سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري

باب: --

صفحو :29

تنوير عباسي

بوند- لهرون- سمنڊ

[نارائڻ شيام جي شاعريءَ جو اڀياس]

 

اسان جي دور جي شاعرن ۾، سنڌ توڙي هند ۾، نارائڻ شيام کي وڏي اهميت حاصل آهي. هو انهن ٿورن شاعرن مان آهي، جيڪي اسان جي دور جي شاعريءَ جي وهڪري کان الڳ ٿلڳ، پنهنجي ذاتي اسلوب جي ڪري نرالا ۽ انوکا ٿا لڳن. نارائڻ شيام سنڌيءَ جي جديد شاعريءَ توڙي ترقي پسند شاعريءَ، جي بنياد وجهندڙن مان هڪ آهي. نه فقط هو انهن بنياد وجهندڙن مان هڪ آهي، پر انهن سڀني مان اهم پڻ، ڇو ته هو شاعريءَ توڙي ترقي پسنديءَ جي قدرن کي اڄ تائين نه فقط پنهنجو ڪندو آهي، پر اڃا تائين انهن کي سنوارڻ، سينگارڻ ۽ انهن ۾ نيون راهون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي.

هو ڪشنچند بيوس جي اثر هيٺ آيل شاعرن مان آهي ۽ ڊي=جي= سنڌ ڪاليج ۾ سنڌي ادبي سرڪل جي بنياد وجهندڙن ۽ سرگرم ڪارڪنن  مان هڪ آهي. ان سان گڏوگڏ حاجي محمود خادم جهڙي عروض جي سخت گير شاعر، ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻيءَ جهڙي فارسي شاعريءَ جي ماهر ۽ پرسرام ضيا جهڙي عوامي  لهجي واري شاعر- ٽنهي کي پنهنجو رهبر ۽ رهنما تسليم ٿو ڪري. ان نُڪتي کان ئي نارائڻ شيام جي انفراديت جي شروعات ٿئي ٿي.

هن جو شعر ڪشنچند بيوس جي شعر وانگر عام سنڌي ٻوليءَ ۾ ته آهي، جنهن ۾ عربيءَ ۽ فارسيءَ جا ڌاريا لفظ گهٽ آهن، پر تنهن هوندي به شيام جي ٻولي ته دقيانوسي آهي، ۽ نه وري ان جو لهجو ۽ نه ئي وري اچار ثقيل ۽ غير فصيح. هو اچارن کي اجايو ڇڪي، زورائتو (Stressed) بنائي وزن يا ماترائن ۾ پورو ڪرڻ جي ڪوشش نه ٿو ڪري، پر ائين لڳي ٿو ته سلامست توڙي فصاحت سان ڀريل مصراعون پنهنجو پاڻ ئي قالبن ۾ پيٽجيو وڃن، سواءِ ڪنهن اجائي دٻاءَ، زور زبردستيءَ يا وٺ پڪڙ جي.

شيام جي شاعري، ان لحاظ کان بيوس کان اڳتي وارو ارتقا جو ڏاڪو آهي.

سنڌي ترقي پسند شاعريءَ جي وجود ۾ اچڻ سان، بيوس کان پوءِ جي دور واريءَ شاعريءَ ۾ هڪ نئين ۽ اهم دور جي شروعات ٿي، ۽ اُها نارائڻ شيام جي شاعريءَ سان ٿي.

ڊي. جي. سنڌ ڪاليج جي سنڌي سرڪل ۾، ورهاڱي کان ٿورو اڳ، نارائڻ شيام، شيخ اياز، هري دلگير ۽ شيخ اياز جديد سنڌي شاعريءَ جو بنياد وڌو. هنن سنڌي شاعريءَ کي نين صنفن (آزاد نظم ۽ سانيٽ ) ۽ نون ردمن کان واقف ڪيو. هنن نوان تجربا ڪري، سنڌي شاعريءَ لاءِ نيون واٽون ٺاهيون. نارائڻ شيام اُن ۾ سڀ کان اڳرو هئو.

نارائڻ شيام سنڌيءَ جو اُهو نرالو شاعر آهي، جيڪو پنهنجي نرالي اسلوب، لهجي ۽ مزاج، فڪر، ٻوليءَ، موسيقيت ۽ ڪامياب تجربن سببان، سنڌي شاعريءَ جي موجوده دور جي وهڪري ۾ رهندي به، اُن وهڪري کان ڌار هڪ انوکي، نرالي ۽ دائمي حيثيت رکي ٿو.

نارائڻ شيام کي سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ، فارسي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۽ جپاني هائيڪو شاعريءَ ۽ جديد مغربي شاعريءَ جو اونهو اڀياس آهي. ان ڪري ئي سندس شعر ۾، سنڌي، فارسي، هندي، جديد مغربي ۽ جپاني ڌارائن جو سهڻو ميلاپ نظر اچي ٿو.

