سيڪشن؛ تنقيد

ڪتاب: ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري

باب: --

صفحو :2

*

 

ڀاڱو پهريون

 

*


 

محمد ابراهيم جويو

شاهه- سچل- سامي هڪ مطالعو

(1700-1850ع)

قومون، ملڪ ۽ سماج پنهنجن شاعرن وسيلي سڃاتا ويندا آهن. سنڌ ۽ سنڌي سماج جي سڃاڻپ جا ٽي شاعر آهن-شاهه- سچل ۽ سامي، سنڌيءَ جا هي سونهارا ۽ سدا حيات شاعر سنڌي سماج جي سموريءَ چڱائيءَ، سموريءَ سونهن ۽ سموري سچ جا ڄاڻو، امين ۽ ترجمان آهن.

سنڌي سماج رڳو اُنهن حدن تائين محدود نه آهي، جيڪي جاگرافيائي يا  سياسي طور اڄ سنڌ جون آهن. سنڌي سماج سنڌ کان ٻاهر پاڪستان ۾ توڙي پاڪستان کان ٻاهر به موجود آهي. جتي جتي ڪو سنڌي ڪٽنب آباد آهي، اُتي سنڌي سماج موجود آهي، ۽ اُتي انهن جي سڃاڻپ سنڌي ٻوليءَ ۽ سندن  پنهنجن سڳورن سنت شاعرن شاهه، سچل ۽ ساميءَ سان پريت ۽ سٻنڌ مان پئجي سگهي ٿي. ڪو به سنڌ ۾ يا سنڌ کان ٻاهر رهندڙ ڪٽنب پاڻ کي سنڌي ته سڏائي ٿو پر پنهنجي گهر ۾ سنڌي ٻولي نٿو ڳالهائي ۽ سنڌ جي سماجي تاريخ جي هنن لاثاني هستين ۽ سنڌي سڀيتا جي هنن عظيم معمارن جي سار نٿو رکي، ته اُهو پاڻ کي سنڌي سمجهڻ ۽ سنڌي سڏائڻ جو لائق يا حقدار نٿو چوائي سگهي.

ڪنهن قوم، ملڪ يا سماج ۾ عظيم، انسان روزبروز پيدا ڪو نه ٿا ٿين، ۽ جڏهن پيدا ٿين ٿا، تڏهن اُهي اُن جي نئين جنم جا ساکي ۽ سبب بڻجي پيدا ٿين ٿا. هنن جي پنهنجي دور سان ڪا تٿِ ٻڌل هوندي آهي ۽ اُهي تاريخ جي ان گهڙيءَ لاءِ پنهنجي ذات ۾ پراڻي ۽ نئين ٻنهي جا ترجمان بڻجي بيهندا آهن. اُهي نمايان صلاحيتن جا مالڪ ٿين ٿا. طاقتور ۽ بيحد اهم ۽ پنهنجن ماڻهن لاءِ نيون راهون گهڙي وڃن ٿا. جن تي ڪيئي دور بلڪ آئيندي لاءِ هميشه اُنهن کي هلڻو پوندو آهي، ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ راهن جا ٻيا ڪي  رخ اُنهن لاءِ سڃاڻڻ جهڙا يا هلڻ جهڙا رهندا ئي نه آهن. اُهي پاڻ سان ڪو خواب، ڪو آدرشي فڪر، ڪا فطري ڏاهپ کڻي ايندا آهن، جنهن سان هو پنهنجن ماڻهن کي ٻڌائيندا آهن. بلڪ ثابت ڪري ڏيکاريندا آهن، ته اُنهن کي ڪهڙيءَ طرح پاڻ کي تيار ڪرڻ کپي، جو پنهنجي اجتماعي زندگيءَ ۾ هو راهه جي سڀني هيٺ مٿانهين، ڌوڪن ۽ فريبن کان بچي سگهيا ٿي ۽ بچي سگهن ٿا. مهذب قومن هميشه پنهنجن اهڙن عظيم شخصن کي سڃاتو آهي. انهن سان پنهنجا پيوند پختا ڪيا آهن، ۽ انهن کي پنهنجي لاءِ املهه  نعمت سمجهيو آهي.

قومن، ملڪن ۽ سماجن جا اهي مهاپرش ۽ محسن شخص پنهنجي پنهنجي دور جا باغي به هوندا آهن. هو پنهنجي دور جي مروج ۽ تسليم ٿيل تربيتي سرشتي جي پيداوار نه هوندا آهن، بلڪ پنهنجي ذات ۾ هو هڪ نئون ۽ انوکو ڪردار ٿي سامائبا آهن. چالو نظام۽ سرشتا ته اڪثر گهمنڊ ۾ ڀريل، آءٌ پڻي ۾ ورتل ۽ تنگ نگاهه شخص پيدا ڪندا آهن، جن جي هانءَ جون دريون پوريل هونديون آهن ۽ هو پاڻ کان ٻئي سڀ کي گهٽ سمجهندي ۽ پنهنجيءَ هر ڳالهه کي ٻئي جي ڳالهه کان مٿي ڄاڻندي، پاڻ ۾ توڙي ٻين سان جهيڙڻ ۽ جهڳي هڻڻ ۾ پورا هوندا آهن ۽ ائين بند ٿيل ۽ بيٺل پاڻيءَ وانگر ڌپيا ۽ ڪنا ٿيندا رهندا آهن. پر هو عظيم شخص پنهنجي سماج ۾ نئين انسان طور اڀرندا آهن ۽ ان ۾ نئين انسان جي پيدا ڪرڻ جا داعي هوندا آهن ۽ ائين ان ۾ نئون ساهه ۽ تازگي آڻڻ چاهيندا آهن. هو ذاتي مفاد کي ڇڏي، عام مفاد لاءِ لڇندا آهن، پاڻ  کان هٽي ٻين لاءِ جيئندا آهن. سڄي سماج لاءِ، وسيع ۽ عام خلق جي نئينءَ زندگيءَ لاءِ هو سڄي پنهنجي عمر، سڄو پنهنجو وقت ۽ پوريءَ طرح، انهيءَ پنهنجي هڪ سڀ- لاءِ سک ۽ ساءَ ڀريءَ نئين دنيا جي تعمير لاءِ ڳهندا ۽ ڳرندا آهن. اها ئي پاڻ کان سندن لاپرواهي ۽ ٻين جي اون ۽ اها ئي سندن هڪ مقصد جي لگن ۽ ان لاءِ سندن ڪامل تانگهه ۽ ڪوشش ۽ اُن کي پهچڻ لاءِ سندن غير رواجي حوصلو ۽ همت اهي ئي انهن جي عظمت جون نشانيون هونديون آهن. اُنهن لاءِ ئي چئي سگهبو آهي ته هو خوب پنهنجو وارو وڄائي ويا، ۽ اُهي ئي پوءِ هميشه لاءِ جيئندا آهن.

تاريخ جي اهڙن شمر انسانن ۾ ڪي بنهه يڪتا ۽ بي بدل هوندا آهن. انهن جو ڪو مٽ ڪو نه هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته جا حاصلا هو پنهنجي سماج، ملڪ ۽ قوم کي ۽ اُن جي معرفت سڄي عالم انسانيءَ کي، ڏيئي ويندا آهن، اها حاصلات ڪنهن به حالت ۾ ۽ ڪڏهن به ٻئي ڪنهن شخص جي هٿان ممڪن نه هوندي آهي. اها املهه ۽ بي مثل حاصلات جسماني ۽ مادي نوع جي نه هوندي آهي، اها انساني ذهن (روح) جي دنيا سان لاڳاپيل ۽ خالص تخليقي نوع جي هوندي آهي. جسماني ۽ مادي حاصلات ڪيتري به اعليٰ ۽ ڪيترو به نفع بخش هجي، پر ان جهڙي بلڪ ان کان وڌيڪ اعليٰ ۽ وڌيڪ نفع بخش حاصلات، ڪا مهم، ڪا دريافت ۽ ڪا ايجاد اڄ نه ته سڀاڻي هڪ کان نه ته ٻئي ماڻهوءَ جي هٿان، سدائين ممڪن هوندي آهي. انسان جي اندر (دل، روح، ذهن) ۾ جو ڪجهه آهي ۽ اتي جو ڪجهه اپڙي ۽ اسري رهيو آهي، ان کي اهڙي روپ ۾ پڌرو ڪرڻ، جنهن کي ڏسي يا ٻڌي ائين محسوس ٿئي ڄڻ انهيءَ انوکي ۽ اڄاتل اندر جي اسرار جي هڪ جهلڪ ماڻهوءَ جهٽي ورتي آهي. اها هڪ بنيادي ۽ بي بدل ڏات آهي، جنهن جا رڳو فيلسوف، شاعر ۽ فنڪار ئي اهل چيا وڃن ٿا، ۽ اهي ئي پنهنجي وقت ۽ پنهنجي دنيا جي اصلي ۽ سچي امنگ کي پنهنجي پنهنجي رنگ جو ڪو خاص روپ ڏيئي، ايندڙ نسلن ڏانهن دائمي ورثي جي صورت ۾ منتقل ڪري ويندا آهن.

