سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري

باب: --

صفحو :40

روغني تصوير (1)

 

قيد جي شاهي دروازن وٽ

هڪ انبوهه ڊونڊڙو ٿي، ڊَهِي پيو آهي،

جنهن جون اکيون ڏرا ڏئي ويون آهن

جنهن جا منهن بگڙي، بدزيبا ٿي ويا آهن

تڇ جهڙي ڏي- وٺ ٿي رهي آهي

پيسي پائيءَ جي

ديوارن پٺيان

هر ڪوئي ريڙهيون پائي رهيو آهي،

لفظ رڳو سرگوشي آهي

۽  سرگوشيءَ ۾ دهشت آهي،

ڀَڳل، ٽٽلَ، چُور ۽ لنگهڻ تي

قيدي هميشه

ڍَوَ تي کڻي ٿو

پنهنجو مفت جو راشن،

آسمان جو

۽ ٻاهر جي هوا جو

ٻاهر دونهون آهي

خوشبو آهي سارين جي،

مڪئيءَ جي ڍوڍي ۽ گوار جي ڦرين جي،

جا هوا ۾ ڦهلجي وئي آهي

۽ اڇي اَبر تي آلايش آهي

سرد خون جي قطرن جي

شڪسته حال ابهمن جو

گرم رت وهي رهيو آهي،

جن جون ٽنگون

فوجين جي حڪم تي

ڊوڙندي

سَٽڪي ڪُٽڪي هيٺ اَچِي چُڪيون آهن.

ٻارن جون اکيون

ڊونڊڙِي انبوهه کي ڏسي رهيون آهن

جو هڪ ڪارن جسمن جي ڳٺڙي لڳي رهيو آهي،

سراسر شڪست کاڌل.

[والٽر مارٽينيز Walter Martinez]

**

 

هو زنده انسان کي

ڪيئن نه رَجهائي، ڪِنو ڪري ماري رهيا آهن!

گهڙيءَ ۾ هنن کي خاڪو بڻائي رهيا آهن

مقتول جي منهن جي بي انتها زرديءَ جو،

۽ هن کي حوالات ۾ رکي رهيا آهن

اَبد جي،

۽ ان ڪري

شيرينيءَ سانڱ

مقدّر وانگر

مون ارادو ڪيو آهي ته جوڙيان

پنهنجن گيتن مان

آدميءَ جي عظمت لاءِ

اَپار ۽ اننت پُل

جيئن هڪ هڪ ٿي اُن تان

ڌرتيءَ جا هَٺَ ڀڳل ۽ ڪَنڌ جُهڪيل

لنگهي وڃن.

تو کان ڪافي پري مان نديءَ ڪناري سوچي رهيو آهيان.

۽ پنهنجا بي سرا گيت آلاپي رهيو آهيان،

مڌر ۽ نِت نَين ڇولين اڳيان،

جن کي سُر جي ساڃاهه آهي،

ندي اهو دَرس دُهرائي ٿِي

ڇوليءَ ڇوليءَ سان اڇي ٽوپي، اڇِيءَ ٽوپيءَ سان،(1)

۽ ساڳيو گيت واري واري سان ورجائي ٿِي

انقلاب انقلاب.

 

[گئسپر گارشيالئوِ يانا Gasper Garcia Laviana]

ساڳي شاعر جو ٻيو به نظم آهي:

ڌرتيءَ ڌڻي (2)

مان پنهنجي ماس کي ڇِلي روڙي

ٽنگيان ٿو

تنهنجيءَ خاردار تارجي ڏِنل لوڙهي تي

جيستائين اهو ڳري سَڙِي وڃي.

۽ تون ان جي سَڙاند ۽ بدبوءِ برداشت نه ڪري سگهين

۽ ڪنهن ٻي جاءِ تي لڏي وڃين.

