سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري

باب: --

صفحو :35

شيخ اياز

شاعريءَ جا فني قدر ۽ سنڌي شاعري

آڪٽوبر 1990ع  ريٽا شهاڻيءَ جي دعوت تي اسان پوني ويا هياسين. اسن سان گڏ هري موٽواڻي به هليو هو. گنو سامتاڻي اُتي پاڻ ئي پهچي چُڪو هو. پورو ياد نٿو اچي، پونم جي رات هئي. اسان ريٽا جي بنگلي جي ڇٿ تي وَڌاوِڙي ۾ ويٺا هياسين. چوڌاري باغ هيو.، ڪيئي وڻ بيٺا ها، ٻوٽا هوا ۾ لُڏي رهيا ها. بنگلي جي چوڌاري جيڪي به بنگلا هيا، اُتي به ڪيئي وڻ هيا، جن تي چانڊوڪي ڇانيل هئي ۽ ريٽا وِسڪيءَ ڍُڪ پي، پنهنجي نثري شاعري ٻڌائي رهي هئي. اسان اڌ رات تائين ويٺا رهياسين ۽ ڳالهيون به ڪندا رهيا سين ۽ مان پنهنجي اندر ۾ ٽُٻيون به ڏيندو رهيس. ٻاهران ڪائنات ڪنهن اشوڪ جي وڻ وانگر ٿي لڳي، جو اونڌو لڙڪي رهيو هجي ۽ جنهن جون جَڙون آڪاس ۾ هجن ۽ پن، ٽاريون ڌرتيءَ تي. ريٽا جي نثري شاعري روحانيت جي باري ۾ هئي، جنهن ۾ ڀارت ورش جي خوشبوءِ هئي، پر ان ۾ ابهام هو، جو نه رڳو هن ديس جي وحدانيت ۾ آهي پر هر مذهب جي وحدانيت جي تصور ۾ آهي. ڪيتري وقت کان ڪائي  سوچ، جا منهنجي من کي ڌونڌاڙيندي رهي هئي، وَري منهنجي من کي گرفت ۾ آڻي چُڪي هئي. پهريون جِيوُ جڏهن ڄايو هو، تڏهن اُن کي ڪنهن ڏٺو هو؟ هي رت پونءِ ته هن ڌرتيءَ جي دين آهي پر آتما ڪٿان ٿي اچي؟ جي خدا ڌرتي ۽ آسمان پيدا ڪياته اهي ڪيئن ڪيا، اهو مشڪل ڪم اک ڇنڀ ۾ ڪيئن سر انجام ڏنو ويو؟ جي خلا مان ئي ساري تخليق ٿي، ته اُن تخليق لاءِ مواد ڪٿان آيو؟

مون کي ڀيرو مل مهرچند جي قديم سنڌ مان رگ ويد جا ٽڪرا پئي ياد آيا. اندر، مِترا وَرن، اگنيءَ جي باري ۾، ڪهڙي نه پياري شاعري هئي اُن ۾! پوءِ انهيءِ جي دويتا ۾ اَدويتا مان هڪ خدا جو تصور اڀري ٿو، جو اُپائڻهار ۽ سِرجڻهار آهي، مشاهدي ۾ جو محدود آهي، انت ۾ لا محدود آهي ۽ مشاهدي کان بعيد آهي. هڪ ڪُنڀر آويءَ تي ٿانءُ پچائي، لسائي لاهي ٿو پر ان لاءِ به هن کي ڪنهن خام مواد جي ضرورت آهي؟ پر گيت لاءِ ته ڪنهن خام مواد جي ضرورت نه آهي. ان ۾ ته شاعر پنهنجي وجود کي چڪيءَ تي ڦيرائي ٿو ۽ هن کي پتو نه آهي ته اها چَڪي ڪنهن جي هٿ ۾ آهي؟ اهي سوال  ها ازل ۽ ابد جي باري، ۾ جن جو رگ ويد ۾ جواب ڏنو ويو هو ۽ جو مان ڀانيان سنڌ جي ڌرتيءَ تي تخليق ڪيو ويو هو:

ڏينهن ۽ رات ۾ ڪائي مشابهت نه هئي. نيستي به ڪا نه هئي، هستي به ڪا نه هئي. موت به ڪو نه هو، زندگي جاويد به ڪا نه هئي.

شاعر پنهنجي توڙ تي پهچي ٿو، جڏهن هو ازلي حقيقت کي اظهاري ٿو ۽ چوي ٿو ته ديوتائون به پوءِ جي پيدائش آهن. هن ڪائنات جي حقيقت جو پورو بيان نٿو ٿي سگهي. نيستي ۽ هستيءَ جي وچ ۾ تضاد جو انساني پهچ کان پري آهي، زمان ۽ مڪان جي سرحد کان دور، ڪٿي حل ٿي وڃي ٿو.

هند جي سر زمين تي اهي سوال اَزلي ۽ ابدي آهن ۽ ان ڪري مون کي ريٽا جي روحانيت واري شاعريءَ تي عجب نه آيو. مون هن ۾ ايتري نواڻ به ڪا نه ڏٺي. هوءَ هري دلگير جي شاگرد هئي، جو هن کي فارسي بحروزن سان آشنائي ڏئي سگهي ها، جنهن ۾ هو خود شاعري ڪندو آهي. جي هوءَ ماترائن جي حساب سان شاعري ڪري ها ته اُها به هن جي وس کان ٻاهر نه هُئي. ماترائن جي حساب سان هند ۾ مذهبي توڙي ٻي شاعري ڪيتري نه پياري ڪئي وئي آهي! ڪرشن جي ننڍپڻ جي باري ۾ ڪنهن نامعلوم سنسڪرت جي شاعر لکيو آهي:

ماتا!

ڇا ڳالهه آهي؟

مون کي کَير- ڪٽورو ڏي!

ڇالاءِ ؟

ان لاءِ ته مان پِيئان

هاڻي نه

رڳو رت جو.

رات ڇا ٿيندي آهي؟

جڏهن ڌرتي ۽ آڪاس اونداها ٿي ويندا آهن.

اها ڳالهه ٻُڌي ڪرشن پنهنجون ٻئي اکيون ٻُوٽيون ۽ چيائين:

ماتا هاڻي ته ڏيندينءَ! رات اچي وئي آهي.