ارسطوءَ جو قول آهي ته شاعري فلسفي کان وڌيڪ فڪر انگيز ۽ تاريخ کان وڌيڪ سبق آموز ٿئي ٿي. اهو انهيءَ ڪري، جو شاعري مجموعي طور انساني فطرت م زياده اونهو ڏسي ٿي. ان جي خصوصيت بلڪ ان جي عطمت جو دليل ئي اهو آهي، جو اها اندر جي اسرار جي، ڳالهه جي اصل جي اکرن جي نه پر روح جي صورتگري ڪري ٿي، ۽ ٻيو ته اها پنهنجي دور تي ۽ ان جي ماڻهن تي وڌيڪ تيز روشني وجهي ٿي ۽ انهيءَ ڪري انهن سان زياده يڪدل ٿي انهن کي وڌيڪ چٽو ۽ صحيح سمجهي ٿي. هن سلسلي ۾ عظيم شاعريءَ لاءَ اهو به ضروري نه آهي ته اها پنهنجي وقت جي واقعن جا تفصيل بيان ڪري يا انهن ڏانهن رڳو ڪو کليل شارو ئي ڪري ڪڏهن ڪڏهن ائين نه ڪرڻ مروج حالتن پٽاندر ان لاءِ لازمي ٿي پوندو آهي. بلڪ اڪثر اهو ان جي فنڪارانه ڪمال جو ئي هڪ دليل سمجهيو ويندو آهي.  وقت جي حقيقت جو سچو ۽ پورو عڪس سو ان ۾ ضرور موجود هوندو آهي، ۽ ان خيال کان ان ۾ تاريخ جي جهلڪ هوندي آهي، ساڳئي وقت ان ۾ انهن حقيقتن جو تعبير به موجود هوندو آهي، ۽ ان لحاظ کان ان ۾ فلسفي يا حڪمت جي به جهلڪ هوندي آهي، تنهن کان سواءِ ان جي اظهاري صورت ۾ سمورن لطيف فنن جو پڌرو ۽ اشاراتي حسن موجود رهي ٿو. جو محسوس ڪرڻ کان علاوه ڏسي به سگهجي ٿو، ٻڌي به سگهجي ٿو، ۽ ڪن حالتن ۾ چکي، سونگهي ۽ ڇهي به سگهجي ٿو. بلڪ ان جي اها حسن آفرينيئي ان جي بنيادي جان هوندي آهي، ۽ ان جي ڪري ئي عظيم شاعري هڪ لافاني شيءِ بنجي  ٿي، عظيم شاعريءَ ۾ جئين ٻيءَ هر تحرير ۾، موجود حقيقتن ۽ حڪمت جا ڪي  نڪتا ۽ نشان وقت جي تبديل سان جهڪا ۽ غير ضروري به بڻجي سگهن ٿا.  پر ان جو حسن دائمي آهي ۽ ان ۾ اهو هر زماني ۽ هر دور ۾ من کي وڻڻ ۽ گرفت ۾ آڻڻ لاءِ موجود هوندو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو شاعري پنهنجي حقيقت نگاريءَ، حڪمت ۽ حسن سان گذريل دورن جي اعليٰ ۽ پرزور مقصدن ۽ امنگن جي نه رڳو امانتدار ۽ ترجمان بلڪ انهن جي توسيع ۽ تبليغ جي سڀ کان وڌ بااثر، دائمي ۽ واضع زبان يا وسيلو شمار ٿيندي پئي آئي آهي.

سنڌي سماج جي تاريخ ۾ مذهب * اُن تي سدائين غالب رهيو آهي، سنڌي سماج جو هر مذهب سان اُن جي فاتحانه حيثيت ۾ واسطو پيو آهي، اربن، ايرانين، يونانين، عربن، ويندي، وچ  ۾ ٻڌمت جي اهسنڪ گپتا گهراڻي ۽ برهمن واد جي ويدانتي راءِ گهراڻي وارن سڀني سنڌي سماج کي پنهنجي پنهنجي مذهب سان   فاتحانه، يا ڪم ازم ڪم حڪومتي انداز ۾ روشناس ڪرايو. سنڌي سماج جي سڄيءَ تاريخ ۾ رڳو هڪ سئو سالن (1943ع کان 1947ع  تائين) جو عرصو اهڙو رهيو آهي، جڏهن مسيحي فاتح قوم پنهنجي سياسي ۽ تهذيبي فوقيت قائم رکڻ لاءِ مذهب کي هٿيار طور استعمال نه ڪيو، بلڪ جنهن صورتحال کي جديد دنيا ۾ مذهبي آزادي يا مذهبي لاتعلقي چئجي ٿو، ان کي پنهنجي حڪومت جي واضع پاليسيءَ طور عمل ۾ آندو ۽ قائم رکيو، اها ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي، جو ان مذهبي آزادي، جي مختصر دور ۾ ئي اقتدار ۽ معتبرائيءَ کان محروم پر ان کي ٻيهر حاصل ڪرڻ جي شوق ۾ ورتل مذهب سياست کي هٿيو بنائي، سنڌي سماج جي ايڪي بلڪ ان جي وجود کي وڌ ۾ وڌ نقصان پهچائي سگهيو، سنڌي سماج ۾ مذهب جي هن صدين کان هلندڙ سياسي غلبي، ۽ ان غلبي جي لازمي شدت ۽ ڪٽرپڻي، سنڌ جي ذهني دنيا ۾، علمي سطح تي مجموعي طور، ٻين ڳالهين کان علاوه هڪ خاص قسم جي ٻٽي رد عمل کي جنم ڏنو. جنهن کي مذهبيت کان مايوسي ۽ بيزاري، پر مذهب سان عقيدت ۽ راضپي جي روش چئي سگهجي ٿو. ايتري قدر، جو سنڌي سماج جي اها ٻٽي ذهني ڪيفيت، جنهن ان ۾ مجموعي طور مذهبن ۽ مذهبي فرقن جي سلسلي ۾ سرچاءُ ۽ ڪشاده دليءَ جي عام روش کي جنم ڏنو، سنڌي تهذيب جي اوسر جو هڪ بنياد ۽ مرڪزي پٿر بڻجي ويو.

