سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري

باب: --

صفحو :39

فرانس ۾ نازي والار جي خلاف مزاحمتي شاعري ايتري مقبول عام ٿي، جيتري لورڪا جي اسپين جي خانه جنگيءَ ۾ ٿي هئي. اها اشتهارن جيئن چوري ڇپي ورهائي وئي، عوام۽ شاعرن ۾ جن هڪ نئون تعلق پيدا ٿيو. انهن شاعرن ۾ اڪثر سوريئلي شاعر هئا. جي ڪميونزم جي اثر هيٺ اَچي ويا هئا ۽ انهن ۾ سڀ کان اهم پال اليوار (Paul Eluard) هو. چاليهن واري ڏهاڪي ۾ به هن جي شاعري پنهنجي اڳين شاعريءَ سان ناتو نه ڇنو هو. عشق هن جي شاعريءَ ۾ پهرين ذاتي هو ۽ پوءِ ڪائناتي ٿي ويو ۽ اُن جي لپيٽ ۾ اهي سڀيئي انسان به اچي ويا. جيڪي ظلم و ستم جي گهاڻي ۾ پيڙجي رهيا هئا. اِها ڪجهه فيض واري ڪيفيت هئي، جنهن جو اظهار فيض پنهنجي نظم:

”مجه سلآ پهلي سي محبت ميرﻵ محبوب نہ مانگ“

۾ ڪيو آهي. اليوار جو ويساهه سادو سودو هو. ڪميونزم جرمنيءَ جي شڪست کانپوءِ دنيا تي ڇائنجي ويندي ۽ اها ماڻهوءَ جي هر ڏک ڏنج ۽ ايذاوَ اَهنج کي ميٽي ڇڏيندي. هندستاني ڪميونسٽ شاعر به ساڳي سادگيءَ سان ان ويساهه جو اطهار ڪندا هئا ۽ چوندا هئا:

”گذر بهي جا کہ تيرا انتظار کب سلآ هلآ“

اليوار جي 1943ع ۾ لکيل هڪ نظم ۾ ساڳي فريب خوردگي ۽ سادگي آهي، جا دنيا جي ترقي پسند شاعريءَ ۾ آهي. هو چوي ٿو:

 

”ڀائرو، هي باک اوهان جي آهي

هي باک اوهان جي ڌرتيءَ تي پوئين باک آهي.

۽ اوهان ان ۾ ويڙهيل آهيو،

هي باک، ڏک جي کاهيءَ مٿان،

اوهان لاءِ آهي.

ڀائرو، اسان جي ڪاوڙ، اسان جو

جَتو مَن اوهان سان آهي. اسان هن

باک کي امر ڪنداسين، جا اسان

جي ادب ۾ آس نراس جو آئينو آهي.

ڌڪار ڌرتيءَ مان اُڀري رهي آهي

۽ پيار لاءِ لڙي رهي آهي.

ڌڪارَ ئي مٽيءَ ۾ آهي ۽ پيارُ ڏينهن ڏٺي

جو ڄرَڪي پڄري رهيو آهي ۽ اُن کي

ڌرتيءَ ۾ آس آهي.“

 

هي شاعري فيض احمد فيض جي پائي جي به نه آهي. جيب جالب جي نعري بازيءَ وانگر آهي، جنهن کي ڪا دُوررس نگاه نه آهي.

’باک‘ ڪميونزم جو ان معنيٰ ۾ محاورو ٿي ويو، جنهن معنيٰ ۾ اهو اڳي ڪڏهن به مستعمل نه ٿيو هو:

 

”يہ وه سحر تو نهين جس کي آرزو للآ کر

چللآ تهلآ کہ مل جائلآ گي کهين نہ کهين-

فلڪ کلآ دشت مين تارون کي آخري منزل

کهين تو هوگا شبِ سست موج کا ساحل“

فيض جو مٿيون نظم نازي جرمنيءَ جي شڪست کانپوءِ نه لکيو ويو هو، ورهاڱي کانپوءِ لکيو ويو هو ۽ اُن لاءِ جواز هو، پر هئمبرگ جي خلاصي- يونين جي سيڪريٽري جنرل پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ جو نالو ’رات کان ٻاهر‘ ان ڪري رکيو هو، جو هو ڪميونزم کي الوداع ڪري چڪو هو. خود منهنجو اردو شعر هو، جو مون 1946ع ۾ لکيو هو ۽ منهنجي اردوءَ جي شعري مجموعي ’نيل کنڻهه اور نيم کد پتڍ‘ ۾ شايع ٿي چڪو آهي:

