سيڪشن؛ تنقيد

ڪتاب: ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري

باب: --

صفحو :6

 

گهڻي بيتن مان هيٺ ڪن بيتن جون فقط اهي سٽون ڏجن ٿين، جن ۾ شاهه لطيف عربيءَ جو استعمال ڪيو آهي.

اول الله عليم، اعليٰ عالم جو ڌڻي.

(ڪلياڻ: 1-1)

وحده لاشريڪ لہ چئي چوندو آءُ.

(ڪلياڻ : 6-2)

الست بربڪم قالو بليٰپر اها ئي پار.

(سهڻي: 2-6)

ڪن قيڪون ڪا نه هئي نڪا ٻي پچار.

(سهڻي: 6-3)

الفراق اشدمن الموت هتي نه هوندياس.

(سسئي آبري:5-9)

مارايت شيئآ الاورايت الله نيئي اجها اوڏاهين ساڻ.

(سسئي آبري:5-11)

ونحن اقرب اليہ من جبل الوريد تنهنجو توهين ساڻ.

(سسئي آبري:5-14)

وفي انفسڪم افلاتبصرون، سوجهي ڪر سهي.

(سسئي آبري: 5-5)

العشق حجاب بين العاشق والمعشوق لاشڪ ٿي لاهي.

(سسئي آبري: 5-17)

السفر قطع من النار هاري موٽ هئا،

سڱ صراط المستقيم جو اٿي تان اڳئا.

(ديسي: 2-2)

من طلب شيئا جدوجد آ تو علي شاهه.

(ديسي: 2-3)

من لا شيخ لہ فشيخہ الشيطان ان ريءَ اونداهي.

(ديسي: 2-4)

بلا شيخ من يهشي في الطريق اهڙي اوائلي.

(ديسي: 2-4)

ليل نه جاڳئن لک سين، ستيئن رت سڄي.

(ڪوهياري: 1-3)

اجلس ڪري اٿئا تورائو توڏن،

نوم نوازن ان جي، مرحبا موڏن،

رڙهي رس روڏن اليوم سيرو سسئي.

(ڪوهياري: 1-4)

ولا تقنطو من رحمت الله پرين چيو پاڻ،

ان الله يغفرالذنوب جميعا سچويءَ پر پاڻ.

(ڪوهياري: 3- وائي)

الست بربڪم جڏهن ڪن پيوم

قابو بليٰ قلب سين، تڏهن تت چيوم.

(مارئي:1-1)

نڪا ڪن فيڪون هئي نڪو لڱ لحم

(مارئي:1-6)

ونحن اقرب من حبل الوريد وطن ان ويندياس.

(مارئي:1-10)

ڪل شيءِ يرجع اليٰ اصلہٰ ٿي جهڄان جهانگين ڪاڻ.

(مارئي: 1-4)

وليس  ڪمثلہ شيءِ پسڻ ناهه پرين.

(مارئي: 8-1)

لم يلد ولم يولدمارئي ڪوهه ڪري.

(مارئي: 8-1)

الله نور السماوات جلوو زمينياس.

(ڪيڏارو: 5-10)

لم يولد ولم يولد ايءُ نجابت نياءُ.

(ڪاموڏ: 3-10)

والسوف يعطيک ربک تو سين قادر ڪيا قرار.

(ان الله وتر و يحب الوتر نيئي ٻيائي ٻار.

(آسا: 1-2)

انا عبدمعبود تون، ات ڪوشرڪ نه ڪر.

(آسا:1-10)

عجلو بالتوبہ قبل الموت ويهه تون وير م لاهي.

(آسا:3- وائي)

لم يلد ولم يولد ونءُ اوڏاهين پيهي.

(آسا: 4-9)

الذين آمنو و ڪانو يتقون ان پر اڀا جي.

(آسا:4-44)

ان اوليائي تحت قبائيپهجا پاڻ پر اهي،

لا يعرفهم غيري پر کي ڪين پسائي.

(آسا: 4- وائي)

فڪان قاب قوسين او ادنيٰ ٿا نانگا اينءَ نمن،

ڪلمن عليها فان، باقي ڪين بچن،

الله ولي الذين آمنو يخرج هم من،

الظلمات الي النور ٿا اهڙيءَ پَرِ پُرن،

خر موسيٰ صعقا جوڳي جَنگ جلن،

ما زاغ البصر و ماطغيٰ اهڙي روشن رون.

(رامڪلي: 9-22)

من لہ الموليٰ فلہ الڪل ايءُ پروڙج پنڌ.

(رامڪلي: 9-23)

ان الله و تر يحب الوتر وحدت واڳ وڌائين،

الانسان سري وانا سره ان پر اتائين.

(پرڀاتي: وائي-2)

و تعز من تشاءُ و تذل من تشاءُ ائين اتائين.

(پرڀاتي: وائي- 2)

مقامي پس منظر

جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته، شاهه لطيف جي وقت تائين سنڌي شاعري ارتقا جا ڪافي ڏاڪا چڙهي چڪي هئي، ڳاهن ۽ گنانن کان بيت ۽ وائيءَ جون منزلون طئه ڪندي آئي. سرن ۽ داستانن  جي موضوعن آهر ورڇ ۽ هر داستان کان پوءِ وائي ڏيڻ جو رواج پئجي چڪو هو. سراج جي تحقيق موجب سرن ۽ داستانن جي ورڇ  شاهه لطيف کان به ٻه صديون اڳ جي آهي. (1)

انهن ڳالهين کان سواءِ شاعريءَ ۾ موضوعن جي رنگيني، اونهن فيلسوفياڻن توڙي صوفياڻن خيالن جي اپٽار، لوڪ ڪهاڻين جي ڪردارن، ٽاڻن، توڙي ماڳن جو اهڃاڻي استعمال، تجنيس حرفي توڙي ٻيون صوفي ۽ معنوي صنعتون سنڌي شاعريءَ  جو ورثو بنجي چڪيون هيون.

