سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري

باب: --

صفحو :36

زبور۽ توريت ۾ به تشبيهون ۽ استعارا ڪافي موجود آهن. قرآن پاڪ، جنهن کي مسلمان ديني ۽ دُنيوي علم جو سر چشمو سمجهندا آهن، ان ۾ بيشمار تشبيهون ۽ استعارا آهن. انهن سڀني ۾ نثري شاعريءَ جي خوشبوءِ آهي. (نبي اڪرمﷺ تي الزام هنيو ته هو شاعر آهي، جنهن کان هن انڪار ڪيو هو.) ڪجهه تشبيهون هيٺ ڏجن ٿيون:

۽ جن ماڻهن ڪفر ڪَيو، اُنهن جي عملن جو مثال ايئن آهي، جيئن پَٽ ۾ واري هجي ۽ پياسو اُن کي پاڻي سمجهي. ايستائين جو جڏهن ان کي ويجهو اچي، ته هن کي ڪجهه به نه ملي.

تو اُنهن کي ايئن ڪري ڇڏيو آهي، جهڙو کاڌل ڀوسو.

پوءِ جڏهن آسمان ڦاٽِي تيل جي تري وانگر گُلابي ٿي ويندو هجي.

ڄڻ ته هو (نظر جهُڪائي رکندڙ حُورن) ياقوت ۽ مرجان آهن.

خُدا آسمانن ۽ زمينن جو نور آهي. اُن نور جو مثال ايئن آهي ڄڻ هڪ طاق آهي، جنهن ۾ چراغ آهي ۽ چراغ هڪ قنديل ۾ آهي ۽ قنديل (ايترو صاف شفاف آهي جو) ڄڻ سون جو چمڪندڙ تارو آهي. ان ۾ هڪ مبارڪ درختَ زيتون جو تيل جلايو وڃي ٿو، جو نه مشرق جي طرف آهي نه مغرب جي طرف.

۽ چنڊ جون به اسان منزلون مقرر ڪيون آهن، ايستائين جو هو (گهٽجي گهٽجي) کجور جي پراڻيءَ شاخ وانگر ٿي وڃي ٿو.

۽ پهاڙ (انهيءَ ڏينهن) پڃيل پشم وانگر ٿي ويندا.

قرآن مجيد ۾ ڪيئي تشبيهون آهن پر مان مٿين ڪجهه تشبيهن تي اِڪتفا ٿو ڪيان.

افلاطون ۽ ارسطوءَ جون ڪيئي سٽون نثري شاعري وانگر آهن. ارسطوءَ ته تشبيهه ۽ استعاري تي تفصيل سان بحث ڪيو آهي. يونان ۾ ڪيئي جادو بيان شاعر ٿيا پر شاعري تيستائين پابند شاعريءَ جو روپ وٺي چُڪي هئي. هومر، سنفو وغيره وانگر ڪيئي مثال آهن. سئفو جا تهوهانءَ جا گيت مشهور آهن.

روم ۾ سِسَرو، هوريس، وَرجل وغيره جي پابند شاعري آهي. انگلستان جي قديم انئگلو سئڪسن شاعريءَ ۾ تشبيهه ۽ استعاري جي هڪ مطلب کي بار بار  بيان ڪيو ويو آهي.

ان کان گهڻو اڳي ٻوڌي ڪتاب (جنهن جو سنڌي ترجمو ڌمپد، منهنجيءَ نظر مان گذريو آهي) ۾ اهڙيون خوبصورت تشبيهون آهن، جهڙيون مون ڪِٿي نه پڙهيون آهن. اهو ڪتاب پراڪرت ۾ آهي جا عوام جي زبان هئي. سنسڪرت، جنهن ۾ ويد لکيا ويا ها، اُن ۾ ديو واڻي چيو ويندو هو. ان ڪتاب جي مهاڳ ۾ ڪٿي آهي ته پراڪرت ۾ اِهو ڪويتا ۾ هو، جي اهو نثر ۾ هو ته ان کان خوبصورت نثري شاعري مون اڄ تائين نه پڙهي آهي.

اُردو شاعري به شروعات کان منظوم رهي آهي ۽ عوامي زبان ۾ آهي. اها زبان جي پنهنجي منطقي نتيجي تي  پهچي ها ته پوري هندستان لاءِ رابطي جي زبان ٿي وڃي ها. حيدرآباد دکن ۾ سلطان محمد قلي قطب شاهه (جنهن جي ڪليات هن جي ڀاڻيجي 1025هه ۾ مرتب ڪئي، ان ۾ ٻيءَ منظوم شاعريءَ سان گڏ هيٺيون غزل به آهي:

 

پيا باج پيالا پيا جا ئـﻶنا

پيا باج يک تل جيا جا ئـﻶ نا-

 

کهلآ هين پيا بن صبوري کرون،

کها جا ئـﻶ اما کيا جائـﻶ نا-

 

قطلب شاه نه دـﻶ  مج دوانـﻶکوپَند

دوانﻶ کو کچهه پَند ديا جائـﻶ نا-

 

(ترجمو: پرينءَ کان سوا پيالو پيتو نه ٿو ٿئي،

پرين کان سوا تِر جيترو وقت به نه ٿو گذري.

چون پرينءَ کان سوا صبرڪر

چوڻ ته سؤلو آهي پر ڪرڻ ڏکيو آهي،

قطب شاهه مون ديواني کي نصيحت نه ڏي

ديواني کي نصيحت نه ڏبي آهي)

اها شاعري جڏهن دکن مان دلي دربار ۾ پهتي ته ڇاڪاڻ جو درٻاري ٻولي فارسي هئي، بادشاهه کي خوش ڪرڻ لاءِ ان ۾ ڪافي لفظ پارسيءَ جا ڪم آندا ويا، اردوءَ جا تسليم شده وڏي ۾ وڏا شاعر غالب ۽ اقبال ٿيا آهن. غالب جي ٻولي هئي:

 

فنا آموزِ درسِ بيخودي هون اُس زمانـﻶ سلآ،

کہ مجنون لام الف لکهتا تها  ديوارِ دبستان پر-

 

(ترجمو:-مان انهيءَ زماني کان بيخوديءَ جي سبق ۾ فنا جي تعليم وٺندو رهيو آهيان. جڏهن مڪتب جي ديوار تي مجنون لام الف لکندو هو (يعني لالکندو هو جو لا الله جو شروعاتي لفظ آهي ۽ جو نفيءَ جو اظهار آهي.)

