سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري

باب: --

صفحو :34

عبدالحميد آس ٻٻر

ڪينجهر جو شاعر ۽ شاعري

سنڌي شاعري مختلف دؤرن کان سفر ڪندي، اڄ جي جديد دؤر تائين، جنهن رفتار سان پهتي آهي، اها ٿلهي ليکي هڪ الڳ تاريخ آهي ۽ هو نئين به آئون چوان ته ادب تاريخ آهي ۽ تايريخ ادب آهي ته، مان غلطي ڪو نه ٿو ڪريان، ڇو ته قومن جي هڙئي ڪار گذاري تاريخ ۾ هڪ ئي وقت موجود هوندي آهي ۽ ادب کي به انهن مڙني رخن کان مٿڀري حيثيت آهي.

اسان جي جديد ادب ۾ (خاص طور تي آئون شاعريءَ لاءِ ڇڙو چوان ) ته ڪافي نوان تجربا ٿيا، نوان رُجحان، نوان ٽرينڊ آيا، جهڙي ريت مون اڳ عرض ڪيو ته انهن مختلف دؤرن/ ڏهاڪن تي اسان جيڪڏهن مطالعاتي نظر وجهنداسون ته هر دؤر جي پنهنجي افاديت ۽ اسلوب جي نوان ملندي، انهيءَ لاءِ موجوده دؤر اسان جي سامهون آهي!

هاڻوڪي دؤر جي اڳياڙڪن ڪجهه سالن کان، سنڌي پرنٽ جي لاڳيتي وادَ به سنڌي ادب لاءِ ڪن پهلوئن کان، اهم جاءِ والاري آهي، ان ڏس ۾، سنڌي ساهت گهر حيدرآباد طرفان محترم ناز سنائيءَ صاحب 1993ع ۾ ماهوار ڪينجهر جاري ڪيو ۽ اڄ، 1994ع جو سج باقي، لوقن ۾ آهي، ۽ 1995ع جو سج اکيون مهٽيندو هوندو.!!

مون ڳالهه پئي ڪئي ڪينجهر جي. سو جيڪا لاڳيتو ڪنهن نج ادبي رسالي جي کوٽ محسوس پئي ٿي، ان کي ناز همٿ ڪري پورو ڪيو، (چوندا آهن ته همت مردان، مدد خدا) پوءِ ان ۾ هوندي رُڳي همت مردان آهي، اٿي کڙو ٿيو ته ڪامياب ويو نه! ۽ وڏي حيرت جي ڳالهه آهي تهڪينجهر جيترو نج ادبي رسالو ڪڍيائين، اوترو ئي جلد ۽ بروقت پهچايائين به! ان لاءِ نازکي ڏيڻ لاءِ ته صرف محبتون ئي آهن، باقي دعائون.......

ماهوار ڪينجهر ٽي وڏا ڪم ڪيا آهن، وري انهن لاءِ دليل به ڏيڻا پوندا. مختصراً آئون دليل ڏيان ٿو، هڪ ته ڪينجهر نج ادبي پرچي وارو خال ڀريو، اهو ٿيو هڪڙو ڪم. جنهن پنهنجا پڙهندڙ به جوڙيا، توهان ٿورڙو تصور ڪريو ته هن دؤر ۾ دوست چوندا آهن ڊش اينٽينا جو دؤر (مون کي خبر ڪانهي، ڇو ته مون وٽ اڃا خيرن سان بجلي به ڪونهي) ته ڪير ڇا ٿو پڙهي!؟ ان هوندي به ڪينجهر پنهنجا پڙهندڙ جوڙي ورتا، يعني، هي به هڪڙو وڏو ڪم ٿيو. ٽيون جيڪو وڏو ۽ ڪمال جو ڪم ڪينجهر ڪيو آهي، اهو آهي ڪينجهر جي لکندڙن جو!! کوڙ نوان ليکڪ ۽ شاعر ڪينجهر مان ئي ڪجهه حاصل ڪري اڀري آيا آهن، ۽ آئون سمجهان ٿو، اهو بلڪل ڪمال جو ڪم آهي، ڪمال جو نه سهي ناز ۽ آسي زمينيءَ جو ڪم ضرور آهي، (توڙي جو آسي نومبر 1994ع) کان، ڪينجهر مان علحدگي اختيار ڪري ويو آهي) پر پوءِ به سندس ڪيل محنت نه ناز وساريندو ۽ نه ئي اسان !

ڪينجهر پنهنجي هڪ سال جي ڪاميابيءَ واري جشن ۾ (۽ ان کان هڪ مهينو اڳ به) اعلان ڪيو هو ته هو هاڻي، هڪ سال لاءِ ڪينجهر جا شاعر سري هيٺ نوجوانن جي تعارف سميت سندن ڪجهه (ڳپل) شاعري ڇپيندي ۽ سندس اعلان، عملي طور نڀجي به ويو، جيڪا پڻ حيرت جهڙي ڳالهه آهي.

آئون، ڪينجهر جو شاعر/ شاعره سري هيٺ ڇپجي آيل ڏهن پرچن تي اڀياسي طرز جا ٻه اکر توهان آڏو آڻيان ٿو، جيڪي تمام مُدلل ۽ مستند نه سهي، پر ڪوشش ڪئي اٿم، وقت ٿورڙو ۽ شبنم گل جي لفظن ۾ مقابلو سخت

ته پوءِ، ڌڻي ٻاجهاري جي نالي شروع (جيڪو رحموارو آهي)

جنوري 1994ع ڪينجهر پندرهون، بئڪ سائيڊ ڏسو، ڪينجهر جو شاعر رام چند اوڏ. رام چند اوڏ سان منهنجي ڪا به ڏيٺ ويٺ ڪانهي، پر کيس پڙهندو آهيان. نئين نسل جي خوبصورت شاعرن ۾ سندس شمار، ان لاءِ سندس غزل مان انتخاب:

 

.رات رئسڻ اڪيلي سُتي،

رئيس سان ڪا نويلي ستي

 

ڏسو، ڪيڏي محسومات آهي، هي معاشري جي اها تصوير آهي، جيڪا جيئن جو  تيئن اظهار جي برش سان چٽجي آئي آهي، جنهن  لاءِ تخليقڪار ازخود داد حاصل ٿو ڪري، رام چند ساڳئي غزل، جي بتد (شعر) ۾ بند ٿو ڀڃي، چوي ٿو:

 

چنڊ تو کي سچي ٿوچوان،
رات مون سان جويلي ستي،

 

کرو اظهار، سچو اظهار، ان ۾ ڀلي ڪوڙ جي رنگت هجي، پر ڳالهه اهڙي هجي، جيڪا گهٽ ۾ گهٽ حقيقت جي بدل ۾ اچي سگهي، تنهن کان رام چند اوڏ واقف هوندو!

ڪينجهر جو پهريون شاعر رام چند اوڏ هيو، جنهن جا چاربيت، ست غزل، ٽي نثري نظم، چار وايون ۽ هڪ (پابند) نظم:

 

سورج مکي سانجهه ۾ تنهن جي ڏاهه ڏهوڻ،

هڪڙي سٽ پروڻ، منهنجو من منجهائيو.

 

۽ انهيءَ سٽ نه فقط دوست رام چند جو من منجهايو هو، پر سڀني سوچيندڙن جي دل آزاري ڪئي هئي، (مان هاڻي واري صورتحال کان گهڻو پوئتي ٿو ڳالهايان.)

نثري نطم مون کي وڻندا ته ڏاڍا آهن، پر لکي نه سگهندو آهيان، ان جا به ڪي سبب ٿي سگهن ٿا، جن تي سوچيان پيو ته اهي ڪهڙا آهن؟ في الحال، دوست جي نظمن ڏانهن ڌيان ڏيون ٿا، سندس هڪ نظم آهي:

 

چنڊ،

شهوت ۾ اچي

ننڊ کي ڀاڪر وڌو،

۽،

جواني جاڳي پئي،

زندگيءَ جي شور تي

 

پڙهيو!؟ ڇا سمجهي سگهيا آهيو!؟ ممڪن اهي ڪجهه سمجهي به ويا هجو، پر سچي ڳالهه ته اها آهي ته، مان هن (دوست جي نظر ۾) نظم کي الائي ڪيترا  ڀيرا پڙهيو آهي، ڳالهه سمجهه ۾ نه اچڻي هئي، سا نه آئي نه آئي! ۽ آئون سمجهان ٿو، وار اڇا به ٿي وڃن، هن نظم ۾ رکيل فسلفو/ فڪر منهنجي سمجهه ۾ نه ايندو.

اهڙي ريت، سندس پابند نظم جي ٻن وچين بندن/ شعرن ۾ به تربيوار ٻه ماترڪ پد جي کوٽ نظر ٿي اچي، نه صرف نظم پر سندس ستين ۽ آخري غزل جي آخري بند جي پهرين سٽ ۾ به ساڳئي کوٽ آهي، باقي سندس چار وايون، ته انهن مان ٽي سندس اظهار جي خوبصورتيءَ ۾ رچيل آهن، ۽ هڪڙي جو، وراڻي جي حساب سان، ڪنهن به بند سان نه ٺهڪڻ واري، وڏي غلطي ۾ موجود آهي.

لڳي ٿو، دوست معيار نه، مقدار چاهيو آهي. ٻين لفظن ۾، شيون گهڻيون ڳالهيون جهڙيون تهڙيون.

