سيڪشن؛ تنقيد

ڪتاب: ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري

باب: --

صفحو :3

ٽيويهه سؤ ورهيه اڳي يونانين جي حملي وقت سنڌ جا ماڻهو قوم ته ڇا پر اڃا رياست به بڻجي نه سگهيا هئا، هو قبيلائي نفاق ۾ ورتل هئا. انهن جا مٿي ذڪر ڪيل ٻه قبيلا (سمبس ۽ ماسيڪانس) ۽ ان وقت جي تاريخ ۾ آيل ٻيا چار پنج مک قبيلا، سڀ الڳ الڳ هئا، الڳ الڳ ٿي وڙهيا، بلڪ ان وقت به پاڻ ۾ وڙهندا  رهيا ۽ الڳ الڳ ٿي مئا. سندن وطن دوست مذهب ۽ ڌار ڌار قبيلائي رياست ٻيئي ڌارين جي مقابلي ۾ هنن مان ڪنهن کي ڪم نه آيا.عربن جي حملي وقت سنڌ جي ماڻهن وٽ پنهنجي رياست ته هئي پر جنهن زور تي اها قائم ڪيل ۽ بيٺل هئي، ان زور کي اها اڃا پنهنجو ڀر بنائي نه سگهي هئي، يعني سُنڌ جا ماڻهو پاڻ کي اڃا قوم بنائي نه سگهيا هئا. خاص طرح مذهب جو تفرقو انهن جي اندروني زبون حاليءَ جو سبب بنيل هو. ٻڌمت ۽ برهمڻ واد پنهنجون پنهنجون خودپسنديون ۽ پنهنجا پنهنجا تعصب کنيو. هڪ ٻئي ۾ اکيون وجهيو بيٺا هئا ۽ ننڍين ننڍين نائب راڄڌانين جا ننڍا ننڍا نائب سردار ڪجهه اعتقادي گهمنڊ ۾ ۽ ڪجهه خوف کان ۽ ڪجهه اقتدار جي ڪشش ۽ سڌ ۾ پنهنجي پنهنجي مختصر ڏاهين جا شڪار ٿي ويا، ۽ سنڌي ماڻهن جي مرڪزي رياست پنهنجن انهن مذهبي ۽ سياسي نفاقن ۾ اندرون ئي اندر کاڌي ڇوري ڀت بني بيٺي رهي، جنهن کي ٻاهران رڳو هڪڙي ڪنهن ٿيلهي ڏيڻ جي دير هئي. سورهين صديءَ جي شروع ۾، ارغونن جي حملي وقت، سنڌ جو حڪمران شاهي گهراڻو، وري به، اقتدار جي خانه جنگيءَ ۾ رڌل هو. سنڌي رياست پنهنجي طاقت پنهنجي خلاف صرف ڪري رهي هئي. رياست جو سربراهه ڄام فيروز سنڌ جي شاندار بادشاهه ڄام نندي جي پيرسنيءَ جو نالائق پٽ پنهنجن ۽ پراون ٻنهي جي خوف ۾ گرفتار ۽ پنهنجي پاڻ  کان بيزار، پنهنجي وطن ۽ ماڻهن جي گڏيل مفاد کان بي نياز، صرف پنهنجي ذاتي بچاءَ لاءِ هٿ پير هڻندو رهيو، ۽ ان ڏس ۾، ڪڏهن پنهنجن سان ۽ ڪڏهن پراون سان شامل، سندس هر قدم سنڌ جي شڪست ۽ خواريءَ جو سبب بڻبو رهيو. هو مذهبيءَ جو چوغي پاتل حمله آور ارغونن  جي لشڪر کي هيڪل هيڪل نه هو پاڻ پڄي سگهيو، نه سندس بزرگ اتاليق دريا خان ۽ اُن جا بهادر پٽ پڄي سگهيا ۽ نه وري ڪنهن حوصله مند مرڪزي رهبريءَ کان قطعاً محروم سنڌ جا عام ماڻهو ئي پنهنجي وطن کي دشمنن کان بچائي سگهيا. وطني دفاع جي اُن عبرت ناڪ جنگ ۾، جيڪا سنڌ جو هر طبقو ۽ هر قبيلو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هڪ هڪ ٿي وڙهندو رهيو، ساڻن شامل مذهب جو وطن دوست حلقو به کين بچائي نه سگهيو. در اصل عين ان آزامائش جي وقت، مذهبُ، رياست (حڪومتي اقتدار) وانگر ئي، سنڌ جي ماڻهن جي اتحاد ۽ قوت جو نه پر سندن ڪمزوريءَ ۽ نفاق جو سبب بڻجي پيو. قاضي قاضن ۽ سندس سڄي مهدوي ٽولي جي مذهبي سربراهن، بکر جي سڳورن سيدن ۽ ٻين ڪيترن ئي شيخن مشائخن ۽ پيرن فقيرن پنهنجي وطن ۽ پنهنجي ماڻهن سان غداري ڪري، حمله آور دشمن لاءِ جاسوسي ڪئي ۽ ان جو ساٿ ڏنو. ارغوني لشڪر جو پنهنجو ديني جاسوسن ۽ روحاني شڪاربازن جو هر اول طائفو تنهن کان الڳ هو .* مطلب ته سورهين صديءَ جو سنڌي سماج به پنهنجون مضبوط تهذيبي روايتون ۽ پنهنجي پخته ڪار ۽ محب وطن رياست رکندي به، فقط پنهنجي اندروني ڪمزوريءَ سبب، جنهن جو بنياد ان جي سياسي ۽ مذهبي خلفشار تي هو. پاڻ کي شڪست ۽ غلاميءَ کان بچائي نه سگهيو.

ارغونن هٿان سنڌ جي هن فتح کي خرابيءَ سنڌ سڏي، تڏهوڪن عالمن ان مان ابجد جي حساب سان سنڌ جي برباديءَجي تاريخ (927هه مطابق 1820) ڪڍي هئي. تاريخ معصوميءَ موجب، يارهين محرم تي ارغونن جو لشڪر ٺٽي ۾ داخل ٿيو ۽ مغل 20 تاريخ تائين شهر ۾ لٽ مار ڪندا رهيا ۽ اُتان جي ماڻهن کي ذليل ڪندا رهيا. جنهن مان آيت سڳوريءَ، ان الملوڪ اذا دخلوا و اقريہ افسدوها (بادشاهه جڏهن ڪنهن شهر ۾ داخل ٿين ٿا، تڏهن ان کي ويران ڪري ڇڏين ٿا). جي وضاحت اکين  اڳيان اچي ويئي، جڏهن دشمن جي لشڪر ٽلٽيءَ جو شهر فتح ڪيو، تڏهن ساڳيو تاريخ وارو چوي ٿو ته ٽي ڏينهن ٽلٽيءَ م رهي ڪري، مغلن اتان جي رهاڪن کي پوريءَ طرح برباد ڪيو. باغبان (موجوده سيوهڻ- بوبڪ تعلقي جي ايراضيءَ ‎) ۾ پهچڻ سان ارغون فوجين ماڇي قوم،  جنهن اطاعت ۽ فرمانبرداريءَ کان انڪار ڪيو، ان جي سڀني ماڻهن کي قتل ڪري ۽ انهن جو مال اسباب ۽ ڍور ڍڳا ڦري، انهن جي گهرن ۽ قلعي کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو. سنڌ جي بلوچن جي باري ۾، سنڌ جي فاتح، شاهه بيگ ارغون، جنهن لاءِ تاريخ معصوميءَ جو چوڻ آهي ته اڪثر وقت هو عبادت ۽ تقوا ۾ گذاريندو هو، ۽ عالمن ۽ مشائخن جي مجلس ۾ ويهندو هو، ۽ مرڻ کان پوءِ جنهن جو لاش کڄي، مڪي شريف جي جنت المعليٰ ۾ وڃي دفن ٿيو هو، تنهن پنهنجي ٽولي جي ماڻهن سان صلاح مشورو ڪري، فيصلو ڪيو ته هن قوم جي باهه کي تلوار جي پاڻيءَ سان وسائڻ گهرجي: پوءِ طيءِ هي ٿيو ته هر ڳوٺ ۾ تجربيڪار ماڻهن جي هڪ جماعت ويهاري وڃي، جيڪي ڪجهه مدت انهن ماڻهن جي وچ  ۾ رهڻ کان پوءِ هڪ مقرر وقت تي هر هنڌ حملو ڪري، انهن کي ختم ڪري ڇڏين: ائين هر آباديءَ ۾ هڪ جماعت مقررڪئي ويئي، جا وقت جي انتظار ۾ رهي، ۽ پوءِ جڏهن مقرر وقت آيو، تڏهن هر جماعت پنهنجون تلوارون بار بار اُگهندي، ان  بدبخت قوم کي ختم ڪري ڇڏيو، ۽ انهيءَ طرح هڪ ئي وقت بلوچن جي 42 آبادين  جا ماڻهو قتل ۽ برباد ٿي ويا. 1527ع (جنوري) ۾ هڪ سال جي گهيري کان پوءِ ارغون جڏهن ملتان جو قلعو ڀڃي، اندر شهر ۾ داخل ٿيا، تڏهن داخل ٿيڻ سان ئي نهايت بيدرديءَ سان قتل ۽ ڦرمار شروع ڪري ڏنائون. ستن سالن کان ستر سالن جي عمر جا سڀئي ماڻهو قيد ڪيا ويا، ۽ ملتانين تي قيامت برپا ٿي ويئي، ڪن ماڻهن وڃي بزرگن جي خانقاهن ۾ پناهه ورتي،  پر ڏهه ٻارهن ڏينهن شهر ۾ ڦرمار ڪرڻ کان پوءِ محب ترخانُ فوج وٺي اتي وڃي پهتو ۽ پناهه گزين ماڻهن کي ڦري ماري، خانقاهن کي باهيون ڏيئي اُتان جا پٽ رت سان ڳاڙها ڪري ڇڏيائون.

