجي ته به ٺهي اچي، پر شاهه ائين هرگز نه ڪيو. هن جيڪڏهن ڪنهن جي تعريف لکي آهي ته به سندس فوت ٿي وڃڻ کان پوءِ. انهيءَ ڪري ائين چئي ڪونه سگهبو ته شاهه چند ڏوڪڙن حاصل ڪرڻ لاءِ هٿ پير هنيا. شاهه، جادم جکري جي هر هنڌ هاڪ ٻڌي، تنهن ڪري اهڙيءَ مقبول عام هستيءَ جا اڳيان ڳڻ ڳايا اٿس. هي بيت جوڙي ڪو هن جي ڪچهريءَ يا ڪٽنب جي ڀاتين اڳيان ڪونه ڳايا ويا هئا. هي ته فقير، تمثيل طور پنهنجي ڌڻيءَ جي تعريف سمجهي جهونگاريندا هئا ۽ قلبي تسڪين ۽ روحاني فرحت حاصل ڪندا هئا.

ٻئي حصي ۾ ظريفانه شعر جو سنڌيءَ ۾ پهريون نمونو شاهه پيش ڪيو آهي. شاهه کان اڳ ڪنهن به شاعر کل خوشيءَ ۽ چرچي گهٻي جا بيت ڪونه چيا آهن. هن سر ۾ شاهه ٻن نون شعرن جي طريقن جو موجد ثابت ٿئي ٿو، جنهن مان سندس طبيعت جي فراواني ۽ قلبي ڪشادگي ۽ علمي بلنديءَ جي پروڙ پوي ٿي.

مٿي ذڪر ڪيل حقيقتن جي مد نظر ائين چوڻ ۾ مبالغو نه ٿيندو ته شاهه سنڌي قصيده گو ۽ ظريف شاعرن جو اڳواڻ يا پيشوا آهي. اهو اڳواڻيءَ جو سهرو سندس سر تي سونهي ٿو.

 

سر بلاول

 

داستان پهريون

1

وِسَهُه[1] اِنَهِيءَ ويڻَ[2] کي، جيئن دَعوَتَ ڪَيَئِي داتا،

مَضمَضمہ[3] وارا[4]، وِجُهه تَه ڏييئِي واتَ ۾.[5]

2

ڪَڍِي گهَلِ[6] گَهران[7]، صُلُحُ ڪَرِ سُلطانَ سين،

ته تُون تِنهن دَران[8]، ڏِيهاڙِي ڏاڻُ[9] لَهين.

3

پِيءَ مَ طَهُورا[10]، وانءُ اورانگهي اورِيان[11]،

وِچان[12] جي وِصالَ کي، سي سَڀِ اُجُورا[13]،**

حاصُلُ حُضورا[14]، سَمي[15] جي سَڀِ ٿِئي.

4

سَما تو سِرِ[16] ڇَٽُ، نَه تَه پاڳارا پُرسَ[17] ٻِيا،

ڳَهَڻَ[18] تُنهنجي ڳَڃَڙي[19]، اَچي جالَ[20] جَڳَٽُ،

جَنِ جيهائِي[21] پَٽُ[22]، تَنِ تِيهائِي[23] بِکِيا.[24]

5

ڀيريوُن[25] ڀيري ڀَڃُ، هي جي مَنجهان پورِيُون[26]،

ٻِئي دَرِ ڪَنهِين مَ وَڃُ، رِيءَ هاشِمِيءَ[27] هيڪَڙي.

6

سَمو تَنِ سَڏَ ڪَري، جَن تي وَڏو ويرُ،

اُٿِئي تَه آجِي ٿيان[28]، پائي پاکوڙي[29] پيرُ،

تو رِيءَ ٻِيو ڪيرُ، سَرَڻَينِ[30] جا سوٺا[31] سَهي؟

7

سَرَڻِيَنِ جا سوٺا سَهي، وَسِيلو وِلَهَنِ،

لُڏي ڪِينَ،[32] لَطِيفُ چي، اَڳِيان لالُ لَکَنِ،

جِتِ ڪوڙين ڪِينَ ڪُڇَنِ، اُتِ پاٻوهي[33] پَڌَرو.

8

جو ڇَلِيُون[34] پَسِي نه ڇَڪِيو، تنهن واکاڻِيو وِکَ،

لُڏي ڪِينَ، لَطِيفُ چي، لَکَنِ اَڳِيان لِکَ[35]،

پيرُ نه موڙي پانهنجو، تِکِيءَ پَئِجِي تِکَ،

سَرَڻِينِ ڏئي سُکَ، هَڪَلَ سين هالارَ ڌَڻِي[36].

9

تَڙِ تَڙِ ڪِيمَ تَرسُ[37]، سَرُ[38] نِهارِج سَڀَرو[39]،

ڏِيندُءِ لَکَ، لَطِيفُ چي، راڄَ راهُوءَ[40] جي رَسُ،

وِلَها[41] جنهين وَهِيان[42] ڪيا، پاڳَ تنهِين جي پَسُ،

ڪوڙين لاهي ڪَسُ[43]، جي ڳالهائي ڳاٽُھ کَڻِي[44].

