سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري

باب: --

صفحو :44

 

ڄڻ جوانيءَ کي پنهنجي ٽهڪ ۾ انت جو ڏهڪاءُ نظر اچي ٿو، جو اَوس اچڻو آهي. هو ٻي آزاد نظم پيڙا ۾ قبرستان جي گلن واري تشبيهه ۾ ايتري وسعت پيدا ٿو ڪري، جو ان جي لپيٽ ۾ زندگيءَ جي خوشيءَ جا سارا لمحا اچي وڃن ٿا، جن جي خوشبو پنهنجيءَ ناپايداريءَ کان بي نياز آهي. تشبيهه نادر آهي ۽  ڪنهن به ٻوليءَ ۾ پنهنجي پوري حسن سان کُپي سگهي ٿي. ٻَئِي آزاد نظم عروض جي گهيراوَ ۾ آهن.

امتياز ابڙو آزاد نظم جو شاعر آهي، هن جا عڪس انوکا آهن، جي اُن آرسيءَ ۾ پئجي رهيا آهن، جا زندگيءَ جي توڙ تي ڪوئي جهلي بيٺو آهي ۽ آئي وئي مسافر کي ڏيکاري رهيو آهي. ساٿ جي موسم ۾ لکي ٿو:

ڪوجهيون سِرڻيون

جِن جون دليون

ٽجوڙين ۾ بند هونديون آهن،

لغڙ ڏسنديون آهن ته،

اُلر جو سوچينديون آهن.

اسين پنهنجن محبتَن جا

ڪاٽا ٿيل لغڙ

اڃان نه ڳولي سگهيون آهيون!

شايد هُن کي خبر نه آهي ته هٿ جو مانجهو مليندو آهي، اُن کي ڪاٽا ٿيل لغڙ ڏسي، ڪيڏي نه حسرت ٿيندي آهي! هن کي شايد اهابه خبر نه آهي ته ڪي لغڙ توڙ تائين ڪاٽا نه ٿيندا آهن ۽ جڏهن شام جو انڌيرو ٿيڻ لڳندو آهي ته انهن جي ڏور کي ڇڪي، انهن کي ٻيءَ اڏار لاءِ ويڙهي رکبو آهي. هن جا نظم مون کي تنهنجي گهرج آهي ۽ ٻيا نثري نظم اهو احساس ڏيارين ٿا ته چڱو ٿيو  جو ارهه برهه ڪنڪره ‎ ۽ ساموئي جي ستن بيتن لکندڙن مدارين مان جان ڇٽي! نثري نظم ئي ئي سهين، اُنهن ۾ تازگي ته آهي. هن جي اظهار جا طريقا ڏسو:

 

مون کي تنهنجي سرمي جيتري

جاءِ کپندي هئي.

(آئون تو کي چاهيان ٿو)

مون کي ياد آهي تو منهنجا لُڙڪ اُگهيا هئا

جيئن ڳوٺاڻيون ڦٽيون چونڊيون آهن.

(آئون تو کي چاهيان ٿو)

مون تو کي ڇهيو هو

۽ هڪ چشمي ۾ تبديل ٿي ويو هوس.

(آئون تو کي چاهيان ٿو)

مون کي رستو ڏيندڙ ڏاڪڻيون

سانجهيءَ ڏانهن ويون.

(آئون تو کي چاهيان ٿو)

 

اچ ته ڪجهه مُرڪي وٺون، اهڙو نظم آهي، جو بين الاقواميت جو حاصل آهي ۽ جنهن جو ڪنهن به ٻوليءَ ۾ ڪامياب ترجمو ٿي سگهي ٿو. هن جا ٻيا نظم منهنجي جسم جو وطن، ٻوساٽيل نَقشو ڏيکارن ٿا ته هو هڪ نهايت حساس شاعر آهي ۽ هن جي نثري شاعري روح ۾ اُهي ولوڙا وجهي ٿي، جا منظوم شاعري به ورلي وجهندي آهي.

امر سنڌو جي سياسي شاعري ۾ بين الاقوامي سياست تي نگاهه گهري نه آهي ۽ قومي سياست کي به سطحي نظر سان ڏٺو ويو آهي. هوءَ اڃان شاگردياڻي آهي، پر پوءِ به هن جا ڪي محاورا هن جي ذهني بلوغت جي نشاندهي ڪن ٿا.

لڙڪن جي سنگهرن ۾ سوگها ٿيل

درد جي سفر جا راهي آهيون.

(انقلاب جا سڀ نعرا بلٽ پروف آهن)

جنهن گوليءَ تو کان نعرو کسيو هو

سا

اَمن جي اک ۾ ڦُلو آهي.

