سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري

باب: --

صفحو :17

اتر جو واءُ اوتجي پيو، غريبن وٽ سوڙئي ڪونهي، جو سيءَ کان بچاءُ ڪن. چنيءَ جا چار ئي پلاند سوريندي سڄي رات گذاري ڇڏين، پر سيءُ ڪيئن لهي؟

مٿين سڀني بيتن ۾ سيءُ جو ذڪر آهي. پاري جهڙو پاڻي، تهه سيارو. هاڻي گرميءَ جو ذڪر ڏسو، شاعر جهڙي به قسم جو ماحول چاهيو آهي، اهڙي ئي قسم جو نقشو پيدا ڪيو اٿائين. سيءُ چاهي ته سيءُ، گرمي  چاهي ته گرمي:

لڳو ڪوسو واءُ، لوڪ مڙيو ئي  لهسيو،
اُڀن مَنجهان آئيو، هيءِ هيءِ جو هڳاءُ.

(سسئي آبري:11-1)

وڏا وڻ وڻڪار جا، جت جائو جمر جر
ڪوسا تپن ڪڪرا، ٻي دم دم تپي ڌر.

(سسئي آبري:8-5)

وڏا وڻ وڻڪار جا، ڄٻون جت چيها،
منزل دور، من تنها، ات ٻولن ٻاٻيها،
لڪن جون ليها، لوڙهيا لال لطيف چئي.

(سسئي آبري:15-12)

 

ڪوسو واءُ، لڪ، ڪڪرن جو تپي وڃڻ، ڌر تتي- گرميءَ جو سڄو منظر نه رڳو اکين آڏو ڦري ٿو اچي، پر ان جي حس جو بيان گرميءَ جو احساس به ڏياريو ڇڏي. ڪوسا ڪڪرا- ڪوسو واءُ، لڪون، انهن لفظن ٻڌڻ سان ئي گرميءَ جو احساس جاڳيو پوي.

هاڻي سنگهڻ جي حواس ڏي ٿا اچون. اچو ته ڏسون ته شاهه لطيف جي شعور ۾ ان حواس سان واسطو رکندڙ ڪهڙا ڪهڙا شعر موجود آهن. اهڙي قسم جي عڪسن کي (Olfactory Image) چئبو آهي.

سرهاڻ جو ذڪر دنيا جي هر ٻوليءَ جي شاعريءَ ۾ موجود آهي. سرهاڻ ۽ سڳنڌ سان شاعرن جي گهڻي دل آهي، پر شاهه لطيف لاءِ بر مڙيو ئي بوءِ آهي. هن ڏي ڇپ ڇاٽون ٿو موڪلي. هيءَ سڄي ڪائنات خوشبو سان ڀريل آهي. هن کي ساڻيهه جي کهه مان به کٿوريءَ جي خوشبو ٿي اچي. شاهه لطيف رڳو عام شاعرن وانگر خوشبو جو ذڪر نه ڪيو آهي، جنهن سان هر ٻوليءَ جي روايتي شاعري ڀري پئي آهي. پر شاهه لطيف جو اهو حس ايڏو ته سجاڳ آهي جو هن هر قسم جي خوشبو جهٽي آهي ۽ ان جو بيان اهڙيءَ ريت ڪيو اٿائين، جو اها خوشبو پنهنجي جادوءَ سان پڙهندڙ يا ٻڌندڙ کي ويڙهي ٿي وڃي.

سُريمن ڪلياڻ جا هي ٻه بيت پڙهو:

آڻي اتر واءَ، موکيءَ مٽ اُپٽئا،

متارا تهه ساءِ اچن سر سنباهيون.

(ايمن ڪلياڻ:10-4)

موکيءَ مٽ اپٽئا، سويرا صبوح،
اچي جي عبداللطيف چئي، باس نه پهتئنه بوءِ،
ڪڙو جي ڪڪوهه، ته به وٽ سر گهرن وٽيون.

(ايمن ڪلياڻ: 25-2)

صبح جو سوير اتر جو واءُ لڳي ٿو. مو کي پنهنجي مڌ جا مٽ کولي ٿو ۽ اُچي شراب جي بوءِ سموريءَ فضا ۾ ڦهلجي وڃي ٿي. ان بوءِ کي متارا سڃاڻي ٿا وٺن ۽ سر سنباهيو هليا اچن.

هيءَ هئي شراب جي بوءِ. محبوب جي جسم جي خوشبو ڇا ٿيندي آهي، ان باري ۾ هيءُ بيت پڙهو:

سرهي منجهان ساٿ، آئي بوءِ ڀنڀور کي،
بيٺا بزارن ۾، لاهي جت جباب،
سندي هوت حمات، ڪيچ پهتو قافلو.

(ديسي: 9-7)

ڀنڀور شهر جي بازار ۾ جڏهن ڪيچ کان هلي اچي پنهونءَ جو قافلو پهتو ۽ هن پنهنجا جبا وچ بازار ۾ لاٿا ته سندس جسم جي خوشبو سان سڄو شهر ڀنڀور واسجي ويو. اهڙو مڪمل عڪس، اهڙو چٽو اظهار، اکيون جتن جي جبن کي لهندي ڏسن ٿيون ته نڪ انهن جي خوشبو کي جهٽي ٿو، سڄو شهر ڀنڀور ان خوشبوءِ جي ڀاڪر ۾ اچي وڃي ٿو.

ساڳئي سُر جو ٻيو بيت آهي:

بر مڙيوئي بوءِ، ڇپر ڇاٽون مڪيون،
ٻهه ٻهه ٿي ڀنڀور ۾، هنڌ مڙيوئي هوءِ،
راڻن وري روءِ، گندر لٿا گولئين.

(ديسي: 9-7)

هتي رڳو ڀنڀور نه پر سمورو بَرُ بوءِ سان ڀريو پيو آهي.پرينءَ جي جسم جي سرهاڻ سمورو ماحول واسجي ويو آهي. سڄو شهر ڀنڀور ٻهه ٻهه ٿيو پيو آهي.خوشبو ڀنڀور کان وڌي، ڦهلجي وڃي جبلن ۽ ماٿرين تائين پهتي آهي. چوڌاري پرينءَ جو واس آهي. ان واس سان هيءَ ڪائنات ويڙهجي وئي آهي.