هي آهي، فيبروري 1994ع ڪينجهر سورهون، بئڪ، سائيڊ تي ڏسو ڪينجهر جو شاعر مظهر لغاري: سنڌي شاعريءَ جي جهوليءَ ۾، نئين ٽهيءَ ايترا گلاب آندا آهن، جو انهن جي ڪٿ به نٿي ڪري سگهجي. مظهر لغاري، اسان جي انهن ڀلوڙ ڪوين مان آهي، جنهن وٽ پنهنجو بنهه نرالو Way of expresion آهي. مظهر لغاريءَ جي شاعري پڙهندي، ماڻهو سڀئي غلطيون به وساري ٿو وڃي، سندس نظم گهڻا تڻا، اهڙي رڌم ۾ رچيل آهن، جو جيڪڏهن سندس نظم جي هڪ سٽ به ڪٿان پڙهجي ٿي ته، ان کي اڳتي پڙهڻ لاءِ، هڪڙي نه محسوس ٿيندڙ ڇڪ، سڄو نظم پڙهائڻ لاءِ مجبور ڪريو ڇڏي ۽ اهڙي خوبي، تمام ٿورڙن شاعرن ۾ محسوس ٿيندي آهي.

مظهر لغاريءَ جا سورنهن نظم ۽ پنج غزل ڇپيا آهن، نظم گهڻو طويل به ڪونهن، ۽ نه ئي گهڻا مختصر. انهن سڀني نظمن مان، مظهر جي نرالي شاعراڻي انداز جي نرالي سڃاڻپ جهلڪندي پسجي ٿي، سندس سمورا نظم پڙهڻ جهڙا آهن، خاص طور تي،  هيءُ دل جي دل سان دشمني تمام گهڻو خوبصورت نظم آهي. سندس پنجن غزلن منجهان ٽن جو قافيو ساڳيو آهي، پر اها سندس خوبصورت فنڪاري چئبي جو هر غزل جو رنگ پنهنجو رکيو اٿائين، مظهر جا پنج ئي عزل به اهڙا ئي آهن. جهڙا نطم !!

 

جيتري زندگي وڃي ٿيندي،

ايترو موت مهانگو ڪونهي،

 

يا، ٻيو به سندس خوبصورت اظهار ڏسو: مظهرچوي ٿو،

 

روح جو جسم، زخم زخم آ مظهر!

دنيا ۾ پاڻ گلن جو ٿا ڪاروبار ڪريون.

 

جيئن مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان، ته مظهر جا نظم پڙهندي، سندس ڪنهن به غلطيءَ ڏانهن ڌيان ڪو نه ٿو وڃي، پر، هڪ نظم تي آخر سوچ وڃي رڪي ۽ آئون سوچن تي مجبور ٿيس: سندس اهو نظم آهي ڇا ڪو ناتو ناهي هُن سان

سندس نظم جو وچ، آئون اوهان آڏو رکان ٿو، غور سان پڙهجو، چئي ٿو:

 

هو جا منهنجي ديس جي ناهي،

سج جا رنگ سمورا جنهن جي،

چُوڙي چوڙي ۾ چمڪن ٿا.

۽ .....مڱڻي جي منڊي ڪيڏو ڳالهائي ٿي،

جنهن جي ڇاتيءَ جي ميوي جي،

موسم پوري پوري آهي.

(توڙي آئون پري آهيان ۽ دوري ڄڻ ڪا سوري آ)

 

آئون مظهر جي ان حرڪت تي ڪا به راءِ قائم نٿو ڪريان، ۽ مون کي خبر ڪونهي پر، سندس ڪيل ڳالهه  تي راءِ ڏيڻ جو حق ضرور رکان ٿو.

پهرين ڳالهه ته نه صرف مظهر جا نظم پڙهندي، پڙهندڙ ان جي رڌم ۾ لڙهن ٿا، پر شاعر خود ان جي وهڪري ۾ لڙهي ٿو، ان جو ثبوت سندس نظم جي پئراگراف توهان پڙهي.  مان هڪ ڳالهه عرض رکي وڃان، ته عورت (ڀلي اها ڪنواري هجي) منڊي پائڻ جو حق رکي ٿي، ڀلي ڪهڙي به قوم سان تعلق رکي! اسان وٽ، آئون پنهنجي تر جي ڳالهه ڪيان، ته هتي مڱڻي لاءِ نڪ ٽوپيو آهي، جيڪڏهن نڪ اڳ ٽوپيل آهي، ته پوءِ ئي منڊي يا ڪو ٻيو سنوڻ ڪيو ويندو آهي، هاڻي جڏهن مظهر چوي ٿو ته پاڻ، گاڏي کان پري به آهي، ته پوءِ سوال ٿو پيدا ٿئي ته هن اهو يقين سان ڪيئن چيوته هن يعني پڪل ڇاتيءَ جي ميوي واري عورت کي، مڱڻي جي مُنڊي پاتل آهي!؟

جيستائين مظهر لغاري، (اسان جو بيحد خوبصورت شاعر) پنهنجي ڳالهه تي نظر ثاني ڪري، توهان به ان ڳالهه تي غور ڪجو.

مارچ 1994ع ڪينجهر سترهون بئڪ سائيڊ ڏسو: ڪينجهرجي شاعره رخسانه پريت چنڙ. رخسانه پريت چنڙ اسان جي ٽهيءَ جي بيحد خوبصورت شاعره آهي، سندس غزل تمام گهڻو انسپائر ڪندڙ هوندا آهن ۽ سندس پسنديده صنف بيت آهي، دلچسپ ڳالهه اها آهي ته سندس پسنديده صنف بيت آهي ۽ وٽس بيت جي مڪمل ڄاڻ به ڪونهي- ها! آئون توهان سان اتفاق ٿو ڪريان ته اهو لازمي ناهي ته جيڪا شيءِ ماڻهو پسند ڪري هرو ڀرو اها وٽس به هجي پر رخسانه ته بيت به لکندي آهي! سندس ڇپيل شاعريءَ ۾ پنج بيت، ٽي وايون، نو غزل، ٻه ترائيل ۽ ست  ڏيڍ سٽا شامل آهن، سندس پنجن بيتن مان هڪڙو توهان جي پڙهڻ لاءِ هيٺ لکان ٿو:

 

گوندر گس جا پانڌي، تن کي وڃڻ نه ڏي ايڏا،
اڙي، او جيڏا، هي پڇتائن پريتڻو.

 

اسان جيئن بيت جي مٿئين سٽ پڙهئون ٿا، ته هڪڙو خود ساخته عروضي علم متدارڪ مثمن سالم اثلم جي اينگهه/ وڌاءُ فعلن فعلن ساڍا ڇهه دفعا وارو رڌم قائم ٿي وڃي ٿو ۽ بيت جي وري اها خوبي قطعي ڪانهي، هاڻي اسان سندس بيت جي (ڇندن واري) ٽوڙ مروڙ ته سندس بيت جي پهرين سٽ جي پهرينءَ چرڻ/ پَد ۾ (12) ماترائون) ۽ ٻي پد/چرڻ ۾ 15 ماترائون) يعني

(15-12 ماترائون)

جڏهن ته هيٺئين سٽ جي پهرين چوڻ ۾ (9 ماترائون) ۽ ٻي پد/چرڻ ۾ (14 ماترائون) ملن ٿيون يعني (9+14) (9+14) ماترائون ته انهيءَ ماترڪ ڇيد مان سندس بيت پرکيون ٿا ته خبر پوندي ته سندس بيت بيت جي ڪنهن به ڇند ۾ ڦٽ نٿو ٿئي، نه ڇند دوها ۽ نه ئي ڇند سورٺا ۾)

بيت کي مون کڻي غلط ئي سمجهيو هجي، پر لطيف کان وٺي اياز ۽ آسي زميني کان عزيز ڪنڱراڻي تائين بيت جي مڪمل شاعرن کي پڙهجي ٿو ته، انهن ۾ بيت جو هڪڙو ڪلاسيڪل رنگ، ٻين لفظن ۾ رڌم محسوس ٿئي ٿو، اهو صرف (ٻنهي ڇندن (دوها سورٺا ) ۾ هڪ ڇڙي پد، يعني هڪ ماترا جي هٿرادو کوٽ رکڻ سان (جيڪا زورائتي اُچار ۾ مڪمل به ٿي سگهي) ته اها ئي بيت لکندڙن جي وڏي فنڪاري چئي سگهجي ٿي.

لطيف جا بيت ان بنياد تي تمام گهڻا ملن ٿا يعني سندن بيتن جو ڇيد ڪرڻ مهل زورائتي/ آوازي اينگهه ذريعي ئي پرکي سگهجن ٿا/ سگهبا  آهن، اهڙي طرح اياز ۽ آسي زمينيءَ عزيز ڪنگراڻيءَ وٽ به اهو ساڳيو رنگ ملي ٿو، ان طرح سان رخسانه جا ٻيا بيت توريون ٿا ته ڊيگهه ٿي ويندي. آئون مختصرن ترتيبوار سندن ماترڪ ڇيد اوهان آڏو رکان ٿو.