هي ته هيو غالب جي مشڪل پسنديءَ جو مثال. مون هن جا سڀ شعر پڙهياآهن، جن مان ڪي ترنم ريز به آهن ۽ قابل غور به آهن.

 

جاتا هون داغ حسرتِ هستي لئـﻶ هوئـﻶ

هون شمعِ کُشتہ درخورِ محفل نهين رها-

 

بر روئـﻶ شش جهت در آئينہ باز هـﻶ

يان امتيازِ ناقص و کامل نهين رها-

 

واکردئـﻶ هـﻶ شوق نـﻶ بندِ نقاب حسن

غير از نگاه ادب کوئي حائل نهين رها-

 

گو مين رها رهين ستم هائـﻶ روزگار

ليکن ترﻵ خيال سـﻶ غافل نهين  رها-

 

دل سﻶ هوائـﻶکِشتِ وفا مڻ گئي کہ وارن

حاصل سوائـﻶ حسرتِ حاصل نهين رها-

 

بيدادِ عشق سﻶ نهي ڊرتا مگر اسد

جس دل پہ ناز تها مجهـﻶ وه دل نهيو رها-

 

ترجمو: هستيءَ جي حسرت جو داغ دل تي کڻي ٿو وڃان، اجهاڻل شمع آهيان ۽ محفل جي لائق نه رهيو آهيان. ڇهن طرفن تي آئيني جو در (مشاهدي جو در) کليل آهي، هتي ناقص ۽ ڪامل ۾ فرق نه رهيو آهي. شوق (ازلي) حسن جي نقاب جا بند سڀ کولي ڇڏيا آهن، هاڻي ازلي حقيقت ۽ منهنجي وچ ۾ مون کان سواءِ (يا نگاه جي عدم موجودگيءَ کان سواءِ) ڪجهه آڏو اَچي نه رهيو آهي. جيتوڻيڪ مان زماني جي ڏکن ڏوجهرن ۾ ڦاٿل رهيو آهيان. پوءِ به تنهنجي خيال کان غافل نه رهيو آهيان. دل ۾ (دوست يا دشمن جي) پوک هان. آنءُ ڪجهه لُڻان. اهڙو مون کي آسرو نه آهي، ڇاڪاڻ جو مون جيڪي لڻيو آهي اُها رڳي حسرت ئي ته آهي ته ڪجهه لڻي سگهان. اسد!مان عشق جي بيداد کان نٿو ڊڄان، پر مون کي جنهن دل تي ناز هو (جنهن نه آڻ مڃي هئي ۽ نه مات کاڌي هئي) اها دل ئي نه رهي آهي.

غالب مان هڪ ٻيو غزل به مثال طور ٿو ڏيڻ چاهيان، ڇو ته غالب ڪافي خوبصورت غزل لکيا آهن. اسان ته غزل جو مزاج صفا بدلائي ڇڏيو آهي ۽ سنڌي غزل کي فقط فارم عزل جو آهي، باقي اُن جون روايتون، بندشون، تشبيهون، استعارا، اشارا، محاڪات وغيره فارسي غزل ۽ اُردو غزل کان مختلف آهن. پر اسان کان اڳ ۾ انهيءَ به اُردو غزل جي ٽئين درجي جي شاعرن جي ديوانن جو، اسان جي سنڌي شاعرن جي غزل تي اثر آهي. اسان جي غزل گو شاعرن جو مطالعو نهايت معدود هو. هنن اردو جي ٻئي درجي مصحفي، انشا، مومن، سودا، جرائت، مير دردن وغيره مان به ڪنهن  کي نه پڙهيو هو ۽ انهن جي پائي جي هڪ سٽ به نه لکي اٿائون. مون کي ياد ٿو اچي ته جڏهن مون ڪراچيءَ ۾ وڪالت شروع ڪئي هئي، تڏهن پنهنجي دوست مرحوم جمال صديقيءَ سان گڏجي، ڪراچيءَ مان ٺٽي هڪ ڪيس هلائڻ ويو هيس. ابراهيم جويو جو منهنجو ۽ جمال جو دوست هوندو هو، ٺٽي هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر هو. اسان ابراهيم جي گهر رهيا هياسون، اهي ٺٽي جون ٻه راتيون منهنجي زندگيءَ تي اَمٽ ڇاپ ڇڏي ويون. منهنجن شعرن مان اڄ تائين ٺٽي جي رابيل جي خوشبو ايندي آهي ۽ مان جڏهن ڪوئي رابيل جهڙو مُکڙو ڏسندو آهيان ته تڙڦي ويندو آهيان. ٻي ڏينهن تي ابراهيم ٻڌايو ته ٺٽي ۾ جمعيت الشعرا جو مشاعرو آهي، جتي واصف، خليل، نطامي وغيره جُغادري غزل گو شاعر آيا آهن ۽ مون اتي انتظام ڪيو آهي ته تون جديد شاعريءَ تي تقرير ڪرين. اُنهن ڏينهن ۾ مون اختر حسين رائپوريءَ جو ادب ۽ انقلاب، فيض جو نقش فريادي، ن- م راشد جو ماورا، جديد اُردو نظم ۽ نثر جا گهڻو ڪري سڀ ڪتاب پڙهيا هُيا ۽ هندستان پاڪستان مان نڪرندڙ سارا رسالا: نقوش سويرا وغيره نظر مان ڪڍيا ها ۽ ورهاڱي کان پوءِ جو تازو ادب منهنجي اکين اڳيان هو، سو مون جديد ادب تي ٻه ڪلاڪ تقرير ڪئي ۽ اتي آيل سڀني شاعرن کي ٻڌايو ته هنن جهڙا غزل ته لکنؤ ۽ دليءَ جو هر شاعر لکي سگهندو آهي ۽ جي غزل اُتي طبوايغو ڪوٺن تي ڳائينديون آهن سي به سندن غزلن کان بهتر هوندا آهن. پوءِ مون کين ٻڌايو ته جديد شاعري ڪيئن آهي. ٽئگور، اقبال، چڪ بست وغيره جي شاعري ۾ نظم جي ڪهڙي نوعيت آهي ۽ حسرت، فاني، جگر ۽ اصغر گونڊوي ۽ فراق کان اڳتي وڌي فيض، جوش، ساحر، جذبيءَ، فڪر تونسويءَ وغيره ڪيئن غزل لکيو آهي.  ڪجهه New Writings مان  يورپ جي ادب مان حوالا به ڏنا ۽ ٽئگور جي شاعريءَ جا حوالا به ڏنا. هو منهنجي عمر ۽ جرئت ڏسي ۽ دونهان دار تقرير ٻُڌي وائڙا ٿي ويا ته انهيءَ عمر ۾ مون کي اهڙي گستاخيءَ جي جرئت ڪيئن ٿي هئي، پر پوءِ ابراهيم جوئي کي ڏسي چپ ٿي ويا. ڇو ته ڇڙو ابراهيم هيڊ ماستر ۽ خليل ڊاڪٽر هئا، باقي ڪلارڪ ڪَڙا، ماستر مَڙا هيا، جڏهن ته نظامي سنڌ زميندار هوٽل جو مالڪ هو. سُس پُس ڪري هڪ ٻئي کان پڇڻ لڳا: هي ڇوڪرو ڪراچيءَ ۾ وڪيل آهي؟