هڪ وائيءَ جي هيءَ سٽ پڙهو:

کهه کٿوريان اڳري، هاڻي جا هوتن،
آيل آيل تازو پير پنهونءَ جو.

(حسيني:3-وائي)

پنهون اڃا هاڻي هتان لنگهي ويو آهي.ان جو پيرو اڃا واءُ نه لٽيو آهي. پنهونءَ جو پيرو اڃا تازو آهي. ايڏو تازو جو اڃا تائين ان مان پنهونءَ جي جسم جي خوشبو پئي اچي، اها خوشبو، جيڪا سسئي ئي سڃاڻي ٿي سگهي، جيڪا هن لاءِ کٿوريءَ کان به اڳري آهي. ڪيڏو نه چٽو عڪس آهي. ڪيڏو نه تازو عڪس آهي وائيءَ جي هن هڪ سٽ ۾.

سُرمو مل راڻي ۾ به اهڙا بيت آهن، جن کي

پڙهڻ سان ماحول ۾ سرهاڻ ڦهلجيو وڃي

 

جهڙا گل گلاب جا، تهڙا مٿس ويس،
چوٽا تيل چنبيلئا، ها ها هو هميش.

(مومل راڻو : 2-3)

گلاب جي گلن جهڙا نازڪ ۽ خوشبودار وڳا، چوٽن ۾ چنبيليءَ جي تيل جي خوشبو:

جهڙا پانن پن، تهڙيون شالون مٿن سائيون،
عط ۽ عنبير سين، تازو ڪيائون تن،
مڙهئا گهڻو مشڪ سين، چوٽا ساڻ چندن.

(مومل راڻو:2-3)

هنن بيتن ۾ گلاب، مشڪ، عطر ۽ عنبير جي خوشبو آهي ته وارن جي خوشبو به آهي. ويسن ۽ وڳن جي خوشبو آهي ته گلن جي خوشبو پڻ آهي.

خوشبو جي باري ۾ مٿين بيتن کان پوءِ هو ٻه بيت به خيال سان پڙهو. انهن مان پهريون بيت سُر سهڻيءَ مان آهي ۽ ٻيو بيت سُر مومل راڻي مان. سُر سهڻيءَ وارو بيت هيءُ آهي.

لهر مڙيو ئي لال، کٿوريان وترو،
اوٻارا عنبير جا، جر مان اچن جال،
ڪنن گهڙي ڪال، سڪ پريان جي سوهڻي.

(سهڻي:20-5)

جڏهن سهڻي درياهه ۾ ٻڏي ٿي ۽ مڇيون ان جو ماس ٿيون کائين ته سندس رت جي رنگ سان لهرون لال ٿيو وڃن ۽ سهڻيءَ جي جسم جي خوشبو درياهه جي پاڻيءَ ۾ رلمل ٿيو وڃي. وهڪري مان کٿوريءَ کان به وڻندڙ، سهڻيءَ جي جسم جي خوشبو ٿي نڪري، نه رڳو ايترو پر ان عنبير جي خوشبو جا اوٻارا ٿا اچن. سڄو ماحول سهڻيءَ جي جسم جي خوشبو سان واسجي ٿو وڃي. درياهه جي لهرن ۾ لالائي، وهڪري ۾ خوشبو ۽ ماحول ۾ عنبير جا اوٻارا، اهڙو چٽو بيان، اهو خوشبو جو جادو پڙهندڙ کي ويڙهي ٿو وڃي.

سُر مومل راڻي وارو بيت هيئن آهي:
جنهن تڙ ڌوڙيون ڌون، چوٽا چندن چڪ ڪيو،
رانول رتو رون، ڪو وهه  لڳو واين.

(مومل راڻو:5-3)

هيءُ بيت مٿي ڏنل سُر واري بيت کان به اڳرو آهي. مٿئين بيت ۾ ماحول تي خوشبو جو جادو ڇائنجي ٿو وڃي ۽ اهو پڙهندڙ تي اثر ٿو ڪري. پڙهندڙ کي عميق مان عنبير جي اوٻارن جو احساس ٿو ٿئي. پر هن بيت ۾ پڙهندڙ نه فقط خوشبو جو احساس ٿو وٺي، پر ان جو اثر اکئين پڻ ڏسي ٿو.

مومل، سندس ڀينر ۽ ساهيڙيون تڙ تي چندن لڳل خوشبودار وار ڌوئن ٿيون ۽ پاڻيءَ ۾ سندس وارن جي خوشبو سمائجيو وڃي. ان جو واس ايڏو ته ٿئي ٿو جو ڀونئر به ڀلجي ٿا پون ۽ گلن جي خوشبو جي ڌوڪي ۾ اچي ان پاڻيءَ ۾ ٿا ڪرن. شهزادا  ان پاڻيءَ جي واس کان وَههُ ۾ اچي ديوانا ٿيو ٿا پون.

جيئن مٿي بحث ڪيو ويو آهي ته عڪس ضروري ناهي ته سهڻا هجن، اهي نراعڪس هئڻ کپن. سو سنگهڻ جا عڪس Olfactory))  به هرو ڀرو خوشبو جي ذڪر وارا نه، پر هر قسم جي بوءِ جي  ذڪر وارا ٿي سگهن ٿا. اهي هر قسم جي بوءِ جي احساس کي ٻيهر تخليق ڪرڻ سان جڙن ٿا.

شاعر جي فن جي پختگي ان ۾ آهي جو هو جنهن به ماحول جو ذڪر ڪري، هوبهو اهو ماحول پڙهندڙ جي آڏو پيدا ٿي پوي. فن رڳو سهڻين خوشبودار يا نازڪ شين جي عڪاسيءَ ۾ ناهي، پر فن آهي حقيقت نگاريءَ ۾. پنهنجي چوڌاري جهڙو به ماحول هجي اهو سهڻو هجي يا بڇڙو، سرهو يا بدبو وارو، چٽو يا اڻ چٽو، ان ماحول جي بيان تي قدرت حاصل ڪرڻ ئي ڪمال فنڪاري آهي.