شاهه لطيف جي شاعريءَ تي، سنڌي شاعرن مان سڀ کان آڳاٽو پير صدر الدين جو اثر ٿو ملي. گنان جي صنف ۾ پير صدر الدين جو شعر آهي.

لڳ هنس ٻي پٽوترا، ڏسي ايڪ ورڻ،

او چري من مانيون، او موتي چرڻ.

مٿئين بيت پڙهڻ کانپوءِ شاهه لطيف جو هيءَ بيت ٿو پڙهجي ته، لڳي ٿو، ته شاهه لطيف موضوع توڙي مفهوم جي لحاظ کان پير صدر الدين کي ويجهو آهي:

ماڻڪ چوڻو جن، هنج حضوري سي.

پير صدر الدين جو عرصو 1290ع کان 1419ع آهي.

پير صدر الدين کان پوءِ ٻيو وڏو شاعر، جنهن جو اثر شاهه لطيف قبول ڪيو آهي، اهو آهي قاضي قادن (2) هونئن ته قاضي قادن جا ٿورا بيت معلوم هئا، پر تازو شري هيري ٺڪر، ڀارت راڻيلا جي مٺ مان ديونا گري لپيءَ ۾ لکيل قاضي قادن جو ڪلام هٿ ڪري ڇپايو آهي. ان ڪلام جي اڀياس مان خبر ٿي پوي ته قاضي قادن، شاهه لطيف کي ڪافي حد تائين متاثر ڪيو آهي. (3)

اکر ٻيا وسار، الف اڳهون ئي ياد ڪر،

سو تون ڏيئو ٻار، جو نه اجهنپئه ڪڏهن

(قاضي قادن)

اکر پڙهه الف جو، ٻيا سڀ ورق وسار،

اندر تون اجار، پنا پڙهندين ڪيترا.

(شاهه لطيف)

لائي لام الف سان، ڪاتب لکين جيئن،

مون هينيئڙو پريان سان، لڳو آهي تئين.

(قاضي قادن)

ڪاتب لکن جيئن، لائي لام الف سان،

اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾.

(شاهه لطيف)

ڪايا مُهه ڏيئي، پيٺا جي درياهه ۾،

پسندا سي ئي، ماڻڪ اکڙين سي.

(قاضي قادن)

ويا سي عميق ڏي، منهن ڪائو ڏيئي،

تن سپون سوجهي، ڪڍيون پاتاران پيهي.

(شاهه لطيف)

مٿين بيتن ڏي، شري هيري ٺڪر اشارو ڪندي راءِ ڏني آهي ته، اهي بيت يا اصل قاضي قادن جا آهن، جيڪي پوءِ شاهه لطيف جي رسالي ۾ شامل ڪيا ويا آهن يا ته انهن بيتن کي شاهه  لطيف آڏو اکري، تضمين طور پنهنجا بيت چيا آهن، بهرحال، اها ڳالهه تحقيق طلب آهي. شري هيري ٺڪر ٻيا به اهڙا بيت ڏنا آهن. جن جا مفهوم ۽ ٻولي، قاضي قادن توڙي شاهه لطيف وٽ هڪ جهڙا آهن. شري هيري ٺڪر جي ڏنل انهن بيتن کان سواءِ، ڪي اهڙا ٻيا به بيت آهن، جن ڏانهن شري هيري ٺڪر جو ڌيان نه ڏنو ويو آهي، جن ۾ مفهوم توڙي ٻوليءَ جي لحاظ کان هڪ جهڙائي آهي. انهن بيتن مان ڪجهه بيت هيٺ ڏجن ٿا:

ڪي ويجهائي ڏور، ڪي ڏوري ئي ولها،

هوئي جبر سالور، لڌي نه ڪنو لانهه ڪر.

(قاضي قادن)

ڪي اوڏائي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين.

(شاهه لطيف)

پتو ڦٽو پيٽ ۾، وري ملان ماهه،

ڏورئين ڏتي ڌوڙ ۾، الله اوري آءُ،

(قاضي قادن)

ملئين مئي ماءُ، جہ پتو ڦٿو پيٽ ۾،

سڃاڻي الله ٽپي ڏنائين ڌوڙ ۾.

(شاهه لطف: ايمن ڪلياڻ: 5-39)

اهڙي طرح، شري هيري ٺڪر جا ڏنل اٽڪل 8-9 بيت ۽ انهن کان سواءِ ٽي چار ٻيا به بيت اهڙا آهن، جن ۾ لڳي ٿو ته، شاهه لطيف يا ته قاضي قادن کان متاثر ٿيو آهي يا ته تضمين طور ان ڀران بيت چيا اٿائين، يا ته وري اهي بيت مورڳو قاضي قادن جا آهن، جيڪي ڀل وچان ٿوريءَ ڦير گهير سان شاهه لطيف جي رسالي ۾ شامل ٿي ويا آهن. اها ڳالهه سڀ کان وڌيڪ وزنائتي ٿي لڳي ته قاضي قادن کان شاهه لطيف متاثر ٿيو آهي. قاضي قادن ايڏو ته هاڪارو شاعر هو، جو سندس ڪلام راڻيلا جي مٺ تائين پهتو ۽ اتي محفوظ ڪيو ويو. اهو لازمي آهي ته، شاهه لطيف جي دؤر ۾ سندس ڪلام سنڌ ۾ عام مقبول هجي ۽ شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ جي اوائلي دؤر ۾ ان جو اثر قبول ڪيو هجي.