نڪاراگوا جي هڪ ٻي شاعر وِدولز مينيسيز (VidulZ Meneses) جو تشدّدجي ذريعي مارجي ويل عورت تي لکيل نظم جو آخري بند آهي:

خاموش ڪمپيئنيرا (ڪامريڊ جنهن پنهنجي (1)

عاشق جا وارٿي سنواريا،

چنڊ هيٺان

جنهن بگهڙن جي اوناڙ کي ڄارُ وجهي ڦاسائڻ ٿي چاهيو،

ڍُڪيءَ جو پيٽ، جنهن مان ٻار ڪري پيا،

 جي ڪنهن ڪانڪسئسٽيڊار (2)جا گورا ٻار هئا

جي اُڇاتري علامت آهن

اُن عورت جي جنهن کي روايت ٺاهيو آهي.

ڪيترائي مثال آهن اهڙي اتساهيندڙ شاعريءَ جا جيڪا ڏکڻ آفريڪا جي عڪاسي آهي. اي ڪاش! اشتراڪيت روس ۽ مغربي يورپ ۾ اهي درندا صفت انسان پيدا نه ڪري ها! اي ڪاش! انهيءَ اقتصادي ۽ سياسي انصاف لاءِ جدوجهد جو فلسفو اهو هجي ها، جنهن ۾ انسانيت جو احترام ڪيو وڃي ها!

هاڻي اچان ٿو آفريڪا جي نسل پرستيءَ جي خلاف مزاحمت واري شاعريءَ تي. اڄ ڪلهه ڏکڻ آمريڪا ۾ گهڻا آمر نه رهيا آهن، جي عوام کي آزارن ۽ مارڪسسٽ انقلاب جي سُون سُون گهٽجي وئي آهي. گوريلا جنگ جون پڪارون اڳي وانگر عوام کي اتساهَن نٿيون، جڏهن فيڊل ڪاسترو جو ڏاڙهيل ٽولو سيئمرا ميسترا (Sierra Maestra) ۾ ڪاهي آيو هو ۽ چوڌاري مسلَح بغاوت ڦهلائي هيائين يا جڏهن جي گويرا هڪ ڏند ڪٿا ٿي چڪو هو يا جڏهن نڪارا گوا جي سئنڊِنسٽا (Sandinista) جنرل اناٽيسيو (General Anatasio) کي ٽپڙ ويڙهايا  ها. آڪٽوبر 67ع  ۾ چي گويرا بوليويا ۾ ماريو ويو ۽ 25 سال پوءِ 92ع ۾ ٻيو اهم گوريلا ليڊر ابي مائل گزمان (Abimael Guzman) کي پيروءَ ۾ سزا ڏني وئي. ڏکڻ آمريڪي گوريلا به هتان جي قوم پرستن وانگر Cow boys  (ڳنوار) ٿي چڪا آهن. ڪجهه ائنڊيئن (AnDean) صوبن ۾ اڃان ڪٽَر رتُ پياڪ گوريلا آهن، پر اهي ڪسان عوام جي دل جيتي نه سگهيا آهن، جي دهشت گرديءَ مان ايئن ڪڪ ٿي پيا آهن، جيئن سنڌ جا ماڻهو ٿي پيا آهن. ڪولمبيا ۾ ٻه انقلابي گروهه سرگرم آهن. بين الاقوامي ماهر انهيءَ راءِ جا آهن ته يو- ايس-ايس- آر جي خاتمي کان پوءِ هو پنهنجي مالي مدد پاڻ ڪري رهيا آهن ۽ ڪيوبا مان ان جي اميد نٿا رکن. هو آفيسر ۽ آسودا، چوپائي  جي کيتن وارا (Ranchor) اغوا ڪري، انهن کي يرغمال ۾ رکي تاوان وٺن ٿا ۽ ايئن گاڏي گهِلن ٿا. نتيجو اهو آهي ته گوريلا سرڪار سان امن جون ڳالهيون ڪري نٿا سگهن. چليءَ ۾ تڏهن کان پوليس شهري گوريلن جي لاهي پاهي ڪڍ پئي آهي، جڏهن کان 1990ع ۾ صدر پئٽريشو ايلن (Patricio Aylioin) اقتدار ۾ آيو آهي ۽ اٽڪل 250 گوريلا گرفتار ٿي چڪا آهن ۽ سرڪار ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته جمهوريت ۾ دهشت گردي کي شڪست ملي سگهي ٿي. جي مارڪسِسٽ ٽولا 1980ع ۾ آگسٽوينوشي  جي خلاف اُٿي کڙا ٿيا هئا، اُهي هاڻي کاٻي ڌر ۾ ايترا مقبول نه آهن. گؤتومالا جو قومي انقلابي اتحاد (UNNG) 1960ع جي وچ ڌاري ٺاهيو ويو هو، جنهن ۾ باغي هاري شامل ڪيا ويا هئا. ۽ ان ۾ اڌ اکري ديهاتي به شامل هئا.  پر ان کي شهرن ۾ حمايت حاصل ڪا نه  هئي، پر پوءِ ان جي حملو ڪري ڀڄي وڃڻ جي حڪمت عملي ڪامياب وئي هئي۽ فوج کي ڪافي الجهائي رکيو هئائون. 1970ع ۾ فوج قتلام تي لهي آئي ۽ 1980ع کان 1982ع تائين هزارين هاري قتل ڪري ڇڏيائون. فوج گوريلا ايترا ته ماريا جيترا ڳوٺن ۽ شهرن ۾ انهن جا حمايتي ماريا ويا. گوريلن ۽ سرڪار ۾ رکي رکي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي آهي. في الحال فوج فيصلي لاءِ راضي نه آهي، ڇو ته اُن کي ۽ ان جي حمايتي افسر شاهيءَ کي پنهنجي لاءِ بجيٽ گهرجي جا گورلين جو ڀؤ پيدا ڪري وٺي سگهن  ٿا.