مٿي ڏنل بيتن ۾ شاهه لطيف ماحول کي سرهاڻ سان واسي ٿو.

هاڻي هيٺ ڏسو ته ساڳيو ئي شاعر جي چاهي ته بدبودار ۽ گندي ماحول جو ڪهڙيءَ نه چٽائيءَ سان بيان ڪري ٿو سگهي. هو جنهن به ماحول کي چاهي ٿو، ان کي پڙهندڙ جي آڏو ٻيهر تخليق ڪري ٿو ڏيکاري.

ان نقطهءِ نظر سان سُر ڪاموڏ جو هيءُ بيت پڙهو:

ککيءَ هاڻيون کاريون، ڇڇيءَ هاڻا ڇڄ،
پاند جنين جي پاند سين لڳڻو ٿئي لڄ،

سمو ڄام سهج، اڀو ڪري ان سين.

(ڪاموڏ:10-1)

 

هن بيت ۾ ڪيئن نه مهاڻن جو ماحول جاڳي جيئرو ٿي ٿو پوي. ککيءَ ۽ ڇڇيءَ جو بيان ڪهڙي نه حقيقت نگاري آهي. ڄڻ اهي کاريون ۽ ڇڄ اسان جي اکين جي آڏو ٿا اچن. اسان کي انهن مان ڌپ جو احساس به نه ٿو ملي.

کاريون، ڄاريون ڇڄ، ڇپريون، جن جي محبت مڇيءَ ساڻ،
رهن وهن سِرِ ٻانڌيين، سڀئي بدبوءِ هاڻ،
لڌڙن جيئن، لطيف چئي، پاڻيءَ وجهن پاڻ،
تن ملاحن جو ماڻ، سمي سِرِ ڪئو پانهنجي.

(ڪاموڏ: 12-1)

ساڳيون کاريون ۽ ڇڄ، ساڳيا بدبو سان ڀريل ماڻهو، جيڪي لڌڙن جيئن پاڻيءَ ۾ پيا تڙڳن، ساڳيو ڌپ وارو ماحول، شاعر جا حواس ڪيڏا نه تيز آهن، هر قسم جي خوشبو يا بدبو جهٽي ٿا وٺن. شاهه لطيف جو مشاهدو ڪيڏو نه اونهو آهي، ڪهڙي ڪهڙي ماحول ۾ وڃيو نڪري، سندس بيان ڪيڏو نه زورائتو آهي، جهڙو ماحول ڏسي ٿو اهڙو. بلڪل اهڙو، هوبهو اهڙو تخليق ڪري ٿو ڏيکاري.

شاهه لطيف گلن جي سرهاڻ، عطر عنبير جي اوٻارن، انسان جي جسم جي خوشبو، غربت هاڻي بدبو، سڀني جا عڪس ڪمال ڪاريگريءَ سان ٿو پيش ڪري.

آوازي عڪس (Auditory Images) اهي آهن، جيڪي ٻڌڻ جي حواس سان واسطو رکن ٿا.

شاعريءَ جي فن ۾ آواز جو اهم حصو آهي، لفظن جي اچارن سان موسيقيءَ جو تصور اڀري ٿو. اهو هڪ ڌار فن آهي، شاهه لطيف جي ان پهلوءَ تي هن ڪتاب ۾ هڪ ڌار باب شامل آهي. آوازي عڪس ۽ شاعريءَ جي موسيقي ۾ فرق آهي. اهو هيءُ ته آوازي عڪس رڳو ڪنهن ٻڌل آواز جي ٻيهر تخليق ٿو ڪري. پر شاعريءَ جي موسيقي لفظن جي اچارن مان ترنم پيدا ڪرڻ جو فن آهي. هتي رڳو آوازي عڪسن جو ذڪر ٿيندو.

آوازي عڪس ڪنين ٻڌل آوازن جي تاثر کي اهڙيءَ ريت بيان ڪرڻ جو فن آهي، جو ٻڌل آواز جي يادگيري ٻيهر پيدا ٿي پوي ۽ اهو آواز ۽ ان جو تاثر ٻيهر ڪنن ۾ ٻُرڻ لڳي. جيئن نظري عڪس ڏسڻ جي حواس سان واسطو ٿو رکي، تئين آوازي عڪس ٻڌڻ جي حواس سان واسطو ٿو رکي. جيئن اڳ ڏنل نظارا پنهنجي سمورن رنگن ۽ روپن توڙي چرپر سميت اچئو اکين آڏو بيهن، تيئن آوازي عڪس ۾ ٻڌل آواز جو ذڪر اهڙيءَ ريت ڪيل هوندو آهي جو اهو ٻيهر ڪنن ۾ ٻُرڻ لڳندو آهي ۽ اهڙيءَ ريت ان آواز جو پڻ عڪس ٺهيو پوي.

سُر سهڻيءَ جو هيءُ بيت پڙهو:

اديون سڀ اندام، چڙهن منهنجا چوريا،
لارُن جا لَنؤ لايئي، سا ڪيئن آڇي عام؟
لڳيس جنهن جي لام، سو دلاسا دوست مُنجي.

(سهڻي: 4-1)

هن بيت ۾ چڙن جي آواز جي ياد ٿي اڀري، نه رڳو چڙن جي لارن جي ياد ٿي اڀري، پر سهڻيءَ جي سَنڌ سَنڌ تي ان جو جيڪو اثر ٿو ٿئي، ان جو پڻ چٽو بيان آهي. هيءُ آواز جو عڪس به آهي ته آواز جي اثر جو به. سهڻيءَ جو سَنڌ سَنڌ ميهار جي ٽلين جي آواز سان چري ٿو پوي.

لار جي ان کان به وڌيڪ سهڻي تشبيهه لاءِ هيءَ سٽ پڙهو:

مون تن اندر تيئن وڄين، جيئن گهنڊڻيءَ لار.