اُلجهنلآ لگين مشعلين آندهيون سلآ

سلجهنلآ لگي کاکُلِ شب رفيقو

مگر جب رفيقو

سحر هوگئي

زندگي سوگئي

عزم خيبر شکن

آهني جان  و تن

موم سلآ هوگئلآ

منزلين کهوگئين کارواره سوگئلآ

اور نوعِ بشر کو يقين هو گيا هلآ

کہ نورِ سحر تا ابَد يُون هي رخساره رهلآ گا

مگر يہ تو دستور روزِ ازل هلآ

شب و روز اک دوسرﻵ کا تعاقب کرين گلآ-

رفيقو! نئي مشعلين ڊهونڊه لاؤ

شبِ تيره وتار سوئلآ زمين پهر پر افشارن هوئي هلآ-

 

شايد ئي اهڙيءَ ريت دنيا جي ٻي ڪنهن شاعر کي انهيءَ دؤر ۾ ڪميونزم جي خاتمي جو تصور آيو هو.

يورپ ۽ برصغير ۾ اها سياسي سمجهه گهڻو پوءِ آئي. جڏهن اٽليءَ تي اتحادين جا هوائي حملا ٿي رهيا هئا، فاشسٽ پارٽي بي همت ٿي چڪي هئي ۽ ان جي شڪست چٽي نظر اچي رهي هئي، ان وقت اُن گاريٽي (Ungaretti)، ايلار وانگر شاعري ڪئي، جنهن ۾ پنهنجو ڏک ۽ ديس جو ڏک مليل جُليل هئا. (فراق گور کپوريءَ اهڙيءَ شاعريءَ کي ’کچهه غمِ جانان کچهه غمِ دوراد چيو آهي) جيڪي اطالوي شاعر ان جنگ ۾ جي ماريا ويا هئا، شاعريءَ انهن جي خاموش چيخ آهي. اُهي انسان ڪنهن آدرش لاءِ نه مئا هئا، پر اٽليءَ جي ٿوري وقت لاءِ دبدٻي ۽ ٺاٺ لاءِ سر ڏنو هئائون. يوجينو مانٽيل (1). (Eugenio Montale) ’هٽلر جو بسنت‘ نظم لکيو، جڏهن روم ۾ فيوهرر جي پريڊ ٿي ۽ هن جا خواري نعرا هڻي رهيا هئا ۽ هن ان کي ’ڇُٽيءَ جو ڏينهن‘ ڪوٺيو. جنهن موت کي زمهرير جي برف وانگر ڄمائي ڇڏيو هو، پر آخر ۾ مانيٽيل پنهنجي نظم ۾ اميد ڏيکاري ته آفريڪا جي وادين تي وري باک ڦٽندي جتي اٽليءَ جي فوج کي اڳيئي شڪست ملي رهي هئي. اهي شاعر ڪنهن ڪوڙي حب الوطنيءَ جو شڪار نه هئا ۽ پنهنجي ديس جي هار ۾ ئي دنيا جو نيتارو سمجهي رهيا هئا، ڇو ته ڪنهن وقت انسان جو پنهنجو ديس برائيءَ جو بدترين روپ آهي ۽ اُن جي شڪست ۾ ئي انسان ذات جي فتح آهي.

سئلوي ڪُئاسي موڊو (Salvatore Quasimodo) (1)جي سلسلي، جا هن جي ننڍپڻ  ۾ هن لاءِ پيار جو هندورو هئي، جڏهن فاشزم جي آفت هيٺ آئي، تڏهن هن مزاحمت جي راهه اختيار ڪئي ۽ هن جي شاعري هن کي سياست ۾ کاٻي ڌر جو ساٿاري بڻائي ڇڏيو.

هُن ڇا نه سٽون لکيون آهن!:

 

”مان تو کي ياد ڏياريان ٿو اهو،

ڀت تي ڄڀيون ڪڍندڙ جرنيم جو گل،

جنهن تي مشين گن جون تابڙتوڙ

گوليون وسايون ويون هيون.“

 

يا

”اوهان کي وري ٻيهر قتل ڪيو ويو آهي.

جيئن اوهان جن پيئرن انهن جانورن کي قتل ڪيو هو

جن کين پهريون ڀيرو ڏٺو هو،

انهيءَ خون مان  ساڳي بوءِ اچي رهي آهي،

جيڪا اُن ڏينهن اچي رهي هئي، جڏهن

هڪ ڀاءُ، ٻي ڀاءٌ کي چيو هو (2)

’اچ ته ٻنيءَ تي هلون‘

۽ ڪوئي سياندو وجهندڙ پڙاڏو،

اوهان جي ڏينهن کي چهٽيو پيو آهي.“

اهو نظم آخري بند ۾  مستقبل ۾ اميد تي کُٽي ٿو:

”اي پونيرو! وساري ڇڏيو،

اُهي خون جا بادل جي ڌرتيءَ تي اُڀريا ها!

