سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري

باب: --

صفحو :28

ڊاڪٽر يشوڌرا واڌواڻي

 

 

ساميءَ جي سلوڪن ۾ سمايل فيلسوفي

 

اٽڪل 13/14 کان وٺي 16 صديءَ جي وچ تائين ڀارت جي ادبي اُفق ۾ جيڪي نوان نوان ستارا اُڀرندا ۽ سونهندا رهيا، تن ۾ سنت يا ڀڳت ڪوين جو تعداد ججهو نظر اچي ٿو: ميران ٻائي، ڪبير، تلسيداس، سورداس، رويداس، نانڪ ۽ ٻيا سک گرو، دادو ديال، نرسي (=نرسنگهه) مهتا، ديارام، نامديو، گيانيشور، تڪارام، بسويشو،ر چيتنيه......

اهڙا انيڪ سنت ٿي گذريل، جن راجسٿاني، هندي، پنجابي، گجراتي، مرهٽي، ڪنڙ، بنگالي وغيره ٻولين ۾ ڪوتا کي نئين اؤج تي پهچايو. سنت ساهتيهنالي سان مشهور ٿيل اُن ڌارا ۾، سڀني گڻن جو ڀنڊار، گيان سروپ ۽ ديا جو اکنڊ اننت ساگر مڃيل، ايشور جي ڀڳتيءَ روپي سانت سيتل سير ۾، ڪوتاهي ڪشتين مان گونجندڙ گيتن ۾ پيغام هئا روائتي سناس ڌرم ڌرم جي عناصرن کي صحيح معنيٰ ۾ سمجهڻ جا، وَرڻ ۽ جاتيءَجي اوچ- نيچتا جهڙن اجاين تصورن تي ٻڌل انيائي ريتن- رسمن کي ترڪ ڪرڻ جا، ڪوڙ ڪپت، ويڇي ۽ ٻيائي تي مدار رکندڙ دنيادريءَ کان ڪنارو ڪري وئراڳ وسياسي سڄي روحاني ڪماني ڪرڻ جا....

ڪل قؤم ۾ وهندڙ ڀڳتي ڪال جي ان واءُ کان ڀلا اسان جي سنڌڙي ڪيئن ٿي اڇوتي رهي سگهي؟ مگر..... هت حڪومت هئي مسلمانن جي، ۽ روي گهڻائي هئي حاڪمن جي راضپي ۾ رهڻ واسطي اسلام جا نوان مُلا بڻيل باشندن جي!...... خير، وقت گذرندي ملڪ ايران ۾ اسلامي مذهب مان ئي هڪ نئون فرقو ڦٽي نڪتو هئو، سو هئو صوفي فقيرن جو: خواجه سليم  چشتيءَ جهڙن دوريشن جي رهبريءَ هيٺ حق جي عشق جي مئه پي ڪري مست ٿي جهومندڙ اهي صوفي سنت شمع تي پروانن جيان ان رحماني معشوق مٿان فدا ٿي فنا ٿي وڃڻ کي ئي هن مانکه جنم جو معنيٰ خيز مقصد مڃڻ لڳا ۽ اهو ئي پنهنجن مريدن کي ڏسڻ لڳا.

ان ريت صوفي، اسلامي، هندو، مڙني وهڪرن جو آب پاڻ ۾ گڏجندو مِسجندو آخر قادري فرقي جي سنڌي صوفي شعر جو انوکو روپ ڌاري، سڄيءَ سنڌ کي ريجائڻ لڳو. اهو سنڌي صوفي شعر پهرين قاضي قاضن ۽ شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي ڪلام ۾ هڪ نئين واهه (Canal) جي اوائلي صورت ۾ پسجي ٿو، پر اڳتي هلي وسيع ۽ اونهو ٿيندو ٿيندو اُهو واهُه آخر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي وائين ۽ بيتن ۾ سونهن ۽ سوز جو گداز درياهه بڻجي جادوءَ وارو ڪمالي اثر ڇڏڻ لڳو ۽ اڄ تائين پيو ڇڏي....

سچل سرمست جي سرائڪي ڪافين، غزلن ۽ ڏوهيڙن ۾ اهو ئي درياهه جوش ڀرئي بي انت بحر جي صورت اختيار ڪري حيرت ۾ وجهي ڇڏي ٿو، پر 18/19 صديءَ (1850-1743ع) ۾ ٿي گذريل شڪارپوري هندو سنت ساميءَ تائين پهچندي پهچندي سنڌي سنت ساهتيه جي اها ڌارا چنچلتا جي هر روپ کي تياڳي سانت ۽ سيتلتا جي لهر وارو ساگر بڻجي پيئي آهي. پنهنجي شڪارپوري ميٺاج سان اڪثر ويدانتي ويچار پرڇي، هيءُ سنت ڄڻ سڏ ڪري چوندو رهي ٿو ته، ٻڌو، سوچيو ۽ نشچل من سان اندر ۾ جهاتي پائي گيان توڙي مڪتيءَ جا املهه ماڻڪ موتي لهو........

نانءُ ڪمائڻ جي ڪامنا کي به جيتي چڪل نڀائي چئنراءِ بچو مل ڏاتاراماڻيءَ پنهنجي ويدانتي گروءَ سوامي منگترام عرف مينگهراج جي عزت ۾ سامي تخلص سان ئي هزارين سلوڪ چيا آهن. ڪم هاج دؤران وقت به وقت پني جي ٽڪرين تي لکي مٽن ۾ سانڍيل سندس سلوڪ سادگيءَ سان سينگاريل سنواريل آهن. جيئن ته هن بئٺڪ لڳائي لڳاتار نه لکيو هئو. ان ڪري سندس سلوڪن ۾ ساڳيا ساڳياويچار، لفظ يا فقرا دهرائجي ويا آهن. مگر ان دُهراوَ ۾ به ٿوري گهڻي ڦير گهير، تجنيس- حرفي ۽ بحر وزن جي پختگي هئڻ ڪري پڙهندڙ يا ٻڌندڙ ڪَڪ نٿو ٿئي، ويتر ائين ٿو محسوس ڪري ڄڻ ساميءَ جا فيلسوفاڻا ويچار سپاهي آهن، جيڪي سنڌي ورديءَ تي شڪارپوري، پنجابي، هندي يا سنسڪرت لفظن جا ٻلا ۽ پٽا لڳائي ڪري، سپهسالار ساميءَ جي حڪمن تي، پختن وزندار قدمن سان قسمين قسمين جي قوت ڀري قوائد پيا ڪن مثلاً:

 

مايا مهان، پَربل جيتي وڃي نه جيءَ کون،
وِڌو جنهن جهان ۾ اڻ هوندو خؤف خلل.

۽ ٻئي هنڌ:

مهان ڇل پرٻل مايا محبوبن جي،
وڌو جنهن جهان ۾ نانا ڀانءُ خلل.

يا وري:

ڇل پرٻل آهي مايا محبوبن جي،

ڏٺا ٻڌا ڪينڪي، سي وهڻ وهائي.  وغيره

رشيه جي لحاظ کان ساميءَ هن دنيا يعني رنگا رنگي ڪثرت جي ڀيٽ ۾ ان جي پٺيان لڪل وحدت جي ايڪي کي وڌيڪ اهميت ڏني آهي، سا به سڌو سڌو. ان ڪري سندس سلوڪن ۾ نه ڪا ڪهاڻي آهي، نه ڪٿا، نه ڪوئي سورمو آهي، نه ڪا سورمي. ها. ڪٿي ڪٿي سنساري رشتن جي بيان جو احساس ٿئي ٿو، مثلاً:

سهاڳڻ سائي، ڪانڌ جنهن جو ڪڇ ۾،ٺ
ممتا ميل اندر ۾، رکي نئه رائي،
سامي سدائين، ڀاڻي منجهه ڀني رهي.

هتي ظاهري طرح پتيءَ کي پاڻ ارپي ۽ ريجهائي، سندس رمز تي راضي رهندڙ سهاڳڻ جوڪيل بيان هڪ تمشيل (Allegory) آهي. [سنسڪرت ڪاويه شاستر موجب سماسوڪتي النڪار[: اُها اشارو ڪري ٿي ان مخفي معنيٰ ڏانهن ته حَق (=ايشور) جو وڇوڙو سڀني دکن جو مول ڪارڻ آهي، تنهن ڪري اُن کي ٽارڻ  لاءِ آيو ۽ ممت تياڳي، سندس راز ۾ ئي راضي رهي، پريم ۾ پاڳل ٿيل فردَ سدا الاهي وصل جو لطف ماڻين ٿا....

روحاني معنيٰ ۾ ئي صحيح، هت انساني جذبات جو فڪر  ته آهي! اهڙو ذڪر ساميءَ جي باقي سلوڪن ۾ ورلي ئي نظر اچي ٿو. عام طرح ته ويدن جي واڻي، سا سنڌيءَ منجهه سڻايان اِن پنهنجي قؤل کي هو نباهيندو اچي ٿو، بشرطيڪ اُتي ويد ذريعي سندس مطلب ويدانت يعني اپنشدن تي ٻڌل فيلسوفيءَ سان ئي مڃيو وڃي.........

