سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري

باب: --

صفحو :38

لورڪا جون سٽون جديد شاعريءَ ۾ الجهاءُ پيدا ڪن ٿيون ۽ هڪ مشاهدي کي ٻي مشاهدي ۾ بدلائي ماضيءَ کي حال ۾ ڇڪي وٺن ٿيون ۽ حال جي مشاهدي کي ڄاڻوءَ لاءِ اڳي کان چٽو ڪن ٿيون، وهندڙ  رت کي ٻُڌي سگهجي ٿو، ماڻهو موت ۾ ڪنجهن ڪُرڪن ٿا ۽ اها ڪنجهو ڪنجهه هونءَ نه ٻڌي سگهجي ها، پر لورڪا ۾ ڌرتيءَ جي رت جي ڌارا جي ڳالهڙي فقط رت ۾ رڱيل نه آهي، پر اُن جي سانت ۾ ڪاريهر جي ڦڦڪار به آهي. ڄڻ ڀٽائي جي سٽ اڄ پڻ ڪنجهو ڪنجهه واڍوڙڪي مَنهي ياد اچي رهي آهي. اِها ڪنجهو ڪنجه سنڌ ۾ ابدال آباد کان آهي ۽ واڍوڙڪا مَنها اڃان تائين چنگهي چيڪي رهيا آهن ۽ ويڄ ورائي ٻانهن چوري چاڪ نهاريا جي صدا صدين کي چيري، اسان جي ڪننن ۾ گونجي ٿي. شاعري اڇانگ ڏئي صديون ٽپي ويندي آهي ۽ زمان ۽ مڪان جي پابندي نه رهندي آهي. ڪلهه، اڄ ۽ سڀاڻي هڪ ئي سٽ ۾ منجمد ٿي وڃن ٿا ۽ شاعريءَ تي پيغمبريءَ جي مُهر هڻن ٿا.

ساڳي ريت جڏهن فردوسي شاهنامي ۾ چوي ٿو:

زنتقاره آواز آمدبرون

کہ دون است دنيا ئي دون

(نقاري مان آواز آيو ته دون (نيچ) آهي، دون (نيچ) آهي، دنيا دون (نيچ) آهي.)

ته ڄڻ اها سٽ انت ڪال تائين جنگ تي ڦٽڪار وجهي رهي آهي ۽ چئي رهي آهي ته دنيا ڪُڌي ۽ ڪپتي ۽ اجائي آهي.

انگريز شاعره ايڊٿ سِٽِوبل (2) (Edith Sitwell) ۽ وئيلس اسٽيونس (3) به اهڙي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن ۾ رڳو آواز سان جذبات جي عڪاسي ٿئي ٿي.

مان وري بودليئر ڏانهن اچان ٿو، جو مغرب جي جديد شاعريءَ جو باني آهي. ميراجيءَ پنهنجي ڪتاب ديس ديس کي نظمين ۾ هن جي شاعريءَ جو پورو تجزيو نه ڪيو آهي. بودليئر اسان کي شاعر جي من جي آنڌ مانڌ ۽ ٻه- چِتائي ڏني آهي، هن جو سياسي خواب پاش پاش ٿي ويو آهي. هن غيب داني جي دعويٰ ڪئي آهي ۽ ماضيءَ ڏانهن هن جو رَوَيو بدلجي ويو آهي. هُن جو آرٽ جي پورنتا جو آدرش نيارو آهي ۽ حواس جو مونجهارو ۽ الجهاءُ، جو هن جي شاعريءَ مان چشمي وانگر اُٻڙڪا ڏئي رهيو آهي، ان سڀ جو اثر مانٽيل (1) (Montale) ۽ ڊئلان ٿامس (Dylon Thomas) (2) تي به ٿيو ۽ اُنهن نوجوان شاعرن تي به ٿيو، جي پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ لکي رهيا هئا. پر 1857ع کانپوءِ جڏهن گناهه جا گل لکيو ويو، شاعريءَ ۾ ٻه انقلابي تبديليون آيون. بودليئر جي شاعري گهاڙيٽي ۽ شبد ڀنڊار جي لحاظ کان روايتي هُئي. هن جا نثري نظم سنگيت مِئه نثر کان اڳتي نٿا وڃن. جو اڳيئي ڊي ڪُئنسيءَ (3) ۽ ايڊگر ايلن پو (4) پوءِ لکي چُڪا هئا. انگلينڊ ۾ شاعريءَ ۾ اهڙي عبارت جي گهر ڪئي وئي، جيڪا عوامي ٻوليءَ ۽ ڳالهه ٻولهه جي ويجهي هجي.ورڊ سورٿ (5) ان جي حمايت ڪئي، پر اهڙي لکي نه سگهيو. بائرن (6) گهڻو ڪري اهڙي پولي لکي پر اُن جي حمات نه ڪئي. ٽيني سن (7) ۽ آرنولڊ (8) ڀڀڪيدار ۽ فلڪ واري عبارت ڏانهن موٽ کاڌي ۽ برائوننگ (9) جيتوڻيڪ پنهنجي ذريعي اظهار جا طريقا اڳتي وڌائڻ چاهيان ٿي، پر اليزبيتٿ جي دؤر کان وٺي نظمِ معّرا جي هير هنن جي آڏو آئي. پهريون شاعر جنهن روايت جي هيئت، تَرنم ۽ زبان ٽوڙيو، اهو والٽ وٽمئن  (1) هُيو، جنهن جي آزاد رَويءَ پنهنجي همعصر شاعرن کي، بودليئر کانپوءِ سڀني کان وڌيڪ ڪشش ڪئي. وِٽمئن جي مخصوص عبارت هئي:

صدين لاءِ اڳيان مثال اهڙو مواد ڪٺو ڪندا رهيا آهن، جنهن کي دڳ لاتو نه ويو آهي. آمريڪا ماڙا آندا آهن ۽ پنهنجو ڍنگ آندو آهي، ايشيا ۽ يورپ اَمر شاعرن پنهنجو ڪارج ڪيو آهي ۽ ٻي جهان ڏانهن هليا ويا آهن، پر ڪارج اڃان رهيل آهي، جو سڀني  جي ڪاريه کي پٺتي ڇڏي وڃي ٿو.

وِٽمئن کي روشن انڌيرن ۽ تضادن سان نه پوندي هئي ۽ هو انهيءَ تاڃي پيٽي کان بيپرواهه هو جو نه رڳو فرانس جي شاعرن لاءِ مشعل راهه هو، ۽ جنهن جو  1870ع جي جنگ ۾ هٺ ڀڄي پيو هو ۽ يورپ جنهن لاءِ اهو هٺ هيو، جنگين ۽ انقلابن جي تباهيءَ آڏو اچي چُڪو هو. رڳو ويهين صديءَ ولاديمير ماياڪوفسڪي ۽ پيلو نرودا (ٻئي ڪميونسٽ) پيدا ڪيا، جن وٽمئن وانگر پاڻ کي نئين دؤر جو پيغمبر سمجهو.

