سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري

باب: --

صفحو :26

هاڻي جڏهن ايترو ڪم ٿي ويو، تڏهن اهو سوال ضرور پيدا ٿيندو ته پوءِ انعامن ۽ سندن تمغن جي ڳالهه ڪرڻ واري کي ته ضرور توبهه ڪرڻ گهرجي. جو هن ڪفر ڪيو ۽ ڪوڙ ڳالهايو اصل ۾ اهو ته عالمن جو قدر ۽ شان ئي آهي.

قلم جي انصاف خاطر اسان اهو به قبول ڪيو، پر افسوس جو اسان کي قبول ڪرڻ سان ڪو به فرق نه پيو، ادب اصل ۾ اسان جو ذاتي نه، پر انساني سوال آهي. اهو لاڙ، وچولي، ڪوهستان، سري ۽ پڪي توڙي ڪچي جو يا ٿر جو سوال به نه آهي. اهو ته اسان جي انهيءَ وڏيءَ ويڪريءَ ۽ اٿاهه دنيا جو سوال آهي، جنهن تي انسان آباد آهي.

سو اسان ٿي ڳالهه ڪئي ادب عالم جي، توهان ئي ڳالهايو، پنهنجي ڳوٺ واري ادب تي. اسان ٿي ڳالهايو. اٽي تي ۽ اسان نه ڳالهه ڪئي گهوٻاٽيجي!

اسان ڏاڍو ٻاڏايو، پڪاريو، اسان سَندون ڏيکاريون، اسان تمغا ڏيکاريا، اسان سرٽيفڪيٽ پيش ڪيا، اسان مهورتن ۽ شامن جا فوٽو ڏيکاريا، پر افسوس جو اسان کي ادب عالمجي پليٽ فارم تي رڳو سڏيو به نه ويو!

ڇا انهيءَ جو سبب اهو آهي ته اسان وٽ مطالعي يا تخليقي قوت جي کوٽ آهي. نه سبب اهو نه آهي ته اسان وٽ مطالعي يا تخليقي قوت جي کوٽ آهي. نه سبب اهو نه آهي، سبب اهو آهي ته اسان وٽ اها ادبي سچائي، ايمانداري ۽ محبت نه ٿي لڀي، جنهن کان سواءِ ادب عالم پنهنجو ايڏو مقام نه ماڻي سگهي ها. اسان ڪن محدود مفادن جي لحاظ کان لکون ٿا ته اديب به محدود حد تائين آهيون. اسان جي انهيءَ رويي جا به ڪي سماجي سبب آهن. انهن کان سواءِ اسان جا مفاد محدود نه هجن ها.

شاهه جي شاعريءَ جي مطالعي جي سوال تي به اسان ڊگهي نظر، وڏي ويچار ۽ آئيندي جي اوني جي لحاظ کان نه لکيو. اسان ان حالت ۾ محدود مفادن جي اندر رهي لکيو، ان ڪري اسان اهو ڪارنامو ڏيکاري نه سگهيا هئاسون، جنهن  جي اميد اسان مان ڪو به ماڻهو رکي ٿي سگهيو.

 ان ڪري تمام گهڻو ڪم رهجي ويو ۽ وقت هو سو گذري ويو. وقت انهيءَ طرح گذري ويو جو سنڌي زبان سان ڪم هلائڻ وارو سماج تمام جلد بدلجي ويو. اهو سماج وڌيڪ  تيزيءَ سان بدلجي به رهيو آهي.

قبيلي جي سرداريءَ، قومي سرداريءَ، اميريءَ،خانيءَ، ڄام حاڪميت، گورنريءَ، بادشاهت جا دؤر، ڏسندي ڏسندي  گهڻو بدلجي ويا. توڙي جو ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ اُهي اڄ به موجود آهن.

اڃا وڏي تبديل جيڪا آئي، سا اها ته انساني سماجن:

* پورهئي

* اپت

* کپت يا گهرج

* خوش حاليءَ ۽ بدحاليءَ

جا تصورا انهيءَ طرح اڀري آيا، جو هڪ عام ماڻهو به انهن کي محسوس ڪرڻ کانسواءِ رهي نه سگهيو.

هن طرح حڪومت جي طور ۽ طريقن ۾ ارڙهين صديءَ کان هڪ زبردست تبديلي ظاهر ٿي، جنهن جو نتيجو اچي عام ماڻهوءَ جي راءِ جي اظهار تي ٻڌل حڪومت يعني جمهوريت تي نتڪو.

جمهوريت ٽن نڪتن تي ٻڌل هڪ نظام آهي، يعني:

* برابري

* برادري ۽

* انصاف

هنن نڪتن وري حقوق انسانيءَ جي تصور  کي جنم ڏنو ۽ هن طرح بنيادي حقن جو تصور به اڀري آيو.

اهڙيءَ طرح هن سڄي دؤر ۾ سائنس جي ترقي ٿي، جو ايجادون ٿينديون رهيون، جن جي نتيجن کي معاشي حالتن سان ملائي، انهن کي عام ماڻهوءَ تائين پهچايو ويو، جنهن ڪم ۾ مارڪيٽ به تمام وڏو حصو ورتو. هن طرح سائنس ۽ جديد اقتصادي ياست، انساني سماجن تي وڏو اثر ڇڏيو.

