سيڪشن؛ تنقيد

ڪتاب: ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري

باب: --

صفحو :7

 

شاهه لطيف جا گهڻا سوانح  نگار، ٻن ڳائڻن اٽل ۽ چنچل جو ذڪر  ٿا ڪن، جيڪي هند کان آيا هئا ۽ شاهه لطيف وٽ رهندا هئا ۽ شاهه لطيف جي سماع جي محفلن ۾ ڳائيندا هئا. گنج ۽ ٻين ڪيترن ئي قلمي نسخن ۾ ڪافي هندي ڪلام آهي، جنهن لاءِ روايتون آهن ته اهو ڪلام شاهه لطيف جي سماع جي محفلن ۾ ڳايو ويندو  هو. اهي ڳالهيون ثابت ڪن ٿيون ته شاهه لطيف پنهنجي وقت ۾ مشهور هندي شاعرن جي ڪلام کان نه فقط پوريءَ ريت وقف هو، پر ان کي پسند به ڪندو هو ۽ پنهنجي سماع محفلن ۾ ڳارائيندو به هو.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي مضمون سنڌي ۽ هندي شاعريءَ جو لاڳاپو (14) ۾ چار خاصيتون بيان ڪيون آهن. جيڪي سنڌي ۽ هندي شاعريءَ ۾ عام آهن. اهي آهن مرد ۽ عورت جي محبت، (مرد پرستي ٻنهي ٻولين جي شاعريءَ ۾ نه آهي.) عورت جو مرد تي عاشق هجڻ، فطري ماحول سان گهرو تعلق، زبان جي نرمي ۽ وفا شعاري، اهي چار ئي ڳالهيون شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ پڻ ملن ٿين. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جي راءِ موجب سينگار جا بيت، جي سنڌي شاعرن ڳايا آهن، اهي در اصل هندي شاعرن جي بيتن جو تنبعُ آهن، (15)

ان مان ثابت آهي ته سنڌي شاعري ننڍي کنڊ جي شاعريءَ کان به متاثر ٿيندي رهي آهي.

وير گاٿا ڪال جي شاعرن مان هڪ شعر، اپڀرنش ٻوليءَ ۾ هيم  چندر جو ملي ٿو جيڪو هن ريت آهي. ڀلا  هوا جو ماريا بنهي مارا ڪنتو.

لجيج تو وين سين آهه جئي ڀگا گهر وانيتو.

ان بيت کي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، پنهنجي سنڌي ادب جي مختصر تاريخ جي حوالي طور ڏنو آهي، پر ان کي ڍاٽڪي جو شعر ڄاڻايو اٿائين. (16) اهو بيت ڊاڪٽر  محمد حسن هندي ادب ڪي تاريخ ۾ اپڀرنش ٻوليءَ جو ڄاڻايو آهي. (17) شاهه لطيف جي سُر ڪيڏاري جو هيٺيون بيت پڙهي، لڳي ٿو ته: شاهه لطيف مٿي ڏنل هم چندر جي بيت جو اثر قبول ڪيو آهي:

ڀڳو آئون نه چوان، ماريو تان وسهان،
ڪناڌ منهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سونهان،
ته پڻ لڄ مران، جي هونس پٺ ۾.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي لکڻ موجب ڪبير، گرونانڪ، دادو، ديال، سمن، تلسي؛ رحمان، ڪالو وغيره جا هندي دوها سنڌيءَ ۾ عام مروج ۽ مقبول هئا. ڀٽائي صاحب جهڙي اهل دل ۽ عارف وٽ به انهن جو قدر هو. ڀٽائي صاحب وقت بوقت انهن دوهن کي دهرايو ۽ انهيءَ ڪري اهي دوها ڀٽائي صاحب جي رسالي ۾ سُر بيراگ هندي هيٺ، هڪ اهم باب جي صورت ۾ قلمبند ٿيا. (18)

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾، سُر رامڪليءَ ۾ ناٿ پنٿي جوڳين جو ذڪر ۽ انهن جي فلسفي جي اپٽارآهي. ناٿ پنٿي، ٻڌم رت جي بجرياني سڌن کان پوءِ آيا. ان تحريڪ جو باني، گرو گورکناٿ آهي، جنهن مهاتما بڌ جي وفات بعد ٻڌمت ۾ آيل بت پرستيءَ جي لاڙي کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪئي. مهاتما ٻڌ جي اصلوڪي تعليم ۾ بت پرستي نه هئي. شاهه لطيف، سور رامڪليءَ ۾ گرو گورکناٿ جو نالو ورتو آهي.

