سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب: --

صفحو :14

داستان ٽيون

1

پُران [1]، مانَ پُڄان، بَندَرَ مون ڏورِ ٿِيا،

نه مون هَڙَ نه هَنج ڪِين، جو آئون چَئِي [2] چَڙهان،

ايهين [3] ڪِجِ، پاتِڻِي! جنهن پَرِ پرين مِڙان،

ڪارُون [4] تي [5] ڪَرِيان، تو دَرِ اُڀِي ناکُئا!

2

هَڙَ ۾ ڪِينَ هُئونِ، هُونهَئِين [6] هُنِ نه چاڙِهيا،

سارو ڏينهن سَمونڊَ [7] تي، لَهِي سِڄُ وِيونِ،

جَڏِهن سائِينءَ سَبَبُ ڪِيونِ، تَڏِهن سُتَڙِ ٿيا [8]، سَيّدُ چي.

3

اَسان اُڌارا، آڻي آونگَ [9] چاڙِهيا،

منهن ڏيئِي مون آئِيا، سَمُهان سِيارا [10]،

اُڀِرَنِ سِيڪارا [11]، پَسِيو وَرَ ٻينِ جا.

4

مون اُڀي تَڙَ وَٽِ، پِرِيَنِ پَڳَهَه ڇوڙِيا،

ڪا مُنهين ۾ [12] گَهٽ، ناتَه سَڄَڻَ سَٻاجها گهڻو.

5

مون اُڀــٖـي تَڙَ هيٺِ، پِرِيَنِ پَڳَهَه ڇوڙِيا،

ڪا مُنهِين ۾ ڏِيٺِ [13]، نا تَه سَڄَڻَ سَٻاجهان گَهڻو.

6

مون اُڀي تَڙَ جَهلَ [14] ، پِرِيَنِ پَڳَهَه ڇوڙِيا،

ڪا مُنهين ۾ اَلَ [15]، نا تَه سَڄَڻَ سَٻاجها گَهڻُون.

7

مون اُڀي تَڙَ پاسِ پَرِيَنِ پَڳَهَه ڇوڙِيا،

هُو اَللهَ هارَ اُهَرِيا، آئون دَمِدَمِ دُعا ڪَندِياسِ،

آهَه [16] نه لاهِيندِياسِ، موٽي اِيندا مان ڳَري.

8

کيڙائُنِ کارو، سَنجهيئِي سارِيو،

آيَلِ! اُمارو [17] آهِن پَرِييــٖـن پارَ جو.

9

کاريٖ کيڙائُو، مَٿي مِٺـٖـي [18] موٽِيا،

سودو ڪَنِ نه سونَ جو، وَڏا وِهائُو [19]،

موتِي جي مِهراڻَ جا، تَنِ جا طاماعُو [20] ،

سامونڊي سائُو [21]، لَنڪا لوپي [22] آئِيا.

لَنڪا لَنڪا ڪَنِ، لَئي لَنڪا جي اُوهَرِئا،

سُڻِي سونُ لَنڪا جو، سُکُ نه سامونڊيَنِ،

پِرِهَه پَڳَهَه ڇوڙيا، کاريٖ کيڙائُنِ،

وَڏي ڀاڳِ ڀِڙَن [23]، جي ڪَهِيا ڪارُونڀارَ ڏي.

11

وَڻِجارَنِ وَرِي، پِرِهَه پَڳَهَه ڇوڙِيا،

اولِيُون پَسِي اُنِ جُون، پِيئَڙَمِ ڳَچَ ڳَرِي،

وِيندِيَسِ، ماءِ! مَرِي، ساري، سامونڊيَنِ کي.

12

وَڻِجَارَنِ واريٖ [24]، پِرِهَه پَڳَهَه ڇوڙيا،

کيڙائُو کاري، سَنڀُوڙا [25]، سَيّدُ چي.

13

وَڻِجاريٖ جِي ماءِ وَڻِجارو نه پَلِييـٖـن؟

آيو ٻارهيـٖـن ماهِ، پُڻِ ٿو سَفَرِ سَنَبهـٖـي.

14

وَڻِجاري ڪانڌاءُ [26]، مون وَڙُ [27] ويٺي [28] گهارِيو،

لَڳي اُتَرَ واءُ، چولِيو هَلَڻَ جُون ڪري.

15

جي تون وَڻِجارو ڪانڌُ، ته مون هَڏِ مَ لائُون لَڌِيون،

پَرَڏيهَه مَٿَي سانگُ، اَٺَئِي پَهَرَ جنهن ڪِيو.

16

پَرَڏيهِه پُورِيائُون [29]، سامونڊِيَنِ سِڙَهه سَنباهِيا،

مان [30] تَنُ مارِيائُون، پاڻان [31] وِجهي گوندرين!