پنهنجا پيءُ ڏاڏا وساري ڇڏيو،

انهن جي بُٺين تي رکَ وَري وئي آهي

۽ ڪارن پکين ۽ ڌوڙئي

انهن جو هيانوَ کي لٽي ڇڏيو آهي

اهو اميد جو موضوع ڪُئاسي موڊو ۾ سڄي زندگي رهيو، پر اُن ۾ پوءِ ايتري گهرائپ نه هئي جيتري جنگ جي زماني ۾ هئي.

انگلينڊ ۾ مزاحمتي شاعري ٽيهن واري ڏهاڪي ۾ ڪجهه شاعرن ڪئي، جن تي نظرياتي مارڪسزم جو اثر هو، پر هو آڊن (Auden) (1) کان پنهنجي شاعريءَ کي گهڻو اڳتي وڌائي نه سگهيا. سي- ڊي ليوئس (C.Day Lewis)(2) ۽ لوئي مئڪ نيس (Louis mac Niece) (3) ان دؤر جا عمدا ۽ پختا شاعر آهن، جن تي هار ڊي (Hardy ۽ ييٽس (Yeats) جو اثر آهي. آڊن تي ڪجهه روايت جو به اثر آهي، پر هن هارڊي، اوون (Owen) (4)، جيرالڊ مئنلي هاپڪنس (Gerard Man ley Hopkins) سان گڏ وچولي دور جي شاعرن جي گيتن ۽ لوڪ گيتن مان ڀرپور فائدو ورتو. خاص ڪري ٽيهين واري ڏهاڪي ۾ آڊن ۾ پنهنجي دؤر جو عڪس هو. بيڪار، بند ڪارخانا، ڇڏي ڏنل اُجاڙ کاڻيون ۽ ڪَٽ کاڌل ريل جا پٽا. آڊن جو يورپ جي مزاحمتي شاعريءَ سان ايئن ناتو هو، جيئن ڊئلان ٿامس (جو انگلينڊ جو اسرار الحق مجاز هو ۽ انت شراب نوشيءَ جو بک ٿيو) جو يورپ جي سريئلي شاعريءَ سان هو. آڊن مٿي ذڪر ڪيل ايولار، آلبرٽيءَ ۽ ڪُئاسي موڊو وانگر هو. (جيئن سنڌ ۾ آزادي جي جدوجهد وقت ڪشن چند بيوس، چَڪبست ۽ اقبال جي قومي شاعريءَ جو پڙاڏو هو. ) پر آڊن جو انقلاب جو تصور عملائتو نه هو. هن انساني دل جو انقلاب چاهيو ٿي، جو دنيا تي ڦهلجي وڃڻو هو. جڏهن پاسترناڪ روسي انقلاب کي هڪ ريل گاڏيءَ سان تشبيهه ڏني، جنهن جي رفتار هر شيءِ کي ڪک- پن وانگر اڏائي ڇڏيو هو،  تڏهن ان جي پڙهندڙن ڄاتو ٿي ته جيتوڻيڪ حالتن ۽ هن ۾ ذهني وٿي هئي، تڏهن به هن کي اها رفتار پاڻ سان ڪک پن وانگر اُڏامي وڃي رهي هئي. پر آڊن حالتن کي ريٽي، پنهنجيءَ جاءِ تي پير کوڙي بيٺو رهيو. شروعات کان وٺي هن ۾ شخصي خدا جو تصور ملي ٿو. خدا، هن جي خيال ۾، پيءُ، ڊاڪٽر ۽ استاد وانگر هو. هن جي اها دعا ته ”سائين! ڪوئي انسان دشمن نه آهي.“ ۾ نيم- مذهبي استعارا آهن. (ان دؤر ۾ اسان وٽ علام اقبال جي شاعريءَ ۾ پهريون قومي ۽ پوءِ اسلامي مزاحمت جو تصور آهي.)