ترتيبوار (سندس ڇپيل نموني سان) پهرئين بيت جون ماترائون (14+11) پهرئين سٽ ۽ (10+12) ٻي سٽ. ٻي نمبر بيت جي پهرئين سٽ (14+11) ماترائون) جڏهن ته ٻي (11+13) ماترائون) بيهي ٿي، جيڪا (سورٺا ڇند ۾ اچي ٿي) اهڙي نموني سندس ٽئين بيت جي پهرئين سٽ جي پهرئين چرڻ/ پد ۾ (12+15) ماترائون) ۽ هيٺئين سٽ ۾ (9+14) ماترائون ٿين ٿيون، ساڳي ريت سندس چوٿين بيت جي بيهڪ پهرئين سٽ ۾ (دوها ڇن) ۾ ڦٽ ٿئي ٿي يعني (13-11) ماترائون) نڪرن ٿيون. جڏهن ته هيٺئين سٽ ۾ وري (9+13) ماترائون) آهن، سندس پنجين ۽ آخري بيت جي پهرئين سٽ (13+10 ماترائن) تي بيهي ٿي.

ان سموري ڇيد مان اهو واضع ٿيو ته رخسانه پريت بيت جي ڪنهن نموني/ ظاهري ڏيک کان به اڻ سونهين آهي، بيت اسان جي پنهنجي مٽيءَ کي صنف سخن آهي، ان کي وڏي پئماني تي لکڻ گهرجي، پر پهرين بيت کي مڪمل سمجهڻ جي به  گهرج آهي. سندس بيتن کان پوءِ وايون اچن ٿيون پهرئين وائي آهي:

 

جوڀن جاڳائي،

هاڻي وڃڻ جي ٿو ڪرين!

توهان لاءِ هن وائيءَ مان آخري بند هيٺ لکان ٿو:

وڻ بڻياجي گهاءَ ها،

ٻيهر اٿلائي،

هاڻ وڃڻ جي ٿو ڪرين!

 

يعني، گهاءَ وڻ بڻجي ويا آهن! وڻ ته ڪٽبا آهن، ڇانگبا آهن، اٿلائي پٿلائي ڪير ٿو!؟ اٿلائبا آهن!؟ وڻ ته ڪٽبا آهن، ڇانگبا آهن، اٿلائڻ مان سمجهان ٿو پهريون محاورو ٿو پڙهان، سندس ٻي وائي آهي.

 

هلندي هلندي واٽ تان،

نيٺ ڪٿان مڙندي،

ڏاڍو ياد ڪندين.

 

اياز جي وائي آهي:

ويندو سانءَ وو وائڙا،

ڏاڍو ياد ڪندين!

وائي پريت جي به ڀلي آهي، پر وراڻيءَ جي هڪ جهڙائي ککي ٿي.

هي رجحان به اسان جي ٽهيءَ ۾ ڪجهه سجيهه ئي پسجي  ٿو، ٻه سال اڳ (ممڪن آهي، ڪي دوست  متان اڃا لڳا پيا هجن) تنهن جي وائي کان پوءِ وراڻي تقريبن اڌ سنچري کن شاعري لکي. حيرت تڏهن  ٿي، جڏهن اسان جا ڪجهه خوبصوت شاعر به ان کان لطف اندوز ٿيا هئا!!

هاڻي سوال هي ٿو پيدا ٿئي ته هي عمل، اسان کي تخليقي پنڌ ۾ ڪهڙي سڦلتا ڏانهن وٺي ٿو وڃي!؟

رخسانه پريت چنڙ جا غزل تمام گهڻو وڻندڙ هوندا آهن، جيئن مون پهرين به عرض ڪيو. ان لاءِ مان سندس صرف هڪ غزل مان هڪ بند توهان جي پرک لاءِ هتي لکان ٿو.

 

ڇو سڏجو پوياڙيءَ پاڇا،

پل ڪوئي پرڀاتي بڻجون

اپريل 1994ع ڪينجهر ارڙهون، بئڪ سائيڊکي ڏسو: ڪينجهر جو شاعر مصطفيٰ نانگراج، نثري نظم، سنڌي شاعريءَ ۾ اهڙي صنف آئي آهي، جنهن تمام مختصر وقت ۾، پنهنجو ماحول بڻايو آهي. نثري نظم جي حوالي سان اسان وٽ هونئن ته ڳڻڻ جي جاءِ به ناهي جو، ايترا گهڻا شاعر ٿي پيا آهن. اسحاق سميجي جي لفظن ۾ ته اسان وٽ سنڌ ۾ هر ٽيون نوجوان شاعر آهي ۽ انهن مان هر ٻيو نثري نظم جو شاعر آهي، پر مستند جيڪي شاعر هن مهل تائين جديد لاڙن کان پوءِ نئين ٽهيءَ مان اڀريا آهن، اهي بنهه ٿورڙا آهن، امتياز ابڙو، بخشڻ مهراڻوي، مصطفيٰ ارباب ۽ جان خاصخيلي. عورت شاعرائن مان امر سنڌو، پشپا ولڀ ۽ ٿورڙا ڪي ٻيا مشهور ٿيا، انهن ۾ اسان جو ڀلوڙ شاعر مصطفيٰ نانگراج به هڪ آهي.

مصطفيٰ نانگراج ۽ مصطفيٰ ارباب ساڳي (Style) جا شاعر آهن. مصطفيٰ نانگراج پنهنجي مشاهدي ۽ ٻوليءَ جي خوبصورت استعمال جي آڌار پنهنجي الڳ سڃاڻ رکي ٿو.

ڪينجهر جي شاعر طور سندس سڃاڻ سان گڏ، سونهن نثري نظم ڇپيا آهن. هن جي نظمن ۾ هڪڙو ڇرڪائيندڙ اينڊ آهي. Climax جي ان خوبصورت ۽ ڇرڪائيندڙ رنگ ئي کيس ٻين کان بنهه منفرد شاعرن جي حيثيت بخشي آهي، هن وٽ مختصر ڪهاڻي (Short story) وارو فارم به آهي، ته شاعراڻي رنگ جو مزاج به!

سندس پهريون نمبر نظم سائنسي آهي، جيڪو ڇرڪائيندڙ ته آهي، پر اهو ڀلي سائنسدان پڙهن، توهان سندس هڪ ضروري نظم پڙهو:

 

هن پنهنجي پگهار مان،

ٻه شيون خريديون.

هڪ پنهنجي پرينءَ لاءِ پرفيوم،

ٻيو

ڪتابن لاءِ شيلف،

هن کي ڪتابن سان گهڻي محبت آهي،

سواءِ ان ڪتاب جي،

جنهن سان،

سندس ڀيڻ جي شادي ٿي هئي.

 

مصطفيٰ جا سڀئي نظم پڙهي، ماڻهو ضرور ڪجهه سوچڻ تي مجبور ٿئي ٿو، پر ائين به ناهي ته سندس هر نظم خوبصورت آهي. هن وٽ جتي (Shortcut) جو ڀلوڙ ڍنگ آهي، اتي وٽس اجائي طوالت به موجود آهي، ان لاءِ سندس نظم هاڻ سوچڻ به نه گهرجي سندس ڇپيل شاعريءَ ۾ موجود آهي، جنهن جي تت (Climax) کي جيڪڏهن صرف پنجن سٽن جي پردي ۾ رکي، ۽ پوءِ ظاهر ڪري ها تڏهن به ان جي پوزيشن ساڳي بيهي ها، پر انهيءَ نظم لاءِ خوام خواهه ٿلهي ليکي ٻه صفحا سيڙا ويا آهن. جيڪو سندن نظم وزن جهڙو به ڪونهي!

مصطفيٰ نانگراج وٽ ٻهراڙيءَ جو به چڱو مشاهدو ٿو نظر اچي، جنهن  لاءِ سندس نظم ۽ هو ٿڪجي پيو هو وڏو دليل آهي.

ان ۾ سندس نظم جو ڪلائيمڪس تکي چنبهاري ڇيت جهڙو چڀندڙ آهي، پر ڪمال واري ماحول جي تصوير  ڪشيءَ ۾ به ڪيل آهي، مثال طور ڳلي تي ڊنگهر، يا ان کان به چٽو ديوي تان ڪڍيءَ  جو اَنُ جهڙا پس منظر ملن ٿا.

مصطفيٰ جي نظمن (ڄاڻ، هڪڙو رُخ، ديوارن کي پتو گهرجي ۽ هاڻ سوچڻ به نه گهرجي ۽ وزن) کان سواءِ باقي سمورا نظم بنهه سهڻا آهن، سندس هي نظم ته سڀني کان گوءِ کنيل ٿو ڀاسي: ڇو ته تمام وڏي ڪهاڻيءَ کي صرف مختصر سٽن ۾ بيان ڪرڻ، سؤلي ڳالهه ڪانهي: اهو سندس نظم آهي:

اها صبح کي خبر نه پوندي!؟

 

ڇن اندر ڪجهه ڇنل کٽولا،

ڦاٽل رلهيون،

هڪ ٽين جي ڀڳل پيتي،

جنهن ۾ ٻارن جا ڪپڙا پيل،

جاري ۾ اٽي جا خاليپارا،

ڪنڊ ۾،

بکايل ۽ هيسيل ٻار،

در سامهون، ريشمي رومال ۾ ويڙهيل

مصري ۽ ڏونگهيءَ،

چئن ماڻهن جي ڪلهن تي کٽولو،

گهٽيءَ ۾،

فتح جي محاذ ڏانهن وڌندڙ،

ماڻهن جو لشڪر،

ورديءَ واري جو هٿ گرم،

۽ هو ڀڄي ويو هو!!