لنگ ڪڍيائون لانگ، موٽي ڪن نه مسحو،
جا اسلاما اڳي هئي، سا سڻيائون ٻانگ،
سڀ وڃائي سانگ، گڏي اگورکناٿ کي.

اها اسلامي اڳي واري ٻانگ مهاتما ٻڌ جي تعليم آهي، جنهن ۾ بت پرستي نه آهي ۽ جنهن جي تجديد گور گورناٿ ڪئي.

ڊاڪٽر محمد حنسن جي تحقيق موجب ناٿ پنٿي، مسلمانن جي اچڻ ۽ رابطي کان متاثر نه ٿيا، هندستاني مسلمانن تي ان جو ڪافي اثر پيو. اڃا تائين مسلمان فقير، گيڙو ڪپڙا پائي، لمبيون جهوليون لڙڪائي، سارنگي وڄائيندي ڳوٺ ڳوٺ راجا ڀرتريءَ جا گيت ڳائيندا وتندا آهن. (19)

ناٿ پنٿي جوڳين جي شڪل شبيهه ۽ پوشاڪ جي باري ۾ هو صاحب لکي ٿو ته: ناٿ پنٿي جوڳي، ڪن ۾ وڏا سوراخ ڪري، ڳورا ڪنڊل ۽ حلقا پائيندا هئا، جنهن ڪري کين ڪن ڦاڙ سڏيو ويندو هو. (20)

شاهه لطيف، سُر رامڪليءَ ۾ جيڪي جوڳين جا پار پتا ۽ مهانڊا ڏنا آهن يا سندن پوشاڪ ۽ شڪل شبيهه جو ذڪرڪيو آهي، اهو هو بهو انهن ناٿ پنٿي جوڳين جي پوشاڪ ۽ شڪل شبيهه سان ملي ٿو، جنهن  جو بيان ڊاڪٽر محمد حسن ڪيو آهي.

ڪن پٽ ڪا پٽ ڪاپڙي، ڪن وٽيا ڪن چير،
سدا وهن سامهان، آڻي اتر هير،
ارتو اکين مان وهي، مٿي ڳلن ڳاڙهه،
ڪوري ڪنن وچ  ۾، ڦچ ڏنائون ڦاڙهه،

هڻي توبهه تاڙ، نانگا نسورا ٿئا.

هڪ هنڌ، شاهه لطيف ٻوڌي ڀکشن جي باري ۾ چٽو بيان ڪيو آهي، ٻوڌي ڀکشو، دروازي وٽ اچي، چپ چپ بيهندا آهن، پر دان گهرندا ناهِن، جي ملي ويندو اٿن ته وٺي ويندا آهن. نه ته چپ چاپ ڪري موٽي ويندا آهن.

پنن ڪين پٽ کڻي. گهرن ڪين گهرا،
مهيسي مخلوق جي، اڀن دور درا.

شاهه لطيف جي رسالي ۾ سُر يورپ به آهي ۽ بيتن ۾ بار بار پورب جو ذڪر ڪيل آيل آهي، جيڏانهن اهي جوڳي ويندا هئا، ناٿ پنٿي، توڙي هندي شاعريءَ جون ٻيون تحريڪون، سنڌ جي اوڀر يعني پورب ۾ شروع ٿيون ۽ ان ڪري ئي شاهه لطيف پورب کي ايتري اهميت ڏني. توڙي جو اسلام پڇم (اولهه)کان آيو ۽ صديون ٿي ويون، ته به ادبي، شاعراڻين، توڙي ذهنيIntellectual روايتن جي خيال کان، سنڌ پڇم بدران پورب کان متاثر هئي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ان باري ۾ لکي ٿو ته: جوڳ جي شاعريءَ جو اوج 16هين صديءَ ڌاري پورو ٿيو، پر اها شاعري ختم ڪا نه ٿي. اهو دؤر شاهه لطيف جي دؤر کي ويجهو هو. ان ڪري جو اڳ جا اصول ڀٽائي صاحب تائين نسبتاً نج نموني ۾ پهتا.(21)

ڊاڪٽر محمد حسن لکي ٿو ته، ناٿ پنٿي پيغام پنجاب ۽ راجستان کان دهليءَ پهتو. (22) ڊاڪٽر صاحب سنڌ تي ان جي اثر جي باري ۾ تحقيق نه ڪئي آهي، سنڌ تي ناٿ پنٿي جو اونهو اثر آهي. قاضي قادن کان وٺي، جوڳين جو ذڪر سنڌي شاعريءَ ۾ ملي ٿو ۽ شاهه لطيف وٽ ته گورکناٿ جي نالي وٺڻ سان گڏ ناٿ پنٿي جوڳين جي شڪل شبيهه، عادتن ۽ اطوارن ۽ پوشاڪ جو اهڙو چٽو ذڪر ملي ٿو جو ڀائنجي ٿو ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي راءِ صحيح آهي ۽ جوڳ تحريڪ جو نقشو شاهه لطيف اکئين ڏٺو ۽ انهن جوڳين سان ڪچهريون ڪيائين. جيڪي ڪن چيرائي، وڏا والا پائي، گيڙو رتي لباس ۾ سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ ڦرندا هئا.

ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻيءَ لکيو آهي ته، لطيف  ڀڳتي تحريڪ ۾ حصو ورتو. (23)

شاهه لطيف جتي اسلام جي تاريخي ڪردارن کي اهڃاڻ جي حيثيت ۾ استعمال ڪيو آهي، اتي  گورکناٿ کان سواءِ سري رامچندر کي به اهڃاڻ جي حيثيت ڏني اٿاين ۽ هندي شاعريءَ ۾ رام ڀڳتي تحريڪ جي اهم شاعر تلسي داس جي رامائڻ کان به متاثر ٿيو آهي، جنهن جو ذڪر اڳتي ايندو. هتي شاهه لطيف جي شعر مان ٻه سٽون ڏجن ٿيون، جن ۾ هن رام جو نالو اهڃاڻ طور استعمال ڪيو آهي:

تڪيا تاڪيائون، وئا رمندا رام ڏي،
روح ۾ رهين رام، ٻهر ٻولن ڪي ٻئو.

جيئن ننڍي کنڊ ۾ اهي شاعراڻيون تحريڪون سنڌ جي اوڀر يا پورب طرفان آيون، ان ڪري شاهه لطيف پورب جو ذڪر پنهنجي بيتن ۾ ڪيو آهي:

پوبيا پوري وئا، آسڻ اڄ صبوح،
کستوري خوشبوءِ آهي آدسين ۾،
پورب مارياس، ڪنهن در ڏيان دانهڙيءَ،
متيون ڏيندي لوڪ کي، چري پاڻ ٿياس،
جنين نه جيهاس، مان لئن لڳي تن سين.

ڀڳت ڪبير هندي، ٻوليءَ جو مٿانهون شاعر هو. هو مٿانهين شاعر هئڻ سان گڏ عوامي شاعر پڻ هو. هن جي شاعري پڙهيل توڙي اڻ پڙهيل طبقن ۾ هڪ جيتري مقبول هئي.سندس شاعري به، سنڌيءَ جي ڪلاسيڪي شاعرن جي شاعريءَ وانگر عام ماڻهوءَ جي ٻوليءَ ۾ به هئي، ته ان ۾ هڪ پيغام به سمايل هو. سندس شاعريءَ ۾ آسپاس جي ماحول سان مطابقت آهي، ان ڪري ڀڳت ڪبير، عام ماڻهن جي محفلن ۽ ڪچهرين جي اونهاين تائين وڃي پهتو ۽ هر طبقي سندس شاعريءَ جو آڌر ڀاءُ ڪيو.

ڀڳت ڪبير جو هڪ مشهور دوهو آهي:

آئو پريتم موهنا، پلڪ موند توهي  لون،
نا مئن ديکون اور ڪوءِ، نا توهي ديکن دون.

اهڙو ئي شاهه عبداللطيف جو هڪ بيت آهي، جنهن ۾ شاهه لطيف، ڪبير جي تصور کان ڪجهه اڳڀرو وڌي چيو آهي:

اکين ۾ ٿي ويهه، ته آئون واري ڍڪيان،
تو کي ڏسي نه ڏيهه، آئون نه پسان ڪو ٻيو.

ڀڳت ڪبير جو هڪ ٻيو دوهو آهي:

جا گهٽ ديم نه سنچري، سو گهٽ جان سان
جيسي کال لوهار ڪي، سانس ليت بن پران.

هن دوهي ۾ لوهار جي ڌوڻيءَ جي ساهه کڻڻ جي ڪيفيت آهي. اهڙو ئي هڪ بيت شاهه لطيف جو پڻ آهي.

ڪٽ ڪڙهي لوهه ٻري، ڌوڌا جت ڌڳن،
جت مترڪن مہ ڪڍيا، جت سانداڻيون سهڪن،
اڄ پڻ آڳڙين، ميڙو آهي مچ تي،

ڪبير جي کال لوهارڪي سانس ليت بن پران ۽ لطيف جي سانداڻيون سهڪن ۾ مماثلت نظر ٿي اچي ٻنهي ۾ شاعرن لوهار جي ڌوڻيءَ کي ساهه کڻندي ڏيکاريو آهي.