دوهو، سورٺو، بيت، وائي، گيت، نظم، رباعي ، غزل، آزاد نظم، سانيٽ، ترائيل ۽ هائيڪو سڀني صنفن تي هو هڪجهڙيءَ قدرت ۽ سولائيءَ سان لکي سگهي ٿو. هن هر صنف جو، پوءِ اها مشرقي هجي يا مغربي، يا ماڳهين مقامي هجي، تمام اونهو اڀياس ڪيو ٿو ڏسجي، جو تمام اونهي اڀياس کان سواءِ ايترين سارين صنفن ۾ ايڏيءَ ڪاميابيءَ سان لکي سگهڻ ناممڪن آهي.

عروض جي سختيءَ سان پابندي اڪثر شاعرن تي منفي (Negative) اثر ڇڏيندي آهي. هو وزن لاءِ لفظن کي چٻي چٿي ۽ ڇڪي تاڻي پورو ڪندا آهن ۽ اجايا ڀرتيءَ جا لفظ وجهندا آهن، پر شيام جي شاعريءَ تي عروض جي پابنديءَ مثبت (Positive) اثر ڇڏيو آهي. هن وٽ نه ڇڪيل تاڻيل، لهجي ۽ موسيقيت کي بگاڙيندڙ اچار آهن، نه اجايا ۽ بي معنيٰ ڀرتيءَ جا لفظ هن جي رياعين، غزلن، توڙي نظمن ۾ رواني، سنڌي لهجي ۽ اچار جي اصليت ۽ سنڌي ٻوليءَ جي موسيقيت نه فقط موجود آهي، پر معمول کان وڌيڪ نکريل- اها ڳالهه ثابت ٿي ڪري ته محنتي ۽ سٺي ذوق واري شاعر لاءِ ناممڪن کي ممڪن ڪرڻ مشڪل نه آهي،

سنڌي اساسي شاعري، توڙي ڪلاسيڪي شاعري، تصوف ۽ ويدانت جو سهڻو سنگم آهي. هن صديءَ جي شروعات کان سنڌي شاعريءَ تي مغربي شاعريءَ جا اولڙا پوڻ شروع ٿيا.سنڌيءَ جي هر جديد شاعر لاءِ ڪلاسيڪي سنڌي شاعريءَ، ڪلاسيڪي فارسي شاعري ۽ جديد مغربي شاعريءَ جو اڀياس ضروري آهي. نارائڻ شيام ۽ شيخ اياز ئي اهڙا شاعر آهن، جن جي شاعريءَ پڙهڻ بعد لڳي ٿو ته هنن انهن سڀني ٻولين جي اونهي اڀياس کان پوءِ پنهنجي لاءِ اهڙو منفرد اسلوب اختيار ڪيو آهي، جيڪو اُهي سڀ ضرورتون پوريون ٿو ڪري.

شيام جي شاعري، سنه 1953ع ۾ سندس ۽ هري دلگير جي شاعريءَ سان گڏ ڇپيل مجموعي ماڪ ڦڙاسان شايع ٿي. ماڪ ڦڙا ۾ سندس اوائلي ۽ تجرباتي شاعري آهي. ان ۾ فڪر توڙي گهاڙيٽي جي نواڻ آهي ۽ آزاد نظم، سانيٽ ۽ ترائيل جا ڪامياب تجربا آهن، گيتن ۾ انو کي نغمگي آهي- جيئن آس ۾ جيون راس آزاد نظمن ۾ اٿاهه رواني ۽ ردم آهي، توڙي جو اهي شيام توڙي سنڌي شاعريءَ جا اوائلي آزاد نظم آهن. جيئن

محبت ۾

ٿڙڪي

ڦڙڪي

ڪنبي ڌڙڪي

کلي ڇلي 

ڇلي ڪري

ائين ڪري جيئن ندي ڇلي

 

۽ اهڙيءَ ريت سڄو نظم روان ۽ مترنم آهي.

ماڪ ڦڙا ۾ ڪن نظمن جو موضوع سنڌي شاعريءَ لاءِ ان وقت به انوکو هو ۽ اڄ پڻ انوکو آهي، جيئن تون نه وڃجانءِ ڇڏي، مان وساريل ئي سهي ۽ سپردگي.

هن مجموعي ۾ شيام مومل راڻي ۽ليلا چنيسر جي لوڪ داستانن کي نظم جي گهاڙيٽي ۾ آندو آهي.

هي مجموعو شيام جي اوائلي شعرن تي مشتمل آهي، ان ڪري ان ۾ ڪٿي ڪٿي اردوءَ جي روايتي ترقي پسنديءَ ۽ نعري بازي جو اثر موجود آهي، جيئن اٿ ڪجهه ڪريون، طوفان جي نئين لهر ۽ جواني پر انهن نظمن سنڌيءَ شاعريءَ جي فڪر ۽ نظريي جي واڳ موڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ماڪ ڦڙا ۾ شيام جا تمام سهڻا عڪسي نظم پڻ آهن. جيئن پوياڙي. ماڪ ڦڙا جي ڪن جزوي غزلن ۽ نظمن ۾ ڪٿي ڪٿي ڏکيا هندي ۽ سنسڪرت لفظ آندل آهن، پر عام طرح ٻولي سولي، عام فهم ۽ صاف آهي. شيام جي پهرئين مجموعي سان ئي هن کي سنڌي شاعريءَ ۾ مستقل ۽ اهم مقام ملي ويو.

