سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري

باب: --

صفحو :30

 

شيام جي غزل ۾ حقيقت نگاريءَ سان گڏوگڏ انسان دوستي، بي تعصبي، امن ۽ محبت جا اعليٰ قدر موجود آهن. هن وٽ جنگ کان نفرت جا جذبا تمام چٽا ۽ پڌرا آهن. هن وٽ مقدس گنگا به جي بستيون اُجاڙي ٿي ته اها پاڻ مقدس نه آهي.

 

جا اٿل کائي ڪري بستيون اجاڙ،

پل هجي گنگا جي ڌارا، ڇا ٿيو؟

 

هن وٽ مذهب جو مثبت ڪردار ساراهيل آهي، ته ان جي منفي ڪردار لاءِ ڌڪار:

 

دين ڪن لاءِ امن جو پيغام،

ڪن ڏنو جنگ کي ئي دين قرار.

خون ۾ ڪفنايل هيءُ لاش،

مذهب ۾ دفنائڻ ڪاڻ.

 

هن جو موت کان پوءِ حياتيءَ جي باري ۾ چٽو ۽ پختو رايو آهي، ۽ اهو حقيقت پسنديءَ وارو آهي:

 

سرڳ ۽ نرڳ مئن جي جاءِ،

دنيا هيءَ ئي جيئرن لاءِ.

جيئري سک جي گهڙي غنيمت ڄاڻ!

موت کان پوءِ اٽل خوشي ڇاهي!

 

هن وٽ ڀٽڪڻ جو به هڪ شاعراڻو تصور آهي:

 

ڪوئي سک جي خاطر ڀٽڪي،

۽ ڪو ڀٽڪڻ ۾ سک ماڻي.

 

شيام غزل جي رمزيت ۽ اهڃاڻن کي ڪتب آڻيندي، مذهبي پيشوا جي باري ۾ ڪهڙيءَ نه سهڻيءَ ريت رايو ڏنو آهي:

 

واعظ جو عمامو خوب،

جوڳيءَ تي ڀي ڏس ته جڙاءُ!

 

هن وٽ ماڻهو محبت لائق آهي، چاهي ڪٿان جو به هجي. هو بين الاقوامي ڀائپيءَ جو قائل آهي:

 

ڳوٺ ڳوٺ منهنجو ئي ڳوٺ،

ماڻهو ماڻهو منهنجو ڀاءُ.

 

ڏيئي جي اهڃاڻ ۽ مسجد ۽ مڙهيءَ جي اهڃاڻ کي ڪتب آڻي شيام ڪهڙو نه حقيقت پسنديءَ وارو ۽ سوز گذار سان ڀريل شعر چيو آهي:

 

ٻري مسجد ۾ ۽ مڙهيءَ ۾ ڏيو،

پر نه ڌرمن جو انڌڪارو ويو.

گرچه هي مسجدون مندر ٿيا آثار قديم،

نئين تعمير جي ڪا پيڙهه ٻڌايو ته سهي.

 

شيام ان مسئلي تي سنڌ جي صوفين وارو ئي فيصلو ڏئي ٿو:

 

آخري منزل آهي ڪفر،

پهريون ڏاڪو هو ايمان.

 

نرگن واد، ويدانت، تصوف ۽ سنڌي ڪلاسيڪي صوفياڻي شاعريءَ جي اونهي اڀياس سبب، شيام جي شاعريءَ ۾ انهن سڀني ڌارائن جو سهڻو ۽ وڌندڙ ميلاپ آهي:

 

تو لئه ڳوليم پئي آڪاس،

ڀن مان آيو تنهنجو واس.

 

شيام ترقي پسند به آهي، ته حقيقت پسند به. ڪٿي ڪٿي سندس شاعريءَ ۾ صوفياڻي رومانيت جهلڪي ٿي، پر تنهن هوندي به سندس شاعري سڀني مفروضن کان آجي، سائنسي حقيقتن جي ترجمان ۽ سماجي انصاف ۽ انقلاب جي آئينه دار آهي. شيام جي شاعريءَ ۾ ڪٿي به سستي  نعري بازي ۽ هلڪڙائپ نظر نه ايندي (سواءِ ماڪ ڦڙا ۾ ايڪڙ ٻيڪر اوائلي نطمن ۽ غزلن جي). انقلاب سان سندس ناتو اونهو، گنڀير ۽ مستقل آهي.

شيام جي غزلن ۾ خاص طور تي ۽ سڄيءَ شاعريءَ ۾ عام طور، رواني ۽ سلاست موجود آهي، ۽ ان سان  گڏ موسيقيت نغمگي ۽ ردم توڙي اچارن جي لئه  جو هلڪو ۽ وڻندڙ تاثر ملي ٿو:

 

نچڻيون کنوڻيون سهڻيون پو به،

گهورڻ کيٽ اباڻي بات.