زندگيءَ جي بي ثباتيءَ جي باري ۾ ڀڳت ڪبير جو هڪ دوهو آهي:

پاني ڪا هئه بلبله اس مانش ڪي ذات،
شاهه لطيف وٽ به ساڳي تشبيهه آهي:

هيءُ جي جُرڪن جر تي، سي تا پڻ حساب.
ڀڳت ڪبير جو ويدن جي باري ۾ هڪ شعر آهي:

ڪبير بيد بلانيا، پڪڙ ڪي ديکي بانهن،
بيد نه بيدن جانئي ڪرڪ ڪريجي ماڻهن.

شاهه لطيف جو هيٺيون بيت قدري  ڪيري جي مٿئين دوهي سان مشابهت ٿو رکي:

اڄ پڻ ڪهڙي دانهن، واڍوڙڪي منهن،
ويڄ ورائي ٻانهن، چوري چاڪ چڪائيا.

شاهه لطيف تي ڪبير جي اثر جي باري ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته: ڀٽائي صاحب جهڙي اهل دل ۽ عارف، درويش ڪبير جي هن  موحدانه نظريي جي حقيقت ۽ جاذبيت کي محسوس ڪري ان کي پنهنجو ڪيو. (24)

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مٿئين حوالي مان ظاهر آهي ته شاهه لطيف، ڀڳت ڪبير ۽ ٻين هندي شاعرن جي ڪلام مان نه فقط واقف هو، پر انهن جي ڪلام مان ڪنهن حد تائين متاثر به ٿيو.

رامائڻ، هندو ڌرم جو هڪ اهم ڌرمي ڪتاب آهي، پر  ڌرمي ڪتاب هئڻ سان گڏ شاعريءَ جو هڪ حسين ڪلاسيڪي شاهڪار پڻ آهي، جنهن ۾ ڪردار نگاريءَ، واقعه نگاري، تشبيهون، استعارا، سڀ ڪمال جا آهن. سنسڪرت، جڏهن هندستان جي عام طبقن ۾ مروج نه ٿي سگهي، ته ان ڪتاب کي  هنديءَ ۾ ترجمي ڪرڻ جي ضرورت پيش آئي ۽ تلسي داس ان کي هندي ويس پهرايو.

تلسي ڪرت رامائڻ ۾، سري رامچندر، جڏهن چانڊوڪيءَ رات ۾، باغ ۾ سير ڪندي پهريون دفعو سيتا کي ڏسي ٿو، ته ان منظر کي سري رامچندر جي چنڊ سان گفتگوءَ کي، تلسي داس هن ريت ٿو بيان ڪري:

اوڀر طرف چنڊ اڀريو- رام کيس سيتا جي مک جهڙو ڏسي خوش ٿيو. پوءِ من ۾ ويچار ڪيائين ته هيءُ چنڊ  سيتا جي مک جي برابر ناهي.

کاري سمنڊ ۾ ته هن جو جم- وري ان سمنڊ ۾ پيدا ٿيڻ جي ڪري زهر سندس ڀاءُ، ڏينهن ۾ هو بد صورت ٿو رهي ۽ ڪاري داغ وارو آهي. ويچارو غريب چنڊ سيتا جي مک جي برابري ڪيئن ڪري سگهي ٿو.

وري اهو وڏي گهٽي ٿو ۽ وڇڙيل ونين کي ڏک ڏئي ٿو. اي چنڊ تو ۾ گهڻائي عيب آهن.(25)

رامائڻ جي مٿين شعرن پڙهڻ بعد لڳي ٿو  ته، شاهه لطيف جا سُر کنڀات وارا بيت تو ۾ ناهي پيشاني پرينءَ جي . تون اڇو ۾ رت، سڄڻ نت سوجهرا، ڪڏهن اڀرين سنهڙو، ڪڏهن اڀرين ڳچ تلسي داس جي مفهوم کي گهڻو ويجهو آهن.

ڀڳت ڪبير جوهڪ دوهو آهي:.

ماٽي ڪهي ڪمهار سي، تو ڪيا روندي مئي،
ايڪ دن ايسا هوئيگا، مئن رندونگي توئي.

شاهه لطيف جي هڪ بيت ۾ ذري گهٽ ساڳيو مفهوم آهي:

جا ڀونءِ مٿي سڄڻين.، سا ڀونءِ پيرين مون،
ڌگَ لٽبا ڌوڙ ۾، اڀي ڏٺاسون،
ڏينهن دنيا ۾  ڏون، اٿي لوچ لطيف چئي.