شيام جو ٻيو مجموعو آهي پنکڙيون جيڪو 1953ع ۽ 1954ع ۾ لکيائين، ۽ 1955ع ۾ ڇپيو. هن مجموعي ۾ هڪ سؤ رباعيون، ۽ هڪ ڊگهو نظم روپ مايا شامل آهن، رباعي فارسي شاعري جي صنف آهي، جيڪا هڪ خاص بحر هزج ۽ ان جي زحافن تي لکي سگهبي آهي، ۽ ان جي چئن سٽن ۾ خيال جي اونهائيءَ ۾ موضوع جي همه- گيريءَ سان گڏوگڏ ڪنهن حد تائين چوٽ (Climax) جو عنصر ضروري آهي. شيام جي رباعين کي پڙهي، لڳي ٿو ته هن نه فقط فارسي شاعريءَ جي گهاڙيٽن (عروض) جو اونهو اڀياس ڪيو آهي، پر هن صنف (رباعيءَ) جي لوازمن، فني ضرورتن، ۽ ٽيڪنيڪ کان به هو پوريءَ طرح واقف آهي. هِن نيٺ فارسي صنف کي عام فهم سنڌي ٻوليءَ جو ويس پهرائڻ، سو به ان طرح جو سنڌيءَ جو لهجو، اچار ۽ ردم قائم رهي ۽ ڪا به ڇڪتاڻ يا اچارن ۽ لهجي جي Deformity نه هجي، فقط شيام ئي ڪري سگهيو آهي:

گل پن مان وجهي واجهه پريشان ٿين ڇو؟
خورشيد مان شبنم مان نمايان ٿين ڇو؟
ڇا لاءِ هتان هتان ليئا پيو پائين؟
پنهان نه رهي سگهين ته پنهان ٿين ڇو؟

 

آهسته اٿي، ٿي مون وٽان. جئن نه وئي،
ڇا ٻانهن جي سندريءَ مڙي لوڏ ڪئي،
ڪمري ۾ ويئي پکڙجي سپنن جي سڳنڌ،
ٻوڪيل ول واءَ ۾ لڏي شيام پئي.

 

رباعيءَ جهڙيءَ صنف ۾ شيام سسئيءَ جي موضوع کي آڻي، ان صنف کي سنڌي ويس پهرايو آهي:

 

سپني ۾ هيس ٿِي مان اڀاڳي ڀاڳي،
کوليم جو اکيون هيس اُڀاڳي ساڳي،
جهڙو ٿيو سمهڻ سڀاڳ تهڙو جاڳڻ،
سسئيءَ جي سمهي، ته مون وڃايو جاڳي.

ساڳيءَ طرح ليلا چنيسر،

 

آداب شراب جي او خالي مينا،
آداب چنيسر جي وڇوڙيل ليلا،
سو رنگِ  ڪٿي راڳ ڪٿي ناچ ڪٿي،
رونق نه رهي تنهنجي حياتيءَ ۾ ڪا.

 

پنکڙيون جي رباعين مان ظاهر آهي ته شيام جي فارسي شاعريءَ جو اونهو اڀياس ڪيو آهي، ته ان جي لمبي نظم روپ مايا مان لڳي ٿو ته شيام کي سنسڪرت ۽ هندي شاعريءَ، ديو مالا، ۽ ڪلچر جي پوري پروڙ آهي. نظم جو مرڪزي ڪردار وشتوامتر، بادشاهي تياڳ ڪري، جوڳي ٿي، جهنگ ٿو وڃي وسائي. جتي کيس مينڪا نالي سونهن جو مرقعو نظر ٿو اچي ۽ ان جي پيار ۾ تياڳ ۽ جوڳ وسري وڃيس ٿو. نظم جو مرڪزي خيال آهي عشق، جيڪو هر جذبي  تي حاوي آهي.

هن نظم ۾ شيام جون ڪي سٽون لافاني آهن، جڏهن مينڪا درياهه ۾ وهنجي ٿي:

 

ڪڳئن نه ترندڙ اپسرا جي نرم انگن کي لڳي،
نهر جون لهرون هٽي پٺتي چڙهي ڪجهه مٿڀرو،
ٿورڙو ورکائي وسهر وانگي پاسيرو مڙي،
 جسم کي ٻيهر ڇهي نڪري ويون ٿي اڳڀرو.