هي آهي مئي 1994ع ڪينجهر اڻويهون، بئڪ سائيڊ ڏسو: ڪينجهر جو شاعر اسحاق سميجو، اسحاق سميجو، نئين ٽهيءَ جي تازي صفا نڪور اڀري آيل ٽهيءَ جو بنهه ڳڀرو، ڀلوڙ شاعر آهي، اسحاق سميجو مون کي ايترو ويجهڙو آهي، جيترو جاني اسحاق ملاح!

اسحاق سميجي سان پهرين ڪچري شايد عزيز ڪنگراڻيءَ جي جاءِ تي 92-91 ۾ ٿي هئي، تڏهن آئون ريڊيو ۾ خط لکندو هئس! ۽  ٿورڙي گهڻي شاعري به ڪندو هئس!

ميچوئر ميچوئر ٽپ ٽاپ اسحاق سميجو، بحث مباحثي جو ڪوڏيو، منهنجو يار آهي، ۽ 94 ۾ منهنجو (خوش بختيءَ سان) ڪلاس ميٽ به ٿيو. سندس هڪ خوبيءَ کان گهڻو متاثر ٿيندو آهيان، ۽ اها خوبي منهنجي سٿ جي تمام گهٽ سنگتين ۾ آهي، وٽس هر ڳالهه کي وزن وٺائڻ لاءِ مضبوط دليل هوندا آهن، اهي دليل سندس ڳالهه کي هوشياريءَ ۾ توري ڇڏيندا آهن. اسحاق سميجو ڪينجهر جو شاعر ٿيو آهي، ۽ سندس ڇپيل شاعريءَ ۾ تيرنهن غزل، پنج وايون، اٺ ڏيڍ سٽا ۽ اسحاق سميجي، نثري نظم به ٻه ڇپايا آهن. (جن تي مون کي ڪو به اعتراض ڪونهي). تازي اڀري آيل ٽهيءَ جي سٿ جو، اسحاق سميجو بيحد ئي خوبصورت، سهڻو شاعر آهي. وٽس هر تخليق ۾ جدت جي هڪ انوکي جهلڪ ملي ٿي، جنهن دور ۾ رُڳي انڌيون تقليدون ٿينديون هجن، اُن ۾ هڪ شاعر جو بنهه پنهنجو اسٽائيل (Style) يا ڊڪشن هجي. اها سچ پچ وڏي ڳالهه آهي.

 

رات مون سان ستي پهاڙن تي،

چنڊ به آيو ڪِهي پهاڙن تي.

 

هن جو مرڪيو پکڙي خوشبو،

ڀر مان گذري، وکري خوشبو.

 

توڙي جو (پکڙي ۽ وکري) لفظ ساڳي معنيٰ جا آهن، پر وکريءَ جي و ۽ پکڙيءَ جي پ ترتيبوار (ويجهو ۽ پري) کي اڻ سڌي طرح سان ظاهر ڪن ٿا، جنهن ڪري هي ڪا غلطي به ڪو نه آهي.

اسحاق وٽ، خوبصورت خيالن جي گهڻائي آهي ته، اها ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي، پر وٽس انهن خوبصورت اظهار ڏيڻ جا ڍنگ/ڏانءَ به سهڻا موجود آهن، (اها وڏي ڳالهه آهي)

اسحاق سميجي  وٽ جتي رنگين احساسن جو رنگين ۽ ڪومل ڇهاءُ آهي، اُتي حد درجي ڪا هلائي به ملي ٿي، جنهن ڪري کيس مڪمل جذبن جو شاعر چئي سگهجي ٿو.

حد درجي جي ڪا هلائي مون صرف ۽ صرف ۽ ان بُنياد تي چيو، جو سندس هيٺيون شعر ئي ڪجهه اهڙي ڪيفيت جو رچيل آهي:

 

ڌرتي پيار جي ويري نڪتي،

هَلُ ته هلئون تون مان امبر ڏي.

 

جيڪڏهن اسحاق وٽ امبر تي وڏي پيار، ماڻڻ جي خوش فهمي آهي، ته اها سندس سستي آهي، ۽ ساڳئي وقت وڏي غلطي پڻ!

جيئن مون اڳ عرض ڪيو ته، اسحاق وٽ، خوبصورت خيالن کي اظهار ڪرڻ جو بنهه سهڻو انداز آهي، ته ان جي هڪ جهلڪ اوهان به پسو:

 

بند ڪمري جي آئون تاريڪي،

راڊ جي هوءَ روشني آهي.

يا

کوليئين کڙڪي، رنگ اُڏاڻا،

هوءَ جا مرڪي، رنگ اڏاڻا.

 

بنهه نيون ۽ اڇهيون شيون آڻيندڙ اسحاق سميجو، جذباتي شاعر به لڳيم ٿو، شاعر: اُها محسوس ڪندڙ حِسُ آهي، جنهن کي جيڪڏهن ڪو به نانءُ ڏجي، ته اهو نانءُ ئي نٿو لڳي!

 

منهنجي سڀني شوڪيسن ۾،

تنهنجين تصويرن جي خوشبو.

 

شاعر، ڪي اهڙيون به ڳالهيون ڪندا آهن، جن جو تعلق صرف سندن محسوسات سان هوندو آهي، هي اسحاق جي ڳالهه به اُها ئي آهي، حقيقت کان گهڻو پري.

ڀلا ڪڏهن تصوير ۾ به خوشبو ٿي!؟ تصوير آهي، ڇا، ڪاغذ نه! ته پوءِ جيڪڏهن ڪاغذ به خوشبو ڏيڻ لڳن ته ويچارن گلن جو ڇا ٿيندو!؟

تون نه آهين، بهار ڦٿڪي ٿو،

کوهه، ماٽي ۽ نار ڦٿڪي ٿو.

 

هي اسحاق جو خوبصورت غزل آهي، جنهن جو مطلع، مان صرف هڪ ڳالهه ٿورڙي وضاحت لاءِ لکيو آهي، اسان وٽ ڪجهه لفظ اهڙا آهن، جيڪي هڪ ئي وقت ٻنهي (مذڪر، مؤنث) ۾ استعمال ٿي رهيا آهن، ۽ بنا فرق جي ٿين پيا: جيئن رتُ، دل، بهار ۽ ڪجهه ٻيا.

اسحاق سميجو ٻوليءَ جو نج استعمال کان واقف آهي، اُن ڪري ڪا به غلطي ڪونهي ڪئي.

رتُ وهي ٿي/رتُ وهي ٿو، دل ٿي ڌڙڪي/دل ٿو ڌڙڪي، بهار آيو/ بهار آئي وغيره. چوڻ جو مقصد ته، اسان کي ڌاري ٻوليءَ جي اثر آخر ايڏو منجهايو ڇو آهي، جو اسان جا معتبر اديب به ٻوليءَ جي اصلي ساک اردوءَ جي اثر هيٺ گم ڪريو ڇڏين! هي مسئلو آهي، جنهن تي اسان سڀني کي سنجيده ٿي سوچڻو پوندو ۽ سوچڻ به گهرجي: توهان اِن مسئلي تي سوچيو به ۽ پياري اسحاق سميجي جو، هيءُ ڏيڍ سٽو به پڙهو:

 

هُوءَ چپ چُمڻ چاهي،

۽ وات بکيو منهنجو، ڍوڍو ٿو چکڻ چاهي.

 

جون 1994ع ڪينجهر (ويهون) بئڪ سائيڊ ڏسو: ڪينجهر جو شاعر آدرش.

آدرش: منهنجي نظر ۾ (پاڻ ڀلي خوبصورت (Style) جو شاعر آهي) هڪ مڪمل ترجمه نگار آهي. سندس ترجمي جي روپ وارو آدرش، سندس شاعريءَ واري آدرش کان گهڻو سڃاپي ٿو، نه صرف اهو ته هو ترجمو ڪري ٿو، پر هڪڙي اهڙي تنقيد به سامهون آڻي ٿو، جنهن جي سنڌي ادب کي يقينن گهڻي گهرج آهي، شيخ اياز هجي يا ولي رام ولڀ، تاج بلوچ هجي يا هاڻوڪي ٽهي مان حبيب ساجد، سڀني آڏو آرسي آڻي بيهاري ٿو، آدرش سچ پچِ ان لاءِ کيرون لهڻي!

آدرش جا ڪينجهر جو شاعر، سري هيٺ، اڻٽيهه نظم سندس مڪمل شناختي ڪارڊ سميت ڇپيا آهن، جن مان پنج ترتيبوار هڪ ٽن سٽن جو، ٻه، چئن سٽن جا، هڪ پنجن سٽن جو ۽ هڪ اٺن لفظن جو نظم ڇپيو آهي.

آدرش جا سمورا نظم پڙهندي پڙهندي، وٽس ٻاهرين ادب جو اثر آڏو اچي ٿو. نه صرف اثر پر، سندس نظمن جو ماحول ۽ ڪردار به، اسان جي مٽيءَ سان تعلق ڪو نه ٿا رکن.

