سيڪشن؛ تنقيد

ڪتاب: ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري

باب: --

صفحو :1

ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري

جامي چانڊيو

 

 

ارپنا

 

ويهين صديءَ جي ٻن وڏن ادبي پارکن

مولانا غلام محمد گرامي

۽

رسول بخش پليجي

جي نالي

- جامي چانڊيو

 

 

مهاڳ

ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ادب ۾ تنقيد جي اينٿالاجيءَ جي رٿا ۽ ان جي پس منظر جي باري ۾ ان جي پهرين جلد شيخ اياز ۾ وضاحت سان تفصيل بيان ڪيو هئم. اُن رٿا جو ٻيو جلد، سنڌي ادب ۾ ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي  شاعريءَ جي اڀياس ۽ مجموعي طور شاعريءَ جي پرک جي معيارن ۽ قدرن بابت هو، جيڪو هينئر توهان جي هٿن ۾ آهي. شاعري جيئن ته ادبِ لطيف (خالص ادب- Literature- Pure ) جو ۽ مجموعي طور انساني تهذيب ۽ سماجي شعور جي اظهار جو عظيم ترين ۽ لطيف فن آهي، ان ڪري هاڻي ان جي پرک ۽ اڀياس کي به علم ادب جي دنيا ۾ تنقيد جي حوالي سان هڪ مڪمل علم ۽ فن (Disciplane) جو درجو حاصل آهي. جنهن جو بنياد يونان جي عظيم فيلسوف ارسطوءَ شعريات (Poetics) نالي پنهنجي ڏنل نظريي ذريعي وڌو هو. ادبي تنقيد ۽ ان ۾ به خاص طور تي شاعريءَ جي اڀياس جو علم ۽ فن پوءِ هر زماني ۾ مختلف خِطن ۽ ٻولين ۾ اُسرندو نِسرندو ۽ پختگيءَ جون نيون نيون راهون تلاش ڪندو، بلوغت جا درجا  حاصل ڪندو رهيو آهي. هتي ادبي تنقيد جي اِتهاس جا تفصيل بيان ڪرڻ مناسب نه ٿيندو. جيتوڻيڪ سنڌي ٻوليءَ ۾ ادبي تنقيد، جو شعبو اڃا ڪنهن نظامِ علم جي صورت ۾ گهڻو اڳتي وڌي نه سگهيو آهي، پر تنهن هوندي به اسان جي عالمن ۽ ليکڪن مختلف دورن ۾ ان ڏس ۾ جيڪو ۽ جيترو ڪم ڪيو آهي، اهو جي تمام  گهڻو نه آهي ته ايترو گهٽ به نه آهي، جو اسان علمي احساس ڪمتريءَ  جي ڌَڻ ۾ ڦاٿل رهون. هن جلد ۾ ڪوشش ڪري اهڙن مقالن ۽ مضمونن کي شامل ڪيو ويو آهي، جيڪي سنڌي شاعريءَ جي ڪلاسيڪي دورکان وٺي اڄوڪي جديد دور تائين ان جي مختلف دورن، ڌارائن ۽ شاعرن جي شاعريءَ جي محرڪن، فڪري روين، فني قدرن ۽ تصوراتي دائرن جو احاطو ڪري سگهن. ان ڏس ۾ ڪيترين جاين تي سخت ڏکيائي، ان ڪري به پيش آئي جو اسان وٽ نه رڳو ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعريءَ جي حوالي سان صرف مخصوص موضوعن تي ئي لکيو ويو آهي، پر ان جي وچ واري دور کي بنهه نظر انداز ڪيو ويو آهي. مثال طور سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪافيءَ جي شاعرن جو پنهنجو هڪ الڳ اسڪول (مڪتبه فڪر) رهيو آهي، پر ان موضوع تي اسان وٽ بنهه گهٽ لکيو ويو آهي.