 

اها منظوم شاعري آهي ۽ نثري شاعري نه آهي، جيئن ڪرستان روايت ۾ سليمان جو گيتن جو گيت نثري نظم ۾ آهي، ۽ جو مان اڳتي هلي ڏيندس. هنديءَ جي ڪويءَ جئديو ۾ به اهڙي ريت ڀرپور مذهبي جذبات هئي، جنهن گيت  گووِند لکيو آهي. جيتوڻيڪ ٽي سال پوءِ چيتنيه جي تحريڪ به ساڳي نوعيت واري هُئي. اُن ۾ راڌا ۽ ڪرشنا جي پيار جي باري ۾ گيت آهن پر اُهي نثري نظم ۾ نه آهن، پر موزون آهن. گيت گووند کان ڪيئي صديون اڳي شرنگار تلڪ لکيو ويو جو ڪاليداس سان منسوب ڪيو ويو آهي، پر محقق ان کان انڪاري آهن ته اهو ڪوي ڪاليداس جو ڪتاب آهي، جيتوڻيڪ ان ۾ ڪيئي پُر ڪاريءَ واريون تشبيهون آهن، جيئن:

تُنهنجون اکيون ڪنول جي پتين وانگر آهن، تُنهنجو مک ڪنول وانگر آهي، تنهنجا چپ ڪچا ڪؤنپل آهن ۽ تنهنجا انگ چمپڪ جي پنن وانگر آهن. ٻڌاءِ، پريتما، مون کي ٻُڌاءِ ته اپائڻهار تو کي پٿر جهڙو هانءُ ڇو ڏنو آهي؟ اُتي ڪويءَ کي من ۾ بسنت کان ڀَؤ ٿئي ٿو. اڳيئي مون کي پيار پيڙا ڏئي رهيو آهي ۽ منهنجو من جو ملڻ جوڳو نه آهي؛ اگم لاءِ پرارٿنا ڪري رهيو آهي. اُن جو ڪهڙو حال ٿيندو جڏهن انب ٻُور سان ٻوڪجي ويندا ۽ اُنهن جي  ڦڪي اڇاڻ اولهه جي هوا ۾ ڦُٽي پوندي؟ هن ۾ ڪِٿي به ڪاوڙيل پيڙا نه آهي. تون منهنجا چپ منهنجي اڇا کان سواءِ ڇو ٿو چمين، نر لڄا، ايئن لڄِ جو مِکِر ڇو ٿو ڪرين؟ هَٽُ، ڇَڏ منهنجي گهگهي، جي پاند  کي ڇڏ! اِهي سَؤڳونڏ کڻي، مون کي ڀنڀلائي ڇو رهيو آهين؟ مان تنهنجو اوجاڳيل انتظار ڪڍي ٿڪجي پئي آهيان، موٽي وڃ اُنهيءَ ڏانهن، جنهن سان ريڌل هئين!ماکيءَ جون مکيون اُهي ڦُول ڇا ڪنديون، جي ڦِٽي ڪيا ويا آهن؟

ستينءَ صديءَ جي ڪَوي، ڀرتري هريءَ ۾ ڀرپور عشقيه شاعريءَ جي پهرين جهلڪ ملي ٿي، ڪهڙي نه پُر ڪشش تصوير آهي هن جي پياريءَ جي، جڏهن هوءَ جهنگ ۾ چندرمان جي اُهاءَ ۾ ڀٽڪي ٿي:

ڪامڻي، پاڻ کي چنڊ جي ڪرڻن کان جهنگ جي وڻن ۾ ڇپائي ٿي ۽ پنهنجو گهگهو مٿي ڪري ٿي، جنهن ۾ هن جا اُرهه ڍڪيل ها..... پرڪامنا ڪويءَ جي من کي تڙپائي ٿي، جنهن کي هو نهايت پياري ٻوليءَ ۾ اظهاري ٿو ۽ هن کان پوءِ اَماروءَ جي شاعري شروع ٿئي ٿي، جنهن جو ترجمو اردو شاعر ميراجي پنهنجي ڪتاب ديس ديس کي نظميڊ ۾ نهايت چاهه سان ڪيوآهي. ڇا نه سٽ آهي اَماروءَ جي:

آهستي ڳالهاءِ! مُنهنجو ساجن منهنجي من ۾ آهي، متان اُهو تو کي ٻُڌي نه وٺي!

مون کي ڪجهه سنسڪرت شاعرائون ياد آيون جي مون ڪافي وقت اڳي پڙهيون هيون: وِجا، سِيلا، ڀٽَريڪا، چندريڪا، گوري، پدماوتي، ڦلگو (1) چاندلا، وديا (2) وغيره. انهن جي محبت ۽ فطرت جي شاعريءَ تي هڪ پورو ڪتاب لکي سگهجي ٿو، جنهن جي هتي جاءِ نه آهي. هڪ الڳ ڪتاب ويدانتڪ ڪويتا تي لکي سگهجي ٿو، جڏهن انسان انيڪ ۾ ايڪ ۽ ايڪ ۾ انيڪ ڏسي ٿو، اها شاعر هر صوفيءَ جي اعليٰ شاعري وانگر آهي، هن ڪائنات جي وحدت جي باري ۾، انسان جي نجات جي باري ۾، رامانج ۽ رامانند جي شاعري، ڪبير، ميران ۽ نانڪ جي شاعري. اها شاعري ورثو آهي هند جو ۽ اها منظوم آهي، ماترائن تي آهي. جيڪي مذهبي ڪتاب نثر ۾ آهن انهن ۾ به ترنم آهي، جيئن مان اڳتي هلي ڏيکاريندس.

مون ريٽا کي صلاح ڏني ته هو اڳي وانگر ناول  لکي ڇو ته هن جي نثري شاعريءَ ۾ اهڙي نواڻ نه آهي جا ڌيان پاڻ ڏي ڇڪي وٺي. تازو مون کي هن جو نئون ناول پرهه جا پياڪ مليو آهي جنهن ۾ هن جي نثر ۾ تخليق وڌيڪ سجائي ٿي ڏسجي.