(سهڻي: وائي-4)

گهنڊڻيءَ جي وچ ۾ پيل لار- گهنڊڻيءَ جي اندران ئي وڄي موسيقيءَ پيدا ڪندي آهي. تون به منهنجي اندر ۾ تيئن آهين، جيئن گهنڊڻيءَ ۾ لار پيل هوندي آهي. تون منهنجي جسم (تن)اندر گهنڊڻيءَ جي لار جان وڄين ٿو، اندران ئي اندران ٽڪر جي موسيقي جا سر ٿو ڪڍين، محبت جي مٺي موسيقي جا الاپ ٿو پيدا ڪرين.

هي ٻيو بيت پڙهو:

چوڌاري چڙا، ٻجهن ٻيلاين جا،
ستي سنڀارن جو، پيم ڪن پڙاءُ،
وهڻ مون نه وڙاءُ، سڻيو جهانءِ جهڄي هينئون.

(سهڻي:4-2)

چئني طرفن کان چڙن جو آواز، ٽن ٽن- ٽن، ننڊ ۾ ستل سهڻي، ٽلين جو آواز ٻڌائين، آواز جي جادوءَ سان سندس ننڊ ڦٽي پيئي، سمهڻ نه ٿو وڻيس، وهڻ نه ٿو اچيس، آواز جي جهانءِ ٻڌي هانءُ جهڄي ٿو پويس.

ساڳئي سُر جو هڪ ٻيو بيت:

آءِ-آءِ قاضيءَ کي استعيفا ڏيڻ تي مجبور ڪيو ويو. انهيءَ کان سواءِ ايوب خان جي تعليمي ڪميشن پنهنجيءَ رپورٽ ۾ سڄيءَ سنڌ ۾ انهن ٻارن لاءِ به سنڌي ٻوليءَ جي سکيا ختم ڪري ڇڏي هئي، جنن جي مادري زبان سنڌي هئي.انهيءَ تي سڄي سنڌ ۾ رنجش پيدا ٿي.هر هنڌان آواز اٿيو. سنڌي زبان جي تحفظ لاءِ سنڌي زبان سوسائٽي ٺهي. حڪومت جي متعصب آفيسرن طرفان 1964ع تائين سنڌ ۾ استحصال ڪيو ويو. اِهي ڏاڍايون ۽ ظلم، اهي بيداديون ۽ قهر سنڌي ادب جي موضوع جي روپ ۾ لفظن جي صورت ۾ بيان ٿيڻ لڳا. شمشير الحيدريءَ بيباڪيءَ سان انهيءَ استحصال خلاف آواز اٿاريو.هن چيو:

 

اسين ظلم جي مات چوندا رهياسين،
سِر عام هر بات چوندا رهياسين،
اوهين ڪيترو ئي دٻايو، ڌُتاريو،
اسين رات کي رات چوندا رهيا سين.


1965ع کان 1970ع واري زماني ۾ ڪيترن ئي سنڌي اديبن ۽ شاعرن جي تحريرن ۽ تقريرن تي بندش وڌي ويئي. ڪيترا سنڌي رسالا ۽ ڪتاب بند ڪيا ويا. هي ئي دور هو، جنهن ۾ ڪيترن ئي سنڌي ادبين. شاعرن، شاگردن ۽ استادن کي جيل ۾ وڌو ويو. هنن ڏاڍاين تي شيخ اياز فرمايو:

 

تون چئو نه لڇان، تون چئو نه ڪڇان،پر تو کان هڪڙي ڳالهه پڇان
تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين، اعلان هزارين مان نه رڳو.

 

اهڙي وقت بزرگ اديب ۽ شاعر حيدر بخش جتوئيءَ کان وٺي عبدالڪريم گدائي، جوانن ۾ رسول بخش پليجو، استاد بخاري، فتاح ملڪ، قمر شهباز، امر جليل، منير سنڌي، حميد سنڌي، نياز همايوني ۽ ٻين ڪيترن ئي نوجوان اڀرندڙ شاعرن ۽ اديبن سنڌ ۾ روزانه ٿيندڙ واقعن کي ڪهاڻين ۽ شعر جو موضوع بنايو.

هنن شاگردن جي مسئلن، تعليمي مسئلن سنڌي زبان جي مسئلن، هارين، نارين، مزورن ۽ محنت ڪش ماڻهن جي مسئلن تي گهڻو ئي ڪجهه لکيو. هن ڏس ۾ سرويچ سجاوليءَ جي ڪلام مان ڪي بند مثال طور پيش ڪجن ٿا.

 

سور سهندي سور چرندي ٿيا گذر گذرن پيا،
سانگين جا سائين ڙي! سانوڻ سيارا سنڌ ۾!

 

مفسليءَ مٺڙن کي ماريو. منهن کڻڻ جهڙا نه ٿي،
لوڪ کان لڪندا گهمن، لالن لڄارا سنڌ ۾!

 

مال چٽ ۽ مان چٽ. مارن جون چٽ ٿيون محنتون،
هڙ لٽي هيڻن جي ويا. همراهه هچارا سنڌ ۾!

 

پورهيو پورهيت جو کائي پيٽ پيٽوڙين ڀريا.
پاپ جا  هر پهر تي پسجن پسارا سنڌ ۾!

 

حاصل مطلب ته هن دؤر جو سنڌي ادب سنڌ  جي مسئلن  جو هڪ رڪارڊ آهي. هن زماني جو سنڌي ادب سنڌ جي عوام جي ڏکن ۽ سورن جو داستان آهي. هن دؤر ۾ نه فقط موضوعن ۾ اضافو ٿيو، پر ساڳئي وقت نظم توڙي نثر ۾ نوان تجربا ٿيا. هن دؤر ۾ سنڌ جي تاريخ جي ٻن دؤرن سومرا ۽ سما تي لکيل اسٽيج ڊراما پيش ٿيا.انهن ڊرامن ۾ دودو وري سنڌ جي تاريخ ۾ پر گهٽ ٿيو هو. مائي ٻاگهل وري نئون جنم ورتو هو.دودو چنيسر ۽ دولهه دريا خان، ڊرامن ۾ وار ڪانڊاريندڙ ۽ دل ڏاريندڙ منظر ڏيکاري ڏسندڙن ۾ جوش جاڳايو ويو.

