سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري

باب: --

صفحو :33

تاج جويو

جديد سنڌي شاعريءَ ۾ اهڃاڻ ۽ عڪس

شاعريءَ جي اڀياس ۽ پرک جا طريقا، ماڻَ ۽ ماپا، جُدا جدا دورن ۾ جُدا جدا رهيا آهن. هڪ وقت ۾ شاعريءَ جي صحيح پرک، صرف علم عروض جي بحرن، وزن ۽ رُڪنن جي ترڪيب، ڇيد يا تقطيع (Parsing& Analysis)جي اُصول موجب ڪئي ويندي هئي. شيخ ابراهيم خليل ۽ اُن سٿ جا شاعر، اهڙي شعر کي شعرئي سڏڻ لاءِ تيار نه هوندا هئا. جيڪو علم عروض جي قاعدن تي جوڙيل نه هوندو هو- يعني موزون يا عروضيءَ شاعريءَ کان سواءِ سموري شاعري، سندن نظر ۾ ڪچي، غير موزون يا جهنگلي شاعري هوندي هئي. اهو فارسي ۽ عربي  عرض واريءَ پراڻيءَ ڪٿَ ۽ تقطيع وارو طريقو، هڪ دور ۾ اسان جي وڏن وڏن عالمن ۽ شاعرن جي ذهن تي ايترو ته حاوي هو، جو هنن وٽ رمضان واڍو شاهه لطيف کان وڏو شاعر هو، ڇاڪاڻ ته اُن جي شاعري موزون يعني علم عروض تي ڪيل هئي.

اڄوڪي جديد دور ۾ شاعريءَ جي عروضي ڪٿَ وارو طريقو، ڪسجو، بيڪار ۽ غير سائنسي سمجهيو وڃي ٿو، ۽ اڄ جديد شاعريءَ جي پرک ۽ بحث لاءِ اڀياس جا نوان ماپا ۽ پيمانا ڪتب آندا وڃن ٿا. اڄ شاعريءَ کي علم عروض واريءَ ترڪيب، ڇيد يا تقطيع (Analysis) بدران علم ترتيب، موجب پرکيو ويندو آهي.

علم عروض ۾ آوازن، اچارن ۽ پدن جو خيال رکيو ويندو آهي، پر علم ترتيب ۾ آوازن ۽ لفظن جي بدران ٻوليءَ جي سونهن، شاعراڻي انداز، خيال جي ادائگيءَ ۽ لفظن جي هڪ ٻئي سان موزون ۽ مناسب لاڳاپي تي زور ڏنو ويندو آهي. علم ترتيب جو واسطو،  سنڌ جي برک نقاد، سائين الهداد ٻوهيي، چئن ڳالهين- 1- اُهڃاڻ (Symbol) 2- عڪس (Image) 3- استعاري (Metapher) يا اندروني معنيٰ (Myth) ۽ 4- موسيقيءَ (Music) سان ڄاڻايو آهي.

 جيئن ته منهنجو  موضوع جديد شاعريءَ ۾ عڪسن ۽ اُهڃاڻن جو استعمال آهي. اُن  ڪري علم ترتيب جي ٻن ڳالهين- استعاري (Metapher) ۽ موسيقيءَ (Music) کي ڇڏي، صرف اهڃاڻ ۽ عڪس بابت ابتدائي  ڄاڻ ڏيڻ بعد جديد سنڌي شاعريءَ ۾، سو به خاص ڪري نوجوان شاعرن جي شاعريءَ ۾ اهڃاڻن ۽ عڪسن جي استعمال تي روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪندس:

اها هڪ حقيقت آهي ته شعر ۽ نثر جي ٻولي هڪ ٻئي کان نرالي ٿيندي آهي، ان ڪري شاعريءَ  ۾ ڪم آندل ٻوليءَ جي ترتيب به نثر کان مختلف ٿيندي آهي. اُن ڪري هاڻي شعر جي سمجهڻ ۽ پرکڻ لاءِ پهرين اُن جي نثر ڪرڻ (Paraphrasing) يا تقطيع ۽ وڍ ٽڪ (Analysis) ڪرڻ جي ضرورت نه آهي، پر شعر جي پرک لاءِ شعر ۾ لفطن جي اُن لاڳاپي ۽ سنٻنڌ کي جاچڻ جي ضرورت آهي، جنهن جي ڪري ٻولي، شاعراڻو درجو حاصل ڪري وٺي ٿي.

شاعريءَ ۾ لفظ جو استعمال ۽ لفظي سرشتا (Wordorders) وڏي اهميت رکن ٿا. لفظي سرشتا نه رڳو استعمال ۾ لفظي سرشتا (Mediums) آهن،  پر ٻوليءَ جا ضابطا (Language Disciplines) به آهن، جن جو واسطو لفظن جي پاڻ ۾ لاڳاپي ۽ لفظ جي باطن سان هوندو آهي، اُن ڪري شاعرن کي لفظي سرشتا نه رڳو وسيلي (medium) طور استعمال ڪرڻ گهرجن، پر اُنهن کي پنهنجي احساسن ۾ به جاءِ ڏيڻ گهرجي.

هر لفظ رواجي، عام ۽ ظاهري معنيٰ سان گڏ هڪ ٻي معنيٰ به رکندو آهي، جيڪا اُن لفظ جي سڌريل، سماجي يا  ڪلچرل معنيٰ (Cultural Meaning) هوندي آهي. اُها معنيٰ، شين جي نشان (Sign) يا اهڃاڻ (Symbol) بابت معلومات ڏيندي آهي، ۽ اُن جو واسطو شين جي ظاهري، رواجي ۽ عام شڪل سان هوندو آهي. شاعر، لفظ کي ان جي بنيادي معنيٰ کان مٿي هڪ مقصدي يا  مددي معنيٰ (Subsidiary meaning) به مهيا ڪندا آهن، جيڪا لفظ جي ڪلچرل معنيٰ يا لفظ جو باطن سڏي  ويندي آهي. لفظن جي سماجي يا ڪلچرل معنيٰ، سماج جي پيدا ڪيل هوندي آهي، ۽ هڪ شاعر کي اُها معنيٰ استعمال ڪري، پاڻ کي سماج سان واسطيدار بنائڻو پوندو آهي.

