سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري

باب: --

صفحو :42

هي انهيءَ ڌرتيءَ جو نظم آهي جا آزاد ٿي چُڪي آهي. اچو ته جنوبي آفريڪا هلون جتي Negritude (1)جي خلاف جدوجهد اڃان هلي رهي آهي. ڊينس بَروَٽس جو هڪ نظم آهي:

اوهان ڊاڪه زنيءَ کي غلط نه سمجهو،

اها جسم جي ضرورت جو اظهار آهي.

تَهِي دست، بي زبان جسم پنهنجي

طريقي سان هٿورڙيون هڻي

اندر جي اشتها کي پڌرو ڪري ٿو.

هيکليءَ سَڌ جي گپت ايڪانت

چٻاڙي رهي آهي جيون جا پِراڻ اَسٿان،

۽ سَتا مان هڙٻاٽون ٺِڪرين وانگر نڪري آيون آهن،

هن رمتي جيون کي ڀَوَ ذر ۾ وجهي، ڪاسائِڪي

مَن ورتي ڏني اَٿائون.

جيتوڻيڪ تُنهنجو ماس رهڙجي چُڪو آهي.

۽ منهنجون ٻانهون ڏُکي رهيون آهن،

پر پياري، ويساهه ڪر، ته مان پيڙا ۾

ڀنواٽيون کائي،

۽ تنهنجي سور جي سوکڙيءَ مان

پنهنجي ڪو ملتا ڪي بُکي گُهرج وائکي

ڪري رهيو آهيان.

 

انگريزيءَ ۾ هرو ڀرو استعارا گنجرايا ويا آهن ۽ ان ڪري اُنهن جو سنڌي ترجمو ڏکيو ٿي پيو آهي.پوءِ به شعر جو مطلب آهي ته هڪ ڪرانتي ڪار جو اندر ڪيترو ڪومل ٿي سگهي ٿو.

منهنجي سامهون هڪ ٻيو ڪتاب Modern poetry from Africa (آفريڪا جي جديد شاعري) پيو آهي. ڪنهن چيو آهي ته هر سياهه فام کي اها ڳالهه ڌيان تي آئي آهي ته نه فقط هو سياهه فام آهي، پر هو سفيد فام نه آهي. سياهه فام جي ڌيان تي اها ڳالهه تڏهن اچي ٿي، جڏهن هو ڏسي ٿو ته هڪ دشمن سفيد فام سماج هُن کي ڪيئن مسترد ڪري چڪو آهي۔ اها ڳالهه مختلف طريقن سان ڌيان تي اچي ٿي. اها ڳالهه فرينچ آفريڪين جي ڌيان تي آئي هئي، جو فرينچ راڄڌانين ۾ اڇي چمڙيءَ واري سماج هنن کي پنهنجن شرطن تي قبول ڪيو هو. اهو سماج هنن کي هنن جو رنگ معاف ڪرڻ لاءِ تيار هو، جي هو مغربي تهذيب، تمدن ۽ ان جي رسم رواج ۾ ملبوس هيا ۽ ان جي مذهب کي اپنايو هيائون. انهيءَ ڳالهه هنن کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪيو هو ته هنن جي رنگ جي هنن لاءِ ڪهڙي اهميت آهي. ڇا هو هڪڙا سياهه فام نه هئا جي پنهنجيءَ ڌرتيءَ تي رهيل ها جا تلف تاراج ٿي چڪي هئي؟ ڇا هو غير سفيد فام نه هيا جي ٻئي جي تامل، برداشت ۽ چشم پوشيءَ تي جي رهيا پيا هئا؟ انهيءَ ظاهري يڪسانيت (Assimilation) جو نتيجو اهو ٿيو جو هنن کي پنهنجي سياهه فامي وري وري ياد آئي، جا هن کان نؤ آباديءَ جي قوتّن وسارڻ چاهي ٿي. اهو اشارو، جنهن ۾ رَد ۽ قبول ٻئي هئا،  Negritude (سياهه فامي) لاءِ ڏنو ٿي ويو. هي اشارا ڪنهن نه ڪنهن پئرس جي طبقي  ۾ به ڪيا ٿي ويا ۽ نيگرو دانشور طبقي تائين محدود هئا، جنهن ۾ ڪيترائي شامل هئا، جهڙوڪ سينگهار (Senghor)، ڊيوڊ ڊئوپ (David Diop)، براگوڊئوپ (Birago Diop) ۽ ڪجهه ڪانگو جا شاعر، جي جديد آفريڪا جي شاعريءَ لاءِ ذميوار هئا. مئڊا گاسڪر جي جمهوريت به سينگهار جي شاعريءَ کي اپنايو. مئڊا گاسڪر آفريڪا جي آخري حصو هو، جو فرانس جي تسلّط ۾ آيو. 1920ع  تائين مئڊاگاسڪر هڪ جيينس شاعر، زان جوزف روبيئرويلو (Jean Joseph Robierevelo) پيدا ڪيو، جنهن فرينچ ۾ سوچيو ۽ لکيو. پر هن 1937ع ۾ آپگهات ڪيو، جڏهن فرينچ افسر شاهيءَ هن جي فرانس وڃڻ تي مسلسل رڪاوٽون وڌيون. هن تي لافورگ، رامبوءَ وغيره جو اثر هو. ڪجهه وقت کان پوءِ مئڊاگاسڪر ٻيو شاعر فلاوي رينيوو (Flavien Ranaivo) پيدا ڪيو، جنهن پنهنجن روايتن جو نهايت پُر اثر اظهار ڪيو ۽ هن جي نظم ۾ هن جي بازاري گستاخ ٻولي تي چالو لوڪ گيتن جو گهرو اثر آهي. مئڊا گاسڪر جا ٻيا به شاعر آهن، پر سينگهار تمام ٿورن سينيگالين مان آهي، جن فرينچ يونيورسٽيءَ ۾ تعليم پرائي آهي. پئرس ۾ هو ٻن ٻين شاعن جي مارٽينيڪ جي ايمي سيزاري (Aime cezaire) ۽ فرينچ گِنيءَ جي ليون ڊامس (Leon Damas) سان مليو ۽ ٽئي سياهه فاميءَ جا رسول (Apostles of Negritude) سڏجڻ ۾ آيا. انهن مان ڪن شاعرن تي فرينچ سريئلزم جو اثر ٿيو.