پروفيسر ڀوڄراج ناگراڻيءَ پنهنجي 1955ع واري ساميءَ جا سلوڪ ڀاڱو-1 جي مهاڳ ۾ ويدانت جو ٻيو نالو اُتر مانسا ڏنو آهي. (ڏسو سندس صفحو، 37-36 جيڪو در حقيقت اُتر ميمانسا آهي. ويدانت جي پنجن شاخن جي سندس سمجهاڻي به منجهائيندڙ آهي، اِن ڪري اُها هت مختصر ۾ چٽي ڪرڻ ضروري ٿي سمجهان.

ويدانت جي پنجن مان چئن شاخن اُدَويت واد (=وحدت جي متي) کي اپنايو آهي، جنهن جا مکيه نڪتا هن ريت  آهن:

مؤت وقت بيجان، بي حرڪت، بي ساڃاهه ٿي پوندڙ سرير، اندريون، وغيره فرد جي جيئري ڪيئن ٿيون ڪم- هاج ڪنديون رهن؟ چيتن آتما نالي هستيءَ جي حاضريءَ ۽ نظرداريءَ سببان ان جي گيان توڙي سک دک جي انڀؤ جا ساڌن بڻجي ڪري..... اها ڳالهه چارواڪ ۽ ٻوڌي متن کي ڇڏي ڀارتيه فيلسوفيءَ جا ٻيا سڀئي متا قبول ڪن ٿا. مگر اُن آتما جي قد، گڻن، تعداد وغيره جي باري ۾ منجهس متڀيد آهن: ڪي هر سرير ۾ هڪ الڳ آتما جو وجود مڃين ٿا، جيڪا بنيادي طرح ٻين آتمائن سان هڪجهڙائي رکي ٿي. برعڪس ان جي، ادوَيت ويدانت جو چوڻ آهي ته الڳ ڀاسجندڙ جيو- آتمائون حقيقتاً هڪ ئي مڪمل (=پريه وُرڻ) پرم آتما! يا ايشور/ برهم سان اڀيد جي ناتي جڙيل آهن.

مگر ان اڀيد جو تصور چئن مکيه ويدانتي آچارين جي من ۾ هڪ ٻئي کان نرالو آهي. مثلاً:

[1] رامانجُ آچاريه چيو ته برهم روپ ۾ آتما ئي سڀني گُڻن جو ڀنڊار ايشور آهي، ۽ اهو جِيوَ- آتمائن کي خلقي، هر هڪ ۾ واسو ڪندي، ان کي ٿوري يا ججهي اندر ۾ پنهنجا گڻ عطا ڪري ٿو. جيو آتما جي رهڻ واسطي وري هُو پاڻ مان ئي اچيتن/ جڙ پرڪرتي (ڪائناتي روپ ۾) ۽ اسٿول سرير (انفرادي سطح تي) خلقي ٿو..... ائين ادوَيت ايشور کي آخرين سچ مڃڻ باوجود ان کي جڙ پرڪرتيءَ توڙي چيتن آتما سان ڳنڍيل (=س. ۾ وِششٽ) ليکڻ ڪري هن متي کي وِششٽا دَويت ڪوٺيو ويو.

[ب] نِمبارڪ نالي آچاريه وري ادوَيتادويت متو پيش ڪندي جَيوَ- آتما کي ايشور کان هستيءَ ليکي الڳ، پر سروپ ليکي هڪ ڄاڻايو.

[ٻ] شُڌ- اُدوَيت (= شُڌادَويت) کي ئي مڃيندڙ وَلڀ آچاريه چيوته جيو آتما، پرماتما جو ئي هڪ انش آهي ۽ اِن ناتي ٻنهي جي وچ ۾ صاف صاف اڀيد آهي. [باقي جڙ جڳت جون بيشمار وِٿون ايشور پنهنجي مايا نالي عجيب و غيريب شڪتيءَ جي لَيلا سان خليقون آهن....]

[پ] اِنهن ٽنهي کي سجهڻ کان پوءِ اُنهن سڀني کان اول ٿي گذريل شري شنڪر آچاريه (= ش) جو پيچيدو متو کڻون. سادي نموني ان کي هيئن سمجهي سگهجي ٿو:

[i] جيو آتما پرماتما جو نڪي سرير آهي، نه انش، نه ئي ان جهڙي سڀاءَ

واري الڳ هستي. ويتر ٻنهي جي وچ ۾ بس نج هيڪڙائي يعني ڀيد يا ٻيائيءَ جو بنهه اَڀاءُ آهي. اُپنشدن مان ڪي گُفتا کڻي ڪري ش. اُهي هن ريت سمجهايا آهن: آيم آتما برهم= هيءَ (هر ڪنهن جو جِيوَ-) آتما ئي برهم آهي تَت تَومَ اَسي= برهم (نالي آخرين تت) تون (ئي يا به) آهين وغيره.....

[ii] اهو برهم يا پرماتما آخري هستي ان ڪري آهي، جو هو سدا قائم آهي، نه پيدا ٿئي ٿو نه، ناس ٿئي  ٿو. منطق (Logic) جي لحاط کان اهڙيءَ هستيءَ جو سدا هڪ جهڙي يعني ڪنهن به ڦير ڦار کان آجي يا پري هئڻ به لازمي آهي ۽ ڦير ڦار جو امڪان تڏهن بنهه نه رهندو جڏهن ڪا خاصيت هجي ئي نه. ان ڪري ش. برهم توڙي جيو آتما جي سچي آخرين سروپ کي نِرگڻ (Unqualified) نراڪار مڃي ٿو. سهج سڀاءَ، ڄاڻڻ، ڪرم ڪرڻ، ڦل ڀوڳڻ وغيره ڪريائون به منجهس ناممڪن آهن. بس، چيتن هئڻ جي ناتي سڀ جي سانت ساکيءَ (Witness) جي روپ ۾ سدا شڌ ۽ مڪت رهن ٿا.....

[iii] هت سوال اٿي ٿو: ته پوءِ انسان ڇو ٿو پاڻ کي اِڇا ڪرم، ۽ ڦل جي ٻنڌنن ۾ جڪڙيل انڀؤ ڪري؟ جواب ملي ٿو: اڳيان وس ٿي، جيو آتما پنهنجي سنچي سروپ کي ڀُلجي وڃي ٿي، ان ڪري پاڻ کي پنهنجي اُپاڌين يعني (گڏ رکيل/ رهندڙ: س. اُپ-آ-ڌامان:) سرير، من  ٻُڌيءَ وغيره کان الڳ نٿي ڄاڻي سگهي ۽ پوءِ انهن جي اِڇا ڪرم توڙي ڦل سان پاڻ کي ٻڌل ٿي محسوس ڪري....

[iv] سوال مگر اِهي جَڙ اُپاڌيون پيدا ڪٿا ٿيون ٿين؟ س. جي متي ۾ سچي هستي ته فقط هڪ ئي آهي نه؟ ۽ اها ته چيتن (نِر گڻ نراڪار آهي! جواب- ها. پر (اَ) جيئن ڪوئي جادوگر پنهنجي جادوئي شڪتيءَ يا هٿ چالاڪيءَ سان اڻ هوندين شُين جو ڀرم پيدا ڪري سگهندو آهي، تيئن (= اندر- جالَ- وَت) ئي برهم جي مايا (نالي شڪتي) جهان جو هيءُ سارو کيل رچي ٿي هت ٻيا به مثال ڏنا ويندا آهن، (ب) جيئن اُس ۾ چلڪڻ ڪري سِپَ پريان چاندي ڀاسندي آهي (شُڪتي- رَجَت- وَت)، ايتري قدر جو ماڻهو ان کي هٿ ۾ کڻڻ لاءِ آماده ٿيندو آهي؛ يا (ٻ) جيئن رڻپٽ جي اُس ۾ چلڪندڙ واري پريان ڀاسندي آهي ۽ اُڃايل هرڻ کي هر کائيندي آهي (مِرگَ مَريچڪا وَت)، يا (پ) جيئن اکين جي ڪمزوريءَ،  گهٽ سوجهري يا من ۾ ويٺل ڊپ سببان نوڙيءَ کي نانگ سمجهي ڪنهن کان رڙ نڪري ويندي آهي، (رَجُو سَرپَ وَت يا (ڀ) جيئن سُپني ۾ اڻ هوندو سنسار پسي انسان خوش يا غگمين ٿيندو آهي، (سوَ پَنَ- سَنسار- وَت) وغيره....

 

ساميءَ  جي فيلسوفي:

 نقطو-1) شنڪر آچاريه جي ويدانت جو پڇاڙيءَ ۾ بيان ڪيل نقطو (iv) ئي ساميءَ جي سلوڪن ۾ گهڻي ۾ گهڻو اظهاريو ويو آهي. مثلاً:

اڻ هوندو اوِديا- ڇلُ ٿيو چيتن جي چِتُ کي،

جيئن سورج جي تيج کون، مِرگهه ترِشنا جو جل.

يا سامي ڏسي مِرگ تِرشنا(=س. مَرگ ترشنا)  جي جل کي..... اِن مثال جي تمثيل کي اڳتي وڌائيندي سامي سنساري ماڻهوءَ کي صلاح ڏئي ٿو:

ڪر نه جيءُ خوار، مِرِگ ترِشنا جي جل ۾.

