سيڪشن؛ تنقيد

ڪتاب: ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري

باب: --

صفحو :10

قربان علي بگٽي

 

شاهه لطيف جي شاعري تنقيدي اڀياس

هي ڪتاب ترقي پسندن جي مشهور شاعر ڊاڪٽر تنوير عباسي صاحب لکيو آهي، جو شاهه عبداللطيف  ثقافتي سوسائٽي وارن ڪراچيءَ مان شايع ڪيو آهي. هي ڪتاب ڪل هڪ سئو اسي صفحن تي مشتمل آهي ۽ ان جي قيمت پندرهن رپيا رکي وئي آهي، جا نهايت ئي غير مناسب آهي. ڪتاب جي مٺائي بمشڪل ست روپيا ٿي سگهي ٿي. ائين ٿو معلوم ٿئي ته ترقي پسندن جي هيءَ سوسائٽي هڪ واپاري ادارو آهي، جو ڪتاب جي ايڏي ڳري قيمت تجويز ڪئي وئي آهي.

ڊاڪٽر صاحب جي زير تبصره ڪتاب جو پهريون تعارف مسٽر سراج ميمڻ هلال پاڪستان ۾ پنهنجي ڪالم رتيءَ جي رهاڻ ذريعي ڪرايو هو. اهو ڪو ادبي تبصرو ڪو نه هئو، پر هڪ قسم جو اشتهار هو، ان کان پوءِ ماهوار برسات ۾ هڪ تجزيو نظر مان گذريو. مسٽر رشيد ڀٽيءَ هلال ۾ برسات جي ڇپيل تبصري بابت ڪجهه لکيو. مون کي ڊاڪٽر صاحب جي هن ڪتاب پڙهڻ جو بي حد شوق جاڳيو.

ڇا شاهه پورهيتن جو شاعر هو؟

اڳئين مهيني حيدرآباد وڃڻ ٿيو ۽ ڊاڪٽر صاحب جو لطيف جي شاعري بابت لکيل ڪتاب ادبيات مان خريد ڪيم ۽ هڪڙي ئي نشست ۾ سڄو ڪتاب پڙهي پورو ڪيم. منهنجي خيال ۾ هن ڪتاب جو مرڪزي خيال انهن مضمونن مان ورتل آهي، جو شعر جي اڀياس جا نوان طريقا. جي عنوان سان مسٽر الهاد ٻوهيي رسالي مهراڻ ۾ لکيا هئا. شاهه لطف جي فڪر ۽ شاعري بابت هن کان اڳ ۾ به سنڌيءَ ۾ چڱا ڪتاب لکيا ويا هئا، پر ترقي پسندن جي خيال مطابق اهي سڀ رجعت پرستن جا لکيل هئا. شاهه جي شاعري کي ادب جي جديد نظرين جي مطابق پرکڻ لاءِ هو گهڻي وقت کان متمني هئا ۽ بالاآخر، سندس خواهش ڊاڪٽر تنوير جي هٿان پوري ٿي، جنهن ۾ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته، شاهه پورهيتن جو شاعر آهي. صفحو. (30)

ٻين لفظن ۾ حضرت لطيف پروليٽرين رووليوشن جو علمبردارهو. هي ڪو نئون انڪشاف نه آهي. بر صغير ۾ ترقي پسندن جي لٽريچر جو جائزو وٺي ڏسبو ته هنن هن ننڍي کنڊ جي وڏن  مقبول شاعرن کي پورهيتن ۽ مفلسن جو حامي ۽ اول درجي جو اشتراڪي شاعر ڪوٺيو آهي. مثال طور اسان سڀني کي خبر آهي ته مشهور بنگالي شاعر رابندر ناٿ ٽئگور (پيدائش 1861ع، وفات 1941ع) هڪ خدا پرست صوفي ۽ فلسفي شاعر هو، جو پنهنجي پيءُ ديورندناٿ ٽئگور سان گڏ هماليا جي جبلن ۾ مراقبو ڪندو هو. نثر ۾ سندس ٻن ڪتابن (Sandhna) ۽ (The Religion of Man) جي پڙهڻ سان خبر ٿي پئي ته هو ڪيڏو نه خدا پرست ۽ صوفي آهي، پر اسان جي ترقي پسند دوستن ٽئگور کي به پورهيتن جو شاعر ۽ اشتراڪي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

سابق مشرقي پاڪستان جو ڪميونست ليڊر مسٽر موني سنگهه ته بنگالي نوجوانن وٽ ٽئگور جو تعارف بحيثيت اشتراڪي شاعر جي ڪرائيندو هو ۽ ان نموني سان صوفي منش ٽئگور کي به ترقي پسندن پنهنجي مارڪسي مقصد لاءِ استعمال ڪيو. ساڳي حالت برصغير جي وڏي اردو شاعر غالب سان به ٿي. غالب مذهبي طور پڪو اثنا عشري شيعو آئمه اهل بيت جو عقيدتمند هو ۽ پاڻ کي رسول ڪريم (ﷺ) جي امت مان سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪندو هو. هڪ هنڌ چوي ٿو:

اس ڪي امت سي هون مين، ميري رهين ڪيون ڪام بند،

واسطي جس شه ڪي غالب گبنذ بي در کلا.

يعني اي غالب مان ته ڪونين جي بادشاهه ﷺ جي امت مان آهيان، جنهن لاءِ معراج جي رات آسمان جا بند دروازا به کلي ويا، پوءِ منهنجا ڪم ڇو بند رهي سگهن ٿا.

پر ان هوندي به اسان ڪيترن ئي رسالن ۽ ڪتابن ۾ پڙهيو ته غالب بر صغير جو پهريون ترقي پسند شاعر آهي. ملاخطه ڪيو ڊاڪٽر مالڪ رام ۽ سليم احمد جون تحريرون. غالب 1829ع ۾ وفات ڪري ويو ۽ هندستان ۾ ترقي پسند ادب جو بنياد مشهور  ڪميونسٽ ليڊر سجاد ظهير ۽ سندس ساٿين 1935ع ۾ وڌو هو ۽ اهڙي طرح اسان جي ترقي پسند ڀائرن غالب مرحوم جي مقبوليت مان ناجائز فائدي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، حقيقت هي آهي ته سموري ڪيمونسٽ فڪر جو بنياد استحصال ۽ پرماريت تي آهي.