ڪبير جو هڪ دوهو آهي:

هنس سواڙ گئي ڪاگ ڀئي،
اسي لئي جگ مين هوئي.

شاهه لطيف جو بيت آهي:

ويا موري مري، هنج نه رهيو هيڪڙو،
وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪانيرن جو.

ڪبير جو دوهو آهي:

چلي چڪي ديک ڪر، ديا  ڪبيرا روءِ،
دو پاٽن ڪي بيچ ۾، ثابت رهيا نه ڪوءِ.

شاهه لطيف جو بيت آهي:

جند پيسندي ٿيو، ڪيڏو ڪيسن ڪڻن،
ڪي پهرئين ۾ پيمال ٿيا، ڪي گهمرن ساڻ گهڻن.

ڪبير چيو آهي:

مالا ڦيرت جڳ هوا، مٽا نه من ڪا ڦير،
سر ڪا منڪا ڊار ڪر، من ڪا منڪا ڦير

شاهه لطيف چيو آهي:

تن تسبيح، من مڻيو، دل دنبورو جن،
تندون جي طلب جون، وحدت ساڻن وڄن،
وحده لا شريڪ لہ، ايءُ راڳ رڳن،
سي ستا ئي سونهن، ننڊ عبادت جن جي.

تلسيداس جو هڪ دوهو آهي:

نهائي ڌوئي ڪيا هوا، جو من ڪا ميل نه جائي،
مين سدا جل ۾ رهي، ڌوئي باس نه جائي.

شاهه لطيف جو بيت آهي:

دائم جا درياهه ۾، سا مڇي ڪني ڪوهه،
آهس ايءُ اندوهه، پاڻي ته پاڪ ٿيان،

عبدالرحيم خان خانان جنهن کي عام طور رحمن سڏيو ويندو آهي، سوبه هندي ءَ جي  اهم شاعرن مان هو. رحمن مان سواءِ امير سخرو، ملڪ محمد جاسي ۽ ٻيا مسلمان به هنديءَ جا مشهور شاعر ٿي گذريا آهن. رحمن جو هڪ دوهو آهي:

جي سلگيتي بجهه گئي، بجهي تي سلگي ناهين،
رحمن دا هٿي پريم ڪي، بجهه بجهه ڪي سلگاهين

ان ساڳئي انداز ۾ شاهه لطيف چيو آيه:

ٻاريون اجهائين، پرين اجهايو ٻارين،
مون کي ٿا مارين، لئا لوهارن جا.

رحمن، توڙي شاهه لطيف، مٿي ڏنل شعرن ۾ ٻرڻ وسامڻ ۽ وسامي ٻرڻ جي تضاد ۾ عڪس ۽ رومانوي انداز ۾ مضمون آرائي ڪئي آهي. ٻري اجهامڻ ۽اجهامي ٻرڻ ٻنهي شاعرن جو مرڪزي نقطو آهي.

گرو گرنٿ جي ٻاڻي، سنڌ ۾ به عام مقبول هئي ۽ پڙهي ويندي هئي.گروگرنٿ ۾ ڪيترن ئي شاعرن جا بيت گڏ ٿيل آهن. چيو ويندو آهي ته گروءَ نانڪ کي هڪ هٿ ۾ ڪتاب هوندو هو ته ٻئي هٿ ۾ عصا. (26)

گرو گرنٿ ۾ بابا فريد گنج شڪر جو هي بيت آهي:

سرور پنکي هيڪڙو ڦاهيوال پڃاس. (27)

هو بهو سٽ، شاهه لطيف وٽ به ملي ٿي:

پکي سر ۾ هيڪڙو پاڙ هيري پنجاهه.

گرو گرنٿ جي انهيءَ سٽ ۽ شاهه لطيف جي سٽ جو نه فقط مفهوم ساڳيو آهي، پر انهن ٻنهي سٽن ۾ گهڻا لفظ به ساڳيا آهن.

گرو گرنٿ ۾ هڪ ٻيو بيت به آهي. جيڪو شاهه لطيف جي بيت جي معنيٰ وارو آهي:

جي سئو چندا اگهي، سورج چڙهن هزار،
اتني چاندن هونديان، گرين گهور انڌار.

(گرو گڙ)

سهسين سچن اڀري، چوراسي چنڊن،

يا الله ري پرين، سڀ اونداهي ڀانئيان.