مون کي ريٽا وٽ اهو خيال آيو ته هن ديس جي شاعري، جا هيل تائين نظم ۾ خوبصورت ۽ ترنم واري رهي آهي، اُن کي شاعر نثر ۾ ڇو گِنجرائي رهيا آهن؟ ٽئگور ۾ عمر جي آخر ۾ ٻه ڪتاب نثري نظم جا لکيا ها، ڇو ته هو موزون شاعري نٿي ڪري سگهيو، پر انهن کان پوءِ هُو موزون شاعريءَ تي موٽي آيو هو، جنهن جو ذڪر مان ڪتين ڪر موڙيا جڏهن جي مهاڳ ۾ ڪري چڪو آهيان، (در اصل نثري شاعريءَ جي ٽئگور  کي گنجائش هئي، ڇو ته هن هڪ هزار گيت لکيا ها جن ۾ جَن،  ڱن ۽ مَن ۽ سونار بنگلا جهڙا ترنم وارا گيت به هيا) ريٽا جي زندگيءَ جو نئين ٽيڪنالاجيءَ سان ڪوئي واسطو نه هيو، جنهن سان هندستاني سرمائيداري جو هي صنعتي دؤر واڳيل هو.

روسي شاعريءَ ماياڪو فسڪيءَ، ووزنيسينڪيءَ ۽ ٻين فيوچرسٽ شاعرن جديد ٽيڪنالاجيءَ مان ڪيئي لفظ ورتا آهن، پر پوءِ به ماياڪو فسڪيءَ ۽ ووزينسڪيءَ جا اڪثر نظم بي پناهه موسيقيت سان ڀرپور آهن. مان انهن جي شاعريءَ تي پوءِ ايندس، في الحال مان اهو ٿو چوڻ چاهيان ته جديد هندي شاعريءَ ۾ نثري شاعريءَ لاءِ گهڻو جواز پيدا نه ڪري سگهيا آهن.

ريٽا جي اڱڻ ۾ اڌ رت جو مون چنڊ ڏانهن ڏٺو جو اَشوڪ جي وڻ مٿان ايئن وڃي رهيو هو ڄڻ اُن کي مٿي تي چمي ڏئي رهيو هو. مون مَن ۾ چيو، هيءَ گهڙي اَمر آهي، هن گهڙيءَ جيڪي به وجود ۾ آهي، اُن جي انتها مون تي ٿئي ٿي، هن ساري سنسار ۾ ڪوئي سرگرم آهي جو آبشار وانگر وهي رهيو آهي. اُن ۾ وهنجي ڏسان ته منهنجي لونءَ لونءَ ڪانڊارجي ويندي، مان ئي ته هي سنسار آهيان!

انگريز شاعر وليم بليڪ کان ڪنهن سوال پڇيو هو خدا ڇا آهي؟،

يسوع، تون ۽ مان هن جواب ڏنو هو. اها ئي ته ڪيفيت آهي ڪلاسيڪل سنسڪرت ۽ هندي شاعريءَ جي. باغ جي چوڌاري سانت ۾ اَماروءَ کان اَگيه تائين ڪويتا سمايل هئي. ڪيتري نه مڌرتا هئي اُن ۾! ريٽا ٽيڪنالاجيءَ واري دؤر جي ڪويتا به نٿي لکي! هن ۾ ويدانيت هئي، جنهن جي باري ۾ اڳ ڳايو ويو آهي، ساڳيو پس منظر، ساڳي جذبات جا چاندني ۾ نهر وانگر آهي، پر اُن جون صديون مسلسل اظهار هاڻي طبيعت کي ڀانءِ نٿو پوي.

ٻي ڏينهن تي مون ريٽا وٽ ئي هندستاني شاعريءَ تي ڪجهه ڪتاب نظر مان ڪڍيا ها. هندي شاعريءَ ۾ ڪجهه علامتون آهن جي فطرت سان پُور وڇوٽيون آهن، اهي هيٺ ڏجن ٿيون.

سِجَ اُڀرئي وقت ڪنول جو گُل ٽڙي پوي ٿو ۽ اُهو اسان لاءِ سُونهن، سچ، مڌرتا ۽ منورٿ (مقصد چٽي. ڪويتا ۾ ٻيا گل اهڙا آهن جي ڪنهن ڪامڻيءَ جي ڇُهاءَ. ڀاڪر يا چُمي سان ٽِڙي پون ٿا، جيئن اشوڪ جو وڻ ٽڙي پوي ٿو، اها ڳالهه سونهن جي سڦلتا جي نشاني آهي.

هر موسم سان مخصوص علامتون واسطو رکن ٿيون. ڪويل ۽ انب جو ٻور بسنت جي علامت آهن، مورُ برسات جي علامت آهي، هنس ۽ کَنجن (1)، ٻيا سانگي پکي (سنڌ ۾ ته سوين سانگي پکي ايندا آهن) آڳاٽيءَ سَرءُ جي علامت آهن، ڪوهيڙو ۽ ڇڻندڙ پن سياري جي علامت آهن. (منهنجي هڪ سٽ آهي: ڇڻندڙ پن،

وڇوڙيل يار ڳالهه  ته ساڳي ناهي.)

چاتڪ ۽ پيهو اَمُڙ ۽ اُڻ- ڦِرڻي ڀڳتيءَ جي علامت آهن. اُپائڻهار جي اُڪير ۽ پيار جي آنڊي- گهُرَ جِي سَرءُ جي برسات. جا سُواتي تاري (1) هيٺ پوندي آهي، اها برسات اُپائڻهار جي ڪِرپا جي نشاني آهي؛ ناگ ۾ وهه، سِپ ۾ موتي ۽ بانس ۾ دارون پيدا ڪري ٿي. چاتِڪ کي سُواتيءَ جي جَر کان سواءِ ٻي ڪنهن جَر لاءِ ڪِرڀ ايندي آهي ۽ فقط اُهو ئي هن جي اُڃ اُجهائي سگهندو آهي. اهڙي طرح اُڃاري جيءَ کي آٿت نه ايندي آهي، جيستائين اُن تي ٻاجهاري جي ٻاجهه نه ٿيندي آهي.