مطلب ته ون يونٽ جي قيام کان وٺي 1970ع تائين سنڌ ۽ سنڌي ادب جي قسمت ۾ هڪ زبردست انقلاب اچي چڪو هو. هن انقلاب سنڌي جيون ۽ سنڌي زندگيءَ ۾ هڪ وڏي اٿل آڻي ڇڏي هئي. انهيءَ اُٿل سنڌي زبان جي اديبن، شاعرن، دانشورن، عالمن توڙي فاضلن جي سوچ، سوچڻ جي رنگ ۽ ڍنگ ۾ به ڦيرو آندو هو. سنڌ ۾ سنڌي قوميت ۽ جاڳرتا جا سڪل سلا وري نئين سر نسريا ۽ اُسريا.

زندگي ترقي پذير آهي. زندگي هڪ وهڪرو آهي جو هر چيز کي ٻوهاري سوهاري کڻيو ويندو آهي. سنڌ جي ڪهاڻيڪارن، اديبن، شاعر ۽ مفڪرن زندگيءَ جهڙي اٿاهه مها ساگر جي وهڪري جو ڀون وگيان وانگر  سير ڪيو  آهي، مطالعو ڪيو آهي. سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن پنهنجي گهري سوچ، تيز فهم. وڏيءَ سمجهه ۽ مشاهدي واريءَ نظر سان سنڌي جيون جي هر پهلوءَ جو مطالعو ڪيو آهي، ان جو اڀياس ڪيو آهي، هنن جي نظر ۾ زندگي هڪ پوٺو آهي.جتي هنن شهسوارن وانگر پيهي. ان جي ڌار ڌار حصن، رنگن، روپن، حادثن ۽ واقعن تي گهڻو ويچار ڪيو آهي، ۽ ويچار کي لفظن جو ويس وٺايو آهي. هنن ابهام ۽ فراريت کان پاسو ڪيو آهي. هنن اهڙن اهڙن نون نون انوکن ۽ اڇوتن موضوعن ۽ مسئلن تي قلم کنيو آهي، جن کي پڙهي حيرت وٺيو وڃي. هنن علامتن ۽ اشارن ذريعي پنهنجن خيالن جي اُپٽار ڪئي آهي.

سنڌ جي ادبين ۽ شاعرن پيٽ کي پنهنججو مسئلو نه بنايو آهي. هنن پيٽ پالڻ ۽ ڪمائيءَ خاطر ڪو نه لکيو آهي. هنن داد حاصل ڪرڻ لاءِ يا خوشامندڙين کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪو نه لکيو آهي. خوشامند ڪرڻ ۽ قصيده گوئي سنڌي اديبن ۽ شاعرن جي طبعيت جي خلاف آهي. هنن سماج سڌار بزرگن ۽ مصلحن وانگر مسئلن کي سڌارڻ ۽ سلجهائڻ خاطر. ماڻهن ۾ جاڳرتا آڻڻ  خاطر، ماڻهن ۾ ذهني سجاڳي، اخلاقي همت ۽ جرات اُجاگر ڪرڻ خاطر، استادن، رهبرن ۽ رهنمائن جهڙو ڪم ڪيو آهي. سنڌ جو اديب ۽ شاعر هن دؤر جو مشنري، مبلغ، پرچاري ۽ قومي درد رکندڙ آهي. پر هو نعرا نٿو هڻي، دانهون نٿو ڪري. ان جي بدران هو نبض شناس حاذق حڪيم وانگر مرض سڃاڻي، ان جي نشاندهي ڪري ٿو ۽ نسخو ڏسي ٿو.

سنڌ جو موجوده ادب سنڌ جي سماجي ۽ عوامي زندگيءَ جي عڪاسي آهي، ان جي چٽي تصوير آهي. سنڌ جو موجوده ادب سنڌ جي سماجي زندگيءَ جي تاريخ آهي. سنڌي زبان جو موجوده ادب سنڌ متعلق، سنڌ جي ماڻهن متعلق ۽ سنڌ جي ماڻهن جي روزمره جي مسئلن متعلق آهي. سنڌي ٻوليءَ جي اديبن پنهنجي سماج کي چڱيءَ طرح سمجهيو آهي. هنن پنهنجا ڪردار به عوام مان کنيا آهن. هنن جا ڪردار زندگيءَ جي ڏکن، سکن، امنگن ۽ جذبن سان واسطو رکن ٿا.

موجوده وقت شعر ۽ ڪهاڻين کان سواءِ تحقيقي ادب ۾ به گهڻي ترقي ڪئي آهي. سنڌي ادب جي تاريخ، سنڌي تنقيدي ادب جي تاريخ‏. سنڌ جي سياسي تاريخ، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ تي جديد تحقيق جي طرز تي معلومات سان ڀريل تحقيقي مقالا لکيا ويا آهن. آزاديءَ کان اڳ ڊاڪٽر گربخشاڻي جديد اصولن موجب تحقيقي ادب جو بنياد وڌو. آزاديءَ کان پوءِ سيد حسام الدين شاهه راشدي، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، سراج الحق ميمڻ، مولانا غلام محمد گرامي، ڊاڪٽر ممتاز حسين  پٺاڻ ۽ ٻين عالمن جا مقالا ۽ تحقيقي مضمون سنڌ متعلق، سنڌ جي تاريخ ۽ ٻوليءَ متعلق چڱو مواد رکن ٿا. سيد حسام الدين راشديءَ سنڌ جي تاريخ کي نئون موڙ ڏنو آهي. ان کي قومي رنگ ۾ رڱيو آهي. الحاج سيد غلام مصطفيٰ شاهه سنڌي معاشري ۽ تعليم تي لکيو آهي. مولانا قاسمي صاحب جا مقالا سنڌ جي ديني ادب ۽ دينيات متعلق آهن. ڊاڪٽر بلوچ صاحب لوڪ ادب جي مطالعي ذريعي سنڌ جي سماجي زندگيءَ ۽ سنڌ جي تمدن جي تاريخ جي مطالعي لاءِ نئين مواد طرف اشارا ۽ اهڃاڻ ڏنا آهن. سراج سنڌي ٻولي ۽ ان جي پڻ بنياد جي سلسلي ۾ نيون کوجنائون ۽ نوان نظريا بيان ڪيا آهن. تنهن ڪري عام سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ نئين سر لکڻ لاءِ مجبور ٿي پيا آهن. اهڙيءَ طرح ٻين مقالن ۽ مضمونن ۾ سنڌ جي باري ۾ گهڻو ئي مواد ملي ٿو.