’اسپين 1937ع‘، آڊن جو مزاحمتي نظم انهيءَ وقت لکيو ويو، جنهن وقت اسپين جي آزادي لاءِ شاعري سنڌي سنواٽي هئي، (جيئن اسان وٽ هاڻي فلسطين ۽ ڪشمير جي باري ۾ لکڻ سؤلو آهي.) جيتوڻيڪ دنيا ۾ نيڪ ۽ بد جا مسئلا  ڪافي پيچيده هئا. مون کي ڪنهن وقت ان تي عجب ايندو آهي ته مشرق مغرب کان ڇو مرعوب آهي. جيتوڻيڪ مشرق جي جديد شاعري، مزاحمتي شاعريءَ سوڌي مغرب کان گهڻو اڳتي آهي.

آڊن جو هي شعر مثال لاءِ پيش ڪيان ٿو:

”سڀاڻي سائيڪل جون شرطون

اونهاري جي سانجهين جو ڳوٺ مان،

پر اڄ جدوجهد.“

مان ڀانيان ٿو ته جنگ کانپوءِ هو نيويارڪ لڏي ويو، جتي هن ذري گهٽ گمناميءَ  جي زندگي گذاري. مون آڊن جا ڪجهه ڪتاب پڙهيا آهن ۽ هن ۾ گهرائيءَ جي ڪمي نظر آئي آهي. منهنجي نظر ۾ هو انگريزي ادب جو ظهور نظر هو، جنهن ۾ اشتراڪيت سان کؤنس، جذباتيت ۽ آخر ۾ ذاتي زندگيءَ ۾ گمشدگي هئي.

ظهور نظر ملتان جوو اردو شاعر، منهنجو دوست هو، جنهن  کي هن جي موت کان اڳ مون هن سان گڏ سکر اسپتال ۾ مقرر ٿيل ملتان جي هڪ ڊاڪٽرياڻي سان ڏٺو هو، جنهن سان گڏجي هو منهنجي آفيس ۾ آيو هو ۽ پنهنجي رومانوي انداز ۾ ڊاڪٽرياڻيءَ جي دوستي منهنجي سپرد ڪري ويو هو. هن ۾ سيماب صفت طبيعت ۽ اُهائي اشتراڪيت جي لغار هئي، جيڪا سن 1947ع ۾ هوندي هئي، جڏهن هو ڪراچي لا ڪاليج ڀرسان منهنجي لڳ فلئٽ ۾ پنهنجي دوست جاويد قمر سان گڏ رهندو هو ۽ ’يلغار‘ ماهوار ڪڍندو هو. يورپ جا اڪثر شاعر اسان جي ڀيٽ ۾ تڇ آهن، پر ڇا ڪجي، هو نانوَ چڙهيا واپاري آهن. مون کي آڊن جو هڪ نظم ’1 سيپٽمبر 1939ع‘ وڻيو هو،

خاص ڪري هيٺيون سٽون:

”مون کي آواز ئي ته آهي

۽ ويڙهيل سيڙهيل ڪوڙ کي اُکيڙي

ننگو ڪري سگهان ٿو،

گهٽيءَ جي موڙ تي ماڻهوءَ جي دماغ ۾

رومانوي ڪوڙ

۽ انهيءَ اقتدار جو ڪوڙ،

جنهن جا ماڙا آڪاس کي ڇهن ٿا.

دنيا ۽ رياست جهڙي ڪا شيءِ نه آهي،

توڙي ڪوئي اڪيلو زنده نه آهي،

بک ڪوئي چناءُ عوام لاءِ نه ڇڏيو آهي.

نه پوليس لاءِ

اسان کي هڪ ٻئي سان پيار ڪرڻ گهرجي.

نه ته موت اَوس آهي.“

اهو شعر اڄ جي سائوٿ ايشيا جي باري ۾ ايترو صحيح آهي، جيترو 1939ع جي يورپ جي باري ۾ هو. آڊن جنگ کانپوءِ ڪنهن مسيحي فلسفي کي اختيار ڪيو.

جنگ هلندي جرمنيءَ مان گهڻو ڪري اديب، فلسفي نفسياست جا ماهر، سائنسدان وغيره ڀڄي ويا هئا ۽ وڃي نسل پرست نازي دانشور بچيا هئا، جي نازي جرمنيءَ ۽ فاشي تحريڪ جي خاتمي کان اڳ ئي تالان والان ٿي ويا هئا. يورپ جي نازي والار ۾ فرانس ۾ شاعرن ڪجهه ٻڙڪ ٻاڦي، نه ته گهڻو ڪري شاعر مُئل هئا. جنگ کان پوءِ روسي شاعر فقط وات جي لٻاڙ هڻندا هئا ۽ چوڌاري چُپ ڇانئجي وئي هئي. يورپ ۾ ڪميونسٽ والار جي خلاف جتي ڪٿي شعر بغاوت ڪئي هئي. پر ڪي- جي- بيءَ جي ڀؤ کان علي الاعلان گهڻو ڪجهه چئي نٿي سگهيا. بهر صورت جو ڪجهه آمريڪا ۾ ڇپيو آهي، اهو ساراهه جوڳو آهي. اُن کانپوءِ يهودي والار  خلاف فلسطين جي ڀرپور مزاحمتي شاعري ٿي ۽ اُن ۾ ڪجهه چڱا شاعر به هئا.