ڪام ، جو سنيهه ۽ لنُئون جو ديوتا آهي، جنهن کي شِوَ جلائي رکَ ڪري ڇڏيو آهي. پر جو سڀاڳو آهي، اُهو سدائين سرير کان سواءِ آهي. اِها ڳالهه اِهو ڀاءُ پيدا ڪري ٿي ته سريرڪ ڪامنا جون جڙون جيءَ ۾ نه آهن ۽ اُها اَجائي آهي. ڪام جي وَني رِتي (موهه) آهي ۽ هن جا سنگي  بسنت، چنڊ ۽ چاتڪ پکي آهن.

هاٿِي چال ۾ سوڀيا، سانتيڪائيءَ، سگهه ۽ بَار ۾ ڀاري پِڻي جي نشاني آهي، شينُهن ڏيا ۽ تَن مَن جي ٻَل ۽ ڦُڙتائي جي علامت آهي ۽ هَرڻ تِکَ، سُوکيمتا ۽ حواس جي ناپائداريءَ جي علامت آهي.

انسان جي چهري جي چنڊ سان تشبيهه ڏئي وئي آهي. اکين کي کَنجن پکيءَ سان يا اهي  آمي جي ڦار يا هرڻيءَ جي اکين سان ڀيٽيون ويون آهن. وَارَ وَسيهر، ڪاريءَ گهٽا يا رات وانگر آهن، چَپ بمبا جي ڦل وانگر آهن، جو ڳاڙهو ۽ شعلي رنگ ٿيندو آهي يا اَنب جي ڪچڙن ڪؤنپلن يا مرجان وانگر  آهن، ڏند موتين جي لڙهيءَ جهڙا آهن، ڀرپور ڇاتي ڦَلدائڪ اِستري پڻي جي نشاني آهي، سنهي چيلهه جي چيتي جي چيلهه سان ڀيٽ ڪئي وئي، رانُن کي ڪيوڙي جي ٿُڙ يا هاٿيءَ جي سُونڍ سان ڀيٽيو ويو آهي (سنڌيءَ ۾ ڪَنجل- لوڏ 2، سينگار ۾ استعمال ٿيل آهن)، هَٿَ پير ڪوڻين جيان آهن، جيڪي اکين جي اشارن سان گڏ ناچ، ناٽڪ يا ڪويتا ۾ مُدرا (3) جو ڪم ڏين ٿا.

روايتي سُوڻ ۾ اهڃاڻ آهن:

ڀريل گهڙو، اُڏار ۾ پکيئڙو، گابي کي بير ڌارائڻ وقت گانءِ، سائو گاهه، پانَ جا پَتا، سَنک، سِر کنڊ ليپه آرسي، ٻارڙن سان اَمڙ، گهلندڙ هِير، چندن جو تِلڪ ٻيا به ڪيئي سُوڻ اَپسوُڻ آهن. ڳڀُ علامت آهي سلسلي جي ، پُنر آرنڀ جي، آس جي اَنڀو جي.

هنديءَ جي همعصر شاعرن اهي علامتون ۽ روايتون هن سرشٽيءَ جي سُڃاڻ ۽ اُن ۾ ويساهه جي اظهارڻ لاءِ ڪم آنديون آهن. هنن اُنهن ۾ اُپڀاشائن ۽ لوڪَ- ڪَٿائن مان ڪجهه اضافو به ڪيو آهي پر هنن پاڻ کي روايتي انداز تائين محدود نه رکيو آهي. ڪنهن مهل هُنن بنهه نيون تشبيهون ۽ آدرشي دنيا جو نئون تصور ڏنو آهي، مثال طور:

هڪ گُڏِي، ٺاهيل لينگهائتي، چِڪَڙ ميري ڪپڙي مان يا پاڻيءَ جي ڪِٽلي جا ڪڙهِي، ٻاڦ ٿي وڃي ٿي يا ڪيسري ڪمار جي ڪويتا جي سٽ سانجهه! تو کي ڪيئن سمجهايان؟ اُها مزمان جي اوٻاسيءَ وانگر لڳي رهي آهي يا ڪنهن جديد هندي شاعر پنهنجيءَ ڪويتا سامونڊي ڪنٺي تي سنجها ۾ چيو آهي ته:

 

واريءَ جا ڍڳ گهيرٽ کائي رهيا آهن،

ٻِلين وانگر لهرون اُنهن جي چنبن کان (رانڀوٽن جي ڀَوَ کان)

تڪڙيون تڪڙيون ڊوڙي رهيون آهن.

ڪِرِتي چؤڌريءَ جي ڪويتا اَچُرتا ۾ آهي:

منجهند لهرون ٿي وئي آهي

۽ پنهنجيءَ  اَڻاسي اَؤجر ۾

ٻهڪي رهي آهي

 

اهي مٿي آيل چار پنج تصور مون هنديءَ جي نثري شاعريءَ مان اچانڪ کنيا آهن ۽ اُهي روايتي نه آهن ۽ يگاني تحرير کي اظهارن ٿا.

هڪ ٻي جديد شاعر جو هي نثري نظم ڏسو:

ڪنهن

نئين ڏينهن کي منهنجي دروازي ٻاهران ڦٽي ڪيو آهي هڪ خط

وانگر، جنهن تي ڪائي پراهين ۽ اچرج جهڙي ٽِڪلي لڳل آهي،

اُن جي اَڇُتي لفافي تي مهر لڳل آهي

اَڻ- وسهو لاک جِي،

اَچ ته اَسان اُنهيءَ مهر کي ٽوڙيون!

مون اها ڪويتا پڙهي اُن ۾ جديد شاعري جي نواڻ ته محسوس ڪئي پر سوچيو ته ڇا اهي نثري ٽڪرا ڪنهن ناول، ڪهاڻيءَ ڊائريءَ يا سفر نامي وغيره جو حصو نه ٿي سگهيا؟ آخر مون به هن وقت جيڪي به نثري نظم لکيا آهن، اُهي منهنجي نوٽ بُڪ جا ٽڪرا آهن جي مون ناول يا ڊائري يا سفرنامي جو حصو ڪرڻ چاهيا ها!