10

آروڙِ جِي[45] اُٿِيو، ديمِنِ وِڌائِين دُکَ،

لاٿائِين، لَطِيفُ چي، عالَمَ تان اَهُکَ،

تَنِ سَرَڻِيَنِ ٿِيا سُکَ، جي اَجهي آيون اَبڙي[46].

11

آروڙِ جِي اُٿِيو، ديمِنِ وِڌائين دانهَن،

پاٻوهِيو پيرَ کَڻي، سَمو سَرَڻِيَنِ ڏانهَن،

مَٿان مَٿي ٻانهِن[47]، اُڀو آڇي سُلطانَ کي.

12

عَلاؤالدينُ[48] آئِيو، تنهن جي هاٿِيءَ هاڪَ هَئِي،[49]

ڀَڳو ڪوٽُ ڪُفارَ جو، پيئِي ڀُڄَ[50] ڀَئِي[51]،

آرَڻِ[52] ٻَڌِي اَبڙي، ٿِي رِڻَ ۾ رُڪَ[53] رَئِي،

تيغين[54] تاءُ تِکو گهڻُو، سَگهي ڪونهَ سَهِي،

رَبّ هُب لِي اُمتِي[55] چَڙِهيو ڄامَ چَئِي،

سَمي سامَ کَئِي، سَرَڻِيَنِ جو سُکَ ٿِيو.

13

عَلاؤالدِينُ آئِيو، کَڻِي ڇَلِ[56] ڇُڳيرُ[57]،

ڪَهِين ڪِينَ هِمَتيو[58]، ڪانَ[59] جهَلِيندو ڪيرُ؟

سُومِرِيَنِ سامَ کنئي، اَبِڙي ڪِيو اُٺَ پيرُ،*

هو مُهايَنِ[60] مِيرُ، پر مَسِتُوراتِنِ[61] مارِيو.

14

سَرَڻِيَنِ جي سُکَ لَئي، سامَ کَنئِي سَردارَ،

جي آيُون اَبَڙي جي آڌارَ، سي سُونگُ[62] نه ڏِيندِيون سُومِرِيُون.

15

ٻِيَنِ مِڙِنِي ڏِنِيُون، پَرَ ڏِئي نَه ڏُونگَرَ راءُ[63]،

اَڻَ ڏِٺِيَنِ[64] آڏو ڦِري، ڏِٺِي[65] ڏِئي ڪِياءُ[66]؟

لوريُون[67] لَکَ مَٿاءُ، اُنَ مَٿيري[68] موٽائِيُون.

16

اَبِڙو آڳاهَنِ[69] ۾، ڀَرَجهَلو بارِي،

سَمي سُوالِيَنِ[70] کي، ويَلهه[71] وِسارِي،

مَنَههَ مُنِي[72] جَکرو، طاماعُنِ تاري،

پُڇي[73] سي پاري[74]، جي عاجِزَ[75] اَجورَنِ[76] ۾.

17

اَبِڙو آڳاهَنِ ۾، سَڀَرُ[77] جيئن ٻيلي[78]،

سي پَٽَ ڪنهن نَه پُرِيا[79]، جي ٿو ڀَرُ[80] ڀيلي،

سَڄَڻُ سانوَڻَ مِينهن جان، رُڃوُن ٿو ريلي[81]،

اَچَنِ جي ويلي،* تَنِ نورَ[82] بَخِشي ڀِٽَ ڌَڻِي.

18

اَبِڙو وَڏَ وَڙو، سُوَڙو[83] سَمو، سُونهَنِ سَڀِنِ،

تنهن دَرِ سَڀِ اَچَنِ، ڪَنڌُ نَه ڪَڍي ڪَڇَ ڌَڻِي.

19

پِڙَ ۾ اُڀو پاڻ، ساٿِيئَڙَنِ[84] سَڏَ ڪَري،

ڀَلي جي لاڏاڻِ[85]، سَڀِ لَنگهيندا لَڪِيُون[86].

 

وائي

مُون ۾ عَيبَ اَپارَ، آئُون طامِعِ آهِيان تنهنجي.

هِڪَ وِڃايَمِ ويسلي[87]، ڄاڻِي سَڀِ ڄَمارَ،

آئون جا طامِعِ آهِيان تنهنجي.

هِنَ منهنجي حالَ جِي، توکي سُڌِ، سَتارَ!

آئون جا طامِعِ آهِيان تنهنجي.

اَمُرَ[88] اوڏِي نه ٿِيان، نِهِي[89] ڪَيِسِ نِڪارَ[90]،

آئون جا طامِعِ آهِيان تنهنجي.

جيڪي وَهي وُجُودَ ۾، سو ڄاڻِين، ڄاڻَڻُهارَ!

آئون جا طامِعِ آهِيان تنهنجي.

جيئن سي گُل گُلابَ جا، کِڙِيا کَٽَڻَهارَ،

آئون جا طامِعِ آهِيان تنهنجي.

مُون کي سِڪَ، سَيدُ چي، آهي مَدِيني موچارَ،

آئون جا طامِعِ آهِيان تنهنجي.

 

داستان ٻيو

1

جَکِرو[91] جوڙي، پاڻَ ڌَڻِيءَ پَيدا ڪِيو،

ڪيهَرَ[92] جِيئن ڪَرُ[93] کَڻي، مُڇُون مَلُهه موڙي،

گهوٽُ چَڙِهيو گهوڙي، پيچِيَنِ[94] لائي پيچِرا.

