سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري

باب: --

صفحو :16

تنوير عباسي

 

شاهه لطيف جي عڪسي شاعري

سڀني لطيف فنن جو پاڻ ۾ لاڳاپو آهي، ڇو ته سڀئي لطيف فن اسان جي جذبن ۽ احساسن جي ترجماني ڪن ٿا. مصوري انسان جي اکين جي جنت آهي ته موسيقيءَ جا سر انسان جي ڪنن لاءِ بهشت آهن. شاعريءَ، مصوري، موسيقي توڙي نرتيه ڪلا، سڀني ۾ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان انسان جي جذبن جي ترجماني ٿئي ٿي. سُر به غمگين ۽ سَرُها ٿيندا آهن، ته مصوريءَ جي رنگن مان پڻ غم ۽ خوشيءَ جا تاثر پيدا ڪري سگهجن ٿا. شاعريءَ ۾ لفظ، رنگن توڙي سرن جو ڪم ڏين ٿا ۽ انهن جي ذريعي ڏک، خوشي، ڪاوڙ، توڙي ٻين جذبن جو اظهار ڪيو وڃي ٿو. مصوري رنگن سان ٿيندي آهي، پر شاعريءَ ۾ مصوري لفظن جي ذريعي سان ڪئي ويندي آهي.

انسان کي ٻاهرئينءَ ڪائنات جا ڄاڻ حواسن مان پوي ٿي. حواس ئي آهن جن ذريعي هن جو رابطو ٻاهرينءَ دنيا سان آهي. ڪائنات جي رنگن، شين جي شڪل صورت، انهن جو هڪ ٻئي کان مفاصلو ۽ انهن جي چرپر اکين ذريعي معلوم ٿئي ٿي. نڪ ذريعي خوشبو يا بدبو جو احساس ٿئي ٿو ته کَلَ سخت نرم، ٿڌي ڪوسي، کهري لسي هجڻ جي خبر ڏئي ٿي. اهڙيءَ ريت اسان کي ٻاهرينءَ دنيا جي جيڪا به خبرچار آهي، سا انهن ئي خواسن جو گڏيل تاثر آهي، جيڪي هو اسان جي من کي ٿا ڏين. گلاب جو ڳاڙهو رنگ، ان جي خوشبو، ان جي لسي ۽ نرم هجڻ جو احساس ۽ ان جو ذائقو، ان کان وڌيڪ اسان ان گل جي باري ۾ ڄاڻي نه ٿا سگهون.

 عڪس ان حاصل ڪيل معلومات کي وري جاڳائڻ يا پيدا ڪرڻ جو نالو آهي، هونءَ ته ڪي ئي واقعا ۽ نظارا اسان جي لاشعور ۾ موجود آهن، پر انهن کي ٻيهر ياد ڏيارڻ يا ٻيهر پيدا ڪرڻ جو نالو عڪسي شاعري آهي.

جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته، اسان جو هر حواس ڪنهن شيءِ جي مختلف خاصيتن کي ڌار ڌار ٿو محسوس ڪري، ان ڪري اسان جي لاءِ ان شيءِ جو وجود مڙني حواسن جي گڏيل معلومات آهي. جي شاعريءَ ۾ ڪنهن به شيءِ جي عڪس پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي ته اها انهن مان ڪنهن به هڪ يا هڪ کان وڌيڪ، يا مڙني حواسن جي ڏنل معلومات کي وري تصوراتي وجود ۾ آڻڻ جي ڪوشش ٿيندي. ڪنهن اکين ڏٺي نظاري يا واقعي جو ذڪر ڪبو، يا ڪنن سان ٻڌل ڪنهن آواز جو تاثر پيدا ڪبو يا ڪنهن شيءِ جي ذائقي جو احساس ڏياربو يا ته ان جي کهراڻ، لساڻ، گرم يا ٿڌي هجڻ، نرم يا سخت هجڻ يا ڪنهن چيز جي سرهاڻ يا بدبو جو ذڪر هوندو.

ويليڪ ۽ وارن لکيو آهي ته، عڪسيت جو موضوع، نفسيات توڙي ادبي اڀياس- ٻنهي سان واسطو رکي ٿو. نفسيات ۾ عڪس جي معنيٰ آهي، گذريل احساسن ۽ محسوسات کي وري پيدا ڪرڻ. هرو ڀرو رڳو نظر جي احساس کي، عڪسيت رڳو نظر سان واسطو نه ٿي رکي، نفسيات جي ماهرن ۽ فيلسوفن ان کي گهڻن ئي درجن ۾ ورهايو آهي. رڳو ذائقي جا ۽ سنگهڻ جا عڪس ناهِن، پر ٿڌي گرم۽ دٻاءَ جي حسن جا عڪس پڻ آهن. ساڪت عڪس ۽ چرندڙ عڪسن ۾ به اهم تفاوت آهي. (1)

آءِ- اي رچرڊس لکيو آهي ته، هر ممڪن حواس لاءِ سندس مطابق هڪ عڪس آهي. (2)

سئنڊرس لکي ٿو ته، شاعر پنجن حواسن کي ڪاميابيءَ سان چوري، اهڙي معنيٰ ٿو پيدا ڪري، جيڪا انهن مان محسوس ڪري سگهجي ٿي. ان کان پوءِ هو ڇهون حواس ڪتب ٿو آڻي، جيڪو آهي نون خيالن کي جذب ڪري ترتيب ۾ آڻڻ. نتيجي طور پڙهندڙ نه رڳو شعر جو تاثر ٿو وٺي، پر پنهنجي حواسن کان باخبر ٿي، شاعر سان گڏوگڏ شاعراڻي سمجهه به ماڻي ٿو. (3)

مٿين حوالن موجب، شاعريءَ ۾ عڪس پيدا ڪرڻ جا مختلف طريقا ٿي سگهن ٿا يا ته ڪنهن نظاري جي چٽسالي يا ته ڪنهن ماڻهوءَ جي مهاندن جو ذڪر اهڙيءَ ريت ٿيل هجي، جو هوبهو اهو نظارو اکين اڳيان چٽائيءَ سان اڀري اچي. ان قسم جو عڪس ٿيو نظري عڪس (Visual Image) يا وري ڪنهن ٻڌل آوازي سُر جو بيان اهڙن لفظن ۾ ٿيل هجي جو ان جو پڙاڏو پيو ڪنن  ۾ ٻُري ته اهو ٿيو ٻڌڻ جو عڪس (Auditory Image). ان کانسواءِ ڪنهن ماحول يا چيز جو ذڪر اهڙيءَ ريت ڪجي، جو ان جي خوشبو يا بدبو جو احساس ٿئي ته ان عڪس کي چئبو سنگهڻو عڪس (Olfactory Image). ڪنهن  به چيز جي ذائقي کي وري پيدا ڪرڻ جي ڪوشش کي چئبو ذائقي جو عڪس (Taste Image). ڪنهن شيءِ جي لساڻ يا کهراڻ، نرميءَ يا سختيءَ جي بيان سان ڇهڻ وارو عڪس پيدا ٿيندو (Tactile Image) ۽ ٿڌي گرم جي تاثر کي وري پيدا ڪرڻ وارو عڪس (Thermal Image) ٿيندو.

اهي ڌار ڌار حواس ۽ انهن ڌار ڌار حواسن جي متعلق عڪس انسان جي جذبن کي ائين ٿا چورين، جيئن شاهه لطيف چيو آهي ته:

اديون سڀ اندام چڙهن مهجا چوريا.

شاعر پنهنجا محسوس ڪيل جذبا عام ماڻهوءَ تائين پهچائڻ ٿو گهري، ان ڪري هن کي پنهنجي محسوس ڪيل ڪائنات ٻيهر تخليق ڪرڻي ٿي پوي. ڪائنات جي ان ٻيهر تخليق لاءِ عڪس بهترين ذريعو آهي. ان ذريعي ئي شاعر پنهنجا محسوس ڪيل خاص قسم جا تجربا، احساس، مشاهدا، عام ماڻهوءَ جي من ۾ ٻيهر پيدا ٿو ڪري سگهي.