نثر ۾ مختصر افساني پنهنجو خاص معيار ۽ مقام قائم ڪيو آهي.  اڄ جي سنڌي افساني ۾ هاڻ عشق ۽ محبت جون ڳالهيون گهٽ نظر اچن ٿيون. اڄ جي سنڌي افساني ۾ عورت کي جنسي هوس لاءِ رانديڪي طور پيش نٿو ڪيو وڃي، پر اڄ جي سنڌي افساني ۾ سنڌجي سماجي مسئلن جو ذڪر وڌيڪ آهي. اڄ جي سنڌي افساني ۾ حقيقي واقعن جو بيان وڌيڪ آهي. اڄ جي سنڌي افساني ۾ انقلابي ڳالهيون آهن. اڄ جي افساني ۾ بين الاقوامي مسئلن جو ذڪر آهي. اڄ جو سنڌي ادب بين الاقوامي اديب جو مطالعو ڪندڙ آهي، ۽ ان کان گهڻو متاثر ٿيو آهي. انهيءَ ڏس ۾ هر مهيني ڪيتريون ئي پرڏيهي ڪهاڻيون سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿينديون رهيون آهن ۽ پرڏيهي ليکڪن جا ناول سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪيا ويا آهن.

سنڌي افساني ۾ نه فقط موضوع ۾ نواڻ آئي آهي، پر سنڌي ٻوليءَ جي افسانه نگارن افساني جي فن ۾ نوان تجربا ڪيا آهن. هن ڏس ۾ امر جليل صاحب لکي ٿو:

اڄ جو سڀ کان مقبول ۽ ڪامياب افسانو رٿا کان سواءِ يعني Plot less افسانو آهي. رٿا کان سواءِ افسانو ليکڪ لاءِ تجربن جو  لامحدود ميدان ٺاهي ڇڏي ٿو، ۽ ليکڪ پاڻ کي فني پابندين ۾ جڪڙيل محسوس نٿو ڪري، جيتوڻيڪ رٿا کان سواءِ افسانو لکڻ لاءِ به جدا ۽ سخت قسم جون پابنديون آهن. جيئن ته اهڙن افسانن ۾ ليکڪ  کي زمان ۽ مڪان جون حدون اورانگهڻيون پونديون آهن. تنهن ڪري اهڙن افسانن لکڻ مهل ليکڪ کي خبردار رهڻو پوندو آهي، ڇو جي ٿوري غفلت افساني کي فني نقطهءِ نگاهه کان ناڪام ڪري ڇڏيندي. اهڙا افسانا خيالن جي ڪڙي-در- ڪڙي (association of ideas) جي آڌار تي لکيا ويندا آهن. انهن افسانن ۾ مرڪزي خيال ساڳيو رهندو آهي، پر ڪهاڻي ۾ تسلسل نه هوندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو Plotless يعني رٿا کانسواءِ افسانن ۾ خيال اهم هوندو آهي.

اهڙيءَ طرح اسٽيج ڊراما، ريڊيائي ڊراما ۽ ٽي وي هن دؤر جون اهم صنفون آهن. ريڊيائي ڊرامن ۾ منظور نقوي، مراد علي مرزا، آغا سليم، امر جليل، غلام حيدر صديقي ۽ علي بابا نوان تجربا ڪيا آهن. منظور نقويءَ عشقيه ڊرامن کانسواءِ جاسوسي، لوڪ ڪهاڻين، تاريخي ۽ نيم تاريخي داستان جي پلاٽ تي ريڊيائي ڊراما پي ڪري. ٻڌندڙن ۾ نئون جذبو جاڳايو آهي. آغا سليم به هن سلسلي ۾ اڳرو رهيو آهي. سندس ڊراما دودو چنيسر دولهه دريا خان ۽ گل چنو گرنارهو، اهم ڊراما آهن. علي بابا جو رڃ جا راهي ڊرامو سنڌ جي تاريخ ۽ وطنيت جي جذبي کي اُجاگر ڪندڙ ۽ هڪ نه وسرندڙ ڊرامو آهي. اهڙيءَ طرح ٽي ويءَ تي به ڪافي سماجي ڊراما پيش ٿيا آهن. هن سلسلي ۾ ڪيترن ئي سنڌي ڪهاڻين کي ڊرامائي صورت ڏيئي ٽي ويءَ تان پيش ڪيا ويا آهن. اهڙيءَ طرح مرزا قليچ بيگ جي ناول زينت کي به ڊرامي جي صورت ۾ ٽي ويءَ تان پيش ڪيو ويو آهي.

10-     هن دؤر جو سنڌي ادب مقصد سان ڀريل آهي. اهو مقصد علامتن ذريجي سمجهايو ويو آهي. ڊاڪٽر تنوير عباسي لکي ٿو:

هن دؤر جي شاعري  وقت جي وندر يا فردوس گوش رهڻ بجاءِ پنهنجي ماحول ۽ حالت لاءِ هڪ روشن لاٽ ٿي پيئي آهي. هڪ پيغام ٿي پيئي آهي.

سنڌيءَ جي موجوده دؤر جي شاعريءَ ۾ سنڌي ماحول ۽ سنڌي زندگيءَجي جهلڪ گهڻي قدر نظر اچي ٿي. هن دؤر جي شاعرن جي تخيل ۽ موضوعن جي انتخاب ۾ تبديليءَ سان گڏ وسعت به آئي آهي. هنن ايراني شاعريءَ وارن لفظن ۽ زمين کي غير فطري ۽ غير وطني لفظ ۽ زمين لفظ ۽ زمين سمجهي انهن جو استعمال ڇڏي ڏنو آهي. هنن جو چوڻ آهي ته علم عروض ۽ عروضي ماپا ۽ بحر، اسان جي ٻوليءَ جي مزاج ۽ سٽاءَ توڙي بيهڪ لاءِ اوپرا آهن.