اردو ۾ آزاد نظم ته بحروزن تي هوندو آهي ۽ جيتوڻيڪ اُن جون سٽون ننڍيون وڏيون هونديون آهن پر انهن ۾ ڪوئي مرڪزي خيال سمايل هوندو آهي. ڪيئي سال اڳ اردوءَ ۾ نثري نظم به لکيا ويندا هئا. جنهن کي اردوءَ جا اَڌ- اکري شاعر ادب- لطيف چوندا ها. اهو ادب لطيف ڪيئن هو ۽ ٻيو ادب ڪثيف ڪيئن هو،ان لاءِ هو ڪوئي سبب نه ڏيندا ها. دراصل ٽئگور جي منظوم بنگالي شاعريءَ، جا ييِٽس انگريزي نثري نظم ۾ گيتا انجليءَ جي نالي سان ڪجهه ترجما ڪيا، جن تي ٽئگورکي نوبل پرائيز مليو هو. ٽئگور پاڻ به پنهنجا ڪتاب باغبان ڪبير جا گيت وغيره انگريزيءَ ۾ نثري نظم ۾ ترجمو ڪيا ۽ پڙهندڙن ۾ غلط تاثر اهو پيدا ٿيو هو ته اصل بنگالي شاعري به ايئن نثري نظم ۾ هئي. جڏهن ٽئگور کي نوبل پرائيز ملي ته هر شاعر ننڍي کنڊ ۾ نثري نظم ٿي لکڻ چاهيو. مون کي هڪ کل جهرو واقعو ياد اَچي رهيو آهي. جڏهن مان بي-اي ۾ پڙهندو هوس ته ميٺارام هاسٽل مان بندر روڊ تي هڪ اسٽيشنريءَ (ڪاغذ، قلم، مَسُ وغيره) جي دڪان تي پينسليون خريد ڪرڻ ويس. دڪان جو هندو مالڪ هڪ جهازي سائيز نوٽ بُڪ تي ڪجهه سنڌيءَ ۾ لکي رهيو هو. مون سمجهيو ته هُو پنهنجو  وَهِي کاتو ٿو لکي. مون هُن کي پينسلين لاءِ چيو ته چپن تي آڱر رکي، مون کي چُپ ڪرڻ لاءِ چيو. مون  ڀانيو ته هن جي حساب ڪتاب ۾ رنڊڪ ٿي پئي، سو مان ماٺ ڪري بيهي رهيس. هو مون کان پنج فوٽ پري ويٺو هو ۽ منهنجي هُن جي ڪتاب تي نظر نه ٿي پئي. پنج ڇهه منٽ گذريا ته هن ڪتاب مان منهن ڪڍي مون کان پڇيو: ڪاليج ۾ پڙهندو آهين؟

مون جواب ڏنو هائو

پوءِ مها ڪري ٽئگوپر ته پڙهيو هوندءِ؟ هن پڇيو مان به هي ڪتاب ٽئگور وانگر سنڌي نثري نظم ۾ لکي رهيو آهيان. ان جو پروفيسر اجواڻيءَ کان انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرائيندس. تون آرٽس ۾ پڙهندو آهين يا سائنس ۾؟ هن مون کي غور سان ڏسي پڇيو.

آرٽس ۾ مون جواب ڏنو.

پوءِ ته تون پروفيسر اجواڻيءَ کي سڃاڻيندو هوندين؟ هو منهنجو پاڙيسري آهي.

هن چيو، مون ڪنڌ ڌوڻي هائو ڪئي.

بس، ڇڙو پروفيسر اجواڻي هن کي ترجمو ڪري ته نوبل پرائيز منهنجي کيسي ۾ پئي آهي. تون هي ڪتاب پڙهي ڏسندين؟ هن پڇيو.

مون وَري ڪنڌ ڌوڻي هائو ڪئي ته هُن پنهنجو ڪتاب مون ڏانهن وڌايو. مون ڪتاب وٺي پهريون نظم ڏٺو:

 

تيز هوا لڳي رهي آهي

کيکڙا ڪناري تي وڃي رهيا آهن.........

 

پوءِ هن جا اکر ڪاغذ تي هيٺ لهندا ويا، جيئن کيکڙا ساحل تي واري جي ڍير تان لهندا آهن، مون جڏهن هن کي ڪتاب موٽايو ته هن پڇيو:

ڪيئن مون کي نوبل پرائيز ملندي نه؟ مون ڪنڌ ڌوڻي هائو ڪئي ته هُن مون کي ڇهه پينسلون ڏنيون ۽ پئسا نه ورتا.