لافورگ (2) (Lafourgue) ئي هڪ سمجهدار سمجهوتو ڪيو آهي. نه ئي هن ترنم کي خيرباد ڪئي نه قافئي کي، پر هن جو ترنم ڪنهن باقاعدي ترتيب جو حصو نه آهي ۽ ڪنهن وقت رڳو هم آوازيءَ، هم آهنگيءَ ۽ اندروني تجنيس حرفيءَ سان پيدا ڪيو ويو آهي. ان جو مثال ڀؤنر ڀري آڪاس ۾ منهنجو هيٺيون آزاد نظم آهي، جو اڄ کان چاليهارو سال اڳ لکيو ويو هو:

ازل جي پُراسرار آڳ

جلائي پئي ۽ وسائي پئي زندگيءَ جا ڏيئا.

ڏيئا ۽ ڏياٽيون

پيون بدلنديون

مگر لاٽ سان واٽ پئي جرڪندي

سدا جوت کي آهه جاڳ

ازل جي پُراسرار آڳ

جلائي پئي ۽ وسائي پئي زندگيءَ جا ڏيئا.

اهو منهنجو پهريون آزاد نظم هو، ان کان پوءِ مون ڪيئي آزاد نظم لکيا آهن، جن ۾ تجنيس حرفي ۽ هم آوازي انهيءَ نظم کان به زياده آهي. هم آوازي جو اهو نمونو توڙ تائين منهنجي هر آزاد نظم ۾ آهي.

لافورگ هڪ حساس طنزنگار هو، جنهن کي لوڪ گيت، سنگيت، هانڊي جي ٺَڙَ ٺَڙَ ۽ شهر جي بازاريءَ ٻوليءَ لاءِ ڪَن رَس هئي ۽ هن پنهنجن پوين نظمن ۾ تِکي، تيزُ ۽ نڪته پرداز ترنم ريزي پيدا ڪئي هئي. ٽي-ايس ايليٽ پنهنجي مشهور نظم. پروفراڪ (Prufrock) ۾ ان جو تتبع ڪيو هو، فرينچ سرئيلسٽ شاعر گي ليم اپولِي نير(1) (Guillaume Appolinaire) اها ترنم ريزي هن کان سال ٻه اڳ اپنائي هئي. نرودا ۽ ڊئلان ٿامس (Dylon Thomas) تي به هن جو اثر ٿيو. انگريزيءَ ۾ جيرارڊ مئنلي هاپڪنس (2) (Hapkins به ان ترنم ريزيءَ کي ڪجهه اڳتي وڌايو ۽ وڃئين دور ۾ ائنگلو بئنڪن (Anglo Saxan) (Gerad Manley) شاعريءَ جي تجنيس حرفيءَ کي استعمال ڪيو. لافورگ آزاد نظم کي ترنم ڏنو ۽ اُن ۾ مسلسل اشارا ۽ ڪنايا پيدا ڪيا ۽ اُن جو اڌورو زيرو بم هاڻ به ايئن من کي موهي ٿو جيئن ان وقت موهيندو هو، جڏهن اهو لکيو ويو هو. هن جي شاعري ۾ اهو پل ڦاسايو ويو آهي، جنهن ۾ تجربي جي گهرائي آهي، باقي اُن ۾ يا ته يادگيري آهي يا پيشن گوئي آهي.

منهنجي نظر ۾ ٽي شاعر يورپ ۾ وڏي توجهه جا مستحق آهن: ازراپائونڊ (3) ٽي-ايس ايليٽ  (4) ۽ هسپانوي شاعر مائڪل دي يونامنو (5) ٽي- ايس- ايليٽ هر ٻڏتر ۾ آنڌ مانڌ، سوچ ويچار کانپوءِ به آخر ۾ يقين  سان ڳالهائي ٿو، پر يونامُنو ۾ ٻه- چتي ماڻهوءَ جا بي چئن ڪندڙ شڪ شُبها آهن، پر ٻنهي جي مَن والارتصوف (Mysticism) ڪئي آهي.

آنڌ، مانڌ، من جي ڇيد، اُڻ تڻ، اَهنجائي ۽ ستياناسيءَ جو جيڪو دؤر فرانس ۾ بودليئر جي شاعريءَ سان شروع ٿيو، اهو ٻن حصن ۾ ورهائي ٿو سگهجي. پهرين دؤر ۾ اڌ صدي اچي وڃي ٿي، جڏهن ته جديد شاعري فرانس تائين محدود هئي ۽ ٻيو دؤر جو 1908ع سان شروع ٿئي ٿو ۽ ٻين ملڪن جي شاعرن کي به لپيٽ ۾ وٺي ٿو. اُن کانپوءِ جا 84 سال دنيا لاءِ وڌيڪ اهم آهن، آنڌ مانڌ وارو دؤر پهريون فرانس ۾ آيو، ان ڳالهه تي حيرت نٿي اچي. فرانس جو تشدد ۽ نئپولين جي مهم جوئي سبب سياسي زوال آيو هو  ۽ واٽر لوءِ کان پوءِ فرانس جو ٿڪ ۽ هيڻائي سمجهي سگهجي ٿي، هڪ تهذيب ۽ اقتدار ۾ طبقي کي ملياميٽ ڪيو ويو هو. فني ۽ ذوق تي قبضو شهري سماج جي ٿورائي جو ٿي ويو هو، جا ڄڻ دق تپ ۾ مبتلا هئي. آسٽريا ۽ روس ۾ انقلاب جون تياريون ٿي رهيون هيون. انهن جي ساڻي ۽ سُن ۾ آيل سماج جي ڪنهن رهنمائيءَ هيٺ  تبديلي مشڪل ٿي لڳي. فرانس جو زوال  جو اهو به ڪارڻ هو ته فرانس جي صنعت سازيءَ پٺتي رهجي وئي هئي ۽ برٽن، جرمني ۽ يونائيٽڊ اسٽيٽس ان ڏس ۾ ڪافي ترقي ڪري ويا هئا. روس ۾ به انقلاب ان ڪري آيو، ڇو ته  اهو به صنعت سازيءَ ۾ پٺتي رهيل هو، بودليئر جنهن کي پنهنعجي پيشن گوئي تي ناز هو، انهن جنگين ۾ انقلابن جون ڳالهيون ڪري رهيو هو، جي ڪنهن وقت اچانڪ زلزلن وانگر اچڻا هئا. هيگو وان هاف مئنٿل (Hugo Von Hafmansthal) آسٽرو- هنگرين (Astro-Hungarian) سلطنت جي خاتمي جي اڳڪٿي ڪئي. روس ۾ 1905ع جي ناڪامياب انقلاب کان ڏهه سال پوءِ، روسي شاعر الگزانڊر بلاڪ (1) ٻين انقلابين سان گڏ انقلاب جي آجيان ڪئي، جيتوڻيڪ هو ساڳي وقت 1917ع جي شامت کان پوءِ ڊنو هو. انهيءَ ساڳي دؤر ۾ يو- ڪي ۾ ٿامس هارڊي (2) قنوطيت پسند ناول لکيا. بلاڪ به آئيندي ۾ گهٽ اميد ڏيکاري ۽ چيو ته ڪائنات ان وقت بهتر هئي، جڏهن ماڻهو ڌرتيءَ تي پيدا نه ٿيو هو ۽ وري ساڳيءَ حالت ۾ تڏهن ايندي جڏهن ماڻهو اِتان کي ءِ ٿيندو.