فرانسيسي نقاد رومي ديلگارمنٽ لکيو آهي ته، شاعر ٻن طريقن سان ئي (پنهنجا محسوسات ۽ مشاهدا) محفوظ ڪري سگهي ٿو يا ته موسيقيت جي طريقي سان يا ته عڪسن جي طريقي سان. (4)

فرانسيسي نقاد ۽ شاعر جولس سپروائيل  لکيو آهي ته، عڪس هڪ جادوءَ جي بتي آهي، جيڪا شاعر کي اونداهه ۾ روشني ٿي ڏئي. (5)

ائين نه آهي ته ڪو شاعريءَ ۾ عڪسن آڻڻ جو ڪم هن صديءَ ۾ ۽ معربي شاعريءَ کان شروع ٿيو. عڪس ايترا پراڻا آهن، جيتري شاعري پراڻي آهي، لوڪ شاعريءَ توڙي عوامي شاعريءَ ۾ به ڪيترا عڪس ملن ٿا. آئزڪ لکي ٿو ته، شاعرن، نقادن جي ڳولڻ ۽ سمجهڻ کان اڳي ئي عڪس جي اهميت کي ڄاڻن ۽ انهن کي سڃاڻن شروع ڪيو. (6)

عڪس شاعريءَ ۾ پهريائين ئي موجود هئا. نقاد انهن جي باري ۾ خبردار گهڻو پوءِ ٿيا. گهڻو پوءِ انهن جي باري ۾ لکڻ شروع ڪيائون.

آمريڪا جو جديد شاعر ۽ نقاد آرچيبالڊ مئڪ ليش عڪس جي اهميت کي سمجهائڻ لاءِ قديم ۽ ڪلاسيڪي چيني شاعريءَ مان مثال ڏئي ٿو. (7)

اڃا ٿورا سال ٿيا آهن، مغرب جي شاعرن ۽ نقادن جپاني ڪلاسيڪي شاعريءَ جي صنف هائيڪو ۾ عڪسن جي اهميت ڳولهي لڌي آهي.

مغرب ۾ عڪسي شاعريءَ جي باقاعدي تحريڪ هلي. ان تحريڪ طرفان هڪ رسالو Imagist به شايع ٿيو، ان تحريڪ جو مهندار ازرا پائونڊ هو ۽ هلڊا ڊولٽل، رچرڊ ارلنگٽن، ايف. ايس. فلنٽ ۽ ٻيا ان سان شامل هئا. هنن لکيو ته، عڪس پيش ڪرڻ جو مقصد اهو نه آهي ته ڪو اسان چترڪار آهيون. اسان کي ان ڳالهه ۾ يقين  آهي ته شاعريءَ کي شين جا پورا ۽ Exact عڪس ڏيڻ گهرجن ۽ اڻ چٽين عام ڳالهين سان واسطو رکڻ نه کپي. هنن لکيو ته، عڪسي شاعري رڳو تصويرون پيش ڪرڻ نه آهي، پر انهن تصويرن کي پيش ڪرڻ جو خاص طريقو آهي. (8)

سنڌي، اردو توڙي فارسي شاعريءَ متعلق تنقيدي ادب ۾ محاڪات جو ذڪر آهي، ان جو پڻ عڪس سان واسطو آهي، پر عڪس جي اڀياس جو اهو طريقو محدود آهي، جو اهو فقط قدرتي منظرن جي بيان سان واسطو ٿو رکي.

شاهه لطيف جي شاعريءَ تي بحث ڪندي مرحوم غلام محمد شاهواڻيءَ، ارسطو جي حوالي سان محاڪات جو ذڪر ڪيو آهي ۽ مثال پڻ ڏنا اٿائين. (9)

پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻيءَ پڻ لفظن ۾ تصوير جي باري ۾ لکيو آهي. (10)

هن وقت تائين شاهه لطيف جي شاعريءَ جي عڪس جي باري ۾ تمام ٿورو لکيو ويو آهي.

هڪ عظيم شاعر ۽ فنڪار ڪائنات کي عام ماڻهوءَ کان ٻيءَ طرح ٿو محسوس ڪري. هو ڪائنات جي ڳوڙهي مشاهدي مان پنهنجي تيز حس سان اهڙا ته تجربا ٿو حاصل ڪري جو انهن کي عام ماڻهو هونئن ته پهچي نه سگهي، پر شاعر جي بيان جي طاقت ۽ انهن تجربن جي ٻيهر تخليق ڪرڻ جي قوت ئي آهي، جيڪا عام پڙهندڙ يا ٻڌندڙ کي شاعر جي اها عام ماڻهو لاءِ اڻ ڏٺل ۽ اڻ ٻڌل، اڻ ڇهيل ۽ اڻ محسوس ڪيل دنيا ٿي ڏيکاري ۽ محسوس ڪرائي ۽ هو شاعر سان گڏوگڏ ان دنيا کي محسوس ڪندو ۽ ان دنيا  جو مزو ماڻيندو ٿو هلي.

شاهه لطيف جي شاعري ڪتابن جي مطالعي بدران فطرت جي مشاهدي مان ڦٽي نڪتي آهي، ان ڪري سندس شاعري عڪسن سان ڀري پئي آهي، هن پنهنجي چواڌري وسندڙ دنيا کي چڱيءَ طرح ڏٺو وائٺو آهي. ان کي پوريءَ ريت محسوس ڪيو اٿائين ۽ ان کي بيان ڪرڻ ۽ احساس کي ٻيهر تخليق ڪرڻ لاءِ ٻوليءَ جو وسيع ڀنڊار جمع ڪيو اٿائين، ڇو ته هر جذبي يا احساس لاءِ هن وٽ هڪ ڌار لفظ آهي ۽ فقط اهو هڪ ئي لفظ ان جذبي يا ان احساس کي ظاهر ڪري سگهندو آهي.

سنڌ جو هر نظارو سندس شاعريءَ ۾ موجود آهي. ٿر، بر، رائو، رڃ، ڏنگا، چارا، ڍنڍون، پاڻيءَ تي ترندڙ ٻيڙيون.، ڪنول جا گل، بندر بازارون، جهاز، جهازن جا سڙهه، پيڙياتا، سامونڊي، اٺن جون قطارون، پکين جا ولر، ڪونجون، ڪانءٌ، هنج، درياهه ۽ ان جي مستي، ڇولين جو شور، سج چنڊ تارا ڪتيون، لهندڙ سج ڦٽندڙ باک، موکيءَ جا مٽ، مينهن جا وسڪارا، ڪنديون مينهون، ڀنل نيل، ڀنل ڀنڀا وار ۽ ٻيا ڪيترائي اهڙا عڪس آهن، جن کي شاهه  لطيف ڪمال فنڪاريءَ سان پيش ڪيو آهي.

شاهه جي نظري عڪس جي ڪمال کي ڏسي ازرا پائونڊ جي هڪ سٽ ياد ٿي اچي، جتي هو چوي ٿو، شاعريءَ جو هڪ ٻيو قسم آهي، جنهن ۾ ائين ٿو لڳي ته تصويرون يا بت (Sculpture) هاڻي ڳالهائڻ لڳندا. (11)

شاهه لطيف جون اهي لفظن ۾ تصويرون اهڙيون ته  جامع آهن، جو ائين ٿو لڳي ته ڄڻ جيئريون جاڳنديون اکين آڏو بيٺيون آهن ۽ اجهو هاڻي ڳالهائڻ شروع ڪيائون. شاهه لطيف وٽ عڪس چٽا ۽ صاف آهن، هو جنهن به نظاري جو ذڪر ٿو ڪري ته رڳو لفظ ناهن، پر اهو نظارو اکين آڏو ٿو اچي بيهي. شاعراڻي عڪاسي فوٽو گرافي نه، پر ان کان به وڌيڪ واضع ٿئي ٿي، جنهن ۾ منظر ۽ پس منظر ٻئي چٽا ۽ صاف بيٺا هوندا آهن.