ٻي ڀيري 1965ع واري جنگ ۾ مون سان گڏ پروفيسر جهامنداس جهامجيل ۾ گڏ هو. مان پرمانند ميورام جي ڊڪشنري ڳولي ٿڪو آهيان. پر مون کي جهاز لفظ ڪٿي نظرنه آيو آهي. البته اردوءَ ۾ تام جهام لفظ آهي، جو هڪ قسم جي اَڻ گهڙيل ڏوليءَ کي چوندا آهن. اهو تلخص هن سام جي مقابلي ۾ رکيو هو، جو جئسنگهاڻيءَ  جو تخلص هو، جئسنگهاڻي سام لاڙڪاڻي جو شاعر، جو اربندو گهوش جي نموني اڪبر آشرم جو باني ۽ جيتامڙي جي دائريءَ جو مصنف هو.  سنڌي ۾سام لفظ معني! پناهه يا سهارو آهي، باقي سنسڪرت ۾ سامُ ته ٽن ويدن مان هڪ ويد جو نالو آهي، جي ماترائن تي ٻَڌل آهن ۽ ڳائي سگهجن ٿا. جئسنگهاڻيءَ سام کي سچلسرمست وانگر شاعر هفت زبان ٿيڻ جو خبط هو ۽ هو نه رڳو سنڌي، سرائڪيءَ، اردو، هنديءَ ۾ ڪلام لکندو هو ۽ اڪبر آشرم ۾ ڳارائيندو هو؛ پر ديوان- حافظ مان قافيا ۽ ريديفون لکي، حافظ جي تتبع تي فارسي غزل لکندو هو. مان جڏهن به لاڙڪاڻي ڪنهن ڪيس سان ويندو هوس ته هن وٽ ضرور ويندو هوس. هو ۽ هن جي خوبصورت ڌرم پتني ڊاڪٽر سرلا منهنجي خاطر تواضع ڪندا ها. اسان گڏجي  ناونوش ڪندا هئاسين ۽ مان هن جا فارسي غزل ٻڌندو هوس. جيتوڻيڪ مون سام کي ڪيئي ڀيرا چيو هو ته هن کي زير- اضافت ۽ واوعطفيءَ جو پورو پتو نٿو پوي پر هو وري وري ساڳيون غلطيون ڪندو هو. مرحوم لطف الله بدوي، جيڪو علامه اقبال جي اسرار خودي ۽ رموز بيخوديءَ وانگر فارسيءَ  ۾ مثنويون لکندو هو، اُهو نه رڳو اقبال جو تتبع ڪندو هو  پر فارسيءَ ۾ زير- اضافت ۽ واوعطفي چڱي طرح وزن ۾ آڻي نه سگهندو هو. مان هن جي ڪم آندل واوعطفيءَ کي واءُ لطفي چوندو هوس. ڳالهه نڪتي سام جي ڳالهه تان. مان، سام ۽ سرلا تي هڪ پورو ناول لکي ٿو سگهان، هو ٻئي ٻين لکن انسانن وانگر تقسيم جي تباهه ڪاريءَ جا مجسما هئا، پر هتي اُنهن جي ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي جهامنداس جهام ڏانهن موٽان ٿو، جنهن کي عروض جي الف- بي جي خبر نه هئي ۽ سام کي شهه ڏيڻ لاءِ ٽئگور وانگر نثري نظم جرمنيءَ ۾ پنهنجي قلمي دوست ليڪي (Lubke) کي موڪليندو هو، جو خود رِلڪي جو اولڙو هو ۽ جو هن جي انگريزي ترجمي کي سنڌي منظوم شاعريءَ جو انگريزيءَ ۾ نثري ترجمو سمجهي، جرمن نثر ۾ ترجمو ڪندو هو. هُن کي جهام منهنجا منظوم شعر به  ترجمو ڪري موڪليا هيا. جي به هن جرمن زبان ۾ سنڌي شاعريءَ جي انتخاب ۾ ڇَپايا ها، جن مان هڪ ڪتابچو مون وٽ اڃان آهي. (تازو گوئٽي انسٽيٽيوٽ جي جرمن ڊائريڪٽر،جا منهنجي دوست ٿي وئي آهي، منهنجي پڇڻ تي ٻڌايو ته ليڪي هڪ معمولي شاعر آهي ۽ هاڻي ٻوڙو ٿي چُڪو آهي) سو مون جڏهن جهام جا نظم ڏٺا ته مون کي اُهو اسٽيشنريءَ وارو دڪاندار ياد آيو. جنهن جو مون ذڪر مٿي ڪيو آهي.

 منهنجو چوڻ جو مقصد اهو هو ته اڪثر نثري شاعري اهو روحانيت جو گٽر آهي، جنهن تي چنڊ جي روشني پئجي رهي آهي، جرمن شاعريءَ ۾ برٽالٽ بريخت جا نثري نظم ڏسجن، جنهن جا ٽي جلد مون پڙهيا آهن ته اُننهن جي دنيا ئي ٻي آهي. ڪجهه ماياڪو فسڪيءَ وانگر، آرٽ جي فيوچرسٽ نظريي کان متاثر خوبصورت نظم آهن، جن ۾ ٽيڪنالاجيءَ جي دؤرجو پڙاڏو آهي ۽ پنهنجي دؤر جي سياسيي پيڙا به نهايت خوبصورتيءَ سان چٽي وئي آهي. اولهه ۽ اوڀر جرمني زياده ترڪيونسٽ آرٽ ۽ ادبي تخليقن کي تڇ ٿي سمجهي پر برٽالٽ  بريخت جي نثري شاعري ۽ نهايت خوبصورت ڊرامن کي پوري جرمنيءَ ۾ اهميت آهي. منهنجي دوست اسلم اظهر (جو بينظير ڀٽو جي دؤر ۾ پاڪستان ٽيليوزن جو جرنل مئنيجر هو) نوڪريءَ کان اڳ گئليلو سوڌا بريخت جا پنج ڇهه ڊراما اسٽيج تي آندا هئا. پر اُنهن ۾ انساني عمل کي ترجيح هئي ۽ اهڙا ٽڪرا گهٽ هيا، جن کي نثري شاعري چئي سگهجي، جنهن مان شيڪسپيئر جا ڊراما جهنجهيا پيا آهن.

مون انجيل ۾ نثري شاعريحضرت سليمان جي راڳن جي راڳ ۾ ڏٺي. اهو ڪتاب مون 55ع ۾ نئين سال جي رات هڪ عيسائي ديول مان وَرتو هو. مان ۽ منهنجو دوست مونس، ٻارهين بجي رات کان پوءِ جڏهن نئين سال جي شروعات ٿي، سکر جيم خاني مان مدهوشيءَ جي حالت ۾  نڪتاسين ۽ پنڌ ڪُئينس روڊ ڏانهن ٿي وياسين جتي مُونس منهنجي آفيس ۾ رهندو هو، ۽ جتي منهنجي ڪار بيٺل هئي، جنهن ۾ مان پراڻي سکر وڃڻو هوس. رستي جي مُهڙ وٽ چرَچ هئي، مان ته ٻاهر مذهبي ڪتاب ڏسڻ لڳس ۽ سينٽ ٿامس اَڪئيناس جو هڪ ڪتاب ۽ ٽي انجيل انگريزي، اردو ۽ سنڌي ۾ خريد ڪيم. مون کي اهو ڏسي حيرت آئي ته مقدس بائيبل- نئون ۽ پراڻو عهدنامو ڪنهن پادريءَ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو، جو گربخشاڻي واري شاهه جي رسالي کان به ٿوريءَ وڏي ماپ جو هيو ۽ جنهن ۾ 1669 صفحا هيا. اهو بائيبل هندستان، پاڪستان ۽ سلون جي بائيبل سوسائٽيءَ 1954ع ۾ لاهور ۾ ڇپايو هو. ايتري ۾ شور ٿي ويو. مونس، جو غالب وانگر، روز-ابر ۽ شب- ماهتاب ۾، بيخوديءَ جي عالم ۾ هوندو هو. مسيح  جي بت ڏانهن ڌوڪي ويو هو ۽هن جي پيرن سان مٿو ٽڪرائي چئي رهيو هو: تون مون تي رحم ڇو نٿو ڪرين؟ تون مون تي رحم ڇو نٿو ڪرين؟ مون ان کي عيسائي عبادت ۾ بيجا دخل سمجهيو ۽ هن کي ٻانهن کان ڇڪي ٻاهر وٺي آيس. (تفصيل سان اها ڳالهه ڪنهن وقت پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ لکندس.)