شري هيري ٺڪر جي تحقيق مطابق، قاضي قادن،  شاهه عنايت ۽ شاهه ڪريم بلڙي واري تي پڻ پنهنجو اثر ڇڏيو آهي.

قاضي قادن کان پوءِ سنڌيءَ جو ٻيو اهم شاعر شاهه ڪريم بلڙيءَ وارو هو. شاهه ڪريم، شاهه لطيف جي بزرگن مان هو. شاهه لطيف جي ساڻس ايتري عقيدت هئي جو سندس مقبرو پاڻ ٺهرايائين ۽ ان لاءِ ڪاشي وٺڻ ، پاڻ ملتان ويو، روايتن موجب شاهه لطيف جيڪي ڪتاب پاڻ سان کڻندو هو، ان ۾ شاهه ڪريم جو ڪتاب پڻ موجود هو. لازمي طور تي شاهه ڪريم جي شاعريءَ جو اثر شاهه لطيف جي شاعريءَ تي پيو آهي. اهو هيٺين بيتن مان ظاهر آهي:

وائي ٻي ۾ ڀل، مروئان موران پکڻا،

يا الله سندو سڄڻين، هو هلاچو هُل.

(شاهه ڪريم)

وحدت تان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪل،

حق حقيقي هيڪڙو، وائي ٻي مَ ڀل،

هيءُ هلاچو هُل، يا الله سندو سڄڻين.

(شاهه لطيف)

اسين سڪون جن کي، سي سا اسين پاڻ،

هاڻي وچ گمان سهي، سي تون سپرين.

(شاهه ڪريم: آسا: 4-8)

اسين سڪون جن کي سي اسين پاڻ

هاڻي وچ گمان، سهي سڃاتا سپرين.

(شاهه لطيف: آسا:4-18)

پاڻيءَ مٿي جهوپڙا، مورک اڃ مرن،

دانهون ڪن مُٺن جيئن، دم نه سڃاڻن.

(شاهه ڪريم)

پاڻيءَ مٿي جهوپڙا، مورک اڃ مرن،

ساها اوڏو سپرين، لوچي تان نه لهن،

دم نه سڃاڻن، دانهون ڪن مُٺن جان.

(شاهه لطيف: سسئي آبري: 10-9)

شاهه ڪريم بلڙيءَ واري کان پوءِ، شاهه لطيف الله قادريءَ ٻيو اهم شاعر هو، جنهن جي شاعريءَ جي اثر جا اولڙا شاهه لطيف جي شاعريءَ تي پيا، شاهه لطيف، شاهه لطف الله قادريءَ  جي وفات کان ٻارنهن سال پوءِ ڄائو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي راءِ موجب اهو ناممڪن آهي جو شاهه لطف الله جهڙو عارف شاعر، جو کانئس ٿورو اڳ ٿي گذريو ۽ ساڳئي قادري طريقي جو بزرگ هيو. جنهن سان شاهه لطيف وابسته هو، تنهن جي سالڪانه سوانح ۽ عارفانه بيتن کان شاهه صاحب عير واقف رهيو هجي. (4) سندن راءِ موجب، بيتن ۾ لفظن، فقرن، يا مصراعن جي تڪرار يا وراڻ جو باني مباني شاهه لطيف الله قادري آهي. شاهه لطيف جي رسالي ۾ انهيءَ جدت جو عڪس جاءِ بجاءِ نظر اچي ٿو. (5)

ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڪيترائي اهڙا بيت ڏنا آهن، جن مان شاهه لطيف الله قادريءَ ۽ شاهه لطيف جي ڪلام جي مماثلت ظاهر ٿئي ٿي. ڪيترن هنڌن تي شاهه لطيف جا محاورا، اصطلاح؛ تان جو سٽن جون سٽون ساڳيون شاهه  لطف الله قادريءَ واريون آهن. ڪيترن هنڌن تي ائين محسوس ٿو ٿئي، ته ڄڻ شاهه لطيف، شاههَ لطيف الله قادريءَ جون مصراعون کڻي، انهن تي تضمين ڪئي آهي، يا انهن سٽن جي ڀران پنهنجا بيت ڏنا اٿائين. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق جي نتيجي طور، اهڙن ڏنل تمام گهڻن بيتن مان ڪي ٿورا هتي ڏجن ٿا. جن تي شاهه لطيف الله قادريءَ جو اثر چٽو ۽ پڌرو آهي:

جِت راهه گم ٿئي، ور سا ڪاري رات،

هي پڻ وڃي وسري، هُنهين جي تات.

(شاهه لطف الله قادري)

ور سا ڪاري رت، جنهن ۾ راهه گم ٿئي،

نه ڪا هُن جي تات، هي پڻ وڃي وسري.