مذهب، رياست ۽ تهذيب انساني سماج جي تنظيم جا ٽي لازمي ۽ بنيادي شعبا آهن. لازمي ۽ بنيادي انهيءَ ڪري، جو اُهي انساني نفسيات جي ازلي ۽ فطري تقاضائن جا جواب آهن. انسان کي، بنهه حيواني سطح کان وٺي اعليٰ انساني سطح تائين، پنهنجي وجود جي سلامتيءَ جي اونَ رهي ٿي. هو اڻ ڏٺي جي خوف جو  ٻئي (پاڻ جهڙي حيوان) انسان جي خوف جو، ۽ خود پنهنجي اندر جي حيوان (بک، جنس، سور وغيره) جي خوف جو شڪار رهي ٿو. ان ته پاسائين غير سلامتيءَ کان بچڻ لاءِ هو هڪ وڏو بچاءَ گهر ٺاهي ٿو، جنهن کي هو سماج سڏي ٿو. پنهنجي اُن وڏي بچاءَ گهر ۾ هو پوءِ خاص انهن ٽن خوفن کان بچڻ لاءِ ٽي خول يا ڍڪ ٺاهي ٿو. اڻ ڏٺي جي خوف کان مذهب جو خول، ٻئي انسان جي خوف کان رياست (راڄ، حڪومت، سرڪار) جو خولاءِ پنهنجي نفس يا. حيواني فطرت جي خوف کان يا ان جي اطمينان لاءِ تهذيب (ثقافت، سڀيتا) جو خول‏، مذهب جي خول ۾ ويهي، هن کي اڻ ڏٺيءَ ڪنهن پاڻ کان پرڀريءَ، مٿڀريءَ (واحد، ٻٽيءَ، تشليشي يا ڪثير نوع جي) طاقت کي  مڃڻو  ۽ مڃائڻو ۽ ان جي دوستانه يا غير دوستانه ڪرشمن کي پنهنجي ڪرڻ يا انهن کان بچڻ جي ڪوشش ڪرڻي پوي ٿي. اهو سڀ ڪجهه هن جي ايمان يا ويساهه جو مسئلو  ۽ سلسلو آهي. رياست جي خول ۾ ويهي، هن کي هڪ جي طاقت ۽ مفاد کي ٻين جي طاقت ۽ مفاد سان ملائي، پنهنجي بچاءَ ۽ مفاد جي بندوبست کي وڌائڻو ۽ مضبوط ڪرڻو پوي ٿو. اهو سڀ ڪجهه هن لاءِ اجتماعي طاقت يا زور جي تنظيم ۽ استعمال جو مسئلو آهي. تهذيب جي خول ۾ ويهي، هن کي پنهنجي حيواني ڇڪ ۽ ذهني اڇل جي پوئواريءَ ۾، پنهنجي سگهه ۽ سمجهه آهر، ٻاهرينءَ قدرت جي وسيلن کي پنهنجي وس ڪرڻو پوي ٿو ۽ خود پنهنجي ان ڇڪ ۽ اڇل کي ضابطي ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪرڻي پوي ٿي. اهو سڀ ڪجهه هن جي پنهنجي عقل (ذهني يا روحاني صلاحيت) جي اوسر ۽ استعمال جو مسئلو آهي. اهڙيءَ طرح، ايمان يا ويساهه مذهب جو بنياد ۽ ان جي وڌڻ ۽ مضبوط ٿيڻ جو مرڪزي نقطو آهي، طاقت يا زور رياست جو بنياد ۽ ان جي وڌڻ مضبوط ٿيڻ جو مرڪزي نقطو آهي، ۽ عقل يا ذهن تهذيب جو بنياد ۽ ان جي وڌڻ ۽ مضبوط ٿيڻ جو مرڪزي نقطو آهي. ايمان ۽ طاقت آپي ۽ گمنڊ ۾ ڀريل ۽ خود ڪفيل هجڻ جي فريب ۾ مبتلا رهن ٿا. ۽ دائميت کي پنهنجو حق سمجهندي. ٿوري کان ٿوريءَ ڪنهن ڦير گهير يا تبديل لاءِ به تيار نه هوندا آهن، ۽ انهيءَ ڪري خاص طرح عقل جا هو ٻئي دشمن ۽ رقيب هوندا آهن. ڇو ته عقل سدائين ٻنهي جي خودپسنديءَ، خودسريءَ ۽ خود ڪفالت جي خام خياليءَ تي تنقيد ڪرڻ بلڪ انهن جي مخالفت ڪرڻ ڏانهن مائل رهندو آهي. مذهب ۽ رياست جي شعبن جا ماڻهو انهيءَ ڪري سدائين پنهنجيءَ پنهجيءَ دنيا کي تبديل کان بچائڻ ۽ جيئن جو تيئن قائم رکڻ جي ڪوشش ۾ لڳا رهندا آهن، ۽ ماڻهن جي عقل جي استعمال يعني انهن جي فڪر جي آزاديءَ کي گهٽيندا ۽ روڪيندا رهندا آهن. ايمانُ، يعني مذهب، پنهنجي مضبوطيءَ لاءِ طاقت يعني رياست جو قبضو يا ڪم از ڪم ان جي سرپرستي چاهيندو آهي، ۽ ساڳئي طرح ريات پنهنجي مضبوطيءَ لاءِ مذهب جو قبضو يا ڪم از ڪم اُن جي مدد چاهيندي آهي، ۽ ٻئي گڏجي، سٽلُ ڪيو، عقل تي منڊ هنيو ۽ زنجير  وجهيو ويٺا رهندا آهن. هن سلسلي ۾ بهترين صورتحال ته ظاهر آهي ته هيءَ هئڻ گهرجي ته رياست ۽ مذهب، طاقت ۽ ايمان، ٻئي عقل يعني تهذيب جي ضابطي ۽ تاديب هيٺ رهن ۽ ان جي اوسر ۽ واڌاري لاءِ ڪم اچن. پر عملي طور اڪثر ائين ٿيندو آيو آهي ته ڪڏهن رياست مذهب کي هٿيو بنائيندي آهي ۽ ڪڏهن مذهب رياست کي ۽ ٻيئي سدائين تهذيب تي آڪرا  بڻيا ۽ ان کي اڳتي وڌڻ ۽ اُسرڻ کان روڪيو بيٺا هوندا آهن. انهيءَ لاءِ ته متان آزاد عقل انهن جي تبديل يا ترديد جا ڪي سامان نه تيار ڪري وجهي، پوءِ جڏهن مذهب يا رياست، يعني ايمانُ ۽ طاقت، ڪجهه وڌيڪ عرصو عقل (تهذيب) جي سنگ کان مجروم رهندا آهن. بلڪ ان کي پيڙي، نپوڙي، ڪانئر ۽ ڪنگلو ڪري ڇڏيندا آهن. تڏهن انهن جي پنهنجي بي روح ۽ بي طاقت وجود جو حال اهو ٿيندو آهي، جيئن ڪي جهونا وڻ اندران سڄا کاڌا پيا هوندا آهن، ۽ رڳو ٿڙ جي ٻاهرينءَ ڪور جي آڌار تي جيئن جو تيئن بيٺا هوندا آهن، ۽ ٻاهران ڏيکاءَ جا ڪي ساوا پن ۽ ساريون ٽاريون به جهليو بيٺا هوندا آهن. بنهه اهڙا ڄڻ ڪي تازا توانا آهن، ۽ ائين هو سالن جا سال، بلڪ ڪن حالتن ۾ صدين تائين ڪوڙيءَ پائداريءَ جو ڏيک ڏيندا رهندا آهن. پر بي متيا، بي مقصديا، رڳو ريت  رسم، ڪريا ڪرم ۽ ادارن جي انتظام جي اڊنبر ۾ پورا سڄي سماج تي چٽي، پاڻ تائين پورا، سڄيءَ خلق، سڄيءَ قوم ۽ سڄيءَ اجتماع سواءِ خواريءَ ۽ آزار جي ٻيو ڪجهه به نه.