هن جي ڪم عمريءَ جي باوجود سمهي نه سگهڻ جو دُک، پاڳلُ خوابن جون تعبيرون ۾ هن جي سوچ ٻارڻ وانگر ٻري رهي آهي ۽ اهي توجهه طلب لفظ آهن. هوءَ منظوم شاعريءَ لاءِ به ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ مون کي يقين آهي ته هن پنهنجي ڪوشش ۽ مطالعو جاري رکيو ته ڪنهن وقت هوءَ تمام چڱي شاعره ٿيندي، في الحال هن نثري نظم لکيا آهن، جن ۾ قافيه پيمائي کٽڪي ٿي. پوءِ به هن جي شاعريءَ مان ذهانت جون ريکون بکن ٿيون.

مثال طور:

ADream of a Mad girl

ڇا!

تون پنهنجي نظريي جو ڪمبل

مون کي اڌارو ڏيندين؟

مان

پنهنجن سپنن کي

سيءَ کان بچائڻ ٿي چاهيان

هوءَ جنهن کان ڊگهي ڪِس (Kiss)

وٺڻ چاهي هئي مون

رات!

ان جي سپنن سيءَ کان بچڻ لاءِ

خودڪشي ڪري ڇڏي.

ڇا انهيءَ نظم ۾ انگريزي لفظ ضروري هئا؟

جان خاصخيليءَ جو نهايت خوبصورت نثري نظم بيجنگ (چين) ۾ ٿيل فائرنگ تي ڏيکاري ٿو ته شاعر جو بين الاقوامي سياست جو مطالعو ڪافي گهرو آهي ۽ هو نعري باز شاعرن مان نه آهي. مان هن جو سارو نظم هتي ڏيان ٿو:

 

ٻنپهرن جي لُڪ لڳي آهي

۽ تنهنجي سڪ لڳي آهي.

تُنهنجي گلابي چپڙن جهڙا گهاوَ

اڄڃ بيجنگ جي گهٽين ۾

ٽڙي پيا آهن

تون پنهنجي ديش جي

هن گرم رت ۾،

ڳوٺ جي ڇانورن ۾

گيت جي ڌن تي

احساس اُڻندي

ڪيڏي وڻِندي آهين،

ها مگر

اڄ تنهنجي ويسَ جهڙيون

ڳاڙهيون گهٽيون

فاشين جي اکين ۾

سرٽ پئجي آهن ويون،

ڪنوار جي تن جيان

اُجريون اُميدون

هيل رولي ۾ نه پونديون

مينديءَ جو هٻڪارون ٿينديون

هيل سڄي جڳ ۾

موڙ  ٻڌڻ جي مند بيچين آ.

 

مٿين نظم ۾ شاعر جي من جو دک ۽ سنسار جو دک ملي هڪ ٿي ويو آهي. هن جو آزاد نظم خوابن جو سفر به هڪ اونهيءَ سوچ مان اڀريو آهي، ڇا سياسي سُوجهه بوجهه جي نشاني ڏي ٿي. ساڳي طرح هن جو ٻيو آزاد نظم گوئٽي ڏانهن بين الاقوامي شعور جي گهري عڪاسي ڪري ٿو. اهي نظم سٺي انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿين ته هن کي ڪافي شهرت ڏياري سگهن ٿا.

مون ته پيش لفظ ۾ سنڌي شاعريءَ جي اڪثر صنفن جو ذڪر ڪيو آهي، جيئن پيش لفظ جامع ٿئي ۽ پوريءَ سنڌي شاعريءَ سان آشنائي پيدا ٿئي، پر هن  مجموعي ۾ زياده نثري نظم آهن ۽ ڪجهه آزاد نظم، غزل، وايون ۽ ٿورا گيت آهن. مان ٻي هر صنف تي لکي آيو آهيان، سوا وائيءَ جي. جنهن جو گهاڙيٽو بلا شاهه جي پنجابي شاعريءَ تان ڀٽائيءَ ورتو هو ۽ ڀٽائيءَ تان مون وٺي ان ۾ نئين جان پيدا ڪئي. پر هن مجموعي ۾ شامل ڪيل واين تي اچڻ کان اڳ مان هن ۾ ڇپيل غزلن جي ڇنڊڇاڻ ڪيان ٿو.

مان سعيد ميمڻ جي غزلن کان شروع ٿو ڪيان. ڪجهه غزل جديد سنڌي غزل جي معيار تي پورا آهن. جيئن:

 

رستن جي ويراني مون ڏي گهوري ٿي،

هر شيءِ مان حيراني مون ڏي گهوري ٿي.