ڇو ته پريان چلڪڻيءَ واريءَکي پاڻي سمجهي هرڻ هر کجي ٿو، مگر ڊوڙي ڊوڙي اتي پهچڻ تي وري پاڻي اڃا ڪجهه پرڀرو ٿو نظر اچيس، ان ڪري نراسائيءَ جي باوجود هن جي آس ٻَڌِجي ٿي ته ٿوري وڌيڪ محنت ڪرڻ سان پاڻي اَوس ملندم. وري ڊوڙي ٿو، وري نراسائي ۽ نئين آس. ائين ڊوڙي ڊوڙي اُڃ ۽ ٿڪ کان بيحال ٿي پوي ٿو. ساڳي ئي گت هِن دنيا ۾ اندرُين جي ڀوڳ- وِلاس جي چيزن مان سک پائڻ جي اميد رکندڙ جيِ يوَ جي به ٿئي ٿي.

ائين چيتن آتما مان جڙ جڳت جي پيدائش سمجهڻ واري ويدانتي تشبيهه ساميءَ اپديش طور سهڻيءَ ريت ڪم آندي آهي.

2) اِن مِرگهي جل (= س. مرگ-جل) جي ڀرم توڙي جِيوَ جي خواريءَ جو سبب به شاعراڻي انداز ۾، مگر ويدانتي ويچار ذريعي سليو اٿس:

ڌَرينِ ڪوهه پيار ٿو، سامي مايا موهُه سان،

اَٿِي سڀ اوِديا جو، اڻ هوندو اسرار،

جيئن نانگ نوڙي ۾ سپني ۾ سنسار.

(ڀيٽيو مٿي نڪتو iii ۽ iv ).

3) دنيا جي پرپنچ ۾ اَٽڪيلَ جِيوَ اڳيان جي ڪري انڌا آهن، ائين مُنڊَڪَ اپنشد ۾، ۽ پوءِ ش. جي متي  ۾ بارها چيو ويو آهي. ساميءَ به انهيءَ نقطي کي الڳ الڳ انداز ۾ بيان ڪيو آهي

 

ڪئي خلق اَنڌي، مايا موهي ممت سان.

 

انڌن ڏي آئي، مايا بڻي موهڻي.

پوئين مثال ۾ مايا جي ويدانتي تصور کي پراڻن ۾ ٻڌايل وشڻو ڀڳوان جيموهني روپ سان ڳنڍڻ جي ڪوشش مڃي سگهجي ٿي، پر ان جي ٻيءَ سٽ ۾ لڳي ٿو ته شايد ائين به نه هجي، شايد موهڻي هتي دلڪش روپ واري اِن لفظي معنيٰ ۾ ئي هجي. اُها سٽ آهي:

ڦري ڪيائين ڦوڪ سڀ، ڏيئي وڏائي (= اُڀمان). نه فقط ايترو پر

وڌائين ول ڇل سان، انڌا ٻڌي ٽوءِ (= کڏ ۾) ۽

وڌا جيءَ  لُٽي، مايا سڀ مرم ري،

ٻڌائين ٻيائيءَ جي، نوڙيءَ ساڻ گهُٽي،

سَنسي جي سؤنٽن سان، راتيون ڏينهن ڪُٽي.

انهن مڙني سلوڪن ۾ مايا لاءِ هڪ ٺڳ ڊاڪو استريءَ (1) جي تمثيل مبهم آهي، جا نه فقط اگياني جيوَن کان سندن سچو آتم گيان ۽ سک ڦري ٿي، پر وڏائي نالي ڪُوڙي موهڻي چيز ڏيئي، مَنجهن ايشور توڙي ٻين آتمائن کان ٻيائي پيدا ڪري ٿي، ان ڪري جيوَ ٻِيائيءَ ڪرم، توڙي سُک دک جي ٻنڌن ۾ ٻڌجي وڃي ٿو ۽ سنسي وس ڪُٽجندو رهي ٿو. اهو سمورو ويدانتي ويچار هن تمثيل پٺيان سمايل آهي.

ساڳيءَ ڳالهه کي ساميءَ ڪٿي ڪٿي سڌي نموني به چيو آهي:

مايا ڀلايو، سامي جيءُ سروپ کون،

ديهي مڃي پاڻ کي سنسي منجهه آيو.

 

سپني منجهه سامي چئي جنمَ پائي.

ائين سڀ جِيوَ پَرچَن (=س. پَرِڇِن يعني محدود) ڄاڻي پاڻ کي، ڦِرن سدا سوڳي. ۽

ڀوڳِن ڀوڳَ ڀرم جا، سامي ڄاڻي ست.

4) در حقيقت آتما سڀني ڪِريائن جي (ويندي دُنيوي گيان جي به) محض ساکي آهي ۽ سڀ هنڌ سڳي شڌ آهي، اِن ڪيول ادوَيتويچارکي سامي تز مثال ڏيئي سمجهائي ٿو:

جيئن وڃڻيءَ ۾ واءُ، تيئن ساکِي وَسي سڀ ۾.

ساکي رهي ساڻ، سو نظر اچي ڪِين ڪي.

آتما ۽ پرماتما جو اڀيد مڃڻ ڪري جِيوَ جهڙو ئي ٻنڌن ايشور سان به لاڳو ليکبو. اهو من ۾ آڻي سامي چوي ٿو:

حيرت آئون هاسي، اچي هڪ اچرج تي،

خاوند پنهنجي خيال ۾، پيو ڦاهيءَ ري ڦاهي.

ٻين لفظن ۾:

اوِديا مَنَ رَچي، سا ويڙهي ويئي من کي،

جيئن ڏانوَرُ تار ۾ مَري پاڻ پَچي.

5) اهو مايا جي موهه وس ٿيڻ يا اوِديا جي جوڙيل ڀيدن کي چهٽي رهڻ دراصل پنهنجي ئي غلطي چئبي. ڇو ٿو ائين ٿئي، جو هر فرد پنهنجو اوِديا- پَٽُ (= پردو) لاهي، سامي ڏسي ڪين ڪِي؟ مڪتيءَ واسطي هر ڪنهن کي پاڻ ئي محنت- تپسيا ڪرڻ گهرجي، نه ته ته.....

خو داري خلاصي، ڪير ڪري ڪرتار جِي؟

عجب جي ڳالهه آهي ته ساڳئي نقطي تي شري ش. جي وِويڪ چُوڙامڻي (= وِ. چُو) نالي گرنٿ ۾ ڏنل تشبيهن مان ڪا به ساميءَ ڪتب ڪا نه آندي آهي. جيئن ته:

الف] ماڻهوءَ جي مٿي تي رکيل بار جِي ڳٺڙِي يا سِر تي چڙهيل قرضُ سندس پُٽ يا ٻيو ڪوئي به سڄڻ هلڪو ڪري سگهي ٿو، پر جيو جي ڪَرمن جو بار کانئس سواءِ ٻيو ڪوئي ڪين لاهي سگهندو.

ب]پنهنجو پاڻ کي راجا سمجهڻ يا ڪوٺڻ سان ئي ڪو ئي راجا بڻجي ڪو نه ويندو، ان لاءِ کيس جوڳو اُدم ڪرڻ جڳائي.

ٻ] روڳي جيسين پاڻ سنڀال سان دوار توڙي پرهيز نه ڪندو، تيسين وڏا وڏا ويڄ حڪيم کيس ٺيڪ ڪري ڪين سگهندا. وغيره (ڏسو و. چو. سلوڪ 60-53)

6) اِن هوندي به مڪتيءَ جي ڪانکي ساڌڪ لاءِ ساڌ- سنگت جي ۽ صحيح دڳ تي چاڙهيندڙ گروءَ جي مهما به ساڳئي ئي گرنٿ ۾ ڳائي ويئي آهي: ڪڏهن سج جي تپت کان بيحال ٿيل کي سيتل چانديءَ جو لطف ڏيندڙ چندرما طور، ڪڏهن ڊپائتي سپني مان جاڳائي دلاسو ڏيندڙ سڄڻ طور، ڪڏهن وري اڳيان جي انڌي کي گيان جو سُرمو پائي انڌ دور ڪندڙ طور. (ڏسو و. چو.71-35، 490، 477، 519، وغيره).

سامي به جِيوَ کي ٻيائيءَ جي ننڊ مان جاڳائڻ جو شرف گروءَ کي ڏئي ٿو:

ستگرو جاڳائي، ته جاڳي جُڙي پاڻ سان.

ان سلسلي ۾ سندس ٻيون تشبيهون آهن:

جيئن پالي ماءُ پيءُ، پنهنجي پريم سان،

سامي تيئن سِکَ کي، هرجن ڪري هوشيار.،

اوِديا جو او کد (=س. اَوشڌي= دوا)

ستگر ڏسيو سک (=س. ششَ) کي.

در دَوند داتار، سامي مليو ستگر،

تنهن ڏيکاريو ڏيل (=سرير) ۾ انڀئه پرک اپار.

7) مٿين مثالن ۾ گروءَ جي مهما ته آهي ئي، تنهن کان سواءِ ستگرو، سک، هرجن، انڀئه پرک (=س. اَڀَئه پرش)- اِهي لفظ سنڪسرت مان اُتري آيل هوندي به گرونانڪ جي شروع ڪيل سِکَ پنٿ ۾ خاص طور رائج آهن. ان سان لاڳاپيل ٻيا ڪي لفظ: (گُر مُک، لنو، (لونئَه)،نِهنگ= س. نِسنگ= ممت رهت: اڪيلا گهمندڙ سِکَن جي هڪ فرقي جو خاص نالو) به سامي ڪتب آڻي ٿو...... اهڙي استعمال مان ظاهر آهي ته سامي شري ش. جو ڪٽر پوئلڳ ڪين هئو: سک ڌرم مان به سُرتِ جون سرڪيون ڀرڻ کان هن ڪين ڪيٻايو هئو.