شاعريءَ جي پرک وقت اسان کي اِهو به ڏسڻو پوندو ته هڪ شاعر، شاعريءَ ۾ لفظ جي باطن يا ڪلچرل معنيٰ جي استعمال لاءِ ڪيتري، تخليقي سگهه رکي ٿو. هڪ عظيم ۽ سماج سان لاڳاپيل شاعرکي نه رڳو سماج جي مهيا ڪيل ڪلچرل معنيٰ ڪم آڻڻي پوندي آهي، پر ان کان هڪ قدم اڳتي وڌي، هڪ اهڙي به معنيٰ پيدا ڪرڻي پوندي آهي، جيڪا لفظ جي اصل باطني معنيٰ هوندي آهي. اُها ئي معنيٰ، اڳتي هلي سماج ۾ هڪ نئين مفهوم (Sensce) سان مقبوليت ۽ اهميت حاصل ڪري وٺندي آهي. اها شاعراڻي معنيٰ پيدا ڪرڻ لاءِ، شاعر کي مڪمل سماجي شعور، پنهنجي ڪلچر جي شناس، وسيع مطالعي، مشاهدي تجربي جي ضرورت هوندي آهي. جنهن شاعر ۾ لفظ جي باطن تخليق ڪرڻ جي صلاحيت هوندي آهي. ان جوشعر ئي دائمي حسن ۽ معنيٰ جي جوت حاصل ڪري سگهندو آهي.

ان ڳالهه جي وڌيڪ سمجهاڻيءَ لاءِ، هتي ڪجهه لفظ، انهن جون بنيادي يا رواجي لُغتي معنائون، سماجي يا ڪلچرل معنائون، ۽ شاعراڻيون يا رمز واريون معنائون ڏجن ٿيون:

نمبر

لفظ

بنيادي  معنيٰ

سماجي يا ڪلچررل معنيٰ

1

2

3

4

ڪارو

سڄو

ڊَڀُ

تيل ڦليل

رنگ جو ڪارو

مڪمل يا پورو

جهنگلي گاهه

تيل ۽ سرهاڻ

ڪارو (ناجائز تعلقات وارو مرد)

هيانءَ جو سڄو

ملم، علاج

سينگار

 

هاڻي اچو ته ڏسون ته شاهه لطيف ۽ شيخ ايازُ، انهن لفظن جون ڪهڙيون شاعراڻيون معنائون تخليق ڪن ٿا:

 

مثال (1):

 

مُنهن نه آهيريانئي اجرو، اندر ۾ ڪارو،

ٻاهر زيبُ زبان سين، دل ۾ هچارو،

اِن ۾ پر ويچارو، ويجهو ناهه وصال کي!

هتي ڏسنداسون  ته شاهه لطيفَ، لفظ ڪاري جي بنيادي ۽ سماجي معنيٰ کان مٿي هڪ نرالي شاعراڻي معنيٰ تخليق ڪئي آهي، جا ٿيندي: منافق، دل جو پليت،  دل جو کوٽو، يا اندر هڪ ٻاهر ٻي رکڻ وارو.

 

مثال (2):

مَئي هاٿيءَ سين مامرو، اچي پيو انڌن،
في الحقيقت فيل جي، سڄا سڃاڻن!

 

هتي سڄا (واحدسڄو) لفظ جي معنيٰ، لطيف سائين ڄاڻو، ماهر، زماني شناس، وينجهار، داناءُ ۽ ڏاهو وٺي ٿو، جيڪا معنيٰ يا شاعراڻي رمز (Myth) لطيف جي پنهنجي تخليق ڪيل آهي،

 

مثال (3)

 

ڪڏهن ڪويتا ڪانڍ ڪجل جي،

ڪڏهن اکين جو ڊڀ،

اِهو به ناهي سَڀُ!

 

هن شعر ۾ شيخ اياز رواجي ۽ سماجي معنيٰ کان مٿاهين معنيٰ ڪم آندي آهي، جيڪا ٿيندي: اکين جو آرام، يا. اکين جو ٺارُ!

 

مثال (4):

 

برکا بيٺي هاڻي ڏس،

ڦلواڙيءَ جا تيل ڦليل!

 

هن شعر ۾ شيخ اياز، مينهن وسڻ بعد ڦلواڙيءَ جي ڌوپڻ سان جيڪو نکارُ يا حسُن پيدا ٿئي ٿو، ان لاءِ تيل ڦليل جو مرڪب لفظ ڪم آڻي، اُن لفظ کي رواجي ۽ ڪلچرل معنيٰ کان وڌيڪ هڪ نئين، مقصدي، خوبصورت ۽ باطني معنيٰ (Subsidiary meaning) عطا ڪئي آهي.

اهڙيءَ طرح غور ڪنداسون ته معلوم ٿيندو ته:

لفظ جي بنيادي يا لغتي معنيٰ،  لفظ جو رواجي مطلب (Simple reprense) بيانُ ڪري ٿي، ٻي سماجي يا ڪلچرل معنيٰ نشانُ (Sign) بيان ڪري ٿي، ۽ ٽي شاعراڻي معنيٰ، اهڃاڻ (Symbol) کي جنم ڏئي ٿي. اهڙيءَ طرح، محترم الهداد ٻوهئي چواڻي: اهڃاڻ، ٻوليءَ جو سڀ کان مٿاهون درجو آهي، ۽ عظيم شاعر اُهو آهي، جيڪو اهڃاڻن واري ٻولي استعمال ڪري ٿو.