(شاهه لطيف)

پير  نه پوءِ پکڻا، جت، سئسين سينہ گڙن،

سا جوءِ ڏوري آئيا، سُونها جٽ منجهن،

کاهوڙي ان پنڌ جون، ڳجهان ڳجهيون ڪن،

او پيٺا تت وڃن، جت حرف حڪايت ناهه ڪيو.

(شاهه لطف الله قادري)

پير پراڻا کيترا، سڪا منهن سندن،
سا جوءِ ڏوري آئيا، سونها جت منجهن،
ڳجها ڳهيون ڪن، تنهان پراهين پنڌ جون.

(شاهه لطيف)

ورهه وهامي راتڙي، تان تان سنياسين.

(شاهه لطف الله قادري)

جنهن ڪارڻ جوڳي ٿئا، جان جان سو نه پسن،
تان تان سٺيا سين، ورهه وهامي راتڙي

(شاهه لطيف

مون پوربي  نه پڇئا، جوڳي جاڙ ڪري،
سڌيون سنديون سڄڻين، هيون جن ڳري.

(شاهه لطف الله قادري)

مون پوربي نه پڇئا، جوڳي جاڙ ڪري،

هيون جن ڳري، سڌيون سنڌيون سڄيڻ.

(شاهه لطيف)

نه گندا نه گبري، ڪڇ نه ڪا چوٽي،
اوءِ سک نه ستا ڪڏهين، ڪڍي لانگوٽي،
سي جها آيا دني ۾، وئا تها موٽي،
 اي ڏاڍي ڪسوٽي، ويا جهاڳي ڪاپڙي.

(شاهه لطف الله قادري)

ڪڇي ڪاڇوٽي، نانگن ٻڌي نينهن جي،
جهڙا آيا جڳ ۾، تهڙا وئا موٽي،
سک نه ستا  ڪاپڙي، لاهي لانگوٽي،
انين جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري.

(شاهه لطيف)

مٿي ڏنل بيت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڏنل ڪيترن ئي  يبتن مان چونڊ ڪري ڏنا ويا آهن. جن مان ٻن ٽن بيتن جي باري ۾ ڊاڪٽر صاحب جي راءِ آهي ته، اهي اصل شاهه لطف الله قادريءَ جا هئا، جيڪي پوءِ شاهه لطيف جي رسالي ۾ شامل ڪيا ويا. بهر حال، جي اهڙن بيتن کي پاسيرو رکي ڇڏجي. تڏهن به ڪيترائي اهڙا بيت آهن. جن مان ثابت ٿو ٿئي ته، شاهه  لطيف نه فقط شاهه لطف الله قادريءَ جي ڪلام کان واقف هو، پر ان جو اثر پڻ قبول ڪيو اٿائين.

ڪني پاتو پيريان، اپيريءَ ۾ پينر،
ايءُ اونهو تڙ اگهوڙ، گهڻو ڪن ات ابتو پير،
سر مٽي سونٺو سهي، تين ڪر پائي پير،
ان ڀون سندو ڀير، ڪوڙين منجهان ڪولهي.

(شاهه لطف الله قادري)

ڪپيريءَ ۾ پير، ڪني پاتو پيرين.
جئان منجهڻ ماڙهوئين، سڄڻ تائين سير،
ان ڀون سندو ڀير، ڪوڙين منجاهن ڪولهي.

(شاهه لطيف)

سائي صروت سيرت سڄڻين، سوئي حسن ڪمال،
سائي ظرافت ذات پرينءَ جي، سوئي سو جمال،
سوئي ظاهر، سوئي باطن، سوئي  سو خيال،
سڀ سڀوئي حال، اونهائي انت ناهه ڪو.

(شاهه لطف الله قادري)

پاڻئي جل جلالہ، پاڻئي جانِ جمال،
پاڻئي صورت پر جي، پاڻئي حسن ڪمال،
پاڻئي پير مريد ٿئي، پاڻئي پاڻ خيال،
سو سڀوئي حال، منجهان ئي معلوم ٿئي.

(شاهه لطيف)

آهي اکڙين ۾، آديسين ادب،
سامين کي سڀين پرين، روح ۾ رهيو رب،
تن حسب به نسب، ڪو نه آيا نه ابُ،
ري لانگوٽي لب، آءُءِ، ٻيو نه پاڙهين ڪاپڙي

(شاهه لطف الله قادري)

آهي. اکڙين ۾، آديسين ادب،
تن جو حسب نسب ناهه ڪو، نه امان نه اب،
سامين کي سڀين پرين، روح ۾ رهئو رب،
ري لانگوٽي لب، پاڇي کڻن نه پاڻ سين.

(شاهه لطيف)

مٿي ڏنل بيتن ۾ ٻولي، محاورا، اصطلاح توڙي اسلوب سڀني پهلوئن کان شاهه لطيف، شاهه لطف الله قادريءَ جو اثر قبول ڪيو آهي، ممڪن آهي ته اهي بيت شاهه لطيف جي شاعريءَ جي اوائلي دور جا هجن، ڇو ته پنهنجي شاعريءَ جي  اوائلي دؤر ۾ هر شاعر پاڻ کان اڳ آيل ، توڙي پنهنجي دؤر جي اهم مڃيل ۽ مقبول شاعرن جو اثر قبول ڪندو آهي.