اقبال جو مثال:

علامه اقبال جو مثال وٺي ڏسو. هو هڪ مرد مومن، عاشق رسول ۽ اسلامي انقلاب جو علمبردار آهي. اڄ ڪلهه ڪي نادان مذهبي حلقا به دين ۽ سياست جي جدائيءَ لاءِ تبليغ ڪن ٿا.

پر ڏسو ته اقبال ڪيڏو نه دين اسلام جي روح کي سمجهيو ۽ پروڙيو آهي.

هو چوي ٿو:

جلال بادشاهي هو ڪه جمهوري تماشا هو

جدا هو دين سياست سي تو ره جاتي هي چنگيزي.

نيز:

عطا نه هو تو ڪليمي هي ڪار بي بنياد.

علامه اقبال ترقي پسندن جي پورهيت انقلاب تي وڏي وزندار تنقيد ڪندي چوي ٿو:

 

زمان- کار اگر مزدور کي هاٿون ۾ هو ڦرڪيا!

طريق ڪوهڪن ۾ ڀي وهي حليي هين پرويزي!

پوري بر صغير ۾ ترقي پسند اديب اقبال کي پنهنجو صفه اول جو نظرياتي دشمن تصور ڪن ٿا، انهن مان بعض ته پنهنجي بغض جو اعلانيه اعلان به ڪيو، پر گهڻن اديبن اقبال کي به ائين پورهيتن جو شاعر ڪوٺيو آهي، جيئن ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ شاهه بابت انڪشاف ڪيو آهي. مثال طور،  1929ع ۾ لاهور جي انگريزي اخبار پاڪستان ٽائيمز جي ڪيمونسٽ ڪالم نگار زينو (محمد صفدر مير) Aqbal-a Theisitc Socialist جي عنوان سان مضمونن جو هڪ سلسلو شروع ڪيو هو، جنهن ۾ هن اقبال جهڙي مسلمان فلسفي شاعر کي به بشتراڪي ۽ پورهيت انقلاب جو علمبردار ثابت ڪيو. علامه اقبال جي فرزند جسٽس ڊاڪٽر جاويد اقبال زينو کي منهن ٽوڙِ جواب ڏنو. ملاخطه ٿئي ڊاڪٽر صاحب جو   جاويد جو هي ڪتاب انگريزي ڪتاب جو Iqbal: Was haea Socialist? پڙهي علامه مرحوم جي اها دعا ياد پيم، جنهن جو وعدو اقبال پنهنجي قبر مان جاويد لاءِ ڪيو هو يعني ته:

من از قبرم دعا گويم ترا.

سنڌ جا ترقي پسند ۽ لطيف:

سنڌ ۾ به ترقي پسندن لطيف سان ساڳي روش اختيار ڪئي آهي. ان لاءِ به ثابتي ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو ڪتاب آهي. لطيف هڪ سچو مسلمان، توحيد پرست ۽ صوفي شاعر هو. حضرت لطيف پنهنجي رسالي جي شروعات الله تعاليٰ جي ثنا ۽ حمد  سان ڪري ٿو.

 

اول الله عليم، اعليٰ عالم جو ڌڻي،

قادر پنهنجي قدرت سين، قائم آهي قديم،

والي واحد وحده، رازق رب رحيم،

سو ساراهه سچو ڌڻي، چئي حمد حڪيم،

ڪري پاڻ ڪريم، جوڙون جوڙ جهان جون.

ماهوار برسات ۾ ڪراچي جي هڪ نوجوان ترقي پسند اديب مسٽر انور پيرزادي، ڊاڪٽر تنوير جي ڪتاب جي بي حد تعريف ڪئي آهي ۽ جزوي اختلافات کان سواءِ ڊاڪٽر صاحب لکيو آهي ته، هن ڀٽائيءَ جو جديد معروضي (آبجيڪٽو) اڀياس ڪيو آهي، جيڪو اڄ کان اڳ ۾ خير ڪو آهي. (ڏسو برسات جلد نمبر- شمارو-9) اڳتي تنوير جو هي مداح لکي ٿو ته، ڀٽائي جي اهڃاڻي شاعريءَ ۾ خود الله وارو لفظ به اهڃاڻ آهي. هي مثال قارئين جي محض عبرت ۽ حيرت لاءِ نقل ڪيا ويا. پاڻ اندازو لڳايو ته اسان جي ديس جي  ترقي پسندن جو لطيف جهڙي هڪ خدا پرست شاعر متعلق ڪيڏو نه دردناڪ رويو آهي. لطيف جو روح به ماتم ڪندو هوندو. هن قسم جي خيالات ظاهر ڪرڻ وارا پنهنجي ئي بي عقلي ۽ جهالت جو مظاهرو ڪري رهيا آهن.

عقل ريءَ عذاب گهڻا سهندينءَ جندڙيءَ.،

لطيف جي شاعريءَ بابت تنوير جو اهو لکيل ڪتاب ترقي پسندن ۾ بحث جو موضوع بڻيو، ان ڪري قارئين کي ان کان باخبر ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان، جيئن ڪتاب جي مندرجات سمجهڻ ۾ دشواري پيش نه اچي، مسٽر انور پيرزادي جي تبصري کان پوءِ مسٽر رشيد ڀٽيءَ هلال پاڪستان ۾ انور جي تبصري ۾ ڪافي حصي کي ساراهيو، البته ٽن چئن معاملن ۾ انور سان اختلاف ظاهر ڪيو، يعني ته تنوير غير جانبداريءَ کان ڪم نه ورتو، لطيف صوفي شاعر هو ۽ مارڪسٽ نه هو وغيره. جناب ڀٽيءَ صاحب جي اعتراض جو جواب مسٽر انور 12 ڊسمبر 1986ع  جي هلال پاڪستان ۾ ڏنو. هي جواب به سخت حيرت انگيز ۽ کل جهڙو آهي. مثلاً لطيف جي هن بيت:

وحده لاشريڪ لہ جان ٿو چئين ايئن،

تان مڃ محمد ڪاريڻ نرتون منجهان نيهن،

تان تون وڃيو ڪيئن، نائين سر ٻين کي.