عام طرح لفظن جو هڪڙو عام لاڳاپو، ويا ڪرڻي- لاڳاپو (Grammeratical Co-relation) هوندو آهي، جنهن ۾ اسم، فعل، ضمير ۽ صفت جون هڪ ٻئي سان نسبتون سمجهيون وينديون آهن، پر  ان قسم جي لفظي لاڳاپي (Co-relation of words) جو شاعريءَ سان واسطو نه هوندو آهي. شاعريءَ ۾ لفظن جي لاڳاپي يا اُنهن جي ترڪيب ۽ ترتيب جو طريقو ويا ڪرڻي. نه هوندو آهي. پر اُهو هڪ نرالو ۽ منفرد هوندو آهي. هيءُ نئون لفظي سرشتو، ٻوليءَ ۾ مواد (Language Matter) جي لحاظ کان اعليٰ قسم جو هوندو آهي، هن سرشتي موجب هڪڙن لفظن کي ٻين لفظن سان اهڙيءَ ته سليمت. سهڻائيءَ ۽ سگهڙپائيءَ سان جوڙيو ويندو آهي، جو انهن لفظن کي جدا جدا ڪرڻ سان انهن جي معنيٰ سمجهه ۾ اچي  نه سگهندي، پر يڪي جملي ۾ ڪجهه لفظ، مرڪزي حيثيت رکندا آهن، جن کي اهڃاڻ (Symol) ڪوٺبو آهي. اُهڃاڻ، ٻوليءَ کي اعليٰ درجو ڪندو آهي.هيءُ لفظي سرشتو، ٻوليءَ جي ويا ڪرڻي قاعدن کان مختلف هوندو آهي، ۽ هن جو واسطو، ٻوليءَ جي اندر ۽ روح سان هوندو آهي. هن لفظي سرشتي جي استعمال سان شعر جي سونهن وڌي ويندي آهي. اِهو ئي سبب آهي جو عظيم ۽ ماهر شاعر، ٻوليءَ جي ويا ڪرڻي قاعدن جي ابتڙ ٻوليءَ جي روح ۽ ضميرکي شاعريءَ ۾ ڪم آڻيندا آهن. ٻوليءَ جو اهو روح ۽ ضمير اُهڃاڻن، عڪسن ۽ اهڙين ٻين مددي يا تخليقي معنائن وسيلي ظاهر ٿيندو آهي. لفظن جو اهو لاڳاپو گهرو ۽ اڻٽٽ هوندو آهي، اهو لفظن جي مفهوم ۾ نواڻ ۽ صلاحيت ۾ اضافو ڪندو آهي، ۽ اهڃاڻن ۽ عڪسن جي صورت ۾ نمودار ٿيندو آهي.

 

محترم الهداد ٻوهيي، پنهنجي مضمون. شعر جي اڀياس جا نوان طريقا۾ اهڃاڻکي لفظ جو اهو باطن سڏيو آهي، جيڪو پنهنجو روحُ، ڪلچر مان حاصل ڪندو آهي ۽ ورائي اهو روح ڪلچر ۾ ڀريندو آهي. هن وڌيڪ لکيو آهي ته: اهڃاڻ به ٺاهيو ويندو آهي. پر اهو فقط مادري ٻوليءَ ۾ ٺهي ٿو، ڇو ته ٻولي، جنهن جو واسطو ڪلچر سان آهي، سا فقط مادري ٻولي آهي.

عام طرح علامت يا نشان (Sign or Signal) ۽ اهڃاڻ (Symbol) کي سمجهڻ ۾ غلطي ڪئي ويندي آهي، پر ٻوهيي صاحب، اِن ڳالهه کي هيٺين لفطن ۾ ڇنڊي ڦوڪي، صاف ڪري بيهاريو آهي:

علامت لاءِ رڳو ٻه شيون گهرجن: يعني خبر چار ڏيڻ واري ۽ خبر چار حاصل ڪرڻ واري، پر اهڃاڻ ۾ انفرادي طور ٻن ماڻهن کان مٿي ٻه علامتي نظام گهرجن. اُهڃاڻ ۾ پهريون علامتي نظام اهو آهي، جنهن ۾ علامت، ٻوليءَ جو علامتي ڪم ڪري ٿي، ۽ ٻيو علامتي نظام اهو آهي، جنهن ۾ علامت ڦري اهڃاڻ جي صورت وٺي ٿي.

شاعريءَ ۾ اهڃاڻ، ڪلچر ۽ سماج جي ڪُلي ۽ مقبول صورت جي نمائندگي ڪري ٿو، پر ان حالت ۾ علامت رڳو ٻوليءَ جي مقبول ۽ عام صورت جي سطح تي ڪم ڪري ٿي. اُهڃاڻ، علامتن جي هڪ گڏيل ماحول مان اڀري ٿو ۽ پاڻ هڪ کان وڌيڪ علامتن جي نمائندگي ڪري ٿو.

اهڃاڻ، ٻوليءَ کي وڌائڻ جو وسيلو هوندا آهن. اسان پنهنجي مادري زبان سنڌيءَ جو ڳوڙهو اڀياس ڪنداسون ته معلوم ٿيندو ته اسان عام رواجي گفتگو واريءَ ٻوليءَ ۾ به اهڃاڻ ڪم آڻيندا آهيون. اسان جي سموري ڪلاسيڪي شاعري ۽ اُن ۾ شاهه لطيف جي شاعري، اُهڃاڻن جي تاڃيءَ تي ٻڌل آهي. اهڃاڻ، وسيع مشاهدي، تجربي، مطالعي ۽ مشاقيءَ کان پوءِ ئي شاعريءَ ۾ پيدا ڪري سگهبا آهن. ڀٽائيءَ کان شيخ اياز تائين، شيخ اياز کان اياز گل تائين، اياز گل کان حسن درس ۽ حليم باغي تائين، ۽ حليم باغيءَ کان خير محمد ڪويءَ، احمد سولنگيءَ ۽ سعيد ميمڻ تائين سنڌي ٻوليءَ جي هر عظيم ۽ ادنيٰ، وڏي توڙي ننڍي شاعر، اُهڃاڻن جو خوبصورت استعمال ڪيو آهي.

اهڃاڻ (Symbol) جو شعوري يا غير  شعوري استعمال، اڪثر شاعرن ڪيو آهي، پر باقاعدي ادب ۾ شعوري طرح اُهڃاڻ واري طريقي کي هڪ تحريڪ طور جاءِ 1986ع ڌاري ملي. ادبي حيثيت سان اهڃاڻ (Symbolisation) جي تحريڪ، فرانس ۾ زور حاصل ڪيو، ۽ بعد ۾  ٻين ملڪن- انگلينڊ ۽ آمريڪا جي شاعرن پڻ ان اثر کي قبول ڪيو. پر سموري سنڌي شاعريءَ جي گهري اڀياس ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته اسان جي شاعرن شعوري يا لا شعوري طور ابتدا کان وٺي اهڃاڻي انداز واري شاعري ڪري، پنهنجيءَ قوم کي حقيقتن جي آگاهي ڏني آهي.