مذهب ۽ رياست جي ائين گڏجڻ سان- پوءِ ان ۾ فوقيت ڪنهن کي به حاصل هجي. ذهني هوڏ ۽ اقتدار جي آپيشاهي جنم وٺي ٿي. ان ۾ طاقت مڙي جڙي. حاڪم ۽ ملي جي صورت ۾ هڪ هنڌ وڃي جمع ٿئي ٿي،. هن نظريي جي بنياد تي سڀ طاقت جو منڍ يا سرچشمو اڻ ڏٺو ڪو اصل آهي. جنهن تائين رسائين محدود ۽ مخصوص آهي. ان صورتحال ۾ سمورا آدرش ۽ امنگ سڙي سڪي، نستا ٿي، ختم ٿي وڃن ٿا. زندگيءَ جي آڇ ۾ پوءِ فقط به ڏسڻ ۾ ايندڙ نقطا وڃي رهن ٿا. هڪڙو حاڪم ۽ ٻيو درويش، هڪڙو امير، ٻيو فقير، جتي ڪٿي اُنهن ٻن بادشاهن جي لئي هوندي آهي. ذهن ۾ ڪائنات يا فطرت ۽ ان جي قانونن جي مطالعي جي سڄي  سڪ مري وڃي ٿي ۽ سڄو امنگ ماٺو ٿي وڃي ٿو، ڇو ته ڪائنات جي سنئين سڌي، سولي ۽ مستند معنيٰ دنيا ۽ آخرت، ۽ علم جي معنيٰ الهامي ڪتاب ۽ آدرش جي معنيٰ روح ۽ اُن جي نجات، بس ڳالهه پوري- مطلب ته پاڻ کان مٿي ۽ پاڻ کان ٻاهر ماڻهو نه چڙهي سگهي ۽ نه نڪري سگهي. مذهب ۽ رياست جي هن ذهني تعطل ۽ آپيشاهيءَ ۾ آخرڪار وري به سياست جي آپيشاهي وڌي ٿي ۽ مضبوط ٿئي  ٿي. يعني طاقت ۽ محض طاقت، ۽ اها پوءِ مذهب کي پنهنجو اوزار ڪري استعمال ڪري ٿي. چاهي مذهب برتريءَ جي ڪيتري به هام هڻي ۽ لاف زني ڪندو رهي. نتيجي طور اهڙي اتحاد ۾ مذهب ۽ رياست ٻيئي هڪ ٻئي جي زوال جا سبب بنجن ٿا ۽ معاشري ۾ پنهنجي منصبي ۽ بنيادي ڪارج پوري ڪرڻ جي به اهليت وڃائي وهن ٿا. نه رياست ۾ فرد کي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ جي ضمانت مهيا رهي ٿي، ۽ نه مذهبُ ماڻهوءَ لاءِ اڻ ڏٺي کان اميد ۽ خوف جي ماثر وسيلي يا ڏڍ جو ئي ڪو ڪم ڏيئي سگهي ٿو.

جڏهن ڪنهن سماج ۾ مذهب ۽ رياست پنهنجي بي اثريءَ، جمود، تشدد ۽ تنگ نگاهيءَ جي اهڙيءَ حالت تي وڃي رسندا آهن، تڏهن اهو سماج بحران (Crisis) ۾ وٺجي ويندو آهي. ايمان ۽ طاقت جامد آهن ۽ جامد رهڻ گهرن ٿا. پر عقل ۽ امنگ متحرڪ آهن ۽ اڳتي وڌڻ چاهين ٿا. عقل ۽ امنگ جي آڏو ڪي به بند ٻڌي نٿا سگهجن. رڪجي رڪجي، گهٽجي گهٽجي، حساس ذهن ۾ ڪنهن بهشت جو خواب جلوه گر ٿئي ٿو. ۽ عام ماڻهو بيزاريءَ ۽ انتقام جي جوش ۾ اچن ٿا ۽ پوءِ ڪنهن زوردار ڌماڪي يا باهه جي ڀڙڪي کي روڪڻ ڏاڍو مشڪل ٿئي ٿو. انساني فطرت جي نيڪيءَ  جو اصول چڱائيءَ جي علامت ڪنهن موجود جهنم جي خلاف ان جو اهو انتقامي جوش آهي، ۽ جوش صاف ۽ سچو  جوش پراڻي کي ڊاهڻ جو ايترو نه پر ان کان وڌيڪ نئين کي آڻڻ جو جوش، عظيم نتيجن کي جنم ڏيندو آهي. نئين ۽ اعليٰ حسن جو اهو لطيف ۽ تيز احساس، ۽ ان لاثاني حسن سان وصال جو اهو سچو ۽ خود فروشانه جوش، قومن، ملڪن ۽ سماجن جي بحراني دور ۾ ئي پيدا ٿيندا آهن. ڇو ته بحران حالتن جي ڪايا پلٽ لاءِ فطرت جا وسيلا هوندا آهن، ۽ بحرانن ۾ ئي قومن جي قسمت جا بنيادي سوال اٿندا آهن ۽ وٽن انهن جي حل ٿيڻ جي زمين هموار ٿيندي آهي. بحرانن ۾ ڪيترائي بيجان ۽ فضول ادارا ختم ٿي وڃن ٿا. جيڪي تاريخ يا روايت سبب سماج جي وجود سان چهٽا پيا هوندا آهن، ۽ ٻئي ڪنهن طريقي سان هر گز وڃڻ ۽ ان مان هٿ ڪڍڻ جو نالو ئي نه وٺندا آهن. ڪنهن بحراني دور جو ڪو هنگامو يا حادثو حساس ذهنن کي  نقصان ڪو نه ٿو پهچائي سگهي. بلڪ غير سلامتيءَ جي حالت ۾ عظيم روحاني قوتون، جيڪي اڳ ستل هيون. ڇرڪ کائي اڀرن ٿيون. حساس ذهن جا مالڪ، طاقتور ۽ جاندار مفڪر، شاعر ۽ فنڪار، خطري جي فضا کي سٺو ٿا سمجهن، ڇاڪاڻ ته هو طاقتور ۽ جاندار انسان آهن. وڏن ۽ دکدائڪ تجربن ۾ ذهن پختا ٿين  ٿا ۽ انهن کي نئون معيار ملي ٿو. هو ڌرتيءَ تي زندگيءَ بابت وڌيڪ آزاد ۽ ڀروسي جهڙي فيصلي تي پهچن ٿا. برخلاف ان جي. مڪمل سانت واري ماحول ۾ تخليقي ذهنن کي ذاتي زندگيءَ جا مفاد ۽ سک ڪوريئڙي جي ‎ڄار وانگر ويڙهي نستو ڪري ڇڏين ٿا، ۽ انهن جي عظمت کسجي وڃي ٿي. ان صورت ۾ پوءِ محض ٺلهيءَ ۽  بي فيض لياقت وارا ماڻهو وڌي اڳيان اچن ٿا ۽ انهن لاءِ فن، فڪر ۽ ادب رڳو هڪ تجارت  يا سوادگري ٿي پون ٿا. ڇو ته هو هوندا ئي تاجر ۽ سوداگري آهن. اهڙا ماڻهو پنهنجي لياقت مان وڏا ذاتي فائدا وٺن ٿا، ۽ ان لاءِ هنن کي ڪو به دک يا تڪليف سهڻي ڪا نه ٿي پوي. ڇو ته منجهن ڪا به  اوڀڙ کائڻ واري ڏات ڪا نه هوندي آهي. سچيءَ پچيءَ ڪنهن  بحراني صورتحال ۾ اهڙا  هلڪا ۽  ننڍا ماڻهو بهر خال ڪک پن ٿي ويندا آهن.

بحرانن ۾يگانا ڏات ڌڻيءَ ۽ عظيم شخص ئي مئل زندگيءَ ۾ جان وجهندڙ تحريڪن جا مرڪز، محرڪ ۽ واضح نشان يا اظهار ٿي اڀرندا آهن. انهن جي وجود سان ئي تاريخ جي انهن دورن کي مانُ ۽ مڻيا ملندي  آهي، ۽ اهو ئي مانُ ۽ اها ئي مڻيا پوءِ ماضيءَ جو ڳرو قرض بڻجي آئنده نسلن ڏانهن منتقل ٿئي ٿو. ماضيءَ جو حال جي کاتي ۾ ڪاٿي کان ٻاهر ڳرو قرض، جو وڌندو ئي رهندو آهي،. گهٽ ڪڏهن به نه ٿيندو آهي. هڪ سدا جاري رهندڙ سلسلو، هڪ سدا وهندڙ رستو، جنهن جي ياداشت کي ئي تاريخ  ٿو چئجي. انهيءَ رستي سان ئي انساني ذهن کي پنهنجي اهميت جي شعور جو احساس ٿئي ٿو، انهيءَ رستي سان ئي انسانُ پنهنجي عظمت ۽ جوهر کان واقف ٿئي ٿو. انسانُ، تهذيب جي رستي سان وڌندڙ انسان، سڀني شين جو ازلي مرڪز، دک سهندڙ، اڳتي نگاهه رکندڙ، جاکوڙ ڪندڙ، پورهيو ڪندڙ اڄ به هو ائين آهي، ڪالهه به ائين هو، ۽ سدائين هو ائين ئي رهندو. اها حقيقت اسان کي هميشه ياد رکڻ گهرجي: ٻيءَ حالت ۾ اسان کي پنهنجي اعليٰ روحاني ورثي جي اهميت جو پورو قدر ٿي ئي نه سگهندو.