بهرحال ڪجهه وقت پوءِ بيٽس (3) (Yeats) جهڙي شاعر به اڳڪٿيون ڪيون ته دنيا جي تباهي اَوس آهي ۽ ٻيهر حڪومتِ الاهي (The Second comming) اچڻ واري آهي. اهو نه وساريو وڃي ته بيٽس ٽئگور جي گيتا نجلي جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو ۽ جيتوڻيڪ ٽئگور بنيادي طرح آشاوادي هو، پر هن جي ڪويتا تي يُگ جي نراشا جا پاڇاوان هئا. ييٽس بلاڪ ۽ هارڊيءَ تاريخ کي سورهيائي ۽ آپدا جو اتهاس سمجهيو. نيٺ 1991ع ۾ گوربچوف هٿ سان يو- ايس- ايس- آر ڊاهي ڇڏي ڇو ته انسان تي سانده پنجهتر سال اهڙي مسلسل شامت اڳ تاريخ ۾ ڪڏهن به نه آئي هئي.

خاص ڪري جيڪا ادب ۽ آرٽ تي شديد سخت ڪئي وئي، اَهڙي ان دؤر ۾ به عام نه هئي، جڏهن ايراني شاعر رودڪيءَ جون اکيون ڪڍايون ويون هيون يا سرمد جو ڪنڌ اَڏيءَ تي ڏنو ويو هو. مختصر طور مون يورپ جي ادب ۽ شاعريءَ جو الميو 1959ع ۾ پڙهيو هو، جڏهن جي- ايم- ڪهان جو ڪتاب اسان جي دؤر جي شاعري شايع ٿيو هو. مان گهڻا تفصيل ٽپي رُڳو اهو ٿو چوان ته مون انهيءَ60  واري ڏهاڪي ۾ ئي ان مايوسيءَ جو ذڪر ڪيو هو، جا انقلاب منهنجي دل ۾ پيدا ڪئي هئي، پر پاڪستاني اشتراڪيت سان ويجهڙائيءَ سبب مون ان کي شڪ سان ڏٺو هو ۽ سامراجي پروپئگنڊا کي امڪان کان خارج نه سمجهيو هو.

ان ۾ ته ڪو به شڪ نه آهي ته جڏهن گهڻي گهٽ ٻوساٽ ٿيندي آهي، ڏمر، ڏاڍ، ڦرلٽ ۽ تاني شاهي وڌي ويندي آهي، جڏهن انساني قدر پائمال ڪيا ويندا آهن، جڏهن رياست جا ذريعا حسن، حق ۽ نيڪيءَ جا کُليل يا ڳجها دشمن هوندا آهن ۽ ڪوڙ عوام تي ايئن مسلَط ڪيو ويندو آهي، جيئن جرمن عوام تي گوئبلز (1) ڪيو هو، جڏهن گوئرنگ (2) جهڙا چور آرٽ تي قبضو ڪندا آهن ۽ هٽلر جهڙا ماليخوليا ۾ مبتلا انسان قوم جون واڳون هٿ ۾ جهليندا آهن ۽ جڏهن هر من هِيس ۽ هِملر جهڙا عقيدتمند آمريت جا هٿيار ٿي ڪم ايندا آهن، تڏهن شاعرن کي پنهنجي دؤر تي ايتري ڪاوڙ ايندي آهي جو هو شاعريءَ کي انسان جي نجات جو ذريعو ڪري ڪم آڻيندا آهن ۽ شاعري مقصد باالذات نه رهندي آهي. ان ڪري مان يورپ جي عظيم شاعرن اِسٽيفن جارج Stephan (George 1868ع کان 1933ع تائين) رلڪي (Rilke1875ع کان 1926ع تائين) (3) ۽ پال وئليري (Paul Valery 1844ع کان 1896ع تائين)، انهن يورپ جي ٽنهي عظيم شاعرن کي ۽ اسپين جي ان دؤر جي شاعرن جمنيز (Jimnez) ۽ ان جا ٻيا ڪيترائي ذڪر جي قابل همعصر شاعر ڇڏي ۽ ٽي- ايس- اليٽ جي Waste Land وغيره کي اورانگهي اچان ٿو، يورپ ۾ تشدد جي دؤر ۽ نازي ۾ ازم ۽  فاشزم جي اڀار کان پوءِ يورپ ۾ مزاحمتي شاعريءَ تي، ڇو ته اڄ ڪلهه گهڻو ڪري سنڌي شاعري مزاحمتي شاعري آهي:

يورپ ۾ اِن اُڀار کان اڳ ۾ روس ۾ انقلاب جي شاعري اُن دؤر لاءِ ڪافي اتساهيندڙ هئي. مايا ڪوفسڪيءَ چيو هو:

تون اهو ڪيئن سمجهي سگهندين

ته مان ايتري آرام سان

وِڄ تي ٿو کِلي سگهان!

۽ پنهنجو روح خونچي ۾ کڻي ٿو اچان

وهامندڙ ورهين جي جُڃ لاءِ،

۽ (اچان ٿو) پنهنجا اڪيارٿا

لڙڪ ڦوهاري وانگر وهائي، ک

چوواٽن (1) جي اڻ- ڪوڙيل ڳلن تي،

مان

شايد

پويون شاعر آهيان.

ساڳي خوداعتماديءَ  سان ماياڪوفسڪيءَ ٻي هنڌ چيو:

جيڪڏهن مان ايترو ننڍو هجان

جيترو وڏو سمنڊ آهي،

ته مان لهرن تي پٻن مٿان کڙو ٿي بيهان

۽ چنڊ کي پنهنجي جوار ڀاٽا سان

لاڏ ڪوڏ ڪرايان،

تون مون لاءِ

منهنجي لائق

محبوبا ڪٿان آڻيندين؟

اهو هو شاعر جي پنهنجي دماغ جو حلل (Paranoi)، جنهن  هن کي انقلاب لاءِ زار شاهيءَ، فاشزم ۽ نازي اِزم سان ٽڪرايو. ساڳي ماليخوليا اوهان کي جوش مليح آباديءَ ۾ ملندي، جنهن کي نهرو ته وڏو ماڻهو سمجهندو هو، پر جنهن جي لاف زنيءَ تي انگريز سرڪار ڪوئي ڌيان نه ڏنو. جڏهن فيض جو غزل اقبال بانو ڳائي ٿي:

 

هم ديکهين گلآ هم دکهين گلآ

ته انهن ڪميونسٽ شاعرن جا خواب پيرن وٽ ڪِرچيون ڪِرچيون ٿي پکڙجي وڃن ٿا، ڇو ته هاڻي جيڪي اان بين الاقوامي سياست ۾ ڏِٺو آهي، اُهو غالب جي غزل وانگر اطلاع آهي:

اﻵ تازه واردارن بساطِ هوائلآ دل

زنهار گر تمنين هَوَسِ ناوونوش هلآ

(اي من ۾ اِڇا جي وڇاڻي تي ويجهڙائيءَ ۾ پهتل پانڌيو! متان وڌيڪ کيپ لاءِ پاڻ کوهيو!)