ڪيترا سال پوءِ مون کي مولانا گرامي ٻڌايو ته هُو به اُن تقرير وقت موجود هيو ۽ منهنجي تقرير ٻُڌي هن پاڻ سان واعدو ڪيو هو ته  هو اڳتي شاعري ڇڏي ڏيندو. (ان وقت مولانا گراميءَ سان منهنجي واقفيت نه هئي. منهنجي هن سان پهرين واقفيت سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد ۾ ٿي، جڏهن محمد ابراهيم جويو اُتي بورڊ جو سيڪريٽري ٿي آيو.) مولانا مون کي ٻڌايو ته اهي صاحب- ديوان شاعر جي ٺٽي ۾ منهنجي تقرير وقت موجود هيا، سي اردوءَ جا ڪجهه ديوان کڻي، اُنهن مان قافيا ۽ رديف لکي، پوءِ انهن تي غزل جا شعر لکندا هئا. شاعري هنن لاءِ چؤپڙ جي راند وانگر هوندي هئي. اهو ئي سبب آهي ته گل کان سواٰءِ سانگيءَ ۽ گدا کان ابراهيم خليل ۽ رشيد احمد لاشاريءَ تائين سنڌ جا غزل گو شاعر چار شعر به چڱا چئي نه  سگهيا آهن. انهن ۾ مُراد علي ڪاظم نيارو ۽ غير معمولي شاعر هيو پر هن جي شاعريءَ ۾ به فارسي آميزي گهڻي هئي، جيئن منهنجي شروعاتي غزل گوئيءَ ۾ هئي ۽ منهنجن دوستن لعل محمد لعل ۽ نعيم وَجدي (1)  ۾ ته مون کان به گهڻي هئي. اهي پويان ٻه به مراد علي ڪاظم وانگر چڱا شاعر ها. ڪاظم مرحوم عبدالله عبد جي نيڪي ڪندو هو پر هُن جو ڪو ڪلام منهنجيءَ نظر مان نه گذريو آهي.

هڪ ڀيري مُراد علي ڪاظم همايون (2) تعلقي شڪارپور ۾ فشريز کاتي ۾ ڪوئي عملدار ٿي آيو هو ته مان ۽ لعل محمد لعل هن سان ملڻ ويا هياسين. اُتي هُن پنهنجا شعر ٻڌايا ها جن مان هڪ ته غزل مان هو، جو مون کي اڃان تائين ياد آهي:

 

غواَصي عميق خرد ڪجهه نه ٿي سگهي،

هي ڪوڏ مون ڪَٺا ڪيا ساحل جي آسپاس.

 

۽ ڪجهه نظم مان سٽون ياد آهن:

 

تو ئي اَچِي ته کاريو آهه سندم سمند ناز

صورتِ تازيانه آءُ، آ، چڱو يار آ نه آءُ.

 

پر انهن ۾ به فارسي آميزي تمام گهڻي هئي، اِن کي پهرين بيوس ۽ پوءِ دلگير رد ڪيو، نارائڻ شيام ۽ مون ته پوءِ اُن کي بنهه شهر نيڪالي ڏئي ڇڏي.

مان اصل موضوع تان هٽي ويو آهيان جو غالب جي شاعريءَ جي باري ۾ هيو، جنهن جو مثال طور مون هڪ ٻيو به غزل ڏيڻ چاهيو پئي، جو غالب جي مٿي ذڪر ڪيل غزل واري بحر ۾ ئي آهي:

 

محرم نهين هـﻶ تو هي نواهائـﻶ راز کا

يان ورنہ جو حجاب هـﻶ پرده ساز کا

 

رنگِ شکستہ صبح بهارِ نظاره هـﻶ

يہ وقت هـﻶ شگفتنِ گلهاهئـﻶ راز کا

 

تو اؤر سُوهئـﻶ غير نظِر هائـﻶ تيز تيز

مين اوز دُکهه تري ۾ مثره هائلآ دراز کا

 

هيس بسکہ جوشِ باده سـﻶ شيشـﻶ اُچهل رهﻶ

هر گوشہ بساط هـﻶ سر شيشہ باز کا

 

کاوَش کا دل کرﻵ هـﻶ تقاضا کہ هـﻶهنوز

ناخن پہ قرض اس گرهه نيم باز کا-

 

تاراجِ کاوشِ غم هِجران هوا اسد

سينہ کہ تها دفينہ گهر هائـﻶ راز کا

 

ترجمو: رڳو تون ئي ڳجهه جي سُرن جو (زندگيءَ جي اسرار جو) راز محرم نه آهين، هتي ته سارا حجاب (جي ڳجهه کي ڇُپائي ٿا ڇڏين) اهي ساز جون لرزندڙ تارون آهن (اُهي حجاب زندگيءَ جا راز سمجهائن ٿا يا هن ڪائنات جي ڳجهارت ڀڃن ٿا)

باک جا ڦڪا ۽ ڦِٽل رنگ، صبح جي وڏائيءَ ۽ واکاڻ جا اُهڃاڻ آهن، اُهي ئي وقت آهن، جڏهن پريت جا ڦول ٽڙي پون ٿا.