ڪيڏو وقت لڪل آ کَل جي گهنجن ۾،

پوڙهي جي پيشاني مون ڏي گهوري ٿي.

 

هن غزل جو فارم ته اردو غزل وارو آهي، پر جديد سنڌي غزل وانگر اُن جو هر شعر پاڻ ۾ هڪ نظم سمائي ٿو دراصل سنڌي عزل جو مزاج بدلجي ويو آهي ۽ ان ۾، فارسي ۽ اردو غزل ۾ فارم کان  سواءِ ڪائي مشابهت نه رهي آهي. نه تشبيهون ساڳيون، نه استعارا، نه اساطير (ڏند ڪٿائون)، نه روايتون، نه بندشون، نه ڪنايا، نه اشارا، مطلب ته ڪجهه به ساڳيو نه آهي ۽ هجڻ به نه گهرجي.

 

سعيد ميمڻ جا اهڙا ڪجهه ٻيا به غزل جا شعر آهن:

 

صدين تائين پهچي ٿِي هن جي نظر،

ڪلاڪار کي جي ملن ٿيون اکيون.

*

تنها تنها وَرندا هِن آکيرن ڏي،

پکين کي به قطارون ساٿ نه ڏينديون هِن.

 

لَڙڪن سان لَڙهي ويندا هِن سپنا،

مَن ساگر جون ڌارون ساٿ نه ڏينديون هِن.

 

(اتر ۾ آهن لفظ کي هِن چوندا آهن ۽ جديد شاعر ان کي پوئين اچار سان استعمال ڪن ٿا)

 

وري چَنڊَ- پوپٽ ڇهن ٿا گُلن کي،

گلابن  ۾ آواز ڀڻڪي رهيا هن.

 

هي جسمن جي گرمي ۽ ٿوري ڇهڻ سان،

حجابن ۾ آواز ڀڻڪي رهيا هِن.

 

صائب يا حافظ يا سعدي يا عرفيءَ وغيره ههڙيءَ شاعريءَ تي ڪن لاٽار ڪري ڇڏين ها، ڇو ته انهن کي جديد نظم جو پورو تصور نه هو ۽ هو اهو سوچي به نٿي سگهيا ته غزل روايتي موضوع  کان ايترو ڦري ويندو. غالب ۾ ڪٿي شعر کي پوري نظم جي ڪيفيت آهي نه ته گهڻو ڪري اردو شاعري رواتي آهي، جنهن ۾ اٽڪل پنجاهه قافين جي هير ڦير آهي.

سعيد جي مٿين غزل ۾ چنڊ- پوپٽ ڪيڏو نه موهيندڙ استعارو آهي، جو يورپ جو ڪو به تصوريت پسند (Imagist) شاعر خوشيءَ سان اپنائي ها. سعيد هڪ وائي به چڱي لِکي آهي:

سج لٿي کان پوءِ

چوڌاري تَر ۾ ،

خاموشي آهي.

هلڪيون لهرون هِن

ڇو اڄ ساگر  ۾

خاموشي آهي.

نوري تو کان پوءِ

ڪيڏي ڪينجهر ۾

خاموشي آهي.

مون کي هن ۾ ٽيڪنڪ ۾ ڪافي پختگي نظر اچي ٿي. در اصل شاعري سڄي زندگيءَ جو رياض آهي. اقبال جو هڪ فارسي شعر آهي:

سالها درکعبہ و بتخانہ مي نالد حيات

تاز بزم عشق يک دانائلآ راز آيدَ بروُن!

 

ترجمو:   سالها سال حياتي ڪعبي ۽ بتخاني ۾ پُڪاري ٿي. تڏهن عشق جي بزم مان هڪ راز جو ڄاڻو ٻاهر اچي ٿو)

ڇڙي هيڊ ڳڙي هٿ ڪري ڪوئي پساري نٿو ٿئي، جو وَهي سو لهي، جيترو ڏات جي باري ۾ صحيح آهي، اوترو ڪنهن ڳالهه جي باري ۾ صحيح نه آهي. ڪيڏو نه مشاهدو ۽ مطالعو ۽ پاڻ کان ٻاهر ۽ پنهنجي اندر سفر ضروري آهي!

وسيم سومري کي غزل تي به مهارت آهي. پر هو هن مجموعي ۾ آندل ٻين شعرن وانگر تمام ٿورا وزن ٿو ڪم آڻي، جيتوڻيڪ اُنهن ۾ اصلاح جي ضرورت نه ٿي نظر اچي.

 

ٿي سگهي ٿو ڪٿي چين تو کي ملي،

اُٿ ڪتابن جي رستن مٿان رُل پرين.