 

نهر مان ٻاهر اچي جئن لڱ سڪايائين پئي،
پنهنجو جوڀن پاڻ ڏسندي، سڪجي شرمائڻ لڳي،
مرڪ لڄ چمڪائي ٿي لڄ مرڪ ٻهڪائڻ لڳي.

 

اهي نه فقط عڪس آهن پر جيئرا جاڳندا، جرندڙ پرندڙ عڪس آهن. ۽ جڏهن  وشوامتر ۽ مينڪا جو ميلاپ ٿو ٿئي:

 

چيلهه تي جئن ئي رکيس هن هٿ، وئي هيسائجي،
ائن ڏڪيس ڇاتي ٿي، جيئن ڇيڙي ڪوئي هنڊول راڳ.
پريم جي ڀاڪر ۾ ڪسندڙ جسم ويو بس ويو سانت ٿي.
ڌيري ڌيري ڄڻ ويو خاموش ٿي هنڊول راڳ.

 

هن نظم ۾ شيام ڪٿي ڪٿي ڳرا هندي سنسڪرت لفظ ڪبت آندا آهن: مثال طور:

گنڌرون جون ڄڻ مڌر پرتکش تانون ٿي اڏيون پر اهڙا مثال خال خال آهن. ڪن هنڌن تي گرامر صحيح نه آهي:

ها انهن جادو ڀريل متوالي نيڻن ڏي سدا، هئن گهرجي متوالن نيڻن ڏي.

مجموعي طرح شيام جو هيءَ ننڍڙو مجموعو پنکڙيون سندس وڏي شاعر هجڻ جي ثابتي آهي.

شيام جو ٽيون مجموعو رنگ رتي لهر سنه 1956ع ۾ پڌرو ٿيو. هن مجموعي ۾ رڳو غزل آهن. هن کان پوءِ وارا مجموعا واريءَ ڀريو پلاند، آڇيندي لڄ مران، ۽ مهڪي ويل صبح جي به رڳو غزلن تي مشتمل آهن، ۽ باقي ٻن مجموعنماڪ ڀنا رابيل ۽ روشن ڇانورو ۾ به ڪافي انداز غزلن جو آهي. لڳي ٿو ته شيام اڳتي هلي غزل سان لونءُ لاتي آهي. روشن ڇانورو ۾ دوها، سورٺا ۽ ترائيل به غزلن سان گڏ آهن، ۽ ماڪ ڀنا رابيل ۾ وايون ۽ هائيڪو (جن کي شيام تصويرون سڏيو آهي). دوها، سورٺا، بيت، رباغيون ۽ نظم شامل آهن، پر شيام جي سموريءَ شاعريءَ تي غزل ڇانيل آهي. هونءَ ته شيام جنهن ۾ صنف ۾ لکيو آهي، ان ۾ ماهر جي ئي انداز سان لکيو اٿائين، ۽لڳي ٿو ته شيام کي هر صنف تي قدرت حاصل آهي، پر غزل شيام جي مرغوب صنف آهي. ان ڪري هتي شيام جي سڀني مجموعن جي غزلن جو گڏيل جائزو ورتو ويندو.

شيخ اياز، نارائڻ شيام، هري دلگير، عبدالڪريم گدائي، نياز همايوني، امداد حسيني، شمشيرالحيدري انهن جديد شاعرن مان آهن، جن غزل جهڙي ڌاريءَ صنف کي، سنڌي ماهول جو ويس پارايو ۽ منجهس روايتي رومانوي موضوعن بدران جديد زندگيءَ جون پيچيدگيون ۽ انقلابي موضوع شامل ڪيا.

شيام جي غزلن ۾ (سواءِ ڪن اوائلي غزلن جي) صاف، سلوڻي، فصيح ۽ روز مرهه جي ٻولي آهي.

غزل جي زمين ڏاڍي ماريل آهي. فارسيءَ ۽ اردوءَ وارن ڪا وٿي نه ڇڏي آهي. جو اُن ۾ ڪا تخليق ڪري سگهجي. قافيا رديف کٽائي ڇڏيا اٿن. تشبيهون استعارا، تلميحون توڙي انهن کي ادا ڪرڻ جا اسلوب ۽ ڍنگ سڀ پراڻا ٿي چڪا آهن. اردوءَ جي جديد غزل جي به ساڳي حالت ٿي ويئي آهي، ۽ هيءَ صنف هر معاملي کان ورجاءَ جو شڪار ٿي ويئي آهي. سنڌيءَ جي جديد غزل، خاص ڪري شيام جي غزلن جي اڀياس کان پوءِ لڳي ٿو ته اڃا غزل جي زمين ۾ ڪافي گنجائش  آهي. اڃا ڪافي ڪنواري زمين پيل آهي جيڪا کيڙي نه ويئي آهي. شيام وٽ نه رڳو جذبن، عڪسن ۽ ٽاڻن (Situations) جي اپٽار ۽ نگارش آهي، پر انهن جي کوجنا پڻ. اها کوجنا ئي شاعر کي سچو تخليق ڪار ۽ وڏو شاعر ٿي بنائي. رڳو اهل ۽ ورجاءَ وچولي درجي جي شاعرن جو  ڪم آهي.