جي معنيٰ ڪندي تعبير ڪري ٿو ته، هن بيت تي جيڪڏهن ڪو مسلمان عمل ڪرڻ لڳي ته هوند ڪو به غريب، ڪنهن به رئيس وڏيري، سردار يا ڪاموري کي پيرين پوڻ ڇڏي ڏي. ان ڪري ڀٽائيءَ جو هي بيت جاگيردار دشمن (Anti-Feudal) قسم جو آهي ۽ اڄ به اوترو ئي نئون آهي، جيترو ارڙهين صديءَ جي پهرين اڌ ۾ هو.

اول ته مسٽر انور کان پڇڻ جي اجازت گهرندس ته اوهان پنهنجي جملي ۾ مسلمان جو لفظ ڇو ڪتب آندو؟ اوهان جي خيال مطابق ته لطيف پورهيتن جو شاعر آهي. ٻيو ته هڪ مسلمان جو ايمان الله تعاليٰ جي وحدانيت ۽ حضرت محمد ﷺ جن جي رسالت تي آهي. اوهان پاڻ دعويٰ ٿا ڪيو ته لطيف الله جو لفظ اهڃاڻي طور ڪتب آندو. اوهان جي منطق مطابق ته لفظ محمد به اهڃاڻي آهي.

اهڙيءَ صورت ۾ لطيف مسلمانن کي ڪيئن خطاب ڪري سگهي ٿو؟ جيڪڏهن غير الله جي آڏو سر نه نوائڻ جي معنيٰ اوهان وڏيرن ۽ رئيسن جي آڏو غريبن جو پيرين پوڻ وٺو ٿا، ته پوءِ مهرباني ڪري ڪراچيءَ جي گهميل هوا کان موڪلائي، حيدرآباد جي اوسي پاسي صاف سٿري هوا جا مزا ماڻيو. ڇو جو دنيا جي هڪ وڏي ماهر سوشيالاجست علامه ابن خلدون جو چوڻ آهي ته. آب و هوا جو انسان جي ذهانت جي ارتقا تي اثر پوي ٿو.

اوهان کي ته لطيف جا شعر به صحيح نموني ياد نه آهن، مثلاً مٿئين شعر ۾ اوهان اصل لفظ نرتون کي نرتئون لکيو آهي، جو غلط آهي. ٻيو ته لطيف جي اصل شعر ۾نائين سر  ٻين کي استعمال ٿيل آهي. اوهان سر جي بجاءِ ڪنڌ لکيو آهي. جو اصل شعر ۾ مورڳو لکيل ئي نه آهي. اوهان لطيف جي مٿئين شعر جي اها معنيٰ ڪڍو ٿا ته ان کي پڙهي عمل ڪري ڪو به غريب، ڪنهن به رئيس، وڏيري سردار يا ڪاموري کي پيرين نه پوندو.

معاف ڪجو! اوهان شايد لطيف جي رسالي کي چڱيءَ طرح ڪو نه پڙهيو آهي. هتي ته ڪم مورڳو الٽو آهي. اسين ڏسون ٿا ته، لطيف جا بعض اهڙا شعر به آهن، جن ۾ پيرين پوڻ ته پري رهيو، پر پاڻ کي محبوب جي پيرين جي جتيءَ برابر به ڪو نه ٿو سمجهي. ڪٿي حضرت انسان جو ملهه ۽ ڪٿي جتيءَ جي قيمت! مهرباني فرمائي اهڙن شعرن جي به ڪا مارڪسي معنيٰ سمجهايو. ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته شايد اوهان ماسڪو يونيورسٽيءَ لاءِ لطيف تي پي- ايڇ ڊي جي ٿيسز پيا لکو. لطيف ٿو چوي:

جيهي جي تيهي، ته به ٻانهي ٻاروچن جي،

حجت هوت پنهونءَ سين، مون ڪميڻيءَ ڪيهي،

اصل آريءَ ڄام جي، پلئه آءُ پيئي،

هوءَ جا پائن پير ۾، تنهن جتيءَ نه جيهي،

وساري ويهي، تن ڪيچين کي ڪيئن رهان؟

مارڪسزم جو نظام ته غير طبقاتي سوسائٽي (Classless Society) جو دعويدار آهي ۽ هتي لطيف ته مورڳو وڏن سردارن ۽ آريءَ ڄام پارن جاگيردارن يا ٻانهن ۽ ٻانهين جو ذڪر ڪري ٿو. اهڙن شعرن کي پڙهي ماڻهن لطيف کي ته بورجوائي نظام جو علمبردار ڪوٺيندا. لطيف جي سوسائٽيءَ ۾ ته هڪ سٺو سردار آهي ۽ ٻي گندري ذات جي مهاڻي، جيڪا پاڻ هڪ مٿانهين ڪلاس راڻين جي روءِ جو تصور ڪري ڪنبي ٿي.

تون سمو آءُ گندري، مون ۾ عيبن جوءِ،

پسي راڻين روءِ، متان ماڱر مٽيين.

مارڪسزم جو نظام لفظ وڏيريءَ جو جاني دشمن آهي، پر لطيف ليلا جي زباني وڏيريءَ جو استعمال ڪري ٿو.

وڏيري هياس، چنيسر جي راڄ ۾،

دهلين دمامين نفرين تي، پلپل پڇياس،

ڍولي ڍيلياس، ٿيس ڏهاگڻ ڏيهه ۾.

مختصر ته سڄي رسالي ۾ اهڙا هزارين شعر ملن ٿا. مان دعويٰ سان چوان ٿو ته، لطيف کي جيڪڏهن سندن منشا مطابق پڙهيو وڃي ته سنڌ ۾ هوند ڪو به مارڪسٽ نه رهي، پر مسٽر انور جي دعويٰ ملاخطه ڪيو. چوي ٿو ته، خود مارڪسزم جنهن انسانيت پرست ادبي ۽ سياسي هلچل کان متاثر هو. ڀٽائي ايشيا ۾ ان جي اهم ڪڙي هو.

(هلال پاڪستان 12- ڊسمبر 1976ع).