1538ع ۾ مرزا شاهه حسن، همايون جي سڏ تي گجرات ويندي، پٽن جي آس پاس منزل ڪئي، ۽ سندس هڪڙي سپهه سالار سلطان محمود  احمد آباد تائين وڃي گجراتين جو مال متاع ڦريو، جنهن وسيلي ڪثير سامان، ڪپڙو، نقدي ۽ سون لشڪر کي هٿ لڳو. گجرات کان موٽندي، شاهه حسن راڌڻ پور جي رستي  سان ايندي، جاڙيجن ۽ سوڍا قبيلن جو قتل عام ڪري، انهن کي خوب لٽيو ماريو ۽ برباد ڪيو. هن مرزا شاهه  حسن لاءِ به ساڳئي تاريخ معصوميءَ واري جو چوڻ آهي ته جيڪي به مقدما هن وٽ پيش ٿيندا هئا، انهن لاءِ هو شرع شريف ڏانهن رجوع ٿيندو هو، ساداتن، مشائخن ۽ عالمن جو بيحد احترام ڪندو هو. ۽ هن جو لاش به پوءِ مڪي معظم نيو ويو ۽ اُتي جنت المعليٰ جي قبرستان ۾ پيءُ جي ڀرسان دفنايو ويو!

تاريخ جي هيءَ هڪ عالم آشڪار حقيقت آهي ته مذهب ڪنهن ملڪ قوم يا سماج کي ٻئي ڪنهن ملڪ، سماج يا قوم جي اڳرائيءَ، ڦرمار ۽ غلاميءَ کان بچاءَ جو ڪم ڪو نه ٿو ڏئي، چاهي اڳرائي ڪندڙ ۽ ڦرمار ڪندڙ قوم ڪا هم مذهب قوم ڇو نه هجي. مذهب هڪڙيءَ ڪنهن قوم کي ٻيءَ ڪنهن قوم  تي حملي ڪرڻ، اُن کي ڦرڻ لٽڻ ۽ ان کي غلام بنائڻ کان روڪ جو ڪم به ڪو نه ٿو ڏئي، چاهي اها ٻي قوم جي هم مذهب قوم ئي ڇو نه هجي. * اڳرائي ڦرمار ۽ آڪرائي اِهي اجتماعي طاقت، ان جي انتظام ۽ استعمال جا مسئلا آهن. يعني اهي رياست جي عمل پيرائيءَ جي دائري ۾ اچن ٿا. خالص مذهب (ڪهڙي به مذهب) جو، يعني (ڪهڙي به نظريي ۾ ) ايمان ۽ اعتقادَ جو ان سان ڪو واسطو ڪونهي. بلڪ اڪثر اهڙو ايمانُ ۽ اعتقاد ڪمزور ۽ امن پسند قوم ۾ جاسوس ۽ غدار ۽ پنجين ڪالم * جا ماڻهو  پيدا ڪري ڏيندو آهي، جن کي ساڳئي ايمان ۽ عقيدي واري زوار ۽ اڳرائي ڪندڙ قوم پنهنجي جنگي فائدي لاءِ ڪم آڻيندي آهي. سنڌ جي تاريخ، محمود عزنويءَ جي منصوره تي حملي ڪرڻ ۽ ان کي نابود ڪرڻ کان وٺي ۽ خاص طرح ارغونن جي حملي کان سنه 1737ع ۾ مغلن جي دور ختم ٿيڻ تائين، ۽ پوءِ نادر شاهه، احمد شاهه ابداليءَ *، مدد خان ۽ شاهه شجاع جي حملن جي صورت ۾، انهيءَ پنهنجي بنيادي حقيقت جو پڌرو ۽ پختو ثبوت آهي.