مٿي ڄاڻايل انجيل جا ٽئي ترجما مون وٽ اڃا تائين آهن. سنڌي نسخي مان راڳن جي راڳ جا ڪجهه چونڊ ٽڪرا هيٺ ڏيان ٿو، جي خوبصورت نثري نظم وانگر آهن ۽ جن جو سنڌي ترجمو لاهور واري بائيبل سوسائٽي جو ڪرايل آهي ۽ صفحي 1224 تي ڏنل آهي:

 

سليمان جي راڳن جو راڳ

ڀلي ته هو وات جي چمين سان مون کي چُمي، ڇاڪاڻ جو هن جي محبت شراب کان بهتر آهي.

منهنجو محبوب منهنجي لاءِ اهڙو آهي، جهڙو مِر(1) جو ڇُڳو، جو منهنجين ڇاتين تي وچ ۾ پيو آهي.

منهنجو محبوب اهڙو آهي، جهڙو ميديءَ جي گلن جو ڇڳو، جو عين جِدي جي ڊاک جي باغن مان آهي.

ڏس، اي منهنجي پياري‏، تون سهڻي آهين، تون خوبصورت آهين، تنهنجون اکيون ڪبوترين جهڙيون آهن.

ڏس، اي منهنجا محبوب! تون حسين آهين، هائو دلپسند آهين، اسان جو پلنگ سائو آهي.

اسان جي گهر جون ڪامون سَروَ جون آهن ۽ اسان جون پٽيون صنوير جون آهن.

(2)

1- آءٌ شارون جو گلاب آهيان، آءٌ وادين جو سُوسن آهيان.

2- جيئن سُوسن ڪَنڊن ۾ آهي، تيئن منهنجي محبوبا ڪنوارين ۾ آهي.

3- جيئن جهنگ جي وڻن ۾ صوف جو وڻ تيئن منهنجي محبوبا به نوجوانن ۾ آهي، آءٌ ڏاڍيءَ خوشيءَ سان هن جي ڇانو ۾ ويهي رهيس ۽ هن جو ميوو مون کي مٺو لڳو.

4- هن مون کي مجلس ۾ آندو ۽ هن جو جهنڊو منهنجي مٿان محبت جو هو.

5- اوهان مون کي ڪشمڪش سان آرام ڏيو ۽ صوفن سان مون کي تازو توانو ڪيو، ڇا لاءِ جو آءٌ محبت جو مريض آهيان.

6- هن جو کاٻو هٿ منهنجي مٿي هيٺان آهي ۽ هن جي سڄي جو مون کي ڀاڪُر پيل آهي.

7- اي يروشلم جُون ڌِيون! آءٌ اوهان کي قسم ڏيان. اُنهن هرڻين جو ۽ ميدان جي ڄانگهن جو، ته اوهين پيار کي نه اُٿاريو، نه جاڳايو، جيستائين ڪه هو پاڻ اُٿڻ گهري.

8- اِجهو منهنجي محبوب جو آواز! ڏِس، هو جبلن تان ٿيندو ۽ ٽڪرن تان ڊوڙندو اچي ٿو.

9- منهنجو محبوب هڪ هرڻ يا جوان ڄانگهي جهڙو آهي. ڏِس! هو اسان جي ڀت پٺيان بيٺو آهي، هو درين مان جهاتيون پائي ٿو، هو ڳڙکين مان پاڻ ڏيکاري ٿو.

10- منهنجي محبوب مون سان ڳالهايو ۽ چيائين ته اي منهنجي پياري مُنهنجي نازنين، اُٿي هلي اَچ!

11- زمين تي گل نڪتا آهن ۽ پکين جي ڳائن جي موسم آئي آهي ۽ ڳيري جي ٻولي اسان جي مُلڪ ۾ پئي ٻُڌجي.

13- انجير جو وڻ پنهنجا ساوا انجير پچائي ٿو، ڊاکن ٻور جَهليو آهي ۽ انهن مان خوشبوءِ پئي اچي. اُٿ، اي مُنهنجي پياري، مُنهنجي ناز نين، هلي اَچ!

14- اي منهنجي ڪبوتر! تون جا ٽَڪر جي ڦاٽَن ۽ اُڀڪپريءَ واريءَ جاءِ جي اوٽ ۾ آهين، پنهنجي شڪل ڏيکار، پنهنجو آواز ٻڌاءِ، ڇا لاءِ جو تنهنجو آواز مِٺو آهي ۽ منهنجي شڪل سُهڻي آهي.

15- اسان جي لاءِ تون لومڙيون، ننڍيون لومڙيون پَڪڙ، جي ڊاک جو مَنهن زيان ٿيون ڪن، ڇاڪاڻ جو اسان جي ڊاک جي مَنهن ٻور ڪيو آهي.

(منهنجي پيءُ لوڊن جي ڳوٺ شڪارپور ۾ بنگلو ٺهرايو هو. بنگلي ۾ ٻين وڻن، ٻوٽن سان گڏ هڪ سنگ مَر مَر جو تلاءُ به هو، جنهن تي مَنهن هو، جو ڊاک جي وَل سان ڇانيل هو. مون کي اڃان ياد آهي ته ڊاک ۾ ٻور ڪيڏو نه پيارو لڳندو آهي! اهو بنگلو ۽ باغ ٽئين ڏهاڪي واري وڏيءَ ٻوڏ ۾ ٻُڏي ويو هو)

16- منهنجو محبوب منهنجو آهي ۽ آءٌ سندس آهيان، هو پنهنجو گلو (1) سوسن ۾ ٿو چاري.

17-  جيستائين ڏينهن ٿڌو ٿئي ۽ پاڇو لهي، تيستائين اي منهنجا محبوب موٽي اچ! بلڪ تون انهيءَ هَرَڻ  يا جوان ڄانگهي جهڙو ٿيءُ، جو پٿر جي جبلن تي آهي.

 

(3)

1-  جنهن سان منهنجي محبت آهي، تنهن کي رات جو مون پنهنجيءَ هَندَ تي ڳوليو مون هن کي ڳوليو  پر ڪين لڌو مانس.