فلسطين ۾ وحدانيت وارا جدا مذهب پيدا ٿيا هئا ۽ انهن جي تهذيب ۽ تاريخ کي اسان وانگر روحاني ۽ دنيوي ورثو آهي. ان ورثي جو تحفظ، جنهن کي اسرائيل تهس نهس ڪرڻ چاهي ٿو، فلسطين جي نئين نسل جو آدرش ٿي پيو آهي. ٻئي ڌريون هڪ ٻئي جي نڪتهءِ نگاهه کي سمجهڻ لاءِ تيار نه آهن. صيهونيت فلسطين جا آثار قديمه مٽائي رهي آهي ۽ چوڌاري ڌَؤنس ۽ ڌانڌلي مچائي اٿائون. هيڻي کي جڏهن سهگه ايندي آهي ته اُن جو اظهار ڏاڍ ۽ ڏمر ۾ ڪندو آهي. جيتوڻيڪ ائفرو- ايشين ادبي تنظيم کي يو- ايس- ايس- آر جي ٽيڪر هئي، جا سنڌ کي ڪڏهن به نه ملي هئي، فلسطيني ادب ۾ سچ پچ سياسي حالتن تلخي ۽ مزاحمت لاءِ جواز يپدا ڪيو هو. محمود درويش جون ڇا نه سٽون آهن:

 

”اسان اوهان کي بيروت مان لکي رهيا آهيون،

اهو ڏيکارڻ لا:ءِ

ته ڪير ڪنهن جو گهيراءُ ڪري رهيو آهي!“

ڇا ڪوئي سنڌي انهيءَ سٽ جي تهه تائين پهچڻ جو اَهل آهي؟ مون ته ڏٺو آهي اڪثر سنڌي اديب فلسطين سان پاڻ اسلامزم جي جذبي هيٺ همدردي ٿا ڪن. هونءَ به فلسطيني شاعريءَ ۾ مزاحمت جو اظهار وڌيڪ آهي، ان ۾ شاعري گهٽ آهي. فلسطيني شاعر غّسان زقطان جو هي شعر ڏسو:

”اَبا! اُنهن کي سڏ ڪر!

انهن سڀني ڳوٺاڻن کي سڏي وٺ

اَبا! انهن کي چئُه ته

جو پنهنجي موت جو عيني شاهد آهي،

اهو ڪڏهن به نه مرندو.“

 

يا ڪمال ناصر جي نظم جو هي شروعاتي حصو:

”منهنجا پيار

جي تون اسان جي مٺڙي ٻار کي

آغوش ۾ جهليندي

۽ منهنجو انتظار ڪندي

ڪائي خبر ٻڌين

ته روئجانءِ نه

ڇو ته مان نه موٽندس،

جڏهن وطن جو سڏ ٿئي

ته هِن دُک درد جي حياتي جي

قرباني وڏي ڳالهه نه آهي.

منهنجا پيار

جي منهنجن رفيقن جي ڊنل اکين ۾

خبر پڙهين،

ته تو کي قسم آهي

ته تون انهن کي دلجاءِ ڏجانءِ.“

 

يا ذڪريا محمد جو هي نظم:

 

”بندوق ۾ فقط هڪ گولي آهي

جيئن دروازي پٺيان موت تاڙ ٻڌي ڏسي سگهي،

۽ پاسيرين ۾ رڳو هڪل ڦڦڙ آهي

جيئن آهستي آهستي کڄي سگهي

۽ چاٻي رڳي هڪ آهي،

جيئن ڀوت پريت اندر واجهه وجهي سگهن

۽ دل ۾ فقط هڪ شهر آهي

۽ جلا وطني نهايت تلخ ٿيندي آهي

۽ عمر

فقط هڪ عمر آهي

۽ ان ڪري وجود وڌيڪ ڀوائتو آهي.“

*

ڇا هڪ فلسطيني شاعر محمّد الاسد جي هي ڪيفيت هڪ سنڌي محب الوطن سمجهي سگهي ٿو، جنهن جي قوم به تالان والان ٿي وئي آهي؟

”پراڻي دروازي جي اڳيان

ڪيئي وَڻ بيٺا آهن

هڪ عمارت

هڪ ننڍو گُنبذ،

پوڙها ماڻهو سفيد ڪافي پي رهيا آهن

۽ وڻڻ کي ٽيڪ ڏئي بيٺا آهن

جن جي ڇانوَ چوڌاري ڦهليل آهي.