2

جَکِرا! جِيين شالَ، تنهنجو ڪَنين مَدو مَ سُڻان،

جيئن تو اَچِي ڪالَ[95]، نالائِقَ نَوازِيا.

3

جَکِرو جَسَ کَرو[96]، ٻِيا مِڙَئِي مَلهَه،

سَمي جي سُهاڳَ جِي، ڪَنهِين نه پُوي ڪَلَ،

مِٽِي اُنَ مرسَلَ[97]، اَصُلُ هُئِي ايتَري.

4

جَکِرو جَسَ کَرو، ٻِيا سَڀِ اَنِيرا[98]،

جِئائِين[99] گَهڙِيو[100]، جَکرو، تِئائِين نه ٻِيا،

مِٽِي تنهن ماڳا[101]، اَصُلُ هُئِي ايتَرِي.

5

ڏِٺي جادَمَ جَکِري، چِتِ نَه ٻِيا چَڙَهَنِ،*

تَه ڪي کُوه کَڄَنِ، جُهه سَرُ[102] لَڀي سَڀَرو.

6

هَٿان جادَمَ جَکِري، وَٽِيءَ وِچُ مَ پوءِ،**

پِي پِي سو پُرِ ٿِيو، جو حاتِمِ پاسي هوءِ،

ڪَيفَ[103] ڌاران[104] ڪوءِ، جِئي ڪو مَ جَهانَ ۾.

7

هَٿان جادَمَ جَکِري، وَٽِيءَ پوءِ مَ وِچُ،

اَچو! آيَئو نِچُ! سَمي وائِي واتَ ۾.

8

راهُوءَ[105] جا رَهيامِ، سَنِيها[106] سَرِيرَ[107] ۾،

ٻِيا دَرَ وِسَرِيامِ، ڏٺي جادَمَ جَکِري.

9

راهُو تنهنجي رِيتِ، پَرَکَنڊين[108] پَڌَرِي،

گَهڻا گهوڙَنِ چاڙِهيَئِي، مُسافِرَ مَسِيت[109]،

پُڇين ڪا نَه وِڏِيتِ[110]، جي آيا سي اَگِهيا[111].

10

جَکِري جِهو جُوانُ، ڏِسان ڪونَه ڏيهه ۾،

مُهَڙُ[112] مِڙِنِي[113] مُرسَلين، سَرسُ سَندُسِ شانُ،

فَڪَانَّ قَابَ قَوّسَينِ اَوّ اَدنَيٰ[114] اِيءُ مُيَسرُ ٿِيُسِ مَڪانُ[115]،

اِيءُ آڳي[116] جو اِحسانُ، جنهن هادِيءَ ميڙِيُمِ هِهڙو.

11

سَمو سَوائِي[117]، ٻَهُون[118] ٻِيِنئان[119] اَڳِرو،

دانَهَه[120] جي دَرٻارِ ۾، وَرِتي[121] اِيءَ وائِي،

ڳَهَڻَ[122] ڳالهائِي، مُهَڻَ[123] سَڀِ مَلهائِيا[124].

12

جِيهُسِ[125] ڪونَه جَهانَ ۾، هِندُ، سِنڌُ سُورَتَ[126] هاڻِ،

دَرِ داتا مَڱُ مَڱڻا، ٻئي جِي ڪَڍِ مَ ڪاڻِ[127]،

پاٽُوندَرُ[128] پاڻَ، حالُ پَسِي ڀالُ ڪَري.

13

ڪَري آسَ اَپار، پارِيءَ[129] جَهلِيو نَه رَهي،

ٻيلي ۽ گِرِنارَ، اُٺو گَنگا جَرُ[130] جَکِرو.

14

پيهِي پِنُ پاتارَ ۾، جِتِ ڳِڙَهه[131] گَنگا جَرَ راءُ[132]،

ڇَڏي حِيلا هِنَ هَنڌَ جا، اُنِهِي جَکِري پاسي جاءُ[133]،

اوڏو ٿِي اَللهَ کي، کاڄُ تَنهِين جو کاءُ،

سُکَنِ اِيندُءِ ساءُ، ويلَهه[134] وِيندَءِ وِسَرِي.

15

ڏَمِرِيو تَه ڏي[135]، پَرِچِيو تان پاٽَ[136] ڀَري،

جُنگَ جَکِري کي، ٻَئِي چِڱِيُون چِتَ ۾.

 

وائي

آسَرو آهي، مون کي هوتَ حَبِيبَ جو.

جان جان اوڏا ڪَرَها، پَهُچان تان ڪاهي،

مون کي هوتَ حَبِيبَ جو.

موٽِ، مُنهنجا سُپِرِين! واڳُون وَرائي،

مون کي هوتَ حَبِيبَ جو.

شَفاعَتَ[137] جا شَفِيعَ[138] جِي، تنهن ۾ ڦيرُ[139] هَڏِهِين ناهي،

مون کي هوتَ حَبِيبَ جو.

مِيرُ مُحَمَّدُ ڪارڻِي اَڙِيا ڇُوٽائي[140]،

مون کي هوتَ حَبِيبَ جو.