17

ڏِٺِي ڏِيارِي، سامونڊيَنِ سِڙَهه سَنباهِيا،

وِجِهيو وَرُ وَنجَهه کي، رُوئـٖـي وَڻِجارِي،

مارِيندَءِ، مارِي [32]، پِرِهَه سُورَ پِرِيَنِ جا.

وائي- 1

آئِين اَچِي پَسو، جيڏِيُون! وو! هِي جو وَهُ منهنجـٖـي ڄِندَڙيٖ،

پا؟ي وِيئَڙا پيرَ ۾، مَنجهان کِرَسَ [33] کَسو [34] [35]،

وو! هِي جو وَهُ منهنج ڄِندَڙي.

ڏيئِي وِئَڙا ڏاهِه [36] کي، سُورَنِ جو سرسو [37] ،

وو! هِي جو وَهُ منهنج ڄِندَڙي.

آئون ڏورِيندِي اُنِ کي، ڏيئي تَنَ تَسو [38]،

وو! هِي جو وَهُ منهنج ڄِندَڙي.

ساءُ [39] نه آيان [40] سُورَ جو، هاڻي ٿِيُون هَسو [41]،

وو! هِي جو وَهُ منهنج ڄِندَڙي.

مَتان وِهو، [42] ويسَرِيُون! رِڙهو تي [43] رَسو،

وو! هِي جو وَهُ منهنج ڄِندَڙي.

مُندائِتي مِينهَن جيئن، ويروتارِ [44] وَسو [45]،

وو! هِي جو وَهُ منهنج ڄِندَڙي.

وائي- 2

ڏُکَ لاهِندَمِ ڏُونگـــر [46]، وو!

ماءِ! پِرِيَنِ جا مون کي سَڀــٖـيئِي.

جو پَسان سو ڀانئِيان، پِرِيان جو پَهِي [47]،

ماءِ! پِرِيَنِ جا مون کي سَڀــٖـيئِي.

ڏاڍِي ذاتِ جَتَنِ جِي، ويئِي ڏِيلُ ڏهِي [48] ،

ماءِ! پِرِيَنِ جا مون کي سَڀــٖـيئِي.

آئون ڏورِيندِي اُنِ کي، رائِي [49] راتِ رَهِي،

ماءِ! پِرِيَنِ جا مون کي سَڀــٖـيئِي.

ڏِٺا وَڻَ ڪوهِيارَ [50] جا، ويئِي اُڃَ لَهِي،

ماءِ! پِرِيَنِ جا مون کي سَڀــٖـيئِي.

 

سر سُهِڻي

سر بابت

هندستاني موسيقيءَ مطابق، هن سر جو اصلي نالو سر توڏي توڏي هڪ هندستاني راڳڻي آهي، جا ديپڪ راڳ جي پنجن ڀاريائن (زالن) مان هڪڙي آهي، جنهن صورت ۾ اڪثر ڪري، سر سهڻي جي نالي سان مشهور آهي.

هن سر ۾ پڙهڻيون، عموماً ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ واريون قائم رکيون ويون آهن، پر جتي ڊاڪٽر ترمپ واريون پڙهڻيون وڌيڪ موزون ۽ معنيٰ دار سمجهيون ويون آهن، اتي اهي اختيار ڪيون ويون آهن. ڪي بيت اضافو پڻ ٿيل آهن.

 

آکاڻي

هن سر جو مضمون، سهڻيءَ ۽ ميهار جي قصي تي ٻڌل آهي. هيءَ آکاڻي اصل پنجاب جي آهي، جا هيٺ مختصر طور ڏجي ٿي:

شاهه جهان جي دؤر ۾، پنجاب جي گجرات نالي شهر ۾، تُلا نالي هڪڙو هاڪارو ڪنڀر رهندو هو، جو پنهنجي فن ۾ يگانو هوندو هو. کيس هڪ ڌيءُ هئي، جنهن جي حسن جي هاڪ هر هنڌ هوندي هئي.

بخارا شهر ۾ وري هڪ امير رهندو هو، جنهن کي سڪي سڪي هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو عزت بيگ رکيو ويو ۽ کيس لاڏ ڪوڏ سان نپايو ويو. جڏهن هو جوان ٿيو، تڏهن کيس هندستان ڏسڻ جي تمنا دل ۾ جاڳي. پڻس گهڻوئي روڪيس پر هيءُ هٺيلو هوڏ تان نه لٿو. آخر سير سياحت جو گهڻو اسباب ۽ ناڻو کڻي اچي لاهور کان نڪتو. قسمت سانگي، گجرات شهر ۾ به، ڪجهه عرصو اچي ٽڪيو. تلا جي مهارت ۽ هن جي ٿانون جي تعريف ٻڌي، نوڪر کي سوکڙي طور سهڻن ٿانون ڳنهڻ لاءِ روانو ڪيائين. ڪنڀر جي گهر ۾ سهڻيءَ جهڙي حسين نينگري ڏسي، نوڪر جا ماشا ڦري ويا. مالڪ وٽ اچڻ شرط اچي، سهڻي جي سونهن ۽ تعريف ڍڪ ڀريائين. اهو احوال ٻڌي عزت بيگ جي دل ۾ عشق جي باهه اُلا ڏيڻ لڳي ۽ ري ڏٺي، سهڻيءَ تي مفتون ٿي پيو. جنهن تي اڻ ڏٺي عاشق ٿيو هو، تنهن کي ڏسي هيڪاري حيران ٿي ويو- ۽ دل سان گڏ هوش به وڃائي ويٺو.