تون ۽ ٻين ڏانهن کڻ- ڀنگ، اَک- ٽيٽ، مان ۽ تنهنجن (اُجاڙ ڪندڙ) لنبين ڀرِوئَن جو دُک! زندگيءَ جي مَڌ چُڪيءَ تي سارو سنسار ناچ ڪري ٿو ڄڻ اهو پيتل آهي (لفظي ترجمو آهي ته شراب جي جوش مان شيشا ٽپا ڏئي رهيا آهن)

ڌرتيءَ جي ڪنڊ ڪڙڇ، اُن پيالي آڻيندڙ جي مٿي وانگر آهي جنهن جي مٿي تي مڌ جو پيالو چترائيءَ سان سوگهو رکيل آهي. دل زندگيءَ جي اسرار ۾ پيهي وڃڻ ٿي چاهي، منهنجا ننهن انهيءَ اسرار جي اڌ ڇوڙيل ڳَنڍ جا اڃان قرضي آهن.

اسد جي دل وڇوڙي جي پِيڙا کان ويران ٿي وئي آهي ۽ دل جا ڳجهيءَ ڏاهپ جي موتين جوو ڀنڊار آهي، اجائي اُڪنڍ ۾ چَٽ ٿي رهي آهي (نوٽ: اسد غالب جو نالو هو، جنهن کي ڪڏهن ڪڏهن تخلص ڪري به ڪم آڻيندو هو.)

غالب کانپوءِ مير ذڪر جي قابل آهي پر پيش لفظ جي طلوار سبب هن جا رڳو ڪجهه شعر پيش ڪريان ٿو ته پڙهندڙ اندازو لڳائي سگهن ته فيض ۽ ناصر ڪاظمي تائين پهچڻ لاءِ اردو غزل ڪيترا مدارج طئي ڪيا اهن:

 

ناحق هم مجبورون، پر يہ تهمت هـﻶ مختاري کي

چاهئـﻶ هﻶ سو آپ کرﻵ هين هم کو عبث بدنام کيا

مير کﻶ  دين و مذهب کو اب پوچهتﻶ کيا هو، اُس نـﻶ تو

قشقہ کهينچا، دير مين بيڻها کب سلآ ترک اسلام کيا

*

دور بهت بهاگـﻶ هو هم سـﻶ سيکهلآ طور غزالون کا

وحشت کرنا شيوه هـﻶ ان اَچهي آنکهين والون کا

اَب اُڻها تها کعبہ سـﻶ  اور جهوم پرا ميخانـﻶ پر

باده کشون کا جُهرمڻه هوگا شيشـﻶ  اور پيمانـﻶپر-

*

پتا پتا، بوڻا بوڻا، حال همارا جانـﻶ هـﻶ

جانـﻶ نہ جانـﻶ گل هي نہ جانﻶ باغ تو سارا جانـﻶ هـﻶ-

 

ترجما: ناحق اسان مجبورن تي خودمختياريءَ جو الزام آهي، جيڪي اوهان چاهيو ٿا، سو ڪيو ٿا، اسان کي اجايو بدنام ڪيو اٿَو. مير جي دين ۽ مذهب جو هاڻي ڇاٿا پڇو، هن ته تلڪ ڏنو آهي، مندر ۾ ويٺو آهي ۽ ڪيتري وقت کان اسلام ڇڏيو آهي.

اسان کان ڏاڍو ڏور ڀڄين ٿو، هرڻن جي ريت سکيو آهين، سُهڻين اکين  وارن جي هونءَ ئي ڀڄ ڊوڙ (وحشت) عادت هوندي آهي.

ڪعبي وٽان گهٽا آئي هئي ۽ مئخاني تي جهومي وسي پئي (هاڻي) شيشي ۽ پيماني تي پِياڪن جو ميڙ هوندو.

پن پن، ٻوٽو ٻوٽو، اسان جو حال ڄاڻي  ٿو، نٿو ڄاڻين ته گل (محبوب) ئي نٿو ڄاڻين باغ ته سارو ڄاڻي ٿو.

مير جي مٿين شعرن مان نظر ايندو ته هن فارسي بحروزن سان ڪافي هٿَ چراند ڪئي آهي ۽ ان ۾ ڦير گهير آندي آهي، جنهن ترنم کي گهٽايو نه پر وڌايو آهي. اسان جي اُردو زبنا کان دوريءَ، سنڌي شاعريءَ جي اصليت ته برقرار رکي آهي پر فارسي بحروزن ۽ ان ۾ اردو شاعريءَ جي ردوبدل، اردو تشبيهه ۽ استعاري جي ۽ ٻيءَ فني ارتقا کان اسان جي نئين نسل ۾ ڪنهن حد تائين اجنبيت پيدا ڪئي آهي. ٻولين سان تعصب غلط آهي. تُرڪ عربن سان نفرت ڪندا هئا. پر ان ڪري عربي ادب کي رد نه ڏنو هئائون. ڪربستان يهودين سان نفرت ڪندا هئا پر هنن جي ٻولين يڌش (Yiddish) (1) ۽ عبراني (Hebrew) سان نفرت نه ڪندا ها. جيستائين دنيا جو ڪوئي  ادب قدرن جي منافي نه ٿو ڪري، تيستائين اُن کي ٿُڏي ڇڏڻ غلط آهي.

غالب کان اقبال تائين پنڌ ۾ وچ تي ڪيترائي شاعر ملن ٿا پر وري به طوالت جي خوف کان تمام ٿورا شعر پيش ٿو ڪيان:

 

سودا جو ترا حال هـﻶ اتنا تو نهين وه

کيا جانئـﻶ تونـﻶ اُسلآ کس حال مين ديکها

*

سودا قمارِ عشق مين شيرين کﻶ کوهکن

بازي اگرچہ پا نہ سکا سَر تو کهو سکا

*

عشق سلآ تو نهين هون مين واقف

دل سﻶ شعله سا کچهه لپڻتا هـﻶ

 

يايگانه چنگيزيءَ جا هي شعر:

 

خودي کا نشا چڙها آپ مين رها نہ گيا

خدا بنـﻶ تهـﻶ يگانہ مگر بنا نہ گيا-

*

تڙپ که آبلہ پا اُڻهه کهڻلآ هوﻵ آخر

تلاشِ يار مين جب  کوئي کاروان نکلا-

*

نظامِ دهر نـﻶ کيا کيا نہ کروڻين بدلين

مگر هم ايک هي پهلو سـﻶ بيقرار رهـﻶ

ترجما: سودا تنهنجو جهڙو حال آهي، اهڙو ته هو نه آهي ڪيئن چئجي ته  تو هن کي ڪهڙي هال ۾ ڏٺو هو.