رات سهائي ڀون سنئين پٽين وڏو پنڌ،
هلندي  حبيبن ڏي، ڪرها موڙ م ڪنڌ.

(کنڀات: 5-1)

آسمان تي چوڏهينءَ جو چمڪندڙ چنڊ، هيٺ سڌو سنئون پٽ، جيڪو نظر جي حد تائين پکڙيل آهي، ان سان گڏ اٺ، ٽيئي شيون اهڙو منظر ٿيون پيش ڪن جنهن جو ڪئنواس وسيع آهي، کليل آهي. ان ۾ اٺ ۽ سندس سوار جو منظر به ايڏو چٽو آهي، جيڏو چنڊ ۽ سنئين پٽ جو  پس منظر.

تارن ڀري آڪاس هيٺان کُڏ تي ويهي ڪا وڇڙيل پنهنجي محبوب جي باري ۾ ڪيئن ٿي سوچي:

هُن تاري هُن هيٺ، هت منهنجا سپرين،
سڄڻ ماکيءَ منڌ، ڪڙائي ڪان لهان.

(کنڀات:23-1)

هُن تاري هُن هَنڌ، هت منهنجا سپرين،
سڄڻ ماکيءَ منڌ، ڪڙائي ڪان لهان.

 

(رکنڀات: 22-1)

آسمان جو ڪو تارو ته سپرينءَ جي اڱڻ مٿان هوندو. ان تاري ڏي اشارو ڪندي چوي ٿو ته او هن تاري جي هيٺان منهنجو محبوب ٿو وسي.

هڪ ٻيو عڪس ڏسو:

ڪنڌيءَ جهليو ڪانهن، عاشق اُڀو آهون ڪري،
توڪيئن ٻوڙي سوهڻي، ٻيلي منهنجي ٻانهن،
درياهه تو تي دانهن، ڏيندس ڏينهن قيام جي.

(سهڻي:7-7)

ضروري ناهي ته سڀ عڪس روماني هجن يا سونهن سوڀيا جو احساس ڏيارين. شاعر جو ڪم آهي حقيقت نگاري. هن ڪائنات ۾ جيڪو ڪجهه هن جي دل ۾ جذبي کي جاڳائي، ان کي شعر ۾ چٽي، پوءِ اهو خوبصورت هجي يا سادو سودو. ڪمال رڳو سهڻي تصوير چٽڻ ۾ ناهي، پر رڳو تصوير چٽڻ، ۾ ڪمال آهي. اهڙي تصوير جيڪا پڙهندڙ يا ٻڌندڙ جي آڏو خوبخود اڀري اچي.

آرچيبالڊ مئڪ ليش لکي ٿو ته، شعر ان لاءِ نه لکبا آهن ته سهڻا هجن. شعر رڳو شعر ئي هوندا آهن. عڪس ان ڪري نه پيش ڪبا آهن ته سهڻا هجن، عڪس بس رڳو عڪس ئي هوندا آهن. (12)

عڪسي شاعريءَ ۾ اهو ڏسڻو آهي ته شاعر جنهن به عڪس کي چاهيو آهي، ان کي ڪيتريءَ ڪاميابيءَ سان چٽيو اٿائين.

سُر سهڻيءَ جا هيٺان شعر ڏسو:

ڪُر ڳل ڪوچ ڪُنَ گهڻا، جت جر واڳو جئائين،
پاڻ اڇلي آب ۾ وَههَ سِر وڌائين.

(سهڻي:2-1)

دهشت دم درياهه جي، جت ڪڙڪا ڪُن ڪرين،
 ٻِڇَل ٻانڊيءَ ٻارِ ۾، اُت لهريون لوڏا ڏين،
سناور ساميا اُت، سيڻايا نه سنڊين،
جت ويريون واٽ نه ڏين، ات ساهڙ سير لنگهائين.

(سهڻي:5-2)

دهشت دم درياهه ۾، جت ڪُنن جا ڪڙڪا،
مئي متي مهراڻ جا، اچن دپارا دڙڪا،
ساهڙ تون سڻ ڪا، فرياد هن فقير جي.

(سهڻي:7-2)

سُر سهڻي جي مٿين بيتن ۾ درياهه جا ڊيڄاريندڙ نظارا ڏنا ويا آهن.

واڳون، ڪُن، پاڻيءَ جي آواز جا ڪڙڪا، جتي سيڻاهه وار به وڃڻ جي همٿ نه ٿا ڪن، جت لهرن ۾ بُنڊ پيا هيٺ مٿي ٿين. هن عڪس ۾ شاهه لطيف هيبت ۽ ڊپ جو نقشو چٽيو آهي. هن ۾ ڪا به سونهن،ڪا به نزاڪت يا ڪا به لطافت ناهي.ڏسو ته ان هيبت ۽ ڊپ ماري ماحول کي ٻيهر تخليق ڪرڻ ۾ شاعرڪيڏو نه ڪامياب ويو آهي.

ان ساڳئي قسم جي ماحول تي سُر سسئي آبري جو هيءَ بيت پڙهو:

وڏا وڻ وڻڪار جا، چٻون جت چيها،
منزل دور من تنها، جت ٻولن ٻاٻيها،
رائي پير رت ڪئا، لڳي لڪ ڏينها،
لڪن جون ليها، لوڙهيا لال لطيف چوي.

(سسئي آبري: 12-2)

هن بيت ۾ ويران جهنگل جو عڪس آهي. اتي چٻرا ڊيڄاريندڙ انداز ۾ ويٺا آهن. ٻاٻيهن جو آواز ائين ٿو ٻڌائي ته اڃا منزل دور آهي، هلندڙ جا پير رت ٿيا پيا آهن، گرم هوا پيئي لڳي. هن کان وڌيڪ ڪشالي، ويرانيءَ، تنهائيءَ ۽ مصيبت جو ڪهڙو شاعراڻو نقشو ٿي سگهي ٿو.

وڏا وڻ وڻڪار جا، جت جائو جمر جو،
ڪوسا تپن ڪُڪُرا، ٻي دمدم تپي ڌر،
ويچاري ڏئي ور، پير نه لهي پرينءَ جو.

(سسئي آبري:8-2)

هن بيت ۾ به مٿئين بيت وارو نظارو آهي. جهنگ جي ماحول ۾ بيد ۽ لئي جا وڻ آهن، تيز اُس ۾ زمين م ڪُڪُرا تپي ويا آهن.

اُهي ته هئا جهنگ ۽ رڻ جا نظارا- هاڻي سُر سُريراڳ ڏي اچو ۽ سمنڊ جا نظارا ڏسو.

تري تن پياس، پاسنئون پاڻي وهي.
کوهو جهر جهنو ٿيو، لاڄو سڀ لڙياس.

(سريراڳ:6-3)

وچ سمنڊ ۾ بيڪسيءَ جو نظارو- ٻيڙي پراڻي آهي، ڀڳل ٽٽل ٻيڙي- جنهن جو  ترو به سلامت ڪونهي. ان ۾ به سوراخ ٿي پيا آهن. پاسن کان سمنڊ جون ڇوليون اچئو ٻيڙيءَ م پون. کوهو به پراڻو ۽ جهر جهنو ٿي ويو آهي. ٻيڙيءَ کي اڳتي وڌائڻ وارا ونجهه (لاڄو) به لڙي پيا آهن، لڙڪيا پيا آهن. ان بيڪسيءَ جو عالم آهي. مينهن وسندي جو عڪس ڏسو:

وڏو ڦڙو ۽ واءُ، ڪرهي کاڏو کوڙيو،
کوءَ ٻن پلاڻيا، اولاڻيو نه ٿئي.

(کنڀات:11-2)

هلڻو به ضرور آهي، پر وڏو ڦڙو مينهن پئجي ويو آهي، تيز هوا پيئي لڳي، اٺ ڀاڙي تي پنيو آهي ۽ ان به کاڏو کوڙيو آهي، کپ کوڙي ويهي رهيو آهي ۽ هلڻ کان صفا پڙ ڪڍي بيٺو آهي.