سهڻيءَ سان لنؤ لڳڻ بعد. وطن ورڻ جو خيال لاهي ٿانون وڪڻڻ جو دڪان کولي ويهي رهيو. تلا کان ٿانون وٺڻ جي بهاني روزانو ديدار نصيب ٿيندو هوس. جي ٿانوَ روز نه کپندا هئس ته مهانگا ورتل ٿانوَ سستي اگهه ۾ وڪڻي نه تلا جي گهر وڃڻ جو بهانو ڪڍندو هو. ائين ڪرڻ سان آخر پاڻ کي ڦرائي ڪنگال ڪري وڌائين. جڏهن نوڪرن ڏٺو ته وطن واپس ورڻ جي ڪانه ٿو ڪري ته رهيل اسباب به تڳائي ڳوٺ راهي ٿي ويا.

هاڻي عزت بيگ، تلا کان اوڌر تي ٿانو وٺڻ لڳو، جيڪي هو روزمرهه جي گراهڪن کي خوشيءَ سان ڏيڻ لڳو؛ پر جڏهن قرض وڌي ويو، تڏهن تنگ طلبي ڪيائينس. انهيءَ تي تلا وٽ نوڪري ڪري، محبوب جي ديدار ڪرڻ ۽ قرض ادا ڪرڻ جي ترڪيب سجهي آيس، تلا اها ڳالهه قبول ڪئي- هو کانئس چيڪي مٽي کڻائيندو هو. ناز سان پليل، مٽي ڍوئڻ مان ڇا ڄاڻي؛ سو ٿوري وقت ۾ ڍرڪي پيو. تلا کي ڪهل اچي ويئي، تنهن ڪري مشقت ۽ محنت کان ڇڏرائي، کيس مينهن چارڻ جو ڪم حوالي ڪيائين. هو ڍڪيءَ جو مينهن سان پهري پرار ويندو هو ۽ نما شام جو موٽي ايندو هو، جنهن ڪري مٿس ميهار نالو پئجي ويو.

پروانو سڙي ۽ شمع سندس غم ۾ نه ڳري، سا به ڳالهه اڻ ٿيڻي آهي. عشق ۽ مشڪ ڪڏهن ڪونه لڪندا. ميهار جي خاموش نگاهُن، سهڻيءَ جي دل تي اثر ڪيو هو- ۽ هوءَ به روزانو ڪنهن نه ڪنهن حيلي بهاني سان، ميهار سان ملي، اندر جي اڪير پوري ڪندي هئي.

خون ۽ کستوري لڪڻ جا ناهن. سهڻي ۽ ميهار جي مخفي ملاقاتن جي ڪُڻڪَ، آخر سهڻيءَ جي ماءُ کي وڃي پيئي، جنهن ڌيءَ کي پنهنجي پر ۾ گهڻوئي جهليو ۽ پليو، پر هوءَ باز نه آئي. آخر لاچار ٿي، مڙس سان ڳالهه ڪيائين. جنهن ميهار کي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو ۽ سهڻيءَ جو زوريءَ نڪاح، سندس سؤٽ ڏم سان ڪرائي ڇڏيو.

شادي ٿيڻ بعد سهڻيءَ الله کي التجا ڪئي، منهنجو ڀرم رک. ڌڻيءَ عرض اگهايس- چون ٿا ته روز رات جو سهڻي کي اهڙي ننڊ اچي ويندي هئي جو سهڻيءَ جو سماءُ نه رهندو هوس. سهڻي رات ڏينهن، پلپل پرينءَ جي پچار ۾ پئي پچندي ۽ پڄرندي هئي. هوڏانهن، ميهار وڇوڙي ۾ بيحال ٿي چناب نديءَ جي ٻيءَ ڀر، سهڻيءَ جي گهر جي سامهون فقيراڻو ويس ڪري، دونهي دکائي ويهي رهيو. اوسي پاسي جا ميهار وٽس اچي ڪچهريون ڪندا هئا. ٿوري وقت ۾ سندس هاڪ پئجي ويئي ته، تمام پهتل شخص آهي. مرد ۽ زالون زيارت ۽ دعا لاءِ وٽس ايندا هئا. سهڻيءَ کي شڪ ٿيو ته ميهار منهنجي لاءِ هي جوڳ پٽيو آهي؛ سو ڪنهن نموني موڪل وٺي وٽس آئي ۽ پاڻ ۾ صلاح بيهاريائون ته ميهار هر روز رات جو،درياه تري اچي سهڻيءَ سان ملندو.