مان سندس شاعري پڙهي ان راءِ جو ٿيو  آهيان ته، آدرش پنهنجي هر تخليق، انگريزي ترجمي لاءِ سهولت جي بنياد تي لکي آهي، ۽ ڪٿي ته ٻاهرين اديبن کان به تمام گهڻو انسپائر ٿو ڏسجي، نه ته مون مصطفيٰ نانگراج، مصطفيٰ ارباب ۽ ٻين تمام گهڻن جا نثري نظم تمام خوبصورت پڙهيا، جن ۾ نه صرف هتان جو ماهول آهي، پر انهن جو (Climax) به تمام گهڻو ڇرڪائيندڙ هوندو آهي. آدرش جي شاعريءَ تي نوجوان شاعر محترم اسحاق سميجي جو تنقيدي مضمون به صرف ان بنياد تي ئي لکيل آهي، مان هتي سندس لفظ نقل ٿو ڪريان ته جيستائين هڪ شاعر جي اک، پنهنجي ماحول جي پاتال ۾ لهي اُن جي اصليت پيش نٿي ڪري ۽ پنهنجو، فطري حق ادانٿي ڪري، تيسين سندس شاعري، عظمت جي ڪنهن به اُتانهينءَ کي ڇُهي نٿي سگهي.

آئون سمجهان ٿو، هي ڳالهه مُدلل ۽ جامع آهي، جنهن کانپوءِ باقي طوالت بنهه اجائي ٿيندي ان لاءِ وري به اسحاق جو ئي دليل ڪم اچي ٿو ته ڀٽائي ڪنهن به ازابيلا، هيلز گيلٽن، راهيبه برٿا ۽ انجيلا بابت نه لکيو آهي پر، مارئي، سسئي، سُهڻي، ليلان ۽ مومل کي ڳايو ۽ اڄ تائين اسين ان جي پاپي جو ڪو علمي سطح جو شاعر پيدا ڪري نه سگهيا آهيون.

مان سمجهان ٿو، آدرش خود ان ڳالهه جو اعتراف ڪندو! ڇو ته، اها ڳالهه واضع آهي ته ڀٽائي، مٽيءَ جو شاعر آهي، ماروئڙن جو شاعر آهي، ۽ رهندو به!

ان ڳالهه جي پس منظر ۾ آدرش جي نظمن جي گهڻائي صرف ڌاريو ماحول ۽ ڪردار آهن. آئون اسحاق سميجي سان ڪجهه ڳالهين ۾ اتفاق به ڪو نه ٿو ڪريان، ڇو ته چئن سٽن جو نظم قطعي طور تي، ٿي ٿو سگهي، آدرش جو اهو ئي هڪ نظم گهٽ ۾ گهٽ ساراهڻ جوڳو آهي. جنهن کي اسحاق هنن لفظن ۾ رد ڪرڻ جي ڪوسش ڪئي آهي ته سندس اهڙو ئي هڪ نظم ٻيو به آهي. ڳلن جو رنگ، هي نظم به مٿئين نظم وانگر فقط تشبيهه چئي سگهجي ٿو. منهنجي محبوبه جي ڳلن جو رنگ، پرهه ڦٽيءَ جهڙو آهي (اسحاق سميجو اتفاق ڏيکاري ٿو) بيحد ئي خوبصورت ۽ نڪور تشبيهه آهي، اُها واقعي ڪنهن چڱي نظم ۾ استعمال ڪئي وڃي ها ته ائين اجائي لڙهي نه وڃي ها! جڏهن ته مٿئين نظم لاءِ اسحاق جيڪو ڊاڪٽر جميل جالبيءَ جو جملو ڪوٽ ڪيو آهي، اُن جي پس منظر ۾ (هي مڪمل نه سهي) پر خوبصورت تشبيهه وارو نظم ضرور آهي، مان سمجهان ٿو آدرش جي سموري شاعريءَ ۾، هي چئن سٽن جي بنهه مختصر نظم ئي ڪنهن اهڙي شيءِ تي لکيو آهي، جنهن کان گهٽ ۾ گهٽ ماڻهو واقف ته آهن.

آدرش جي هڪ نظم قيد خاني مان هڪ سزا ماڻيل قيدي جي اسٽيٽمينٽ کي اسحاق وري هنن لفظن ۾ ساراهي ٿو  ته آدرش جي ڇپيل انهن سمورن نظمن ۾، جيڪڏهن ڪو نظم واقعي هتان جي ماحول جي عڪاسي ڪري ٿو ته، اهو آهي هڪ سزا ماڻيل قيديءَ جي اسٽيٽمينٽ آئون اسحاق جي ٻيهر پڙهڻ لاءِ. اُن نظم مان صرف هي پئراگراف لکان ٿو، پڙهي پوءِ پنهنجي ڳالهه کي ڏسي:

 

افسوس اهو اٿم،

جو مون کي سزا اُن جج ڏني،

جنهن زندگيءَ ۾،

گل به نه ڏٺا هئا

 

ڪير چوندو، هي هتان جي ماحول جي عڪاسي آهي، توهان پڙهي ٿورڙو سوچيو، هي نظم ۾ ڏيکاريل ماحول اسان جي ڌرتيءَ جي ماحول سان ميل کائي ٿو!؟ قطعي نه!

اهو جج، جيڪو سزا ڏئي ٿو، گل ڇو ڪو نه ٿو ڏسي سگهي، نابين به ناهي، جيڪڏهن انڌو آهي ته ڳالهه واضع ڪانهي، جيڪڏهن مڃون کڻي ته جج انڌو آهي، ته به ماحول اسان جي ماحول سان ڀيٽ نه ٿو کائيل

هر شيءِ پنهنجي جاءِ تي آهي، نظم ۾ به آدرش جيڪو پس منظرلاءِ موضوع طور کنيو، سو ته اڃا به ڊگهو ٿي پئي سگهيو، پر مان سمجهان ٿو، جيڪا نظم ۾ پُڄاڻي آهي، يا جنهن ڳالهه لاءِ نظم لکيو ويو آهي، اُهو صرف چئن سٽن ۾ به سمائي پئي سگهيو، سندس ٻيو نظم چُمي بابت به مون کي سمجهه ۾ ڪو نه آيو آهي، توڙي جو ان ۾ شاعراڻي ڳالهه ٿيل آهي، آدرش چئي ٿو.

 

منهنجي چُميءَ ۾ ايڏي سگهه آهي،

جو هڪ نابالغ ڇوڪري کي به،

عورت بڻائي ڇڏيندي آهي.

 

ڪهڙي شيءِ واضع ٿي!؟ آدرش منهنجو بيحد پيارو دوست آهي، هن لاءِ عزت آهي، پر سندس شاعري کي محض ڌارين جي ماحول ڪري ئي يا سنڌي ۾ آهي ته، خوبصورت ٿو چوان!؟ جيڪڏهن سندس سمورن نظمن ۾، پنهنجي مٽيءَ جي مهڪ هجي ها ته پوءِ ته آئون سندس تعريف به نه ڪري سگهان! اسان لطيف جي ڪهڙي تعريف ٿا ڪريون!؟

مان ائين به قطعي نٿو چوان ته آدرش جي شاعري، شاعري ئي ڪانهي، سندس شاعري، ۾ سمورا شاعراڻا رنگ ملن ٿا، پر اظهار جي مونجهه ۽ ڌارين جي ماحول جي عڪاسي ڪري آدرش ڇا حاصل ڪرڻ چاهيو آهي، ان جي مون کي خبر ناهي، مان وري به پنهنجا لفظ دهرايان ٿو ته آدرش منهنجي لاءِ ترجمه نگار جي حيثيت ۾ وڏي حيثيت آهي.

آگسٽ 1994ع ڪينجهر (ٻاويهون) بئڪ سائيڊ ڏسو: ڪينجهر جو شاعر

حليم باغي

مون اڃا ادب صرف پڙهڻ شروع ڪيو هيو ته دوستن کان، حليم باغيءَ جي شاعريءَ جي تعريف ٻڌي هئي، پوءِ جڏهن خود کيس پڙهيم، ته ڪو ايڏو خاص تاثر نه پاتم، جيتري سندس شاعريءَ جي تعريف ٻڌندو هئس! ۽ هاڻي وري مان ان راءِ تي اچي پهتو آهيان ته اسان جا ٺاهوڪڙا وڏا اديب، جنهن شاعر يا ڪهاڻيڪار کي کڻن ٿا، ان کي آسمان تائين نِئو وڃن، پوءِ ڀلي اُن ۾ ڪجهه هجي يا نه، پر جيڪڏهن سندن  لهه وچڙ ۾ اچبو ته حليم باغي وارو ڪم ٿيندو!

حليم باغي، نئين ٽهي ۾ تمام گهڻو نه، تڏهن به چڱو سينيئر آهي، سندس ڪينجهر ۾ ڇپيل شاعريءَ ۾ 9 غزل، 5 نظم (جنهن ۾ هڪ گيت/ نظم) آهي، 14 دوها، ٻه بيت (جنهن مان هڪڙو توهان کي پڙهائيندس) ۽ 2 وايون شامل آهن.

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته حليم وٽ به بنهه پنهنجو اسٽائيل (Style) آهي، پر اُن ڍنگ/ ڏانءَ ۾ به حليم يڪسانيت جو شڪار ٿيو آهي، ته ساڳئي وقت، مبهم به ويو آهي، حليم توڙي جو منهنجي آڏو سينيئر دوست جي حيثيت ۾ آهي، پر مون، سندس شاعريءَ ۾ فني اوڻايون/ ڪچايون پڻ پسيون آهن، نه صرف اهو پر مشاهدي جي به وٽس اڻ لکي کوٽ محسوس ٿئي ٿي، انهن سڀني ڳالهين تي مختصر لفظ:

حليم باغيءَ جو پهريون غزل، عروضي علم مزاج مثمن سالم 4 مفاعلين جي پيٽي ۾، اُن حساب سان سندس غزل جو آخري بند ڏسو:

 

سدائين هيسيل، هڄيل، نڀاڳي ٻار وانگر دل،

خوشين جي ڍير کان ڀي، ڏاڍو ٽهي آئي.