جڏهن سمنڊ جي ڪناري تي بيهبو آهي ۽ جڏهن ڏوران جهاز ايندي نظر ايندو آهي ته پهرين ان جا مٿيان حصا نظر ايندا آهن. پوءِ آهستي آهستي جڏهن ويجهو ايندو آهيته ان جا هيٺيان حصا به ظاهر ٿيندا آهن.

هاڻي ڏسو ته ڪا عورت پنهنجي ڏورانهين ڏيهه کان موٽندڙ پرينءَ جي جهاز جي انتظار ۾ سمنڊ جي ڪناري تي بيٺي آهي. پريان ڪنهن جهاز جون جهنڊيون ٿيون نظر اچن، جيڪي سڙهه کان به مٿي لڳل هونديون آهن. انهن کي ڏسي بي اختيار چئي ٿي ڏئي ته:

وانئٽيون ٿيون ورڪن، اڃا سڙهه نه پڌرا، سي ئي ٿيون مُرڪن، جني سدا آئيا.

(سامونڊي: 20-2)

۽ جڏهن جهاز ڪجهه ويجهو ٿو اچي ته سڙهه به نظر ٿا اچن. هوءَ پنهنجي پرين جي جهاز کي سڃاڻي چوي ٿي ته:

سڙهه سڃاڻيو چوءِ، ماءُ سامونڊي آئيا،
مان منهنجو هوءِ، جاني هن جهان ۾.

(سامونڊي:12-2)

ڪيڏيون نه چٽيون ۽ صاف تصويرون آهن، سڀ کان ڪجهه ڄڻ اکئين پيو ڏسجي، سڙهه سڃاڻين ورتائين، پنهنجي ماءُ کي چيائين ته مون جهاز سڃاتو آهي. من هن جهاز ۾ منهنجو جاني هجي.

جهاز اڃا به اڳتي ٿو اچي، اڃا به ويجهو، هاڻي جهاز جا ونجهه به لڏندا ٿا نظر اچن ۽ اهي چرندا پرندا ٿا ڏسجن.

لاڄو ٿا لنون، اڃا سڙهه نه پڌرا،
ڪارڻ تن پرين، ويٺي واٽ نهاريان.

(سامونڊي: 13-2)

تصوير جي تازگي هيٺئين بيت ۾ ڏسو:

ڀورئين پاند ٽمن، جڳهه جهاڳي آئيون،
ڪاڇو مينهڙين، مندائتو ئي ماڻيو.

(ڏهر:32-4)

ڀُوريون، مينهون- انهن مان پاڻي پيو ٽمي. ڄڻ هاڻي هاڻي پاڻيءَ مان ڀڄي آيون آهن. ڪيڏي نه تازي تصوير آهي، ڄڻ هاڻي ئي مصور ڪڍي آهي. اڃا ايتري آلي آهي جو ان مان اڃا تائين پاڻي پيو ٽمي.ڪاڇي جي پاسي پاڻي اچي ويو ته مند موج جي آئي ۽ ڀورين مينهن به ان کي پوريءَ ريت ماڻيو.

سُر سهڻي جو هي بيت پڙهو:

انڌيءَ وڇون ڪنڌيءُ وڇون تنگئا لهي نه تک.

(سهڻي:2-1)

هاڻي ڪائنات جي وسعت تي غور ڪيو. جبل جون چوٽيون آسمان سان ٿيون ڳالهيون ڪن ۽ ڪڪرن سان ٿيون گسن. آڏو پهاڙ آهن، جن تي ورن وڪڙن وارا ڏنگا ڦڏا چارا پيا ڏسجن ۽ هڪ اڪيلي عورت سسئي آهي.

ڇپر ۽ ڇمر، ٿا لڳهه لڳن پاڻ ۾،
آڏو ڏونگر ڪرڪرا، ٻيو وڌ ونگاريون ور،
آءُ پيادي پٽئين، نماڻي ندر،
سوڙيون جت سڳ رات ٻاتاڙي ٻيلي ٿيين

(ديسي : 12-5)

.ساڳيو ئي جبل جو نظارو- آڏو اتاهيون چاڙهيون آهن.

آڏ تراڇا آهڙا، ڏاڪا ڏونگر کي،
هيءُ جي ور وندر جا، ماريندا مون کي،
هاڙهو هيڻيءَ کي، لنگهائج لطيف چئي.

(ديسي:12-2)

جبلن ۽ ڪڪرن جو  پاڻ ۾ لڳڻ، ڏنگا ڦڏا رستا، هڪ نماڻي عورت سسئي آهي. اڪيلي، خطرناڪ سفر، ڪهڙي نه عجيب تصوير آهي سسئيءَ جي پنڌ جي.

هيءُ بيت پڙهو. هن ۾ لفظن جي بيهڪ ڏسو، ڀٽائي جي بيان جي قوت ڏسو. ڄڻ ته اوهان ڀٽائيءَ سان گڏ بيٺا آهيو. هن سامهون جابلو رستي ڏانهن اشارو ڪري چوي ٿو ته:

هيءَ گس هُو گس، هي پهڻ جو هُو پيچرو،
ويچاريءَ وڏو ڪيو، پٺيءَ ويندن وس.

(سسئي آبري:14-8)

آڏو رستو خراب آهي، کڏون کوٻا آهن، چڪ آهي، ڀٽائي اشارو ڪري اوهان کي خبردار ٿو ڪري:

کڏون کوٻا چڪ، چڪينديون تا ڪين نئي نهار.

ترڪڻ آهي تڙ ۾ الا.

(سهڻي:9-وائي)

جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي  ته شاعراڻا عڪس رڳو تصويرون ناهن. اهو تصويرن کي پيش ڪرڻ جو ڏانءٌ آهي، جيڪو ڪنهن شاعر کي سٺو عڪسي شاعر ٿو بنائي. هونءَ ته سڄيءَ ڪائنات ۾ نظارا ئي نظارا آهن، هر نظاري جو عڪس لفظن ۾ چٽي سگهجي ٿو،پر عڪس چٽڻ مهل شاعر لاءِ چونڊ ڪرڻ ضروري آهي. آخر هيڏيءَ ساريءَ وسيع ڪائنات مان هو ڪهڙيءَ شيءِ کي خيال جي فوڪس ۾ ٿو آڻي.

جيئن ڪئميرا سان فوٽن ڪڍڻ وقت تصوير جي بيهڪ، تصوير جي سونهن ۽ معنيٰ ۾ فرق ٿي آڻي سگهي، ساڳي ڳالهه شاعراڻن عڪسن سان به لاڳو ٿئي ٿي. هڪ سٺو شاعر ۽ هڪ ڪئميرا ڪار هيڏي ساري باغ مان رڳو هڪ گل ۽ پوپٽ کي تصوير جي فريم ۾ آڻي حسن ۽ عشق جي عجيب نقشي کي ٿو چٽي. جهڙيءَ ريت عڪس لاءِ مناسب چونڊ ضروري آهي. اهڙيءَ ريت عڪس جو جذبي سان ٽمٽار هئڻ به ضروري آهي. سکڻو عڪس شاعريءَ ۾ ڪارائتو نه ٿي سگهندو. سامهون ڀٽ آهي، ان ۾ در لڳل آهي، اهو عڪس بنا جذبي بنا فڪر جي آهي، پر ان دور ۾ جي ڪا سٻاجهي ڇوڪري ڪنهن جي انتظار ۾ بيٺل آهي ته اهو عڪس معنيٰ  ۽ مقصد جي جذبي سان ٽمٽار ٿي پوندو. عڪس شاعريءَ جي منزل ناهي، پر اهو شاعريءَ کي جذبي ۽ فڪر جي بيان ڪرڻ جي منزل تائين پهچائڻ جو ذريعو آهي.