پوءِ ميهار روزانو مڇي ماني کڻ، درياه تري ٻيءَ ڀر ايندو هو ۽ محبوب سان ساري رات رهاڻيون ڪري ڀنڀرڪي جو واپس ويندو هو. هڪ ڏينهن مڇي ڪانه مليس، تنهن ڪري هٿين ٺلهو، يار سان ملڻ مناسب نه سمجهي، پنهنجي ران کي چيري، ان مان گوشت ٽڪر پچائي، يار لاءِ تحفو ڪري کڻي آيو. هڪڙو ته رت ڇڏيو هئائين گهڻو ۽ ٻيو تازي ڦٽ تي پيو پاڻي، تنهن پچائي ڇڏيس.پرينءَ ڀر تري پهتو ته سهي پر ساڻو ٿي ڪري پيو. سهڻيءَ اها قرباني ڏسي، هيڪاري مٿس موهجي پيئي ۽ انهيءَ کان پوءِ پاڻ روزانو پڪي گهڙي تي تري، وڃي وٽس ڪچهري ڪندي هئي. موٽڻ تي گهڙو ڪانهه جي گهاٽن ٻوڙن ۾ لڪائي رکندي هئي.

هڪ رات، سهڻيءَ جي نڻان سجاڳ ٿي پيئي؛ سهڻيءَ کي در کان ٻاهر ويندو ڏسي، هن جي پٺيان پئي. ڇا ڏسي ته سهڻيءَ دلو کڻي، درياه تري، ميهار ڏانهن پئي وڃي. جڏهن هوءَ ساري حقيقت کان آگاهه ٿي، تڏهن صبح جو ڀاءُ سان سربستو احوال اوريائين. پوءِ ٻئي سهڻيءَ کي ورائي ويا: گهڻائي تنڪا طعنا هنيائونس، نڪ چپ وڍيائونس، پر هن جو اهوئي ڳن، اهوئي ڪهاڙو. سهڻيءَ کي ميهار سان ملڻ لاءِ بيقرار ڏسي هو، هن جي مارڻ جا پاڻ ۾ پهه پچائڻ لڳا. سهڻي وجهه وٺي ويندي رهي ۽ هي غصي ۽ غيرت جي باهه
۾ پچندا رهيا. جڏهن ڏٺائون ته سهڻي نٿي مڙي، تڏهن هن کي ماڳهين نهوڙي نيڻ جو پڪو پرن ڪيائون. سهڻي جي نڻان، گهڙي رکڻ جي جاءِ جاچي ڇڏي هئي، سو هڪ ڏينهن پڪو گهڙو ٻوڙي مان ڪڍي ان جي عيوض رنگ ڏنل ڪچو گهڙو اتي رکي آئي.

تهه سياري جي رات آهي، اُڀ ڪڪرن سان ڇانئجي ويو آهي، چوڌاري اوندهه انڌوڪار لڳي پيئي آهي، سخت طوفان پيو گهوگهاٽ ڪري، درياه مستن وانگر موج ۾ اچيو پيو جهولي، ڪنن جو ڪڙڪو پيو پوي، لهرون لوڙا پيون ڏين، کنوڻ جا چمڪاٽ پيا ٿين ۽ مينهن به اوهيڙا ڪيو پيو وسي؛ ڄڻ قدرت پنهنجي وس آهر سهڻيءَ کي سمجهائي رهي آهي- ته اڄ متي مئي مهراڻ ۾ گهڙڻ جو دل تان خيال لاهي ڇڏ. پر سهڻي دهلجڻ جي نه هئي ۽ سمن تي پوري رهي. محبت ۾ محو ٿي، ڪچي گهڙي جي ڪل نه رکي، ڪنن ۾ ڪاهيي پئي. جڏهن وچ سير ۾ پهتي، تڏهن ڀيلو ڀرڻ لڳو: تنهن هوندي به هن همت نه هاري- ڪجهه وقت ٻانهن ۽ پيرن سان پار پوڻ جي ڪوشش ڪندي ويئي؛ پر نيٺ سندس عضوا هڻي هڻي، نستا ٿي پيا ۽ هوءَ غوطا کائڻ لڳي. گهڻيئي دانهون ڪوڪون ڪيائين. جڏهن ميهار جي ڪن پيون، تڏهن هن ڏٻري هئڻ ڪري، پاڻ طاقت نه ساري، ملاحن کي منٿون ڪيون، ته مڏن تي چڙهي، سهڻيءَ کي بچائڻ جو ڪو بلو ڪريو؛ پر هنن هڪ به نهن ٻڌس. لاچار، درياه کي پٽيندو، ملاحن کي پاراتا ڏيندو، پاڻيءَ ۾ گهڙي پيو ۽ تري وڃي سهڻيءَ تائين پهتو. هو ڏاڍو هيڻو، تنهن ڪري سهڻيءَ کي تارڻ جي توفيق نه ساري سگهيو، پر تنهن هوندي به سهڻيءَ کي ڀاڪر ۾ جهلي ترڻ لڳو. آخر ٻئي ساڻا ٿي هڪ ٻئي جي ڀاڪر ۾ درياه ۾ غرق ٿي ويا.