ڀٽائيءَ جا هيٺيان  بيت، اُن دور ۾ جنهن اهميت جا حامل هئا، اڄ به ساڳي معنيٰ بلڪ اڃا به زورائتي معنيٰ (Stress-meaning) رکن ٿا.

 

واهڙ! ڀييون نه پاءِ، تو پڻ ليکو ڏيڻو،

سدا سانوڻ ڏينهڙا، هميشه نه هونداءِ،

وهاڻيءَ وينداءِ، اوڀرَ اُتانهان لهي!

 

متو آهين مچ، ٿلهو ٿيو ٿوناهڻين،

تو جا ڀانئي اڇ تنهن پاڻيءَ پُنا  ڏينهڙا!

 

هنن بيتن ۾ واهڙ، ڀيريون، ليکو سانوڻ ڏينهڙا، وهاڻي، اوڀر اُتانهان،مڇُ ٿلهو، ٿونا اَڇَ ۽ پاڻي پُنا ڏينهڙا- اُهڃاڻن جا خوبصورت مثال آهن.

شاهه صاحب نه رڳو روايتي اُهڃاڻ ڪم آندا آهن، پر پاڻ نين روايتن جو خالق به آهي. هن نت نوان ۽ حسين اُهڃاڻ تلخيق ڪرڻ سان گڏ لفظن کي نيون ۽ تخليقي معنائون عطا ڪري، هڪ طرف سنڌي ٻوليءَ جي جهولي ڀري آهي ته ٻئي طرف سنڌي شاعريءَ کي اُها وسعت ۽ تخليقي اڏام بخشي آهي، جو جنهن به شاعر لطيف جو مطالعو ڪيو آهي، اُن جي سوچ ۽ شاعري. رڱجي ۽ رچي ريٽي ٿي چڪي آهي. شيخ اياز جي شاعري، اُن جو سندر مثال آهي. خود شيخ اياز ڪهڙن نه خوبصورت لفظن ۾ اِن حقيقت جو اعتراف ڪيو آهي:

 

ڀٽائي! اسان جي ڀريل جهول ۾،
ٻڌو سون، ٻه ٽي ٻير تنهنجا به ها!

 

ڪڻا کنيم ڪيچ مان، کليا منهنجا کيت،
مون وٽ آهن بيت، تو وٽ مڙئي آيتون!

 

آءُ، ڀٽائي آءُ! تنهنجي کهه، منهنجون اکيون،
ڏس مون تنهنجو ڪيترو، ڀوريو ناهي ڀاءُ،
ساڳيو جوڳ جڙاءَ، ساڳيا سڏڙا ساز جا!

 

هنن بيتن ۾ شيخ اياز خود ڀٽائي لفظ کي اهڃاڻ طور ڪم آندو آهي، ۽ ڀٽائيءَ جي روايتي اهڃاڻن مان بيت، کهه اکيون، .ڪينرو  اهڃاڻ ڪم آندا اٿس، پر ٻه ٽي ٻير تنهنجا ۽ ساڳيا سڏڙا ساز جا- اهڃاڻ، نئين معنيٰ ۽ نئين انداز سان پيش ڪري هن ڪمال ڪيو آهي.

ڀٽائيءَ کان اڄ جي نئين ٽهيءَ جي شاعرن تائين هر شاعر جي شاعريءَ مان جيڪڏهن اهڃاڻ ويهي ڳولبا ته ڪيترا ڪتاب ۽ پي- ايڇ- ڊي (Ph.D) جون ٿيسزون تيار ڪري سگهبيون. آءُ هتي صرف چند نوجوان شاعرن جي شاعريءَ مان ڪجهه اهڃاڻن جي نشاندي ڪندس، جن جي معنيٰ ۽ نئن مفهوم، اسان مان هر هڪ، وقت ۽ حالتن جي تقاضا آهر ڪڍي سگهي ٿو:

 

جهولا، جهڪ، طوفان تکيرا،

پوءِ جرڪي ڏيئي لاٽ!

(سونو ملاح)

 

(اُهڃاڻ: جهولا، جهڪ، تکيرا طوفان، جرڪي ڏيئي لاٽ)

 

ناهي دير سويرن ۾،

رات وڃي ٿي رڙهندي رڙهندي!

ڪوڙ جي برف جا،

ڪوٽ رجندا رهن!

(اياز گل)

 

(اهڃاڻ: سريرن، رات، ڪوڙ جي برف جا ڪوٽ)

 

رت ٻڏل شخص

تاريخ جي اسڪرين تي،

اجرو ڪوئي عڪس!- (ادل سومرو)

 

(اهڃاڻ: رت ٻڏل شخص،/تاريخ جي اسڪرين، اجرو عڪس)

 

ماٺ لهر ۾ لڙهي ويو آ شهر سڄو،

ڪاهي پيا هن ڳلين ۾ اوندهه جا اجگر،

وات پٽي آ ويٺو وقت جو وحشي مانگر! (نصير مرزا)

 

(اهڃاڻ: ماٺ لهرن ۾ لڙهي ويو شهر، اوندهه جا اجگر، وقت جو وحشي مانگر)

راه ۾ باهيون لڳائي بي لڄو،

ظلم جي واکاڻ مون کان ٿو گهري!

هٿ ۾ ڏيئي مون کي ڪاغذ جو بمُ،

هڪ ڊگهي جنگاڻ مون کان ٿو گهري!- (واجد)

 

(اهڃاڻ: راه ۾ باهيون، بي لڄو، ظلم جي واکاڻ، ڪاغذ جو بم، ڊگھي جنگاڻ)

ننگا هوندا لڱ وڻن جا،

سڏڪي پوندا  پن- ڇڻ رت ۾!