شيام غزل کي سنڌي ماحول  ۽ ٻوليءَ سان رڱي، ان ۾ تخليق جي وڌيڪ گنجائش پيدا ڪئي آهي. فارسيءَ ۽ اردوءَ جي گٺل ٻوليءَ لفظن. تلميحن. اهڃاڻن، ۽ استعارن بدران نت نون جرڪندڙ لفظن ۽ محاورن سان غزل ۾ رنگ ڀريو ويو آهي ۽ تغزل جا نوان تجربا اڻ مئيءَ تازگيءَ سان ٽمٽار آهن:

 

شعر پئي سوچيم ڪوئي، آئينءَ جڏهن،
ڇا بڻيو ڇا بڻجي بگڙيو چوان!

 

تو جو پهريو هئو اڇو سادو لباس.
ڇا نه رنگينيون بکيون پئي ان منجهان.

 

هيئه صبح جو وار وٽڙيل اهي ئي.
گهڻو شام جو کين تو پئي سنواريو.

 

مٿين سٽن ۾ نه فقط ٽاڻن (situations) ۽ جذبن جي اپٽار آهي پر کوجنا پڻ. تنهن هوندي به تغزل ڀرپور نموني ۾ موجود آهي.

شيام جي غزلن ۾ ڪيترائي اهڙا شعر ملندا، جن ۾ کوجنا (Discovery) آهي، پوءِ اها کوجنا رومانوي عڪسن جي هجي يا جديد پيچيده زندگيءَ جي عڪسن جي. انهن سٽن کي پڙهڻ سان ائين ٿو لڳي ڄڻ اهڙي ڳالهه اڳ ٻڌل نه آهي. حالانڪ آهي عڪس عام زندگيءَ جا آهن، جن ڏي ڪنهن جو ڌيان ئي نه ويندو آهي:

 

آئيني اڳيان ويهي سينگار ڪيائين پئي.
پر ڏيئي پٺي ڀي اک اُن مون ۾ ئي اٽڪائي.

 

معصوم ابهم ٻار ۽ ماءُ جي هنج شيام جي پسند جا موضوع آهن، پر انهن جي ادائگي (Treatment) ڪيڏي نه سادي، رومانوي ۽ حقيقت پسداڻي آهي.

 

ٻار کي ڪنهن جي هنج  مان وٺندي،

ڇا ته دلڪش هڳاءَ جو احساس!

 

تو گود ۾ ٻالڪ کي جئن ٿڃ ڏني ويٺي.

معصوم اگهاڙپ تي پاڪيزگي للچائي!

 

ٿڃ ڌائيندي جو مشڪيو ٻار پئي ڇا جي ڪري.

شيام وڌندي ڦول ڪيئن ٿو ڦول ٿئي، سگهندين چئي!

 

لوڏي هندورو شاخ جو گلزار ۾ صبحا،

غنچي ۾ آهي ڦول ڪه تنجڻ ۾ ٻار آهه.

 

مٿيان موضوع، غزل جي شاعريءَ لاءِ بلڪل ئي اوپرا آهن، پر شيام انهن ۾ غزل جي رمزيت ڀري، فنڪاراڻي انداز ۾ پيش ڪيا آهن.

رومانوي زندگيءَ ۾ بي انتها ٽاڻا (situations) اچن ٿا. غزل جي شاعريءَ ۾، اُنهن مان ڪيترن ئي ٽاڻن جي اپٽار ڪئي ويندي آهي. ڪن ٽاڻن کي ته شاعرن ورجائي ورجائي، ايترو گسائي ڇڏيو آهي، جيئن پراڻي سڪي جا گٺل اکر. شيام جي غزلن ۾ نت نوان اڻ ڇهيل ٽاڻا آهن. اهڙا ٽاڻا، جن ڏي ڪنهن غزل جي شاعر جو ڌيان ئي نه ويو آهي. شيام جو مشاهدو وسيع ۽ احساس اونهو آهي. هو معمولي منظر مان شاعراڻو حظ ٿو حاصل ڪري ۽ ان کي لفظن جو لباس ٿو پارائي.

 

ڇپ ڇپ منهنجيون اکيون ڍڪيئه،

مون ته سڃاتئه هٿ رکندي ئي!

 

ڳالهائڻ ته اڇهرو آهي،

لفظ لفظ پر گهرو آهي.

 

ڀر ۾ بيٺي ته اک کڻي نه ڏٺئه،

ويندي ويندي مڙي نهاريو تو.

 

مون توڏي نهاريو ۽ تو مِسڪرايو،

انهي ڳالهه، کي ڇا ته دنيا هلايو.

 

شهر مان گهر ۾ آيس دير سان،

مسڪرايئه ڪين ڪجهه منهن سان چيئه.

 

رهنديون اکيون ته ڪين رئڻ کان سواءِ ڪڏهن.