 

روحاني راز

سهڻي ۽ ميهار جو قصو، صرف سکڻي آکاڻي نه آهي، پر منجهس، شاهه جي ڪلام ۾ آيل ٻين مجازي عشق جي آکاڻين وانگر، وڏي تمثيل رکيل آهي.

خدا تعاليٰ روحن کي خلقي، پوءِ هر هڪ روح کي جدا جدا درجا نصيب ڪيا؛ هڪڙن کي عشق عطا ڪيائين، ته ٻين کي حسن بخشيائين، يعني ڪب روحن ۾ عشق جو اُلو زياده رکيائين ۽ ڪن ۾ وري حسن جو حصو زياده. خدا تعاليٰ سهڻيءَ ۾ حقيقي حسن جو جلوو روشن ڪيو( ۽ قيامت تائين سهڻيءَ جهڙين صداقت جي پتلين ۽ روشن ڪندو رهندو) ۽ ميثاق جي ڏينهن کان وٺي ميهار کي عشق مان بهره ور بنايو.

عشق ٻن قسمن جو آهي؛ هڪڙو مجازي ۽ ٻيو حقيقي؛ ساڳي طرح حسن به ٻن قسمن جو آهي: هڪڙو مجازي ۽ ٻيو معنوي. سهڻي جي حسن ۾ ميهار، الاهي جلوي جا انوار ڏٺا هئا ۽ سندس حقيقي عشق، سهڻي جي معنوي حسن تي مفتون ٿيو هو. اها روحاني راهه الله پنهنجي حڪمت سان گهڙي هئي ۽ جيسين ڪائنات جو ڪاروبار هلندو تيسين قائم رهندي. سهڻي ۽ ميهار هن پيچري جي پانڌي هئا. هن کان پوءِ به گهڻئي مجازي عشق جي ڏاڪڻ تي چڙهي وڃي حق سان واصل ٿيندا.

شاهه، سر سريراڳ ۾، دنيا کي درياه سان مشابهت ڏيئي، سالڪ کي جسم جي دنگي ڌوئي، روحاني سفر تي اُسهڻ جي تلقين ڪئي آهي ۽ هتي وري به دنيا کي درياه سان تشبيهه ڏيئي، سالڪ کي درياه جي خوفن خطرن کان نه دهلجي، سٽاڻو سامونڊي سفر طي ڪري، پنهنجي حقيقي محبوب سان وصال ڪرڻ لاءِ هدايت ڪئي آهي.

شاهه هن سر ۾ پڻ عورت کي عاشق بنايو آهي، جا ساهڙ جي لاءِ سر جون چوٽون ڏي ٿي. شاهه جو عورت کي عاشق ۽ مرد کي مطلوب بنايو آهي، تنهن جو احوال سر سامونڊيءَ ۾ ڪيو ويو آهي. مطلب ته، سهڻيءَ مان مراد آهي سالڪ جي، ۽ ميهار مان مراد آهي حقيقي مطلوب جي. سهڻي ۽ ميهار جو انگ لکيل هو، تنهن ڪي ايزدي منشا مطابق، دنيا ۾ به هڪ ٻئي کي اچي ڳولي لڌائون.

سالڪ کي ٻنهي، بيروني ۽ اندروني مشڪلاتن جو مقابلو ڪرڻو آهي. جيئن سهڻي جي حالت ۾ درياهه ۽ ان جون مست موجون، ڪارا ڪن ۽ طوفاني دهشت ۽ ڌم، بيروني رڪاوٽون ۽ ڪشالا هئا، تيئن سالڪ لاءِ، دنيا ۽ ان جا تعلقات، هن لاءِ بيروني رنڊڪون آهن. جيئن سهڻيءَ لاءِ ڏم جا ڏک اندروني ڏولاوا هئا، تيئن سالڪ لاءِ، نفس ۽ نفساني وسوسا، اندروني مصيبتون آهن. مذڪور ٻنهي قسمن جون آفتون سالڪ کي سنئين رستي کان گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳل هونديون آهن. جڏهن انهن رڪاوٽن تي حاوي پئبو، تڏهن دلدار جو درلڀ ديدار نصيب ٿيندو. انهن رنڊڪن کي دفع ڪرڻ لاءِ سالڪ کي وسيلا گهرجن، جيڪي سندس واهر ڪن. جيئن ڏم کي اگهور ننڊ لاءِ، سهڻيءَ ڌڻيءَ در التجائون ڪيون، تيئن سالڪ کي نفس تي مڪمل ضابطي حاصل ڪرڻ لاءِ الله اڳيان ٻاڏائڻ گهرجي. جيئن سهڻي مهراڻ اُڪري پار پوڻ لاءِ ڪنڀار کان وڃي گهڙو هٿ ڪيو، تيئن سالڪ کي ڪوڙي ۽ ڪوڙهئي نفس کي قابو ڪرڻ لاءِ، عقل ۽ ايمان، عبادت ۽ رياضت جو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي. ڪنڀار مان مراد آهي، مرشد جي رهبي حاصل ڪرڻ جي. شاهه سڀني سرن ۾ مرشد هٿ ڪرڻ جي تلقين ڪري ٿو.