مخدوم طالب الموليٰ صاحب سنڌيءَ ۾ ڪافيءَ جي موضوع تي قلم کنيو پر اهو به ادبي تنقيد ۽ پرک جي دائري ۾ نٿو اچي. ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي  شاعريءَ جي حوالي سان به اسان وٽ شاهه، سچل، سامي، شيخ  ۽ اياز ۽ نارائڻ شيام جي حوالي سان ته لکيو ويو آهي، پر ڀاڳو ڀان، روحل، مصري شاهه، پوئين دور ۾ خليفي نبي بخش، ڪشنچند بيوس، سانگي، مولوي احمد ملاح، استاد بخاريءَ کي گهربل ليکي م نه آندو ويو ۽ ائين اسان جي شعري تاريخ جي ڪيترن وڏن شاعرن تي گهربل سنجيدگيءَ سان قلم نه کنيو ويو آهي، نتيجي ۾ شعري ادب جي حوالي سان شاندار ماضي توڙي حال رکڻ باوجود اسان جي ادب جي شاگردن کي سنڌي ادب ۾ شاعريءَ جي مڪمل ۽ درست تاريخ، ان جي مختلف  دورن، ڌارائن، محرڪن، تصوراتي دائرن ۽ قدرن جي پوري ڄاڻ نه آهي. دراصل هن جلد ترتيب ڏيڻ جو مقصد به اهو ئي آهي ته ان ڏس ۾ جيڪو، جيترو ۽ جهڙي به قسم جو ٿيو آهي، اهو ان خيال سان هڪ هنڌ گڏ ڪجي ته جيئن آئيندي جو سنڌي ادب جو سنجيده شاگرد، مورخ ۽ نقاد هن مواد کي ابتدائي ماخذ سمجهي حقيقي معنيٰ ۾ ان حوالي سان تحقيق ۽ تنقيد جي حوالي سان ڪا اهڙي وک کڻي سگهي، جيڪا نه رڳو اسان جي فني ۽ فڪري تنقيدي،  شعور کي پر سنڌي ادب جي شعري تاريخ جي موضوع کي پنهنجي پوري علمي سنجيدگيءَ سان اڳتي وڌائي سگهي.

سڌريل، ذميوار ۽ منظم معاشرن ۾ اهي ڪم يونيورسٽيون ۽ تحقيقي ادارا ڪندا آهن، پر اسان وٽ جيئن ته علمي ميدان ۾ هر چڱو ڪم ادارن کان ٻاهر انفرادي سطح تي ٿئي ٿو، تيئن هيءَ ڪم  به هڪ علمي خواهه ۽ خواب جي بنياد تي ڪيو ويو آهي ۽ ڇاڪاڻ ته ان پٺيان ڪي به منظم وسيلا موجود نه هئا، ان ڪري ممڪن آهي ان ۾ ڪيتريون ڪمزوريون رهجي ويون هجن. وري به وڏا  وڙ نور احمد ميمڻ صاحب جا جنهن هن هيڏي وڏي رٿا کي شايع ڪرڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو. ٽن جلدن تي مشتمل هيءُ سمورو ڪتاب ٽن سالن کان تيار پيو هو پر سنڌيڪا جي محدود وسيلن ۽ حقيقت ۾ منهنجي پنهنجي ڪاهليءَ سبب هيءُ ڪتاب اشاعت جي انتظار ۾ رهيو. هن سموري ڪتاب جي اشاعت جتي سنڌيڪا ۽ نور احمد ميمڻ جي پروريءَ جو ثبوت آهي، اُتي منهنجي هڪ ننڍڙي سپني جي ساڀيان پڻ آهي. مون کي يقين آهي ته هيءُ ڪتاب ادب توڙي شاعري ۽ ان ۾ به سنڌي شاعريءَ جي سنجيده شاگردن لاءِ ضرور لاڀائتو ثابت ٿيندو. هن ڪتاب جي مواد ۽ ڇپائيءَ جي سمورين خوبين جو ڪريڊٽ ان جي ليکڪن ۽ پبلشر ڏانهن وڃي ٿو ۽ ان جي ڪمزورين، ڪچاين لاءِ فقط ۽ فقط مان ذميوار آهيان. اميد ته محبت جو هيءُ علمي پورهيو ۽ ڪمائي قبول پوندي.

آخر ۾ پنهنجن انهن وڇڙي ويل ٻن محبوب دوستن جو ذڪر ضروري ٿو سمجهان جن هن سموري رٿا جي ترتيب ۽ تياريءَ ۾ هر لمحي منهنجي رهنمائي ۽ مدد ڪئي. منهنجا اُهي ٻئي محبوب دوست سنڌي ادب جا گمنام عالم امير علي چانڊيو ۽ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو هئا. ڪاش! هو هن رٿا کي ڪتابي صورت ۾ ڏسي سگهن ها! اسان جي هن اجتماعي خواب جي تعبير جي خوشي مان سندن يادن سان Share  ڪريان ٿو.

حيدرآباد

جامي چانڊيو

E. mail: jami8195@yahoo.com


 

 

 

 

 

هيرائي هَٿِ ڪِيو، هينئڙو حَبِيبَن،
ٻَڌي ڪَچيءَ تَندُ ۾، سَلهاڙِيو سيڻن،
وِجِهي پيچَ پِريَنِ، هينئڙو هَٿيِڪو ڪيو.

 

(شاهه عبداللطيف ڀٽائي)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com