 

هن بند جي هيٺئين سٽ ۾ هڪ ٻٽو پد (يعني ٻن ماترائن وارو) کٽل آهي، جيڪو نه صرف پڙهڻ ۾ ئي ککي ٿو، پر شعر جو سڄو چس به وڃائي ٿو ڇڏي!

ان ساڳئي بحر وزن تي، سندس ٻيو به هڪ غزل آهي، جنهن جي پڻ هڪ بند ۾ هڪ ڇڙي (يعني هڪ ماترڪ پد) جي کوٽ آهي، هي به ممڪن ٿي ٿو سگهي ته اها پريس جي غلطي هجي! پر پوءِ به وضاحت ضروري ٿو سمجهان، هونئن ته پريس جون به الاهي غلطيون آهن، پر مون کي ڪيئن خبر پوي ته اها پريس جي غلطي آهي، يا ڪِي ذهن جي.

 

هنيان! ايڏو نه هارج، ڪجهه ڪليجا! تن هڏڪيون جهل،

اجهي ڳڻتيون ويا ڳارا، ڪڏهن ڪهڙا، ڪڏهن ڪهڙا.

 

هي مان سمجهان ٿو، ڇڙي پد جي غلطي صرف پريس جي ئي هضم ٿيل ڏسجي ٿي، هتي صرف ڪليجا تون کانپوءِ به اچڻ سان کوٽ پُر ٿيو وڃي، جنهن مان لڳي ٿو ته اها غلطي تخليقڪار جي نه پر مس پرنٽ جي آهي. باقي سندس هڪ غزل جو هڪ بند هيٺ ٿو لکان، جنهن ۾ پريس جي نه پر ذهن، جي غلطي آهي:

 

تو وري چاهتن جي آ چوري ڪٿا،

تو دل ناتوان! رهي کهي سگهه وڪي

 

پهرئين ته هي غزل عروض مطابق علم متدارڪ مثمن سالم (4 فاعلن) جي پيٽي ۾ لکيل آهي، هاڻي اسان هتي سندس غزل جي هيٺئين سٽ ٿا پڙهئون ته، اسان جو رڌم (جيڪو مٿي قائم ٿيو هيو) سو ٽٽي، تقطيع ڪري ٽوڙ مروڙ به ڪريون ٿا، پر ڪو به چارو درست نٿو ڏسجي، الاءِ ڪهڙي حساب ۾ هن رهي کهي محاوري کي هن وزن ۾ ٽنبيو ويو آهي!؟

حليم باغيءَ جو نظم درد جو هي جهان به مٿي ذڪر ڪيل عروضي علم مطابق لکيل آهي. جيڪو بنهه خوبصورت بلڪ تمام گهڻو سهڻو آهي. سڄو نظم تمام سهڻو هوندي به ٻن لفظن هڪ ماٿو ۽ ٻيو چمنيءَ جي کڙ کڙ وٽ اچي ڌنڌلو ٿي ٿو وڃي.

چمنيءَ جي کڙ کڙ ته دراصل ٿيندي ئي ڪانهي، ٻيو مون کي دوست جو استعمال ڪيل لفظ ماٿو، سمجهه ۾ ئي نه آيو آهي! باقي نطم تمام سهڻو آهي. نه صرف سندس اهو نظم پر ناڪام محبت به بيحد سهڻي تخليق اٿس! جنهن کي پڙهي، سندس نظم تي چڱي- دسترس جو ثبوت ملي ٿو، آخر ۾ سندس ڇپيل ٻن بيتن مان هڪ بيت توهان لاءِ لکان ٿو. ممڪن آهي، توهان ڪجهه سمجهي سگهو!

 

پٿر اکيون پٽنيون، هُن هڙڻ نيڻينءَ،

پهڻ گهاڙوءَ جي پٽ تي، ڇڻ ڪري ڇييڻنءَ،

پرجهه پاڻيڻينءَ، مورت ڪهڙي مُنڌ جي!؟

 

مون هي بيت به رام چِند اوڏ جي نظمچنڊ وانگر الائي ڪيترا ڀيرا پڙهيو، پر ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، سانه آئي، الئه ڇو!؟ ڏسو، توهان کي اچي ٿي!

 

سيپٽمبر 1994ع ڪينجهر (ٽيويهون) بئڪ سائيڊ ڏسو: ڪينجهر جو شاعر فياض چنڊ ڪليري، نواب شاهه جي سهڻي شهر سان تعلق رکندڙ، سهڻي شاعر فياض چنڊ ڪليري جي ڪينجهر جي شاعر طور ڇپيل شاعريءَ ۾ 24 بيت، 4 وايون اَٺ غزل، 3 نظم ۽ 4 ترائيل شامل آهن، انهن مان ٽي ترائيل ته هيل تائين ڏسيل فارم ۾ ئي ڪونهن، باقي هڪڙو سو ضرور آهي.

سندس چوويهن بيتن مان (3) بيت توهان جي پڙهڻ لاءِ لکان ٿو.

 

تنهنجي هٿن جي ڇُهاءُ، مون ۾ ساهه وجهي ڇڏيو،

اندر جا سڀ گهاءُ، پر جن تنهنجي ڀاڪُرين.

تون، مان ڳالهيون رات، هڪڙو راز جُڙي پيو،

۽ پو چنڊ کڙي پيو، تنهن جي ڪنواري انگ ۾.

نثري نظم جيان، هوءَ جا نازڪ ڇوڪري،

بڻجي ويندي اوپري، شاعر سوچيو ئي نه هو.

 

اسان جي پنهنجي مٽيءَ مان ڦٽي نڪتل، هي نج صنف بيت اسان جو ڪلاسيڪل ورثو آهي، مون اڳ محترمه رخسانه پريت چنڙ جي بيتن تي گذارش ڪئي ته بيت اسان جي پنهنجي صنف آهي، اسان کي،  اُن ۾ وڏي پئماني تي لکڻ گهرجي، پر پهرين اُن کي چڱي نموني سمجهڻ جي به ضرورت آهي فياض چنڊ ڪليري وٽ خوبصورت خيالن جي اظهار لاءِ سندر لفظ ته آهن، پر وٽس الاهي جاين تي فني ڪچايون، به وسارڻ جهڙيون ناهن!! نه صرف اهو ته، اُها کوٽ فقط محسوس ٿئي ٿي، پر چڱو خاصو تخليق کي به متاثر ٿي ڪري، جيئن سندس مٿيان بيت آهن! بيت جي صنف اسان کي پهرين ان جو ماحول ۽ ٻوليءَ جو استعمال ڏسڻو پوندو.

اها ته تقريبن هڙني کي سڌ آهي ته، اسان جي ڪلاسيڪل صنف بيت (ڇند، دوها، سورٺا) جي پاين تي بيٺل آهي، جيڪڏهن انهن مان ڪجهه به ڦير ‎ڦار ٿئي ٿو  ته بيت فياض جي مٿئين ٽنهي بيتن جهڙا ٿي پوندا آهن!

ڇند دوها واري بيت جي پهرئين چرڻ/ پد ۾ (13) ماترائون ۽ ٻي ۾ (11 ماترائون) ٿين ٿيون، اها خبر فياض ۽ ٻين سڀني کي آهي، جڏهن ته سورٺا اُن جو ابتڙ آهي، يعني دوها ڇند (13+11) ماترائون ۽ سورٺا ڇند (11+13) ماترائن ۾ ورهائي ٿو.

ان حساب سان فياض چنڊ جي مٿئين بيتن کي پڙهجي ٿو ته، پهرئين بيت کي هيئن پڙهڻ سان،

 

تنهن جي هٿ ڇُهاءُ، مون ۾ ساهه وجهي ڇڏيو،

اندر جا سڀ گهاءُ، پر جن تنهن ڀاڪرين!

 

ته ڇند سورٺا (11+13) ۾ آڻي سگهجي ٿو، جڏهن  ته سندس اصل بيت ڪجهه ٻي نموني جو آهي! جڏهن ته ٻيو نمبر سندس بيت ۾ ٻنهي چرڻن/ پدن کي بنهي پاسن کان پرکجي ٿو ته (13+13 ماترائن) ٿين ٿيون، ۽ ٻي سٽ جو پهريون پد/چرڻ ته مورڳو بيت جو ئي ڪو نه ٿي بيهي، اهڙي ريت، سندس ٽئين بيت جي پهرئين سٽ، ڇندٽ، سورٺا، (11+13 ماترائن) ۾ فٽ لڳي ٿي، پر ٻي، يعني هيٺيئن سٽ جي پهرئين چرڻ وري، سندس ٻئين نمبر بيت وانگر بيت جي ئي ڪو نه ٿي لڳي، انهن مڙني،ڳالهين مان، اسحاق سميجي جي ڳالهه ڪيڏي نه مضبوط ٿي وڃي ٿي، ته واضع ٿيو ته، فياض نه رڳو بيت جي باريڪين کان اڻواقف آهي، بلڪ ان جي ظاهري ڏيک بابت به نٿو ڄاڻي.