شاهه، سچل ۽ سامي، عظمت جي صحيح معنيٰ ۾ سنڌي سماج جا عظيم ماڻهو آهن.اهي سنڌي سماج جي هڪ وڏي بحراني دور جي پيداوار آهن. هو ذهني (روحاني) دنيا جا عظيم تخليق ڪار آهن. هو پنهنجي ڏات ۽ ڏاتاريءَ ٻنهي ۾ بي مثل ۽ بي بدل آهن. هو سنڌي سماج جي نئين جنم جا نقيب آهن. هو مفڪر به، شاعر به، ۽ فنڪار به هئا. هو ٻين لاءِ جيئندڙ، عام مفاد لاءِ لُڇندڙ ۽ سڄي پنهنجي زندگيءَ هڪ ئي مقصد لاءِ پاڻ پچائيندڙ ۽ هڪ ئي آدرش جا فدائي هئا. هنن پنهنجي دور ۽ پنهنجي دنيا جي اندر جي اصلي ۽ سچي امنگ کي سمجهيو هو، ان ۾ جيڪا نئين معنيٰ تڙپي رهي هئي، ۽ جيڪو نئون ساهه سڀجي ۽ سانڀجي رهيو هو، ان کي هنن ڄاتو هو. هنن کي معلوم هو ته سنڌ جي رهندڙ سندن سانگين ۽ مارن ڇا چاهيو ٿي ۽ ڇا ڌڪاريو ٿي، ۽ انهن جي زندگيءَ ۾ ڇا خسيس هو ۽ ڇا بنيادي ۽ اهم هو. هنن پنهنجن ماڻهن کي قوم بڻجڻ جو ڍنگ سيکاريو ۽ رستو ڏيکاريو. اهو  رستو، جنهن تي انهن کي آئيندي لاءِ هميشه هلڻو هو ۽ ان کان سواءِ اڳتي هلڻ جو ٻيو ڪو رخ  انهن جي سلامتيءَ لاءِ ممڪن ڪو نه هو. هو پاڻ سان ڪو خواب، ڪو آدرشي فڪر، ڪا فطري ڏاهپ کڻي آيا هئا. جيڪا سندن ملڪ، قوم ۽ سماج لاءِ آب حيات هئي، پر اها سڄي عالم انسانيءَ جي خير ۽ برڪت، سک ۽ عافيت لاءِ هڪ پڌرو ۽ ڪامل نسخو هو. شاعرن ۽ فنڪارن جي هڪڙي ڀلاري عادت آهي ته هو انهن شين کي، جن کي هو ڪن سببن ڪري اهم سمجهندا آهن، دائميت ڏيڻ يا لافاني ڪرڻ گهرندا آهن. عظيم ماڻهن کي پاڻ کان پوءِ جي ايندڙ نسلن  جي ڪا خبر ته ڪانه هوندي آهي، پر کين انهن جو خيال به هوندو آهي، ان لاءِ به خاطريءَ سان ڪجهه چئي نٿو سگهجي. پر هو پنهنجي وقت سان ٻٽُ هوندا آهن ۽ ان جي اصلي دک کي ڄاڻندا آهن. ۽ ان دک جي بنياد کي ڄاڻندا آهن، ۽ پوءِ پنهنجي ان عميق ۽ انمول احساس کي هو دائميت ڏيندا آهن ۽ لافاني بنائيندا آهن ۽ اهو پوءِ سندن پنهنجي ملڪ، قوم ۽ سماج لاءِ ۽ انهن جي وساطت سان سڄيءَ دنيا لاءِ دائمي دارونءَ جو ڪم ڏيندو آهي. شاهه، سچل ۽ سامي پنهنجي ملڪ، قوم ۽ سماج لاءِ اهڙا حڪيم حاذق ۽ يگانا ويج هئا، هنن سنڌي سماج جي هيڻائيءَ کي سڃاتو هو. جنهن ان کي وقت جي بحران سان دوچار ڪيو هو، ۽ ان هنن لاءِ نجات جي راهه تجويز ڪئي هئي. سنڌي سماج کي انهن پنهنجن عظيم بزرگن ۽ سدا حيات سنت رهبرن جي ڏسيل ان انساني راهه کي سڃاڻڻو آهي ۽ ان تي هلڻو آهي: ممڪن آهي، بلڪ خاطريءَ سان اڄ چئي سگهجي ٿو، ته ان راهه تي پوريءَ طرح نه بيهڻ ۽ ان کي ڇڏي ٻيءَ راهه لڳڻ سبب  ئي سنڌي سماج اڄ ايڏو اوجهڙ ۾ وڃي پيو آهي، ۽ اڄ يا سڀان، ٿورين گهڻين ڏينهن، وري به ان کي سڃاڻڻ ۽ ان جي رخ سان اڳتي وڌڻ سان ئي اُهو پاڻ کي سڃاڻي سگهي ٿو، پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي سگهي ٿو، ۽ پاڻ لاءِ ۽ بني نوع انسان لاءِ پنهنجي هئڻ يا نه هئڻ جي اهميت کي سمجهي سگهي ٿو، ثابت ڪري سگهي ٿو ۽ مڃرائي سگهي ٿو.