مان اِها خاموشي ڪهڙي نه چڱيءَ طرح

سمجهي سگهان ٿو،

اهي ڪاٺ جون بينچون

۽ پوڙهو ڪافيءَ وڪڻندڙ

ترڇي لاڙي واري دروازي اڳيان ويٺل-

اهو ئي ڪارڻ آهي

ته مان ڪافي پيئندس

انهن ساڳين وڻن جي ڇانو ۾،

۽ تُرڪي ڪافيءَ

جي ابديت کي چکي سگهندس.“

 

ڇا سنڌي سمجهي سگهن ٿا ته انهن جي اوٻاڙيل بِهن، کُنڀين ۽ ٻوراڻين کي به ساڳي ابديت آهي، جنهن کي حافظي تان مٽائڻ ناممڪن آهي! ڇا جلاوطني زبان کان سواد ڇني سگهي ٿي؟ ڇا قلم انهيءَ گهوڙي وانگر نه آهي، جو هر تاڻيل واڳ ڇني، پنهنجي تيز رفتاريءَ ۾ ڪمي نه ٿو آڻي، پوءِ ڀلي ته ايئن ڪندي هُن جا چپ چيرجي پون! مان انهن سنڌي شاعرن کان پڇان ٿو جي ڇاڇر ۾ ڇيرون هڻندا آهن ته هو جڏهن فلسطين تي نظم لکن ٿا ته هو هڪ فلسطين جلاوطن جي کَل ۾ پيهي سگهن ٿا؟ ڇاهنن ٻي ڌر جي باري ۾ به ڪجهه پڙهيو آهي؟ ڇا هو اها جسماني ۽ روحاني اذيت سمجهي سگهن ٿا، جا صدين جا پروگرام (Pogram) ڏئي چڪا آهن؟ ماڻهو ڌرين ۾ ورهائجي ويا آهن؟ آهي ڪوئي عيسيٰ، ٽالسٽاءِ يا گانڌيءَ وانگر سڀ جو خير- گهُرو، جو چاهي ته هر ڪنهن کي انصاف پلئه پوي؟ ڇا دنيا ۾ هن مارڌاڙ، رتوڇاڻ، ڪِرڀ ۽ ڌڪار مان ڪجهه وريو آهي؟ صديون ٿيون آهن ته انسان وحشي درندن وانگر هڪ ٻئي جو رت پيئندا رهيا آهن. آهي ڪوئي جو قابيل جي هٿ مان ڇرو کسي سگهي ۽ هابيل جي زخم تي مرهم رکي؟

ڇا شاعريءَ جو ڪم اهو آهي ته ان گهاوَ کي وڌيڪ رهڙي، روز تازو ڪندي رَهي؟ اي موت جا سوداگرؤ! شاعريءَ کان پاسو ڪريو، اِها جنس اوهان جي خريد و فروخت لاءِ نه آهي!

هاڻي اچان ٿو مان لاطيني آمريڪا جي مزاحمتي شاعريءَ تي، خاص ڪري ايل سئلويڊار گؤتومالا، هُنڊ وراس ۽ نڪارا گوا جي شاعريءَ تي. اتي جنگ، جلاوطنيءَ ۽ موت جي باري ۾ شاعري ڪئي وئي آهي. اُتان جي نثر ۾ به ساڳا موضوع آهن. انهن ۾ نه خوبصورت منظر ڪشي آهي، نه سياحت کاتي جا پوسٽر آهن، جن ۾ خوبصورت ديهات ڏيکاريل هجن ۽ نه نفيس لوڪ- آرٽ آهي.

ان ۾ اها سچي پچي حقيقت آهي جا اکين کان اوجهل آهي. جهنگن ۾ گوريلا جنگ هلي رهي آهي، انسان سالها سال کان وطن بدر ٿي رهيا آهن، ايل سئلويڊار ۽ گئوتومالا ۾ باک ڦُٽيءَ جو گِهٽيون لاشن سان سٿيل آهن. مون کي منهنجي هڪ مداح نرنجن اسٽاڪ هوم مان لاطيني آمريڪا جي شاعريءَ تي هڪ ڪتاب Volcan (1) موڪليو هو. شايد اتان جا شاعر انهن جنگ جو شاعرن جي پونيرن مان آهن، جي يورپي حمله آورن سان وڙهيا هئا، جيئن ليس ٻيلي جا شاعر وڙهيا هئا، جن جو ذڪر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ’ٻيلاين جا ٻول‘ ۾ ڪيو آهي.