اسحاق سميجو، پنهنجي مضمون شاعري، فن ۽ فياض ۾ جيڪي غزل کنيا آهن، انهن کي ڇڏي ڪري، آئون سندس هڪڙو ٻيو غزل اوهان آڏو آڻيان ٿو، (جيڪو سميجي کان خبر ناهي ڪيئن رهجي ويو آهي) نه صرف هڪ غزل، پر سندس ٽي ترائيل به اسحاق ائين جو ائين ڇڏيا آهن. فياض چنڊ ڪليريءَ جي ستين ۽ ڇپيل نموني ۾ آخري غزل کي پڙهي ڏسو.

هي عروضي علم متدارڪ مثم سالم اثلم جي اينگهه/ وڌاءُ، ساڍا پنج  دفعا فعلن تي لکيل آهي.

جنهن جا صرف ڪجهه بند توهان جي پڙهڻ لاءِ بند اٿس.

 

مون پئي جوڙيو شعر ۽ هڪ فائر ٿيو،

شعرن جي ڪوملتا آهي، وکري وئي.

تو بي دردي سان خط وٺي ڦاڙي ڇڏيو،

لفطن جي ڪو ملتا آهي وکري وئي.

 

مٿين بندن مان پهرئين بند کي (پهرئين سٽ) ٽوڙي، مروڙي، زيرون زيرون ڏئي پورو ٿا ڪريون، هيٺيون بند-نٿو ٽٽي سگهي، جيڪڏهن فياض وانگر لفظن تي جبر ٿا ڪريون ته لفظن جي اصلي ساک برقرار ڪو نه ٿي رهي، فياض چنڊ ڪليريءَ جون وايون تمام سهڻيون آهن، سندس اظهار ۽ سندر لفظن جي سٽاءَ جهڙيون، (سواءِ اسحاق جي نشاندهين جي)

آخر ۾ سندس هڪ ترائيل (انهن ٽن مان) توهان به پڙهو ۽ ڏسو ته، هي انهيءَ فارم ۾ ڦِٽ آهي، جيڪي اسان وٽ لکجي پيو!؟

 

چنڊ جبلن پٺيان لهي رهيو آهي،

ڄامشورو تو سوا آهي اُداس.

 

تنهن جو ديوانو رُلي  رهيو آهي،

چنڊ جبلن پٺيان لهي رهيو آهي.

ڪنهن به گل مان نه مليو تنهن جو واس،

چنڊ جبلن پٺيان لهي رهيو آهي،

ڄامشورو تو سوا آهي اداس.

 

آڪٽوبر 1994ع ڪينجهر (چوويهون) بئڪ سائيڊ تي آهي: ڪينجهر جو شاعر اقبال رند اقبال رند کي به، مان لکڻ کان پهروين پڙهندو هوس، تڏهن آئون اٺين ۾ پئي پڙهيم، اتفاق سان، کير ٿر جي جهولي، منهنجي شهر (جوهيءَ) ۾ به هڪ اقبال رند رهندو آهي، مون جڏهن به اقبال جي ڪا تخليق پڙهي هوندي، پڪ سمجهندو هيس ته هي تخليق جوهيءَ واري اقبال رند جي آهي. وڌيڪ دلچسپ ڳالهه هي به آهي، ته هڪ ڏينهن (جوهي واري اقبال رند) مون کي ٻڌايو ته سندس شاعري، سنڌ جي هڙني رسالن ۾ ڇپجندي آهي، خير هاڻي گهٽ ۾ گهٽ غلط فهمي ته نه رهي: هاڻي اچون ٿا، ڪينجهر جي شاعر اقبال رند جي شاعري ڏانهن:

اقبال رند، جيئن مون اڳ عرض ڪيو ته ڪافي سينيئر آهي، سندس شاعريءَ تي نظر وجهئون ٿا ته، وٽس اها سينيئر هجڻ واري ڳالهه برقرار ته رهي ٿي، پر پوءِ به هو چوندا آهن نه ته! ڪل عقل آدمي ڪيها ته ان حوالي سان، اقبال رند کان ممڪن آهي، ڪي اوڻايون رهيون هجن! جنهن جي پروڙ سندس شاعريءَ تي هڪ نظر سان پئجي سگهي ٿي.

ڪينجهر جي  شاعر طور ڇپيل اقبال جي شاعريءَ ۾ 13 غزل 5 وايون ۽ هڪ گيت آهي، اقبال جي شاعري، نه فقط جديد رنگ ۾ ٽٻ آهي، پر ان ۾ هڪ وڻندڙ سادگي ۽ سلوڻائپ به ساراهڻ جوڳي آهي، نه صرف اهو ته، هو خوبصورت خيال ٿو پيش ڪري، پر ساڳئي وقت سندس اظهار به ڪافي انسپائر ڪندڙ ٿو لڳي.

سندس پهريون نمبر ڇپيل غزل (جيڪو علم عروض جي بحر متقارب مثمن سالم ۾) فعولن، فعولن فعولن فعو جي ٽوڙ ۾ آهي. جنهن سمي، سندس غزل کي پهرئين بند کان هيٺ پڙهجي ٿو ته هڪڙو اٽڪاءَ، پڙهڻ ۾  مونجهه پيدا ٿئي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته، ڪا گڙ ٻڙ ضرور آهي!

آئون سندس غزل جا ٻه بند هيٺ ڏيان ٿو، جيئن راءِ ڏيڻ ۾ سهولت ٿئي:

 

ڳنڱاٽيا جنهين، ڳڀرو ڳوٺ جا،

اها ڪيئن اري ۾، اڙي ڇوڪري!

الاءِ ڪيئن، ٻيليءَ جي ٻانهن تي،

پئي لام وانگي لڙي ڇوڪري!

 

جڏهن ته انهن مٿئين بندن کان سواءِ (ڇپيل نموني ۾) ٻئي بند (شعر) ۾ لفظ جنهن، پريس جو ڳڙڪايل لڳي ٿو، مٿي نقل اقبال جا (شعر) يقينن توهان پڙهيا آهن! انهن مان پهرئين جي ٽوڙ مروڙ ڪريون ٿا: مثلن، ڳنڱٽيا جنهين کان پوءِ ڳڀرو، مان و (حرف علت) حذف ٿا ڪريون، باقي بچيو ڳڀر ڳوٺ جي ٺ ڇڙي ۽جا جو الف(حلف علت) ڳڙڪايون ٿا ته باقي لفظ جڙيو ڳونج هيءَ سر کاپائي صرف ان لاءِ ئي ڪجي ٿي ته، توهان کي خبر پوي ته اسان جا سينيئر ڪهڙي جهان ۾ آهن! اسان پنهنجي مڪمل آپريشن کان پوءِ شعر ته مڪمل ٿا ڪري وڃون (بحر وزن ۾) پر ڳالهه صرف اٿان ئي نهين مُڪي مسئلو ته هاڻي اينگهيو آهي، در اصل اها سڄي ٽوڙ مروڙ ئي ڪم جي ڪانهي، جيڪڏهن ڪمجي منظور ٿا ڪريون، (اقبال رند جيان) ته پوءِ، اسان کي ڪير چوندو ته اسان پنهنجي مٺڙي ٻوليءَ جي آبياري ٿا ڪريون!؟ اهو سوال توهان کان به ۽ اقبال کان به!

ساڳئي پس منظر ۾، سندس ٻيو نمبر بند ۾ اهو ئي اُلجهيل حساب آهي، جيڪو اسان هينئر هينئر ڇڏائي آرس ڀڳي آهي!

۽ ها! ائين به ڪونهي ته اقبال رند، سڀئي شيون مدهوشيءَ جي عالم ۾ لکيون آهن، پر هن تمام گهڻي هوشياريءَ سان، ڪافي سٺيون شيون به ڏنيون آهن، جن کي پڙهي، نصير مرزا جي تعريف ذهن تي تري ٿي اچي (جيڪا هن جيئن سندس هي شعر ڏسو:

 

تون جنهين ساڻ ئي سڃاپين ٿي،

سا شرارت سڀاءَ ۾ رکجان،

يا:

منهنجي نيڻن جو ڪرشمو آهي،

يا ته رنگين ٿي رهين پياري.

 

۽ اهڙا خوبصورت اظهار، سندس شاعريءَ ۾ تمام گهڻا ملن ٿا، سندس وايون ته ڏاڍيون پياريون آهن، ڇپيل واين مان پنج ئي، پنهنجي سٺائپ ڪري وري پڙهائن ٿيون، مون سندس شاعريءَ کي تمام گهڻو پڙهيو آهي، پر هڪ غزل جو هڪ بند شعر منهنجي سمجهه ۾ اوڏ صاحب جي نظم چنڊ وانگر نه آيو، مان سمجهان ٿو يا ته منهنجي ذهن جو گاسليٽ پورو ٿي ويو آهي، ڇو ته مون وٽ بجلي ڪانهي، جنهن جو ذڪر اڳ ۾ ڪيو اٿم) يا ته ڳالهه يا شعر جو ڪجهه فڪر ئي اهڙو آهي. مهرباني ڪري هي اقبال رند جو شعر پڙهجو ۽ ڪوشش ڪري فڪر به سمجهجو:

 

مان ته تو ۾ گناهه ڳوليان ٿو،

تون به لا دين، ٿي رهين پياري.

 

پڙهيو!؟ هاڻي سوچيوته فڪر ڪٿي ٿو اڏام ڪري! گناهه لا دين ۾ ڳولي ٿو!