مولانا رومي ٿو فرمائي:

رو بجو يارِ خدائي را تو زود،

چون چنان ڪردي خدا يارِ تو بود.

(اي طالب! تون جلد وڃي ڪنهن خدا جي يار (مرد) کي هٿ ڪر. جڏهن ائين ڪندين، تڏهن خدا تنهنجو حامي ۽ همراهه ٿي پوندو.)

طريقت جو تڙ، نهايت اڻانگو ۽ آڏو ترڇو آهي، ۽ ممڪن آهي ته سالڪ جو پير ڪنهن مهل به کسڪي وڃي. هن کي جيڪڏهن مرشد جو فيض ۽ رهبري حاصل هوندي، ته معرفت جي منزل طي ڪي وڃي پار پوندو. جيئن سهڻيءَ لاءِ پڪو گهڙو درياه ترڻ جو عمدو وسيلو هو، تيئن سالڪ لاءِ مرشد جي اڳواڻي هڪ عمدي واهر آهي، جا کيس دڳ لائي ڇڏيندي.

جيئن سهڻي رات جي وقت، محبوب سان رهاڻ ڪري وري ڏينهن جو کانئس جدا ٿيندي هئي ۽ انهيءَ وڇوڙي واري وقت ۾، وري ديدار لاءِ واجهه پيئي وجهندي هئي، تيئن سالڪ لاءِ به بسط ۽ قبض جون ٻه حالتون آهن. جڏهن هو انهن حالتن مان گذرندو، تڏهن محبوب ۾ لِئه ٿيڻ (مڪمل وصال حاصل ڪرڻ) جي، هن جي جيءَ اندر زوردار اُڪنڊ پيدا ٿيندي؛ جنهن ڪري هو سڀ دنيوي توڙي ديني، بيروني توڙي اندروني تعلقات ٽوڙي، وسيلا وڃائي، جسم ۽ جان جلائي، پنهنجي انفرادي هستي وڃائي، موتوا قبل ان تموتوا جو مرتبو حاصل ڪندو.

سهسين سائر ٻوڙيون، منڌ ٻوڙيو مهراڻ.

جڏهن سالڪ، هن حالت کي پهچي ٿو تڏهن هو هر شيءِ ۾ خدا جو جلوو پسي، اناالحق جو نعرو هڻي ٿو ۽ موت هن لاءِ ميلاپ جو مهترين طريقو ٿيو پوي- موت هن کي ابد تائين حق ۾ غرق ڪيو ڇڏي. شاهه وحدت الوجود جو قائل هو، تنهن ڪري هتي همه اوست جو اصول بيان ڪيو اٿس. شاهه جي فلسفي سمجهڻ لاءِ وحدت وجودي ۽ وحدت شهودي جو مختصر بيان هيٺ ڏجي ٿو:

شروعات کان سڀني صوفين جو عقيدو هوندو هو ته زمين ۽ آسمان تي جيڪا جوڙ ۽ جنسار، بيهڪ ۽ بناوت اسين ڏسون ٿا، سا سموري خود حقيقي معشوق پاڻ آهي ۽ عاشق (فطرت) فقط پردو  آهي. هنن جو چوڻ آهي ته جيڪي ڪي آهي سوهو پاڻ ئي آهي، يعني معشوق ئي حقيقي وجود سان موجود آهي. انهيءَ کي همه اوست يا وحدت وجودي جو اصول چوندا آهن. هجري پنجين صديءَ کان پوءِ صوفين جون ٻه جماعتون ٿي پيون: هڪڙا وحدت وجودي جا قائل رهيا ۽ ٻيا وري وحدت شهودي (همه از اوست) جا قائل ٿي پيا.

وحدت وجودي جي مڃيندڙن جو چوڻ آهي، ته وجود مطلق يعني پنهنجي سر قائم رهندڙ هستي، فقط هڪ ئي آهي ۽ ٻين سڀني موجود شين ۾ نظر اچي ٿي. مطلب ته جيڪا موجودات آهي سا سڀ خدا پاڪ جي ذات آهي. وحدت شهودي جي قائلن جو قول آهي، ته وحدت الوجود کي مڃڻ، يعني سڀني هستين کي هڪ ئي هستي سمجهڻ، غلطي آهي. درحقيقت وجود مطلق الڳ هستي آهي ۽ موجودات واريون هستيون الڳ هستيون آهن، جي خدا جي خدا جي شهود (تجليءَ) ۾ ڍڪيل نظر اچن ٿيون؛ تنهن ڪري همه اوست جي بدران مڃڻ گهرجي همه از اَوست، يعني سڀ ڪجهه هن جو بنايل آهي.