لڳ ڀڳت مني صدي ارغونن ۽ سندن شريڪ ڪار ترخان قبيلي جا مغل پنهنجي هم مذهب سنڌ کي ائين لٽيندا، ڦريندا ۽ ڪچليندا رهيا. ان وچ ۾ هنن گوئا  مان عيسائي پورچو گيزن جو غنيم گهرائي به ٺٽي کي ڦرايو، شهر کي باهه ڏياري ۽ ماڻهن جو قتل عام ڪرايو. تان جو 1591ع ۾ سنڌ کي سڌيءَ طرح دهليءَ جي مغلن پنهنجي جاگير شاهيءَ ۾ داخل ڪيو. دهليءَ جا مغل بادشاهه سڀ پاڻ کي غازي، چوائيندا هئا، ۽ مئي کان پوءِ جنت مڪاني، عرش آشياني، خلد آستاني، وغيره وغيره سڏبا هئا. انهن جي ڏينهن ۾ غلام سنڌ جي مسلمان خلق جو ڪهڙو حال هو، اُهو به ٻڌڻ وٽان آهي. جهانگير پنهنجي ترڪ ۾ پنهنجي ٺٽي جوي نواب مرزا رستم لاءِ لکيو آهي ته ماڻهن سان هن ايڏا ظلم ۽ تعديون ڪيون، جو چؤطرف  دانهن پئجي ويئي. ۽ ٻيون ڪيئي خرابيون هن بابت ٻڌڻ ۾ آيون. هڪڙي سندس مغل نواب قوج عليءَ بابت، جيڪو بکر جي ماتحت هڪ جاگير جو حاڪم هو، ذخيره الخوانين ۾ ٻڌايل آهي ته ٻه ڪڻاهه پاڻيءَ جا سدائين وٽس باهه تي پيا ٽهڪندا هئا، ۽ ڪو به چور يا ساڌ ياٻيو ڪو ڏوهي بيڏوهي هٿ چڙهيس ته ان جا هٿ پير ٻڌي، انهن ڪڻاهن ۾ اڇلارائي ڇڏيندو هو ۽ اهي اُتي ئي رهجي پاهه ٿي ويندا هئا. تقريباً هڪ هزار کن ماڻهو ان پٽ جا هن ائين مارايا. ڪميڻپ ۽ بي پرواهيءَ ۾ هن جو ٻيو مثال ڪو نه هو. شاهجهان جي دور جي نواب احمد بيگ بابت، جنهن جي راڄڌاني سيوهڻ هو، ٻڌايل آهي ته هو بيحد سست، نااهل ۽ نڪمو ماڻهو هو..... هن حڪومت جون واڳون پنهنجي هڪ ظالم ۽ سفاڪ ڀاءُ مرزا يوسف جي حوالي ڪري ڇڏيون هيون. جو پنهنجي فطرت جي لحاظ کان بيحد پست، ذليل بي رحم، ۽ بيهودو ماڻهو هو.... هو ايترو سفاڪ هو، جو حجاج بن يوسف جهڙو ظالم اظلم  به هن جي اڳيان ادنيٰ شاگرد جي حيثيت رکندو هو،  هن پنهنجي ظلم ۽ ڪٺورتا سان سڄي صوبي کي هيٺ مٿي ڪري ڇڏيو هو..... هو هر روز شهر جي بي گناهه ماڻهن کي جهلائي درا هڻائيندو هو. دُرن جي لڳندي لڳندي، مظلومن جي کل لهي ويندي هئي ۽ اڪثر هو مري ويندا هئا. ائين ٻن ٽن سئو بيگناهن جو مرڻ هن لاءِ روزانو معمول  هو. صوبي ۾ جنهن به ماڻهوءَ بابت خبر پوندي هيست ته مالدار  ماڻهو آهي، ته ان تي ڪوڙيون تهمتون رکي، پاڻ وٽ گهرائيندو هو، ۽ معمولي سوال جواب کان پوءِ پهرين ته هن کي خوب درا هڻائيندو هو. ان کان پوءِ هن جو سڄو مال اسببا ضبط ڪري وٺندو هو. هيءُ سندس سلوڪ نه رڳو مردن سان هوندو هو پر مالدار عورتن سان به اها ئي ڪار ڪندو هو.... سڄي علائقي ۾ جنهن وٽ به سٺو ۽ قيمتي اٺ ڏسندو هو، اهو زوريءَ هن کان کسي، پنهنجي شترخاني ۾ داخل ڪري ڇڏيندو هو.... رستن جي هر لنگهه ۽ درياءَ جي هر پتڻ تي ماڻهو بيهاري ڇڏيائين، جيڪي هر ايندڙ ويندڙ تي بي سبب ڏنڊ وجهي، ۽ هر قسم جا محصول مڙهي، پيسا پيا ڦريندا هئا. ايتري تائين جو هٿين خالي واهه ويندڙ ڪو ماڻهو به انهن کان ڇٽي نه سگهندو هو..... هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ تائين وڃڻ لاءِ به راهداري وٺڻ ضروري هئي، جنهن لاءِ رپيا ادا ڪرڻا پوندا هئا. رڳو ڪنهن کي پنهنجي ڪنهن مائٽ جي مرڻ جي خبر ڏيڻ لاءِ ٻئي ڳوٺ وڃڻو پوندو هو، ته اهو به سواءِ پيسن ڏيڻ ۽  راهداري وٺڻ جي هڪ قدم به اتان ٻاهر رکي نه سگهندو هو... درياءَ ۾ خالي ٻيڙين کان به محصول ورتو ويندو هو، سوداگرن جي ٻيڙين تي هر طرح جون مصيبتون نازل ٿينديون هيون، ڪيترا ڏينهن بي سبب انهن کي روڪي بيهاريو ويندو هو ته جيئن انهن جو قيمتي سامان سيوهڻ ۾ ڪوڏين تي نيلام ٿي  وڃي ۽ واپاري تنگ ٿي مرزا يوسف کي وڏيون وڏيون رشوتون ۽ ڳرا  ڳرا تحفا تحائف ڏيئي جند ڇڏائين...

سڄي ملڪ جي چورن ۽ ڌاڙيلن کي هن پاڻ وٽ پناهه ڏيئي بيهاري ڇڏيو هو ۽ انهن هٿان هو ملڪ ۾ چوريون ۽ ڦريون ڪرائيندو هو ۽ ڌاڙا هڻائيندو هو.... بنگلا مان ناليرا جواري گهرائي، شهر جي چؤواٽن تي بيهاري ڇڏيائين. جيڪي راهگيرن جا نه رڳو کيسا پيا خالي ڪندا هئا، پر انهن جي بت جا ڪپڙا به لهرائي ڇڏيندا  هئا. چوريءَ ۽ جوا جي آمدني هر روز شام جو خزاني ۾ باقاعدي حساب ڪتاب سان داخل ٿيندي هئي.... هڪ ڀيري نئين قلعي ٺهرائن جو هن فيصلو ڪيو، ۽ حڪم ڏنائين ته شهر جا سڀ ماڻهو پنهنجي سر پنهنجن مٿن تي سرون کڻي، گارو ۽گچ ڪري، قلعي جي ڀتين جي اوساري ڪن. جيڪڏهن ڪي بيمار، معذور يا پوڙها پاڻ سان مزور وٺي ٿي آيا، ته اها ڳالهه به مرزا يوسف کي قبول نه هئي. هر ڪنهن کي پوءِ ڪهڙيءَ به حالت ۾ هو، پنهنجن هٿن سان پاڻ اها بيگر وهڻي هئي. چغلخورن جو هڪ وڏو ٽولو هن پاڻ وٽ رکيو هو، جن کي هو حقيقت دان سڏيندو هو، ۽ اُهي ملڪ جي گوشي گوشي ۾ خاص هدايتن هيٺ، هر مانيءَ مڇيءَ واري  ۽ عزت دار ماڻهوءَ کي ذليل ۽ خوار ڪندا ۽ ڪرائيندا رهندا هئا. فصل پچڻ وقت مرزا يوسف جا خاص هدايتن هيٺ، فصل پچڻ وقت مرزا يوسف جا خاص ماڻهو ان جي ايتري وڌائي چڙهائي داڻي بندي ڪندا هئا، جو هارين کي سڄو ان ڏيئي به ان مان خلاصي ڪا نه ٿيندي هئي، ۽ بقايا لاءِ کين اٽلو پنهنجو چوپايو مال نيلام ڪرائڻو پوندو هو. جيڪڏهن اهڙا مجبور ۽ مظلوم آبادگار ڳوٺ ڇڏي پاڻ بچائڻ گهرندا هئا، ته انهن جي پٺيان گهوڙا ڊوڙائي، انهن جو سڄو مال اسباب انهن کان ڦرائي وٺندو هو... مرزا يوسف ملڪ جي چڱن چڱن ماڻهن کي هڪ ٻئي جي خلاف ڀڙڪائيندو هو ۽ پاڻ ۾ ويڙهائيندو هو، ته جيئن هڪ پاسي ملڪ جا بااثر ماڻهو ڪمزور ٿين ۽ ٻئي پاسي ملڪ جي وحدت قائم نه رهي سگهي، تان نه ملڪ تي هو پنهنجي حاڪميت مضبوط رکندو رهي.... جيڪڏهن ڪي ماڻهو هنن ظلمن کان تنگ ٿي، ملتان يا دهليءَ ڏانهن فرياد ڪرڻ لاءِ وڃڻ جي ڪندا هئا، ته اوسي پاسي جا نواب  ۽ ننڍا ننڍا حاڪم، مثلاً بکر، نصرپور، ٺٽي وغيره جا، انهن کي واٽ تان جهلي واپس مرزا يوسف ڏانهن ڏياري موڪليندا هئا ته هو انهن جي خبر وٺي....