اٽڪي پيا اوسيئڙا اک ۾

ڳوڙها ٿينداپن- ڇڻ رت ۾!- (نياز پنهور)

 

(اهڃاڻ: ننگا  لڱ وڻن جا. اوسيڙا اک ۾)

 

سامهون ويهن، نيڻن ۾ پوءِ پيار  اسان جو ڇلڪي ٿو،

شام جيان معصوم نماڻا، صبح جيان ٻاجهارا ماڻهو!-

(ذوالفقار سيال)

 

(اهڃاڻ: شام جيان معصوم نماڻا صبح جيان ٻاجهارا)

آثار ٻڌائن ٿا، ڪا ڳالهه ته ٿي آهي،

مون لوڪَ جي چهرن تي تحرير پڙهي آهي- (آسي محمود زميني)

(اهڃاڻ: لوڪ جو چهرو تحرير،)

پيارُ فلسفو بڻجي ويا آ،

محبوبا ڄڻ ٿيوري آهي.

سوچڻ تي آ سرحدبندي،

آزادي اڻ پوري آهي!-(مختيار ملڪ)

 

(اهڃاڻ: پيار فلسفو، محبوبا ٿيوري، سوچڻ تي سرحد بندي، آزادي اڻپوري)

 

ڀٽڪي ڪاريءَ ڀُونءِ تي،

ٿيءُ چانڊوڪيءَ چارو!

اونداهيءَ ۾ اڇاڻ بڻجي،

پاڻ گهڙيا آهيون او پيارا- (وسيم سومرو)

 

(اهڃاڻ: ڪري ڀونءِ، چانڊوڪيءَ چارو، اونداهيءَ ۾ اڇاڻ)

 

جيون جي سرندي جون سائين،

تندون ٿيون تڙپن-----!

اوندهه اوندهه آهي پوءِ به

ٽانڊاڻا ٽمڪن----!(مظهر لغاري)

 

(اهڃاڻ: جيون جو سرندو، تندون ٿيون تڙپن، اوندهه، ٽانڊاڻا ٽمڪن)

 

ريت جي رات ۾ هر هڪ آشا

ماري وئي آ ڪاريءَ وانگر!- (بخش مهراڻوي)

 

(اهڃاڻ: ريت جي رات، ڪاريءَ وانگي)

پرهه پريءَ جا پيرا پرکيو.

سڳنڌ گلن جي هينئڙو هرکيو،

وڻ وڻ ڪن واکاڻ----

لاک رتي لالاڻ ----- (ماڻڪ ملاح).

 

(اهڃاڻ: مالها. گيت قبر جا ڪتبا)

 

ڪارونجهر جي ڪاري چوٽي. روپو ڪولهي اڄ به رهي ٿو.

هو ڏس وچ چمڪاٽ ڪري پئي، ننگر، سارو ساک ڏئي پيو،

توکي ڪا گم ناهي گورا. تنهنجو سورج هاڻ لهي پيو! -

(حليم باغي)

(اهڃاڻ: ڪارونجهر جي ڪاري چوٽي، وڄ چمڪاٽ، ننگر، گم، گورو، سورج لهڻ)

 

ٿوهر هيٺان ٿڪ ڀڃن ٿا،

ڏٻرا سڌ سگهارا آهن- (سهيل مجيدي)

 

(اهڃاڻ: ٿوهر هيٺان ٿڪُ، ڏٻرا سڏ سگهارا!

 

ويهه ڪلو ميٽر دور رهي ٿي،

مون کان منهنجي سوچ!- (زيب سنڌي)

 

(اهڃاڻ: ويهه ڪلو ميٽر دور رهندڙ سوچ!)

 

مٿي ڪجهه نوجوان شاعرن جي شاعريءَ ۾ استعمال ڪيل اهڃاڻ نموني طور بيان ڪيا اٿم. جن مان ڪيترا روايتي ۽ اڳ استعمال ڪيل اهڃاڻ به ٿي سگهن ٿا، پر انهن جي استعمال جو حق کانئن ڪو به کسي نٿو سگهي. پر هنن خوبصورت ذهن وارن نوجوان شاعرن، ڪيترا نوان، خوبصورت ۽ ڇرڪائيندڙ اهڃاڻ ڪم آڻي سنڌي ٻوليءَ کي وسعت بخشي آهي.

جيئن مون مٿي ڄاڻايو آهي ته اهڃاڻ لفظي سرشتن (Word orders) مان جنم وٺندا آهن، اهڙيءَ طرح عڪس (Image) پڻ لفطن جو سرشتو (Word order) آهن.

عڪس جي وصفَ، مختلف يورپي عالمن هن ريت بيان ڪئي آهي، اچو ته ان جي روشنيءَ ۾ عڪس جي ماهيت کي سمجهون:

آئيسڪس (Isaes): عڪس اها شيءِ آهي، جا ذهني ۽ جذباتي (Intellectual & Emotional) حساس (Complex) کي ڪنهن خاص مقرر ڪيل وقت ۾ پيش ڪري.

(The back ground of modern poetry- p.34)

وليم (William) ۽ اسٽين مين (Steinman): عڪس هڪ اهڙو اظهار آهي. جنهن سان پڙهندڙ جي دل ۾ هڪ ذهني خاڪو پيدا ڪري سگهجي ٿو.

(Literature for Writing page.675)

ازرا پائونڊ: عڪس اهڙي لفظي سرشتي جو نالو آهي، جيڪو جذبات ۽ ذهني واردات جي گڏيل ڪيفيتن کي ڪنهن خاص ۽ مقرر وقت ۾ پيش ڪري.

شپلي (J.I.Shipley):

عڪس، ڪنهن شيءِ جي ٻاهرئين مشاهدي (Sen sual experience) کي اصل ذهني ڪيفيت (Sign) يا لفظن جي باطن جي ويجهو وڃي وٺي ٿو.

آئيسڪس (Isacs)، عڪسن لاءِ ضروري ٿو سمجهي ته اهي اهڙن لفظن ۾ ڏجن، جيڪي چونڊيل ۽ موزون هجن ۽ آلڊنگٽن (Aldinagton) موزون لفظن جي وضاحت هنن لفظن ۾ ڪئي آهي، موزون لفظ هرو ڀرو اهي لفظ نه آهن. جيڪي ڪنهن شيءِ جو هو بهو ۽ سچو پچو اظهار ڪن يا ان کي بيان ڪن، موزون لفظ اُهي آهن، جيڪي ڪنهن شيءِ جو سچو پچو تاثر پيش ڪن، يعني اهو تاثر ڏين، جيڪو خود شاعر، پاڻ ان وقت محسوس ڪيو هو، جنهن وقت اهو نظم لکي رهيو هو.