اِهي ڪَمَ ڪَرِيمَ جا، جيئن لَنگها[141] لَنگهائي.

مون کي هوتَ حَبِيبَ جو.

لُطفُ ساڻُ، لَطِيفُ چي، مُوڙَها مِلائي،

مون کي هوتَ حَبِيبَ جو.


 

داستان ٽيون

1

ليبِي[142] لَعنَتِيءَ[143] کي، جو آڻِيءَ[144] ۾ آهي،

اَنڌو مُون عَلِيلَ[145] سين، سِينو ٿو ساهي،*

عَلِي شاهَه اَچيجِ تُون، تنهن ڪافِرَ تي ڪاهي،

لُڻِي وِجُهه لاهي، مَٿو مَجُوسِيءَ[146] جو.

2

مارِ مَ مُطِيعَلَ[147] کي، مَجُوسِيءَ کي مارِ،

وَڏِي جَنگِ مَ وِسارِ، نَنڍِيان[148] نَفعو ناهِه ڪو.

3

نَنڍِئان نفعو ناهِه ڪوم وَڏِي مَ وِساري،

مَجُوسِي ماري، اَڪبَرَ[149] ڏي اَچِيج تُون.

4

اَضغَرَ[150] ڏي آهِنِ گَهڻا، تُون اَڪبَرَ ڏي آءُ،

متان لوڙو[151] لاهِيين، مَجُوسِيءَ مَٿاءُ،

حَيدَرِ جي هَٿاءُ، وِڙَهَه تَه ويرِي مارِيين.

5

پانڊَپَ[152] سين نه پاڙِيان، سَوين ٻيا سَردارَ،*

آهي  مِثِل مِينهَن جي، سَخِي تنهنجِي سارَ[153]،

حاتِمَ هَزدَه[154] هَزار، جَهڙَ[155] تنهنجي جَهپِيا[156].

6

جَهڙَ تنهنجي جَهپِيا، هَزارين حاتِمَ،

ڪوجَهنِ سَندا ڪَمَ، ڪامِلَ ري ڪيرُ ڪَري؟

7

جي تُون آساتُو[157] آئِين، تَه وَنءُ جَکِري لائي[158]،

مَتان وَڙُ[159] وِڃائِيين، ڪنهن ٻِئي دَرِ لِيلائي،

سَمي سامائي[160]، چِنتا لَٿِي چارِڻين[161].

8

جي تُون آساتُو آئِين، ته چانئُٺِ ٻِي مَ چورِ،

ڪِيرا[162] مَڱتنِ جان، کَڻِي آڻي کوڙِ،

اُنَ دَرِ عِراقِي[163] گَهڻا، ڇانگُون[164] ڪِيو ڇوڙِ،

تنهن سَيّدَ وَڏِي سوڙِ[165]، جنهن ۾ مَٿو هَڻَنِ مَڱڻا.

9

سَمو سَخاوَتَ جِي، ويٺو پُڇي پَرِ،

ڪوٺِيو ڪَنگالَنِ کي، ڏِئي دِلاسا دَرِ[166]،

مَٿي وِلَهَنِ[167] وَرِ[168]، ڏيهاڻِي ڏاتارَ جِي،

10

ڪوهُه نَه جُهارِيين[169] جَکِرو، جنهن ڏيهَه ڍَيا ڏيئِي؟

جي لُڏِيا ٿي لِينگُهنِ[170] ۾، سالُنِ[171] ۾ سيئي،

سَمي سڀيئِي طاماعُو[172] تارِ ڪِيا[173].

11

اَلا! جُنگَ جِيئَنِ، جَنِين اَجهي گهارِيان،

شالَ مَ سُڪي وِيرِي[174]، جِئان پِيءَ[175] پِيئَنِ،

مَرڪَڻُ اَکڙِيَنِ، تو ڏِٺي مُون ٿِئي.

12

اِيندي لَٿِي اُڃَ، پيرَ ڀَرِيندي ٺَرِيا،

مَنجِهه وِيَرِي سُڃَ،* ڪَرَ لَڌِي رِڻَ اُڪارِيين[176].

13

تُون اوڍَرُ[177]، تُون اوڍَڪو[178]، تُون اَجهو، تُون آڳُ[179]،

هِتِ پُڻِ تنهنجو تَڪِيو، مَهَند[180] پُڻِ تُونهِين ماڳُ،

سي لورِيُون[181] ڏِيَنِ نَه لاڳُ[182]، جي اَجهي آيُون اَبِڙي.

14

اکين سوئِي اوڙَکِيو[183]، جو ڪَنين سومِ[184] ڪَرَنُ[185]،

ماءُ منهنجو مَنُ، ڄامَ پَسَنديئِي پَتِيو[186].

15

پَسَنديئِي پُرِ ٿِيا، جَکرو ئِي جاجِڪَ[187]،

تِئان ڏِنِي مَڱڻي، طَهُورا[188]، جِي تِڪَ،

سَمي ڀَڳِيَنِ سِڪَ، واصِلُ ٿِيا وِصالَ کي.

16

جي اُڌَمِيو[189] اَڄُ، ته وَسندو سُونَ سُنگَ[190]،

جالَ ڍَئِيندو جُنگَ[191]، جَڳُ ڍَئِيندو جَکِرو.