سودا عشق جي جوئا ۾ ڪو هڪن (فرهاد) بازي کٽي نه سگهيو ته سُرِ ته وڃائي سگهيو.

عشق سان ته مان واقف نه آهيان، دل کي ڪائي ڄڀي ڄرڪائي ٿي.

خوديءَ جو نشو چڙهي ويو ۽ آپي ۾ نه رهي نه سگهيو، يگانه خدا ٿيو هو پر ٿي نه سگهيو.

پيرن ۾ لڦن وارا تڙپي اٿي بيٺا، جڏهن ڪوئي قافلو يار جي تلاش ۾ نڪتو.

زماني جي نظام ڪيڏا نه پاسا بدلايا رڳو اسان ئي هياسين جي هڪ

پاسي بيقرار رهيا سين.

يا اصغر گونڊويءَ جو هي شعر جو مان ننڍي هوندي کان جهونگاريندو رهيو آهيان، جو مون تي ڪفر جي سارين فتوائن کي باطل ڪري ٿو:

 

جو  نقش هـﻶ هستي کا دهوکا نظر آتا هـﻶ

پردﻵ پہ مصورَ هي تنها نظر آتا هـﻶ-

لو شمع  حقيقت کي اپني هي جگہ پر هـﻶ،

فانوس کي گردش مين کيا کيا نظر آتا هـﻶ

ترجما: جو به هستيءَ جو نقش آهي، اهو ڌوڪو نظر اچي ٿو. پردي تي رڳو مصورَ ئي اڪيلو نظر اچي ٿو. ڏسِ حقيقت جي شمع پنهنجي ئي جاءِ تي آهي، فانوس جي گردش ۾ ڇا ڇا نظر اچي رهيو آهي.

 

مان ايترا شعر انهيءَ ڪري ڏنا آهن ته نه رڳو اوهان کي اردو غزل جي ارتقا ڏيکاريان پر اهو به ظاهر ڪيان ته اردو شاعر فارسي وزن جي تقطيع ۾ ماهر هيا ۽ اها مهارت هو ڪافي عمر فن جو رياض ڪري حاصل ڪندا هئا. هر شاعر ڪنهن وڏي شاعر جي تلامذه مان هوندو هو. جو هن جي صلاح ۽ تربيت ڪندو هو. سيماب اڪبر آباديءَ کي پنج سؤ شاگرد هوندا ها ۽ هو هر ڪنهن هڪ رپيو هر مهيني وٺندو هو. هڪ غزل جي اصلاح ڪري ڏيندو هو. مون حاجي محمود خادم جو ڪتاب رهنماءِ  شاعري پهرين درجي انگريزيءَ ۾ پڙهيو هو ۽ ٻي درجي ۾ شڪارپور واري مولوي عبدالغفور جي تربيت هيٺ فارسي بحروزن تي ڪافي عبور حاصل ڪيو هو. اڄ ڪلهه جي ٽيڪنالاجيءَ جي دؤر ۾ ايتري ڪنهن کي فرصت نه آهي ته اڳي وانگر ڪنهن کان رهنمائي حاصل ڪري پر پوءِ به فارسي بحروزن جي ڪجهه ڄاڻ ضروري آهي، ڇو ته ان کانسواءِ منظوم شاعري نٿي ڪري سگهجي. هندي ڇند تي اسان جي ٿورن شاعرن کي عبور آهي. ان ڪري جو ڪجهه منظوم شاعري ۾ لکيو وڃي ٿو سو نه نثر آهي نه نظم، چاهي ان ۾ تخيَل ڪهڙو به چڱو ڇو نه پيش ڪيو ويو هجي. آخر ڪئنواس تي مصورن جون عمريون گذري وينديون آهن، تڏهن هو ڪائي پايدار مصوري ڪري سگهندا آهن. شاعري ڪا ٽيبل ٽينس جي راند ته نه آهي!

مون اردوءَ جي گهڻو ڪري ساري قديم ۽ جديد شاعريءَ جو مطالعو ڪيو آهي. منهنجو شاهه جي رسالي جو منظوم ترجمو ۽ پنهنجي اردو شاعريءَ جو ڪتاب نيل کنڻڪڪ اور نيم کڍ پتڍ ان جا گواهه آهن ته جي مان سانده اردؤ ۾ شاعري ڪيان ها ته اردوءَ جي ڪنهن به جديد شاعر کي پٺتي ڇڏي وڃان ها، پر هتي اُردو هڪ بي پاڙي ٻولي ٿي وئي آهي ڇو ته اُن جو پاڙون ته کَڙي ٻولي، برج ڀاشا، پوربي، راجسٿاني، دکني، ميواتيءَ وغيره ۾ هيون جن مان هزارين لفظ اُردوءَ ۾ اچي، ان کي رابطي جي زبان بڻائي سگهن ٿا. پنجابي، سنڌي، بلوچيءَ ۽ پشتو سان اردو اُهو رابطو پيدا نه ڪري سگهي آهي، توڙي پاڪستان جي قومي ٻولي آهي ۽ نه هتان جا لفظ، لوڪ ڪٿائون يا ٻيو ادبي سرمايو پاڻ ۾ سمائي سگهي آهي. ان ڪري اُن ۾ اجنبيت محسوس ٿئي ٿي. لاهور واري امجد اسلام امجد مون کي لاهور ۾ هڪ موقعي تي چيو: جڏهن مون کي ڪنهن يو پيءَجي اردو شاعر چيو ته هن لفظ جو تلفظ صحيح نه آهي ته مون هُن کي جواب ڏنو ته مون کي ڪنهن لفظ جي قبر ۾ پوڻو آهي نه آهي ته مون هُن کي جواب ڏنو ته مون کي ڪنهن لفظ جي قبر ۾ پوڻو آهي ڇا؟

 

قدسيه بانوءَ مون کي ماسڪو ۾ ٻڌايو هو ته هن پنهنجن اردو ناولن ۾ ڪيترائي پنجابي لفظ ڪم آندا آهن. مون هتي اچي هن جا ناول پڙهي ڏٺا. اُهي پنجابي لفظ اردوءَ ۾ اجنبي ٿي لڳا ۽ اُن تي مڙهيا ويا هئا.