8) مٿي بيان ڪيل ستگروءَ جي مهر توڙي پنهنجي وئراڳ ۽ تپسيا سان فرد (ويدانت جي )لا محدود گيان جو حقدار بڻي ٿو.

سامي ٿيو سرٻگ (=.س سَروَگَيه: سڀ ڄاڻڻ هار)

چاهه مٽائي چت ۾.

۽ اُن گيان جي ڦل طور:

اندر ٻاهر نُڀَ جلن، ڀڳَوت هڪ پاسي.

جيئن نَئنن ۾ نور، تيئن ساکي ڏسي سڀ ۾.

جيئن گهٽنِ (=مَٽن يا گهاگهُرين) ۾ آڪاس،

تيئن ساکي سڏي سڀ ۾.

پوئين سلوڪ ۾ ش. جي ڪن پوئلڳن جي اَوَڇيد واد طرف اشارو آهي، جنهن موجب آڪاش (Space)پنهنجي ليکي اکنڊ ۽ سڀ هنڌ هڪ جهڙو (بنا روپ رنگ جي ) هئڻ باوجود مٽيءَ جي ٿانو، گهڙِ يا ڪُنَ ۾ سمائڻ وقت اُن مخصوص وٿُ جي قد، آڪار [۽ روپ رنگ] پٽاندر چنل يا محدود ٿيل (=اوَڇِنُ) ڀاسي ٿو. مگر نه ڪا ان جي محدوديت اصلي آهي نه ڪو ان ٿانوَ ۾ ڀريل ڇاڇ يا شراب ڪري ان ۾ سمايل آڪاس کي انهن جو رنگ، سواد، بوءِ وغيره چهٽي سگهن ٿا ساڳيءَ ريت پر ماتما به الڳ الڳ سريرن ۾ جِيوَ آتما طور محدود ٿي ڀاسي ٿو، پر ان ۾ سرير مَنَ- ٻُڌيءَ جي ڪا به صفت يا ڪِريا مڙس ڪوئي اثر ڪري نٿي سگهي.

(ڀيٽيو و. چُو. 451: نَه نَڀو گهٽيو گينَ سُرا گنڌينَ لِپيَتي، تَٿا تمو پاڌِيو گينَ تَدڌرمَئَرنَئوَ لِپيتي.) اُهو ته فقط ساکي روپ ۾ سدا نِرليپ ۽ سڀ کان نيارو رهي ٿو. سامي به ساڳي ڳالهه ڪري ٿو:

اندر ٻاهر نڀ جلن رهي اليپ اجل.

يا

نڀ جينا نيارو رهي بِديهي ديهه ۾.

 

9) اِن اسٿتيءَ کي پهچڻ وارو شخص پاڻ کي پر ماتما ۾ ائين سمايل ڄاڻي ٿو،

جيئن پاڻيءَ جي سطح تي اُڀرندڙ فوٽو يا لهر ان ۾ ئي لين ٿو وڃي:

سامي سمايو جل پپوٽو جل ۾.

جل ۾ جل ترنگ لئه ڏٺو جنهن لک (=س. لُکشَ= منزل) سان.

(ڀيٽيو و. چُو. 391:  تَرنگ- ڦينَ- ڀرَمَ- بُدبد ادِيڀي ه سَروَم سورَو پيڻَ جَلَم يَٿا تَٿا، چديوَ  ديها-دَيَهَمَنتَميتَت سَروَم چَريو- رَسَم وشدم.)

سڀ هنڌ ايڪاڪار ان انت چيتن (= س. چت) آتما ۾ ملي تدروپ ٿيڻ تي جيو جي الڳ هستي ئي نه ٿي رهي. تنهن هوندي به ان جو ناس ڪو نه ٿو ٿئي، ان ڪري هو ان حالت ۾ آهي به، نه به آهي. يا آهي به ڪو نه، ناهي به ڪو نه يعني ش. جي لفظن ۾ اَنِروچنيبِيه (=اُڪَٿ، مُحتاج- بيان-Indescribable ۽ ساميءَ مطابق اَواچُ (=س. اَواچيه ) پد:

جنهن اُلٽي پد اواچ جو، لنو سان لڌو دڳ.

يا

پنهنجي پرائي تات، ميٽي تدروپ ٿيو.

 

.تڪيو ڪيائين تَتِ (=تَتَو يعني Reality ۾)

جتي آهه نه نانهن ڪا.

**

 

جنهن جو روپ نه رنگ ڪو، نه ڪو انگ آڪار،

ارغئبِي اِسرار اليو سليو نه وڃي.

ساڳي ڳالهه هو وڌيڪ شاعراڻي ڍنگ ۾ به چوي ٿو:

بي رنگيءَ جو رنگ، ڏٺو جنهن اڀيد ٿي.

اهڙو شخص ان جو ورڻن زبان سان نٿو ڪري سگهي، جيئن:

گونگو کائِي ڳُڙ ڪُشڪي مُشڪي ڪيِن ڪي.

10[ سروپ ۾ پورڻ لئه ذريعي مڪتي پائڻ واسطي عام طرح پهرين ديهه مان مڪتي يعني مؤت ٿيڻ لازمي آهي. مگر ويدانتي توڙي ٻين هندو فيلوسوفين موجب انساني يا ڪنهن به جُوڻِ جي ديهي جيوَ کي ساڻس جُڙيل ڪِن اڳوڻن جنمن جي ڪرمن جو ڦلُ ڀوڳڻ واسطي ملي ٿي، ۽ ان ڪري اهو ڀوڳ پورو ٿيڻ تائين قائم رهي ٿي. تنهن کان اڳ اگر گيان (-يا ڪن جي متي ۾ ڀڳتيءَ-) ذريعي جيوَ جو چِتو پرماتما ۾ پوريءَ طرح ملي وڃي، ته اهو جِيون- مُڪت (=جيئري هوندي ئي مڪت، وِديههَ-مڪت جي برعڪس-) ليکبو. شايد ان متي پٽاندڙ ئي سامي چوي ٿو:

بنا دقت دير، سامي ڏسي سروپ (= سوَروپ) کي.

يا

ٻوڌ روپي ٻوهي(=هندي پوئي= پوکِي)

کيتي جنهن خاموش مون.

ميٽي جنم مرڻ اِسٿِت ٿيو آڪاس جان.

يا

ٽيئي لوڪ لنگهي، سامي ويٺو سَمَ (هر هنڌ جڪ جهڙائي جو انڀو ڪندڙ) ٿِي. اِن ڳالهه کي پنهنجي گماشتگيءَ وار جي اصطلاح ۾ به چوي ٿو:

ڪو عاشق چڙهيو اڇ تي ڄاڻي ڌوڙِ ڌنڌو،

واري کُپتَ کنڌو، سامي مليو سَروپَ سان.

يا

واري کپت کنبڌو ڪڍيائين ڪَلَپت (=ڪَلپت= خيالي دنياداريءَ) جو.

نقلي 9 ۽ 10 واري سموريءَ ڳالهه کي هڪ ئي سلوڪ ۾ سميٽيندي سامي چوي ٿو:

ستگر لکائي آتم- جوتِ (پنهنجي گيان روپي) اکين سان بِنا بادل جل جي، ورکا وسِائي،

اَوديا مئَل اندر ۾ رهي نه رائِي،

وڃائي وائِي، سامي سمهيو سيج تي.

 هتي گروءَ جي ڏنل آتم درشٽيءَ کي نا بادل ورکا ڪوٺيو اٿس، جيڪا اَوِديا جي مَرُ کي اندر مان پوريءَ طرح ڌوئي ڇڏي ٿي. پوءِ پُورڻ شُڌ= مڪت ٿيل جيءُ (پرماتما سان گڏ؟ پرم آنند روپ) سيج تي سمهي ٿو، اُهو آنند، جنهن کي اظهارڻ جي شڪتي (: وائي= واڻِي) هو وڃائي ٿو وهي يعني اڪٿ آنند جو انڀؤ ٿو ڪري. ڇو ته آتما سنسار جي هر وٿ کان نياري آهي: نه هِن جهڙي، نه هُن جهڙي.]: ڀيٽيو برهَدارَڻيَڪَ اَپِنشَد 4-4. 22 سَ اپشَ نيتِي نِدتياتما.....).

شايد اِنهيءَ عجيب انڀؤ ڏانهن ئي اشارو ڪيل آهي، ويساسيءَ تي لکيل هن سلوڪ ۾: روپ رنگ پن پاڙ ري، کُليو غئبي گل، ڪرانتي (= س. ڪرانتي! سچ پچ: ڪانتي= رؤنق) جنهن  ۾ ڪل، سورجَ- چنڊ- چراغ جي.