شاهه، سچل ۽ سامي سنڌ جي تاريخ ۾ هڪڙي ئي دور جا، بلڪ ذري گهٽ سهيوڳي شاعر هئا. سچل ۽ سامي ته ذري گهٽ هم عمر به هئا. سچل جو جنم 1729ع ۾ ۽ سامي جو 1730ع ۾ ٿيو. سچل تقريباً هڪ سئو ورهين جي عمر ماڻي، 1829ع ۾ ۽ ساميءَ هڪ سئو ويهه روهين جي عمر ۾، 1850ع ۾، هيءُ جهان ڇڏيو. درازا ۽ شڪارپور هڪ ٻئي کان ٻن ڏينهن جي پيادل پنڌ تي مس هئا. سواريءَ جو پنڌ ته وچ ۾ ڏينهن جي چئن پهرن جو مس هو. هڪ سؤ ورهين جي مدت ڪا ٿوري مدت به ڪانهي، ۽ هو ننڍا ماڻهو به ڪو نه هئا، جو هڪ ٻئي جي ڳالهين کان اڻواقف هجن. هو ٻيئي تقريباً 22 ورهين جي زنده دل جوانيءَ ۾ هئا، جو شاهه فوت ٿيو. سچل لاءِ ته شاهه سائينءَ پاڻ چيو هو ته اسان جي رڌل ڪُني جو ڍڪڻ هيءُ لاهيندو. مطلب ته هيءُ اسان جي اندر جي ڳالهه کي وڌيڪ آشڪار ۽ دل جي پيغام کي عام ڪندو. پنهنجي ان پيغام ۽ ان ڳالهه بابت، پنهنجي شعري تخليق ڏانهن اشارو ڪندي، پاڻ چيو اٿن ته جي تون بيت ڀانئين، سي آيتون آهين، ۽ اهي يعني انهن آيتن جو فڪر تو کي نيئي پنهنجي پرينءَ (منزل  مقصود) تائين پهچائيندو. بلڪل ائين جيئن ايران جي عظيم درويشن شاعر روميءَ جي مثنوي، سندس چوڻ موجب، پهلوي زبان ۾ اصل (معنوي) ۽ نج (مولوي- مولا وارو) قرآن هو، جنهن جو مغز هڏن کان الڳ ڪري، فارسي ٻولي ڳالهائيندڙ ايراني قوم جي رهبريءَ لاءِ ان جي آڏو رکيو ويو هو. هيڏانهن ساميءَ جو پنهنجي ڪوتا لاءِ چوڻ هو ته ويدن جو ويچار، تو کي سنڌيءَ ۾ سڻايان. يعني، هڪ پاسي شاهه ۽ سچل هئا. جن اسلام جي قرآن جو تفسير ۽ تعبير سنڌي ٻوليءَ ۾ پنهنجي سنڌي سماج (مسلمانن ۽ هندن ٻنهي) کي سيکارڻ ۽ سمجهائڻ ٿي چاهيو، ۽ ٻئي پاسي سامي هو، جنهن هندو ڌرم جي ويدن جو اثر ۽ سمجهاڻي ساڳئي ان سنڌي سماج کي، يعني هندن ۽ مسلمانن ٻنهي کي، ڏيڻ گهري ٿي. عربي ۽ سنسڪرت جن ۾ اُهي آيل هئا. ٻيئي سندن مڃيندڙ لاءِ ڌاريون زبانون هيون. ان کان وڌيڪ انهن لاءِ هنن پنهنجي ايماني صحيفن کي سمجهڻ ۽ ڏکيائي هيءَ هئي، جو انهن جي نظر ۾ سڄو حق انهن جي پنهنجي پنهنجي صحيفي ۾ هو، جن جو هڪ هڪ اکر حق هو ۽ جن جي ان پنهنجي پنهنجي، حق ۾ ڪا به تبديلي ڪڏهن ڪا نه اچڻي هئي، بلڪ ان جو رڳو ويچار به ممنوع هو، ساڳئي وقت انهن ئي سندن آسماني صحيفن جا پيشه ور ۽ ماهر سمجهائيندڙ (ملا ۽ پنڊت) وٽن موجود هئا، جن انهن جي سمجهائڻ ۽ وضاحت اهڙي ٿي ڏني، جو سمجهائڻ بدران ڳالهه کي هنن منجهائي ٿي ڇڏيو، ۽ پنهنجيءَ پر ۾ قرآن توڙي ويدن وارا پنهنجي پنهنجي سوچ تي مڇريا، هڪ ٻئي تي ڪاوڙيا، سنڌي سماج ۾ سٻنڌ ۽ سينهه بدران تفرقي ۽ فسد جا سبب بڻيا بيٺا ٿي رهيا. انهن مان هڪدم ته رياست  تي قبضو ڄمايو، ان جي سموريءَ طاقت کي پنهنجو هٿيو بنايو، چؤطرف ذهني گهٽ ۽ ٻوسٽ جي دنيا قائم ڪيو بيٺي هئي. شاهه، سچل ۽ ساميءَ سنڌي سماج کي اهڙي تفرقي ۽ فساد ۽ اهڙيءَ روحاني ڳٽ کان بچائڻ چاهيو ٿي. پنهنجي دور جي انهيءَ ڳالهه کي هنن بيحد اهم ٿي سمجهيو. ان جي جاءِ تي هنن سنڌي سماج ۾ امن ۽ اتحاد، سهپ ۽ سک، ۽ ضمير جي آزاديءَ جي دنيا آباد ڏسڻ ٿي گهري. نئينءَ دنيا جي ان حسين خواب جي اجهل احساس ۽ بيڌڙڪ جوش کين سڄي عمر سک سمهڻ نه ڏنو، ۽ هو ان لاءِ سدائين لڇندا ۽ لوچيندا رهيا، ۽ ائين هو پنهنجي وقت سان پنهنجي پوري وس آهر پنهنجو بهترين ناتو نڀائي، ۽ انساني تهذيب جو اهو هڪ بهترين اصول ان کي هڪ ڀيرو ٻيهر ٻڌائي ۽ سمجهائي، نه رڳو سنڌي سماج بلڪ بني نوع انسان جي تاريخ ۾ عظيم ۽ امر انسان بڻجي ويا.

ماڻهو ڪيئن ۽ ڪڏهن رياست (State) بڻجن ٿا ۽ ڪيئن ۽ ڪڏهن قوم (Nation) بڻجن ٿا. انساني تاريخ جا اهي نهايت بنيادي ۽ ڳنڀير سوال رهيا آهن. هونئن ته ملڪن، سماجن ۽ قومن جي غلاميءَ جا زمانا مجموعي طور سندن زندگيءَ جا بحراني دور هوندا آهن، ڇو ته انهن ئي دورن ۾ هنن جو وجود خطري هيٺ هوندو آهي ۽ هو آزمائش ۾ مبتلا هوندا آهن، پر خاص طرح جڏهن جڏهن اُهي پنهنجي آزاديءَ جي جدوجهد ۾ مصروف هوندا آهن. سندن تاريخ جا بنيادي طور بحراني دور ۽ اهم ترين دور اهي هوندا آهن. شاهه، سچل ۽ ساميءَ جو دور (تقريباً، 1700- 1850ع) سنڌي سماج جي تاريخ جو اهڙو هڪ اهم ترين ۽ بنيادي طرح بحراني دور هو.

نائين صدي عيسويءَ جي اڌ کان وٺي سورهين صديءَ جي شروع تائين، ذري گهٽ ست سئو ورهيه لاڳيتا، سنڌ جي رياست سنڌ جي ماڻهن جي قبضي ۾ رهي. پنج سئو ورهين کان ڪجهه وڌيڪ سومرن جي ۽ ذري گهٽ 200 ورهيه سمن جي. سنڌ جي تاريخ جو هيءُ دور سنڌي سماج جي بنيادي اوسر جو دور هو. سنڌ جا تقريبا سمورا تاريخي ۽ نيم تاريخي قصا ۽ فخريه ڳالهيون، ڏند ڪٿائون، لوڪ ڪهاڻيون. لوڪ گيت ۽ لوڪ سورما انهيءَ پنهنجي آزاد رياست جي لاڳيتي ڊگهي عرصي سان تعلق رکن ٿا. سنڌ جي تاريخ جو اهو ئي دور هو، جنهن لاءِ صحيح طور چئي سگهجي ٿو ته اهو سنڌي سماج جي مذهب ۽ رياست ٻنهي سنڌي سماج جي  تهذيبي اوسر ۽ اڏاوت جو ڪم ڏنو. ملڪي سرحدن جي بچاءَ جا جتن، سماجي خوشحاليءَ جون ڪوششون، سنڌي ڪردار جي ذهني پرورش ۽ اخلاقي تعمير، سنڌي سماج جي تاريخ جي صورت ۽ ساخت، جيڪا هن دور ۾ عمل ۾ آئي، اُن جو ٻيو مثال سنڌ جي تاريخ ۾ ڪو نه ٿو ملي. سنڌ جي تاريخ جو هيءُ غير معمولي قومي اهميت جو دور 1520ع ۾ ختم ٿيو. ان جي خاتمي تي سنڌي ماڻهن پنهنجو اڻ ميو خون وهايو. ان خون ۾ سنڌي سماج جي هر حصي ۽ هر فرقي جو خون شامل هو. عظيم مقصدن لاءِ خود قربانيءَ جي طويل سلسلي ۾ هنن هڪ بنهه انوکيءَ قرباني جي مثال جو اضافو به ڪيو: سندن هڪ وطن دوست مذهبي عالم، سدا حيات، عظيم شهيد، مخدوم بلال جيئرو گهاڻي ۾ پيڙجي وطن تان قربان ٿي ويو، هڪ ڀيرو اڳي به سنڌ جي تاريخ ۾ ان جي مذهبي سربراهن پنهنجي وطن عزيز لاءِ ائين پنهنجا سر ڏنا هئا: 325 ق . م. ۾ جڏهن يونان جو سڪندر اعظم پنهنجي فتحمند لشڪر سان سنڌ جي حدن ۾ داخل ٿيو، تڏهن کيس ٻڌايو ويو ته اُتي هڪ اهڙو مخفي اثر موجود هو، جيڪو ڌارين  جي مقابلي لاءِ ماڻهن جي ارادي کي مضبوط ڪري سگهيو ٿي. اُهو مخفي اثر برهمڻن جو هو، جُيڪي پوءِ واقعي سڄو وقت پنهنجن ماڻهن کي دشمن جي خلاف وري وري گڏ ٿي  ۽ وري وري اٿي وڙهڻ لاءِ اڀاريندا رهيا، ۽ انهن سان گڏ پاڻ به قربان ٿيندا رهيا. ٻه اهڙا واقعا تاريخ ۾ بيان ڪيل آهن: هڪڙو سمبس (سمه؟) قبيلي جي راڄڌاني سنديمن (سويهڻ) شهر جو جتي فتح کان پوءِ، سڀ کان اول، سڪندر سڀني برهمڻن کي قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ڇو ته هن کي معلوم هو ته انهن ئي ماڻهن کي مقابلي لاءِ اٿاريو هو، ۽ ٻيو ماسيڪانس (ماڇي؟) قبيلي جي شڪست کاڌل راڻي جو جنهن کي بادشاهه سندس ئي راڄڌانيءَ (الور) جي چونڪ تي اُتان جي سڀني برهمڻن سان گڏ ڦاسي تي چاڙهڻ جو حڪم ڏنو، ڇو ته انهن ئي هن کي ائين مقابلي لاءِ آماده ڪيو هو. پر اهڙين بي مثل قربانين جي پيش ڪرڻ کان پوءِ به نه سنڌ جون الڳ الڳ رياستون يونانين کان تڏهن محفوظ رهي سگهيون ۽ نه ٻه هزار سال پوءِ هڪ سمي ڄام جي حڪم هيٺ سنڌ جي مرڪزي رياست ئي ارغونن جي وحشي حمله آورن کان بچي سگهي.