هن دؤر جا سنڌ جا شاعر پنهنجا مسئلا پنهنجي سماج جا مسئلا ۽ پنهنجي چوڌاري ماحول جا مسئلا پنهنجي ڪلام ۾ بيان ڪن ٿا. هنن جا پنهنجي چوڌاري ماحول جا مسئلا پنهنجي ڪلام ۾ بيان ڪن ٿا. هنن جا اشارا، ڪنايا ۽ علامتون سنڌ متعلق، سنڌ  جي ماڻهن متعلق ۽ سنڌ جي مختلف مسئلن متعلق آهن. سنڌ جي جديد فڪر وارن شاعرن يا نشر نويسن جي محبوبه ڪا پري پيڪر، حسين و جميل، نوجوان نينگر يا ڪا جواڻ جماڻ عورت نه آهي. پر هو سڀ سنڌڙيءَ کي پنهنجي محبوبه سمجهن ٿا. هو سنڌ سان عشق ڪن ٿا. سنڌ هنن جي نظر ۾ سدا سهاڳڻ آهي. سنڌ سان سندن نينهن ازل کان آهي. هنن جي هر ڪلام ۾، ڪلام جي هر شعر ۾، شعر  جي هر مصرع ۾، مرصرع جي هر چرڻ ۾، ۽ چرڻ جي هر لفظ ۾ سنڌ سان پيار جو اظهار آهي. هنن جي لفظ لفظ ۾، هر اشاري ۾ سنڌ جي سڪ جا اهڃاڻ ملن ٿا. مثال طور ڊاڪٽر تنوير عباسي فرمائي ٿو:

 

رات مون کي خواب ۾ هوشوءَ ڏنو هڪڙو پيام،
سنڌ وارن کي ڏجان منهنجا ڳڻي سؤ سؤ سلام،
سنڌ مٺڙي جنهن جي خاطر ساهه مون ڪؤڙو ڪيو،
تنهن جو اڄ ڪوئي  نه اوهي ۽ نه واهي آ رهيو.

 

هيءَ ڌرتي آ سنڌ جي هن کي آهي سلام،
هن جي ذهن ضمير کي ڪري ڪير  غلام،
نڪو خاص نه عام، سڀڪو سِر صدقو ڪري.

 

گهٽي گهٽي آ سنڌ جي ڄڻ مياڻيءَ جو ميدان،
ڳڀرو ڳڀرو ڳوٺ جو ڄڻ هوشءَ جهڙو جوان،
 ٿيندو اڄ ميدان، نعرا ٻڌبا نينهن جا.

 

شيخ اياز فرمائي ٿو:

       

باغي آهيان، باغي آهيان، تنهنجو آءُ سماجَ،
تو سان وڙهندي رهندي منهنجي هر هڪ رت ڦڙي،
ڪيئي ڏاڙهونءَ جا گل آندم ڪاڪ ڪڪوريءَ تان،
سنڌڙي منهنجي مومل! مون کي توئي ڏات ڏني۔


 

ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ، پوءِ به نعرا نينهن جا،
سنڌڙيءَ جو سوڳند، مرنداسين پر مرڪندي.

 

هن ڀوميءَ جو ويرُ، مات نه کائي موت کان،
سدا سهاڳڻ سنڌڙي، کريو نه تنهنجو کير،
توڙي نيڻين نير،  ته به ڳاڙها ڳاڙها رت سان.

 

مرحوم حيدر بخش جتوئيءَ هيئن فرمايو آهي:

 

اي مٺي سنڌ! اي سونهاري سنڌ،
جان منهنجي آ تو جياري سنڌ،
تو مٺي ٿڃ آ پياري سنڌ.
مون کي تو بخشي آ بهاري سنڌ،
تنهنجو آ فيض عام جاري سنڌ،
تو مٿان ساهه صدقي پياري سنڌ،
اي مِٺي جيجل، اي سونهاري سنڌ.

 

شاهه رهه، مادر وطن منهنجي،
منهنجي آرائش ۽ عدن منهنجي،
 جان ۽ تن ۽ من ۽ ڌن منهنجي،
آخري قبر ۽ ڪفن منهنجي،
تو مٿان ساهه صدقي پياري سنڌ،
اي مِٺي جيجل، اي سونهاري سنڌ.

 

سنڌ جي شاعرن سنڌ جي ماڻهن جي ڪردار، اخلاق، همت، سوچ ۽ سُڀاءَ جو به مطالعو ڪيو آهي تنوير فرمائي ٿو:

 

هر ڪو ماڻهو موتيءَ داڻو،
هر ڪا دل هيرن جي کاڻ،
ڄاڻيڏس ته سهي اڻڄاڻ،
ويجهو ويجهو واجهائي ڏس،
ماڻهوءَ جو من ڇاهه،
سنگهي ته ڏس تون خوشبو ان جي،
سرهو آ هر ساهه،
گهڙيءَ جي لئه گل ساماڻو،
آهي امر اُن جي سرهاڻ.

 

سنڌ جا جديد شاعر بين الاقوامي امن جا پرچاري آهن. هو سڄيءَ دنيا جي انسانن کي هڪ ڪري سمجهن ٿا هو مذهبي مت ڀيد ۽ ڇوت ڇات جي خلاف آهن. هو انسان دوست آهن. هو هر انسان جو ڏک پنهنجو ڏک ڪري سمجهن ٿا. هن سلسلي ۾ محمد ابراهيم جويو لکي ٿو.

اياز جي فن جي عظمت انهيءَ ۾ ئي آهي جو سندس شاعرانه علامتون نه فقط پنهنجي معاشري ۽ حالات جي تصوير ڪشي ڪن ٿيون، بلڪ اُنهن مان سندس پڙهندڙ ساريءَ انسانذات جي تاريخ ۽ تقدير جي جهلڪ پڻ ڏسي وٺن ٿا.

جديد شاعرن ۽ بردي سنڌيءَ جا گيت سنڌي ماحول جي سادگي، سٻاجهائي، نماڻائي ۽ نهٺائيءَ جي مڪمل تصوير آهن. امداد حسينيءَ وٽ بين الاقوامي شعور آهي. هن جي نظمن ۾ سڄيءَ دنيا جي مظلومن جون پڪارون آهن.