(شاهه لطيف)

بابا فريد گنج شڪر جو ٻيو هڪ بيت آهي

کا گا نين نڪاس دون، جو پيا پاس لي جائي،
پهلي درس دکائيو،. پيڇي ليجو کائي.

شاهه لطيف جو بيت آهي:

ڪڍي ڪانگا تو ڏيان، هيون ساڻ هٿن،
وڃي کاءُ ولات ۾، اڳيان عجبين،

پرين مان چون، هيءَ قرباني ڪنهن ڪئي. (28)


اهڙي ئي مفهوم جو دوهو ميران ٻائيءَ جو پڻ آهي:

سجن مري گئي ديس ۾، ووه ديکي تو کاءَ،
ڪاڍ ڪليجا مئن ڌورن، ڪا گا تو لي جاءِ.

ميران ٻائي، هندي شاعريءَ جي ڪرشن ڀڳتي تحريڪ جي اهم شاعره آهي، جنهن جا شعر هندستان جي ڳوٺ ڳوٺ جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ ڳايا ويندا آهن. هن کي هندستان جو سيفو چئجي ته به بجا آهي.

شاهه لطيف جي گنج، توڙي سندس سوانح عمريءَ جي باري ۾، روايتن ۽ تاريخي حقيقتن، سڀ کان وڌيڪ شاهه لطيف جي پنهنجي شاعريءَ جي اڀياس مان ظاهر ٿئي ٿو ته، شاهه لطيف سنڌ جي ادبي روايتن سان گڏوگڏ ننڍي کنڊ جي شاعريءَ جي ادبي تحريڪن، توڙي انهي جي مقبول شاعرن کان نه فقط ڀليءَ ڀت واقف هو، پر پنهنجي شاعريءَ ۾ جتي مقامي سنڌي روايتن جو اثر قبول ڪيو اٿائين. اتي ننڍي کنڊ جي عظيم ۽ مقبول شاعرن کان پڻ متاثر ٿيو آهي.

چوٿين ڌارا، جيڪا شاهه لطيف تي فارسي اثر شاهه لطيف جي شاعريءَ تي اثر انداز ٿي، اها ايران کان آئي، فارسي، صدين کان سنڌ جي تعليمي ٻولي رهندي آئي آهي. سنڌ جي هر ڏاهي Intellectual لاءِ فارسي ڄاڻڻ لازمي هئي. مڪتبن ۽ مدرسن جي درس ۾ فارسي شاعرن، جهڙوڪ سعدي، جامي، حافظ ۽ روميءَ جا ڪتاب پڙهايا ويندا هئا. فارسيءَ جي ڪلاسيڪي ۽ صوفي شاعرن کان سنڌ جو پڙهيل طبقو پوريءَ طرح واقف هو. وحدت الوجودي نظريو، سنڌ ۾ عام ماڻهن تائين ڪلاسيڪي شاعرن پهچايو. پر سنڌ جي پڙهيل طبقي تائين اهو نطريو فارسي  شاعريءَ جي ذريعي پهتو.

مولانا غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي تحقيق موجب، سنڌ جو هڪ نو مسلم، ابو علي سنڌي، بسطام پهتو، جتي سندس ملاقات، بايزيد، بسطاميءَ  سان ٿي. بايزيد بسطاميءَ ۾ جيڪو ڦيرو آيو. سو هن بزرگ صوفيءَ جي صحبت جي ڪري آيو. ايراني تصوف تي ننڍي کنڊ جي ويدانت جو اثر ٿيو ۽ اهو موٽي سنڌ ۾ فارسي شاعرن ذريعي پهتو. سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جو تصوف ڏانهن لاڙو ذهني Intellectual گهٽ ۽ رومانوي Romantic وڌيڪ آهي. اهو رومانوي لاڙو، فارسي صوفياڻي، شاعري، هندي ويدانتي شاعري ۽ سنڌي ڪلاسيڪي شاعري، ٽنهي ۾ ساڳيو آهي.

شاهه لطيف جي زماني ۾ سنڌ ۾ فارسيءَ جو چرچو هو. مقالات الشعراءِ موجب، ان وقت سنڌ ۾ ڪي ئي سنڌ ڄاوا فارسي شاعر موجود هئا. حافظ، رومي، سعدي ۽ جاميءَ جي رومانوي صوفياڻي لاڙي کي سنڌ ۾ مقبوليت حاصل ٿي چڪي هئي. شاهه لطيف سدائين سفر ۾ مثنوي روميءَ جو نسخو ساڻ کڻندو هو. گنج واري نسخي ۾ هنديءَ جي شعرن سان گڏ ڪيترائي فارسي ڪلام به موجود  آهن، جن جي باري ۾ روايتون آهن ته، اهي شاهه لطيف جي سماع جي محفلن ۾  ڳايا ويندا هئا. ان وقت شاهه لطيف جيتوڻيڪ خالص سنڌي گهاڙيٽن ۽ قابلن ۾ شعر پلٽيو ، پر تڏهن به ان ۾ رومانوي صوفياڻي لاڙي جو اثر جهلڪا پيو ڏئي. ڪٿي ڪٿي  فارسي  سٽون تضمين طور به آنديون اٿائين.