عڪس عام طرح ٻن قسمن جا ڄاڻائي ويا آهن: هڪڙا، معنوي (Figuative) ٻيا ظاهري يا لفظي (Direct or Literal). عڪس، ڪنهن شعر ۾ موجود شاعراڻي معنيٰ (Myth) جي سمجهڻ جا هڪڙا اهم وسيلا (mediums) آهن. ان ڪري عڪس جي تجربن واري شاعري ئي بهتر ۽ خوبصورت چئي سگهجي ٿي.

جديد شاعريءَ ۾ عڪسيت (Imagery) جي تحريڪ، برطانيه ۽ آمريڪا جي شاعرن شروع ڪئي. هن تحريڪ جو ذهني طرح بنياد هلميءَ (T.H. Hulme) وڌو، پر ان تحريڪ جو وڏي ۾ وڏو علمبردار ارزا پائونڊ آهي. جنهن کان پوءِ لووِل (Anny lowell) ۽ فلنٽ (F.S. Flint) هن تحريڪ جا اهم نالا آهن.

ازرا پائونڊ، عڪس جي اهميت هنن لفظن ۾ بيان ڪئي آهي: شعر جو هڪ اهڙو به قسم آهي. جنهن مان معلوم ٿيندو ته تصوير يا بُتُ (Scluptures) ڳالهائڻ شروع ڪندا. ۽ هڪ فرانسيسي نقادُ عڪس کي هڪ جادوءَجي بتي سڏي ٿو. جيڪا شاعريءَ کي اوندهه ۾ روشني ڏئي ٿي.

عڪسي تجربو، جديد شاعريءَ جو هڪ اهم ۽ خوبصورت تجربو آهي. ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ. عڪسي مشاهدي جون ڪجهه عام صورتون هيٺيون ڄاڻايون آهن:

بصري يا ڏسڻ جا عڪس

ٻڌڻ جا عڪس

غير متحرڪ عڪس

متحرڪ عڪس

سنگهڻ جا عڪس

ذائقي جا عڪس

ڇهڻ جا عڪس

حرارتي (ٿڌي گرم جو تاثر ڏيندڙ عڪس)

رنگين عڪس

حواسن کي لطف ڏيندڙ عڪس

انتقالي مشاهدي وارا عڪس

گهڻ- پارا عڪس

(Visual or Sight images)

(Auditory images)

(Static images)

(kinetic images(

(Olfactoray images)

(Taste images)

(Tectile images)

(Thermal images)

 

(Colour images)

(Sustatory images)

 

(Synaesthetic images)

 

(complex images)

 

محترم الهداد ٻوهيي، بهتر شعر جي وصف بيان ڪندي لکيو آهي ته بهتر شعر اهو لکيو  آهي، جنهن ۾ تجربو عڪس جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو. هن شعر جي اڀياس وقت عڪس جي اهميت جو ذڪر ڪندي چيو آهي ته شعر جو سچو پچو اڀياس تڏهن ٿي سگهندو، جڏهن معلوم ٿئي ته شاعر اکين کان سواءِ ٻين ڪهڙي حواسن کي ڪم آندو آهي. يعني ڪهڙا عڪس پيش ڪري سگهيو آهي.

سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو مطالعو ڪبو ته معلوم ٿيندو ته ان جي تاڃي جيڪڏهن اهڃاڻ آهن، ته پيٽو عڪس آهن. سنڌي شاعرن، ڪلاسيڪي دؤر کان وٺي اڄ تائين  شاعريءَ ۾ عڪس جو نهايت سهڻو استعمال ڪيو آهي. اهڃاڻ وانگر عڪس جي دنيا ۾ به ڀٽائيءَ سان اڃا تائين ڪو ڪو شاعر برميچي نه سگهيو آهي. سندس سموري شاعري. عڪسن جي انڊلٺ سان جهرمر ڪندي نظر ايندي. خاص ڪري سندس شاعريءَ جا سُر، سر سارنگ. سرمارئي، سر سامونڊي، سسئيءَ وارا سُر ۽ سُر مومل راڻو عڪسن جا سرچشما آهن. پر الهداد ٻوهيي جي تحقيق مطابق شاهه صاحب جي سر سارنگ ۾ سڀ کان وڌيڪ ۽ عڪس جا سمورا قسم بيان ٿيل آهن.

 شاهه جا ڪجهه عڪسي مشاهدا هيٺ ڏجن ٿا:

 

(1)  اڄ پڻ اتر پار ڏي ڪارا ڪڪر ڪيس

وڄون وسڻ آئيون، ڪري لال لبيس

پرين جي پرديس، مون کي مينهن ميڙيا!

 

هن بيت ۾ ڪارا ڪڪر ڪيس ۽ ڪري لال لبيس وارا، فقرا، رنگين عڪس (Colour images) پيش ڪن ٿا، ۽ پرين جي پرديس، مون کي مينهن ميڙيا، واري سِٽ انتقالي مشاهدي (Synaesthetic Image) جو خوبصورت مثال آهي.

 

جهڙ نيڻئون نه لهي، ڪڪرَ هُون نه  هُونِ

ساريو سپرين کي، لڙڪ ڳلن تي پون،

سي مر رويو رون، جن مسافر سپرين.

 

هن بيت جون پويون ٻئي سٽون متحرڪ عڪس (Kinetic image) پيش ڪن ٿيون.

 

(3)  اُٻون ڪڪر ڪڍيون اُتر ڏي آهين.

ڪري اگم آئيون، مند نه مٽائين!

 

هن بيت ۾ ڏسڻ جو عڪس (Visual image) بيان ڪيل آهي.

(4) اڄ پڻ اتر پار ڏي، تاڙي ڪئي تنوار

(5) رُڃن ۾ رڙ ٿي، ڪر ڪوئل جي ڪوڪَ

(6) آرون آبر آسري، تاڙا تنوارين

تاڙي ڪئي تنوار ڪوئل جي ڪُوڪَ ۽ تاڙا تنوارين فقرن ۾ ‎ ٻڌڻ جا عڪس (Auditory images) سمايل آهن.