شاهه عبداللطيف، وحدت وجوديءَ جو قائل هو؛ سندس چوڻ آهي ته:

وحدتا ڪثرتَ ٿي، وحدت ڪثرت ڪل

حق حقيقي هيڪڙو، ٻولي ٻي م ڀل،

هو هلاچو هل، باللهُ سندو سڄڻين.

درياهه ڏي نظر ڪبي، ته بيشمار لهرو نظر اينديون، اگرچه انهن جا جدا جدا رنگ ۽ روپ آهن، ته به درحقيقت پاڻي ساڳيوئي آهي. اهڙي ريت دنيا ۾ به ڪثرت نظر اچي ٿي، پر حقيقت ۾ اها ڪثرت، وحدت آهي.

مولي غلام محمد ولد خان محمد خان زئيءَ منهاج العاشقين نالي فارسي ڪتاب ۾ (جنهن جو عمدو سنڌي ترجمو شمس العلماءُ ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب ڪيو آهي.) سر سهڻي جا ڪنايا (اشارا) هيٺين ريت سمجهايا آهن: ساهڙ مان مراد آهي، مطلوب.

سهڻي مان مراد آهي، طالب.

ڏم مان مراد آهي، نفس امارو.

درياهه مان مراد آهي، .

درياهه جي هيءَ ڪنڌي، مان مراد آهي، هي جهان ۽ پنهنجي وجود (هئڻ) جو دنيا منجهه اثبات ڪرڻ.

درياهه جي هيءَ ڪنڌي، مان مراد آهي، فنافي الله يعني حاويلي قرار ۽ بقا جي، يعني پاڻ کي فنا ڪرڻ، ذات جي اثباتي، ۽ گم ٿيڻ صفات جو.

سهڻيءَ جو تات کي وڃڻ، مان مراد آهي، جاهليءَ جو جهان.

ڪچو دلو، مان مراد آهي، عير شرعي ڪم ڪري يا خيال ڌاري شريعت ۾ رخنو وجهڻ، جهڙوڪ ڪفر ۽ بدعت جا بڇڙا ڪم، جي ظاهر ۾ پسند پيا ايندا، پر باطن ۾ بدعت ۾ بي ديني آهي؛ جيئن شيخ عطار فرمايو آهي:

زهر دارد در درون دنيا چون مار،

گرچه بيني ظاهرش نقش و نگار.

يعني دنيا، اندر ۾ بلا وانگر زهر ٿي رکي، توڻي جو ٻاهران چٽ اٿس.

ڪنڀار جو دڪان، مان مراد آهي آدميءَ جو اختيار. ڪنڀار جي دڪان ۾ ڪچا ۽ پڪا دلا رکيا آهن، جنهن کي جيڪو کپي، سو کڻي.

پڪي دلي، مان مراد آهي،.

وڌارو

سهڻي- ميهار جي سنڌي قصي مطابق ساهڙ ذات جو نڱامرو هو، ۽ سهڻي لوهاڻـٖـي درياهه جي لهرين مان گهڙندي چڙهندي هئي. انهن ٻنهي اُهڃاڻن مان گمان نڪري ٿو ته هيءُ قصڳ سومرن جي اوائلي دور ۾ يا اڃا به اڳ اُسريو. سسئي جي داستان وانگر، سهڻي جو قصو به وقت گذرڻ سان سنڌ جي سرحدن کان ٻاهر پنجاب تائين مشهور ٿيو. جتي ان کي اتي جي مقامي رنگ روايت موجب ڳايو ويو. پنجاب ۾ ان کي مغل دور ۾ شاهجهان بادشاه (1037-068هه / 628- 57ع) يا ان کان پوءِ محمد شاه بادشاه (3- 116 هه 179- 748ع) جي دور جو قصو ڪري ڄاڻايو ويو آهي.

سنڌ ۾ سهڻي جي داستان بابت اُهڃاڻ، گهڻو آڳاٽو ميين شاه ڪريم (944-1032 / 525- 1623ع) جي ملفوظات ۾ شامل هيٺين بيتن ۾ ملن ٿا:

ڳوري ٻي نه تات، مهار ئي من ۾،

جو پڻ پيئي رات، ته هو سائر هو سهڻي.

جيڪي گهران مَ وڃ، جيڪي موٽ مَ سوهڻي،

هيڪڙائي هٿ ڪري، ٻيون ڀيري ڀڃ.

هنن بيتن مان ظاهر آهي ته سهڻي جو نالو سڀ کان اول سنڌ ۾ 16- صدي ۾ ملي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته اهي بيت ميين شاه ڪريم کان اڳ جي ڪنهن شاعر جا يعني ته 15- صدي عيسوي جا هجن. قصو يقيني طور گهڻو اڳ اُسريو، جو 15 ۽ 6 صدي ۾ صوفي درويش ۽ شاعر ان بابت بيت چوڻ لڳا.