چوٿون وڏو ۽ اهم سنڌي شاعر، جنهن شاهه لطيف جي شاعريءَ تي پنهنجو اثر ڇڏيو، اهو آهي ميون شاهه عنات، ميون شاهه عنات، ذري گهٽ شاهه لطيف جو همعصر هو. ذري گهٽ ان ڪري جو انهن ٻنهي عظيم شاعرن جي عمرين ۾ ڪافي فرق هو. ڪجهه عرصو هو گڏ زنده  رهيا. سندن رهڻ جون جايون به  ٿوري مفاصلي ۾ هيون. مين شاهه عنات جي عمر 65 کان 70 جي هئي، جو شاهه لطيف ڄائو ۽ ڀٽائي صاحب جي عمر 18 کان 23 سالن جي هئي جو شاهه عنات وفات ڪئي. (6)

اهي به روايتون آهن ته ٻنهي شاعرن، جون ملاقاتون ۽ ڪچهريون به ٿيون. ٻنهي هڪ ٻئي سان روح رهاڻيون ڪيون. دل جا حال اوريا. شاهه لطيف کي مارئيءَ جي بيتن ڏيڻ جي ترغيب شاهه عنايت ڏني ۽ شاهه عنات کي سسئيءَ جي بيتن ڏيڻ ڏي لاڙو شاهه لطيف جي ڪري ٿيو.

انهن روايتن کي در گذر ڪري به، جيڪڏهن ٻنهي شاعرن جي شاعريءَ جو اڀياس ڪيو ته معلوم ٿيندو ته شاهه جي ڄمڻ وقت، ميون شاهه عنات پنهنجي شهرت جي بلندين تي پهچي چڪو هو. سندس شاعري رچي چڪي  هئي. شاهه عانت وٽ، سنڌي شاعري، قالب توڙي روح جي لحاظ کان، بلوغت تي پهچي چڪي هئي. سرن ۽ داستانن جي ورڇ، وائيءَ جو موضوع آهر داستان جي پڇاڙيءَ ۾ اچڻ، ڪلياڻ، سامونڊي، سريراڳ، مارئي، ليلا چنيسر توڙي ٻيا ڪيترائي موضوع شاهه عنات جي شاعريءَ ۾ اڳ ئي موجود هئا. جن کي شاهه لطيف اڳتي هلي، پنهنجو ڪيو ۽ اهي ئي موضوع، شاهه لطيف جا مرغوب موضوع ٿي پيا.

شاهه لطيف جي شاعريءَ تي، ميين شاهه عنات جي شاعريءَ جي اثر جي باري ۾ پڻ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جن ڪافي باريڪ بينيءَ سان اڀياس ڪيو آهي ۽ ٻنهي شاعرن جي ڪلام مان اهڙا شعر ڳولهي ڪڍيا، اٿئاون، جن ۾ شاهه  لطيف ۽ شاهه عنات ڪلام ۾ هڪجهڙائي ملي ٿي ۽ شاهه لطيف جي شاعريءَ تي، شاهه عنات جي شاعريءَ جو اثر ظاهر ٿئي ٿو:

الست ارواحن کي، جڏهن جاڳايو جبار.

(شاهه عنايت)

الست ارواحن کي، جڏهن جاڳايو جليل

(شاهه لطيف)

ٻُڪي ڏيندا ٻاجهه جي نهاري نارون.

(شاهه عنات)

ٻُڪي ڏيندا ٻاجهه جي آيا سور ڌڻي.

(شاهه لطيف)

آءُ پڻ تنهين کي ڇنڊيا، کهه اکڙين سين.

(شاهه لطيف)

ڇنڊيان کِهه اکين، پيرين وجهان هٿ.

(شاهه لطيف)

سوئي ساريم سومرا، جو پائر جو پنهوار.

(شاهه لطيف)

سُتي سي ئي ساريا، جي ڀائر جا پنهوار

(شاهه عنايت)

ڳڻين پرين رٺام، اوڳڻ رسي سڀڪو.

(شاهه عنات)

اوڳڻ رسي سڀڪو، ڳڻين پرين رٺام.

(شاهه لطيف)

رهي نه رتيءَ جيتري، ڏٺي جن ڏئار،
تون تنين سي گهار، اوڏا اڏي پکڙا.

(شاهه عنات)

ويٺي جني وٽ، ڏکندو ڏور ٿئي،
تون تنين سين ڪٽ، اوڏا اڏي پکڙا.

(شاهه لطيف)

رنڊا جني رهڙيا، محبت پائي من،
تني سندي سٽ کي، صراف ئي سڪن،
سي  کڻي هٽ نه وڃن، ان جو گهر ويٺي ئي اگهيو.

(شاهه عنات)

محبت پائي من ۾، رنڊا روڙِيا جن،
تن جو صرافن، اڻ توريو اگهائيو.

(شاهه لطيف)

چوٽا تيل ڦليل سين، واسينگن ويڙهيائون.

(شاهه عنات)

چٽا  تيل چنبيلئا، ها ها هو هميش.

(شاهه لطيف)

جوڳي تئن جهرڪئو، جئن چوڏهينءَ ماهه ڇنڊ.

(شاهه عنات)

چوڏهين ماه چنڊ جئن، ڪيو ساميءَ سهائو.

(شاهه لطيف)

ٻانهي ٻانهوٽي، ڪنيزڪ ڪيچن جي.

(شاهه عنات)

ڪنيزڪ  ڪيچين، ٻانهو ٽن ٻانهي.

(شاهه لطيف)

آءُ گولي آهيان گل به پوءِ، تون سڃاڻج ساٿ ڌڻي.