 

وائي

 

جِئان ڏِنائِين پيرَ، جِئان ڏِٺائِين.

ڀَڳا ڪوٽَ ڪُفار جا، اَچِي عَليءَ شيرَ،

جِئان ڏنائِين پيرَ، جِئان ڏِنائين.

مَٿي اَڱَڻَ آئِيا سُونهَڻَ لَڳا[192] سيرَ[193]،

جِئان ڏنائِين پيرَ، جِئان ڏِنائين.

جِئان نَبِي نِڱِيو[194] ڀَري مُبارَڪَ پيرَ،

جِئان ڏنائِين پيرَ، جِئان ڏِنائين.

لَٿا دُکَ، سُکَ ٿِيا، ٿِي وَڌائِيءَ[195] ويرَ[196]،

جِئان ڏِنائِين پيرَ، جِئان ڏِٺائِين.

لُطفُ تو رِيءَ لَطِيفُ چي، ڪَندا ٻِيا ڪيرَ؟

جِئان ڏِنائين پيرَ، جِئان ڏِٺائين.

 

داستان چوٿون

1

وِڳَندُ[197] وَري آئِيو، وَسَن ڪِينَ وِڌوسِ،

گَندِي[198]، مانِي، ماڳُ موچارو، پاسي پيرُ ٿِيوسِ.

2

وِڳَندُ وَرِي آئِيو، پينارَنِئُون[199] پوءِ،

مُحڪُمُ[200] لَڳَسِ موچِڙا، ذَرو نَه ڏِنُسِ جوءِ،

ويٺو ايئن چوءِ، تَه پيران[201] پاسي نَه ٿِيان.

3

اَسُورَ[202] سَندي آسَري، ويٺو آهِه وِڳَندُ،

هَڏِ نَه ڇڏِيندو هَنڌُ، آيَسِ بوءِ بَهارَ جِي.

4

اَسُورَ سَندو آسَرو، وَڳَندَ کي وَڏو،

جُسي ۾ جَڏو، پَرَ کِيَڻَ[203] تي کُڙا کَڻي[204].

5

وِڳَندُ وَرِي آئِيو، بَدُو[205] سين بَدبُوءِ،

خاوَندَ![206] ڏي خُشبُوءِ[207]، تَه سُرَهو ٿِيان سُپِرين.

6

وِڳَندُ وَرِي آئِيو، ڪِنو ٿِي ڪوجهو،

ڇَڏي نه موزو[208]، لَڳُسِ آرُ[209] عَطارَ[210] سين.*

7

داتا سَندي دَرَ تي، وِڳَندُ ويٺو پَسُ!

تنهن روڳِيءَ[211] کي رَسُ، جو آلُودو[212] آزارَ سين.

8

دائِمُ آهي دَرَ تي، وِڳَندُ ويچارو،

عَطُرَ سين آرو، لڳسِ تي[213] لِڏِ کَڻي.

9

داتا سَندي دَرَ تي، وِڳَندُ ٿِي ويٺو،

بَصَرَ سين بازارِ ۾، ڪَرَ واڻِيو ڄيٺو،

دَران[214] تنهن پيٺو، جِتِ ڪُفُر ٿئي ڪين ڪي.**

10

وِڳَندُ وَرِيءَ آئِيو، نِسورو ئِي نَرَڳُ[215]،

گندا گُلابِي ڪَري، سَيّدَ جو سَرَڳُ[216]،

عَطُرَ سين اورَڳُ[217]، تَه هُئين[218] سَدا سُرَهو.

11

وِڳَندُ وَرِي آئِيو، بَدُو بي نِمازُ،

جيئن تِتِرَ مَٿي بازُ، تيئن وِڳَندُ سُرهاڻِ تي.

12

وِڳَندُ وَرِي آئِيو، ڪوٽِڙيان[219] ڪُلاٺُ[220]،

سَندو ڪِرِڙَ ڪاٺُ، هَڻُ نَرڳِي کي نِڪَڻي[221].

13

ٻانڊو[222] ٻيلِي[223] نَه ٿِيو، وَرُو[224] اَڄُ وِيو،

سُونهاري سَيّدَ ڏَنهُن[225]، پيٽُر[226] پَنڌ پِيو.

 

وائي

 

ڍَڪَ ڍَڪِيندو، مُون نَه ڇَڏِيندو، شَفِيعُ[227] شافِعُ[228]، سُپِرِين.

اَنڌا اونڌا، اَکُڙِيا[229]، سَڀِ نِباهي نِيندَو،

شَفِيعُ، شافِعُ سُپِرِين.

واتان ويچارَنِ جي، دارو[230] پاڻَ ڌَرِيندو،

شَفِيعُ، شافِعُ سُپِرِين.

ڏوهارِيَنِ کي ڏاکَڙا، لَڪَ سَڀِ لَنگهائِيندو،

شَفِيعُ، شافِعُ سُپِرِين.

نُورُ ناڪارو[231] نَه ڪَري، مُحَمّدُ مِنٿَ مَڃِيندو،

شَفِيعُ، شافِعُ سُپِرِين.

هِتِ[232] هُتِ[233] حامِي هِنِ جو، اَڳِيان آڌَرَ ڏِيندو،

شَفِيعُ، شافِعُ سُپِرِين.