1979ع ۾ ايل سئاويڊار ۾ ڪُو (Coup) ٿيو ۽ کاٻي ڌر ملٽري سِوِلين جنٽا سان شريڪ هئي، پر ساڄيءَ ڌر کاٻي ڌر کي نهوڙي نيو.  ان وقت کاٻيءَ ڌر جا شدٽ پسند زيرِ زمين تحريڪ ۾ هئا، پر پوءِ اها تحريڪ تيزيءَ سان ٻهراڙي ۾ پکڙجي وئي. نيم فوجي ۽ فوجي دستن 1980ع ۾ سوين گوريلا ماري ڇڏيا. 1981ع ۾ گوريلن حملو ڪيو ۽ پوءِ ٻهراڙيءَ ۾ پکڙجي ويا ۽ اُتي گوريلا فوج ٺاهيائون.- يو- ايس (U.S) چار بلين ڊالر خرچ ڪيا ۽ گوريلن خلاف ايل سئلويڊار جي حڪومت کي مدد ڏنائون پر وريو ڪجهه به ڪو نه. 1989ع کان ايل سئلويڊار جي حڪومت پنهنجو اڳيون مارڪسسٽ نظريو ترڪ ڪري چڪي آهي ۽ سوشل- ڊيموڪريٽ پارٽين جي ويجهو آهي.گذريل جنوريءَ ۾ امن جو معاهدو ڪيو ويو، جنهن ۾ ملٽري، عدليه ۽ اليڪشن جي سڌاري جو وعدو ڪيو ويو. مون هيءَ ساري افراتفري ان ڪري وچوڙ سان ڏني آهي ته جڏهن هيڏا ڍانڍ ٻرندا هجن تڏهن اهو ضروري آهي، ڇا ته شاعر جا هڏا ڀڃي به اُنهن ۾ وڌا وڃن جيئن اُهي ٻين ڪاٺين جي اُلاوَ کي وڌيڪ ڀڙڪائن يا هن جي شاعريءَ کي آزاد ڇڏيو وڃي ته جيئن اهي گيت لکي سگهي، جي هن جي دؤر کان پوءِ به انسان ذات جي روح کي اُتساهي سگهن.