(شاهه عنايت)

گولي ٿيان گل بوءِ، جي سڃاڻا ساٿ کي

(شاهه لطيف)

آڻي اٺ جهڪيا، مهري مزمانن،

(شاهه عنات)

مزمان مهري آڻي، جهوڪيا جهوڪ ۾.

(شاهه لطيف)

آئين جي ورن واريون، وڃيو  سڀ موٽي.

(شاهه عنات)

تتي ڪوسي ڪاهه، ڪانهي ويل وهڻ جي.

(شاهه عنات)

وڃو سڀ وري، آئين جي ورن واريون

(شاهه لطيف)

تتي ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل وهڻ جي.

(شاهه لطيف)

جئان گهڙي تان گهيڙ، اوتڙان ئي تڙ ٿئي.

(شاهه عنات)

ڪنهن جنهن گهيڙ گهڙي، جئن اوتڙان ئي تڙئو.

(شاهه لطيف)

سڄڻ هئڙا ڏور، مون کي مينهن ميڙئا.

(شاهه عنات)

جي پرين هٿڙا ڏور، سي مون کي مينهن ميڙئا

(شاهه لطيف)

مٿي ڏنل بيتن ۾ ڪافي مماثلت آهي. ٻولي، محاورا ۽ اصطلاح، لوڪ ڪهاڻين جا ڪردار، ٽاڻا ۽ انهن جو اهڃاڻي استعمال،ٻنهي شاعرن وٽ هڪ جهڙو آهي. شاهه عنات جو شعر پڙهي معلوم ٿو ٿئي ته، ٻڪي ٻاجهه جي، سڄڻ سوڀارا، کنڊ کيڙڻ، اکين سين کِهه ڇنڊڻ، پائر جا پنهوار، ڳڻين رسڻ، اوڏا پکڙا اڏڻ، رنڊا روڙڻ، چوٽا تيل ڦليل جا، چوڏهينءَ جي چنڊ جيان جَهرڪڻ، ٻانهي ٻانهوٽي ۽ ڪنيزڪ، گولي گل بوءِ، ساٿ ڌڻي، مزمانن جو مهري جهڪائڻ، ورن وارين جو موٽي وڃڻ، تتي ٿڌيءَ ڪاهڻ ۽ اوتڙان تڙ ٿيڻ جا محوارا ۽ اصطلاح، شاهه لطيف کان اڳ استعمال ۾ آيا هئا.

ساڳيءَ طرح ڪلياڻ، سسئي، مارئي، مومل راڻي توڙي ٻين لوڪ ڪهاڻين جي ڪردارن، ٽاڻن توڙي ماڳن جي اهڃاڻي استعمال جو وجود به شاهه عنات وٽ ملي ٿو.

سنڌي ٻوليءَ جي انهن وڏن شاعرن کان سواءِ ٿي سگهي ٿو ته ڪي ٻيا به اهڙا شاعر هجن، جن جو اثر شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ جي اوائلي دور ۾ قبول ڪيو هجي. اڃا سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۾ ڪيترائي خال آهن. ڪيترا اهڙا شاعر آهن، جن جو سڄو ڪلام ادبي ميدان ۾ نه آيو آهي، ان ڪري ممڪن آهي ته شاهه لطيف کان اڳ واري دور جي  ڪن ٻين سنڌي شاعرن به شاهه لطيف جي شاعريءَ تي اثر ڇڏيو هجي، پر اهو فقط تڏهن ئي ثابت ٿي سگهندو، جڏهن سنڌي شاعريءَ جي سلسلي جون سڀ گم ٿيل ڪڙيون ڳولي لڌيون وينديون.

اڄ کان ويهه پنجويهه سال اڳ شاهه لطيف جي شاعريءَ جي پس منظر جي باري ۾ گهڻي خبر ڪا نه هئي، شاهه لطيف جي وجود کي، سنڌي شاعريءَ جي تاريخ جو هڪ  عجب ۾ وجهندڙ معجزو سمجهيو ويندو هو، جڏهن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شاهه لطف الله قادريءَ ۽ ميين شاهه عنات تي تحقيق ڪري، شاهه لطيف جي شاعريءَ تي انهن جي اثرکي نروار ڪيو ۽ ان کان پوءِ شري هيري ٺڪر قاضي قادن تي کوجنا ڪئي ته، سنڌي شاعريءَ جي ارتقا جون ڪڙيون ملنديون آيون ۽ شاهه لطيف جي شاعريءَ جو پس منظر اڀري آيو.

ان ڏس ۾ سراج، برٽش ميوزم ۾ رکيل ڪن قلمي نسخن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي، جيڪي ديونا گري لپيءَ ۾ لکيل آهن. انهن قلمي نسخن مان سراج ڪي اهڙا بيت ڳولي ڪڍيا آهن، جيڪي شاهه جي رسالي ۾ موجود آهن، اهي برٽش ميوزيم وارا ديونا گري لپيءَ ۾ لکيل قلمي نسخا، شاهه لطيف جي ڄمڻ کان به اڳ جا لکيل آهن. (7) سراج جي تحقيقي موجب هڪ بيت هيءُ آهي.

ماڻڪ مٽ ڪيوم، اونداهيءَ ۾ سوجهرو،
تيلائين ٿيوم، اگوندرو عالم ۾.