ڪانگو جي يُو تماسيءَ (U.Tamasi) جو هڪ شعر آهي:

منهنجي ڪُل کي اڃان ياد آهي

انهيءَ پگهريل ٽامي مليل قلعيءَ جو ذائقو،

جڏهن اهو اُن کي ڪوسو پيئاريو ويو هو.

گهانا ۽ لبريئا ۾ انگريزيءَ ۾ شاعري ڪئي اٿائون، مثال طور:

خبردار!

اِهي زرد مُنهان اَجنبي

پنهنجن ناپاڪ پيرن سان

اسان جي پيءُ ڏاڏي جي ڌرتيءَ کي

پليد ڪن ٿا.

 

جنوبي آفريڪا جو هڪ نظم آهي:

 

اسان جي رسم رواج کي کوٽي ڪڍيو ويو آهي،

۽ انهن کي گاهه وانگر پاسيرو ڪري رکيو ويو آهي،

جنهن کي ناچو لتاڙي رهيا آهن،

۽ جنهن تي ڌاريون پوکون پوکيون ويون آهن

اسان ڌرتيءَ تي اکيون جُهڪائي وڃون ٿا

۽ هر ڌاريءَ ڳالهه اڳيان پيش پئون ٿا.

 

آفريڪا جي پڙهيل لکيل شاعرن تي ڪافي وقت ڊئلان ٿامس، پائونڊ ۽ هاپڪنس کان وٺي شيڪسپيئر تائين اثر آهي. پورچو گيز آفريڪا ۾ ڪافي وقت گهٽ ٻوساٽ رهي هئي، جنهن مان باقي آفريڪا نڪري چُڪي هئي.

سارتر هڪ ڀيري چيو هو:

نيگرو شاعري ئي اسان جي دؤر جي سچي انقلابي شاعري آهي.

(Negropoetry is the true revolutionary poetry of our time)

پر هاڻي سارتر مري چڪو آهي ۽ آفريڪا به ڪيتري حد تائين بدلجي چڪي آهي ۽ شاعريءَ ۾ به نئون موڙ اچي چُڪو آهي. ڪنهن نامعلوم آفريڪي شاعر ڪهڙو نه چڱو چيو آهي:

هڪ نظم جاز (Jazz)

جي حصي وانگر آهي،

ان جي سرانجامي ايتري ئي اهم

آهي، جيتري ان جي عبارت،

مان سمجهان ٿو ته تيستائين نظم مڪمل

نه آهي جيستائين اُن کي ڳايو نٿو وڃي.