12- مون چيوته هاڻي مان اُٿندس ۽ شهر جي چوڌاري گهمنديس ته جنهن سان منهنجي جان جي محبت آهي، تنهن کي گهٽين ۽ چَؤسولن تي ڳوليان، مون هن کي ڳوليو پر ڪين لڌو مانس.

13- پَهري وارا جي شهر جي چوڌاري پيا گهمن تن مون کي ڏٺو، انهن کي مون چيو ته اوهان ڪو هُن کي ڏٺو، جنهنن سان منهنجي جان جي محبت آهي؟

(7)

1- اي شهزادي تنهنجا پير چاکڙين ۾ ڪهڙا نه سهڻا ٿا لڳن! تنهنجين رانن جا سَنڌ جواهرن جهڙا آهن، جي ڪنهن اُستاد ڪاريگر جي هٿان جڙيل هجن.

2- تُنهنجون دُن گول پيالي جهڙو آهي.............

3- تُنهنجون ڇاتيون ٻن ٻِٽڙِن جهڙيون آهن  جي هرڻيءَ جا جاڙا ٻچا هجن.

4- تنهنجي ڳچي عاج جي ٿنڀ جهڙي آهي، تنهنجون اکيون خشيون جي تلاوَن جهڙيون آهن، جي بيت ربيم جي در وٽ آهن، تنهنجو نَڪ لبنان جي ٺُل وانگر آهي، جنهن جو رُخ دمشق ڏي آهي.

1- اي پياري! خوشين جي ڪري تون ڪهڙي نه خوبصورت ۽ دلپسند آهين!

2- تنهنجو قد کجيءَ جي وڻ وانگر آهي ۽ تنهنجون ڇاتيون ڊاک جي ڇڳن جهڙيون آهن.

8- مون چيو ته آءٌ انهيءَ کجيءَ جي وڻ تي چڙهان ۽ اُن جو ٽاريون جهلي بيهان، ڀلي ته تنهنجون ڇاتيون ڊاک جي ڇڳن جهڙيون هجن ۽ تنهنجي پساهه جي خوشبوءِ صوفن جهڙي آهي.

9- ۽ تنهنجو وات تمام عمدي شراب جهڙو آهي، جو منهنجي محبوب جي لاءِ لنسو وهندو وڃي ۽ جيڪي سُتا پيا آهن تِن جي چپن مان به ترڪندو وڃي.

11- اي منهنجا محبوب اچ ته ٻهراڙيءَ ۾ هلون ۽ ڳوٺن ۾ هلي گذاريون.

12- هَل ته سَوير اُٿي ڊاک جي مَنهن ۾ هلون، ڏسون ته ڊاک ڦٽي آهي يا نه، اُن جا گل کليا آهن يا نه ڏاڙهونءَ گل جهليا آهن يا نه، اُتي تو کي پنهنجي محبت ڏيندس.

(8)

6- مون کي مُهر وانگر پنهنجي دل تي هَڻ ۽ مُهر وانگر پنهنجي ٻانهن تي رک، ڇا لاءِ ته محبت موت وانگر زور واري آهي، حسن تير وانگر ظلم ڪندڙ آهي، اُن جا شعلا باهه جا شعلا آهن. اها خداوند جو شعلو آهي.

اِهو آهي حضرت سليمان جو راڳن جو راڳ، جو هڪ نثري نظم وانگر لڳي ٿو. اڃان ته اُن ۾ ٻيا فقرا حيرت انگيز آهن. پر سنڌ جي اخلاقيات جي محدود تصور ڪري مون اُهي نه ڏنا آهن. فارسي جي مشهور شاعر صائب جو شعر آهي.

 

آن کہ اَولَ شعر گفت آدم صفني الله بود

طبع موزون حجَت فرزنديء بُود

 

(جنهن پهريون شعر چيو آدم صفي الله هو، موزون طبع آدم جي فرزنديءَ جو دليل آهي)

ساڳيءَ ريت امير خسروءَ جو شعر آهي:

ماهمہ در اصل شاعر زاده ايم،

دل بہ اين محنت نہ ازخود داده ايم-

(اسان دراصل شاعرمان پيدا ٿيا آهيون، هيئن پنهنجو پاڻ دل لائي محنت نه ڪري رهيا آهيون.)

تشبيهه جي قدامت جو ان ڳالهه مان اندازو لڳايو ته قديم زماني ۾ هڪ مصري شاعر ٿيبان(1) مصر جي فرعونن مان راسيس 2 (1292 کان 1225 ق- م- تائين) جي تعريف ۾ ڪجهه شعر لکيا ۽ جي اهرامِ مصر (Pyramids) جي اندر هڪ سخت پٿر تي اُڪريل آهن:

بادشاهه جرئت ۾ جنگ جو ديوتا ٿو نظر اچي ۽ لڙائيءَ ۾ وحشي سانَ وانگر آهي، ماڻهو هن کان ايئن ڊڄن ٿا جيئن جهنگ جي شينهن کان ڊڄندا آهن. صبح جو جڏهن هو بيدار ٿيندو آهي ته ايئن لڳندو آهي ته سج اُڀري رهيو آهي.

اهي شعر موزون آهن ۽ اُنهن ۾ ٻي شاعري وانگر تشبيهون آهن.


(1)  ڦلگو:انجير جو وڻ، هڪ نديءَ جو نالو جا گنگا مان وَهي ٿي، هوليءَ ۾ ڪم ايندڙ ڳاڙهو ٻورو.

(2)  چاندلا: نرڙ لاءِ سونو زيور، جهومر.

(1)  کَنجن: پکيءَ جو نالو (The Spotted fork tail)

(1) سُواتي تارو (The  Star Arcturus) (2) ڪَنجل: هاٿي

(3)  مُدرا: آڱرين کي پوڄا ۾ ويڙهڻ يا وڪوڙڻ جو طريقو.

(1)  مِر: هڪ صحرا جو خوشبودار ٻوٽو، جو وچ اوڀر ۾ ٿيندو آهي ۽ جنهن جي خوشبو عورتون بدن کي لڳائينديون هيون ۽ جنهن جو تيل چراغن ۾ ٻاريندا ها.

(1)  گلو: ڌڻ

(1)  ٿيبان: Theban

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com