پنجابي زبان جا حامي اُردوءَ جي مخالفت ۾ سنڌين کان به حد ٽپي ويا آهن ڇو ته پنجاب جي افسر شاهي ۽ دانشور طبقي اُردوءَ کي اپنايو آهي ۽ اُردو پنجابي ٻوليءَ جي ڪافي هاڃي ڪئي آهي. سبط حسن پنهنجي رسالي پاڪستاني ادب ۾ هڪ پنجاپي افساني جو اردو ترجمو ڏنو هو ته پنجاب جي اهم شاعر نجم الحسن سيدَ کيس خط لکيو هو ته اڳتي اوهان پنجابي جو اردو ترجمو نه ڪندا ڪيو، ڇو ته اردو زبان ۾ لفظن جو ايترو ذخيرو ڪو نه آهي جو پنجابي جو اردوءَ ۾ صحيح ترجمو ڪري سگهجي؛ دراصل ڇا هو جو اردو ترجمي ۾ پنجابي لفظ ڍڍ جو ترجمو پيٽ ڪري ڏنو ويو هو نجم الحسن جو چوڻ هو جا ڳالهه ڍڍ ۾ آهي، سا پيٽ ۾ نه ٿيِ ٿِي سگهي.

مون به ايئن محسوس ڪيو آهي ته هر لفظ کي روح آهي، جو صدين جي ارتقا مان گذريو آهي ۽ اهو روح فقط مادري زبان ۾ ئي گرفت ۾ اچي سگهي ٿو، ان ڪري مون اردو شاعري ڇڏي ڏني هئي ڇو ته اردو منهنجي مادري زبان نه هئي. مان پنهنجيءَ ڏات کي رڳو مادري زبان ۾ ئي منطقي نتيجي تي پهچائي ٿي سگهيس. اڄ ڪلهه ته هندستان ۽ پاڪستان ۾ اُردو شاعري سُسي وئي آهي. ڪوئي گليور نه آهي ۽ للي پَٽ جا ڄامڙا ٽي- ويءَ تي پنهنجي بي سُري ترنم ۾ غزل ٻڌائي رهيا آهن، پر اردوءَ جو ورثو ته اَمٽ آهي. هاڻي مان سڌو اچان ٿو علامه اقبال تي. هن جا ڪجهه خوبصورت اردو شعر، جي مون کي سرِدست ياد ٿا اچن، سي ڏيان ٿو:

 

آگ بجهي هوئي اِدهر، ڻوڻﻶ هولئلآ طناب اُدهر،

کيا جانئلآ اس مقام سلآ گذرﻵ هين کتنـﻶ کاروان

 

سلسلہ روز و شب نقشِ گرِ حادثات

سلسلہ روز و شب اصل حيات وممات

 

ترجما: هوڏانهن وساڻل باهه آهي، هيڏانهن خيمي جون تٽل رسيون (طناب) آهن،

ڪيئن چئجي ته هن رستي تان ڪيترا قافلا گذريا آهن.

ڏينهن رات جو سلسلو حادثن جو روپ وٺي ٿو، ڏينهن رات جو سلسلو حياتيءَ ۾ مماتيءَ جو اصل (مهاڳ) ۽ مُنڍ) آهي.

 

پويون شعر علامه صاحب جي نظم مسجد قرطبه مان آهي ۽ ان ۾ هڪ به  لفظ اردوءَ ۾ نه آهي. دراصل زياده ترنم واري شاعري علامه اقبال جي فارسي ڪتاب پيام- مشرق ۾ آهي.

هڪ ڀيري تاشقند جي سفر دوران مان، قدسيه بانو، خاطر غزنوي، گل رخسار، ارپنا(1) ۽ هڪ ٻي روسي خاتون، جا تاشقند ۾ رائيٽرس گلڊ پاران اسان جي گائيڊ هئي، مقامي رائيٽرس گلڊ پاران ڏنل دعوت تي اسان سان گڏ هئي. اسان سڀ مقامي رائيٽرس جي دعوت تي اتان جي هڪ فائيو اسٽار هوٽل ۾ مُدَعو هياسين. گلڊ جي سيڪريٽري جو تخلص مومن هو ۽ هُن اسان کي پنهنجي رباعيت جي. ٽي چار انچ ڊگهي ڇپيل چوڀڙي تحفي طور ڏني، جنهن ۾ اٽڪل چاليهارو صفحا هُيا، جا اڃان تائين مون وٽ مومن جي دستخط سان موجود آهي. مان چوپڙي ڏسي حيران ٿي ويس. اهڙيون چوپڙيو پن ته مان ٻئي درجي سنڌيءَ ۾ پڙهيون هيون، جن ۾  چونڊ سنڌي ڪافيون هونديون هيون ۽ شڪارپور واري ڪُتب فروش پوڪرداس ۽ سکر واري ڪتب فروش هري سنگهه ڇپايون هيون ۽ جي ڇهين پيسي ۽ ٻين آني في ڪاپي ملنديون هيون. اوهان تصور ڪري سگهو ٿا ته جي گلڊ جي سيڪريٽريءَ جي اها حالت هئي ته ٻين اديبن جي ڪهڙي هوندي! شاعري به اهڙي هئي جهڙي مان پارسيءَ ۾ پنجين درجي ۾ ڪندو هوس. (1) اوچتو سمر قندي شراب  جون بوتلون اچي ويون. رات ٿي چُڪي هئي ۽ چوڌاري قمقما روشن ٿي ويا ها ۽ شاعر جن کي هونءَ منرل واٽر (Mineral Water) به نصيب نه هوندو هو، سي سمرقندي شراب جا جام تي  جام خالي ڪرڻ لڳا (مون کي هڪ ڪميونسٽ دوست مهڻو ڏنو هو ته هو مون وانگر جام نه پيئندو هو ۽ ان ڪري هن جي صحت خراب نه  ٿي هئي. هن کان شايد اهو وسري ويو هو ته اسٽالن واري زماني ۾ پورو پالٽ بيورو واڊڪا تي شام شروع ڪندو هو ۽ صبح تائين کائيندو پيئندو هو ۽ ان وچ ۾ اسٽالن ۽ بيورو جا ميمبر رياستي امور تي فيصلا به ڪندا هئا ۽ پوءِ سارو ڏينهن ننڊ ڪندا هئا. جي ڪنهن کي ان ڳالهه تي اعتبار نه اچي ته يوگو سلاويا جي ڪنهن وقت وائيس پريزيڊنٽ ملوين جلاس جو ڪتاب (اسٽالن سان گفتگو  Conrersation with Stalin) پڙهي ڏسي). جڏهن تاجڪ شاعرانِ  ڪرام سُرور ۾ آيا تڏهن علام اقبال جو پيام- مشرق مان نظم سُرودِ انجم(2) پڙهڻ لڳا.