ماياڪوفسڪيءَ خود به ان لاءِ چيو هو:

سِلهه-وَتل اُتساهه

جنهن کي پوسٽر جو (ڀت تي چپڪائڻ وقت)

کَهرو آواز آهي.

پر پوءِ به انقلاب جو نشو هن تان لهي نٿي لٿو:

 

جڏهن دل ڪائي سٽ لکائي ٿِي

ته اُها ڄڻ هڪ غلام اسٽيج تي موڪلي ٿِي

۽ آرٽ جو خاتمو ٿي وڃي ٿو ۽ اچي ٿيِ

ڌرتيءَ ۽ تقدير جي خوشبو.

يو-ايس- ايس- آر ۾ انهيءَ ڌرتي  ۽ تقدير جي خوشبوءِ گذريل پنجهتر سالن ۾ شاعريءَ کي نِهوڙي نيو. جي ڀٽائي، نادر شاهه جي خلاف وڙهندي ماريو وڃي ها ته اسان کي هن جا هڏا به نه ملن ها. ڀٽ تي ويهي، سنڌ ۾ ساري ڪائنات جي باري ۾ ڀٽائي جي اها سوچ ۽ ويچار ئي هو، جنهن اهڙي امر شاعري خلقي جا اسان کي اڃان اُتسهاي رهي آهي. مون ليونارڊو ڊاونسيءَ جي ڊائرين ۾ هڪ هنڌ چار صفحا سامونڊي حياتي تي پڙهيا هئا، جي هن مڇين جي هلت چلت جي باري ۾ لکيا هئا ۽ چار سٽون ان حاڪم جي باري ۾ لکيون هيون. جو اُن ڏينهن  ماريو ويو هو ۽ جنهن جي سورنهن سالن کان ليونارڊرو ملازمت ڪئي هئي. ساڳي طرح امير خسرو اٺن سلطانن جي ملازمت ڪئي ۽ اٺَ ئي ماريا ويا. انهن مان رڳو هن سلطان محمد تي هڪ وقت انگيز مرثيو لکيو هو، جنهن سان هن جي دلي وابستگي هئي ۽ جنهن سان گڏجي هو انهيءَ جنگ ۾ وڙهيو هو، جنهن ۾ سلطان محمد شهيد ٿيو هو. هونءَ خسرو سلطان نظام الدينءَ اولياءَ جي خدمت ۾ هوندو هو ۽ سطلنت ۽ آپيشاهيءَ، مان ۽ مرتبي تي لت هنئي هئائين. هڪ شاعر جي جهوليءَ ۾ ساري ڪائنات آهي ۽ اُها هن جي حماقت ٿيندي جو هو ڪنهن پارٽي يا فرد جي ڪڍ لڳي، جنهن کي فقط پنهنجي پذيرائيءَ ۽ اقتدار جو هَوس آهي، پر عوام جي ساراهه، واهه واهه ۽ سو بوتلن جي نشي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪاوڙ ۾ پاڻ کي ناس ڪرڻ يا ويريءَ کي ناس ڪرڻ جو جذبو، شاعر کي اُنهيءَ مزاحمت جي جَهنم ۾ ڌڪي ٿو، جتي هن جي شاعري جلي رک ٿي وڃي ٿي ۽ هو انهيءَ هُش ۾ خوش آهي ته  هن ڀَڀڙ ٻاريو آهي. در اصل شاعري، جي اها واقعي شاعري آهي يا اهو آرٽ، جي واقعي آرٽ آهي ته زماني جي تباهه ڪارين جو بخوبيءَ مقابلو ڪري ويندو ۽ جڏهن شاعر جي شاعريءَ جو آتش ۽ آهن وارو دؤر گذري ويندو. تڏهن هن جو فن پنهنجي پوريءَ تابندگيءَ سان اڀري ويندو.

ڇا غالب جي غدر ۾ وڙهندي مري ها ته هاڻي کان وڏو شاعر هجي ها؟ انسان ذات لاءِ اها ئي ڳالهه غنيمت آهي ته هو هو ان کي ديوان غالب ڏئي ويو. بهادر شاهه ظفر جي پُتن جو گردنون خاڪ ۾ ملي ويون، اُنهن جو نالو نشان نه آهي، اهي سپاهي جي ميرٺ مان دلي فتح ڪرڻ نڪتا هئا، اُنهن جي مٽيءَ کي هوائون اُڏائي ويون ۽ گهٽائن ڌوئي ڇڏيو. تاريخ اڳتي نڪري آئي، آزاديءَ جي فانوسي تي ڪيئي پروانا جلي ويا، اِها  جدوجهد جائز به هئي ۽ هر ماڻهوءَ کي جنهن تي قوم جو قرض هو ان ۾ ٽپي پوڻو هو، پر جي غالب به ان ۾ ٽپي پوي ها ته  هن جي ڪري انگريزن مان آزادي ملي ها ڇا؟ رڳو دنيا ديوانِ غالب کان  وانجهي هُجي ها. اها ڳالهه توجهه جي قابل آهي ته ظفر جي پٽن جي شهادت ۽ ظفر جي رنگون ۾ قيد ۽ موت تي غالب ڪو به مرثيو ڪو نه لکيو هو. غالب زندگيءَ ۽ قوم جو قرض ان کي پنهنجو پاينده آرٽ ڏئي موکيو.