(7) سُرهي سيج، پاسي پرين، مر پيا مينهن وسن!

 

هن بيت ۾ غير متحرڪ عڪس (Static image) پيش ڪيو ويو آهي.

ڪلاسيڪي شاعريءَ کان پوءِ، جديد سنڌي شاعريءَ ۾ به اسان کي بيحد حسين عڪس ملن ٿا. شيخ اياز، تنوير عباسيءَ نياز همايونيءَ ۽ استاد بخاريءَ کان وٺي هر جديد شاعر وٽ اسان کي خوبصورت عڪسي مشاهدا ملن ٿا.

 

استاد بخاريءَ جي شاعريءَ مان ٻه مثال پيش ڪجن ٿا،

هَوا لهرون ٿي لچڪي ٿي، ڪُٻا ڪِرڻا ٿي جهولن ٿا

ڪَلا جا ڪينرا ڇيڙي، ندوين، نالا، نچايون ٿا!

 

هن شعر ۾ هوا جون لهرون ٿي لچڪڻ، ڪرڻن جو ڪُٻا ٿي جهولڻ، ڪلا جا ڪينرا ڇيڙڻ سان ندين ۽ نالن جو نچڻ، متحرڪ عڪسن (Kinetic images) جا خوبصورت مثال آهن.

 

(2) گفتگو تنهنجي گلابي، نهڪرون، ڏانڊيون، ڪنڊا،

ڄڻ بدن ڳاڙهي ۾ پڌريون ڪي نسون نيريون هجن!

 

هن شعر ۾ گلابي گفتگو، ڳاڙهي بدن ۽ نسون نيريون جا فقرا، رنگين عڪس (Colour images) پيش ڪن ٿا.

وڌيڪ مثال پيش ڪرڻ بدران موضوع جي نسبت سان هتي رڳو چند نوجوان شاعرن جي شاعريءَ مان چونڊ عڪس پيش ڪري، پڙهندڙن جي جمالياتي حِسَ کي بيدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. عڪسي تجربن وسيلي اسان جي نوجوان شاعرن، جماليات جون جهلڪون پسائڻ ۾ ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي. اچو ته اسان گڏجي انهن عڪسن جو مطالعو ڪريون، انهن کي محسوس ڪريون ۽ انهن جي جيئرين جاڳيندين صورتن کي پرکيون:

 

اياز گل:

 

ڪنهن جون راتيون روشن هونديون،

پنهنجا ڏينهن به ڪارا آهن!

(رنگين عڪس-Colour images)

راهُن تان راڪاسُ گهمي ويو،

هيسيل چهرا، ٻوٽيل دَ رَ.

(غير متحرڪ عڪس-Static image)

اکڙين اُڀ تي آگم ڇانيا،

موسم جي تبديلي آهي!

(ڏسڻ جو عڪس-Visual  image)

ڏورُ پيو ڪو چنگُ وڄائي ، مٺڙو مٺڙو چنگ،

(ٻڌڻ جو عڪس-Anditory image)

سُرهو سرُهو سُر سنگيت ائين ڄڻ تنهنجو منهنجو سنگ!

(سُنگهڻ جو عڪس-Olfactorary image)

باکَ جي ڦَٽَڻ جو ڏسي منظر،

ياد ڪنهن جو اچي ويو مرڪڻ!

(اُنتقالي مشاهدو-Synaesthetic image)

 

ادل سومرو:

 

مشڪ کٿوريءَ کان به مٿي،

ڌرتي! تنهجو هير- هڳاءُ!

(سنگهڻ جو عڪس-olfactorary image)

اونداهيءَ جي آکيري ۾،

ٽانڊاڻ جو ٽولو آهي!

(انتقالي عڪس-Synacsthetic image)

سورج جهڙي سپرينءَ پاتو،

چانڊوڪيءَ جو چولو آهي.

(ڏسڻ جو عڪس ۽ رنگين عڪس-Visual&Colour images)

نصير مرزا:

رستن تي ماڻهو ناهن،

قبرن جا هن ڄڻ ڪتبا!

(غير متحرڪ عڪس-Static image)

ٻارن جيان تاڙيون وڄايون پتن،

پرٿوي جهومي پئي، جهوميو گگن!

(گهڻ پهلو عڪس Complex image)

نوٽ: هن شعر ۾ ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جا ٻٽا عڪس-(Auditory &  visual images) سمايل آهي.

 

کليل جهروڪي ۾،

ڏيئو ٻري پيو.

سجُ- اولڙي ۾،

چنڊ چڙهي پيو.

ڍنڍ- ڪٽوري ۾.

ڪنول تري پيو.

هندوري ۾،

پرين لُڏي پيو!

 

هن نظم ۾ به گهڻ پهلو عڪس (Complex image) سمايل آهي، يعني هڪ ئي وقت متحرڪ ۽ ڏسڻ جا عڪس ((Kinetic & Visual image)) موجود آهن.

 

وسيم سومرو:

ڪونهي ڪو به هُڳاءُ،

جهڙي مُند مساڻ آ!

(غير متحرڪ عڪس-Static image)

ڏي ڪو بي- رنگ ڏيهه کي،

ڏاڙهونءَ- ڦلڙيون ڏسوُ!

(رنگين عڪس-Colour image)

وڍي وڻ جي ٽاري پيو ڪو ڌنار

اُڏامن پيا جهڙپ کائي پکي!

(متحڪ عڪسKinetic image)

اڄ رڳو خوف جو پيو وڄي سائرن،

گيت سان ڪالهه سهڪار ڪيو هو گهڙن.

(ٻڌڻ جو عڪس-Auditory image)

 

بخش مهراڻوي:

شام برکا سندي،

رنگ پيا ٿا سون: /مثال وسندا رهن!

مَن-مندر اندر،

گهڊ پيا ٿا وڄن: شال وڄندا رهن!

مرڪ ماري وجهي.

چپ تُنهنجا چرن: شال چُرندا رهن!

(متحرڪ عڪس-Kinetic & Visual image)

ڏکڻ سندو واءُ،

نينگر ويٺي گاهَه لڻي،

ڀرسان وهي واهه

(ڏسڻ جو عڪس ۽ متحرڪ عڪس

(Visual image & Kinetic image

 

ڪيڏي چپ چپات،

ڏينهن به اڄ لڳي- ٿو،

مون کي آڌي رات!