خواجہ زسروري گذشت بنده زچاکري گذشت

زاري و قيصري گذشت دور سِکندري گذشت

شيوه  بت گري گذشت مي نگريم ومي رَويم-

 

ترجمو: مالڪ جي مالڪي وئي، ٻانهي جي ٻانهپ وئي، زاري (روس ۾ راز جي حڪومت) ۽ قيصري (جرمنيءَ ۾ قيصر جي حڪومت) گذري وئي، سڪندر جو دؤر به ختم ٿي ويو، موتي پوجا جي ريت به نه رهي، ڏسون پيا ۽ وڃون پيا.

 

هو ڏاڍي پياري ترنم سانسُروِد انجم پڙهي رهيا ها. شايد هنن کي چيو ويو هو ته پاڪستاتي مهمان علامه اقبال جي شاعري ٻڌي خوش ٿيندا آهن، جڏهن تاجڪ شاعرن اهو بند پڙهيو ته ٿورو هٻڪي بيهي رهيا ۽ اسان کي چيائون ته ان کان اڳ وارو بند ياد نه ٿو اچي. جي اوهان کي ياد اچي ته فقط شروعاتي سٽ ٻڌايو ته اسان کي سارو بند ياد اچي ويندو. مون کي سارو پيامِ مشرق پنجين درجي انگريزيءَ ۾ ياد هوندو هو (منهنجي مرحوم دوست نعيم صديقيءَ کي به فرسٽ ييئر ۾ علام اقبال جا سڀ اردو ۽ فارسي ڪتاب ياد هوندا هئا ۽ اسان اقبال تي طويل بحث ڪندا هياسين) مون حافظي کي کوٽيو. سمر قنديءَ شراب ڄڻ يادگيري تيز ڪري ڇڏي هئي. مون کي شعر ياد اچي ويو ته مون اڃان هڪ سٽ پڙهي:

گرمي کارزارها خامي پختہ کارها

(ويڙهه جي پِڙ جيِ تپت، پَڪن پختن جي ڪَچائي)

ته هنن چيو بس ۽ وڌيڪ شعر ڳائڻ لڳا:

تاج و سرير و دارها خواري شهر يار ها

بازيء روزگار هامي نگريم ومِي رويم

(موڙ مُڪٽ ۽ ڦاسيءَ جا ڦندا، سمراٽن جا ايمان، سَمئي جا کيل، ڏسون پيا ۽ وڃون پيا)

جنهن کي مفتعلن مفاعلن وزن ايندو آهي، اهو گواهي ڏئي سگهندو ته هن اهڙو مُترنُم شعر فارسيءَ ۾ ورلي پڙهيو هوندو. ان جي بي پناهه رواني اوهان کي ذهن نشين ڪرائڻ لاءِ مان ان نظم جو پهريون بند به لکان ٿو.

هستي مان نظام ما هستي ما خرام ما

گردشِ بي مقام ما زندگيءَ دوا ۾ ماَ

دؤر فلہ بہ ڪامِ مامي نگريم ومي رويم-

ترجمو: اسان جي هستي ئي اسان جي ترتيب آهي، اسان جي مستي ئي اسان جي ٽورَ آهي، اسان جي گردش جو ڪوئي آستان نه آهي، اسان جي زندگي کي دوام آهي. آسمان جو دؤر اسان جي مرضيءَ موجب آهي. ڏسون پيا ۽ وڃون پيا.

هاڻي اقبال، جو ايترو ترنم ۽ موسيقي شاعريءَ ۾ پيدا ڪري سگهيو آهي، جيترو ترنَم ۽ موسيقي نه ٽئگور ۾ آهي، نه نذر السلام ۾ (مون ٻنهي جا لانگ ڀلي (Long Play) رڪارڊ ٻُڌا آهن)، جي اقبال کي مشورو ڏنو وڃي ها ته نثري شاعري ڪر ته هو مشوري ڏيندڙ تي کِلي ها ۽ هن کي اِهو چئي هابرخوردار، ڪنهن اخبار ۾ نوڪري ڪري ۽ ڪالم لکُ! شاعري تنهنجي وس جي ڳالهه نه آهي.

منهنجو مقصد اهو آهي ته نثري شاعريءَ جو حق صحيح معنيٰ ۾ انهيءَ کي آهي جو بودليئر وانگر سٺي منظوم شاعري ڪندو هجي ۽ پاڻ پنهنجي منظوم شاعريءَ تي نثري شاعريءَ کي ترجيح ڏي. دراصل سُٺي نثري شاعري اهو ٿو ڪري سگهي، جنهن جو معيار برٽالٽ بريخت جو هجي. شاعريءَ جو مقصد روح کي گرمائڻ آهي ۽ انسان جي گوشت پوست کي روح ۾ بدلائڻ آهي. جي اُن ۾ پيغام به آهي ته اهو اقبال جو بال جبريل آهي. (پوءِ اوهان اُن پيغام سان متفق هجو يا نه) ۽ غالب جي نوائي سروش آهي. جيتوڻيڪ هومر کان ٽي- ايس اليٽ ۽ سعدي ۽ روميءَ جي زماني کان وٺي اقبال ۽ فيض جي زماني تائين، شاعر ان ڳالهه جا مبلغ هيا ته زندگي ڪيئن گذاري وڃي، هاڻي ماڻهو مغرب ۾ ته ناول نگارن کان هدايت ۾ رهبريءَ جا طالب آهن ۽ انهن جي اشارن تي هلن ٿا. جنهن طرف به ناول نگار وڃن ٿا، هي تنهن طرف وڃن ٿا، ناول نگار چاهن ته انسان ۾ بديءَ کي اکين سامهون آڻي بيهارن. جيتوڻيڪ ننڍي کنڊ ۾ عظيم ناول نگار پيدا نه ٿيا آهن، مگر يورپ ۽ آمر ۾ انهن جو ڪافي تعداد آهي. لاطيني آمريڪا ۽ جنوبي آفريقا ۾ ڪافي ناول نگار ٿيا آهن ۽ شايد گذريل سال نوبل پرائيز به ڪنهن مصري ناول نگار کي مليو آهي ۽ هيل گؤتملاجي جي ريڊانڊين شاعره رگوبرٽا مينچوءَ (Rigoberta Menchu) کي مليو آهي. رگو برٽا مينچوءَ جو مشهور شعر آهي: ڪولمبس جي پذيرائيءَ ۾ اسان جي ذلت ئي ته آهي.