سيوهڻ جي علائقي جي هن ظلمستان جو هيءُ بيان خود اتان جي هڪ سرڪاري واقع نويس، يوسف ميرڪ نالي، مخفي طور قلمبند ڪيو، جنهن کي هن پوءِ مظهر شاهجانيءَ جي نالي سان جون 1634ع ۾ ڪتابي صورت ۾ ترتيب ڏيئي، مڪمل ڪيو، جنهن جو قلمي نسخو سندس هٿ اکرن ۾ موجود آهي، ۽ جيڪو ڇپجي پڌرو به ٿي چڪو آهي. سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن جي ان دک ۽ بيڪسيءَ جي داستان کي قلمبند ڪندي ڪندي، يوسف ميرڪ جي دل مان نيٺ هڪ دانهن نڪري ويئ، جا به سندس ڪتاب ۾ درج آهي، ۽ ان کي ٿورن لفظن ۾ وطن جي غلاميءَ تي هڪ ازلي تبرا هڪ پاسي، ۽ وطن دوست رياست جي بنيادي سماجي ڪارج جو هڪ سچو ۽ جامع بيان ٻئي پاسي شمار ڪري سگهجي ٿو. چوي ٿو:

ڪار ملڪ بجائي رسيد ڪه ملڪ نا پرسان و ملڪ بيدا دان و ملڪ بيڪسان شده. چون آدم لاملڪ گردند، هزار گونه فساد در دين و دنيا پيدا اميشود، چرا ڪه مدار علم وابستهءِ معاش است.

ملڪُ، دينُ ۽ دنيا، يعني رياستَ، مذهبُ ۽ تهذيبُ. ۽ عالم جو يعني سماج جو مدار معاش (گذران- اُن جي وسيلن ۽ پيداوار) تي. يعني جڏهن ماڻهو پنهنجي رياست کان محروم ٿي وڃن ٿا، ۽ اها وڃي اهڙن جي هٿ چڙهي ٿي، جيڪي انهن کي نه پڇن ٿا ۽ نه انهن جو داد ڪن ٿا، ۽ هو ان ۾ بيڪس بنجي وڃن ٿا، يعني سندن گذر ۽ گذر جا وسيلا کانئن کسجي وڃن ٿا، تڏهن انهن جو نه دين سلامت رهي ٿو نه دنيا. انهن جو مذهب ۽ تهذيب ٻيئي فساد ۾ وڪوڙجي وڃن ٿا ۽ سندن سماج هڪ سچي پچي ۽ بنيادي نوع جي بحران ۾ وٺجي وڃي ٿو. هو زندگيءَ جي آزمائش پنهنجي وجود جي بچاءَ جي آزمائش ۾ اچي وڃن ٿا، ۽ هنن جي اڳيان سواءِ پنهنجي نجات لاءِ ڪامل جدوجهد ڪرڻ جي ٻيو رستو ڪو نه ٿو رهي، تان  ته هو وري سماجي طور متحد ٿي، نئين سر مضبوط ٿي، پنهنجي محب وطن قومي رياست قائم ڪري سگهن، ۽ ان جي پناهه ۾ رهي ڪري، پنهنجي تهذيبي يعني ذهني ۽ معاشي خوشحاليءَ جي ماڻڻ لاءِ گهربل تخليقي ۽ پيداواري ڪم جي پوئواري ڪري سگهن.

پنهنجي محب وطن قومي رياست جي پناهه هيٺ خاص طرح ۽ هو نئن به پنهنجي منهن عام طرح، ملڪ، قوم يا سماج تهذيب جي ميدان ۾ رڳو معاشي طور ڪيتري قدر ڪوشش ۾ رڌل رهي ٿو، ۽ ان جي ڪوشش جو ثمر غلاميءَ ۾ ڪيئن برباد ٿي وڃي ٿو، اُن جا ڪجهه مثال به اسان کي پنهنجي تاريخ ۾ ملن ٿا.

احمد بيگ جي نوابيءَ ۾ سيوهڻ جي باغبان علائقي جي برباديءَ جو ذڪر ڪندي، مظهر شاهجهانيءَ جو مصنف يوسف ميرڪ لکي ٿو ته رسمن جي دور حڪومت ۾ [يعني هڪ سئو سال اڳ] هيءُ پرڳڻو آباديءَ ۽ خوشحاليءَ ۾ ڪمال درجي تي رسيل هو. مخدوم جعفر بوبڪانيءَ مرزا عيسيٰ ترخان کي ٻڌايو هو ته جڏهن [پهريون ڀيرو]921هه ذي قعده [1515ع، ڊسمبر] ۾ [ڄام نندي جي زماني ۾] شاهه بيگ ارغون قنڌار مان هن علائقي تي چڙهائي ڪري آيو هو، تڏهن هو هڪ هزار رڳو اٺ، جيڪي رات جو نارن ۽ هرلن ۾ وهي رهيا هئا، سي زوريءَ اتان ڪاهي ويو. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هيءُ علائقو ٻين ڳالهين ۾ ڪيترو نه سائو ستابو ۽ آباد هو.... [ان کان علاوه] سنڌ جي واليءَ ڄام نندي جي ڏينهن ۾ چاڳلي نالي هندو وزير کي ڄام جي پٽيلي درياءَ خان سان گڏ سيوهڻ موڪليو ويو هو، جنهن هتي اچي باراني پاڻيءَ تي وهندڙ ساوه واري واهه کي وهايو هو، جنهن جو پاڻي منڇر ۾ اچي گڏ پئي ٿو. انهيءَ ڍنڍ جي اترئين پاسي ڳاهن واري رعيت پوک ڪندي ٿي آئي، ۽ ان جي ڏاکڻي پاسي بوبڪن جي ماڻهن ڳچ ۽ ماڻهن جي ڪٽُ جي ملاوت سان پڪوبند ٻڌي، ڪاڇي جي زمينن ۾ پاڻي پئي پڄايو، جنهن ڪري اتي [به] جام آبادي ٿيندي پئي رهي: اُنهيءَ ڪاڇي واريءَ پوک تي ڏهون حصو ڍل وڌل هئي، جنهن  مان نوَ حصا رعيت کي ۽ ڏهون حصو سرڪار کي ٿي مليو: تڏهن به ڄام نندي کي هڪ لک خرار وصول پئي ٿيا. اُن سڳائي سيوهڻ صوبي جي نوابي، وچ ۾ ارغونن، ترخانن جي ستر کن سالن ۽ دهليءَ جي مغل تسلط جي ويهارو کن  سالن جي عرصي کان پوءِ، 1607ع ۾ جهانگير جي تخت شين تي خود يوسف ميرڪ جي پيءُ مير قاسم نمڪين کي ملي، يوسف ميرڪ جي پيءُ کيس هٿياربند سوارن جي هڪ مضبوط جماعت ساڻ ڏيئي اوڏانهن روانو ڪيو ۽ پاڻ هڪ ٻن ڏينهن جي مفاصلي تي پٺيان منزلون ڪندو ايندو رهيو انهيءَ پنهنجي سيوهڻ صوبي جي پهرئين سفر جي ڳالهه ڪندي. يوسف ميرڪ ٻڌائي ٿو ته واٽ تان ايندي، جيڏانهن ٿي مون نگاهه ڪئي تيڏانهن مون کي ويراني ئي ويراني ٿي ڏسڻ ۾ آئي. ڄڻ وچ واري عرصي ۾ اتان ڪو راڪاس گهمي ويو هو. ان کان پوءِ وڌيڪ ويهارو کن سالن جي گذرڻ بعد، 1628ع ۾ احمد بيگ جي نوابيءَ ۽ ان جي ظالم ڀاءُ مرزا يوسف جي ڪارستانين جو ذڪر ڪندي، يوسف ميرڪ لکي ٿو ته ملڪ جي برباديءَ جي حالت اتي وڃي پهتي هئي، جو چئن پنجن مهينن کان خود سپاهين کي خرچ پکو ڪو نه ٿي مليو، جنهن ڪري [ڦرمار لاءِ] ڪيترا ڀيرا اُهي پنوهرن تي ڪاهي ويا، پر ڪامياب ٿي نه سگهيا، پوءِ جيڪو فصل قدرتي آفت جو شڪار ٿي چڪو هو، تنهن تي وڃي هنن قبضو ڪيو، ڄڻ کين مفت جي ڪا مڏي هٿ اچي ويئي  هئي.... هوڏانهن احمد بيگ پاڻ ڪو هٿ پير ٿي هنيو ۽ کيس ڪٿان ڪجهه هٿ ٿي آيو، اُهو وٽس پهچي ئي پهچي، تيسين سڀ ڪجهه لفنگ ماڻهو کڻي ٿي ويا..... جيڪي ڪجهه وڳوڙين  جي ور ٿي چڙهيو، سو اُنهن  جو ٿي ٿي ويو..... ڇهه سال پوءِ ڪتاب جو خاتمو ڪندي، يوسف ميرڪ ٻڌائي ٿو ته انهيءَ احمد بيگ جي ايامڪاريءَ ۾ جيڪي سوتيون ويران ٿي ويون، سي اڃا تائين اُسري نه سگهيون آهن. سمن جي وطن دوست اڄ جي ڏينهن جي ڳالهه ڪندي، يوسف ميرڪ لکي ٿو ته جيڪڏهن واقعي رعيت خوشحال ٿي، پوريءَ محنت سان پوکيءَ راهي ۾ لڳي وڃي، مٿس ڪو به ظالم حاڪم مسلط نه هجي، ته هڪ هڪ ماڻهو، جيڪو زور زبردستيءَ سان، دل من هڻندي، رڳو ڏهه جريب آباد ڪري سگهي ٿو، سو پنجن سون کان هزار جريبن تائين بلڪ ان کان به وڌيڪ آبادي ڪندو ۽ ڍل ڀريندو....