۽ ان جا لفظ موسيقي سان ملي نٿا وڃن.

آفريڪا جي سَون ڏيهي ٻولين ۾ نئين شاعري ڪئي وئي آهي، جنهن جا ترجما نه ٿي سگهيا آهن.

تازو مون ٽرنيڊا جي مشهور اديب شِوا نيپال جو سفر نامو North of south (ڏکڻ جو اتر) پئي پڙهيو، جنهن ۾ زائر، ڪِينيا، ٽَئزنيا، زئمبيانيا، انگولا،  موزئمبيق، روڊيشيا، جنوبي آفريڪا وغيره جو ذڪر آهي. ڪتاب مان پتو پوي ٿو ته آفريڪا ڪيترو بدلجي چُڪي آهي! ڇا اُن جي سچي شاعري هاڻي شروع ٿيندي يا ان جي سچي شاعري اُها آهي جا سماجي ۽ نسلي آزادي ۽ جعلي جمهوريت جي نذر ٿي چُڪي آهي، ڪيئن چئجي؟ انسان تي ڪيل ظلم ۽ هن جي جهالت انسان ذات کي ڪيترو لوڙايو آهي! مون ٽين دنيا جو ذڪر ايترو تفصيل سان اِن ڪري ڪيو آهي جو سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته: ننهن کي سيکارڻو هجي ته ڌيءَ کي ڌڪ هنيو وڃي. مثال سڌي ذڪر کان وڌيڪ اثرائتو ٿيندو آهي.

 هاڻي اچان ٿو مان اُن ڪتاب تي، جنهن جي ڊمي ڪاپي مون کي مهاڳ لاءِ سپرد ڪئي وئي آهي، ان تي مٿان ته ڇا پر ڪٿي به نالو ڇپيل نه آهي. دراصل مون حسن مجتبيٰ کي حيدرآباد ۾ گهرائي چيو  هو ته مان چاهيان ٿو ته جي نوان شاعر اُسريا آهن، اُنهن سان نه رڳو آءٌ واقف ٿيان، پر انهن جي سنڌ جي نئين نسل سان پوري ڄاڻ سڃاڻ ڪرايان. دراصل هڪ ڀيري ماهتاب محبوب جڏهن نئون گهر ٺهرايو هيو، تڏهن منهنجي مان ۾ ڪجهه اديبن جي دعوت به ڪئي هيائين، ۽ بيدل بدوي ۽ ڪجهه ٻيا ڳائڻا گهرايا هيائين. جن کي خاص ڪري منهنجو ڪلام ڳائڻو هو. جڏهن مون کي ٽي چار ڀيرا ڳاتو ويو، تڏهن پٺيان ويٺيل هڪ نوجوان کيس چيو  هوائون نه روڪيو ڳايو. اهو هڪ نوجوان شاعر جو پيارو نظم هو، جو مون اڳ نه ٻڌو هو ۽ جو بيدل هُن جي فِرمائش تي ڳاتو. مون کي اُن وقت خيال آيو ته سنڌ منهنجي پنجاهه سال هڪ هَٽي رهي آهي. ادب ۾ ايتري آمريت به چڱي نه آيو. جي منهنجي شاعريءَ کي جٽاءُ ۽ اِسٿرتا آهي ته اها مون کان پوءِ به رهندي. وقت بهترين منصف آهي ۽ ان جي تارازي ۾ ڪاڻ ٿي نٿي سگهي. گهڻي اينگهه ٻين کي اَڌير، اُتاولو ۽ کِميا- رهت ڪري ٿي. ان کان اڳ ۾ جي مان زيبائتي موٽ کانوان ۽ جيئري ئي تسلّط کان ٽارو ڪيان ته بهتر ٿيندو. آخر مان ڪو حرف آخر ته نه آهيان. مون خود ڪيئي حرفِ آخر مٽايا آهن. چنڊ پاڻ گهٽائڻ ۾ ٽُٻي ڏئي آڪاس کي تياڳيندو آهي ته ڪهڙو نه من ڀاوڪ لڳندو آهي. هونءَ به وڻ لاءِ جهڪڻ هن جي ڦلدائڪ هجڻ جي نشاني آهي. ٻئي ڏينهن مون حسن مجتبيٰ کي گهرايو ۽ کيس پنهنجي مرضي ٻڌائي. مون چاهيو ته نوان شاعر مون کي پنهنجا پنهنجا پنڌرنهن نظم ڏين ته مان انهن مان هر هڪ جا ڏهه نظم چونڊيان. ان جي برعڪس سنڌيڪا وارو مسٽر نور احمد ميمڻ (شايد حسن مجتبيٰ جي چوڻ تي)ڇپيل ڊمي کڻي آيو ۽ مون کي  چيائين ته کيس ڪوئي لمبو پيش لفظ لکي ڏيان. مون کي سنڌي شاعريءَ تي به ڪجهه لکڻو هو (ان وقت فيثاغورث جو هڪ لطيفو به پئي ياد آيو، پر اهو نٿو لکان ته ڪنهن غلط فهميءَ جو سبب نه ٿئي.) شاعريءَ تي مهاڳ لکي پهريون ته چاهيو شاعر ۽ هن جي شاعريءَ جي معيار آڏو نه اچان ۽ نظم مهاڳ جي پٺيان جيئن جو تيئن شامل ڪري ڇڏيان. اهي نظم منهنجو انتخاب نه آهن، پر پوءِ مون جڏهن اهي غور سان پڙهي ڏٺا ته انهن مان ڪيترائي مون کي مطالعي جي قابل لڳا ۽ ان ڪري انهن جي گهڻي ڇنڊڇاڻ کانسواءِ، انهن تي مختصر تبصرو ڪيان ٿو.