مسٽر انور کي هڪ سهڻي صلاح ٿي ڏجي. غالباً هو اڃا تائين روسي سفارت خاني ۾ ملازم آهي. کيس روسين کي مشورو ڏيڻ گهرجي ته مسلمان ملڪن جا رهواسي مارڪس جي داس ڪئپيٽل ۾ دلچسپي ئي نٿا وٺن. ڇو جو بي ديني سان گڏ مارڪس يهودي نسل جو پڻ هو ۽ يهودين خلاف مسلمانن خاص ڪري عربن کي نفرت آهي. هن عصبيت جي ڪري به روس جي ڪوشش جي باوجود عرب دنيا ۾ ڪا به مارڪسي رياست اڃا تائين وجود ۾ ئي ڪانه آئي.

لطيف مارڪس کان اڳ ۾ جدلياتي ماديت جو نظريو پيش ڪيو هو. ان ڪري روسين کي گهرجي ته داس ڪئپيٽل جي عوض لطيف جي رسالي جو ترجمو ڪيو وڃي. ڇو جو مسلمان سيد زاده هجڻ ڪري ماڻهو هن جي ڪلام مان هڪدم متاثر ٿيندا ۽ پوءِ جلد ئي مسلم دنيا ۾ مارڪسي رياستون قائم ٿينديون. ماشاءَ الله مسٽر انور پيرزادو ته پاڻ انگريزي ۾ ايم- اي آهي. لطيف جي رسالي جو انگريزي ترجمو هو پاڻ به ڪري سگهي ٿو، منهنجي هن مشوري تي عمل  ڪرڻ سان مسٽر پيرزادي کي ماسڪوِ مان ليِنن ايوارڊ ملي سگهي ٿو.

 

ويهه مَ منڌ ڀنڀور، ڪر ڪو واڪو وس.
 ناظرين! اوهان پاڻ انصاف ڪري ڏسو  ته، هنن ترقي پسندن، لطيف جهڙي هڪ صوفي منش درويش جي پيغام کي ڪيڏو نه مسخ ڪيو آهي. ڊاڪٽر تنوير عباسي پنهنجي ڪتاب ۾ پرمٽو ڪميونزم پراڻي ۽ قديم اشتراڪيت) کي جڳهه ڏيئي لطيف کي پورهيتن ۽ مسڪين جو شاعر ڪوٺيو آهي. هن فڪر مان ته مسٽر رشيد ڀٽيءَ جي تنقيد بي معنيٰ ۽ اجائي آهي. هر اهو شخص جو تنوير جي هن ڪتاب جو مطالعو ڪندو. سو لازماً انور پيرزادي واري سوچ رکندو.

ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڊاڪٽر سورلي صاحب ۽ مولانا دين محمد وفائي صاحب لطيف جي شاعريءَ بابت جو ڪجهه لکيو آهي، ان کي پڙهي هر شخص باور ڪري ٿو ته لطيف باڪمال اسلامي صوفي ۽ فلسفي شاعر آهي. فني لحاظ کان انهن مصنفن جا ڪتاب ۽ خود لطيف جو رسالو پڙهي هڪ ذهين شخص تسليم ڪرڻ تي مجبور ٿئي ٿو ته، لطيف جي شاعري ان معيار تي ٺهڪي ڦهڪي اچي ٿي، جا حضرت نظامي عرضي سمرقندي يا شمس قيس رازي بيان ڪئي آهي. باقي تنوير جو ڪتاب پڙهي لطيفي لات جي معيار ۽ پرک جي ڪا خبر ئي ڪا نه ٿي پوي.

شاعريءَ بابت نظامي عروضي سمرقندي جي راءِ:

پنهنجي ڪتاب شاهه لطيف جي شاعري ۾ فاضل مصنف جناب ڊاڪٽر تنوير عباسي مغربي نقادن جي ڪتابن مان حوالا ڏنا آهن ۽ انهن جي روشنيءَ ۾ شاهه جي شاعريءَ جي پرک ڪئي آهي. مان انهن مغربي نقادن جي تحقيق بابت بعد ۾ گفتگو ڪندس. هتي شاعريءَ جي فن بابت هڪ وڏي مشرقي نقاد نظامي عروضي سمرقندي جي راءِ ملاخطه ڪيو. هي اقتباس اردو زبان جي وڏي اديب ۽ نقاد پروفيسر عابد علي عابد جي هڪ ڪتاب مان ورتل آهي. پروفيسر صاحب نطامي عروضي سمر قندي بابت چوي ٿو ته، هن شاعر بابت لکيو آهي ته:

شاعر ڪي ليئي ضروري هي ڪه صاحب ذوق سليم هو، فڪرِ عالي رکتا هو، طبيعت سلجهي هوئي هو، بصيرت سي بهرياب هو، مشاهدي ۾ دقت نظر سي ڪام لي، مختلف علوم ۾ آگاهه هو، اور مختلف فنون پر حاوي، اس ڪي وجه يه هي ڪه جس طرح شعر هر علم ۾ ڪام آتا هي، هر علم شعر ۾ کام آتا هي...... اڇي شاعر ڪي لئي ضروري هي که جواني ۾ متقدمين ڪي بيس هزار اشعار ياد کري اور متاخرين ڪي دس هزار اور استادون ڪي ديوان مطالعي مين رکي، اور غور کرتا رهي ڪه جليل القدر شعرا ابلاغ و اظهار ڪي سلسلي مين مشڪلات سي ڪس طرح عهده برا هوتي هين..... علاوه ازين مطلب معاني ۾ اسي بصيرت حاصل هو. الفاظ پر عبور هو، عروض جانتا هو، اور اسي يه ڀي معلوم هو، ڪه سرقه شعري کي ڪا نوعيت هي، ترجمه کسي ڪهتي هين؟

(اصول انتقاد ادبيات صفحه 104، مجلس ترقي ادب لاهور 1966ع ايڊيشن)

پيارا ڊاڪٽر تنوير عباسي صاحب! شاعر لاءِ ڪهڙيون ڳالهيون ضروري آهن؟ ان لاءِ مٿي حضرت نظامي عروضي سمرقندي جي راءِ ڪيڏي نه جامع، وزندار ۽ مبني بر حقيقت آهي، سڄو لطيف جو رسالو مٿين ڪسوٽيءَ مطابق آهي. اوهان پاڻ به انصاف ڪندا ته ان کان وڌيڪ هڪ شاهه جي توصيف ٿي نٿي سگهي، اوهان جن مغربي نقادن جا حوالا ڏنا آهن، انهن مان ڪنهن به هڪ شاعر بابت ايڏو مدلل بحث نه ڪيو آهي، جيڏو حضرت نظامي صاحب ڪيو آهي.