ڪو به سماج، ڪو به ملڪ، ڪا به قوم ائين ڪنهن ٻاهر کان آيل ڌارينءَ طاقت هٿان هار کائي نٿي سگهي، ۽ هار کائڻ کان پوءِ لاڳيتو گهڻو عرصو مجبور ۽ محڪوم رهي نٿي سگهي، جيستائين جو ان ۾ پنهنجي ڪا اندروني ڪمزروي يا اوڻائي موجود نه آهي، ۽ اها ڪمزوري هر حالت ۾ ان جي ڪنهن اندروني نفاق ۽ انتشار جي ڪا صورت يا نتيجو  ئي هوندي آهي. رياست، مذهب ۽ تهذيب سماج جا هي ٽي شعبا، سماج جي سلامتيءَ يعني اُن جي اتحاد ۽ مضبوطيءَ جا ضامن هوندا آهن، بلڪ انهن جو منصبي ڪارج ئي اهو هوندو آهي. رياست اُهو پنهنجو ڪارج ملڪ ۽ سماج جي بچاءَ ڪرڻ سان، فردن جي پسند ۽ غرض کي اجتماعي پسند ۽ غرض سان ملائي هڪ ڪرڻ سان، قانون ۽ انصاف جي پوري نفاذ سان، طبقن ۽ گروهن جي سلسلي ۾ پنهنجي غيرجانبداريءَ ۽ منجهن سهپ ۽ رواداريءَ جي فضا کي همٿائڻ ۽ قائم رکڻ سان ادا ڪري ٿي، مذهب پنهنجو اهو ڪارج سماج جي فردن، طبقن ۽ گروهن ۾ ويساهي عالم جي يڪرنگيءَ ۽ پوڄاپاٺ ۽ ڪريا ڪرمن جي ساڳئي ضبط ۽ مشق وسيلي ادا ڪري ٿو. تهذيب پنهنجو منصبي ڪارج ذهني پورهئي جي تخليقات يعني فلسفي، شاعريءَ ۽ ٻين فنون لطيف جي ميدانن ۾ پنهنجي ڪاوش وسيلي ۽ جسماني پورهئي جي وسيع پيداواري ۽ تعميري ڪوششن وسيلي ادا ڪري ٿي. پر ڇاڪاڻ ته مخصوص رياستون ۽ مذهب محض ڪن انفرادي (يا گروهي) شخصن جي ڪوششن ۽ ڪن خاص واقعن جي رونما ٿيڻ جو اوچتو نتيجو ٿين ٿا، ۽ ٻيو ته رياست ۽ مذهب پنهنجي زور ۽ ويساهه (طاقت ۽ ايمان، اقتدار ۽ اعتقاد) جي گهمنڊ ۾ عدل ۽ رواداريءَ جي توازن کان اڪثر ٻاهر نڪتل رهندا آهن، انهيءَ ڪري اُهي سماج ۾ امن ۽ اتحاد جي وسيلي بڻجڻ بدران ان جي تفريق ۽ نفاق جا سبب بڻجي پوندا آهن، ۽ خاص طرح جڏهن اُهي محض هڪ ٻئي جا پشتيبان جا خادم بڻجي عمل پذير ٿيندا آهن، تڏهن ته سندن تشدد ۽ تعصب ڪري سڄو سماج جنسي فساد ۾ وٺجي ويندو آهي ۽ پوءِ اهو سماج ڏسڻ ۾ ٻاهران ڪهڙو به ڏيک يا ڏيا وارو هجي پر ٻاهرينءَ ڪنهن دشمن طاقت جي ٺلهيءَ  ڦنڊڪ وهيڻو وڃي رهندو آهي، رياستن ۽ مذهبن جي ڀيٽ ۾ تهذيبون زمانن گذرڻ سان، قومن يا سماجن جي ذهن جي کلڻ، پختي ٿيڻ ۽ قدم بقدم ۽ آهستي آهستي رونما ٿيندڙ واڌ ۽ وسر جي پيداور ٿين ٿيون: انهيءَ ڪري تهذيب پنهنجي عمل پيرائيءَ ۾ ڪڏهن به پنهنجي سماج ۾ نفاق يا تفرقي جو ڪارڻ بڻجي نه سگهندي آهي، بلڪ سدائين ان جي اتحاد ۽ مضبوطيءَ جي پختي ۽ صاف سڌي رستي جو ڪم ڏيندي آهي. انهيءَ ڪري ئي چئي سگهبو آهي ته رياست ۽ مذهب کانسواءِ به ڪنهن قوم يا سماج جي وجود جو نيٺ به تصور ممڪن آهي، پر تهذيب کان سواءِ اُهو ڪنهن به صورت ۾ ممڪن نٿو ٿي سگهي. ڪا رياست ۽ ڪو مذهب جڏهن ڪنهن قوم يا سماج جي تهذيب جي بچاءَ ۽ فروغ جي ڪوشش ۾ مصروف  هوندا آهن. يا ڪم از ڪم ان سان هم آهنگُ يا مصلحت ۾ هوندا آهن، تڏهن ۽ فقط تڏهن ئي اُهي ان قوم  يا سماج جي قدر ۽ فرمانبرداريءَ جا حقدار ليکبا آهن. ڇو ته فقط ان ئي صورت ۾ اهي ان جي وجود جا مددگار، محافظ يا گهڻگهرا بڻجي سگهندا آهن. انهيءَ خيال کان ئي هر رياست کي ۽ پڻ هر مذهب کي پنهنجي  پنهنجي قومي حيثيت يا پنهنجي پنهنجي خاص سماج جو رنگ اختيار ڪرڻو پوندو آهي. ٻڌمت چين ۾، جپان ۾، برما ۽ ٻين ويجهن مشرقي ملڪن مان تقريباً هر ملڪ ۾ پنهنجو اُتان جو مڪاني (قومي، سماجي) رنگ اختيارڪيو.مسيحيت يونان، روس، ايشيا مائنر ۽ خاص طرح سورهين صديءَ جي اصلاحي تحريڪ کان پوءِ يورپ جي تقريباً هر ملڪ ۾ قومي رنگ اختيار ڪيو. عرب فتح کان ترت ئي پوءِ ايران قبول اسلام ڪري، ان کي خاص ايراني رنگ ڏيئي، پنهنجو قومي مذهب بنايو، ۽ ائين پنهنجي سياسي ۽ تهذيبي امتياز ۽ خود اختياري کي ٻيهر بحال ڪيو ۽ قائم رکيو. تاريخ عالم ۾ اهڙا ڪيئي مثال موجود آهن. جڏهن قومن ۽ سماجن کي پنهنجن فاتحن جي مذهب کي مڃڻو ۽ پنهنجو ڪرڻو به پيو آهي ته ان کي مڪاني حالتن سان هم آهنگ ڪري  ۽ پنهنجي تهذيب جو غالب رنگ ڏيئي پوءِ مڃي ۽ پنهنجو ڪيو آهي. ان کي بدعت يا الحادُ يا تجديد يا اجتها کان ڪو خالص قومي مذهب به بچيل نٿو رهي، ڇو ته ڪا بدعت يا ڪو الحاد وغيره ڪنهن مذهب ۾ ايندو ئي تڏهن آهي، جڏهن اهو  پنهنجي تعصب ۽ جمود سبب پنهنجي قوم يا سماج جي آزاد ۽ متحرڪ تهذيب سان هم قدم رهي نه سگهندو آهي، بلڪ ان جي راهه جي آڏو روڪ بڻجي بيهندو آهي. مطلب ته رياست ۽ مذهب کي، رضا سان يا رنج سان بهر صورت پنهنجي سهيوڳي تهذيب جو خادم ۽ طفيلي ٿي رهڻو آهي، ۽ ان صورت ۾ ئي سماج جا آهي ٽي شعبا هم آهنگ ٿي سگهندا آهن ۽ ان جي اتحاد ۽ مضبوطيءَ جي ضمانت بڻجي سگهندا آهن.