جيڪڏهن رعيتي سکيا ستابا آهن ۽ کين ڀروسو آهي، ته اُهي پنهنجي وس آهر درياءَ مان واهڙ ڪڍي، انهن کي پري پري وارن پٽن تائين پهچائي، زمين آباد ڪري ٿا سگهن، جتي  ماڻهوءَ مرونءَ ۽ پکيءَ جو پاڇو به ڪڏهن نه پيو  هجي..... مون خود پنهنجي اکين سان اهڙو مشاهدو چانڊڪا پرڳڻيءَ ۾ ڪيو هو:مير ابڙي نالي اتان جي هڪ زميندار، ننڍي درياءَ جيڏو هڪڙو وڏو واهه درياءَ  مان ڪڍائي، پري پري نيئي، سڃا پٽ آباد ڪري ڇڏيا ۽ اتي نوان شهر ٻڌايائين، جتي پکين ۽ حيوانن انسان جي شڪل نه ڏٺي هئي. ائين هن جوڳي ۽ منهه نالي شهر ٻڌايا: ساڳيءَ طرح نندي ابڙي پوپٽي نالي ۽ شاهد عليءَ، جيڪو ابڙن جو پير هو ۽ پاڻ کي مهدي چوائيندو هو، ڪوتل نالي شهر ٻڌايا. ائين ابڙن، سانگين ۽ سميجن مان هر ماڻهوءَ، جيڪي هن پرڳڻي جا رهاڪو هئا، ننڍا ننڍا ڪڙيا کڻائي، غير آباد پٽ آباد ڪيا ۽ نوان نوان ڳوٺ اڏيا. تان جو بکر ملڪ جي ان علائقي جي جمع بندي هڪدم 12 لکن مان وڌي، ٽيهارو چاليهارو لکن تنڪن تائين پهچي ويئي ۽ اهو سڀ انهيءَڪري ٿيو، جو ماڻهن کي ڪجهه وقت لاءِ هڪڙي ماڻهپي واري نواب [محمد علي بيگ بندريءَ]  جي زير حڪومت رهڻ جو موقعو مليو.

تقريباً پورا ٻه سؤ سال (1520ع 1736ع) سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو ائين ارغونن، ترخانن ۽ دهليءَ جي مغل حڪومت جي هٻڇي ۽ رت پياڪ تسلط هيٺ پيسبا ۽ پڻي ٿيندا رهيا، سندن تهذيبي زندگيءَ جو ساهه سندن دشمنن جي مٺ ۾ گهٽبو ۽ ٻوساٽبو رهيو، سندن ذهني ۽ جسماني صلاحيتون بند هيون ۽ انهن جي هر قومي استعمال ۽ اظهار تي مٿن هٺيليون ۽ بي قياس سنگينون اُڀيون  ٿي ٿي ويون. پر پورين ٻن صدين جو اُهو سڄو عرصو، پنهنجي وطن جي نجات ۽ پنهنجي وجود جي بچاءَ لاءِ، هو پوءِبه لڳاتار وڙهندا رهيا. انهن ٻن سئو سالن جي تاريخ شاهد آهي ته ان عرصي جو ڪو هڪ مهينو، ڪو هڪ هفتو، ڪو هڪ ڏينهن به اهڙو ڪو نه گذريو، جڌهن هو پنهنجي ان مقدس فرض کان غافل رهيا. پر ساڳئي وقت سندن  افسوس ناڪ نڀاڳ اِهو هو، جو اهو سڄو عرصو هو پنهنجي اندروني قومي ۽ مذهبي  نفاق جا پڻ شڪار رهيا، ۽ اُن نفاق کي وڌائڻ ۽ ان مان فائدي وٺڻ ۾ سندن دشمنن ڪا ڪثر پوئتي ڪا نه ڇڏي. اُن لاءِ پهرين ڳالهه هنن  هيءَ ڪئي، جو سنڌ کي ورهائي ٽڪر ٽڪر ڪيائون، ۽ ان جي متحده قومي رياست کي هڪ ڀيرو وري به واوکر ڪري ڇڏيائون. ارغونن ولايت سنڌ کي ڇهن سرڪارين ۾ ۽ مغلن ان کي چئن ملڪن ۾ ورهايو، ۽ سڄو وقت هيءَ يا هوءَ  سرڪار، هن يا هن ملڪ ياسرڪار سان وڙهندي رهي. ٻيو ته سڀ اُهي سرڪار ۽ ملڪ پاڻ کي قائم ۽ پنهنجي لٽ مار کي جاري رکڻ لاءِ، پنهنجي پنهنجي دائري ۾ ماڻهن جي هر قبيلي ۾ اندروني جهيڙن ۽ قبيلن جي هڪ ٻئي سان ٽڪر ۽ ويڙهه کي سعيو ڪري اُڀاريندا ۽ وڌائيندا رهيا.

لاکن کي سمجين جي خلاف، سميجن کي سومرن جي خلاف، سومرن کي ماڇين جي خلاف، ماڇين کي مهرن جي خلاف، مهرن کي ڪهيرين جي خلاف، ڪهيرين کي ڪلهوڙن جي خلاف، ڪلهوڙن کي دائود پوٽن جي خلاف، دائود پوٽن کي پنهورن جي خلاف ۽ پنهورن کي هنن جي خلاف ۽ هنن کي ٻِن جي خلاف، بلوچن کي سماٽن جي خلاف ۽ سماٽن کي بلوچن جي خلاف، سعيو ڪري ، ويڙهائيندا، هيڻو ڪندا ۽ خوار خراب ڪندا رهيا، اُن کان سواءِ مذهبي ڪٽريڻو ۽ فرقيوار  انتهائيت، ۽ مذهبن جي وچ ۾ غير برابري، مسهپ ۽ عداوت هنن لاءِ پنهنجي حڪومتي ڪاروبار کي هلائڻ ۽ قابض اقتدار کي قائم رکڻ جو هڪ ٽيون سوچيل ۽ آزمايل طريقڪار هو، جنهن کي هو محڪوم ۽ ويساهه ۾ ورتل رعيت کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ، ماٺ ڪائڻ ۽ ڦيرائي پنهنجي پاسي ڪرڻ  لاءِ هر ضرورت جي موقعي تي ڪم آڻيندا رهندا هئا.