اوهان  لٽريچر بابت ڪجهه مغربي ڪتاب ته پڙهيا آهن، پر مشرقي لٽريچر کان قطعي بي بهره آهيو، حالانڪ لطيف هڪ مشرقي شاعر آهي. شاعريءَ جي پرک لاءِ ڊاڪٽر صاحب ڪيترن ئي مغربي نقادن جا حوالا ڏنا آهن، جن مان مون به گهڻن کي پڙهيو آهي. لازم آهي ته شاعريءَ بابت ڪجهه وڌيڪ مشرقي فاضلن جا رايا پيش ڪجن، تان ته ڀيٽا ڪرڻ ۾ آساني ٿئي.

شاعر بابت شمس قيس راني جي راءِ:

پروفيسر عابد علي صاحب پنهنجي ساڳي ڪتاب ۾ شاعر بابت شمس قيس رازي جو رايو نقل ڪري ٿو، جنهن ۾ لکيو آهي ته:

ضروري هي ڪه شاعر ڪو مفردات لغت پر عبور ڪامل حاصل هو. صحيح اور غلط ترڪيبون ڪي اقسام سي آگاهي حاصل هو، بڙي شعر اني ابلاغ و اظهار ڪي جو طريقي اختيار ڪيي هين، ان پر اڇي اور بري اوزان ۾ تميز ڪر سڪي.... جب شاعر جليل القدر شعرا ڪي اساليب ابلاغ و اظهار سي واقف هو گيا اور اس ڀپر شعر گوئي ڪي رموز و اسرار کل گئي..... تو اس ڪي شعر گوئي معطر پاني ڪي ايسي ايي چشمي ڪي طرح هو جائيگي جس ني بڙي دريائون سي اور گهري نديون سي مدد حاصل ڪي هو.... شاعر ڪي لئي يه ڀي ضروري هي ڪه اپني طريق اظهار اور اسلوب ابلاغ ۾ مشهور شعرا ڪي طريقون سي انحراف نه ڪري.

(صحفه، 105-104)

شاعر بابت شمس قيس رازي جا نڪتا به خوب ۽ قابل غور آهن، حضرت لطيف ۾ اهي سڀ خوبيون ملن ٿيون. ان ڪري سندس نالو عظيم شاعرن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. اميد ته ڊاڪٽر تنوير عباسي انهن حوالن کي غور سان پڙهي دل ۾ هنڊائيندو. مان شاعريءَ بابت مشرقي نقادن جا رايا نقل ڪندس، ڇو جو ڊاڪٽر تنوير عباسي صاحب مولانا دين محمد وفائي کان سواءِ ٻئي ڪنهن مشرقي نقاد جو حوالو ئي ڪو نه ڏنو آهي. علامه آءِ- آءِ قاضي صاحب جو ڪتاب حقيقت ۾ مغربي نقطئه نگاه جي ترجماني ڪري ٿو ۽ ان جي ڪن مندرجات سان ڊاڪٽر صاحب صحيح اختلاف ڪيو آهي.

شعر بابت علامه ابن خلدون جي راءِ:

ڊاڪٽر تنوير عباسي فقط مغربي عينڪ سان شاعريءَ جو مطالعو ڪيو آهي، ان ڪري سندس ڪتاب ۾ بنيادي خاميون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. ضروري آهي ته اول شاعريءَ بابت مشرقي فاضلن جا خيالات پيش ڪن. مون پنهنجي ڪتاب شيخ اياز ۽ سندس شاعري ۾ به ابن خلدون جي مقدمه مان شاعريءَ بابت هڪ قيمتي حوالو نقل ڪيو هو.

شاعريءَ بابت ابن خلدون لکي ٿو ته: جيترو ٿي سگهي جملن ۾ ڏکين ترڪيبن کان پاڻ کان بچائي، جملا اهڙيءَ خوبصورتي سان آڻجن جو الفاظ کان اڳ ۾ ان جي معنيٰ ذهن نشين ٿئي. هڪ شعر ۾ وڌ ۾ وڌ معاني وجهڻ کان به پاسو ڪرڻ گهرجي. ان طرح سمجهڻ ۾ هڪ قسم جي پيچيدگي پيدا ٿئي ٿي. پسنديده ۽ عمده شعر اهو آهي، جنهن جا الفاظ ان جي معنيٰ مطابق هجن ۽ معنيٰ جي پوريءَ طرح ترجماني ڪندي، جيڪڏهن ڪنهن شعر ۾ الفاظ کان وڌيڪ معنيٰ ڀرجي ته به ان جو شمار حشو ۾ ٿيندو ۽ معنيٰ ڳولڻ لاءِ ذهن کي تڪليف ڏيڻي پوندي ۽ ذوق بلاغت جي ميٺاج کان محروم رهجي ويندو.

شعر ان وقت آسان ٿئي ٿو، جڏهن جي معنيٰ ان جي الفاظ ختم ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي ذهن تي چڙهي. شاعر کي غير مانوس الاستعمال الفاظ کان بچڻ کپي ۽ اهڙن لفظن کان به جي معنيٰ جي صحيح ترجمانيءَ کان قاصر هجن. اهڙيءَ طرح بازاري ۽ متبدل الفاظ کان به پرهيز ڪرڻ ضروري آهي. ان کي هرگز استعمال نه ڪري. ڇاڪاڻ ته هن قسم جا الفاظ قصيدي کي بلاغت جي درجي کان ڪيرائين ٿا ۽ قصيدي ۾ شريفانه حيثيت باقي نٿي رهي ۽ قريباً ان جي افادي حيثيت ختم ٿي وڃي ٿي.

(مقدمه ابن خلدون حصو- 2-صفحو، 548-547، مترجمه مولانا راغب رحماني ڪراچي.)