*ڏسڻو هي آهي ته مذهب جو، اقتدار جي دنيا ۾ يعني سياست ۾، ۽ اختلاقيات جي دنيا ۾، تاريخي عمل ڪهڙو رهيو آهي. اقتدار جي دنيا ۾ اُن بيحد شدت ۽ ڪٺورتا  کان ڪم ورتو آهي. لازمي طرح اُن کي ائين ڪرڻو هو، ڇاڪاڻ ته مذهب، پنهنجي معمول بطابق، پنهنجن معتقدن تي، جن کي اُن مان سچي ايمان جي روشني ملي ٿي، هيءُ روحاني فرض عائد ڪري ٿو ته هو ڪافرن کي ڪفر جي اوندهه مان ڪڍي ٻاهر ڪن. تنهن کانسواءِ، اُن ايمان جي روشنيءَ جو خاص واسطو جسم کان وڌيڪ روح سانرهي ٿو، تاريخ اُن حقيقت جو ثبوت سدائين بيشمار ڪافرن جي ماس ۽ رت (يعني اُنهن جي لاشن) جي صورت ۾ پئي ڏنو آهي. هن سلسلي ۾ اها ڳالهه به پڌري آهي ته جيڪي سچي ايمان جي روشنيءَ کان انڪار ڪندا. اُهي بهر حال انهيءَ کان به انڪاري هوندا ته مومنن کي مٿن حڪم هلائڻ يعني، صاف سڌن، لفظن ۾، سندن ملڪ تي هڪمرني ڪرڻ جو ڪو حق آهي! بس، ائين مقدس ايمان جي روشني ۽ ان جي مقصد ڪتاب جي تبليغ سان ملڪن ۾ مؤمن قومن جي علبي ۽ حڪمرانيءَ جي جهنڊن کوڙڻ جو پورو جواز ۽ لاجواب سبب پيدا ٿئي ٿيو آهي. ان ۾ جيڪڏهن چند دائي، مبلغ، درويش يا عالم شخصي طرح اخلاص ۽  پاڪبازيءَ جا پتلا به هئا، ته اُن ڪري اصل ڳالهه ۾ ڪو فرق ڪو  نه ٿي پيو. اُنهن جي پاڪبازيءَ ۽ لاطمعيءَ پاڻ اُن قوت ۽ اقتدار کي مدد، بچاءَ ۽ تقدس بخشڻ جو ڪم ٿي ڏنو، ۽ اُن وچ ۾ انهن جا ٻيا مؤمن ڀائر اها ئي قوت ۽ اهو ئي اقتدار پنهنجي پوري جهد ۽ جولان سان استعمال ڪندا ٿي رهيا، ته جيئن پنهنجي اُن جهاد جي عوض هو جنت جا مالڪ ۽ وارث بڻجي سگهن. آخرت جي جنت کان وڌيڪ هن دنيا جي جنت جا، غلام ملڪن جي باغن ۽ کيتن جي جنت جا، اُنهن جي وادين ۽ دريائن جي جنت جا، محڪوم قومن جي پگهر ۽ پورهئي ۽ رت ۽ سَت جي جنت جا.

 مقدس دين- پنهنجن چند نيڪ ۽ متقي عالمن ۽ دوريشن کان تقريبا لاتعلق  پنهنجن اُنهن جنت-پسند مجاهدن جي هر فتح ۽ اُن جي بي انداز مال غنيمت کي پنهنجي خداءِ قدوس جي طرفان مؤمنن تي لازوال فضل ۽ ڪرم جي بارش ۽ سندس احسان عظيم چوندو ۽ ظاهر ڪندو رهيو. برابر سندن خدا ساڻن خوش هو ۽ هو پاڻ به پنهنجي خدا سان خوش هئا! ائين، اخلاقيات جي دنيا ۾، هڪُ  ته مذهب پنهنجي معتقدن جي ذهنن ۾ اهڙوهڪ ڏٺو وائٺو ۽ بي سرتيو غرور ڀريو ته سندن پنهنجو ڪردار ۽ پنهنجا اخلاقي قدر ٻين جي ڪردار ۽ اخلاقي قدرن کان بهر صورت بهتر ۽ اعليٰ هئا ۽ انهيءَ ڪري سندن اهو حق به هو ۽ فرض به هو ته ٻين جي عقيدن کي بدلائڻ ۽ انهن کي راهراست تي آڻڻ جي ڪوشش ڪن، ۽ اُن لاءِ هو هر قسم جي طريقن کي ڪم آڻڻ جي ڪوشش ڪن، ۽ اُن لاءِ هو هر قسم جي طريقن کي ڪم آڻڻ ۾ حق بجانت هئا: ۽ ٻيو ته انساني تهذيب جي اُن اختلاف ۽ ٽڪر ۾، ۽ اُن جي نبيري ۾، مؤمنن جي عقيده پرست ۽ خود پرست جنونَ انساني اخلاقيات کي اهڙو هڪ اجهاڳ هو ۽ جهڙو اڄ به هو پرفريب آهي. انهيءَ ڪري، اسين پوري اعتماد سان چئي سگهون ٿا ته ڪو به جيڪڏهن چاهي ته هو سچ پچ هڪ نيڪ  ۽ بااخلاق  انسان بڻجڻ ممڪن به آهي يا نه، بلڪ آءٌ سمجهان ٿو ته اسان کي پورو يقين رکڻو آهي ته ائين ممڪن آهي، ته هن کي سڀ کان پهريائين مقصد ايمان جي منع نامن، گناهن ۽ منافقن کان پاڻ کي ڇني ڌار ڪرڻو آهي.

 تحقيق، جيڪڏهن خدا جي تصور يا مفهوم ۾ ڪا سچائي يا ڪا افاديت آهي، ته اُها اها ئي ٿي سگهي ٿي ته ان جي مدد سان اسين پنهنجي  من ۾ وڌيڪ شاندار، وڌيڪ آزاد ۽ وڌيڪ پيار ڪندڙ انسان بڻجون، جيڪڏهن خدا اسان کي ائين نٿو بڻائي سگهي، ته پوءِ بهتر آهي ته اسين اُن جو نالو وٺڻ ڇڏي ڏيون. [جيمس بالڊ وڻ (هڪ آمريڪي سياهه فام پادري): حوالو انگريزيءَ جي ڪتاب   Freedom Reasin or Revolution تان ايڊيٽر- گارڊن بوڪر، روليج آئيڊ ڪاگن پال لميٽيڊ، لنڊن،  1970ع.]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com