پر لڙڪ روڪي صاف ڪي ڏسنديون نه ڇا ڪڏهن.

 

ڪلهه تو مون کي ڪيڏو ڇينڀيو،

آئيني کان اڄ لڄ آيئه.

 

اٿي، ڇرڪي، بس ڪاوڙي، مسڪرائي.

لڪي ڪنهن ڪيس پير ۾ ڪتڪتائي.

 

عجب ڍنگ آهن اوهان جي ڏسڻ جا.

نه ڌاريا لڳو ۽ نه پنهنجو لکايو.

 

ڳل ڇهڻ سان گل ٽڙيا گويا،

چرچي چرچي ۾ ائن بهار آئي،

 

اسان بيهي گڏ، گڏ هئاسين، ڪٿي،

الائي ڇا سمجهو ٿي دنيا پريان.

 

شيام صبح جو مشڪئين ائين پئي،

ڄڻ تو سک جي رات گذاري.

 

هٿ آلا ۽ کارا اٿئي،

شايد ڳوڙها شيام اُگهيا تو.

 

واپس ڪيئه ڪتاب، جو ان ۾ هي پنکڙيون!

ڪيڏو لڳين ٿو شيام رکو هونءَ سڀاو ۾.

 

منهنجي اوندهه ۾ ڏئو ٻاري ويو،

هي نه ٿيو کانئس کڻي نالو پڇان.

 

هي ته ٿيا رومانوي ٽاڻا پر رومان کان سواءِ به زندگي آهي. حياتيءَ ۾ ڪي ئي اهڙا پل اچن ٿا، جن کي شاعراڻي لافانيت حاصل ٿي وڃي، جيڪي ذهن تي اڻ- مٽجندڙ نقش چٽي وڃن. پر انهن  اڻ مٽجندڙنقشن کي شيام جهڙو حساس شاعر ئي پرکي، پروڙي،محسوس ڪري. لفظن جو روپ ڏيئي، هميشه لاءِ محفوظ ڪري ٿو ڇڏي. رومان. عشق کان سواءِ به آهي:

 

هئي نگاهه محبت نگاهه پهرين ئي،

نگاهه ٻئي ٿي پئي شيام هڪ نگاه هوس.

 

آهٽون ٻڌندي صبح به ٿي ويو.

در تي رات نه ٺڪ ٺڪ ٿي ڪا.

 

کولي دري مون پر نه هئو انتظار ڪو

بس آئي هير پاڻ-مرادو گهڙي اتان.

 

ڪيڏي امنگ ۾ اچي مون گل ڇني کنيو.،

دل ۾ جو آنڌمانڌ ٿي ٽاري ٻُسي ڏسي.

 

ڦٽي ننڊ ڀوَ کان ته ڪو در تي آهي،

۽ گهر ۾ هئي بس سڃي هيڪلائي.

 

هر دم راڳ هلي پيو. ليڪن

ڪنهن ڪنهن مهل ٻڌي ٿو ڪوڪو.

 

فقط واس ڄندن جو ڪمري ۾ هو،

ملڻ آءُ آيو هيس شيام سان!

 

ڌوپ ٻاري پنهنجي گهر پاڙيسري،

منهنجو گهر ڀرجي وڃي سرهاڻ سان.

 

آرسيءَ ۾ عڪس پنهنجو  ئي ڏسي.

شور جهرڪيءَ پئي ڪيو ڳچ دير کان.

 

پوپٽن بابت ته سوچيو ئي نه هوم،

مون ته گل پوکيا ائين ئي شوق مان.

 

واقف ته پئي لڳو پر نالو نه ياد آيو،

کانئس نه مون پڇيو ۽ پاڻهي نه هن ٻڌايو.

 

الائي ڪم اهو نوريئڙن جو هئو ڪه هوا جو!

مگر ڪريل هئا ڪيڏا نه ٻٻر ٻير جي هيٺان!

 

گهميس شهر ۾ پئي اڪيلو اڪيلو،

ته ڪو پاڻ جهڙو ملي ڪنهن گهٽيءَ ۾.

 

تو نه سڃاتو مون نه سڃاتئه.

ماٺ رهيا سين ڄاڻي واڻي.

 

ڪي ئي ڀيراپاڻ ئي پنهنجو دري مون کڙڪايو.

مون پئي ڀانيو اندران ئي ايندو منهنجو آواز.

 

ويهه اونداهه ۾ نه موڳو ٿي، در کولي ته ڏس،

ڪو کڻي مشعل متان گهر ٻاهران لنگهندو هجي.

 

پنهنجو رستو نه سگهيو شيام بڻائي جيڪو،

ڀيڙَ ۾ نيٺ ويو ڀيڙ جو حصو بڻجي.

 

شهر ۾ هت هت شخص اُهي جي مورت جئن گنڀير لڳن،

پنهنجي اڱڻ ۾ سي ته ڪڏهن ها نچڻا ٽپڻا ٻار لچا.