پر مان اوهان تي اُهو مسلَط نٿو ڪيان ته اوهان مزاحمتي شاعري نه ڪيو؛ جي اوهان پنهنجا هَڏ انهيءَ دونهين دُکائڻ لاءِ ضروري ٿا سمجهو جا اوهان جي ديس کي گهرجي ته اها اوهان جي مرضي، جي اوهان کي پنهنجيءَ زندگيءَ سان گڏ پنهنجي شاعريءَ کي به ٽئنڪ جي ناليءَ جو کاڄ ڪرڻو آهي ته ڪوئي ڇا  ٿو چئي سگهي! ممڪن آهي اها مزاحمت ڪندي اوهان بچي وڃو ته اوهان جي شاعري باهه جي لهس کائي ڪندن ٿي نڪري، پر شاعر يا آرٽسٽ لاءِ اها وابستگي ضروري نه آهي.مائيڪل اينجلو (1)۽ ريفل (2) دنيا کي زنده جاويد آرٽ ڏئي سگهيا، پر هنن ڪنهن به اقتدار ۾ قوت سان ٽڪر نه کاڌو. ريپن (Repin) جو روس جي هڪ پارٽيءَ سان واڳيل هو، اُنهن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه به نه آهي. هسپانوي مصور گويا (Goya) (3) ۾ عظيم مصوري به ۽ پنهنجي سماج تي طنز به هئي، جيتوڻيڪ مان نٿو ڀانيان ته هسپانوي حڪومت هن سان وچڙي هئي. گوئٽي (4) شيڪسپيئر ۽ پشڪن جو ڪنهن به حاڪم يا ناظم سان واسطو نه هيو. اٽليءَ جو عظيم شاعر ليوپارڊي، گئريبالڊيءَ جو يار به هو ۽ قومي تحريڪ ۾ به سرگرم هو، شيلي، بائرن لرمنتوف (5) جي رومانيت حسن ۽ حق سان واڳيل ته هئي، پر اهي ڪنهن به سياسي تنظيم سان نه هئا. سارتر ۽ سمون دي  بوار (6) جيڪي  وجودي چناوَ جي فلسفي جا وڏا ٿنڀا، ٿوڻيون هئا، ڪميونسٽ پارٽيءَ  جا حمايتي هئا، جي آسمان ۾ ڪاميو (7)هنن سان ۾ گڏبو هوندو ته هنن کي پريان سلام ڪندو ويندو هوندو ۽ چوندو هو:

آخر اِهو وجودي چُناءُ ڪوڙهه لاءِ ئي ته هو

پنهنجي وجود جي ستياناسيءَ لاءِ ئي ته هو.

شولو خوف (1) جي روسي نثرکي امرتا آهي، پر هن جي نقطه نگاه تاريخ واهيات ثابت ڪئي آهي. ڇا ڪروڙين ڪسان ان لاءِ ڪوس ڪرايا ويا هئا ته هڪ خوني اشتراڪي نظام قائم ڪيو وڃي؟ ووزني سينيسڪي (2) ۽  ايوتوشينڪو (3)ڪميونسٽ پارٽيءَ جا جميل الدين عالي ۽ احمد نديم قاسمي آهن ۽ هو سرڪار تي ٿوري تنقيد ڪندي به اشتراڪي نقطِئه نگاهه جا حامي آهن.

آندري مالرو پهرين اسپين ۾ مزاحمتي تحريڪ ۾ شامل هو، چين ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ سان گڏ هو، نازي والار جي خلاف ڊيگال سان گڏ مزاحمت ۾ شريڪ هو ۽ جڏهن ڊيگلال اقتدار ۾ آيو ته هن جو ڪلچر منسٽر هو. ريگي ڊيبري (Regis Debre) چي گويرا سان يوليوِيا ۾ شامل هو يا نه پر هن کي ان الزام هيٺ يوليوِيا جي سرڪار ويهه سال ٽيپ ڏني هئي، جا فرينچ سرڪار جي دخل ڪري گهٽائي ڇهه ست سال ڪئي وئي. رهائيءَ کان پوءِ هن جيڪو ناول لکيو، ان ۾ هُن چي گويرا جي مهم کي اجايو ثابت ڪيو.

ڪنهن شاعر لاءِ حڪم صادر نٿو ڪري سگهجي ته هيئن ڪري يا هونءَ ڪري، پر ايڏين جنگين ۽ خونريزين جي باوجود جي ڪنهن شيءِ انسان کي بچايو آهي ته اُهو آرٽ ۽ ادب آهي. سنڌ اڳ به ڀٽائي جي شاعريءَ  ڪري بچي وئي ۽ هاڻي به ان جون ادبي تخليقون ان جي ثقافتي پابندگيءَ جي ضمانت آهن. سنڌ جا ڪجهه نقاد منهنجي اڳين مزاحمتي شاعري منهنجي خلاف مثال ڪري پيش ٿا ڪن.

هو اهو نٿا سمجهن ته اُن وقت يو- ايس- ايس- آر آمريڪا جي مقابلي جهڙي قوت هئي ۽ اهي حقيقتون يقين سان منظر عام تي نه آيون هُيون ته اُها هڪ وحشي ۽ درندگي تي ٻڌل نظم تي هلي رهي آهي ۽ دنيا جي بدترين آمريت آهي، جنهن کي ڏسي جنرل فرانڪو ۽ صدر پنوشي به ڪَن پڪڙن ها.يو- ايس-ايس- آر ۾ خاص ڪري آرٽ ۽ ادب جي ستياناسي تڏهن ظاهر ٿي، جڏهن 88ع ۽ 89ع ۾ ڪجهه تصويرون، شعر ۽ ناول سوويٽ ادب رسالي ۾ ڇاپيا ويا جي اڳ بندش هيٺ ها. ذاتي طرح هتان جا ڪميونسٽ منهنجا دوست آهن پر ڪنهن ڪنهن ڪميونسٽ ۾، اڄ به جڏهن هو اقتدار ۾ نه آهي، مان رهزئيءَ ۽ بي رحميءَ، ڇَل، ڊوههَ ۽ ٺڳيءَ جون نشانيون ڏسي چُڪو آهيان، جا هن مان تڏهن ظاهر ظهور پڌري ٿيندي جڏهن ۽ جيڪڏهن هو ڪنهن وقت اقتدار ۾ آيو. ان جي برعڪس فيض احمد فيض ڪميونسٽ هو پر ذاتي طور شريف ماڻهو هو نه ته پاڪستان ۾ ڪجهه ڪميونسٽ ته کاکڙ کوکڙ ماڻهو آهن، جي ذاتي زندگيءَ ۾ مَرُ ۽ ٻُهرَ آهن ۽ هنن جو اندر ٻاهر ميرو کُچيرو ۽ ڌوڙِ ڀَڪليو آهي. چوئيتاليهن سالن کان هو بي مهت رهيا آهن  ۽ ڀت سان مٿو هڻندا رهيا آهن. هيل تائين هنن جي زندگي وئرٿ وئي آهي ۽ هاڻي دير ٿي وئي آهي، جو هو نڪتهءِ نظر بدلائي سگهن. گهڙامنجي ٽٽي پوندي آهي ته گهڙا ڇيهون ڇيهون ٿي ويندا آهن.