سراج جي راءِ موجب ان قلمي نسخي ۾ آيل بيت شاهه لطيف کان اڳ جا آهن ۽ ائين ٿو لڳي ته شاهه لطيف انهن بيتن تي تضمين ڪئي آهي يا اهي اصل ٻين شاعرن جا آهن، جيڪي ٻين ڌارين بيتن وانگر شاهه جي رسالي ۾ شامل ٿي ويا آهن.

سراج ۽ هيري ٺڪر جي تحقيق مان معلوم ٿئي ٿو ته ديونا گري لپيءَ ۾ سنڌي ادب جو هڪ وڏو خزانو موجود آهي، ان ڪري اسان جي عالمن ۽ محققن لاءِ ان لپيءَ جي ڄاڻ رکڻ  ضروري آهي. لازم آهي ته ديونا گري لپيءَ جي قديم نسخن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وڃي ۽ ان ۾ موجود سنڌي ادب کي موجوده صورتخطيءَ ۾ منتقل ڪيو وڃي، جيئن اسان جي ادبي تاريخ جي سلسلي جون ڪڙيون ملنديون وڃن. ڇو ته ديونا گري لپي به صدين کان سنڌي ادب کي محفوظ ڪرڻ جو ذريعو رهي آهي.

شاهه لطيف جي شاعريءَ جي مقامي منظر جي اڀياس مان معلوم ٿو ٿئي ته سرن جي ورڇ شاهه لطيف کان به اڳ، شاهه لطف الله قادري ۽ ميين شاهه عنات وٽ موجود هئي. قاضي قادن، شاهه لطف الله قادري، ميين شاهه عنات، توڙي ان کان اڳ وارن سنڌي شاعرن جي مقامي روايتن کي، شاهه لطيف  پنهنجي ڏت ۽ ڏانو سان سوڌي، سنواري، اجاري، ڇلي ۽ گهڙي، چوٽ تي پهچايو، قاضي قادن سنڌي شاعريءَ جي عمارت لاءِ کوٽائي ڪئي، شاهه ڪريم ان جي پيڙهه رکي، شاهه لطف الله قادريءَ ۽ ميين شاهه عنات اوساري ڪري ان جو ڍانچو تيار ڪيو ۽ شاهه لطيف ان کي رنگ روپ ڏئي چٽسالي ڪري ان کي خوبصورت بنايو.

هيري ٺڪر جي لکڻ موجب ساهتڪ کيتر ۾ ڪرامتون نه ٿينديون آهن. (8) شاهه لطيف جي شاعريءَ جي مقامي پس منظر جي هن اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪيئن سنڌي شاعريءَ ارتقا جون منزلون طئه ڪندي، شاهه لطيف وٽ پنهنجي چوٽي تي پهتي.

ننڍي کنڊ جي شاعريءَ جو اثر:

ننڍي کنڊ جو علم ادب ۽ ان جي تاريخ هزارين سال پراڻي آهي. ويدن، مهاڀارت، رامائڻ ۽ اپنشدن هتان جي ماڻهن کي متاثر پئي ڪيو آهي. سنسڪرت ۽ ان کان پوءِ پالي ۽ اپڀرنش ۽ هندي ٻوليون سنڌي زبان جي اؤسر ۾ انهن ٻولين جو اثر شامل رهيوآهي. موهن جي دڙي کان وٺي، سنڌ تي ٻڌمت جو اثر رهيو آهي. عربن کان اڳ سنڌ تي ٻوڌين ۽ برهمڻن جي حڪومت رهي آهي. ڪرشن ڀڳتي، رام ڀڳتي، پنٿي ۽ نرگن واد، هندي ادب ۽ خاص ڪري شاعريءَ جون اهم تحريڪون رهيون آهن. اهي شاعراڻيون تحريڪون، سنڌ ۾ به پهتيون. ڊاڪٽر جميل جالبيءَ جي راءِ موجب، بر صغير ۾ خالص مقامي روايتون هندي هيئتن، وزنن ۽ راڳن ۽ راڳڻين تي ٻڌل آهن. انهن ۾ شاهه لطيف به شامل آهي. (9) جوڳي ۽ سامي سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ ڦرندا رهيا ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ انهن جو ذڪر اچڻ لڳو. جوڳين جو ذڪر قاضي قادن کان ٿيندو شاهه لطيف تائين پهتو. شاهه عنات ته جوڳين جي ڌار ڌار فرقن جو بيان پڻ ڪيو آهي. (10)

سنڌ جي شروعاتي شاعري ڳاهون آهن. اهي ڳاهون دودي چنيسر جي داستان جي باري ۾ آهن ۽ سومرن جي دور جون چيون وڃن ٿيون. انهن جو موضوع وطن دوستي ۽ بهادري آهي ۽ اهي سورمن جي تعريف ۾ چيون ويون آهن. جنهن دؤر  ۾ سنڌ ۾ اهي ڳاهون چيون ٿي ويون، ان ئي دور جي قريب هندي ادب ۾ وير گاٿا ڪال شروع ٿي چڪو هيو. (وير= سورمو، بهادر. گاٿا= ڳائڻ، ڪال= دور- زمانو) ان دؤر جي هنديءَ جي انهن شعرن کي به گاها چيو ويندو هو. (11) جيڪو ڪن سورمن جي تعريف ۾ چيو پئي ويو. ڳاهه ۽ گاها ساڳيو لفظ آهي.