طَهورا[234] تَڙِيَنِ[235] کي، پانڊَپُ[236] پِيارِيندو،

شَفِيعُ، شافِعُ سُپِرِين.

پاڻُ سُڃاڻِي پاڻَهِين، ڪامِلُ ڪَرَمُ ڪَرِيندو،

شَفِيعُ، شافِعُ سُپِرِين.

تنبو آڻي تارِ، ۾، عاصِيَنِ[237] وَٽِ اَڏِيندو،*

شَفِيعُ، شافِعُ سُپِرِين.

داتا دوزِخِيَنِ تان ليکو لَهِرائيندو[238]،

شَفِيعُ، شافِعُ سُپِرِين.

رَسَڻَ ويرَ رَسِي ڪَري، مُشڪ رَنگ مَٽِيندو،

شَفِيعُ، شافِعُ سُپِرِين.

رحمَة لِلّعَالَمِينَ[239] اَهُکِيءَ آڳَهُه[240] ٿِيندو،

شَفِيعُ، شافِعُ سُپِرِين.

اُتي عَبدُاللطِيفُ جو، هادِي هَٿُ جَهلِيندو[241]،

شَفِيعُ، شافِعُ سُپِرِين.


[1] . اعتبار ڪر

[2]  سخن، قول، ڳالهه

[3]  گرڙي

[4]  واتان، وات مان

[5]  گرڙي ڪري تيار ٿي ته توکي ڏي.

[6]. چورن جي ٽولي (نفساني خواهشون)

[7]. گهران، گهر مان

[8]. دران، در کان يا تان

[9]. انعا، نعمتون

[10]. بهشت جو پاڪ شراب

[11]. ويجهيون منزلون، جتي طهورا آهي، يعني بهشت

[12]. وچ ۾، آڏو، رنڊڪ

[13]. عيوضا، انعام

**. بهشت وغيره جيڪي بدلا آهن، تنهنجي چڱائيءَ جا، سي حقيقت ۾ واصل بالله ٿيڻ ۾ رنڊڪون آهن.

[14]. حضور مان، ديدار مان

[15]. سمي بادشاهه

[16]. تي

[17]. ماڻهو، مرد

[18]. پورهيو ڪرڻ، خدمت ڪرڻ

[19]. در

[20]. جام، گهڻي

[21]. جهڙوئي

[22]. ڪشتو،پيالو

[23]. تهڙي ئي.

[24]. خيرات.

[25]. نغارا، واڄا

[26]. (واحد: پوري) خالي، کوکلي

[27]. حضرت محمد ﷺ، جو بني هاشمين مان هو

[28]. نجات يا ڇوٽڪارو پايان

[29]. رڪاب، جتيءَ

[30]. جن تنهنجي سام ورتي آهي، جيڪي تنهنجي امت مان آهن

[31]. انجام، اقرار، وعدا، ذما، بار، جوابداريون

[32]. نه گهٻرائجي، ششدر نٿو ٿئي

[33]. مسرور، کلندي منهن

[34]. لشڪر، ڪٽڪ، گهڻا ماڻهو

[35]. ذرو، ٿورو

[36]. هالار جبل جو مالڪ يا سردار، هالار جبل جو رهاڪو سردار.

[37]. (ق) سڪ، اُڃ مر (2) نهار، واجهاءِ

[38]. تڙ، ڍوري؛ ڪانهن، ڪانو، تير، ڪان

[39]. مضبوط

[40]. راڄ سان رهائيندڙ، داتا، سخي، سردار

[41]. سڃا، فقير

[42]. شاهوڪار، اسودا

[43]. مٺ، مونجهارو، دلگيري، غم، فڪر

[44]. ڪنڌ مٿي کڻي، سنئين منهن

[45]. گرم ٿي، هڪل ڪري

[46]. انهيءَ شخص جي ذات جو نالو جنهن جو هتي ذڪر آهي (رسول ڪريم ﷺ)

[47]. مدد

[48]. دهليءَ وارو سلطان جو سنڌ جو حاڪم هو

[49]. هِنئي

[50]. ڪڇ ڀڄ، علائقي جو نالو

[51]. ڊپ، خوف

[52]. قلعو حملو، گهيرو، محاصرو

[53]. تلوارون، ترارن

[54]. ترارن

[55]. اي منهنجا رب مون کي پنهنجي امت ڏي (حديث)

[56]. لشڪر

[57]. ڇڳي يا ڪلنگيءَ وارو، تاجدار، سردار، بهادر

[58]. (مقابلي لاءِ) همت ٻڌي

[59]. تير

*. قاصد موڪليو (گسي ڪئي، اڻ مڃي)

[60]. مسائين، مارين، ناس ڪن

[61]. زالن، عورتن

[62]. ڏن، محصول

[63]. ڏونگر ڌڻي

[64]. ڌارين زالن

[65]. ڏٺل، پنهنجي زال

[66]. ڪيئن، ڪٿان

[67]. لنگهيون، مڱڻهار

[68]. مٿير، پهلوان، مانجهي مڙس

[69]. اڳيان هلندڙن، سردارن، رهبرن

[70]. سوال ڪندڙن، سام پوندڙن

[71]. ويلو، فاقو، لنگهڻ، بک

[72]. ٿنڀ، سردار، ڀرجهلو

[73]. جن جي پڇا ڪري، جن سان مدد جو وعدو ڪري

[74]. انهن جو پيٽ پاري، انهن جي سنڀال لهي

[75]. ضعيف، ڪمزور، بيمار

[76]. بنا زور، بي پشت و پناهه، ضعيفن، ڪمزورن.