 

ٿا چَوَن: ڪو نه پاڻي آ  بيٺل چڱو

پاڻ کي ڪجهه ته ڇاءُ ڇوِل ۽ ڇُل پرين.

 

آءُ تو سان ٻٻر- اوٽ ۾ ٿي ملان،

تو کي ڳڻتي نه ڪا ڳوٺ ۾ هُل پرين.

 

مون ڏي آهن ميارون متان ڪي رهيل،

ڳنڍ وانگر نه ٿي، ڳالهه ڪر کُل پرين،

 

مٿين غزل ۾ قافيا ۽ رديف نهايت پيارا ۽ ترنم وارا آهن. ٻَٻُرَ- ا وٽ سنڌ جي پس منظر ۾ ڪهڙو نه پيارو مُرڪّب لفظ آهي! ڪجهه ٻيا شعر ڏسو:

وَريا ڌَڻ وَٿاڻن، مِليو سِجُ لُڪن سان،

ڀَري پاندس موٽيس، مان پيرُن پَڪن سان.

 

رِجيا هارين جا مهانڊا مَکڻ جئن،

کڻي کاڄ آيون، سنگهاريون ڍَڪن سان.

 

ڪيڏي نه سَرل سنڌي آهي! نه زير- اضافت، نه واو عطفي! پوئين شعر  ۾ تصوير ڪهڙي نه سهڻي آهي. ڪنهن به مصّور کي ان تي پيار اَچي وڃي!

هيٺين وائي جا فاعلن، فاعلن، فاعلن فاعلن وزن تي آهي، ڪيڏي نه سُريلي آهي، ڪيتري نه اداس ۽ اُٻاڻڪي آهي! ڪيڏي نه اٿاهه پيڙا آهي اُن ۾:

هو اڪن ۾ ڦُٽيون،

واڱڻائي ڦُليون.

مون کي رُت راس آئي نه آهي اَڃان!

ماڪَ، مُکڙيون چُميون

۽ کٿوريون کُليون.

مون کي رُت راس آئي نه آهي اَڃان!

سُرمي- سَپني بنان،

هي اکيون کوکليون

مون کي رُت راس آئي نه آهي اَڃان!

چَين ڪِٿ ڪو نه هو

سڀ مون راهون رُليون

مون کي رُت راس آئي نه آهي اَڃان!

 

من جي ويڳاڻائيءَ جو ڪهڙو نه اونهو اظهار آهي. اُن ۾ ! ڄڻ ته فطرت هن جي ڪنهن ڳجهي گهاوَ تي مرهم نه رکي سگهي آهي، ڄڻ ڪوئي اَڻ چٽو ڦوڙائو هن جي من ۾ مروٽا وجهي رهيو آهي! وسيم جو گيت به من ۾ پيهي وڃي ٿو ۽ پنهنجي وَن واس ۾ ڇڪي وٺي ٿو:

ڪيڏا نه پوپٽ پئي مڙيا

سورج مکيءَ جي پوک تي.

سورج مکيءَ جي پوک تي.

 

جيئن سيجّ اُڀريو ننڊ مان

تئن نيڻ مَهٽي گُل ٽڙيا.

سورج مکيءَ جي پوک تي.

ساواڻ تي پيلاڻ جا

ڇا رنگ تارن جيئن کڙيا.

سورج مکيءَ جي پوک تي.

سورج مُکي سڀ شام جو

ڄَڻ ڪنهن نشي ۾ ٿي ٿڙيا،

سورج مکيءَ جي پوک تي.

ويري، وَري سرهاڻ جا

اي ديس آهن آ ڪڙِيا

سورج مکيءَ جي پوک تي.

 

سٽون آهن يا شاعر، هُد هُد ۽ ڪاٺ ڪٺي کان پر وٺي ڪاغذ تي چنبڙائي ڇڏيا آهن! ههڙي شاعري ڏسي مون کي روايت سان بغاوت ۽ پنهنجي سٺ ورهين جي پورهئي تي پيار ٿو اچي. سنڌ پنهنجي راهه ڳولي لڌي آهي ۽ ان جي سڌي پنڌ کي ڪا به رڪاوٽ روڪي نٿي سگهي. ڀٽائيءَ کان پوءِ واري موڳائي، مُور کائي ۽ ويڳاڻو ڀٽڪاءُ ۽ ڌارين جي دَر ڌِڪا پورا ٿي چڪا آهن. سنڌ پنهنجي ڇيهه تي پُڄي پنهنجي چانئٺ ٽپي چُڪي آهي. جي آزاد نظم به هن شاعريءَ سان وک وک ۾ هلي ته ڪيڏو نه وڻي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com