آءِ- اي- رچرڊس لکي ٿو ته: عڪس کي ان جي چٽائي اثرائتو نه ٿي بنائي، پر ان جو هڪ ذهني واقعو هجڻ ۽ خاص طرح سان ڪنهن احساس سان ڳنڍيل هجڻ ئي ان کي اثرائتو ٿو بنائي. (13)

هو اڳتي لکي ٿو ته: عڪس کي تصوير وانگر ڪٿڻ بي معنيٰ آهي، اها غلطي آهي. (14)

آرچينالڊ مئڪليش لکي ٿو ته: شعر ۾ ڪتب آندل عڪس جو شعر ۾ بيان ڪيل جذبي سان لاڳاپو ضروري آهي. (15)

شاعر جو پنهنجو جذبو ئي شاعريءَ ۾ اهم شيءِ آهي، ڇو ته ڪائنات جو مشاهدو ته هرڪو ڪري ٿو، پر شاعر ان مان مخصوص قسم جا جذبا ۽ خيال ٿو حاصل ڪري ۽ پوءِ انهن کي پنهنجي شعر ۾ ٿو بيان ڪري. جيئن گل ۽ پوپٽ ڪيترن ماڻهن جي نظرن مان گذريا هوندا، پر انهن جي باري ۾ شاعراڻو ۽ رومانوي تصور اسان کي شاعرن ئي ڏنو آهي. جذبي يا فڪر کانسواءِ عڪس هڪ خالي کوکو آهي.

جاپاني هائيڪو شاعريءَ جي باري ۾ لکندي وليم ڪوهين به ڀريل عڪس (Charged Image) کي شديد جذباتي ڪيفيت جو، هڪ سادي ۽ خارجي جي عڪس ۾ اظهار سڏيو آهي. (16)

پيٽ جونس عڪسي شاعريءَ جي تعارف ۾ لکي ٿو ته: عڪس ٻن قسمن جو ٿي سگهي ٿو، هڪ داخلي ۽ ٻيو خارجي. داخليءَ ۾ ٻاهرين ڪائنات من ۾ سمائجي ۽ گڏجي مسجي ٿي وڃي ۽ پوءِ اهڙي عڪس ۾ ٿي ظاهر ٿئي، جيڪو ان کان (اصل خارجي حقيقتن کان) مختلف آهي.

خارجي عڪس ۾ من ڪنهن ٻاهرئين نظاري کي جذبن ذريعي جهٽيو وٺي. ٻنهي حالتن ۾ عڪس ڪنهن آئيڊيا کان به وڌيڪ آهي، ڇو ته اهو رليل مليل فڪرن جو نتيجو آهي. جيڪڏهن ان ۾ سڀ خاصيتون ناهِن ته اهو عڪس نه آهي. (17)

شاعراڻو عڪس نه فقط جذبو، فڪر يا احساس آهي، پر پيٽر جونس جي خيال ۾ ان کان وڌيڪ، رليل مليل فڪرن جو نتيجو آهي.

شاهه لطيف جا عڪس ڪنهن نه ڪنهن خيال، جذبي ۽ ڪنهن نه ڪنهن احساس سان ڀريل آهن. هر عڪس وليم ڪوهين جي معيار موجب ته فقط ڀريل عڪس آهي، پر جذبي، فڪر يا احساس سان ٽمٽار پڻ. ڪهڙيون ڪهڙيون نه عجيب گوناگون ڪيفيتون آهن. خارجي حقيقتن کي شاهه لطيف جي من جهٽي، پنهنجي اندر ۾ رلمل ڪري، پوءِ  لفظن ۾ چٽيو آهي:

 

گهڙي گهڙو هٿ ڪري، الاهي توهار،
ڄنگهه ڄرڪي وات ۾، سسيءَ کي سيسار،
چوڙا ٻيڙا  چِڪَ ۾، لُڙَ ۾ لڙهيس وار،
لکين چُهٽيس لوهڻيون، ٿيلهيون ٿرنئون ڌار،
مڙيا مڇ هزار، ڀاڱا ٿيندي سوهڻي.

(سهڻي: 15-1)

هن بيت تي غور ڪريو، سهڻيءَ جو لاش لهرن ۾ لڙهندو پيو وڃي، لڙاٽيل پاڻيءَ ۾ ڪارا وار هڪ عجيب منظر آهي. سندس چوڙيون گپ ۾ ڀريون پيون آهن. لاش کي درياهي مڇيون مڙي آيون آهن، مٿان مڇ به اچي ٿا پهچن. بيت جو آخري حصو، ڀاڱا ٿيندي سهڻي ئي هن سڄي عڪس ۾ جذباتي عنصر ٿو ڀري. ان ۾ لاش جي بيڪسيءَ جو سمورو نقشو آهي. دکدائڪ موت ۽ موت کان پوءِ لاش جو دردناڪ انجام. هن بيت ۾ جي اهو جذبي جو عنصر نه هجي ها ته جيڪر اهو عڪس خالي خالي پيو لڳي ها.

ساڳئي سُر مان هڪ ٻيو بيت پڙهو، پهرين سٽ آهي:

ڳچيءَ پايو ٻانهن، ويٺي روءِ وڇن سين.

آهي نه مڪمل تصوير؟ وڇن جي ڳچيءَ ۾ ڀاڪر وجهي، سهڻي پنهنجي دل جو حال انهن سان اوري ويٺي روئي. تنهائيءَ جو ڪيڏو نه چٽو نقشو آهي. سهڻيءَ کي حال اورڻ ۽ ڏک ونڊڻ لاءِ سڄيءَ دنيا ۾ ڪو انسان نه مليو، دل جو راز ڪنهن سان سلي؟ ڪنهن سان ڳلي لڳي روئي؟ سڄو بيت پڙهو:

ڳچيءَ پايو ٻانهن، ويٺي روءِ وڇن سين،
لايان لال لڱن کي، آن جي چرو ڪانهن،
آءٌ اوهان جي دانهن، سدا ڀڻان سنري.

(سهڻي:21-8)

هن بيت ۾ اڪيلائيءَ جو احساس ۽ روئڻ، سو به وڇن کي گلي لڳائي، جذبي جي شدت ۽ عڪس جي چٽائي پئي گڏجي عجيب تاثر ٿا پيدا ڪن.

ٻيو بيت ڏسو:

هڻندي ٿڪم هٿ، هينئڙي حجون ڇڏيون،

لک لهرن گڏيو، موجون وريون مٿ،
نيم ڪُن قوت، ڀر ڀليرا سپرين.

(سهڻي: 21-8)

 هن بيت ۾ ساڻي ٿي وڃڻ جي جيڪا ڪيفيت پيدا ڪئي وئي آهي، ان کي انگريزيءَ ۾ (Exhausion) چئبو آهي. اهو ٿڪ جو انتهائي درجو آهي. ترندي ترندي هٿ ٿڪجي پون، ڪُن ۾ سڄي جسم جي قوت ختم ٿيو وڃي. هينئڙو (دل) به جواب ڏئي وڃي. هٿ پير هلي نه سگهن. مٿان لهرون وريو اچن. اها ذهني ۽ جسماني ٿڪ جي انتها آهي. جڏهن انسان جون ذهني توڙي جسماني طاقتون ختم ٿيو وڃن، تارون ترندي ترندي ٿڪجي نيٺ ڪنهن هنڌ وڃي ساڻو ٿئي ٿو. هي بيت ان وقت جي ڪيفيت جي منظر ڪشي ٿو ڪري.

ساڳئي سر سهڻيءَ ۾ اهڙا ٻيا ڪيترائي بيت ملندا. هتي هڪ ٻيو بيت ڏجي ٿو:

ڪنڌيءَ جهليو ڪانهن، عاشق اڀو آهون ڪري،
تو ڪيئن ٻوڙي سهڻي، ٻيلي منهنجي ٻانهن،
درياهه تو تي دانهن، ڏيندس قيام جي.

(سهڻي:21-8)

پهرين سٽ ڄڻ تصوير آهي، درياهه جي ڪناري تي ڪو عاشق، سرن کي پڪڙي آهون پيو ڪري. سَرن کي جهلڻ نفسياتي طور تي نااميديءَ جو دليل آهي. هي منظر نااميديءَ جي جذبي سان ڀريل آهي. هن بيت جون پويون ٻه سٽون ان جي وضاحت ٿيون ڪن.