مان چاهيان ٿو ته سنڌ ماضيءَ جو نظرياتي طوق لاهي، پنهنجي راهه تلاش ڪري ته اُن ۾  اُن جي نجات آهي، پر جي ان کي پراڻا پيڪڙا پيا هوندا ته اها سڌو دڳ وٺي نه سگهندي، اهي پيڪڙا ته اشتراڪي دنيا جي اڪثريتي حصي لاهي ڇڏيا آهن. اسان ڇو انهن کي پيرن ۾ وجهي پير ڪڙيءَ جي چاٻي پري اڇلائي ڇڏي آهي؟ هندستاني ڪميونسٽن کي ايئن ڪرڻ لاءِ ڪجهه ته جواز آهي، ڇو ته ڪيرالا ۽ اولهه بنگال ۾ ڪميونسٽ حڪومت آهي، جا هنن جمهوري چونڊ جي ذريعي ورتي آهي ۽ لوڪ سڀا ۾ هنن جا ڪافي چونڊيل ميمبر آهن. اُتي به ان ڳالهه تي سوچ ويچار ٿي رهيو آهي ته ڪميونزم جو نظريو ڪيتري حد تائين اپنائي ٿو سگهجي. پاڪستان جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اڳين سيڪريٽري جنرل ڄام ساقيءَ ته تصوف کي اپنايو آهي ۽ صوفين جي درگاهُن تي حاضريءَ جو پروگرام ٺاهيو آهي. در اصل جمهوريت جو صحيح بنياد به اهو آهي، جيڪو صوفي چون ٿا يعني:

الله آدمي بن آيا

(Man is born  in the Image of the divine)

۽ ان طرح انسان جي برابري تسليم ڪئي وئي آهي، جا ڳالهه ئي جمهوريت جي جَڙ آهي. اِها ڳالهه نه رڳو جي- ايم- سيد چوندو آيو آهي پر آءٌ به چوندو آيو آهيان. مير ٿيٻو جو نرم مزاج ۽ شريف النفس دانشور آهي، اُهو يو- ايس-ايس- آر جي تالان والان ٿيڻ مان ڪافي سبق سکيو آهي. منهنجو هڪ ٻيو پراڻو دوست، جنهن کي کوٽي ڏسجي ته گانڌي وادي آهي ۽ ٻاهران ڏِکُ چيڪا (Checka) (1) جي چيف زرزينسڪيءَ جهڙي ڏيندو آهي، اهو ٻڌتر، مونجهاري ۽ گومگو واريءَ ڪيفيت ۾ آهي ۽ ان لاءِ ڀڄ ڊوڙ ڪري رهيو آهي ته پراڻا ساٿي ڪنهن ڇپر ڇني هيٺان ڪَٺا ڪري، جيئن اهي ريلي ۾ وهي نه وڃن. هو هڪ بنيادي حقيقت سمجهي نه سگهيو آهي. ٻڏل ٻيڙيءَ جي اڏيري لال ٿيڻ بدران نئين ٻيڙيءَ ڇو نه ٺاهجي. تيستائين صبر ڇو نه ڪجي، جيستائين اسان حالات جو صحيح تجويز ڪري سگهون ۽ سمجهي سگهون ته ڇا ٿي رهيو آهي ۽ ڇا ڪرڻ گهرجي. پر اُن کانپوءِ به شاعر آزاد آهي، هن کي وڻي ته سياست جو دُمُ ڇُلو ٿئي يا نه، ڪنهن جو فريق ٿئي يا پنهنجي آرٽ جي دنيا وسائي ۽ سياسي ڪاروبار ۽ اُن تي عرق ريزيءَ کي سياست لاءِ ڇڏي ڏئي. پنهنجي ڪاوڙ کي پنهنجي فن ۾ بدلائي، سارا ڏينهن وان گوگ وانگر جاکوڙ ڪري ته هو سورج  مُکيءَ جي گل ۾ اها قوت ڏسي سگهي، جا انسان جي نظر کان بعيد هن ڪائنات ۾ بجليءَ جيئن ڊوڙي رهي آهي ۽ پنهنجي فن سان صدين کي سورج مُکيءَ جي گيت وانگر گونجائي ڇڏي.

هاڻي اچان ٿو مان ٻي جنگ عظيم ۽ اُن کانپوءِ جي مزاحمتي شاعريءَ تي. ٽيهين ڏهاڪي ۾ فاشي آمريت ويمر ريپبلڪ جي مرڻ ڪنڌيءَ ۽ تٿان  پَٿان ادب کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ اشتراڪي آمريت (جنهن ۾ ۽ فاشزم ۾ ايم-اين- راءِ ڪو به فرق نه سمجهندو هو ۽ تاريخ هن جي سوچ کي صحيح ثابت ڪيو آهي) روسي اديبن جي اها آزادي به کسي ورتي جا هنن کي لينن جي دؤر ۾ ڪي قدر نصيب هئي. ماياڪوفسڪيءَ وانگر، جنهن جي ذهانت جَهل نٿي ڏني، اُن کي پارٽيءَ جا اُهي سربراهه برداشت نٿي ڪري سگهيا، اشاعت گهرن جون واڳون جن جي وس ۾ هيون ۽ جي ثقافتي پاليسي ٺاهيندا هئا. ها، پاسترناڪ تي مارڪسواد جو ڪو به اثر ڪو نه هو ۽ هو فقط روسي رياست کان پاسيرو رهي، پنهنجي ڪم ۾ مصروف هو.

جمهوري مُلڪن ۾ ڊنل عوامي عيوضي به حماقتون ڪري ويٺا ۽ جيمس جئائس (James Joyce) (1) جي ناول يورسي سيز (UIysses) ۽ ڊي- ايڇ- لارينس (2) جي ناول ليڊي چيٽرلي جي عاشق(Lady Chatterley,s lover)) تي بندش وڌائون، جيتوڻيڪ اتي دانشورن جي آزاديءَ تي حملو جٽاءُ ڪري نه سگهيو، پر اسپين ۾ جتي جمهوريت فرينچ انقلاب کان پوءِ، پهريون ڀيرو ادب کي پالي پوسي رهي هئي، اُتي  ٻاهرينءَ مدد سان فاشزم اقتدار ۾  اچي اديبن جي نڙگهٽ تي ننهن ڏيڻ لڳي جيئن نتيجي ۾ يا اديب خاموش ٿي وڃن ۽ پنهنجي اظهار جي آزادي وڃائي ويهن يا اسپين جي جي ريپبلڪ جي شرط شروط کان سواءِ حمايت ڪَن (ساڳي خاموشي مون نه ڪئي هئي، جڏهن ڀؤنر ڀري آڪاس، جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي، ۽ ڪلهو پاتم ڪينرو تي مغربي پاڪستان جي حڪومت بندش وڌي هئي.)