سنڌ ۽ سنڌي سماج جي انهن ٻن سؤ سالن جي غلاميءَ جا پويان 47 سال حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ پنهنجي اکئين پاڻ به ڏٺا. ڇو ته پاڻ 1689ع ۾ ڄاوا هئا ۽ 1737ع ۾ مغلن جي آخري نواب صادق علي خان، جنهن ملڪ ٺٽو دهليءَ جي مغل شهنشاهه محمد شاهه رنگيلي کان متاطعي تي ورتو هو، ۽ پهرئين سال جي مقاطعي جي رقم عجيئن تيئن پوري ڪري ڏني هئائين، ۽ ٻئي سال کيس نقصان پيو هو....، اُن ملڪ جون واڳون ڪلهوڙن جي سربراهه ميان نور محمد جي حوالي ڪيون. ملڪ سيوهڻ، ملڪ ملڪ بکر ۽ سيوَ اڳي ئي  هن جي هٿ ۾ اچي چڪا هئا. ۽ ان وقت کان هندستاني حاڪمن جي حڪمرانيءَ جو سلسلو ٺٽي جي فرمانروائيءَ ۽ سدائينءَ جي سرخروئي حاصل ٿي. (تحفہ الڪرام) ۽ ائين سنڌ جي سمورن جدا جدا ٿي ويل ٽڪرن جي ملي هڪ ٿيڻ وارو مقصد.... تڪميل تي پهتو.... صدين کان پوءِ هيءُ پهريون موقعو آيو هو، جو متحده سنڌ جي انتظام ۽ ضابطي جي مرڪزيت جا مقصد اُنهن وطني حاڪمن جي ذريعي پورا ٿيا هئا. (تاريخ ڪلهوڙا، مهر).

ڪلهوڙا سنڌ جي اصلوڪن رهاڪن جو  هڪ مک قبيلو هئا، جيڪي سنڌ جي ٻين پاڻ جهڙن مک قبيلن وانگر سدائين سنڌ جي ڌارين حڪمرانن جي خلاف پنهنجي منهن وڙهندا رهندا هئا. تاريخ ۾ سندن اصل نسل سنڌي چنا قبيلي منجهان ڏيکاريل آهي، جيتوڻيڪ اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ هنن پنهنجي ذات عرب سان ڳنڍي، پاڻ کي عباسي سڏائڻ شروع ڪيو، ورنه اوستائين (جيئن اڄ به) سنڌ ۾ هنن جون ذاتيون يا پاڙا ڪلهوڙا، دائودپوٽا، عارباڻي، هيسباڻي، فيروزاڻي وغيره مشهور هئا. پنهنجي قبيلي جي نالي کي ڇڏي، پاڻ کي عرب سڏائڻ ۽ عباسي چوائڻ، اِها ڌارين جي سلسلي ۾ سندن احساس ڪمتريءَ کان وڌيڪ انهن سان ڪلهي گس ڪرڻ ۽ خود پنهنجن تي حاڪمانه برتري ڏيکارڻ ۽ رعرب ويهارڻ جي سندن  هڪ ڪوشش هئي. بهر حال سندن پهرئين وڏي ڄام چنوءَ (1220ع) جو تاريخ ۾ ذڪر هڪ نهايت معتبر راڄ جي چڱي مڙس جي حيثيت ۾ ڪيو ويو آهي. هو ستن مک قبيلن، ڪوريجن، سهتن، چنن، سمن، مهرن، ٻلالن ۽ ڏهرن جو پڳدار هو. سنڌ جي تاريخ ۾ هيءَ پهرين خبر ملي ٿي، جڏهن مختلف ۽ هڪ کان وڌيڪ قبيلا گڏجي وسيع قومي اتحاد طرف وک کڻندي ڏسجن ٿا. هو هڪ وڏو ڀاڳيو ۽ سجاڳ زميندار هو، ۽ وڏيءَ ساک وارو، سخي، پهلوان مڙس هو. هن جو دستور هو ته هارين جي کرن تي ڪو به پنهنجو ماڻهو بٽئيءَ لاءِ نه موڪليندو هو. هاري پاڻ زمينداريءَ جو حصو، جيڪو ڪن فصلن ۾ ڏهين کوڙي ۽ ڪن ۾ اٺين کوڙي هوندو هو، کڻي کيس پهچائي ويندا هئا. ۽ جڏهن ڪو هاري اُهو زمينداري حصو کڻي وٽس ايندو هو، ته ان کان ٽي سوال پڇيا ويندا هئا: تو تي قرض ته ڪونهي؟ تنهنجي ڪا سمايل ڌيءَ ته ويٺل ڪانهي (جنهن جي تو کي شادي ڪرائڻي هجي)؟ تو وٽ تنهنجي گهر ۾ ڇهن مهينن جو ان آهي؟ جيڪڏهن جواب ملندو ته قرض اٿم، سلمايل ڌيءَ ويٺل اٿم يا گهر ۾ ڇهن مهينن جي توڻَ  ڪا نه اٿم، ته هن کان بٽئيءَ جو اَن نه وٺبو، ۽ چئبس ته پهرين وڃي پنهنجي پورت ڪر! سنڌ جي هن رڄ چڱيءَ مڙس، ڄام چنوءَ، جو زمانو سنڌ جي وطن دوست سومرا رياست جو دور هو.

سنڌ جي تاريخ ۾ پنهنجي وطني رياست جي ڇانءَ  هيٺ سنڌي تهذيب جي ان تعميري اوسر جي دور جا ٻيا اهڙا ڪيئي سنڌي سومرن جا داستان ملن ٿا، جن ۾ انهن جي پهلوانيءَ، عدل ۽ انصاف، غيرت، نيڪيءَ ۽ سخاوت جا مثال بيان ٿيل آهن. چام چنوءَ جي ڏهين پيڙهيءَ ۾، جڏهن سنڌ جي تاريخ جي ان سونهري قومي دور کي ختم ٿئي به هڪ سؤ کن سال ٿي چڪا هئا ۽ ان وچ ۾ غير وطني، ظالم ۽ ڦورو ارغون ۽ ترخان حاڪم پاڻ به پوين پساهن تي اچي بيٺا هئا، ۽ انهن  جي جاءِ تي دهليءَ جي وڌيڪ ظالم ۽ خون پياڪ مغل تسلط جي صدي شروع ٿيڻ واري هئي. تڏهن ڪلهوڙا قبيلي جو هڪ ٻيو اهڙو ئي نيڪ نام، بهادر، وطن دوست‏، راڄن جو اڳواڻ، ميان آدم شاهه ڪلهوڙو، سنڌ جي تاريخ ۾ نمودار ٿيو. 1591ع ۾ شهنشاهه اڪبر طرفان عبدالرحيم خان خانان سنڌ کي ترخانن کان کسي مغل قبضي ۾ آڻڻ لاءِ مقرر ٿيو. پنهنجي ڪم جي ڪاميابيءَ لاءِ سنڌ ۾ هو جن بزرگن وٽ مدد ۽ دعا لاءِ ويو، تن مان ميان آدم شاهه ڪلهوڙو به هڪ هو. ميان آدم شاهه ترخانن ۽ مغلن جي تصادم جو فائدو وٺي، ڌارين فاتحن جي خلاف بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو، ۽ هڪڙي تاريخ نويس جي لفظن ۾، ڇاڪاڻ ته هو امن ۾ خلل وجهڻ تي سندرو ٻڌيو بيٺو هو، انهيءَ ڪري ملتان ۾ شهيد ٿيو. ٻئي هڪ مؤرخ جي لفطن ۾ ميان صاحب جي خلاف ملتان جي حاڪم جي دل ۾ حسد پيدا ٿي پيو، جنهن هن تي حملو ڪرايو، ميان صاحب جا ساٿي ٽڙي پکڙي ويا ۽ هو پاڻ جهلجي پيو ۽ هن کي موت جي سزا ڏني ويئي. سنڌ جي هڪڙي ٻئي مؤرخ واقعي کي هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي: آدم شاهه جا مريد گهڻا وڌي ويا، ۽ اُن سان جا طاقت هن کي حاصل ٿي، تنهن کان پاڙي وارن زميندارن ۽ مختلف قبيلن جي سردارن جي دلين ۾ حسد جي باهه جاڳي پئي. انهن پوءِ ميان صاحب جي خلاف بکر جي [مغل] ناظم کي خوفناڪ ڳالهيون ٻڌايون. ناظم ميان صاحب کي ملتان موڪلي ڏنو. جتي هن شهادت جو جام پيتو سترهين صديءَ جو هڪڙو فارسي شاعر واقعي کي بيان ڪندي چوي ٿو.