اهڙيءَ جيوتي-سروپ نرگڻ نراڪار وحدت کي مڃيندي هوندي به، سامِي ان لاءِ ڪڏهن به برهم لفظ استعمال نٿو ڪري، جڏهن ڪ اُپنشدن توڙي ڪيوَلا- دوَيت ويدانت (= ڪي.وي.) جي پستڪن ۾ ٽپي ٽپي تي اهو لفظ ملي ٿو! ويتر سامي ته پنهنجي منزل انڀئي پرک اپار يعني سُڱڻ ساڪار ايشور،- تنهن کي مڃي ٿو! (ڏسو نقطي 6 جي پڇاڙي). ائين ڇو؟

سبب شايد هن ريت آهي: منطق (Logical reasioning)=): تَرڪَ شاستر ) جي لحاظ کان برابر دنيا جي آخرين حقيقت هڪ- هيڪڙي ۽ پوُرن شڌ، چيتن ۽ گيان سروپ ڪا هستي ئي ٿي سگهي ٿي. مگر ان ادوَيت هستيءَ کي جيڪڏهن نرگڻ ۽ نراڪار به مڃيو وڃي، ته پوءِ اِهو سلڻ ڏکيو ٿي ٿو پوي ته اوِديا يا مايا سببان ٿيندڙ اگيان وغيره پهرين پهرين ڪنهن ۾ ٿو پيدا ٿئي، ڪيئن ۽ ڇو؟ نرگڻ نراڪار برهم ۾ ته ٿي نٿو سگهي ۽ جيو آتمائون ته ڪي- وي.مطابق پوءِ جي پيدائش آهن: ان مايا منجهه جي برهم جو پاڇولو (=س. پرتيبِنَب: (Reflcetion) پوڻ ڪري يا ان مايا=اوديا= اڌياسَ سببان برهم جي ظاهراً (Apparently) محدود ٿي وڃڻ ڪري!

ان مسئلي کان ڇٽڻ لاءِ شنڪر اچاريه چيو آهي ته، سرشٽي ۽ پرلئه، وري سرشٽي ۽ وري پرلئه، اهو چڪر يا سلسلو انادي ڪال کان هلندو پيو اچي، جئين وڻ ۾ ٻج ۽ ٻج ۾ وڻ. تنهن ڪري، هن کان اڳوڻيءَ سرشٽيءَ جي پرلئه وقت جيوَنِ سان جيڪي ڪرم لاڳاپيل هئا، تن جو باقي رهيل ڦل ئي هن نئينءَ سرشٽيءَ جي سرجڻ جو سبب بڻيو هوندو.... پر وري به سوال اٿي ٿو ته، سڀ کان اول جيڪا سرشٽي ٿي، سا ڪهڙي سببان ٿي؟ تڏهن ته ڪنهن جيوَ جا اڳيان ڪرم باقي بچيل هئڻ جو ڪو امڪان ئي ڪين هئو! ان جو خاطر خواه جواب شري شنڪر اچاريه به ڪو نه ڏيئي سگهيو هو!

نڪي ڪي عام فهم ۾ اها ڳالهه درست لڳي ٿي ته هيڏي ساري خلق ڪنهن به سرجڻ هار، پالڻ هار ۽ حاڪم جي انتظامي قابوءَ (Regulating Control) بنا پنهنجو پاڻ ئي پيدا ٿئي ٿي ۽ الڳ الڳ اَڪيچار قسمن ۾ وڪاس ڪندي پئي وڃي.

11) شايد مٿئين سبب ڪري ئي سامي، جيڪو ش. جي ماياواد جي حق ۾ مايا، اوِديا، اگياني مورک وغيره جي بلي پنهنجا اَڌ کان به مٿي سلوڪ ارپڻ ڪري ٿو، اهو ساڳيو سامي حق جو بيان ڪرڻ وقت گهڻو ڪري ولَڀ آچاريه جي شڌ اَدوَيت ويدانت توڙي ٻين ڀڳتي- مارگي سنتن جي متي ڏانهن رِڙهي اچي ٿو:

 

مَن ٻُڌ واڻيءَ کون پري، نرمل اگوچرِ،

(ته به) پراڻ پيارو سڀ ۾، سدائين سِيتُر.

 

وري چوي ٿو:

 

آيو ناگر نَٽُ، بيکُ ڌَري بازار ۾،
ٻانڀڻُ چوي ٻيائيءَ تي، کولي ويٺو هُٽ،
 پاڻ واپاري وڻج ٿيو، پاڻ تارازي وَٽُ،
رعيت راجا پاڻ ٿيو، ڪان نئر سُور سُڀٽُ،
پاڻ ڪُنڀر آوي بڻيو، چَڪُ مِٽي گهٽُ مَٽُ،
پاڻ ڦول ڦل پتَر ٿيو، پاڻ ڏار ٻِجُ ٻُوٽُ،
 پرچي کولي پُٽ، پاڻ لکائي پاڻ کي.

 

مطلب، سامي هت چوي ٿو ته اصل ۾ هڪ هيڪڙو هئڻ باوجود ايشور هڪ نَٽَ جيان روپ بدلي ٿو. نه فقط ايترو، پر پنهنجي ازغئبي (مايا) شڪتيءَ سان هڪ ئي وقت انيڪ روپ به ڌارڻ ڪري ٿو (۽ پنهنجي انس روپ جيو آتمائن کي منجهن کيلِ کيلڻ لاءِ ڇڏي ڏئي ٿو). پر انت ۾ هو پاڻ ئي پنهنجو اصلي روپ لکائي جِيوَ کي پاڻ ۾ لين ٿيڻ جو موقعو ڏئي ٿو.

12) ٻين ڪِن هَنڌن تي ساميءَ ايشور کي سرير يا دنيا روپي گهر جو مالڪ به ڪوٺيو آهي.

گهر ۾ گهرُ سڌڻي، اچل ڏٺو جنهن آدِ جو.

يا

سامي لڌائون سَمَ ٿي، گهر مون گهر ڌڻي.

ان تشبيهه کي ٿورو اڳتي وڌائي سامي ايشور کي سڄڻ يا محبوب به ڪوٺي ٿو: بنا سِڪ سڄڻ ڪِنهي پاتو ڪينڪي. مِلي وٺ محبوب سان، ساڌوءَ سنگ لڳي.

مايا- اَ: 11، 12، 14 ۽ 15 ۾ ته اَوِديا کي محبوبن جي مايا ۽ ساڳئي ئي وقت مهان ڇُل= ڪپٽُ به ڪوٺيو اٿس:

جنهن ٺڳ ٺڳي، ڪئي ڪُل جهان سان،

ساميءَ جي تنهن ٺڳ سان. پورن پريت لڳي.

ان سلوڪ ۾ به ڪي. وي. توڙي ڀڳتي مارگ ٻنهي جو ميل ڪندي ايشور ڏانهن پريت توڙي طنز ٻنهي جو اظهار ڪري ٿو.

13)ڪن هنڌن تي وري ساميءَ جو ڀڳتي ڀاو صوفين واري انداز ۾ عشق مجازيءَ ۽ عشق حقيقيءَ جي اصطلاحن ۾ ويڙهيلِ ملي ٿو:

راتيون ڏينهن روئن، عاشق ڪاڻ عجِيب جي.

*

محبت جي ميدان ۾، عاشق رنگ رچن،

پَوَنِ پروانن جان، اڳُيون عجيبن.

*

ڏسي منهن محبوب جو، سامي ٿيو عاشق،

لَنو  لَنو (يا لونَئه لونَئه ؟= س. رومُ رومُ) اَنا لحق، ٻولي ٻيائيءَ ري سدا.

*

عاشقن آرام، ڪڏهن ويهي نه ڪيو،
درسن پسي دوسَ جو، طلب نه رکن طعام،
حبيباڻي هيڪڙي، طعني ڪيا تمام.

ساميءَ جون هي پويون  سٽون توڙي ڪي ٻيون به، شاهه لطيف جي سِٽُن سان ڪافي ملن ٿيون، ان ڪري پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻيءَ (سامي: صفحو-32) انومان ڪڍيو آهي ته پنهنجي جوانيءَ ۾ ساميءَ شايد صوفي درگاهُن ۾ به ڪلام ٻڌو هوندو.

اها ڳالهه جيتوڻيڪ ناممڪن ڪانهي، پر وري به اهو درج (Note=)ڪرڻ گهرجي ته صرف ماڳ کان گهڻو وڌيڪ سامي ڀڳتي ۽ جَپَ تَپَ واري هندو ماڳ کان متاثر ٿيل هو. تڏهن ته صاف چيو اٿس:

وڏي وڏائي، سامي ڄاڻ ڀڳت جي،
 نيچ اُوچ ٿيا ڪيترا،  ڪري ڪَمائِي،
ڍيڍ، چمار، جُهلاها، پيڃارا نائي،
جنين لنو لائي، سي سڀيئي سُڌريا.

هت ڍيڍ چمار ذريعي سنت ريداس (= رَوِيداس) ڏانهن ۽ پوءِ ڪبير، دادو ديال توڙي سئنا ڀڳت ڏانهن اشآرو ڪندي سامي چوي ٿو ته سماج جي نيچ مڃيل جاتُين ۾ پيدا ٿيڻ باوجود، اٽوٽ شرڌا سان ايشور ڀڳتي ڪري انهن عزت آبرو ڪمائي ۽ پنهنجي ست- وچنن دوارا ايندڙ پيڙهين جي من ۾ به پنهنجي ياد امر ڪري ويا، پنهنجو هيءُ لوڪ توڙي پر لوڪ سڌاري ويا....