شعر حقيقت ۾ الفاظ ۽ معاني جو نالو آهي، جي وري هڪ ٻئي سان لازم و ملزوم آهن. اهي الفاظ ڪهڙي ڪم جا جنهن ۾ معاني نه هجي ۽ معاني بغير سهڻي الفاظ جي ڪا وقعت نٿي رکي. لطيف جي شاعريءَ ۾ سهڻا الفاظ معنيٰ سان ڀرپور ملن ٿا ۽ سندس شعر جي معنيٰ الفاظ ختم ٿيڻ کان اڳ ۾ ذهن نشين ٿئي ٿي. لطيف جي شاعريءَ ۾ ڪا به ڏکي ترڪيب ڪا نه ٿي ملي. هن جي زبان به بازاري نه آهي. هن غير مانوس الاستعمال الفاظ ڪم ئي نه آندا آهن. الغرض ته هن ابن خلدون جي ڏسيل معيارن تي شعر چيو آهي. ان ڪري عظيم شاعر آهي.

شاعريءَ بابت گفتو ڪندي حضرت علامه صاحب ابن رشيق جو هڪ املهه نظم مقدمه ۾ نقل ڪيو آهي، يعني ته، الله شاعريءَ کي غارت ڪري، جنهن جي بدولت اسان کي قسمين قسمين جاهلن سان واسطو پيو آهي. هي جاهل زود فهم ۽ آسان شعرن تي مشڪل شعرن کي ترجيح ڏين ٿا ۽ ناممڪن کي ٺيڪ ۽ خسيس ڪلام کي قيمتي شيءِ سمجهن ٿا. هو صحيح شعرن کان ناواقف رهن ٿا ۽ جهالت جي ڪري پنهنجي جهالت کي سمجهن نٿا. شعر اهو آهي جو نظم ۾ مناسب هجي، جيتوڻيڪ انواع جي لحاظ کان اهو قسمين قسمين هوندو آهي. شعر اهو آهي جو مطلب جي ادائگيءَ جي انتها کي پهچي. گويا الفاظ هن جو چهرو بڻجن ۽ انهيءَ الفاظ تي سوار ٿيندڙ معاني هن جون اکيون هجن. اهو (شعر) مقصد ۾ آرزوئن جي مطابق هجي، جنهن جي چسن، کان پڙهڻ وارا به حسين لڳن. بهترين شعر اهو آهي، جنهن کي منظم ڪرڻ بعد تنقيدي نگاه سان ڏٺو وڃي، اگرچه اهو واضع ۽ روشن ڇو نه هجي ۽ آخر ۾:

و اذا قيل اطمع الناس طرا

و اذا اَرادَ اعجزالمعجزينا.

يعني ته جڏهن اهڙا شعر چئجن، ماڻهن ۾ به ساڳين شعرن چوڻ جي تحريص پيدا ٿئي، پر جڏهن چوڻ جي ڪوشش ڪن ته چئي نه سگهجي.

(مقدمه ابن خلدون حصو-2 صفحو، 549- 548)

مٺڙا ڊاڪٽر تنوير عباسي صاحب! ذرا غور ڪيو، اوهان جن مغربي نقادن جا حوالا ڏنا، ڇا انهن مان ڪنهن به هڪ شعر جي اهڙي جامع وصف بيان ڪئي آهي. جا مٿين شعر ۾ بيان ڪيل آهي؟ واقعي شعر اهو آهي، جنهن کي ٻڌڻ شرط ٻڌندڙ جي دل ۾ ساڳئي قسم جي شعر ٻڌڻ جي تڙپ پيدا ٿئي، پر ڪوشش جي باوجود به عاجز ٿي وڃي. لطيف جي شاعري به ان قسم جي آهي، لطيف جي شعر کي پڙهڻ وارا به حسين لڳن ٿا.

شاعريءَ بابت ارسطو جي راءِ:

ياد رکڻ گهرجي ته شاعريءَ بابت پراڻي ۾ پراڻو ڪتاب مشهور يوناني حڪيم ارسطوءَ عيسويءَ سنه کان 335 سال اڳ لکيو هو. ان حساب سان هن ڪتاب جي عمر اٽڪل ساڍا ٽيويهه سئو سال آهي. هن ڪتاب جو اصل نالو پوطيقا (Poetics) آهي. هي ڪتابچو عربي زبان ۾ ترجمو ٿيو هو ۽ اسپين جي مشهور فلسفي ۽ ارسطو جي عاشق علامه ابن رشد ان جي تلخيص ڪئي هئي. هن تخليص جا خاص خاص ٽڪرا پروفيسر شيخ لويس پنهنجي ڪتاب علم الادب۾ جو بيروت مان ڇپيو هو، شامل ڪيا آهن.

شاعريءَ جي موضوع تي مغربي دنيا جا اديب ۽ شاعر سڀئي ارسطوءَ جا خوشه چين آهن، جنهن کي هو پنهنجو رهبر ۽ امام تصور ڪن ٿا. ارسطو جي ڪتاب جو هي عربي ترجمو يورپ جي لاطيني زبان ۾ منتقل ٿيو. هن ڪتاب  جو انگريزي ترجمو مسٽر هئملٽن فائف (Hamilton Fyfe) ڪيو، جو آڪسفورڊ پريس لنڊن مان Aristoteles Art of Poetry نالي شايع ٿيو. افسوس جو ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ پنهنجي ڪتاب ۾ ارسطوءَ جي هن تصنيف جو ڪو حوالو نه ڏنو آهي. حالانڪ مغربي لٽريچر ۾ مذڪوره ڪتاب جي بنيادي ۽ ڪليدي حيثيت آهي ۽ صدين کان وٺي يورپ جي ادبي فڪر جي رهنمائي ڪري رهيو آهي.

مسٽر هئملٽن ارسطوءَ جي حوالي سان لکي ٿو ته، ارسطوءَ وٽ شاعر جي معنيٰ ته، شعر جوڙيندڙ ۽ بنائيندڙ هوندو آهي. شاعر توڙي سائنسدان اظهار جا ساڳيا ذريعا، يعني الفاظ ڪتب آڻين ٿا.

A poet is maker, The author of a poem and the author of a scientific treatise both use the same means of expressions of words.