سال 1956ع ۾ فيض احمد فيض جو ڪتاب زندان نامه ڇپيو، جنهن تي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي سيڪريٽري جنرل سجاد ظهير ۽ سابق ميجر اسحاق (پوءِ پاڪساتن ڪسان مزدور پارٽيءَ جي سيڪريٽري جنرل) پيش لفظ لکيا هئا. اهو ڪتاب ساهيوال جيل ۾ لکيو ويو هو. جتي پنڊي سازش ڪيس جا سزا يافته قيدي رکيا ويا هئا. (ڪيترو وقت پوءِ مون کي به ساڳي جيل ۾ الڳ وارڊ ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي ويجهو رکيو هيائون) زندان نامي جي صفحي 88 تي فيض جو هڪ ترانو هو:

 

Africa Come Back

(ايک رجز)

آجاؤ مين نلآ سُن  لي ترﻵ ڊهول کي ترنگ

آجاؤ مست هوگئي ميرﻵ لهو کي تال

آجاؤ ايفريقا

 

آجاؤ مين نلآ دهول سلآ ماتها اُڻها ليا

آجاؤ مين نلآ چهيل دي آنکهون سلآ غم کي چهال

آجاؤ مين نلآ درد سلآ بازو چُهڙا ليا

آجاؤ مين نلآ نوچ ديا بيکسي کا جال

آجاؤايفريقا،

 

پنجلآ مين هتهکڻري کي کڙي بن گئي هلآ گُرز

گردن کا طوق توڙ کلآ ڊهالي هلآ بم نلآ ڊهال

آجاؤ ايفريقا،

 

جلتلآ هين هر کهچار مين بهالون کي مرِگ نين

دشمن لهو سلآ رات کي کالک هوئي هلآ لال

آجاؤايفريقا،

 

دهرتي دهڻرک رهي هلآ مرﻵ ساتهه ايفريقا

دريا دهڻرک رها هلآ تو بَن دﻵ رهاهلآ تال

مين ايفريقا هون دهار ليا مين نلآ تيرا روپ

مين تو هون ، ميري چال هلآ تيرﻵ ببر کي چال آجاؤ

ايفريقا،

آجاؤايفريقا،

آجاؤايفريقا

اهو نظم منٽگمري (ساهيوال جيل ۾ ) 14 جنوري 1954ع تي لکيو هو. جڏهن مان ساهيوال جيل مان 69ع ۾ نڪتس ته اوچتو منهنجي نظر Come back Africa جي عنوان سان هڪ انگريزي نظم تي پئي، جو ڪافي وقت کان اشتراڪي آفريڪا جي آزاديءَ جو انگريزيءَ ۾ ترانو سمجهندا هئا. يو- ايس- ايس- آر جي وجود اُن قت ٽين دنيا کي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي آزاديءَ لاءِ ڪافي اُتساهه ڏنو هو. مان آفريڪا جي ماحول ۾ ٻي شاعريءَ تي اچان، ان کان اول ان انگريزيءَ تراني جو ترجمو ڏيان ٿو، جنهن فيض جي تراني کي اتساهيو هو:


(1)  روغني تصوير(Oil painting)

 

(1)  نوٽ: اڇي ٽوپي خلاصي پائيندا آهن. اها پاڻيءَ تي جهاڳ وانگر لڳندي آهي.

(2)  ڌرتيءَ ڌڻي (Land Baron)

 (1) - ڪمپئنيرا (Companara): هسپانوي لفظ آهي ڪامريڊ لاءِ.

(2) ڪانڪئسٽيڊا (Conquistador): آمريڪا جو ڪو به هسپانوي فاتح، خاص ڪري جي 16 صدي ۾ پيرو ۽ ميڪسيڪو ۾ هئا. هونءَ اسپيئنش ٻولي ۾ لفظ جي معنيٰ فاتح آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com