 

هي ته شيام جي غزلن مان اهي چونڊ شعر هئا، جن ۾ ڪا نه ڪا نو آهي. ڪنهن ٽاڻي، ڪنهن ماڳ، ڪنهن عڪس يا ڪنهن جذبي جي کو- آهي. پر شيام جي غزلن ۾ اهڙا شعر عام جام آهن، جن ۾ شيام جديد، جي زندگيءَ جا عڪس چٽيا آهن، ۽ هن دور جي ڪيترين ئي وٿن (Ojects symbol) طور ڪتب آندو اٿس. غزل عام طرح روايتي ۽ دقيانو استعارن يا اهڃاڻن سان ڀريل هوندو آهي، ۽ سنڌي غزل ۾ جديد زندگيءَ عڪس ٻين شاعرن وٽ به ملن ٿا، پر انهن عڪسن کي جنهن فنڪاريءَ شيام ڪتب آندو آهي اهو سندس ئي ڪمال آهي. شيام جديد عڪسن تغزل قائم رکيو آهي، ۽ غزل جي اشاريت ۽ رمزيت کي برقرار رکيو آهي. ڪن هنڌن تي وٽس تغزل سان گڏ گهري طنز ۽ مزاح پڻ آهي:

 

هڏيون ٻه ڀي خطري جو چتاءُ،

هوڏي سخت ڪتي جي ذات.

 

هم دم موت جو هڪ احسان،

ائٽم يُگ ۾ شيام حيات.

 

جيئن ئي بتيءَ جو سئچ ڪيو آف شيام مون،

ڪمري جي فرش تان وئي جهٽ کسڪي روشني.

 

ريل گاڏي جهنگ ۾ بيهي وئي،

هيٺ ماڻهو، جهنڊ تارن جا مٿان.

 

مينهن ۽ هٿ ۾ پراڻو دستخط،

مان پسڻ کان ڪيئن بچايان پاڻ کي.

 

چنڊ تارن سان رات ڀر ڳالهيون،

روز اخبار سان ئي صبح ٿيو.

 

گهر ۾ بيشڪ اگربتيون ٻاريم،

گند گهر ٻاهران مگر هو پيو.

 

دوربينيءَ سان ڏٺم اڀ ۾ نرجن هئو ڪٿي!

خوردبينيءَ سان مون جاچيو تن، مگر من هئو ڪٿي!

 

ڪئي وئي هئي ڪلهه رات برات جي دعوت،

غريب ٻار، ڪتا، ڪانوَ آيا صبح ٿيڻ سان.

 

ڪيو محفوظ قانونن، ڪيو محدود قانونن،

بنان قانون ٽوڙڻ جي وڌڻ لئه واهه ئي ڪهڙي؟

 

ملڪ جي حال تي ڳالهائيندي نيتا ڪنڌ جهڪايو،

ننگي ناري بيٺي لڄ کان منهن تي گهونگهٽ ڍاري.

 

رکي رکي پئي تو ته نهاريو مون ڏي ٽيڏين نظرن سان.

پر ويٺو ئي رهيس مان بس ۾ پاسيرو ٿي ڌارين جان.

 

پراڻن ڪتابن جي ڪيڏي سڙيل بو،

ڪٻاڙيءَ وٽان ته به کڄي اک نه پئي،

 

ڪمري ۾ هئي چپ چپات،

تنهنجي فوٽي ڇيڙي بات.

 

بجلي بتيون ٻريون ٿي سڙڪ جي ٻنهي طرف.

پاڇن ٿي هر قدم تي ڪيو مون لئه انڌڪار.

 

صبح شفق جي سرخي اڀ تي.

دهلي دونهين کان ٿي ڪاري.

 

پڙهندي ڪهاڻي اوچتو بجلي هلي وئي.

ڪردار پنهنجي ڇا ته ڇڏي روشني ويا.

 

هن شهري زندگيءَ ۽ مشينن جي شور ۾،

اورڻ ته پنهنجو پاڻ سان ماڻهو سکي ويا.

 

بس ۾ ڀرسان ڪو ويٺو،

جسم جي خوشبو جو احساس.

 

ائين هوا جو جهوٽو آيو در کليو،

تنهنجو فوٽو پڻ ڪريو ديوار تان.

 

مان پريان هوس اوٽ ۾ بيٺو،

هوءَ بس جو انتظار ائين.

 

بس ۾ ڪبي بس جي ڦيٿن سان ڦرندي گذري وقت.

هي گهر، دفتر، روڊ، نگر، پر من نه ڪٿي ٿِرٿانءِ.

 

ٻاهر آهي پڪ طوفان،

ڇا کون ورنه لڏيو گلدان.

 

عڪس آواز جو سڏجي ئي نه ٿو.

تنهنجي فوٽي ۾، او ڳائڻ وارا.