سنڌي شاعري شروع کان هندي ڇند جي ئي ٽيڪنيڪ تي ارتقا ڪندي رهي ۽ پوءِ اڳتي هلي، سنڌي شاعرن ان ۾ نواڻ پيد اڪري، دوهي مان بيت، وائي ۽ پوءِ ڪافي  ايجاد ڪئي. ماترائن جي گهٽ وڌ ڪرڻ، قافيي جي سٽاءَ، ۽ وراڻيءَ  واري مصرعي  ۾ ماترائن توڙي قافيي جي ترتيب سان، وائيءَ، ڪافيءَ ۽ بيت جا ڪيترائي نمونا تخليق ڪيا ويا. هن صديءَ جي پهرئين اڌ تائين اهڙي قسم جي شاعريءَ کي ، (جيڪا ماترائن جي ڇند واريءَ سٽاءَ تي ٻڌل هئي ۽ ان ۾ شاهه لطيف جي شاعري به شامل آهي.) جهنگلي، غير موزون ۽ اڻ سڌريل پئي سمجهيو ويو.

مرزا قليچ بيگ ۽ ڊاڪٽر محمد شيخ ابراهيم خليل جهڙن پارکن به اهڙيون ادبي فتوائون ڏنيون آهن. عجب آهي ته ان دور ۾ رڳو فارسي بحر وزن کي ئي شعر جي موزون هجڻ لاءِ معيار پئي سمجهيو ويو. حالانڪ دنيا جي تمام ٿوري حصي ۽ ٿورين ٻولين جي شاعريءَ ۾ اهو مايو استعمال ٿيو آهي. باقي دنيا جي ٻولين کي پنهنجا پنهنجا ماڻ ۽ ماپا آهن، جيڪي انهن ٻولين جي مزاج آهر آهن.جي عربي فارسي بحر وزن کي ئي شاعريءَ لاءِ معياري ماپو تسليم ڪو ته، پوءِ سڄي يورپ، آمريڪا، چين، جپان، هندستان (سواءِ اردوءَ ۽ چند ٻولين جي شاعريءَ جي) انڊونيشيا ۽ ٻين اهڙن ملڪن ۽ ٻولين جي شاعري غير موزون ۽ جهنگلي چئي رد ڪئي ويندي. دنيا جي هر ٻوليءَ جي شاعريءَ جا پنهنجا پنهنجا قالب آهن. رڳو عربي فارسي بحر وزن ئي آخري ۽ معياري ماپو ناهي. جنهن سان سڄيءَ دنيا جي شاعريءَ کي پرکجي.

پروفيسر جهمٽل ڀاوناڻيءَ، شاهه لطيف جي شاعريءَ جو اونهو ڇيد ڪري ثابت ڪيو آهي ته شاهه لطيف، جي شاعري نه فقط هنري ڇنرتي پوري آهي. پر شاهه لطيف ڪيترائي تجربا ڪري، ڌار ڌار ڇندن جي ميلاپ سان نوان ڇند تخليق ڪيا آهن ۽ ائين ان ٽيڪنيڪ جي ارتقا ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. (12)

شاهه لطيف جي ئي دؤر ۾ مخدوم عبدالرئوف ڀٽيءَ عربي فارسي عروض جي آڌار  تي مولود لکيا. ان کان سواءِ، شاهه لطيف جي وڏي معاصر جمن چارڻ جي چيل مداح ۾ پڻ وزن آهي. (13) مخدوم عبدالرئوف ڀٽي هالن پراڻن جو هئو. پراڻا هالا ڀٽ شاهه کان گهڻو پري نه آهن، ان ڪري لازمي طرح شاهه لطيف جي ڪن تي مخدوم عبدالرئوف جي مولودن جو پڙلاءُ پيو هوندو هوءَ به مولانا روميءَ جي مثنوي شاهه لطيف جي سفر جو ساٿ هئي.

مير علي شير قانع جي مقالات الشعراءَ ۾ بيان ڪيل ڪيترا سنڌي ڄاوا فارسي شاعر شاهه لطيف جا هم عصر هئا. شاهه لطيف ضرور عروضي شاعريءَ کان واقف هو، پر هن پنهنجي شاعريءَ لاءِ سنڌ جون مامي روايتون ۽ شاعريءَ جو اهو قالب پسند ڪيو، جيڪو ان لاءِ مناسب هو ۽ نه فقط اهو قالب استعمال ڪيائين، پر ان ۾ تجربا ڪري، ان کي اڳتي وڌايائين.

شاهه لطيف جا گهڻا سوانح نگار، ٻن ڳائڻن، اٽل ۽ چنچل جو ذڪر ٿا ڪن.جيڪي هند کان آيا هئا ۽ شاهه لطيف وٽ رهندا هئا ۽ شاهه لطيف جي سماع جي محفلن ۾ ڳائيندا هئا. گنج ۽ ٻين ڪيترن ئي قلمي نسخن ۾ ڪافي هندي ڪلام آهي، جنهن لاءِ روايتون آهن ته اهو ڪلام شاهه لطيف جي سماع جي محفلن ۾ ڳايو ويندو هو. اهي ڳالهيون ثابت ڪن ٿيون ته شاهه لطيف پنهنجي وقت ۾ مشهور هندي شاعرن جي ڪلام کان نه فقط پوريءَ ريت واقف هو، پر ان کي پسند به ڪندو هو ۽ پنهنجي سماع جي محفلن ۾ ڳارائيندو به هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com