[77]. سڀرو، وڏو (وڻ)

[78]. جهنگ جو

[79]. هليا، طي ڪيا، پنڌ ڪيو

[80]. ماهر، بهادر، ڀَڙُ، ڄاڻو

[81]. جالارواپاڻي وهائي ساوڪ پيدا ڪري

*. جيڪي هڪ وقت جي ماني گهرن.

[82]. گهوڙا

[83]. چڱن وڙن واري

[84]. يارن، ساٿين، همرهَنِ، سام پيلن

[85]. لاڏ ڪوڏ يا پيار سان، لڏ يا سان

[86]. اوکا پيچرا، تڪليفون ڏيندڙ لنگهه يا رستا (مشڪلاتون)

[87]. غفلت يا سستيءَ ۾

[88]. حڪم

[89]. نفيءَ

[90]. نڪمي، بيڪار.

**. جن چڱن ڪمن جو حڪم ٿيل آهي تن کي ويجهي ناهيان، (امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر تي عمل نه ڪيو اٿم)

[91]. ڄام جڪرو جيڪو سخاوت ڪري سنڌ ۾ مشهور هو.

[92]. وڏي شينهن

[93]. ڳاٽ، مٿيون ڌڙ

[94]. سوالين، فقيرن

[95]. ڪالهه

[96]. جس يا شاباس جو لائق، نامور، ناليرو، ناموس وارو، چڱو

[97]. موڪليل، مهندار، سردار.

[98]. راجا، جنهن ڏياڄ جو سر وڍايو هو

[99]. جتان، جنهن هنڌان، جنهن مٽيءَ کان

[100]. ٺاهيو ويو

[101]. ماڳان، ماڳ يا جاءِ تان يا کان.

*. ٻيا ياد ۾ به نه آهن، ٻين جو خيال ئي دل ۾ نٿو اچي.

[102]. پياليءَ، جام

**. شل! جکري (ساقيءَ) هٿان پياليءَ (جام) ملڻ ۾ ويڇو يا ويرم يا دير يا ڪا رنڊڪ نه پوي.

[103]. شراب، مي

[104]. ڌاران، کان سواءِ، بغير

[105]. راڄ سان رهائيندڙ، چڱي طرح هلندڙ (جکري)

[106]. پيغام، ٻول

[107]. بدن

[108]. پر کنڊن _ڏوراهَن ڏيهن) ۾، ملڪان ملڪ

[109]. مسيت يا مسجد جا مسافر، بي واها، مفلس، بي اجهي ۽ آڌار

[110]. سبب يا تفصيل

[111]. قبول پيا

[112]. مهاڙ، اڳواڻ، ليڊر

[113]. سڀني

[114]. حضرت محمد ﷺ جن خدا کي ٻن ڪمانن جيترو ويجهو ويا، بلڪه انهيءَ کان به ويجهو (ق-ش)

[115]. جاءِ، ماڳ، مرتبو

[116]. آغا، آقا، ڌڻي، مالڪ

[117]. سوايو، وڌيڪ، بهتر

[118]. گهڻو

[119]. ٻين کان

[120]. دانا

[121]. استعمال ۾ آئي، چئي وئي

[122]. ڳجهو، دل سان، اشاري ڪندڙ

[123]. موهڻ، وڻڻ، خوش ڪرڻ

[124]. خوش ڪيا، مرڪايا، سرخرو ڪيا

[125]. هن جهڙو، جِهَڙُس

[126]. گجرات جي مشهور شهر جو نالو

[127]. محتاجي، حاجت

[128]. سخي، ونڊينڙ، در پٽيندڙ.

[129]. (1) ڪسي، نهر (2) پاليل، نپايل، ٻانهي، نيڪ پروريءَ

[130]. گنگا نديءَ جو پاڻي، پاڪ ۽ جالارو پاڻي

[131]. قلعو

[132]. راجا، حاڪم

[133]. وڃ

[134]. ويلو، لنگهڻُ، بُکَ

[135]. خالي نه ڇڏي، ڏئي

[136]. مڱڻهار

[137]. سفارش، ڇوٽڪارو

[138]. سفارش ڪندڙ (حضرت محمد ﷺ جن جو قيامت جي ڏينهن امت جي ڇوٽڪاري لاءِ سفارش ڪندو)

[139]. گمان، شڪ.

[140]. ڇوٽڪارو بخشي

[141]. لنگهان، لنگهڻ کان، مشڪل گسن کان

[142]. ناڪيلي، اٺ جي نڪ واري رسي

[143]. جنهن تي ڦٽڪار هجي (شيطان، نفس)

[144]. نڪ جي چوٽيءَ

[145]. بيمار، ضعيف

*. مقابلو ٿو ڪري، منهن ٿو اٽڪائي، جهيڙو ٿو ڪري.