 هاڻي وري سُر سريراڳ ۾ هڪ نظارو ڏسو:

بندر جان ڀئي، ته سکاڻيا مَ سمهو،
ڪپر ٿو ڪُن ڪري، جيئن ماٽيءَ منجهه مهي،
ايڏا سُور سهي، ننڊ نه ڪجي ناکئا.

(سريراڳ:18-3)

هن بيت جي وچين سٽ ڪپر ٿو ڪن ڪري، جيئن ماٽيءَ منجهه مهَي. مڪمل عڪس آهي. ڪناري تي به لهرن جو ايڏو شور آهي، ايڏي هلچل آهي، اهڙا ڪُن آهن، جيڪي ماٽيءَ ۾ مهيءَ کي ولوڙڻ سان پيدا ٿيندا آهن. هن بيت ۾ جذبي جي اٿل پڻ آهي. ايڏا سُور سهي، ننڊ نه ڪجي ناکئا.

هڪ جاءِ، ڦٽل، ويران جنهن ۾ ڏينهن کان ڪوئي نه آيو هجي. ان جي ڪهڙي حالت ٿيندي. اهو ڏسو:

رئان ٿي راڻا، هنڌن هاري حجرا،
پيئي کِهه کٽن تي، ٿيا پلنگ پراڻا،
ڌريا ئي ڌوڙ ٿيا، ور ريءَ وهاڻا،
جايون وڻ حيات گل، توريءِ ڪوماڻا،
مينڌرا ماڻها، تو ريءَ ڪنديس ڪنهن سين.

(مومل راڻو: 10-7)

اڻ وسيل جاءِ، جنهن ۾ ڪو نه آيو آهي، مالڪ جي وئي ڏينهن ٿيا آهن، کٽن تي در پئجي وئي آهي وهاڻا مٽيءَ سان ڀريل آهن، پلنگ پراڻا ٿي ويا آهن، باغ کي پاڻي نه آيو آهي ۽ گل به ڪومائجي ويا آهن ته وڻ به سُڪي ويا آهن.

هن بيت ۾ دز، گلن جو ڪومائجڻ  ۽ وڻن جو سُڪي وڃڻ اهي سڀ نظارا اڪيلائي، مايوسي، ويراني ۽ اداسي ڏي اشارو ڪن ٿا. هن بيت جو عڪس انهن جذبن کي شدت سان اڀاري ٿو. اهو عڪس ۽ جذبي جي ميلاپ عمدو مثال آهي.

ساڳئي قسم جي هڪ سٽ:

ڪال ڪوماڻا گلڙا-

سڪا مٿي سيج،

ساٿي پرينءَ سنيهو.

(مومل راڻو:6- وائي)

 

ڪوماڻل گل، اهي به سيج مٿان، ائين ٿو لڳي ڄڻ مومل جي سيج ڏينهن کان ويران رهي آهي.

هيءُ بيت اهڙن نظارن جا هئا، جن جو فوڪس وسيع هو. هنن بيتن ۾ گهڻين ئي شين جو ذڪر هو. جيئن ڪئميرا سان پورٽريٽ ڪڍيو آهي ۽ ڪنهن خاص شخصيت تي ڌيان ڏئي ان جي مهانڊن ۽ شڪل شبيهه جو تفصيل سان اڀياس ڪبو آهي، تيئن شاهه لطيف شاعراڻن عڪس ۾ به ڪيو آهي.

هن ڪيترن ئي بيتن ۾ ماڻهن جي مهانڊن ۽ شڪل سٺبيهه جو تفصيل سان اڀياس ڪيو آهي، تيئن شاهه لطيف شاعراڻن عڪس ۾ به ڪيو آهي.

هن ڪيترن ئي بيتن ۾ ماڻهن جي شڪل شبيهه، مهانڊن، توڙي پوشاڪ جو ذڪر اهڙيءَ چٽائيءَ سان ڪيو آهي، جو اکين آڏو هوبهو اها تصوير ڦريو اچي.

 

سنهي لڪ نڪ سنئين، ڪجل ڀنل نيڻ،
سامونڊي  مون سين، ڪ تو ڪال لنگهائيا.

(سامونڊي: 26-1)

سنهي چيلهه، سنئون نڪ ۽ ڪجل سان ڀنل اکيون، اهي سامونڊيءَ جي محبوب جا پار پتا آهن.

پنهونءَ جي قافلي جي باري ۾ سسئي ڏسو ته ڪيئن نه تصوير ڪڍي پار پتا ڏئي ٿي:

 

جهوڙا جن جُهلنِ ۾، هيري لک هزار،
لڳا واٽ وڻن جا، پنهونءَ کي پالار،
آن ڪي ويندي گڏيا، اهڙيءَ سِٽَ سُوار،
لنگهي ڪالهه قطار، تون آئي! اڄ نهارئين!

(ديسي:12-3)

اٺن جي جهلن ۾ جهوڙا ٻڌل آهن، هيرن جواهرن سان سينگاريل آهن. واٽ ويندي پنهونءَ کي وڻن جون ٽاريون لڳل آهن، ڪهڙو نه چٽو عڪس آهي. ڏيرن جي شڪل شبيهه  ڏسو:

وارو ور وٺي ويا، ڏاڙيءَ ڀنڀا ڏير.

رڳو پنهونءَ جو پيرو ۽ ان جو بيان ڏسو ته ڪيڏو نه چٽو عڪس آهي، ڄڻ ڪنهن هوشيار فوٽو گرافر ڪلوز- اپ لينس سان هيءَ تصوير ڪڍي آهي ۽ ان ۾ پنهونءَ جي پير جا سڀ تفصيل اچي ويا آهن. ائين ٿو لڳي ته ڄڻ پنهون اجهو هاڻي لگنهي ويو آهي ۽ ان جي پير جو نشان اڃا تازو آهي:

لڪڙياريون آڱريون، ٻاروچاڻو ڀير،
اچو پَسون جيڏيون، تازو پنهونءَ پير.

(حسيني: 13-11)

نازڪ نازڪ سنهيون سنهيون آڱريون، ٻروچڪي ڊول وارو پير، جيڪو اڃا واءُ نه لُٽيو آهي، اڃا تازو آهي، اجهو ڄڻ هاڻي پنهون لنگهي ويو آهي.

مرئيءَ جي پوشاڪ ڏسو، سندس وارن جو حالت ڏسو:

سهسين سيبا ڪنجري، لوئي ليڙون ليڙ،
واسي وار نه وارين، مَرُ چڳون رهن چيڙهه.

(مارئي:10-2)

 چولي کي ڪيترن ئي هنڌان ٽوپا آيل آهن، لوئي ڪيترن ئي هنڌن کان ڦاٽي ليڙون ليڙ ٿي وئي آهي، وار کليل آهن، جن کي ويڙهي چوٽي نه ڪئي اٿائين، نه ڪو انهن کي خوشبو لڳائي اٿائين. چڳن ۾ چيڙهه پئجي ويو اٿس، هوءَ غربت، پريشانيءَ ۽ اداسيءَ جي مڪمل تصوير آهي.

مارئيءَ کان پوءِ وري ان جي هم وطن مارن جي تصوير  ڏسو:

مٿن ٽٻڪ ٽٻڪڙا، چڪندڙا اچن،
کڙيون کيهه ڀڪليون، پگهر سر پيرن،
ايءُ ور ويڙهيچن، مون لوڏان ئي لکيا.

(مارئي:8-7)

مٿي تي ٽپڻا کنيو پگهر ۾ شل ٿا اچن. ايڏو پگهر، جو مٿي تان وهي ته وڃي کڙيون وٺي. کڙيون به دز سان ڀريون پيون آهن. انهن جي لوڏ، انهن جي پنڌ ڪرڻ جو انداز ئي پڌرو آهي. اهڙي ته خاص لوڏ اٿن جو انهن جي پنڌ ڪرڻ جي طريقي مان ئي پري کان کين سڃاڻي ٿو سگهجي.

بيان جي چٽائيءَ جو ڪمال آهي، هن بيت ۾، هڪ هڪ تفصيل جو بيان آهي. مٿي تي ٽٻڻا، پگهر ۾ شل، لوڏ پري کان پڌري،  غربت ۽ محنت جي چٽي تصوير آهي.