مرزا قليچ بيگ لکيو آهي ته: اگرچه شاهه صاحب پارسي بحر مان واقف هو ۽ پارسي بهر وزن جي خبر پئي سگهيس ٿي، ته به هن نئون پارسي طرز پسند نه ڪيو ۽ نه پارسي لفظ استعمال ڪيائين.پراڻو دهرن وارو طرز وٺي آيو. انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته سندس ڪلام تي جلال الدين روميءَ جي مثنويءَ جو گهڻو اثر پيل هو، خصوصاً شعر جي مضمون تي. انهيءَ ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ رسالي چوڻ جو شوق پيدا ٿيس ۽ ان جو مضمون به ڪم آندائين. (29)

مرزا قليچ بيگ جي مٿئين ڏنل حوالي ۾ شاهه لطيف کي مولانا روميءَ جي مثنوي پڙهڻ کان پوءِ رسالي چوڻ جو شوق جاڳڻ اگر صحيح نه به هجي، ته به اها ڳالهه قبول ڪرڻي ئي پوندي. ته شاهه لطيف جي شاعريءَ تي مولانا روميءَ جي شاعريءَ جا پاڇاوان پيل آهن. مثال طور:

بشنواز ني چون حڪايت مينڪند،
از جدائي ها شڪايت ميڪند.

وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪٺل ڪوڪاري،
هن پڻ پنهنجا ساريا، هو هنجون هڏهن لئه هاري.


*

آن نِدا که اصل بر بانگ و نواست،
خود ندا آنست و اين باقي صداست.

 

پڙاڏو سو سڏ، ور ورائيءَ جو جي لهين،
هئا اڳهين گڏ، پر ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا.


*

صبر را باحق قرين ڪرد اي فلان،
آخر والعصر آگه بخوان،

 

پر ۾ پڇيائون، عشق جي اسباب کي،
دارون هن درد جو، ڏاڍو ڏسيائون،

 

آخر والعصر جو، انهين اتائون،

تهان پوءِ آئون، سڪان ٿي سلام کي.

*

درميان قعر دريا تخته بندم کرده اي،

باز مي گوئي که دامن تر مکن هوشيار باش.

 

مون کي مون پرين، ٻڌي وڌو ٻار،

اُپا ائين چون. مڇڻ پاند پسائين.

*

روميءَ لاءِ فارسيءَ ۾ چيو ويو آهي:

مثنوي و مولوي و معنوي،

هست قرآن زبانِ پهلوي.

شاهه لطيف پنهنجي بيتن لاءِ چيو آهي:

جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهين،

نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي.

شاهه لطيف جي مولانا جلال الدين روميءَ سان ڪافي عقيدت هئي. هن پنهنجي ڪلام ۾ ڪيترن هنڌن تي رومي جو نالو آندو آهي. جيئن ته طالب قصر سونهن سراءِ، روميءَ جو روءِ. ۽ اهڙي طرح رومي جي راهه ۽ روميءَ جي رهاڻ پڻ چيو اٿائين.

سرمد، شاهه لطيف جي ڄمڻ کان ٿورو اڳ شهيد ٿيو. سرمد شهيد جو سنڌ سان گهڻو تعلق رهيو ۽ ڪافي وقت ٺٽي ۾ گذاريائين. هو به صوفين جي وحدت الوجودي نظريي جو پوئلڳ هيو ۽ ميان مير سنڌيءَ جو طالب هو.

سمد در کوچئه شک سير مکن

فرق درميان هرم و دير مکن،

آداب عبادت به عزازيل آموخت،

سجدِه يک ڪن سجدِه غير مکن.

شاهه لطيف جو بيت آهي:

عاشق عزازيل، ٻيا مڙيئي سڌڙيا،

منجهان سڪ سبيل، لعنتي لال ٿيو.