نومبر 1994ع ڪينجهر (پنجويهون) بئڪ سائيڊ تي آهي: ڪينجهر جو شاعر علي دوست عاجز، هينئر مان جيڪا ڳالهه ڪرڻ چاهيان ٿو، اها تقريبن چار ڀيرا ڪري آيو آهيان، پر هرو ڀرو به ڪرڻي آهي. جنهن سان، گهٽ  ۾ گهٽ راءِ ڏيڻ ۾ هٿي ملي ٿي، پر اها ساڳي ڳالهه ته علي دوست عاجز به سينئر شاعر آهي. ڇو ته مان سمجهان ٿو، (اهو منهنجو ذاتي رايو آهي) ته علي دوست عاجز، عزيز ڪنگراڻي، خليل عارف سومرو ۽ انهيءَ ٽهيءَ واري سٿ جو شاعر  آهي، ۽ اُهي تمام گهڻو نه تڏهن به الاهي  عرصي کان لکن پيا. علي دوست عاجز جو به پنهنجو رنگ آهي، مان پاڻ ان راءِ جو آهيان ته، هر شاعر جو رنگ پنهنجو هجڻ گهرجي، مثال جيئن ڀٽائيءَ جو پنهنجو رنگ آهي، توهان لطيف جو ڪو به شعر پڙهي ٻڌندڙن کان کڻي هنئن پڇو ته شعر ڪيئن لڳئي!؟ ته ازخود ٻڌندڙ چوندو واهه جو يار! ڀٽائي جو شعر جو ٿيو:

يا استاد بخاريءَ جو شعر پڙهو، ته اُن جو وري پنهنجو منفرد انداز آهي، ته چوڻ جو مقصد صرف اهو آهي ته، ماڻهو لکن ته ٿا هزارين پر، اها وڏي ڳالهه آهي يا وڏي خوبي آهي، جنهن جي اظهار جو ڍنگ/ ڏاءُ (Way of expression) منفرد هجي.

ان حساب سان، اسان وٽ تمام ٿورڙا شاعر ظاهر ٿيا آهن، جن ۾ اسان جو بيحد سهڻو شاعر، علي دوست عاجز به شمار ڪري سگهجي ٿو.

علي دوست عاجز جي ڪينجهر جي شاعرطور ڇپيل شاعريءَ ۾ پندرنهن بيت، ٽي وايون، پنج غزل ۽ ٻه گيت ٻه آزاد  نظم ۽ ايڪويهه ڏيڍ سٽا شامل آهن. سندس سموري ڇپيل شاعريءَ ۾ مون کي پريس جون ڪُل چار غلطيون نظر آيون، باقي ممڪن آهي، اڃا به ٿي سگهن ٿيون.

علي دوست جي شاعري پڙهي، خاص طور تي ٻئي آزاد نظم، چڱو متاثر ٿيس، سواءِ سندس ٻن ڏيڍ سٽن ۾ هڪ بيت جي (جن تي مختصر ڳالهائيندس) باقي سموري شاعري ۾، (آئون پنهنجي سمجهه آهر چوان ٿو) ٻيو ڪوبه تنقيدي پهلو نظر نه آيو آهي! جنهن تي قلمي رايو  ڏئي سگهجي.

ان کان پهرئين جو اسان سندس انهن ٻن ڏيڍ سٽن تي اچون، آئون علي دوست کي سندس هڪ بيت ڏانهن توجهه ڇڪائڻ گهران ٿو، هي بيت علي دوست سورٺا ڇند (11-13 ماترائن) تي رچيو آهي.

سندس پهرئين چرڻ/ پد ۾ لفظ آءِ آءِ جيڪڏهن ڇڙي هڪ ماترا، جي رکجي ۽ الف حمزو به هڪ ماترا يعني ڇڙي پد جو رکجي ته سندس بيت جي پهرئين چرڻ صرف (9 ماترائن) جي ٿئي ٿي، ۽ جيڪڏهن ترتيبوار ٻنهيءَ کي ٻٽي (Double) ماترائن ۾ ورهايون ٿا ته ڪل ماترائون، وڃي 15 بيهن ٿيون، هي مان صرف ان لاءِ ڊيگهه ڪئي ته بيت پڙهڻ ويل، پهرئين سٽ جي پهرئين پد ۾ اٽڪاءَ جو ٿورڙو مرحلو اچي ٿو، اُميد ته عاجز ان کي توجهه ۾ رکندو، اهڙي ريت، سندس ايڪويهه ڏيڍ سٽن مان ٻن تي پنهنجي راءِ ڏيان ٿو، ممڪن آهي آئون غلط به ٿي سگهان ٿو پر جيئن مون انهن کي سمجهيو آهي، اوئين ئي هتي گذارش ڪريان ٿو.

ڏيڍ سٽو آهي:

 

سانوڻ ڪيا وسڪارا،

چؤنري ۾ چميون ڀاڪر، اڄ رات نه وڃ  پيارا.

 

پڙهيو!؟ مٿيون ڏيڍ سٽو عروضي علم بحر مزج مثمن سالم مقصور مفعول مفاعلين تي اڏاريل آهي، پڙهڻ ۾ پهرئين سٽ کان معمولي رنڊڪ/ منجهه جيڪا اڻ لکي ئي سهي، پر ٿئي ضرور ٿي، هتي تقطيع ڪروين ته اجائي ڊيگهه ٿيندي، بهر حال پڙهڻ ۾ مونجهه/ رنڊڪ ڪري، جيڪڏهن اسان ڏيڍ سٽي جي پهرئين سٽ تقطيع ڪريون ٿا ته، لفظن جي اصليت /اصلي ساک به هلي ٿي وڃي (علي دوست ڀلي تقطيع ڪري انهن لفطن جي بگڙيل حالت ڏسي) ان سان هڪ سيبتي شاعر جي هي تمام ننڍڙي، پر اهم غلطي چئي سگهجي ٿي.

 

اهڙي ريت سندس ٻيو ڏيڍ سٽو آهي:

 

خوشبوءِ کي چمان ٿو پيو،

ڳالهيون ٿي ڪرين مون سان، ڄڻ خواب ڇهان ٿو پيو.

 

پهرئين صرف (نون لکارين لاءِ وضاحت) ته ڏيڍ سٽو/ڏيڍوڻو، مٿي ڄاڻايل عروضي بحر وزن تي لکيو ويندو آهي، ڪن شاعرن، اهو بحر ڇڏي، ٻين تي به طبع آزمائي ڪئي آهي، پر جيڪو تاثر هن بحر جي پيٽي ۾ لکيل ڏيڍ سٽي قائم ڪيو، اهو ٻي ڪنهن به وزن بحر جي ڪٽهڙي ۾ نه حاصل ٿيو، تنهن ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته ڏيڍ سٽي جي خوبصورتيءَ جو راز ئي جهڙوڪر مفعول مفاعيلن (گيت جو پيارو بحر آهي.)

هاڻي علي دوست عاجز جي ڏيڍ سٽي تي ٿا ڳالهايون:

پهرئين  ته هي ڏيڍ سٽو پڙهندي، ذهن ۾ خود ساخته سوال ٿو اُڀري، ته هڪ ماڻهو، خوشبوءِ کي ڪيئن ٿو چُمي سگهي!؟ ظاهر آهي چُمڻ، چپن سان ٿيندو آهي، چپ چکڻ واري عضوي جو نالو آهي، چمبو وري اُن شيءِ کي آهي، جنهن جي (Body) هجي. ته پوءِ ڏسڻو اهو آهي ته، خوشبوءِ کي Body ٿيندي آهي !؟ نه صرف اهو پر، خواب به ڇهبا آهن!؟ هي سوال توهان پڙهندڙ به يقينن پياري ماڻهو سهڻي شاعر، علي دوست عاجز کان ڪندؤ!!

آخر ۾ ناز سنائيءَ کي به ڪتڪوڙيءَ ڪڍندي گذارش ته، پنهنجي پريس کي ڪجهه سجيهه داڻو ڏئي، ڇو ته هاڻي هوءَ ڪجهه وڌيڪ ئي لفظ گڙڪائڻ لڳي آهي، يا ڇڙهيون هڻي انهن جي حالت ئي بدلايو ٿي ڇڏي. مظهر لغاريءَ جي نظمن سان ته خاشي جُٺ ڪئي اٿائين، سمجهه ۾ به اکر مشڪل سان پئي آيا.

آخر ۾ توهان سڀني کان هڪ سوال ڪريان ٿو ته، توهان سنڌ امڙ لئه ڪهڙي سٽ لکي آهي!؟ مان ڪينجهر جي هڙني شاعرن سان مخاطب آهيان.

ويندي ويندي ڀاءُ ناز کي گذارش ڪندس ته، اسان جا اڃان تمام گهڻا بيحد سهڻا شاعر رهيل آهن، جن کي پڻ وقت سر، سٺي موٽ ڏيڻ، سندس فرض آهي. آئون هتي لسٽ پڌري نٿو ڪريان صرف ائين چوان ته، نواز خان زئور کان معصوم بخاري، عزيز ڪنگراڻيءَ کان ايوب کوسي ۽ خليل عارف سومري، اشفاق آذر کان روبينه ابڙو تائين ڪافي بهتر شاعر رهيل آهن، جن کي موٽ ضرور  ملڻ گهرجي! ڇو ته اهو سندن حق به آهي!

 

(ماهوار ڪينجهر ڊسمبر 1996ع، تنقيد نمبر تان ورتل)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com