بتر سيد  والي ز پير و مريد، بايماي حاڪم هلاڪت رسيد

جنهن ۾والي مان سندس مراد بکر جو ناظم، جيڪو پير کان ۽ اُن جي مريدن کان ڊڄي ويو، ۽حاڪم مان  ملتان جو حاڪم هو، جنهن هن کي شهيد ڪرائي ڇڏيو. ميان صاحب ائين دشمنن سان وڙهندي، وطن تان قربان ٿي ويو.

ميان صاحب شهيد جي ان قربانيءَ کان تقريباً هڪ سؤ سال  پوءِ 1689ع ۾ حضرت شاهه عبداللطيف جو جنم ٿيو. ان وچ ۾ ميان صاحب شهيد جو پوٽو ميان شاهل محمد مغل حڪمرانن سان وطن خاطر وڙهندي جنگ ۾ مارجي ويو (1657ع). کانئس پوءِ سندس ڀائٽئي ميان نصير محمد (وفات 1692ع) کي  ساڳئي وطن دوستيءَ جي ڏوهه ۾ عمر جا ڪيترا سال لاهور ۽ ملتان ۾ جلاوطنيءَ جا ڪاٽڻا پيا ۽ گواليار ۽ دهليءَ ۾ اورنگزيب جي قيد ۾ گهارڻا پيا. ميان نصير محمد جي پٽ ميان دين محمد دشمن خلاف پنهنجي جنگ جاري رکي ۽ اورنگزيب جي پٽ معز الدين ۽ ان جي نوابن ۽ سپهه سالارن کي ڪيترن ئي هنڌن تي شڪستون ڏنيون. پر نيٺ هو دشمن جي فريب ۾ اچي ويو ۽ قرآن جي ضمانت تي پنهنجن ٻن قريبي عزيزن سميت ڳالهين لاءِ معزالدين وٽ ويو، جنهن وعده شڪني ڪري، کيس گرفتار ڪيو، ۽ ملتان نيئي، کيس ۽ سندس ٻن ساٿين کي چيچلائي چيچلائي، سنڌ کان سنڌ الڳ ڪرائي، مارائي ڇڏيو. ميان دين محمد ۽ سندس ساٿين جي شهادت جو هيءُ واقعو 1700ع ۾ پيش آيو، جڏهن شاهه لطيف يارهن سالن جو هو. ميان دين محمد کان پوءِ سندس ننڍي ڀاءُ ميان يار محمد پنهنجي اهل عيال ۽ ٻن پنهنجن ماڻهن سميت جابلو علائقن ۾ پناهه ورتي، ۽ اُتان مغل شهزادي معز الدين جي فوج سان جنگ جاري رکي، ۽ ان کي شڪت ڏني. ان کان پوءِ هو جبلن تان هيٺ لهي آيو، ۽ نئينگ کان ٿيندي. منڇر ڍنڍ جي ڪناري وارا شهر. سامتاڻي ۽ ڳاهن جي ايراضي، فتح پور (؟)، شڪارپور (خداآباد). گچيرو، کاري، ڪنڊيارو ۽ لاڙڪاڻو آزاد ڪرائي پنهنجي قبضي ۾ آندائين. ترت ئي پوءِ، مغلن پنهنجي اختيار جي سج جو زوال ڏسندي پهريائين سبي ۽ ڍاڍر جو انتظام بطور رشوت جي، ۽ پوءِ به حالت مجبوري، سڄي بکر ۽ سڄي سيوهڻ جي علائقن جا اختيار ميان يار محمد جي حوالي ڪيا. کيس خدا يار خان جي لقب سان گڏ خلعت، سونيءَ جڙت واري ڪلنگي، ترار، گهڙو ۽ هاٿي به هن جي پذيرائيءَ طور هن کي ڏنا. سرزمين سنڌ جي هڪ حصي (اتر سنڌ) جي  اقتدار جي هيءَ منتقلي 1807ع کان 1711ع تائين عمل ۾ آئي.


* ..... جيئن تاريخ طاهريءَ وغيره ۾ آيل آهي، مذڪوره سيد [قاضي سيد شڪر الله شيرازي] سنه 906هه ۾ هرات مان قنڌار ۽ اُتان شاهه بيگ جي حڪم سان سنه 927 ۾ [انهيءَ ئي سال جڏهن شاهه بيگ سنڌ تي  حملو ڪيو هو] ٺٽي ۾ آيو، ۽ مرزا شاهه ابن شاهه بيگ جي زماني ۾ [يعني، ٻئي سال جڏهن شاهه بيگ جي مرڻ کان پوءِ شاهه حسن هُن جي جاءِ والاري] اُن نئينءَ فتح ڪيل سرزمين جي منصب فضا تي سرفراز ٿيو. شروع ۾ هن جو اچڻ تاجر جي حيثيت  سان ٿيو هو.

.... بزرگن کان ٻڌو ويو آهي ته جتي موصف اچي سڪونت اختيار ڪئي هئي، سندس اولاد اڄ تائين اُتي ئي رهندو ٿو اچي. پهريائين اُتي [هڪ] انصاف جي قبيلي جا ماڻهو آباد هئا. سيد شڪر الله جي اولد مان سيد محمد محسن بن سيد علي اڪبر بن سيد عبدالواسع کان ٻڌو ويو آهي ته اُن قبيلي جا ڪي ماڻهو[هاڻي] سنڌ جي  ٻهراڙيءَ ۾ [ڪٿي]رهن ٿا، ۽ اُنهن مان هڪ وڏيءَ عمر جو شخص جڌهن به ٺٽي ۾ ايندو هو ته [هن محلي ۾ ] اچي، اسان سان به ملاقات ڪندو هو.

.... قبرن جو چبوترو، جن ۾ [هنن ساداتن جا] بزرگ آرام پذير آهن. پهريائين اُهو انهن [يعني، اون انصار قبيلي وارن] جو هو، جن جون ڪي قبرون اڃا به [اُتي] موجود آهن.

... سيد شڪر  الله جي قبر سيد عبدالله جي درگاهه جي اولهه ۾ اڄ به اهل الله جو زيارت گاهه آهي.

... چون ٿا ته مذڪوره سيد  سان ٽي ٻيا به باڪمال بزرگ ٺٽي ۾ آيا هئا. انهن دوستن ۾ هڪ قسم جو خاص اتحاد هو. اُهي بزرگ (1) سيد منبه، (2) سيد ڪمال، (3) سيد عبدالله آهن. (علي شير قانع:  تحفہ الڪرام ، 1181هه، ص  ص. 482-483-484).

..... سيد ڪمال..... اصلاً حسيني ۽ شيراز جو باشندو هو ۽ مذڪوره سيد شڪر الله جي دوستيءَ ۽ رفاقت ۾ لٽي آيو هو... [جنهن جو] هيءُ ڏاڍو گهرو يار هو ۽ اُنهن چئن يارن ۾ شامل هو، جنهن جو ذڪرشڪر الله جي بيان ۾ ٿي چڪو آهي... وفات کان پوءِ هي پنهنجي رهائشي حويليءَ ۾ دفن ٿيو. اُن جي زيارت جي بڪت ملڪن ۾ مشهور ۽ اُن جي توسل جون ڪرامتون عوام ۽ خاص عوام ۽ خواص جي دلين ۾ مرڪوز آهن. (ساڳيو ڪتاب : ص 493).

سيد شاهه مبنه- هيءُ غوث الثقلين (پيران پير) مان آهن. هيءُ بزرگوار سيد ڪمال شيرازي ۽ سيد شاهه عبدالله حسينيءَ سان گڏجي شاهه ارغون جي زماني ۾ سيد شڪر الله شيرازي سان گڏ ٺٽي آيو هو [جنهن سان هن جي خصوصي صحبت هوندي هئي. پاڙي جي ويجهڙائيءَجو خيال کان هيءُ اُنهيءَ جڳهه ۾، جتي هو اڄ آرام پذير (مدفون) آهي، هڪ مريد جي گهر ۾ اچي رهيو هو... هن جون ڪرامتون روشن ۽ هن جي منافقي جون نشانيون مشهور آهن. هن جي (مقبري) جي زيارت عام خلق الله جي حاجنت روائيءَ جي ضامن آهي.