عطيه دائود ۽ پشپا ولڀ جا سڀئي نثري نظم خوبصورت آهن ۽ انهن جي نثري شاعريءَ ۾ پائنده جاءِ آهي. ڏنل ساري شاعري بنا رک رکاءَ جي ۽ ويچار وان پُرجهه ۽ پروڙ سان اپنايان ٿو.

جيستائين ٻين نثري نظمن جو سوال آهي ته حسن درس جو پنهنجي نظم خانم گگوش مان هيءَ انوکي، اَچنڀي جهڙي تشبيهه وارو بند ڏسو:

 

تاريخ جي سگريٽ کي

تيليءَ چميو ته

وقت دُکي پيو

۽ هڪ ڊگهي ڪش ۾

درد جو سُرمئي دونهون

هوا ۾ اُڏرندو ويو،

خُميني تون هِڪ ڦُلي وانگر

بي معنيٰ ٿي ڇڻي پوندين....

جي حسن درس جو اهو نظم سبطِ حسن پڙهي ها ته هو پنهنجي ڪتاب انقلاب ايران ۾ ترميم آڻي ها، يا هن جي هيءَ خوبصورت تشبيهه جنهن تي تبصرو اُن جي حسن وڌائڻ کان قاصر آهي، هن کي اڄ ڪلهه عبرت جو داستان وانگر نظر اچي ها. تاريخ ۾ ايتري دوربيني، سو به هڪ پاڪستاني مسلمان لاءِ، جنهن جي اکين تي عموماً سائي عينڪ آهي، شاعريءَ ۾ ورلي ملي ٿي.

سرد ملڪن جي پکين

جهڙين حسين ڇوڪري

منهنجون ڏهه ئي آڱريون

ميڻ بتيءَ وانگر ٻرن

پوءِ به تنهنجي روح جون

سڀ ڳليون سنسان ڇو؟

هن نظم کي اُهو محسوس ڪري سگهي ٿو، جنهن جو روح ڪارڻ سان يا اَڪارڻ اداس آهي ۽ جنهن جي ڪنهن خوبصورت  محبوبه جي آغوش ۾ به اُداسائي نه گهٽي آهي.

ٽيڪنڪ جي لحاظ کان هي نظم نثري نظم کان وڌيڪ ۽ منظوم نظم کان گهٽ نظم جي ويجهو آهي. تقطيع کان بي توجهي ان جو سبب آهي.

حسن مجتبيٰ جي نظم 21 جنوريءَ ۾ پنهنجي دور جي عڪاسي آهي، جا ايتري چِٽي ۽ بي ڀَئي آهي، جو ان جي وڌيڪ وائکائي ۽ کول کُلائي اجائي آهي:


 


(1)  نيگريٽيوڊ (Negritude): نيگرائپ، نيگرو هجڻ جي ڪيفيت.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com