ڇهه اٺارهه چار، ڳالهه چَون ٿا هيڪڙي،

ڀڳت ڪري ڀڳَونت جي، نانا ڀرم نواز.

يعني ويدڪ فيلسوفيءَ جا ڇهه درشن شاستر (:سانکَيه، يوگ، نيايَه، وَئشيشڪ، پورو، ممانسا ۽ اُتر مِيمانسا)ارڙهن پراڻ ۽ چار ويد، انهن مڙني جو سار تت سامي ايترو ئي مڃي ٿو ته ٻيائيءَ/ ڀيد کي وساري، ڀڳتيءَ ذريعي ايشور سان ايڪ روپ ٿجي.

اهڙن ڀڳتن جي سڃاڻپ سامي هن ريت ڏئي ٿو:

ورتن ويد ويچار سان، نيهيي نِر- اڀيمان،

ڀڳتِ ڏني ڀڳوان جن کي، پرچِي پانهنجي.

تنهن ڪري سندس صلاح آهي ته:

مورک ڇڏ گمان، ڪايا مايا ڪُل جو،

جپي وٺ جاڳي ڪري، ڀيد بنا ڀڳوان.

يعني سونهن، ڌن دؤلت توڙي ڪُل جو اڀيمان يا اُنهن جي آڌار تي ڀيد ڀاو ڪرڻ سچي ڀڳت کي ڪين سونهين. ساڳيءَ ريت هِن هُن ديوي ديوتا کي مڃي، سندن مُورتيون پوڄيندڙن کي به سامي مورک يا اگياني مَڃي ٿو:

پٿر پوڄا ڪن، ديؤ نه ڏِسن ديهه ۾،

پنڊت ڄاڻي پاڻ کي، ڪرمن منجهه ٻَجهن،

ساکان سنتن جون ٻڌي، مرم نه رکن مَن،

سي ڪيئن رنگ رچن. سامي سُپرينءَ جي.

ايشور پراپتيءَ واسطي من جي پويترتا کي سامي لازمي مڃي ٿو: بنا پڪائيءَ پاڪُ، ڪنهين پاتو ڪينڪي.

وري صلاح ڏئي ٿو:

ساڌ نه سڏائج، هيءَ تِرڪڻ تِکيري اَٿي،

هن ڀرم ڀلايا ڪيترا، سو پِنڊُ سرون لاهج،

سمجهي تون سامي چئي، منهن مڙَهيءَ پائج،

لوڪ نه لَکائج، ته واقف ٿئين ورونهن جو.

 

يعني ايشور سان ملڻ کان پوءِ به ان جو ڏيکاءُ يا پڌرائي ڪرڻ ٺيڪ ناهي.....

سچن ڀڳتن کي تيرٿ ڪرڻ جي به ضرورت نٿي رهي، ڇو ته:

من مَٿُرا، دل دوارڪا، ڪايا منجهه ڪاشِي،

چيتن وسي چتَ ۾، الک اِبناسي.

تنهن ڪري-

سامي سدائين رهن، ڀاڻي منجهه ڀنا،

جيئن هاٿي مڪنا، جهولن مڌ (؟مد)- مستيءَ ۾.

ان کان سواءِ، سنسڪرت ساهٽنيه ۾ ڪوُين جن کي سچن پريميُن جا آدرش نمونا ڪري ساراهيو آهي، تن جو به سامي سچن ڀڳتن جي مثال طور ذڪر ڪري ٿو.

پَلڪ نه ٿئي پَرِي، نيهِي نارائڻ کون،
 من ۾ چَندرَ- چَڪورَ جان، درسن ڌيان ڌَري،
ڀنؤرو رهي نه واس ري، جل ري مين مري،
سامي لڏي لري، جڏي پوي بُند پَپيهه کي.
يا

راتيون ڏينهن جري، ٿِي برهه ڪارڻ پيءُ جي،

جيئن ڪارڻ سويت جي، سپ وِرلاپ ڪري...

(ڇو ته اهڙي بوند ئي سپ ۾ پرويش ڪري، موتي بڻجي ڄڻ سِپ جي حياتي سڦل بڻائيندي آهي.

يا

ڀاڳوتي ڀڳت، پاسي ٿين نه پيءَ کون،

سهجي جن جي ستگروءَ، ڪَٽي سڀ ڪلپت،

سندا رهُن سامِي چئي، جاڳرت ۾ سُکپت،

گورک، نارد، دَتَ، ساک ڏني سُکديوَ جي.

هن پوئين سلوڪ ۾ جاگرت ۽ سکپت ذريعي بِرهدارڻيڪ توڙي مانڊوڪَيه وغيره مکيه اپنشدن ۾، ۽ پوءِ  ويدانت، يوگ شاستر (=جوڳ) نارد جي ڀڳتي- سُوتر،  ڀاڳَوت پراڻ، گورکناٿ جي ناٿ پنٿ وغيره ۾ تفصليوار بيان ڪيل آتما جي چئن اوسڙائن مان ٻن جا نالا ساميءَ ٻڌايا آهن. ٻئي هنڌ انهن چئني جو بيان به ڪيو اٿس:

جاڳرت ۾ جوئي، سڀني ۾ سوئي اچي،

سُمهي سکپت ۾ ڪري آنند اُهو ئي،

تُريا سان تدُروپ ٿي ٿو ساکَ ڏئي سوئي،

آتم اهو ئي، جو چئني کي چيتن ڪري.

جاڳرت، جنهن ۾ ٻاهر نظر ايندڙ دنيا جو هوش ۽ ڌيان مکيه روپ ۾ رهي ٿو. سپنو ڏسڻ واري حالت ۾ جيو من جي گهڙيل دنيا جو انڀو ڪري ٿو سکپت يعني (س- سشپتَ) گهريءَ ننڊ ۾ آتما صرف پنهنجي هستيءَ جو سک ماڻي ٿي ۽ تُريا يعني چوٿينءَ ارسٿا ۾ مڪت ساکيسروپ کي وري هڪوار پراپت ڪري ٿي.....

14) مٿي ڏنل سلوڪن ۾ ويدانت کانسواءِ ڪن ٻين متن يا پَنٿن جو به ذڪر ڪيل آهي. تِن مان يوگ- ساڌنا جو هڪ خاص مارڳ هٺ يوگيا تَنتر نالي سان مشهور آهي. ان مطابق انساني سرير ۾ پراڻ شڪتيءَ جاست مرڪز (= چڪر) آهن؛ تن مان گُديا نزديڪ موجود پهرئين مُولاڌار چڪر۾ آتمڪ شڪتي گول گول وِڪوڙيل نانگڻ (=ڪنڊَلِني) جي روپ ۾ عام طرح ستل رهي ٿي. هٺ يوگ جا قسمين قسمين آسڻ (=وِهڪ جا طريقا (Postures)، مدرائون (=سرير جي عضون جون بيهڪون= Positions يا يوگڪ ڪِريائون)، پراڻايل (ساهه تي ضابطو)، وغيره ساڌن ذريعي ان ڪنڊلني شڪتيءَ کي جاڳائي ان کي مٿي اُڀرڻ جو موقعو ڏيڻ گهرجي. ائين ٿيڻ تي اها نِهائيِنءَ، دُنَ، هِردي، نِڙِيءَ ۽ ڀرُن جي وچ واري نرڙ جي حصي ۾ مڃيل مرڪزن کي پار ڪندي، آخر ڪاپار ۾ مڃيل هزار پنکڙين واري ڪمل جي وچون وچ، بَرهَمَرَ نڌرَ نالي سوراخ رستي ٻاهر نڪري، سِڌِي وڃي شِو يعني شُد- آتما/ پرماتما سان هڪ ٿئي ٿو. اهو ئي جيو کي سنسار مان مڪتي ڏيارڻ جو اُپاءُ آهي. سامي اِن سِڌيءَ جو بيان هڪ تشبيهه ذريعي ڏئي ٿو:

ڌرتي چڙهي آڪاس تي، کُليو دَسمو دوارُ،

اچي جاڳيو پاڻ هِي، لونءَ لونءَ اونڪار،

ساکي سرجڻ- هار سامي ڏسي سڀ ۾.

لڳي ٿو ته ساميءَ کي هٺ يوگ واري ماڳ لاءِ چڱي خاصي عزت هئي. تڏهن ته چوي ٿو:

سونِٽي هنَيس سَمَ جي ڪنهن جوڳيسَرَ جَڳِي (مايا کي)

*

جاڳي شِوَ شڪتي، ڏِٺو پاڻ جهلن ۾،

۽

ثابت رهي سڀاو ۾، ڪو جوڳيسر جڳتي. وغيره

15] ان کان سواءِ شري ڪرشڻ جي ڀَڳوَت گِيتا (23:2-24) جي ڇاپ به ساميءَ جي هيٺين سلوڪن ۾ صاف نظر اچي ٿي:

نڪي جيءَ مري، نڪي اچي گرڀ ۾،

نڪي ٻُڏي جل ۾، نڪي اگن جري.

۽

ڇيديو ڀيديو نه وڃي، پون نه سُڪائي،

جل نه ٻوڙي، ڌرتي نه دَٻي، اگن نه جلائي،

نڪي ڪال کائي، سامي پرڪاسي (=روشن ڪري) سڀ کي.