(p-I, Oxfird Press London, 1967 ED)

ڏسو ته ارسطوءَ وٽ شاعرن جو ڪيڏو نه مقام آهي، جڏهن ته ان کان اڳ افلاطون پنهنجي خيالي ريپبلڪ ۾ شاعرن کي جڳهه نه ڏني. ڇو جو افلاطون کي سوسائٽيءَ جي طبقي مان وڌ ۾ وڌ نفرت شاعرن کان هئي. افلاطون جي نگاهه ۾ شاعر گفتار جا غازي ته ٿين ٿا پر ڪردار جا غازي نه آهن. وڌيڪ ته ارسطوءَ وٽ شاعري نقالي ۽ مصوريءَ جو نالو آهي. بيشڪ لطيف ارسطوءَ جي الفاظ ۾ جوڙيندڙ، بنائيندڙ مصور آهي. ان کان وڌيڪ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪو به مصور پيدا نه ٿيو آهي.

 سُر سارنگ جو هيٺيون بيت پڙهي ڏسو. ان ۾ ڪيتري نه تصوير ڪشي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. داد ڏيڻو پوندو ته لطيف ارسطوءَ جي الفاظ ۾ وڏو مصور آهي:

مند ٿي منڊل وڄيا، ڪي اوهيڙن اوڪ،

ڇاڇر ٿي ڇنن ۾، مينهون چرن موڪ،

سرهيون ٿيون سنگهاريون، پويو پائن طوق،

ميهيا، ڇپڙ، ڦنگيون، ٿين سڀئي ٿوڪ،

لاهين مٿان لوڪ، ڏولائي جا ڏينهڙا.

لطيف وٽ زندگيءَ ۾ ڪائنات جي حقيقت بابت هڪ واضع نظريو آهي. سندس ڪلام جو اثر جادوءَ کان به مٿي آهي، جو انسان ۾ خدا پرستي، انسان دوستي، حيا، ڪردار، عدالت، شجاعت ۽ صداقت جا جوهر پيدا ڪري ٿو ۽ هر ذهين شخص جي فڪري ۽ ذهني انتشار کي دور ڪري ٿو ۽ هر ڪيفيت خوشيءَ، غم، هجر توڙي وصال، اميري ۽ غريبي ۾ اسان سان گڏ آهي. لطيف جو ڪلام انسان کي باهمت بڻائي ٿو ۽ پنهنجي نظريه لاءِ قرباني ڪرڻ جي تلقين ڪري ٿو. لطيف جو ڪلام اسان کي ڪونڌر بڻائي ٿو ۽ مختلف پهاڙن کي به ڀڃي رتي ڪيو ڇڏي.

آڏو ٽڪر ٽر، متان روهه رتيون ٿئين.

مختصر ته لطيفي لات قومن جي قسمت بدلائي ٿي. غلاميءَ جا زنجير ٽٽي وڃن ٿا. قوم ۾ نفاق جي بدران ٻڌي پيدا ٿئي ٿي. سنگدلي جي جڳهه نرم دلي پيدا ٿئي ٿي، ظلم، جبر ۽ استبداد جي پاڙ پٽجي ٿي. خشڪ اکين مان ڳوڙن جا چشما وهن ٿا. تڪبر ۽ وڏائي بدران نهٺائي پيدا ٿئي ٿي، آخرت جو منظر اکين آڏو ڦري ٿو، انسان ۾ عبديت جو جذبو پيدا ٿئي ٿو، شرڪ ۽ ڪفر جي بيخ ڪني ٿئي ٿي، عشق رسول پيدا ٿئي ٿو. صلح ۽ جنگ جو فلسفو معلوم ٿئي ٿو. ذوق ۽ تجسس پيدا ٿئي ٿو، انتقام جو جذبو نيست ۽ نابود ٿئي ٿو. هڪ مهذب معاشرو جنم وٺي ٿو. جنهن ۾ ڪوڙ، فريب، مايوسي توڙي منافقت لاءِ ڪا جڳهه نه آهي.

لطيف انسان ۾ عزم ۽ استقلال پيدا ڪري ٿو. قرب ۽ همدردي جي تلقين ڪري ٿو، بغض، ڪيني ۽ حسدکان پري رهڻ تي زور ڏئي ٿو. لطيف جو رسالو گهنڊ جو آواز يعني بانگ درا، ضرب ڪليم ۽ پيغام مشرق آهي، لطيف جي رسالي جي موجودگيءَ ۾ سنڌي  زبان کي ڪو ختم نٿو ڪري سگهي. لطيف جو ڪلام ظرف ۽ عزت نفس جو احساس ڏياري ٿو، ٽرڙائپ جي بدران بردباري پيدا ڪري ٿو. اجائي بڪ ڪرڻ کان اجتناب لاءِ چوي ٿو. هن جي ڪلام پڙهڻ کان پوءِ انسان ۾ سنجيدگي پيدا ٿئي ٿي ۽ ماڻهپي ۾ اضافو ٿئي ٿو. لطيف بي غيرتي جي عيوض غيرت سيکاري ٿو. دشمن جي آڏو سربلند ڪرائي ٿو. لطيف اهو غواص آهي، جو پاتار  ۾ پيهي ماڻڪ ميڙي ٿو.

لطيف جي ڪلام کي ياد ڪرڻ وارا بهترين مقرر، منطقي، مناظر ۽ پارليامينٽرين ٿين ٿا. لطيف جو ڪلام غافل ٿيڻ کان بچائي ٿو ۽ هر دم انسان کي بيدار ۽ باخبر رکي ٿو، لطيف جو ڪلام موت جي يادگيري ڏي ٿو. ان ۾ تصوف جي بهترين تشريح ٿيل آهي، رسالو موجوده دؤر جي ڪيمياءِ سعادت آهي.

لطيف وڏي پايي جو فلاسافر آهي. هن جي فلاسفي ڪانٽ، هيگل يا برٽرانڊرسل جهڙي نه آهي. فلسفه جي فيلڊ ۾ لطيف رازي، غزالي ۾ روميءَ جي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي.