هاڻي سُر کاهوڙيءَ ڏي اچو:

سڪا سنڊ ڪڇن ۾، کرڪڻا پيرن،
ٽمندي نيڻين، آن ڪي کاهوڙي گڏيا.

(کاهوڙي:21-1)

سڪا منهن سندن، پير پراڻا کيترا،
سا جوءِ جهاڳي آئيا، سونهان جت منجهن
ڳجها ڳجهيون ڪن، تِنهان پرانهين پنڌ جون.

(کاهوڙي:26-1)

 

کاهوڙين جون نشانيو، سندن پار پتا اهي آهن ته، انهن جو منهن خشڪيءَ ۽ اڃ کان سڪو پيو آهي، پيرن ۾ پراڻا کڙتل اٿن ۽ ڪڇن ۾ سُڪل ساندارا، سندن گودڙيون مٽيءَ هاڻيون آهن. منهن تي مسلسل سفر جي ڪري دز لڳل اٿن، اکين مان آب جاري اٿن. انهن پارن وارا ئي کاهوڙي آهن.

سُر رامڪليءَ ۾ جوڳين جو عڪس ڏسو:

ويراڳي راڳي، ڏين ڏيهاڙي ڏيل کي،
رانول رتئين مولهسئين، سامي سهاڳي،
لُنءُ جن سين لاڳي، آءٌ نه جيئندس ان ري.

(رامڪلي:5-7)

هاڻي وري سُر ڏهر ۾ پورهيت اوڏن جي تصوير ڏسو:

ڇنل ڇڄ هٿن ۾ ڪلهن ڪوڏارا،
اوڏ به ويچارا، لاکا وڃن لڏيو.

(ڏهر:51-4)

 مٿي ڏنل بيت ڏسڻ جي حواس سان واسطو ٿا رکن. انهن عڪسن جو لاڳاپو اک ۽ نظر سان آهي. انهن کي نظري عڪس (Visual Image) چئبو آهي. ڏسڻ جو حواس اسان کي ٻاهرئين دنيا جي باري ۾ گهڻي ئي خبر ٿو ڏئي. اک، شين جو مقدار، انهن جي هڪ ٻئي کان وڇوٽي ۽ انهن جي چرپر جي باري ۾ خبر ٿي ڏئي. اها ڪائنات جي رنگ توڙي روپ، ٻنهي کي محسوس ٿي ڪري. ڏسڻ ۾ لطف نه آهي، پر هن رنگ برنگي دنيا کي پنهنجي سڀني رنگن سان ڏسڻ جو حواس گهڻا- ڪموءَ گهڻ پانيو آهي، شين کي رڳو اڇي ڪاري تصوير وانگر ڏسڻ ۾ لطف آهي. چهچ سائي ٻوٽي ۽ ٽڙيل ڳاڙها گل، نيري آسمان ۾ اڇا اڇا ڪڪر!- رنگن ۾ پنهنجي سونهن آهي. جي شاعراڻي عڪس جي بيان سان گڏ ان جي رنگ جو پڻ ذڪر ڪيو ته اهو عڪس وڌيڪ چٽو، وڌيڪ سهڻو ۽ وڌيڪ اثرائتو ٿي پوندو، ڄڻ ته سڄو نظارو جيئرو جاڳندو اکين آڏو اچي بيهندو.

شاهه لطيف پنهنجي شعر ۾ هنڌين ماڳين هڪ قابل فنڪار وانگر رنگن جو ذڪر ڪبو آهي. انهن رنگن جي چونڊ هن هڪ ماهر چٽسال (Painter) وانگر ڪئي آهي. هونءَ ته سڄي ڪائنات رنگ ۽ روپ آهي، پر ڪٿي، ڪهڙي هنڌ، ڪهڙي بيت ۾، ڪهڙا ڪهڙا رنگ ڀرجن، ان جي باري ۾ شاهه لطيف جي چونڊ ٺهڪندڙ آهي.

وارو ور وٺي ويا، ڏاڙهيءَ ڀنڀا ڏير.

يا

رانول رتئين مولهئين سامي سهاڳي.

 ڀنڀيءَ ڏاڙهيءَ وارا ڏير، هن سٽ ۾ لفظ ڀنڀي عڪس کي ڄڻ مڪمل ڪري ڇڏيو آهي، ڄڻ ان لفظ تصوير ۾ رنگ ڀري ڇڏيو آهي. ٻيءَ سٽ ۾ رت جهڙي رنگ جا پٽڪا ٻڌل ۽ پاڻ سامين جو سون ورنو رنگ (سهاڳي) ڄڻ ته ڪو رنگين فوٽو گراف آهي.

اهڙا ڪي ئي بيت آهن. جن ۾ شاهه لطيف رنگن جو جادو جاڳايو آهي. هن بيت ۾ رنگن جو استعمال ڏسو ۽ غور ڪريو ته ٻن سٽن جي هن بيت ۾ ٽن رنگن کي ڪتب آڻي ڪيئن ته فنڪارانه چٽسالي ڪئي وئي آهي.

ڪال گڏيوسين ڪاپڙي، بابو بان بري،
سائي شال ڪلهن تي، سامي سون سري.

(مومل  راڻو:4-1)

ڪاپڙي، مٽيءَ جي رنگ سان ڀڀوت، ڪلهن تي سائي شال ۽ سونهري رنگ جي مالها هٿن ۾.

هن عڪس ۾ نه رڳو ڪاپڙيءَ جي تصوير ٿي اڀري، پر اها پنهنجي سڀني رنگن سان ٿي اڀري اچي.

هيءَ سٽ پڙهو:

جهڙا گل گلاب جا، تهڙا مٿن ويس.

(مومل راڻو:3-2)

هڪ ٻي سٽ:

جهڙا پانن پن، تهڙيون شالون مٿن سائيون.

(مومل راڻو: 3-1)

هنن سٽن ۾ رنگ ته آهن، پر رنگن جون تشبيهون پڻ آهن. گلابي رنگ جا ويس به چئي سگهجي ها، پر گلاب جي گلن جهڙا ويس نه رڳو گلابي رنگ ڏي، پر گلاب جي نزاڪت ۽ تازگيءَ ڏي پڻ اشارو ٿا ڪن. ساڳيءَ ريت پانن جي پنن جهڙيون سايون شالون رڳو ساين شالن کان وڌيڪ اثرائتو مڪمل ۽ جامع اظهار آهن. ڪيڏاري جي هن بيت ۾ به رنگن جون تشبيهون ڪتب آيل آهن:

ڏاڙهي رت رتياس، ڏند ته ڏاڙهونءَ جيئن،
چوڏهينءَ ماهه چنڊ جي، پڙ ۾ پاڳڙياس.

(ڪيڏارو:5-3)

هن بيت ۾ امام حسين (رضه) جي زخمي حالت ۾ هجڻ جو عڪس آهي. هن بيت ۾ رنگن جي استعمال جيڪو دردناڪ نقشو ڪڍيو آهي، اهو ڪيڏو نه اثرائتو آهي. سونهاري رت ۾ رڱيل آهي، وات جي زخمن مان  رت وهي ڏندن کي ڏاڙهونءَ جي گل جان ڳاڙهو ڪري ڇڏيو آهي. سندس اڇي اڇي پڳ جنگ جي ميدان ۾ چوڏهينءَ جي چند وانگر پئي چمڪي، اڇو رنگ ۽ ڳاڙهو رنگ،  امن ۽ جنگ- چنڊ ۽ رات.

سُر سارنگ ۾ رنگن جو ڪمال ڏسو:

سارنگ سائي سٽ، جهڙي لالي لاک جي،
ائين سي اُٻن انگيا، جيئن سي چُنيءَ چِٽ،
برسيو پاسي ڀٽ، ڀريائين ڪراڙ جا.

(سارنگ:1-2)

لاک جي لالاڻ جهڙي سارنگ جي سٽاءَ، ڪڪرن ۾ سج جي روشنيءَ جي ڪري ننڍڙا ننڍڙا ڳاڙها چنيءَ جي  چٽن جهڙا ٽٻڪا.