يورپ جي ڪيترن ئي اهم اديبن کي اسپين جو الڪو ٿي پيو هو. اسپين جي جنگ جا اشارا ۽ ان مان نڪتل انومان، اديبن تي اهڙي ريت هئا، جو کين ٿوري وقت کانپوءِ ٻي جنگ عظيم جا ادب لاءِ اَپسوڻ ۽ اگرا نتيجا چٽا نظر آيا هئا. جنرلن جي سازش اسپين تي اُن وقت آفت وانگر نازل ٿي. جنهن وقت اسپين جي شاعري سترنهينءَ صديءَ کان پوءِ پنهنجي چوٽَ تي رسي چُڪي  هئي (جيئن سنڌ ۾ ٿي) ميڪاڊو (Machado)، جمنيز (Jimnez)، گيولين (Guillen) (1) ۽ اليڪزانڊر نئين ٽهيءَ جا هئا، پر اسپين جي شاعرن ۾ سڀني کان اهم لورڪا ۾ ريفل آلبر ٽي (2) هئا. ٻيا به پنج ڇهه نام- ڪٺيا شاعر هئا، جن کي ريپبلڪ جي شڪست کان پوءِ اسپين ڇڏڻي پئي. فرانڪو ان ڌرتيءَ تي پنهنجي هوائي جهاز مان لٿو، جنهن تي رنگا رنگ گِل ٽڙيل هئا. جڏهن هُن اسپين فتح ڪئي ته ڪجهه اديب، جي اڃان اُتي رهيل هئا، اُنهن تي خاموشي مسلَط ڪئي وئي، باقي ٻيا اديب يا ته، ماريا  ويا هئا يا قيد ڪيا ويا هئا يا يونائيٽڊ اِسٽيٽس، ميڪسيڪو، آرجنٽينا يا برٽن ڀڄي ويا هئا.

رجعت جي قوتن پهرين لورڪا  کي ڪُٺو (جيئن ننڍي کنڊ ۾ داراشڪوه کي ڪٺو ويو هو) لورڪا سياسي شاعر نه هو. هن جي شاعريءَ تي سياست جو ڪو به پاڇائون نه آهي، پر  هن کي اسپين جي گورنمينٽ ناٽڪ پيش ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو هو، جيتوڻيڪ هن جي تخليقن کي مدَعا ۽ ميلان جو پيچ و تاب هو. هوُ به مزاحمت ڪندڙن شاعرن مان هو، ڇو جو هن جي عوامي تهذيب تي نڪته ءِ نگاه حڪومت کي پسند نه هئي. اندلس جي رڳو هڪ پراچين ڪُنڊ هن لاءِ معنيٰ رکندي هئي، جتي جپسي رهندا هئا ۽ جن پنهنجا گيت ۽ ناچ اڃان زنده رکيا هئا ۽ جي فرانڪو جي سوِل گارِڊ کان مختلف طبيعت جا هئا. سِوِل گارڊ جا روح اهڙا هئا. جهڙا روغني چمڙي مان ٺاهيل جوتا هجن.(منهنجي شاعريءَ ۾ به ٿرين سان ساڳي محبت آهي ۽ منهنجا مخالف سردار علي شاه، رشيد احمد لاشاري ۽ شيخ راز وغيره به ڄڻ پاڪستاني سول گارڊ هئا). جڏهن لورڪا ڪجهه وقت لاءِ آمريڪا ويو هو، تڏهن هن کان نيويارڪ جا نيگرو به جپسين وانگر لڳا هئا. لورڪا جي شاعريءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ ذڪر موت ۽ چنڊ جو هو. هن جي طلسماتي شاعريءَ کي غرناطه جي خانه بدوشن جي گيتن ۽ ناچن اُتساهه ڏنو. ڪنهن هنڌ هن لکيو آهي:

اسپين ئي اهـڙو ملڪ آهي، جتي موت قومي تماشو آهي ۽  ڏاندَ- ويڙهه ۾ موت کي ان خاصيت جو ڀَلي ۾ ڀلو ڏيکاءُ ملي ٿو. ڏاند کي پنهنجو دائرو آهي ۽ ويڙهوءَ کي پنهنجو، ٻنهي دائرن جي وچ ۾ خطري جي نشاني آهي. جا هنن جي ننڍي ناٽڪ جو ڇيهه آهي.

آلبرٽي وڏو دانشور شاعر آهي ۽ لورڪا وانگر لوڪ گيت جي روايت هن ۾ جان ڦوڪي هئي. هن جي اشاريت  به هن جي دؤر ۾ اقتدار سان پنجو اڙائڻ کان نه رهي:

بهشت ڏانهن ڪهڙو دڳ آهي؟ سوال کان پوءِ خاموشي ڇائنجي وڃي ٿي. شهر لاجواب، نديون بي زبان، بي پهاڙي چوٽيون جن ۾ پڙاڏو نه آهي، سمنڊ گونگا ٿي ويا آهن. ڪنهن کي پتو نه آهي. ماڻهو ڄَمي اَچُر آهن ۽ پنهنجن بُٺين جي مُنهن وٽ بيٺا آهن ۽ مون کي ڪو نه ٿا سڃاڻن.

آلبرٽيءَ جي تصّور ۾ ڪٿي ڪٿي پاسترناڪ جي تازگي ملي ٿي. هن پنهنجي روسي همعصر وانگر ڪاري کي ڪارو ڪوٺيو، اَڇي کي اَڇو ۽ ان ۾ ڪائي مين ميک نه رکِي. آلبرٽيءَ محسوس ڪيو ته تباهي اچي رهي هئي ۽ هن جي شاعريءَ ۾ مايوسيءَ ۽ لاچاريءَ جا پڙاڏا ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. دنيا پنهنجي بحران ڏانهن وڌي رهي هئي ۽ هن ڀانيو ٿي ته ڌرتي تباهه ٿي ويندي پر پوءِ به هن اُميد جي پلئه کي پڪڙي رکيو آهي، اهو تاريخ مان سبق سکيو آهي ته جنهن پل ۾ آءٌ رهان ٿو اهو نامڪمل هوندي به ماضيءَ کان وڌيڪ  پيارو ۽ خوبصورت آهي ۽ خاص ڪري ان ئي سبب ڪري اُن جي تباهي اُن جي پٺيان آهي، فاشزم جي دؤر ۾ شاعريءَ ۾ مزاحمت ايتري ئي ڪافي هئي، پر پوءِ به هن ڪيئي رزميه نظم لکيا ۽ ان کان پوءِ ميڪسيڪو ۽ ويسٽ انڊيز هليو ويو. (مئڊرڊ جي گهيراوَ وقت هن ڪجهه ننڍا نظم لکيا هئا، جنهن ۾ هن جمهوريت پسندن تي ڏاڍو ترس کاڌو هو، جي ڪيڙن ماڪوڙن وانگر ماريا ٿي ويا.) مايا ڪوفسڪيءَ وانگر هن ڄاتو ٿي ته سفر ۾ جتي ڪٿي غريب جي امير هٿان لوٽ کسوٽ ڏسندو. پهرينءَ جلاوطنيءَ جي تلخيءَ کانپوءِ هن جي طبيعت تي سانت ۽ اداسائي ڇانئجي وئي. ٻي ڀيري ته هن تي وڏي شهر جو اجاڙيڻو، خاص ڪري بيونس ايئرس (Buenos Aires)(1)جو هن جي اندر ۾ گهر ڪري ويو، پر پوءِ هن اها تهذيب ياد ڪئي هئي جا هو پٺتي ڇڏي آيو هو ۽ جنهن کي تباهيءَ جون قوتَون وڪوڙي  ويون هيون. ان ڪري هن جي شاعريءَ ۾ ڪافي گهرائي ۽ گيرائي آئي ۽ اهو شاعر جنهن اڳ ۾ اُٻهرائيءَ ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو ساٿ ڏنو هو، تاريخ جي ترتيب ۽ ترڪيب جو چڱيءَ طرح تجزيو ڪري سگهيو. هو پاسترناڪ ۽ چليءَ جي نرودا وانگر پنهنجي دؤر جو اهم شاعر هو.