 

مٿين شعرن کي پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته اها شاعري اسان جي دور جي شاعري آهي. ويهين صديءَ جي شاعري آهي، ۽ شيام اسان جي دور جو. اسان جي جڳ جو، ويهينءَ صديءَ جو شاعر آهي.

شيام هيءُ شعر لکي ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته غزل جي صنف محدود نه آهي. اُها وشال آهي. اُن ۾ هر دور جي عڪسن، احساسن، جذبن توڙي پيچيدگين کي سهڻيءَ ريت سمائي سگهجي ٿو. رڳو ان لاءِ شيام جهڙي فنڪار جي ضرورت آهي.

هائيڪو شيام جي پسند جي صنف آهي. شيام سنڌيءَ ۾ بهترين هائيڪو چوندڙ شاعر آهي. غزل هجي. دوهو هجي، وائي هجي، بيت هجي. توڙي رباعي شيام ان ۾  ڪٿي ڪٿي هائيڪو جا اشارا (touches) ڏيندو ٿو وڃي. اهي تصويرون، جن ۾ وٿن (objects) کي وقت (time) ۽ ماڳ (space) ۾ معين ڪيو ويو آهي. شيام جي غزلن ۾ عام جام آهي. ائين ٿو لڳي ته شيام جي عزلن جا اهي شعر هائيڪو رنگ شعر آهن. چٽا عڪس، غزل ۾ توڙي ٻين صنفن ۾ اهو هائيڪو رنگ پيدا ڪرڻ رڳو شيام جي ئي وس ۾ آهي. هيٺيان شعر، گهاڙيٽي موجب ته غزل جا شعر آهن، پر موضوع ۽ treatment جي لحاظ کان جهڙا هائيڪو:

 

ڇا ٿيو، پير ڀريا گپ ۾!

جهوليءَ پٻڻيون، هٿ هڳاءُ.

 

ريل گاڏي جهنگ ۾ بيهي وئي،

هيٺ ماڻهو جهنڊ تارن جا مٿان.

 

سرءُ جي مند ٻسا وڻ  پنن ڇڻڻ جي ڪري،

مگر لڳي ٿو ڪشادو وڌيڪ باغ اڃا.

 

پوپٽن بابت ته سوچيو ئي نه هوم،

مون ته گل پوکيا ائين ئي شوق مان.

 

اوندهه وڄ- وڄ کان پوءِ اوندهه،

جنهن به ڏٺو سو ڪي اڻپورو.

 

گهر جي آڳر ۾ نو وزني ويٺي وار سنواري،

ڀت تي ويهي ڪانءُ چنهنب سان پنهنجا کنڀ  لساري.

 

جهلي ٻار کي ماءُ ڌمڪايو جيئن پئي،

مون کي ٻار سان ڪيئن نه ٿي ريس پئي.

 

وڻ ڇڏي اڳڀرو وڌي نه سگهيس.

ڪن پئي پئي رکي رکي ڪو هو.

 

سرد هوا ۾ وٺي سٽي پئي وڻ جي سکڻي ٽاري،

يا لوڏي پئي ٻانهن مدد لئه ولهه ۾ ڪنهن ويچاري.

 

رات مندر جون وساڻيون جيئن بتيون،

ڪيتري خوشبو مون کي ويڙهي وئي.

 

ساري رستي تي هئي هڪ ٿي ڇٽي،

زور سان ڪيڏي نه بارش پئي.

 

موم بتيءَ جي لاٽ وئي،

وٽ اڃا ڀي آهي لال.

 

شيام چرپر سڪل پنن ۾ به ٿي،

ڇا هوا صبح جي لڳي آهي.

 

مٿي ڏنل غزل جي شعرن مان لڳي ٿو. ته هائيڪو جو تاثر رڳو هائيڪو جي گهاڙيٽي ۾ نه، پر غزل ۾ پڻ پيدا ڪري سگهجي ٿو (شيام ته اهو تاثر رباعين، واين ۽ بيتن ۾ به پيدا ڪيو آهي). شيام غزل ۽ ٻين صنفن ۾ هائيڪو جي ملاوٽ جو هڪ انوکو تجربو ڪيو آهي، جيڪو نه فقط سنڌي شاعريءَ لاءِ انوکو آهي، پر شاعريءَ جي دنيا لاءِ ئي انوکو آهي.پر شيام جو هي تجربو فقط تجربو نه پر هڪ ڪامياب تجربو آهي.

شيام ڪن جپاني هائيڪن جي مرڪزي خيال کي جهٽي، غزل جي شعرن جي صورت ۾ آندو آهي. اهڙيءَ ريت، جو لڳي ئي نه ٿو ته ڪو اصل ۾ اهي ورتل آهن:

 

ٻهاري ڏئي هاڻ نوڪر مڙيو،

پٺيانئس ڪريا پن ٻه ڪونڊيءَ منجهان.

سپ ته سرڪي گاهه تان ويندو رهيو،

پر اکيون ٻرنس اڃا ڀي ڳالهه تي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com