هي هئا نظر جا رنگين عڪس ۽ انهن جا ڪجهه مثال، پر جيئن مٿي ٻڌايو ويو آهي ته، نظر رڳو شين جي رنگ کي نه ٿي ڏسي، پر انهن جي چرپر کي پڻ قابو ۾ آڻي ٿي. هيءَ ڪائنات هڪ هنڌ بيٺل، ساڪت يا جامد ۽ ڄميل ناهي، پر هيءَ ڪائنات سدا بدلجندڙ اٿلندڙ پٿلندڙ ۽ چرندڙ ڪائنات آهي. شاعر جي حساس نظر نه رڳو روپ ۽ رنگ کي ٿي جهٽي، پر ان جي چرپر (تحرڪ) کي پڻ قابو ٿي ڪري. نظارا فوٽو گراف وانگر به ٿيندا آهن، جيڪي ڄميل ۽ بيٺل (جامد ۽ ساڪت) ٿيندا آهن، ته فلم وانگر چرندڙ پڙندڙ نظارا به ٿيندا آهن. شاهه لطيف جي حساس نظر نه رڳو نظارن جو روپ ۽ رنگ جهٽيو آهي، پر انهن جو تحرڪ پڻ.

آءِ- اي- رچرڊس به چرندڙ عڪسن جو ذڪر ڪيوآهي.

اچو ته ڏسون هت لطيف وٽ ڪهڙا ڪهڙا چرندڙ عڪس آهن.

سر ڪاموڏ جو هيءُ بيت پڙهو:

هيٺ جر مٿي مڃر، پاسي ۾ وڻراهه،
اچي وڃي وچ ۾، تماچيءَ جي ساءَ،
لڳي اتر واءٌ، ڪينجهر هندورو ٿئي.

(ڪاموڏ: 4-2)

هن بيت جي پهرينءَ سٽ ۾ پس منظر آهي، جيڪو ڄميل ۽ بيٺل آهي. (ساڪت ۽ جامد آهي). هيٺ پاڻي، مٿي مڃر ۽ پاسي ۾ وڻراهه، هڪ مستقل پس منظر ۽ ان کان پوءِ ٻيءَ سٽ ۾ اڻ چرندڙ پس منظر جي آڏو جيئرو جاڳندو ۽ چرندڙ منظر آهي، جيڪو وقتي ۽ اڻ مستقل آهي. تماچيءَ جي ٻيڙي اچي ۽ وڃي پئي. ان کان پوءِ اهو تحرڪ، اها چرپر، اتر جا واءَ لڳڻ سان ڪينجهر جي پاڻيءَ ۾ به اچيو وڃي. ڪينجهر اتر واءُ جي لڳڻ سان لهرن جي پيدا ٿيڻ جي ڪري هندوري وانگر لڏڻ ٿي لڳي.

ڪيڏاري جو هيءُ بيت ڏسو:

بهادر گڏيا بهادرين، کڙڳ کلون ڪن،
وجهن ڌڙ ڌڙن تي،، هاڪارين هڻن،
ڪِرن ڪنڌ نچن، رڻ گجيو راڙو ٿيو.

(ڪيڏارو:5-3)

 

هيءُ بيت به چرندڙ پرندڙ تصوير آهي. جنگ جي ميدان جي ڀوائتي تصوير، جتي بهادر بهادرن  کي ٿا هاڪارين، جتي سسيون وڍجي زمين تي ڪِرندي ٽپا ٿيون ڏين ۽ رڻ گجي ٿو.

جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته هرممڪن حسن لاءِ ڌار ڌار عڪس آهي. هن کان  اڳ آيل بيتن ۾ نظر جي حِس سان لاڳاپو رکندڙ بيت ڏنا ويا آهن. هاڻي ٻين حِسن ڏي به اچجي ٿو.

ڇهڻ جو حواس اسان کي ڪنهن شيءِ جي ٿڌ، گرم، نرم، سخت، کهري لسي هجڻ جي باري ۾ خبر چار ٿو ڏئي. جيڪڏهن شاعراڻو عڪس انهن احساسن کي ٻيهر پيدا ڪري ته اهو چئبو ڇهڻ جو عڪس.پوءِ اهو ياThermal هوندو. جنهن جو واسطو ٿڌي گرم سان آهي، يا اهو Tactile هوندو، جنهن جو واسطو نرم،سخت يا لسي ڪنئري سان آهي.

شاعر جيترو وڌيڪ حساس هوندو اوترو هن جا حس وڌيڪ خبردار هوندا آهن. انسان جيئن هن ڪائنات جي مشاهدي ڪرڻ وقت پنهنجا سڀئي حس ڪم ٿو آڻي. تئين شاعر به ان دنيا جي ٻيهر تخليق وقت پنهنجي شعر ۾ انهن سڀني حسن جو بيان ٿو ڪري، انهن سڀني تجربن جو ذڪر ٿو ڪري، جيڪي هن کي مشاهدي ڪرڻ وقت محسوس ٿيا هئا.

عڪسن جي باري ۾ شاهه لطيف هر حواس کي تيز ۽ خبردار رکيو آهي، هن ڪائنات جي مشاهدي وقت هر حس کي کليل رکيو آهي ۽ ان مشاهدي جي اظهار وقت هر حس کي کليل رکيو ۽ شاعراڻي بيان ڪرڻ مهل هن انهن سڀني ڪيفيتن جو اظهار ڪيو آهي. جيڪي هن مختلف حواسن جي ذريعي سان حاصل ٿيون آهن.

نظري عڪسن، انهن رنگن روپن ۽ انهن عڪسن ڏي اچو، جن کي (Tactile) چئجي ٿو ۽ جيڪي ڇهڻ جي حواسن سان واسطو ٿا رکن. شاهه لطيف جيتريءَ باريڪيءَ سان مشاهدو ڪيو آهي، اوترو ئي چٽائيءَ سان اظهار ڪيو اٿائين.

سُر سهڻيءَ جو هيءَ بيت پڙهو:

سهه سيارو، پاڻي پارو، جت جُهڙُ جَهڪَ ۽ جهولَ،
من اندر ميهار جا، هينئڙي اچن هول.

(سهڻي:15-3)

 

هڪ ٻيو اهڙو بيت:

سهه سياري رات، جا گهڙي وسندي مينهن.

(سهڻي: 16-3)

هنن ٻن سٽن ۾ شاعر سياري جو ذڪر ڪهڙي نه چٽي نموني ڪيو هي، سياري جو ڪو نه چٽو تاثر ڏنو اٿائين. جهڙي قسم جو ماحول شاعر- اهي، پڙهندڙ جي آڏو پيدا ٿو ڪري سگهي. شاعر پڙهندڙ جي آڏو سياري جي سخت سيءَ جي احساس اڀارڻ لاءِ سهه سيارو ۽ پاڻي پارو جا لفظ ڪم ٿو آڻي، ڏڪڻيءَ جو ماحول پيدا ٿو ٿي وڃي. مينهن وسي تهه سياري جي رات ۾ درياهه ۾ گهڙڻ، شعر پڙهڻ يا ٻڌڻ واري جي آڏو سيءَ جو احساس اڀريو اچي.

ساڳئي سياري جي سيءَ جي باري ۾ هڪ ٻيو بيت:

ڪانڌ تنهنجي پاند ريءَ، سنجهي سيءَ مران،
ڪامل ڪپاهَن ۾ پيئي ٺار ٺران،
تاريءَ تهن تران، جنءَ ور وهاڻي واريو.

(سارنگ:10-3)

سنجي کان ئي سيءُ شروع ٿي ويو، تهه سيارو آهي، پنهنجي مڙس جي ڀاڪر کان سواءِ سوڙين ۾ به سيءُ ٿو لڳي.

اتر ڏني اوت، نه مون سوڙ نه گبرو،
چارئي چنيءَ پوت، مون ريڙهيندي رات گئي.

(رپ:14-2)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com