(2)   ايڊٿ سِٽويل (1887ع کان 1964ع تائين): انگريز ساعر ۽ اديبا.

(3)  وئليس اسٽيونس (1879ع کان 1955ع تائين): آمريڪي شاعر.

(1)  مانيٽل (1896ع کان 1981ع تئاين): ويهين صديءَ جو وڏي ۾ وڏو اطالوي شاعر، جنهن کي 1971ع ۾ ادب لاءِ نوبل پرائيز ملي.

(2)  ڊئلان ٿامس (1914ع کان 1953ع تائين): ويلس ۾ ڄايل شاعر ۽ نثر نويس

(3) ڊي ڪُئنسي ٿامس: انگريزي ٻولي؟ءَ جو نثر نويس، جنهن جو مشهور ڪتاب آفيمي جا باس(Confessin of an opium eative) آهي. (1785ع کان  1759ع تائين)

 

(4)  ايڊ گرالن پو، آمريڪي مشهور شاعر نقاد ۽ ڪهاڻينويس (1809ع کان 1859ع تائين)

(5)  ورڊ سِوَرٿ- وليم:انگريزيءَ جو مشهور شاعر (1770ع کان1850ع تائين)

(7)  ٽيني سن، آلفريد: انگريزيءَ جو مشهور شاعر (1809ع کان 1892ع تائين)

(8)  آرنولڊ، ميٿيو: انگريزي شاعر ۽ نقاد (1822ع کان 1888ع تائين)

(9)  برائوننگ، رابرٽ: انگريزي شاعر (1812ع کان 1889ع تائين)

(1)  والٽ وِٽئمن: آمريڪي شاعر (1819ع کان 1892ع تائين)

(2)  لافورگ جوليس: (1860ع کان 1887ع تائين) فرينچ شاعر ۽ نثر نويس.

(1)  اپالونيئر (1880ع کان 1918ع تائين) فرينچ شاعر جو پول- اطالوي نسل جو هو.

(2)  هاپڪنس: (1844ع کان 1889ع تائين) انگريزي شاعر

(3) ازراپائونڊ: (1885ع کان 1972ع تائين) آمريڪا جو شاعر ۽ نقاد.

(4)  ٽي- ايسٽ ايلٽ: (1888ع کان 1965ع تائين) آمريڪي شاعر جو ميسوريءَ

(5)  مائيڪل دي يونامنو: (Miquel the unamuno) اسپين جو نويس شاعر ۽ مضمون نگار (1964ع کان 1936ع تائين).

(1)  اليگزانڊر بلاڪ (1880ع کان 1928ع تائين) سڀني روسي رمزيت پسندن کان اهم روسي شاعر.

(2)  ٿامس هارڊي: (1840ع کان 1928ع تائين) انگريز ناول نوپيس ۽ شاعر.

(3)  - ييٽس (William butler Yeates): آئرلينڊ جو شاعر. ناٽڪ نويس، نقاد ۽ ٽئگور جي گيتانجليءَ جو مترجم، 20 صديءَ جو هڪ وڏو قوم پرست (1865ع کان 1939ع تائين)

(1)  گوئبلز: هلٽر جو اطلاعات جو وزير.

(2)  گوئرنگ: هلٽر جو ثقافتي امور جو وزير.

(3)  گني سامتاڻيءَ مون کي بمبئيءَ ۾ ٻڌايو هو ته هن جي نالي جو اچار رِلڪي نه پر رِلڪِ آهي.

(1)  اڻ ڪوڙيل ڳلن تي: جتي ٻوڙا ۽ گل بيٺا هجن.

(1)  مائيڪل اينجيلو (1475ع کان 1564ع تائين): اطالوي صنم ساز، مصُور، معمار، ڊرافٽس مئن (Draufts Man) ۽ شاعر. رينيسانس جي دؤر ۾ يورپجي عظيم شخصيتن مان.

(2)  ريفل (1746ع کان 1828ع تائين): اطالوي مصور ۽ معمار، جنهن جون تخليقون رينيسانس جي دؤر جي زينت آهن.

(3)  گويا (1846ع کان 1828ع تائين): هسپانوي مصور ۽ عين بين تصوير ڪڍندڙ.

(4)  گوئٽي (1746ع کان 1832ع تائين): المانوي شاعر، ناول نويس، ڊرامانگار ۽ فطري فلسفي، اوّل درجي جو اديب.

(5)  لرمنتوف (1814ع کان 1841ع تائين): روسي رومانيت پسند شاعر جو ڪوه قاف ۾ مقابلو ڪندي ماريو ويو هو.

(6)  سمون دي بوار (1908ع کان 1986ع تائين): سارتري جي ري نڪاحي زال، ناول نگار، يورپ جي مشهور اديبه ۽ نفسيات جي ماهر.

 

(7) ڪاميو (1913ع کان 1960ع تائين): فرينچ ناول نگار. ڊراما نويس، مضمون نگار ۽ صحافي.

(1)  شولوخوف (1905ع کان 1984ع تائين): روس جو مشهور ناول نويس.

(2)  ووزني سينيڪي: روس جو مشهور زنده شاعر.

(3)  ايوتو شينڪو: روس جو مشهور زنده شاعر.

(1)  چيڪا: ڪي جي بيءَ جي پيش رو. روس جي خفيه پوليس.

(1)  جيمس جئائن (1882ع کان 1941ع تائين): آئرلئنڊ جو ناول نيس ۽ شاعر.

(2)  ڊي- ايڇ- لارينس (1885ع کان 1930ع تائين): انگريز ناول نويس، شاعر ۽ نقاد.

(1)  مڪاڊو (1875ع کان1939ع تائين): هسپانوي شاعر.

جمنيز (1821ع کان 1988ع تائين): هسپانوي شاعر.

گيولن (1893ع کان 1984ع تائين): هسپانوي شاعر.

(2)  آلبرٽي ريفل (1902ع کان 1902ع) ۾ ڄائو ۽ اڃا تائين جيئرو آهي): هنساپوي شاعر

 

(1)  بيونس ايئريس: آرجينٽينا جي گادي ۽ مکيه بندر آهي. 1980ع ۾ ان جي آدمشماري ڏهه ملين هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com