مٿئين اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته، شاهه لطيف پنهنجي ذهن جون دريون کليل رکيون ۽ پنهنجي مشآهدي سان گڏ پنهنجو مطالعو به جاري رکيو. پنهنجي دور۾ موجود ادبي ماحول کان پنهنجي شاعريءَ جي اوائلي دؤر ۾ متاثر ٿيو. هن مذهبي ڪتابن، سنڌي بوليءَ جي اوائلي شاعرن، برصغير جي ادبي تحريڪن ۽ هنديءَ جي اهم شاعرن توڙِ فارسي صوفياڻي شاعريءَ جو اونهو اڀياس ڪيو ۽ ڪنهن حد تائين انهن جو اثر پڻ قبول ڪيائين.

هن مختلف ڌارائن: مذهبي، مقامي، برصغير جي شاعريءَ ۾ فارسي شاعريءَ جي ميلاپ سان، اهڙي لافاني ۽ حسين شاعريءَ کي وجود ۾ آندو، جيڪا سنڌ جي ماحول ۽ مزاج جي مطابق هئي. انهن سڀني لاڙن جي ميلاپ سان شاهه لطيف پنهنجو انفرادي اسلوب گهڙيو، جنهن جي ڇاپ سنڌي شاعريءَ تي صدين تائين قائم رهي.

 

حوالا

سراج: سنڌ جو آڳاٽو ادب، نئين زندگي ڪراچي، فيبروري 1971ع. صفحو- 24.

نوٽ: دارا شڪوه سڪينہ الاوليا ۾ قاضي قادن لکيو آهي.

هيرو ٺڪر: قاضي قادن جو ڪلام، دهلي، 1978ع، صفحو -47.

نبي بخس خان بلوچ، ڊاڪٽر: شاهه عنايت جو لطف الله جو ڪلام حيدرآباد، صفحو -28.

ايضآً، صفحو -29.

نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: شاهه عنات جو ڪلام، حيدرآباد، صفحو-10.

سراج: سنڌ جو آڳاٽو ادب، نئين زندگي ڪراچي، فيبروري 1971ع.

هيرو ٺڪر: قاضي قادن جو ڪلام، دهلي، 1978ع، صفحو -23.

جميل جالبي، ڊاڪٽر: تاريخ ادب اردو جلد اول، لاهور، 1975ع، صفحو -92 ۽ 682.

نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: شاهه عنات جو ڪلام، حيدرآباد، صفحو -41.

محمد حسن ڊاڪٽر: هندي ادب ڪي تاريخ، ععلي ڳڙهه، 1955ع، صفحو -35، لفظ گاها زنداويستا ۾ به آهي.

جهمٽمل ڀاواڻي: سنڌي شعر ڇند سڳنڌ، بمبئي، 1953ع، صفحو 36 ۽ 39.

نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: مولود، حيدرآباد 1961ع صفحو -8.

نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: سنڌيءَ 7 هندي شاعريءَ جو لاڳاپو سهه ماهي مهراڻ، حيدرآباد، سيارو 1955ع، صفحو -106.

عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر: سنڌ جو سينگار، حيدرآباد 1956ع، صفحو -9.

عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر: سنڌي ادب جي مختصر تاريخ، حيدرآباد پهريون ڇاپو.

محمد حسن ڊاڪٽر: هندي ادب ڪي تاريخ، علي ڳڙهه، 1955ع صفحو- 25)

نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: سنڌي ۽ هندي شاعريءَ جو لاڳاپو، سع ماهي مهراڻ حيدرآباد، سيارو 1955ع، صفحو -117.

محمد حسن ڊاڪٽر: هندي ادب ڪي تاريخ، علي ڳڙهه، 1955ع، صفحو -23.

ايضا، صفحو -23.

نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: سنڌي ۽ هندي شاعريءَ جو لاڳاپو، سه ماهي مهراڻ حيدرآباد، سيارو، 1955ع، صفحو -118.

ڏسو، حوالو -19.

موتي لال جوتواڻي: شاهه عبداللطيف، دهلي، صفحو 143.

ڏسو، حوالو -21.

سري رام چرت مانس ٻال ڪاند، کو کرپور، 1942ع،  صفحو -245 ۽ 246، (سنڌي ترجمو: شري ولي رام ولڀ)

محمد آصف خان: اُکيا بابا فريدني. لاهور 1978ع صفحو- 47

محمد آصف خان: آکيا بابا فريد ني. لاهور 1978ع، صفحو -274.

(28) ڪريم بخش خالد: شاهه جو رسالو سنڌ جي تاريخ جو ماخذ، ڪراچي 1978ع، صفحو-5.

 

مرزا قليچ بيگ، سنڌي شعر.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com