جاچنائون (Observations=):

ساميءَ جي سلوڪن ۾ سڌيءَ طرح تمثيلن ۾ مبهم نموني ٽِڙيل پکڙيل فيلسوفاڻن ويچارن کي ميڙي چُونڊي چِٽو سمجهائي مسلسل نموني پيش ڪندڙ ۽ انهن مان هر هڪ جي آڳاٽي اصل نسل جيِ اوک ڊوک ڪندڙ مٿئين جائزي مان ظاهر آهي ته جيتوڻيڪ سامي ويدن جو (سچ ڪري ته اپنشدن واري ويدانت جو) ۽ ان کان به وڌيڪ شري شنڪر اچاريه جي .ڪيولادوَيت ويدانت متي جي پوئلڳ هو، تنهن هوندي به هو ان متي لاءِ ڪٽر (Fanatic=) ڪو نه هئو. ويتر ان جي ڪي. وي. متي جو، لوڪ ۾ رائج ٿيل ڀڳتي، هٺ- يوگ، سک پنٿ جهڙن ٻين ماڳن سان ميلُ ڪرائڻ جِي هو ڪوشش ڪري ٿو.

اهڙي ڪوشش البت ساراهه جوڳي مڃي سگهجي ٿي. مگر ان جي ڪري سڌانت جي سطح تي ساميءَ جي فيلسو ۾ اختلاف خاصي (Contradictions/Discrepancies) نظر اچن ٿا. ان ڪري، جو منطق جي لحاظ کان پريم ۽ ديا جهڙن گُڻن جو آڌار سَگڻ ايشور جهان جِي آخرين سچائي ٿي نٿو سگهي، ۽ جي کڻي ان کي ائين مڃجي به، ته پوءِ هيءَ دنيا ڪوڙي ڪلپت راند وغيره نه ليکبي، ڇو ته ايشور کي سچو برَهم تت مڃيندڙ ويدانتي آچارَين ان جي خلق به سچي ئي مڃي آهي....

هونئن به شنڪر اچاريه پٽاندر جنهن مايا کي ساميءَ مهل ڇل وغيره چئي پئي ننديو آهي، تنهن بابت چِنتَڪ فيلسوفن جي گرنٿن ۾ گهڻائي سوال پئي اٿاريا ويا آهن.

(i) جڏهن شروع ۾ فقط جيوتي  سروپ هڪ هيڪڙو نِرگڻ برهم ئي هئو، ته پوءِ نانگ نوڙيءَ وغيره جهڙو ڀرم پهريون ڀيرو ڪهڙيءَ چيز جي جاءِ تي ۽ ڪنهن جي اندر پيدا ٿيو ڇو پيدا ٿيو؟

(ii) ڇا مايا سچ پچ هڪ بنهه ڪوڙي هستي آهي؟ جي ها، ته پوءِ منجهانئس پيدا ٿيل جهان جون وٿون ايتريون ٺوس ڪيئن ٿيون ٿين. جو ڇُهي، ڪَٽي- کائي يا ٽوڙي- جوڙي ٿيون سگهجن؟....

اهڙن انيڪ سوالن تي خوب سوچ ويچار ڪرڻ کانپوءِ ش. ۽ اُن جا پوئلڳ ان نتيجي تي پهتا هئا ته مايا سَهي جي سِڱن (=س. شَشَ- شرِنگَ) جيان بنهه اَسَتيهَ (Unreal/non existent=) ٿي نٿي سهگي. لوڪ- وهنوار جي سطح تي اها ضرور ڪنهن ننڍي وڏي سمي لاءِ هستي (Existence) ماڻي ٿي. ڇو ته، مايا سببان پيدا ٿيندڙ چيزون هرو ڀرو جادوءَ يا ٻئي ڪنهن ڀرم جي پيدائش جيان ڇُهڻ کان پري يا کن پل ۾ غائب ٿيندڙ ڪين ٿين...... ها، اهي ديرو سوير ناس اُوَس ٿي وڃن ٿيون. تنهن ڪري آخرين سچ (= پارَ مارِٿڪ سَتيَه) جي لحاظ کان چئي سگهجي ٿو ته نِتَيه شُڌ چيتن برهم کي ڇڏي باقي سارو جهانُ ۽ ان کي اُپائيندڙ مايا ڪوڙ آهن.

 اهڙن (۽ انهن کان به وڌيڪ) گوناگون سوچ-ويچارن سان ڀريا پيا آهن، ش. ۽ ان جي پوئلڳن جا اُپنسدن، بَرهم- سُوترن توڙي ڀڳوَت گيتا تي لکيل اڪيچار گرنٿ، مگر سامي انهن مسئلن بابت خاموش آهي! ڇو؟ ڇا هُن اِنهن گرنٿن جو تفصيلوار اڀياس ڪين ڪيو هئو؟ ڪوئي شايد چوي ٿو ته سامي واد ووادن/بحث مباحثن ۾ ڦاسجي مُنجَهڻ ۾ مُنجهائڻ نه چاهيندو هوندو. هُن پاڻ اڳيان صرف هڪ مقصد رکيو هوندو، ته دنياداريءَ جي ڪوڙ ڪَپتَ ۾ کُتل ۽ ٻين کي دکي ڪري پاڻ به دکي ٿيندڙ عام ماڻهن کي ان گپ چڪ مان ٻاهر ڪڍان. مگر نيتي يا موهه جي تياڳ جو سِڌو سنواٽو اُپديش ڪِن وِرلن تي ئي گهربل اثر ڇڏيندو آهي.

اِن ڪري ساميءَ اُهو اپديش ڪي. وي. متي جي مرڪزي ويچار ڌارا (يعني مايا واَدَ جون سَوَلوين تشبيهون ۽ استغارا (= روپڪ (Metaphors اپنائي، انهن کي ور ور دهرائي، سندن من تي ان جي مُهرَ پڪيءَ طرح هڻڻ جي ڪوشش ڪئي.

اِهو ئي سبب ٿي سگهي ٿو، جنهن جي ڪري اَنِروَچنيِيهَ(= بيان کان پري) چئي، ش. پاران ڇڏي ڏنل مايا جو به سامي ويهي بيان ڪري ٿو: ڪڏهن کيس موهڻيءَ يا جادوگرڻيءَ جي تشبيهه ٿو ڏئي، ته ڪڏهن  ٺَڳَ- ڊاڪوءَ جي، ڪڏهن کيس ڏائڻ ٿو چوي ته ڪڏهن نانگڻ، بري بلا، ڪُتي.....!

هڪ سنت جي واتاڻ اڻ- سُهڻيون لڳندڙ اهي صفتون ۽ سخن ڏيئي ڪري ساميءَ مايا طرف نفرت ۽ ان جي خلقيل جهان طرف ويراڳ جاڳائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي آهي. اهڙي ئي ڪوشش ش. جي توڙي اُن جي پوئلڳن جي نالي چڙهيل سنسڪرت جي ڪيترن لو ڪپريه گرنٿن ۾ به نمايان ٿئي ٿي. (ڏسو پڇاڙيءَ ۾ ڏنل ڪتابن جي فهرست).

 مگر ان حقيقت مان توڙي اڳ ڏنل جائزي مان متان ڪوئي اهڙا انومان ڪڍي ته:

(الف) ساميءَ سڀ ڪي سنسڪرت گرنٿن مان ئي چورائي، ان کي سنڌي جامو پهرايو آهي. يا

(ب) انهن پستڪن ۾ جيڪي ڪجهه آهي، سو سڀڪي ساميءَ اسان کي سنڌيءَ ۾ ٻڌائي ڇڏيو آهي. اُهي ٻئي انومان غلط آهن. ڇو؟ ۽ ڪيئن؟

جواب طور اچو ته پهرين انهن پستڪن جون ڪي گوناگون پر بيحد دلڪش ۽ اثردار تمثليون ڏسون:

**

پَٽُواسَن تَرَيم يعني سرير سماج ۾ شاسترن سان لاڳاپيل ٽن قسمن جا دري سنسڪار (جيڪي دنياداريءَ ۾ سڦل ٿيڻ واسطي مدد گار پر مڪتيءَ جي ڪانکيءَ لاءِ ) ڄڻ آتما جي پيرن ۾ ٻڌل لوهي زنجيرون ثابت ٿين ٿا. ڄاڻو چون ٿا ته. چون ٿا ته جيڪو اِنهن کان پاڻ ڇڏائي سگهيو، سو ئي مڪت ٿيندو.

**

هت سنسرتي يعني سنسار يا جنم مرڻ جي سلسلي کي هڪ وڻ ليکيو ويو آهي، جنهن جو ٻج آهي، اوِديا روپي اندڪار (=س. تَمَس)، ان ٻج مان پهرين ڦٽندڙ سَلو آهي، اَوِوِيڪ يعني سرير جو آتما سان انڀيد مڃڻ واري ڪُٻُڌي. ان جا پَنَ آهن، اِندرين کي وڻندڙ وِشَين لاءِ اڀرندڙ اِڇائون (= س. راڳ)، اڳين جنمن جا ڪرم هت پاڻيءَ جو ڪم ڪن ٿا، جيئن  ان وڻ جي واڌ ڙئي.