[146]. آتش پرست، باهه جو پوڄاري (نفس اماره)

[147]. مطيع ڪيل، فرمانبردار (نفس مطمئنه)

[148]. ننڍيءَ جنگ مان

[149]. وڏي جنگ (نفس اماره سان).

[150]. ننڍي جنگ (نفس مطمئنه سان)

[151]. جهيڙو، جنگ

[152]. سردار

*. ٻيا سوين سردار، هن سردار جي مٽ نه ڀانيان

[153]. سنڀال، سخا، لفظ

[154]. ارڙهن (18)

[155]. گهوڙي جو هڪڙو پير ٻئي پير تي لڳڻ (جهڙ پڙهبو ته معنيٰ ٿيندي سخا يا لطف)

[156]. مات ڪيا، شڪست ڏني

[157]. آسائتو، آس يا اميد وارو، عرضدار

[158]. لاءِ، ڪارڻ، واسطي

[159]. عزت

[160]. پيدا ٿئي

[161]. چارڻن (مڱڻهارن) جي

[162]. (وهٽن ٻڌڻ جا) ڪِلا

[163]. عراق جا گهوڙآ

[164]. ولر (گهڻا)

[165]. رضائي (ڀنڊار).

[166]. پنهنجي در اندر، گهر ۾ (ڪوٺي لفظ سان لڳي ٿو)

[167]. مسڪينن

[168]. ور (ڀلائي، مهرباني)

[169]. پوڄين، سلام ڪرين، خيرات مڱين.

[170]. ڦاٽل يا ليڙن واري ڪپڙن

[171]. اوني لوَين

[172]. طمعدار (مڱڻهار)

[173]. پُر

[174]. ننڍي کوهي يا کڏ

[175]. صاف پاڻي

*. سڃ منجهه ويري يا کوهي

[176]. رڻ اُڪرندڙن، مسافرن

[177]. ڍڪ، پناهه

[178]. ڇانو، پڙدو

[179]. آڳو، مهندار

[180]. اڳيان، قيامت ۾

[181]. مڱڻهار

[182]. محصول، ڏن.

[183]. سڃاتو، معلوم ڪيو

[184]. سُئوم، ٻڌم

[185]. سمن جي ڄام جو نالو

[186]. پت آيس، اعتبار ڪيو، سڃاتو، سهي ڪيو (اگهايو، قبول ڪيو)

[187]. مڱڻهار

[188]. بهشتي شراب

[189]. اڀاميو، جذبو آيس

[190]. سون جون دٻليون

[191]. بهادر

[192]. حسين ۽ سهڻا معلوم ٿيڻ لڳا

[193]. پيچرا، گس

[194]. نڪتو.

[195]. مبارڪ

[196]. وقت

[197]. شاهه جي هڪ فقير جو نالو، گدلو

[198]. ڪپڙو گندي، ڪپڙو لٽو

[199]. فقيرن يا پينڻن کان

[200]. مضبوط، ڏاڍا

[201]. پيران، پيرن کان

[202]. اسر جي کاڌي، سحريءَ

[203]. کائڻ

[204]. کڙيون کڻي، اڀو ٿي وهي ٻرانگهون ڀري.

[205]. جهنگلي

[206]. خُداوند! اي خدا!

[207]. خوشبو

[208]. چم جو جوراب، جتي، پير، پيروي

[209]. عشق

[210]. عطر وڪڻندڙ سان

*. هار سينگار ڪري آيو آهي، پر آهي ڪنو ۽ ڪوجهو.

[211]. بيمار

[212]. تر يا پسيل يا ڀريل آهي

[213]. تنهن ڪري

[214]. دران، درمان

**. جت ڪفر ڪرڻ کان (نه ڊڄي) سواءِ ٻي ڀيڻي ڪانهي.

[215]. دوزخ

[216]. خوشبوءِ، چڱو، بهشت

[217]. واهپو رک، استعمال ڪر.

[218]. هُجِين.

[219]. ڪوٽڙيءَ کان

[220]. ڪلاٽ، ڪلال، سست، ڪوڙو، دوستيءَ جو دم هڻندڙ

[221]. نڪ ۾، اصل، بنهه

[222]. لنڊو ڪتو

[223]. ساٿي، همراهه

[224]. وگند جو نالو

[225]. ڏانهن

[226]. گهڻ کائو

[227]. مهربان

[228]. شفاعت يا ڇوٽڪاري جي سفارش ڪندڙ

[229]. آٿڙندڙ، ثاٻا، کائيندڙ، منڊا ٽنڊا

[230]. دارون، دوا درمل، علاج.

[231]. ناڪار، انڪار.

[232]. هن دنيا ۾

[233]. هن دنيا ۾، قيامت ۾

[234]. بهشتي شراب

[235]. تڙيلن، بهشت مان هڪالي ڪڍيلن، گنهگارن

[236]. سردار

[237]. گنهگارن

*. قيامت ڏينهن حضرت محمد ﷺ گنهگارن جي وچ ۾ ويهي انهن جي ڇوٽڪاري لاءِ خدا کي سفارش ڪندو.

[238]. حساب ڪتاب صاف ڪرائيندو، گناهه معاف ڪرائيندو

[239]. ساري دنيا لاءِ رحمت (حضرت محمد ﷺ)

[240]. آڌار، ڀرجهلو

[241]. مدد ڪندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com