(ساڳيو ڪتاب: ص ص 601- 62)

سيد شاهه عبدالله حسيني- هيءُ به، قطب الاقطاب، غوث الثقلين، حضرت پير دستگير عليه الرحمه جي اولاد مان، مذڪوره [چار] يارن يعني نسيد مبنه، سيد ڪمال ۽ سيد قاضي شڪر الله مان هڪ مقتدر يار هو. هيءُ بزرگوار شاهه بيگ ارغون جي زماني ۾ ٺٽي آيو ۽ خفيه طور پهاڙيءَ جي اُن جاءِ تي اچي گوشه نشين ٿي اچڻ وڃڻ وارن کي جيڪو فيض هن بزرگ مان حاصل ٿئي ٿو، قلم ۾ اُن جي بيان ڪرڻ جي طاقت ڪانهي. (ساڳيو ڪتاب: ص ص 614- 615).

 

* سنڌ تي مسلمان ارغونن جي ڪاهه وقت ۽ ستن ڏينهن لاءِ اُنهن هٿان ٺٽي جي قتل عام ۽ لٽجڻ وقت سنڌ ۽ سنڌ جي اُن گاديءَ جي شهر ٺٽي جي اسلامي فضا ڪجهه هن ريت هئي:

روايت ڪن ٿا ته (سنڌ جو بادشاهه)  ڄام نظام الدين علم جو عاشق هو. ننڍپڻ ۾ هُن مدرسن  ۽ خانقاهن ۾ تعليم ۽ تربيت ورتي هئي. هو نهايت حليم، خليق ۽ پسنديده صفتن ۽ حسين عادتن جو مالڪ هو. اُن سان گڏ، هو ڪمال درجي جو زاهد ۽ عابد به هو. هن جي فضيلت ۽ اصل حقيقت اُن کان مٿي آهي.جيتري ڪجهه قلم بند ڪري ٿي سگهجي. هن جي حڪومت جي ڏينهن ۾ سنت  نبويءَ جي پيروي ايتري قدر عام ٿي چڪي هئي، جواُن جو تصور به نٿو ڪري سگهجي. مسجدن ۾ باجماعت نماز ادا ڪرڻ جو رواج ايترو ته عام هو، جو ڪو به، ننڍو يا وڏو اڪيلو وڃي مسجد ۾ نماز ادا ڪرڻ پسند نه ڪندو هو. جيڪڏهن ڪنهن وقت ڪنهن کان نماز با جماعت گسي ويندي هئي، ته هو نهايت پشيمان ٿيندو هو ۽ ٻن ٽن ڏينهن تائين استغفار پڙهندو رهندو هو.. (تاريخ معصومي- ص ص 102- 104). ۽ ان کان پوءِ جڏهن هن سنڌ تي مسلمان ارغونن جا حليف، مسلمان مغل حاڪم هئا ۽ اُنهن جي ظلم جي ڪاري رات ڇانيل هئي، تڏهن ٺٽي جي اسلامي فضا جو تاريخ ۾ هن ريت ذڪر آيل آهي.

.. عالم، فاضل، شاعر، ڪاتب، خوشنويس ۽ خدا پرست شخص هن شهر ۾ تمام گهڻا رهن ٿا ۽ اُن جا اڪثر ماڻهو ڏاڍا پڪا مسلمان آهن، ۽ روزي نماز ۽ شرع شريف جي پيرويءَ ۾ بيحد گهڻو سعيو ڪن  ٿا. ايتري قدر، جو هتي ڪيتريون وڏيون جامع مسجدون آهن. جن ۾ ويهه ويهه، ٽيهه ٽيهه هزار ماڻهو جمعي جي نماز لاءِ گڏ ٿين ٿا. جامع مسجدن کان سواءِ شهر جي محلن ۾ ڪيتريون ئي ننڍيون ننڍيون مسجدون آهن. ۽ اُهي سڀ جمعي ڏينهن ايتريون ڀرجي وڃن ٿيون، جو عين نماز مهل جيڪڏهن ڪو نماز لاءِ اچي ٿو ته هزارن جبلن  ۽ ڪوششن کان پوءِ مس هن کي نماز لاءِ ڪا جاءِ ملي سگهي ٿي. (مظهر شاهجهاني، ميرڪ يوسف، بتصحيح ۽  حاضشيه وغيره، حسام الدين راشدي،  ص 330).

*  Fifth Column- ماڻهن جو منطم گروهه، جيڪو ڌارينءَ فوج جي فائدي ۾  ملڪ جي اندر ويهي ڪم ڪري ۽ ان جي سوڀ لاءِ اندرون ئي اندر ميدان تيار ڪري.

*   شاهه بيگ ارغون، 927هه (1530) ۾، سنڌ تي حملي ڪرڻ کان اڳ، پنهنجي چئن يارن جي چؤنڪڙي ٺٽي رواني ڪئي هئي، جيڪي تاجرن جي ويس ۾ اتي پهتا هئا، منجهن هڪ قسم جو خاص اتحاد هو، ۽ اُنهن آخر ۾ پاڻ کيغوث الثقلين پيران پير دستگير جو اولاد، سڏائيندي، ظالم ۽ ڦورو ارغوني حڪومت جي کپائڻ ۽ هلائڻ ۾ ارغونن جي مذهبي مدد ۽ ساڻن مال غنيمت ۽ اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيواري ڪئي.

ساڳئيءَ طرح، 1737ع ۾، سنڌ تي نادرشاهه جي حملي کان فقط ٻه سال اڳ، اُن جي سپهه سالار احمد شاهه ابداليءَ جو پير ۽ مرشد، شاهه فقير الله علوي، پنهنجي ملڪ (روتاس، جلال آباد، افغانستان) مان، مذهبي هراول دستي طور، پنهنجي پوري اٽالي سان، پهريائين ٺٽي ۽ پوءِ شڪارپور ۾ اچي وارد ٿيو. ٺٽي جي مختصر رهائش ۾ هن مخدوم محمد هاشم جي شاگردي قبولي ۽ اُن کان علوم ظاهري ۽ سلوڪ مخفيءَ جي سَنَد ۽ فقه جي ٽيٽيهن سلسلن جي اجازت ورتي. 1747ع ۾ نادر شاهه قتل ٿيو ۽ احمد شاهه ابدالي خراسان ۽ سلطنت نادريءَ جي مشرقي ايراضين جو دعويدار ٿيو.... سنڌ هن جي هٿان هن جي جائنشينن جي هٿان جيڪي سختيون سٺيون ۽ پريشانيون ڏٺيون، اُنهن جو داستان خود نادر سفاڪ جي ڦرلٽ ۽ تباهه ڪارين جي داستانن کان گهٽ دردناڪ نه هو. پر احمد شاهه ابدالي کان پوءِ به اُن اهل الله بزرگ، صاحب فقر و سلوڪ، حاجي شاهه فقير الله علويءَ جو ايڏو ته معتقد خاص ۽ مريد صادق هو، جو هو سنڌ جي علائقي ۾ داخل ٿيڻ شرط، جتي پيرن مان لاهي، پيرين اگهاڙو هلندو هو ! ڇو ته اُهو سندس مرشد جو وطن هو! ۽ اُن پنهنجي مڙس سڳوري جي پيرن جي پڻي تبرڪ طور پاڻ سان کڻي هلندو هو! سنڌ جي تاريخ ۾ مذهب ۽ سياست جي، يعني ايمان ۽ اقتدار جي، استبدادي ۽ استحصالي شراڪت جو اهم ڪم پنهنجي نوع جو واحد يا  ڪو پهريون ڪو پويون مثال به ڪونهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com