دنيا جي ڪن ملڪن ۾ تعليم وڏي ترقي ڪئي ۽ تمام گهڻا ماڻهو انهن ڪمن سان لڳي ويا، جن ۾ تعليم جي ضرورت هئي. انسان ڪش تحريڪون يعني جنگي ادارن تي ٻڌل طاقتون، جنگ وسيلا پيدا ڪنديون رهيون. هن طرح دنيا جي مڪمل تباهيءَ  جو تصور به عام طور تي اڀري اڳيان آيو.

انهن سڀني ڳالهين گڏجي عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ تي نوان اثر وڌا ۽ هن طرح عام ماڻهوءَ جي اڳيان اديبن ڪن اهڙن افسانن ۽ داستانن کي پيدا ڪيو، جن ۾ شيءِ ڏيکاريل محرڪن جو اثر ظاهر هو. هن طرح جو ادب تلاشجي انهيءَ جذبي کي وڌيڪ پسند ٿو ڪري، جنهن ۾ اها اميد رکي سگهجي ته انسان ذات جو مستقبل ان جي حال کان گهڻو بهتر هوندو.

جيڪو ادب اهڙي اميد پيدا نٿو ڪري سگهي. اهو انسان جي بنيادي ضرورت ۽ انسان جي  عقل جي ڪنهن به تقاضا کي پورو نه ٿو ڪري، ان ڪري پنهنجي مضمون افساني لاءِ..... ۾ اسان لکيو ته ضرورت انهيءَ ادب جي آهي، جيڪي بهتر مستقبل جي باري ۾ شعوري ڪوشش سان پيدا ڪيو وڃي.

انهيءَ سڄيءَ صورتحال کي اڳيان رکي ڏسو ته معلوم ٿيندو ته دنيا ۾ پيدا ڪيل تمام گهڻي ادب کي پنهنجو رويو ضرور تبديل ڪرڻو پوندو. اها ڳالهه سنڌيءَ ۾ لکيل يا پيدا ڪيل ادب سان به لاڳو ٿيندي ۽ ان جو وڏو اثر سيدنا ڀٽائيءَ جي ڪلام تي به ويندو.

ايڪيهينءَ صديءَ ۾ شاهه جي شاعريءَ کي پڙهڻ وارو، اسان کان ڪي اهم سوال ڪندو، مثال طور:

* پنهون ڪهڙو ڪم ڪندو هو.

* ڄام تماچيءَ شاديءَ کان پوءِ ڪهڙو ڪاروبار اختيار ڪيو.

*  نوريءَ پنهنجي ٻارن  جي تعليم مڪمل ڪئي يا نه.

* سسئيءَ جو گهر ڪهڙي پاڙي ۾ هو.

* سهڻيءَ جي ڪردار جي تعريف ته ڪئي وئي، پر اهڙي ڪردار جي ڪنهن به عورت کي زال ڪري پاڻ وٽ رکڻ، سنڌ وارن پسند نه ڪيو ته ان جا سبب ڪهڙا هئا.

ڪيو ته ان جا سبب ڪهڙا هئا.

 ان وقت اسان جو جواب اِهو هوندو ته انهن سوالن جو تعلق شاعريءَ سان ڪو نه آهي ۽ پڇڻ وارو هڪدم چوندو ته پوءِ منهنجو تعلق به انهيءَ  شاعريءَ سان ڪو نه آهي.

ٻيو هڪڙو پڙهيل ماڻهو پڇندو ته توهان جي مفڪر، رياست ۽ حڪومت جي باري ۾ جيڪي به نظريا ڏنا، انهن کي توهان پنهنجي رياست قائم ڪرڻ لاءِ ڇا ڪيو.

انهيءَ سوال جو جواب اسان وٽ اهو هوندو ته اسان ڏاڍا مضمون لکيا، اسان شاهه جا ڪيئي رسالا ڇپائي پڌرا ڪيا، اسان شاهه جون ورسيون ملهايون ۽ اسان شاهه سائينءَ جي قبر جي مٿان گلاب جا گل به رکندا رهياسون.

اهڙيءَ طرح اسان وٽ ٻڌائڻ لاءِ ميلي ۽ عرس  شريف جو ذڪر به هوندو ۽ هن حالت ۾ سرڪاسر جون ادب جي فروغ جي باري ۾ ڪوششون به بيان ڪنداسون، پر خطرو اهو آهي ته ادب جو مقدمو صرف ادب جي عدالت ۾ ئي پيش ڪري سگهبو ۽ گواهي يا دليل سڀ ادب جي زبان ۾ پيش ڪرڻا پوندا ۽ اسان وٽ انهيءَ زبان جي کوٽ تمام وڏي هوندي.

انهن حالتن ۾ نتيجو صرف هڪڙو ٿو نڪري، يعني:

* يا ته شاهه سائينءَ جي شاعري لاءِ نئون رويو اختيار ڪريون.

* يا شاهه سائينءَ جي عظمت کي نقصان رسائڻ جو جوکم کڻون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com