حاصل مطلب ته سنڌ جي جديد شاعرن وٽ بين الاقوامي سماجي قدرن جهڙوڪ: عوامي دوستي، امن، جمهوريت پسندي ۽ سماجي انصاف جي ترجماني ڪيل آهي. هنن وچ اوڀر، اسرائيل جي سرڪشي ۽ ملڪ گيريءَ جي هوس، فلسطين جو مسئلو، آفريڪا جي ڪارن ماڻهن سان همدردي ڏيکاري آهي يا هنن ويٽنام جي مجاهدن کي سلام ڪيو آهي ۽ هنن هوچي من جا ڳڻ ڳايا آهن.

سنڌ جي جديد شاعرن سنڌي شاعريءَ ۾ وقت جي تقاضا مطابق ڦير گهير ڪري پنهنجي سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ کي نئين سر ڳايو آهي.هنن ڪلاسيڪي ماپا، وايون، ڪافيون، بيت، دوها ۽ سورٺا وري رائج ڪيا آهن. ۽ انهن کي نئون رنگ ڏيئي سنيگاريو ۽ سنواريو آهي، هنن ڪافي، بيت، وائي ۽ دوهي جو موضوع به بدلايو آهي. هنن وائيءَ ۽ ڪافيءَ جي ڪلاسيڪي هيئتن ۾ فارسي ٽيڪنڪ وارن بحرن ۽ وزنن کي ملائي، ڪي نيون هيئتون به ٺاهيون آهن. هن ڏس ۾ شيخ اياز ۽ بردي سنڌيءَ جا تجربا قابل قدر آهن. هنن روايتي شاعريءَ جي ضف غزل ۾ نه رڳو سنڌي ۽ نج مقامي رنگ ڀريو آهي، پر ان کي سنڌي مزاج  مطابق بنايو آهي. هنن غزل جو فارسيءَ وارو ڪلاسيڪي رنگ، لب، لهجو ۽ ماحول مٽائي، ان کي ٺيٺ سنڌي ماحول ۽ اسلوب ڏنو آهي. هن ڏس ۾ شيخ عبدالرزاق راز صاحب لکي ٿو:

اڄ جي غزل ۾ ڪيتريون ئي نيون ۽ مقامي ترڪيبون ڪتب آنديون وڃن ٿيون، جنهن ڪري زير اضافت ۽ نون غني جو استعمال گهٽجي ويو آهي. مثلاً اڳي اسان وٽ بحر بيراڪنجي ترڪيب استعمال ٿيندي هئي. هاڻي ان جي جاءِ تي متو مهراڻ ڪم آندو وڃي ٿو، جنهن ۾ مقاميت سان گڏ پنهنجائپ به آهي. اهڙا ٻيا به ڪيترائي لفظ آهن.جن ۾ مقامي رنگ ۽ اشاريت به آهي، مثلاً لڙڪ، مرڪ، ڪاڪ، مومل، ٿر، ڪاريهر، موري ۽ ماڪ وغيره.

جديد شاعرن گيت جي هيئت ۽ ترنم ۾ مصراعن جي گهاٽي واڌيءَ سبب فرق آندو آهي. موجوده وقت جي جديد فڪر جي شاعرن مشرق توڙي مغرب جون مقبول صنفون جهڙوڪ: سانيٽ، ترائيل، آزاد نظم ۽ هائيڪو سنڌي ٻوليءَ ۾ رائج ڪيون آهن، ۽ اهڙيءَ طرح سنڌي شاعريءَ کي هيئت جي اعتبار کان بين الاقوامي سطح تي آندو آهي. هنن سنڌي لوڪ گيتن جهڙوڪ: مورو، ڇلڙو، ڍاٽيئڙو، جمالو، ڇينڄ، جهمر ۽ لاڏو نئين رنگ ڍنگ ۾ ورجايو ۽ ڳايو آهي. اهڙيءَ طرح پاڪستان جي ٻين زبانن جي لوڪ گيتن جهڙوڪ: پشتو جي لوڪ گيت ٽپو ۽ پنجاب جي  لوڪ گيت ماهيا کي سنڌيءَ ۾  به منظور ڪيو آهي.

جديد شاعرن ڪلاسيڪي شاعرن جي ڪردارن، مومل، سسئي، سهڻي، مارئي، ليلان ۽ نوريءَ کي کڻي حسن ۽ عشق جي لازوال افسانن ۾ نوان رنگ ڀري، سنڌ جي تاريخي ۽ تاريخي ڪهاڻين کي تلميحن طور ڪم آندو آهي. انهن پنهنجي شاعريءَ ۾ نون نون موضوعن، نون قدرن ۽ نون ماپن تي تجربا ڪيا آهن. هن لفظن ذريعي جيڪي چٽ چٽيا آهن سي واکاڻ جوڳا آهن. انهن جو ڪلام پڙهندي قدرت جا نظارا، جيئرا ۽ جاڳندا ڪردار اکين جي اڳيان ڦريو اچن ٿا.

موجوده وقت جي شاعرن معنوي لحاظ کان به پنهنجي شاعريءَ ۾ انيڪ خوبيون پيدا ڪيون آهن. روزمره جي ٻوليءَ جي هڪ خوبي لفظن جو تڪرار (Reduplcation) آهي. لفظن کي معنيٰ لحاظ کان هڪ ٻئي پٺيان گڏوگڏ وري وري دهرائڻ کي تڪرار چئبو آهي. هن جي استعمال ۾ وڏي هوشياري کپي. سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعرن مان لطيف سائينءَ هن خوبيءَ ۾ ڪمال ڪيو آهي. جديد شاعرن کي اها قابليت قدرتي ڏات طور عطا ٿي آهي. شيخ اياز، تنوير، امداد توڙي ٻين شاعرن جي ڪلام ۾ هن خوبيءَ جا ڪئين مثال ملي سگهن ٿا. هت نموني طور فقط امداد حسينيءَ جو هڪ شعر پيش ڪجي ٿو:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com