(غير متحرڪ عڪس Static image)

 

فاضل ڪيريو:

 

ڪنهن جي دل جو خوُن ٿيو،

شام جا ريٽا نيڻ ڀنل!

رات تان لاهي ڪاري ڪس،

پرهه پسايا ڳاڙها ڳل!

(رنگين عڪس-Colour images)

 

ماڻڪ ملاح:

پکي پکڻ ٿا ٻوليون ٻولن،

هير هندوري ۾ ٿا جُهولن

(گهڻ پهلو عڪس-Complex image)

هن ۾ ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جا عڪس (Visual & Audetory images) سمايل آهن.

 

انڊلٺ نڪتي وهنجي وهنجي، ڪڪرن جي سڀ پردن مان،

ڄڻ ڪا وينگس ٺهي ٺڪي ۽ گذري ٿي پئي مردن مان!

 

هن ٻه- سٽي شعر ۾ نوجوان شاعر هڪ ئي وقت رنگين، متحرڪ ۽ ڏسڻ جا عڪس پيش ڪيا آهن، يعني هن شعر ۾گهڻ پهلو عڪس (Complex image) بيان ڪيل آهي.

 

مخمورميرانپوري:

اکڙين آهن پلڪ پسايا،

پيڙا جي هيءَ آهي مايا!

(متحرڪ عڪس Kinctie image)

وري ساڳي موسم ملڻ جي اچي وئي،

سگهو اچ، ٿي سارين ۾ سرهاڻ آهي!

(انتقالي مشاهدو Synaecsthetic image)

 

حليم باغي:

پيرن هيٺ بهارون پٿريون،/ڇاٽ ڇڻن ٿا گلَ،

الو ميان! ڇاٽ ڇڻن ٿا گل!

(متحرڪ ۽ ڏسڻ جو عڪس Kinetic & Visual image)

يعني گهڻ پارو عڪس (Complex image).

مفتون ڪورائي

ماٺ، ڌڙڪن! متان هو جاڳي پئي،

ڪو سُتل آهي منهنجي سوچن ۾ !

(غير متحرڪ عڪس Statis image)

سڄڻ سنڌي:

چنڊ- چهري تي زلف پيا هوندا

رات ڪاري آ تنهنجي اکڙين ۾!

هيءَ جا تنهنجي سارَ،

ڄڻ ڪي ڏونئرا ڏيهه ۾،

ڄڻ ڪي لال ليارَ !

(رنگين عڪس Colour image)

منظر حيات قاضي:

 پريت ڇيهون ڇيهون ٿيندو،

آءُ اچي ٽڪرائي آهيان!

(انتقالي عڪس- (Synaesthetic image

ڪناڌ ۽ ڪونڌرَ ڪسندي ڪُسندي،

سهرا سڀ اوسرا ٿي پيا!

(انتقالي عڪس Synaesthetic)

يادن جن گهنگهور گهٽائون،

ماضيءَ جا ڪجهه ورق وري پيا!

(انتقالي عڪس Synaesthetic image)

سڀ ڪو ماڻهو ٽَوهه ڪَڙو،

 پوءِ مان ڪنهن جا چَپَ چُمان!

(چکڻ جو عڪس-Taste image)

واجد:

 

چنڊ جي چپن کي باهه لڳي،

هر  تارو حيران ٿو لڳي.

(ٿڌي گرم جو احساس ڏيندڙ عڪس- Thermal image)

 

سهيل مجيدي:

توبن بُتَ ۾ برف وسي ٿي،

هيل ته پاڇن تي ڀي پارا!!

(ٿڌي، گرم جو احساس ڏيندڙ عڪس- Thermal image)

 

پشپا ولڀ:

اٽي جي چڪيءَ جو پريان کان ايندڙ آواز:

ٺُڪ ٺُڪ..... ٺُڪ......

ڀنڀرڪي ويل کوهن تي مالهين جو آواز:

هوؤؤ....... هوؤؤ..... پڇا

(بس بس...... واپس ٿيءَ!)

۽ صبح جو وٿاڻ ڏانهن ورندڙ

ڌوڙ اُڏائيندڙ

گانين جي مڌر ٽلين جو آواز

۽ منهن اونداهيءَ ويل

گؤ ڌول ۾

مَندر ۾ وڄندڙ گهنٽن جو آواز:

جڏهن به آئون اِن وايو منڊل ۾ هوندي آهيان.

جسم جي هر حصي سان محسوس ڪندي آهيان

پاڻ کي بي انت، آزاد ۽ شانت مئه ڀائيندي آهيان!

(گهڻ پهلو- عڪس Complex image)

 

هن پوريءَ نظم ۾ مختلف عڪس جهڙوڪ متحرڪ Kinetic) ۽ ڏسڻ، جا عڪس (Visiual image) موجود آهن. اُن ڪري هيءُ نظم گهڻ پاري عڪس جو خوبصورت نمونو آهي.

 

مظهر لغاري: مون وٽ سورج جهڙا سپنا،

تو وٽ رات انڌاريون سوچون!

(رنگين عڪس Colour image)

آزاديءَ جي اڳ مٿان مون،

پنهنجون سڀ پهگاريون سوچون!     

(خرارتي عڪس Thermal image)

 

مددي ڪتابن جي فهرست:

مضمون ۽ مقالا-ع- م- دائود پوٽو

سنڌي نظم جي اؤسر (مضمون) شمشير الحيدري

سنڌي شاعريءَ جي اڀياس جا نوان طريقا- (مضمون) الهداد ٻوهيو

76-1975ع سماهي مهراڻ جا مختلف پرچا-

شاهه لطيف جي شاعري- تنوير عباسي

شاهه جو رسالو

اوتون  جوتون- استاد بخاري

ڏينهن ڏٺي جا سپنا- ادل سومرو

وليون وڻ ڦلاريا- اياز گل

ڌنڌلا عڪس- مخمور ميرانپوري

دريءَ کان ٻاهر- پشپا ولڀ

وڄون وسڻ آئيون- شيخ اياز

خوشبوءِ جي سنگ سنگ- نصير مرزا

مختلف ادبي رسالا ۽ اخبارون

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com