قصي جي ڪن خاص اهڃاڻن، مثلا نڱامرا ذات جي ساهڙ ڄام ۽ لوهاڻي درياهه جي وَهڻ (12 يا 13 صدي عيسوي) مان گمان نڪري ٿو ته غالباً سنڌ ۾ هيءُ قصو 12 يا 13 صدي ۾ اُسريو، ۽ خاص لئي ۾ ڳائجڻ لڳو، جنهن کي قصي جي نالي پويان سهڻي سڏيو ويو. هيءُ سنڌ جو راڳ سهڻي ئي هو، جو پوءِ سنڌ کان ٻاهر هندي ۾ مشهور ٿيو ۽ بالاخر هندستاني موسيقي ۾ هڪ مستقل راڳڻي طور تسليم ٿيو.

پنجاب ۾ سوهني منهيوال جو قصو پهريائين هاشم شاه (ولادت 1166هه) منظوم ڪيو. هڪ سئو سال کان پوءِ فضل حسين تبسم (1258هه) ۽ فاضل شاه (1265هه) ۽ ٻين ان کي فارسي ۽ اردو ۾ لکيو. فاضل شاه ۽ ٻين هن قصي جو واقعو شاهجهان جي دور (027-1028هه) جو ڪري ڄاڻايو آهي ۽ منشي گنيش داس گجراتي، جنهن 1265 هه ۾ هن قصي کي نثر ۾ مختصر طور بيان ڪيو آهي. اهڙي طرح پنجاب ۾ هي قصو شاهه عبداللطيف (وفات 1165 هه)  کان به پوءِ منظوم ٿيو. سنڌ ۾ سهڻي بابت شاهه صاحب کان اڳ ميين شاهه عنايت جا بيت ملن ٿا ۽ ان کان به اڳ ميين شاه ڪريم جي ملفوظات ۾ سهڻي جا بيت موجود آهن.

(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: سنڌي موسيقي جي مختصر تاريخ، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، سنه 1978ع، ص ص 96-98)

سهڻي ميهار جي سنڌي داستان جو تاڃي پيٽو توڻي تَر- بَر، پنجاب واري قصي کان قطعي مختلف آهي. واقعات توڙي صوفيانه ڳوڙهن نڪتن جو به انداز بنهه جدا آهي. داستان جي مزيد تفصيل لاءِ ڏسو لوڪ ادب سلسلي جو ٽيهون ڪتاب سهڻي ميهار مطبوعه سنڌي ادبي بورڊ. (ممتاز مرزا)


[1]- اڳتي هلان يا چران، ڪاهيان

[2]- آڇي، هام هڻي

[3]- ائين

[4]- فرياد، دانهون

[5]- تنهن ڪري

[6]- هونئين ئي، بنا پيسي

[7]- سمنڊ

[8]- ٿانيڪا ٿي، منزل مقصود کي پهتا

[9]- ڪنا، ديڳڙا

[10]- ٿڌ يا تڪليف جو وقت

[11]- شوڪارا، ٿڌا شاهه، سيسراٽ

[12]- مون ۾ ئي.

[13]- ظاهر ظهور عيب

[14]- ڪنارو، ڀر، وٽ

[15]- عيب، اوڻائي

[16]- آس، اميد

[17]- خيال، سنڀت

[18]- مڍي پاڻيءَ، بندر تي جتي مٺو پاڻي ميسر آهي

[19]- واپاري، وڻجارا

[20]- طمع دار، تاڪائو

[21]- بهادر

[22]- ڦري، لٽي.

[23]- ملن

[24]- وري

[25]- سنبريا

[26]- ڪانڌ يا مڙس ڪرڻ کان

[27]- بهتر هو

[28]- شادي ڪرڻ کان سواءِ

[29]- ڪاهيائون، هليا

[30]- منهنجو

[31]- پاڻهي ڄاڻي، ڄاڻي ٻجهي، ويتر

[32]- اي مئي!

[33]- ڪاوڙ، نفرت

[34]- جُتي

[35]- ڪاوڙجي جُتي پائي راهي ٿيا (سسئي جي ڏيرن ڏانهن اشارو آهي).

[36]- ٻانهيءَ

[37]- گهڻائي، زيادتي

[38]- تسيو، سختي

[39]- ذائقو

[40]- اوهان کي نه آيو

[41]- هَنسو، کلو، چئرون ڪريو

[42]- ويهو

[43]- ته

[44]- هميشه

[45]- پيو ڳوڙها ڳاريو

[46]- ڏونگرن ڏورڻ سان ئي منهنجا درد دفع ٿيندا.

[47]- پانڌيئڙو، قاصد

[48]- ساڙي، جلائي

[49]- واريءَ ۾، بيابان ۾

[50]- ڪوهستان، جابلو ملڪ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com