انساني سرير اُن پاڻيءَ ڪري خاص واڌ ڪندڙ ٿُڙُ بڻجي ٿو، جنهن مان ڦُٽن ٿيون پنجن پراڻن (= پراڻ، اَپانَ، ويانَ، سَمانُ، اُدانَ نالي ساهه جي پنجن شڪيتن) روپي ٽاريون ۽ انهن ٽارُين جون آخري چهنبيون يعني اندريون، اِندرُين جي وشين کي ان سنسار، روپي وڻ جا گل ليکيو ويو آهي ۽ جدا جدا ڪرمن (= پاڻيءَ) سببان پيدا ٿيندڙ قسمين قسمين دُکن کي ان وڻ جو ڦل. اهڙي ڦل جو کائيندڙ پکي آهي فرد جي آتما.

اوِديا سببان شروع ٿيندڙ جنم- مرڻ (=سنسار)  بابت ڪيوَلادوِيت ويدانت جي متي سان تز ٺهڪندڙ انيڪ استعارا (=روپڪ) ڏيئي ڪيڏو نه سهڻو بيان ڪيو آهي، هن هڪ ئي سلوڪ ۾! (البت، هت اوِديا کي ڪوڙِ يا انروَچني بيهَ هستي چوڻ بجاءِ ٻج نالي حقيقي وٿ سان ان جو اڀيد مڇيو ويو آهي!)

ممڪن آهي ته ساميءَ به اِهي گرنٿ پنهنجي گروءَ جي ڪرپا توڙي  مدد سان پڙهيا هجن.مگر جيئن ڪي. وي. فيلسوفيءَ جي، تيئن ئي ٻوليءَ ۽ تمثيلن جي چونڊ ۾ به هو پيچيدگي ٽارڻ جو قائل ٿو ڏسجي. تڏهن ته ساڳين ويدانتي پستڪن ۾ جيڪي سهج سلوڻيون تمثيلون آهن، تن کي گلن جيان جهٽ چونڊي سنڌي جامو پهرائي، هن پنهنجي گلدستي ۾ لڳائي ڇڏيو آهي.

مثلاً:

اوِديا مَن رچي سا ويڙهي ويئي جِيءَ کي،

جيئن ڏانوَرُ تار ۾، مري پان پچي.

ڏانَورَ يعني ڪوريئڙي جو، پنهنجي ئي رچيل تارُن جي ڄار  ۾ اُلجهي، ڦاسجي پوَڻَ،-اهو هر هنڌ نمايان نظارو هڪ عام فهم تمثيل طور ڪي. وي. جي پستڪن ۾ عام رائج هئو.... ساڳي ڳالهه آتما جي اڳيان بابت هيٺينءَ تمثيل سان به لاڳو آهي:

اڻ- هوندي ڀولي، وڌو جيءُ ڀرم ۾،

جيئن کستوري مِرگهه ۾، مرگهُه ٻاهر ڦولي،

اوِديا- پَٽُ کولي، سامي ڏسي ڪِين ڪِي.

سنسار ۾ رهي ڪري به ان جي پراڻين يا چيزن ۾ موهه ممت نه رکڻ،- ان لاءِ آڪاش جي تشبيهه ڪي. وي. توڙي ساميءَ ۾ مٿي ڏٺيسين. اُهو ئي سنديش ڏيندڙ ٻيو مشهور مثال سنسڪرت گرنٿن ۾ ڪمل جي گل جو آهي. سامي به چوي ٿو:

(محبتي مستان)، رهن منجهه جهان، سدا اليپ ڪنول جان.

يا

ليپ نه لڳي تِن کي، جيئن جل رهن ڪنولَ.

هيءَ مانُک ديهي انيڪ (84 لک) جوڻيون ڪاٽي چڙهڻ کان پوءِ پچاڙيءَ ۾ ملي ٿي، ان لاءِ ته پرماتما کي ڄاڻي سڃاڻي ۽ ان جي آراڌنا ڪري جيو مڪت ٿئي. پر اُن بجاءِ دنيا جي لوڀ موهه ۾ اٽڪي پوڻ مورکتا آهي. اهو ويچار سامي هيٺين تمثيلن ذريعي سمجهائي ٿو:

.ڀارِ ڀؤ ساگرُ، ٿو لهرون ماري لوڀ جون.

*

پنهنجي پاڻ پِٽي، مورک پاڙ مرم ري،

مانُک ديهه امولَ کي، ٿو ساگر منجهه سَٽي،

وٺي ڪَڇُ مَٽي، ڏيئي لعل اڻملها.

*

پاڻيءَ منجهه مري، مين پياسي پاڻ هي،

ڀرم منجهه ڀلي ڪري، دهه دِسِ گمنِ ڪري،

بنا پريم پَري، سامي ڄاڻي سِيرَ کي.

خود پرماتما  جي کوج ۾ اجائي ڀاسي ٿي، ڇو ته هو ٻاهر ڪٿي ملڻو ناهي، هو ته جيو آتما سان جُڙيل ئي رهي ٿو: ڪي. وي. ويدانت جو اهو ڳوڙهو گيان سامي چرچي جي نوع ۾، ڪئين مثال ڏيئي ڪري. سهڻي نموني سمجهائي ٿو:

 

حيرت ۽ هاسو، اچي هڪ اچرج تي،

سا ئِي ڦولهي آتما، کنڊکي پتاسو،

ڳهڻو ڍُونڍي سونَ کي، مِٽيءَ کي ڪاسو،

پاڻِي پِياسو، سامي رهي نِت نيرَ جو.

جيئن گهڻو خود سونَ جو ٺهيل ۽ ان ڪري اُن سان تدروپ ٿئي ٿو، سوئي ناتو جِيوَ ۽ ايشور جي  وچ ۾ آهي. اهڙو اشارو هن مان هر سمجهوءَ کي ملي وڃي ٿو.

وِراٽ پرماتما اسان اڀيد رکندڙ آتما کي ڪُوڙ ڪوڙ ۾ محدودگيءَ جو احساس ڪرائڻُ مايا جو کيل آهي. اِن محدودگيءَ توڙي ڀيدَ جي احساس کي سَنڌو چوندڙ ساميءَ جو سلوڪ آهي:

سارو جڳ انڌو، ٿيو مايا جي موهه ۾،

وِجهي ويٺا پاڻ کي، بنا سمجَهه سَنڌو.

پر ساڳئي ويدانتي ويچار کي وڌيڪ سهڻو تمثيلي جامو به ساميءَ پهرايو آهي:

جيءَ ڪيا سڀ جيرِ مايا موهي مَتِ سان،

نَچائي ناچوءَ جان، پائي پرڇن ڇيرِ.

يا

جيئن باندرُ بازيگر جي، هٿ ۾ نِتِ نچي.

مايا کي ننڊ يا سپني جيان ڀلائيندڙ/ ڀولي ۾ وِجهندڙ اسٿتي ڪوٺڻ وارا هيءُ سلوڪ ڏسو:

 

ڀرمَ منجهه ڀُلي، مورک ڦولهي آتما،

ٻارو وڃائي ننُڊ ۾، جيئن در در نارِ رُلي.

يا

مايا ڀلايو، سامي جيءُ سروپَ کون،

جيئن ناريءَ ننڊ ۾، ٻالڪُ وڃايو.

يا

بِنا گياتِ گيانُ، ڪنهين پاتو ڪين ڪي،

جيئن سڃو سپني ۾، سامي ٿيو سلطان.

پر اهو آتمڪ گيان رڳو ڪتاب پڙهڻ سان ڪِين ايندو.

سامي چوي ٿو:

ڪَنزَ قدُوري قافيا، جي پڙهي پَرُوڙِن سڀ،

ته منڊي ماڪوڙِي کوهه ۾، پيئي ڪَڇي اُڀ.

ساميءَ جون ٻنيون ڪي تمثيلون به قابل داد آهن. جيئن ته:

مايا مٺائي، کائِي جيءَ خوار ٿيا،

کنيو وَتَن خوش ٿي، خواريءَ جِي کاِري.

يا

سامي هنُيس سچ جو، ڪَنهن نيهيءَ ڪَرَ- نيجو،

وري جنهن ويجهو، ڏِٺو اَنڀَئي آتما.

وغيره.

ساميءَ جي سلوڪن جي اٿاهه ساگر مان هن ليک ۾ صرف نموني طور ڪي مثال ڏييئي مون اِهو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ته ڪيئن هُن هندستان جي اعليٰ قديمي فيلسوفيءَ جا خاص خاص نقطا سؤليءَ سليس لڳندڙ عبارت سان سينگاري، سنڌي سماج اڳيان پيش ڪيا آهن، جيئن عام ماڻهو به اهي ڳوڙها ويچار سمجهي سگهي، ياد رکي سگهي ۽ هنڊائڻ جي ڪوشش ڪري سگهي.

مکيه اُپيوگي ڪتاب:

ساميءَ جا سلوڪ، پروفيسر ڀوڄراج ناگراڻي، دهلي، 1955ع.

ساميءَ جي سلوڪن جا ٻيا نسخا (Editions).

اٺ ميکه اپنشد، انهن تي توڙي برهم سوتر ۽ ڀڳوت گيتا تي شري شنڪر اچاريه جا ڀاشيه، وِويڪ چوڙامڻي، آتم ٻوڌ، اُپديش ساهَسري، شَتَ- شلوڪي، ويدانت- پَنچدَشي، ويدانت سار، ولڀ ۽ ٻين اچارَين جون رچنائون وغيره

SAMI: Prof Kalyan Adwani, Bombay1953.

History of sindhi Literature, L.H. Ajwani.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com