وچ آمريڪا ۾ اهي شاعر جن جو مستقبل نهايت درخشان ۽ اميدر فزا هو، اُهي آزاديءَ جي جدوجهد ۾ ماريا ويا. مون اڳ ئي ڪٿي چيو آهي ته اهو انسان جو پنهنجو وجودي چناءُ آهي. هو چاهي ته پتنگ وانگر پاڻ کي آگ ۾ اڇلائي، اُن جي ڄڀيءَ کي وڌيڪ ڄرڪائي، چاهي ته آگ کان پاسرو ٿي چنگ ۽ برط مان اُهي اُلا اڀاري جي ابد تائين جرڪندا رهن. مان ڀانيان ٿو ته ان ۾ انسان ذات جي هاڃي آهي، جي ڪنهن شيڪسپيئر يا موزراٽ کي چئجي ته ڪنهن ريجمينٽ ۾ شامل ٿي وڃ! پر جي هو پاڻ اها ڳالهه چوندي ته هن تي ميار نه آهي. آخر هن جي زندگي پنهنجي آهي ۽ جي هوءَ اُها ڪنهن پتنگ وانگر مچ ۾ ڄرڪائي ٿو ته هو خودمختيار آهي: پر انسان جيڪڏهن انسان ذات جي خدمت ادب ۽ آرٽ جي تخليق جي ذريعي ڪري لهس جي ويجهو نه وڃي ته هن تي به ميار نه آهي. ڪيئن چئجي ته تارازيءَ جي پُڙن ۾ ڪير ڳورو آهي! اُهو جو ساري عمر پنهنجي  صليب گهليندو وَتي يا اُهو جنهن کي گهڙيءَ ۾ نرڙ ۾ ڪوڪا هنيا وڃن ۽ هو رت ڳاڙي، ٻُڏندي سج وقت چئي:

”يا خدا! تون هنن کي معاف ڪجانءِ، هنن نٿي ڄاتو ته هنن ڇا ٿي ڪيو!“

چي گويرا وارو موت مان مسترد ٿو ڪيان. اهو هڪ بگهڙ جو موت آهي، چيتي جو موت آهي، عقاب جو موت آهي، تشدد جو  تشدد جي مقابلي ۾ موت آهي. انقلاب جي رد  و قبول ۾ تشدّد پسند انقلابيءَ يا ڪنهن انقلاب دشمن جو موت، ٻنهي کي جهنم رسيد ڪري ٿو. ماڻهوءَ ڌرتي لهولهان ڪري ڇڏهي آهي، ڪڏهن مذهب جي نالي ۾، ڪڏهن هِن نظريي جي نالي ۾ ڪڏهن هُن نظريي جي نالي ۾. تاريخ ۾ خوني پنهنجا نانوَ بدلائيندا رهيا آهن. پنهنجا ٿانوَ بدلائيندا رهيا آهن، پر رَت سڀني ۾ ڀرِي پئي آهي.

بهر صورت انسان جي فطرت کي مان بدلائي ته نٿو سگهان! معاشي ابتري، اقتصادي بدحالي ۽ سياسي استحصال تي غصو فطري آهي ۽ اُن جو اظهار جي شعر ۽ ادب ۾ ڪيو وڃي ته تعجب جهڙي ڳالهه نه آهي.