من هڪ ڀيري لطيف جي روضي تي حاضري ڏني. سامهون دنيا جي هن عظيم دانشور جي مزار ڏسي رقت طاري ٿي ۽ هينئر پنهنجي قلبي واردات کي بيان نٿو ڪري سگهان، بي اختيار اکين مان نير وهڻ لڳا. لطيف جي رسالي مان ڳچ بيت ياد اٿم، ان وقت بي اختيار سندس فراق مان لطيف جو ئي هڪ شعر پڙهيم.

 

رئان ٿي راڻا، هنڌ نهاريو حجرا،

پيئي کهه کٽن تي، ٿيا پلنگ پراڻا،

ڌريا ئي ڌوڙا ٿيا، ور ريءَ وهاڻا،

جايون، گل، جبات، وڻ، تو ريءَ ڪوماڻا،

مينڌرا! ماڻا، تو ريءَ ڪنديس ڪن سين.

لطيف جهڙي عظيم شخص جي شاعريءَ متعلق ڪتاب لکڻ وڏو اعزاز آهي، بشرطيڪ اهڙو ڪتاب سندس فڪر ۽ نظريه جي مطابق هجي. صوڀي ديره جي عباسي خاندان جي چشم و چراغ ڊاڪٽر تنوير  صاحب به شاهه جي شاعريءَ متعلق هڪ ڪتاب لکيو آهي. سڀ کان اول هن ڪتاب جي ٻن بنيادي نڪتن جي ڇنڊڇاڻ ڪندس، پهريون لطيف جي شاعريءَ جي پرک کان فقط مغربي نقاد ئي ڪافي آهن يا نه؟ ٻيو ته انساني تهذيب جي پرهه ڦٽڻ وقت، انسان جو سمورو سرمايو سڀني لاءِ هئو يا نه؟ يعني قديم اشتراڪيت جو معاملو.

شاهه جي شاعريءَ جي پرک ۽ مغربي نقاد:

ڪتاب جي مطالعي مان ڏسجي ٿو ته، ڊاڪٽر صاحب اڪثر مغربي نقادن جي روشنيءَ ۾ شاهه کي پرکيو آهي. اهڙو رستو هن ڇو اختيار ڪيو؟ ان جو جواب ڏيندي فاضل مصنف مهاڳ ۾ لکي ٿو ته: هن ڪتاب تي هڪ اعتراض ٿي سگهي ٿو. اهو هي آهي ته اڪثر مغربي نقادن جي راين جي روشنيءَ ۾ شاهه لطيف جي فن کي پرکيو ۽ پروڙيو ويو آهي. جيئن اسان سائنس ۾ ايندڙ نون نون نظرين، توڙي نين نين کوجنائن مان فائدو حاصل ڪريون ٿا، تيئن ادب ۾ به ڪري سگهون ٿا. جيئن مغربي سائنسدانن پراڻا ۽ فرسوده نظام مٽائي ڇڏيا، تيئن ادب جي باري ۾ به آهي. جيئن اسان مغرب جي ايجاد خوردبينيءَ سان گلن، ٻوٽن، توڙي انساني جسم جي باريڪ جوڙجڪ ٿا جاچيون، تيئن ادبي کوجنائن مان فائدو وٺي اسان پنهنجي ادب کي چڱيءَ ريت پرکي، پروڙي ۽ ان مان فائدو حظ حاصل ڪري سگهون ٿا.

(صفحو-9)

جواب ۾ گذارش ڪندس ته مغربي نقادن جي روشنيءَ ۾ شاهه کي پرکڻ تي مون کي ڪو اعتراض نه آهي، شعر ۽ ادب بابت مون اڪثر مغربي عالمن جا ڪتاب پڙهيا آهن. انهن ڪافي مفيد ڳالهيون به لکيون آهن، پر انهن ڪتابن ۾ اهڙو مواد به ملي ٿو، جو اسان جي ادب ۽ شاعري سان ٺهڪي نٿو اچي. ان جو سبب بلڪل ظاهر آهي، جيئن ٽي- ايس- ايلٽ (Eliot) پنهنجي ڪتاب شاعري ۽ شاعر (On Poetry and Poets) ۾ لکيو آهي ته ڇاڪاڻ ته منهنجي خيال ۾ هر قوم وٽ پنهنجي شاعري ضروري هجڻ گهرجي.

(صفحو 18)

۽ سڀني ماڻهن کي پنهنجي پنهنجي شاعري هوندي آهي، جا ان قوم (ماڻهن جو مجموعو) جي تهذيب، تمدن، نشست برخواست، عادات و اطوار، تاريخ، ثقافت، طرز معاشت، مذهب ۽ اقتدار جو آئينو ۽ عڪس هوندي آهي. ظاهر آهي ته اسان جو ڪلچر ۽ تمدن غرضيڪ مٿي ڄاڻايل سڀ خصلتون مغربي قومن کان هيز آهن. ان ڪري سندن ادب ۽ شاعريءَ جو تنقيدي اصول اسان جي ادب ۽ شاعريءَ سان ڪليءَ طور لاڳو ٿي نٿو سگهي.

جيئن مون مٿي عرض ڪيو ته، مغربي عالمن ڪي مفيد ڳالهيون به لکيون آهن، جن مان اسين حظ وٺي سگهون ٿا. پر ان لاءِ به شرط اهو آهي ته، اسان کي پنهنجي مشرقي شاعري (خاص طرح عربي ۽ فارسي) جي مڪمل ڄاڻ ۽ پروڙ هجي، ڇو جو اسان جي ٻوليءَ جي شاعريءَ تي، عربي ۽ فارسي شاعريءَ جو نمايان اثر رهيو آهي. عربي ۽ فارسي شاعريءَ مان اڻ ڄاڻ شخص رڳو مغربي نقادن جي حوالي سان لطيف جي شاعريءَ کي پرکيندو ته نتيجي جي لحاظ کان اهو اڌو گابرو رهجي ويندو ۽ انصاف کان ڪم وٺي نه سگهندو. هن امر تي اسان جا ادبي نقاد اتفاق رکن ٿا. مثال طور، اردو زبان جي وڏي نقاد ۽ اديب پروفيسر عابد علي عابد پنهنجي مشهور ڪتاب اصول انتقاد ادبيات ۾ لکيو آهي ته:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com