فرينچ ناول نويس آندري پيد، اخلاق جي اها تعريف ڪئي آهي ته انسان پنهنجي اندرئين آواز کي ٻُڌي ۽ زندگي جا جيڪي مختلف امڪان آهن، اُنهن کي نه دٻائي، پر اُنهن کي پڌري ٿيڻ جو موقعو ڏي. جديد زماني ۾ وجوديت جي آغاز تي انڪري پيد جو به فرائڊ وانگر وڏو اثر ٿيو. ڇاڪاڻ جو ناول نثر ۾ آهن،  نثري نظم ناول جو حصو ٿي سگهن ٿا، ناول جي وچ ۾ ڊائلاگ يا منظر ڪشيءَ جي ڪم اچي سگهن ٿا. ڪتين ڪر موڙيا. جڏهن جي پهرين جلد جي اشاعت کانپوءِ، سنڌيڪاواري نور احمد ميمڻ مون کان ان جي باري ۾ پڇيو هو ڇا ساڳي ڪتاب ۾ نثر ۽ نظم ڏيڻ نيڪ آهي؟ مون اُن وقت ته هن کي چيو مون ان حالات جي وضاحت لاءِ نثر ۾ لکيو آهي، جن هيٺ مون اُن ڪتاب جي ٽنهي جلدن ۾ ڇاپيل شاعري لکي آهي. ان کي دقيانوسي اردوءَ ۾ شانِ نزول چوندا آهن، پر پوءِ مون کي اهڙا ڪيئي مثال ياد آيا، جتي ساڳي ڪتاب ۾ هڪ ئي مصنف نثر ۽ نظم ٻئي لکيا آهن، ۽ ٻئي هڪ ٻئي سان واڳيل آهن. مثال طور: ڊاڪٽر زواگو ۾ ناول جي خاتمي کان پوءِ اُهي خوبصورت نظم آهن. جي هن لارا جي محبت ۾ سائبيريا ۾ لکيا ها. اُهي ڪنهن ڪليات جو حصو نه آهن جيئن بودليئَر جا نثري نظم آهن. ڪازان زاڪس جا سڀ ناول ۽ سفرناما پڙهيا ته. اُن ۾ گفتگوءَ ۾ يا منظر ڪشيءَ مهل ڪيئي نثري نظم آيل آهن. ايئن سولزي نٽسن جي ناولن جي وچ ۾ نثري نظم آهن، جيتوڻيڪ  اهي به ناول جو حصو آهن، نه رڳو  اهڙي قسم جا ٻيا ناول به مون پڙهيا آهن پر ڪيئي ڊراما مثال طور شيڪسپيئر، ابسن، برنارڊشا يا آڪسر وائيلڊ جا ڊراما ۽ ڪيئي مضمون پڙهييا آهن، جيئن فرانسز بيڪن جا مضمون، جي به ساڳيءَ قطار ۾ اچي وڃن ٿا، جن جي اندروني حصي ۾ نثري نظم آهن؛ مون اهڙا جملا جميله هاشميءَ جي ناولن، چهره بچهره، روبرو، ۽دشت سُوس ۽ قراة العين حيدر جي ناولن آگ ڪادريا ۽ آخر شب کڍ همسفر ۾ به ڏنا آهن، جن کي ٿوري ڦير گهير سان نثري نظم جو روپ ڏئي سگهجي ٿو.


(1)  لعل محمد لعل: اڃا تائين زنده آهي، سکر هاءِ ڪورٽ ۾ وڪالت ڪندو آهي ۽ شڪارپور لا ڪاليج جو پرنسپال آهي.

نعيم وجدي: ڪجهه سال اڳ دبئي ۾ گذاري ويو، جِتي هو سول سرجن هو.

 

(2) همايون: مفتي همايونيءَ جو ڳوٺ جنهن رڳي هڪ سٽ پڙهڻ جهڙي لکي آهي، جنهن کيس امر ڪري ڇڏيو آهي. تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا، زندان هزارين مان نه رڳو

(1)  يِدش اسرائيل، اتر ڏکڻ آمريڪا ۽ جرمنيءَ جا يهودي هيءَ ٻولي ڳالهائيندا آهن. جا هندي- يورپي ٻولين جي خاندان مان آهن.

(1)  گل رخسار: اسان جي گائيڊ جا سمرقند کان دوشنبي تائين اسان جي گائيڊ هئي.

اِرپنا: ماسڪو کان دوشنبي ۽ واپسيءَ تي اسان جي روسي گائيڊ، پئي نوجوان خوبصورت عورتون هيون.

(1)      مون مومن کي ٻڌايو هو ته اسان وٽ به هڪ مومن خان مومن ٿيو آهي، جو غزل لکندو هو ۽ پوءِ هن کي مومن جو مقطع ترجمو ڪري ٻڌايو:

عُمرساري تو کڻي عشقِ بتار مين مومن

آخري وقت مين کيا خاک مسلمان هوگـﻶ-

انهيءَ تي هن ٽهڪ ڏئي چيوته مان ڄائي ڄم کان مسلمان نه آهيان، ڇڙو نالو مومن آهي. جڏهن مون هن کي ٻڌايو ته مومن ڪنهن پرده نشين عورت سان عشق ڪندو هو ۽ جڏهن کي خط موڪليندو هو، ته خط لغڙ ۾ ٻڌي، لغڙ ڪوٺي تان اُڏائي اُن کي گَت کارائيندو هو جيئن لغڙ ان پرده نشين جي ڪوٺي تي ڪِري ۽ هو اُن مان خط ڇوڙي وٺي، پوءِ هو وري لغڙ اُڏائي. ان جي ڏور ڇڪي وٺندو هو. ان تي مومن هيڏانهن هوڏانهن ڏسي ٿڌو ساهه ڀري چيو: اسان وٽ ته ڪا پرده نشين مسلمان ناهي.

 

(2)  سُروِد: ستارن جوراڳ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com