وچ آمريڪا ۾ انقلابي شاعر جي موت کان پوءِ به هن جي شعر جي بقا لاءِ جدوجهد جاري آهي. آٽوريني ڪاسٽيلو (Otto Rene Costillo) جي شاعريءَ تي ٻي همعصر شاعريءَ وانگر پنهنجي ملڪ گؤتومالا ۾ اڃان بندش آهي. مرسڊيز ڊيُوران (Mercedez Durand) ۽ روڪي ڊالٽن (Roque Dalton) جي شاعريءَ تي ايل سئلويڊار ۾ بندش آهي ۽ ان ڪري ان کي ميڪسيڪو ۾ ساليڊارٽي جا حلقا نقل ڪري هٿئون هٿ ورهائن ٿا ۽ اُها هر شاعر ۽ هر هڪ پناهه گزين تائين پهچي وڃي ٿي ۽ جڏهن جهوني پراڻي ٿئي ٿي، تڏهن اُن جي ڪاپي اوهان جي هٿ ۾ اچي ٿي. هُنڊوراس جي رگو برٽو پَريڊيز (Rigo berto paredes) ۽ ٻين شاعرن جون زيراڪس (Zerox) ٿيل ڪاپيون هَٿئون هٿ ڦِرن ٿيون، ڇو ته روزانيون اخبارون انهن جي شاعريءَ کي شايع ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. پر نڪوراگوا ۾ سَموزا (Samozo) حڪومت جي خاتمي سان بندش هيٺ آيل شاعري وري ڇپجڻ لڳي آهي ۽ اڳي جيڪي شاعر چوري ڇُپيءَ پڙهيا ويندا هئا، اهي کلم کلا پڙهيا وڃن ٿا. اها هنن جي فتح ته آهي، پر ڇا هنن جي آرٽ جي فتح به آهي. ڇا بقولِ حافظ شيرازي”ان شاعريءَ جو عالم جي جريدي تي دوام ثبت آهي؟“ مان نٿو ڀانيان ته ڪاسٽاريڪا، پاناما وغيره ۾ به مٿي ڄاڻايل شاعريءَ جهڙي شاعري ٿي رهي آهي. پر اڃا انهيءَ سوال جو جواب هر ڪنهن کي پنهنجي لاءِ ڏيڻو آهي.

”ڇا آزاديءَ جي مچ ۾ شاعر جا هڏا ڀڃي وجهڻ ضروري آهن؟ ڇا اُهي ماڻهو جي ساريءَ جدوجهد کان پوءِ اقتدار ۾ اچن ٿا، ايتري قربانيءَ جي لائق آهن؟“ يو- ايس- ايس – آر جي پنجهتر سالن جي تاريخ ته ان ڳالهه جي نفي ٿي ڪري. مان وچ آمريڪا جي شاعريءَ مان مثال طور ڪجهه شعر ڏئي فيصلو پڙهندڙن تي ڇڏيان ٿو ته اهڙي شاعريءَ لاءِ شاعر کان زندگي طلبي وڃي يا نه:

”مان هڪ شاعر آهيان

مان شاعرن جي فوج آهيان،

۽ اڄ مان هڪ نظم لکڻ ٿو چاهيان

هڪ سِيٽيءَ جو نظم

هڪ گوَليءَ جو نظم

۽ ان کي درن تي چنبڙائڻ چاهيان ٿو،

زندان جي ديوارن تي

اسڪولن جي ديوارن تي.

اڄ مان ٺاهڻ به چاهيان ٿو ۽ ڊاهڻ به چاهيان ٿو،

ڦاسيءَ جي تختن تي اُميدون اُڀارڻ چاهيان ٿو،

ٻارن کي جاڳائڻ چاهيان ٿو

جي شمشيرزن فرشتا آهن،

وڄ کي اڀارڻ چاهيان ٿو

کنوڻ کي،

هڪ سورهيه جي قد و قامت وانگر

جيئن ظلم کي پاڙؤن پٽي ڇڏي.

اُڇلائي  ڇڏي

ماڻهن جون

سَڙيل، ڪِنيون ٿيل جَڙون.

[ڪليمٽينا سوئاريز Clementina Suarez]

**


(1).  مانٽيل: اطالوي شاعر جنهن کي 1975ع ۾ ادب لاءِ نوبل پرائيز ملي.

(1)  ڪئاسي موڊو، سئلوي تار (1901ع کان 1968ع تائين): اطالوي شاعر، جنهن 1959ع ۾ ادب تي نوبل پرائيز حاصل ڪيو.

(2) نوٽ: غالبا قابيل ۽ هابيل جي حڪايت ڏانهن اشاروآهي.

(1) -آڊن (1908ع کان 1973ع تائين): انگريز- آمريڪي شاعر، ناٽڪ نويس ۽ ادبي نقاد.

(2) - سي-ڊي- ليوئس (1904ع کان 1972ع تائين): انگريز ناول نويس، شاعر ۽ نقاد

(3) - لوئي مئڪ نيس (1908ع کان 1923ع تائين): انگريز- آئرش شاعر، نقاد ۽ سفر نويس.

(4) -اوون (1893ع کان1918ع تائين): انگريز شاعر ۽ پهرين جنگ جو سپاهي، جنهن جي شاعريءَ جو ٽيهين واريءَ ڏهاڪي تي ڪافي اثر هو.

(1)  Volcan لفظ انسائيڪلوپيڊيا ۾ ڪو نه اهي. لاطيني لفظ Vulcan آهي، جنهن جي معنيٰ Volcano (آتش فشان، جوالا مکي) آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com