واري واري، چوڌاري واري، چوڌاري واري،

رن اُٿئو، ڪنهن ڊوڙي  ڦان ٿي پاڻيءَ لاءِ پڪاريو.

 

شيام جي شاعريءَ ۾ توازن آهي. هن وٽ ردم اهڙو هلڪو آهي، جو ڪنن کي وڻي ٿو. هن جو ردم اهڙو زورائتو به نه آهي. جو پڙهندڙ يا ٻڌندڙ اکرن ۾ اڙجي پوي ۽ شعر جي معنوي اونهائيءَ تائين پهچي نه سگهي. ردم شاعريءَ جو زيور آهي. شاعريءَ جي سونهن وڌائڻ لاءِ، ان جي سونهن کي ڍڪڻ يا over shadow ڪرڻ لاءِ نه آهي.

اسان جي دور جا ڪيترائي شاعر، لفظي ردم جي لاءِ زورائتا ۽ ڦاٽندڙ ۽ گونجندڙ اُچار ڪتب آڻي. وقتي واهه واهه ته حاصل ڪن ٿا، پر ٻڌندڙن ۽ پڙهندڙن جو ذهن ان ڦاٽندڙ ۽ گونجندڙ ردم ۾ اٽڪي پوي ٿو، ۽ شعر جي اونهائيءَ (اهڙن شعرن  ۽ اونهائي ٿئي به ڪانه، پر جي هجي تڏهن به ) تائين پهچي نٿو سگهي. شاعريءَ جو اصل مقصد آهي ڪو نياپو، ڪو سنيهو، ڪو خيال، ڪو عڪس، ڪو جذبو پڙهندڙ جي ذهن ۾ منتقل ڪرڻ، نه ان جي ذهن کي اُچارن جي ڪاڪ محل ۾ ڀٽڪائڻ يا لفظن جي جادوگريءَ ۾ منجهائڻ، شيام جي شاعريءَ ۾، سندس هر شعر ۾، ڪجهه نه ڪجهه ڏيڻ لاءِ هوندو آهي. جيڪو هو پڙهندڙ کي ڏاڍي سولائيءَ ۽ سيبتائيءَ سان ڏيئي سگهندو آهي. هو نه پنهنجي ڏات جو غلط استعمال ٿو ڪري، نه پنهنجي ڏانوَ جو. هن وٽ ٻنهي جو خوبصورت ۽ وڻندڙ توازن آهي.

هڪ خط ۾ هو لکي ٿو: ها اهو ٻڌائينم ته تو کي تجنيس حرفيءَ (alliteration) جو ايڏو خفت ڇو آهي؟ ان تجنيس جي ڪري شعر ۾ ميٺاج برابر وڌي ٿو، پر حد کان گهڻي ميٺاج جو ذائقو مٺو نه پر ڪؤڙو ٿيندو آهي، اها خبر اٿيئي.*

شيام جي لفظي ترنم مان ئي معنوي ترنم نسري ٿو، ائين جيئن ٻج مان سلو نسرندوآهي:

 

ٽاريءَ تي گل، گل تي شبنم۽ شبنم تي چانڊوڪي،

ياد ڪندس پيو عمر سموري رات اها ڪالهوڪي.

 

پڙهڻ ۾ سليس، روان- جي بيهڪ جون نشانيون نه ڏجن، ته به شيام جو مٿيون شعر (۽ ذري گهٽ هر شعر) پڙهندڙ کي پاڻ ٻڌائي ٿو ته پڙهڻ وقت ڪٿي ۽ ڪيتري ساهه کڻي:

 

جوڀن ۽ روپ ساڻ امنگ انگ  انگ ۾،

من ۾ نچي امنگ نچي من امنگ ۾.

 

شيام سچل سرمست جي ٽيڪنڪ (جنهن موجب هن غزل کي ڪافيءَ جي موسيقيت سان هم آهنگ ڪيو، ۽ ان کي بيدل، نانڪ  يوسف، خير محمد هيسباڻيءَ اڳتي  وڌايو) تي هڪ لاجواب غزل لکيو آهي. اهو غزل گهاڙيٽي جي لحاظ کان غزل آهي، موسيقيت يا ردم جي لحاظ کان ڪافي:

 

هڪ ئي اشارو پائي، ڪل ڪائنات چمڪي،

نوري نگاهه پوندي کن ۾ حيات چمڪي.

آواز رنگ لاتو، ورتي خيال صورت،

ڏاتر جي ڏات چمڪي، شاعر  جي تات چمڪي.


شيام جي غزلن جي هڪ ٻي خوبي آهي تغزل. تغزل غزل  جي خوبي نه. پر لوازمو يا ضرورت آهي. تغزل کان سواءِ غزل لکڻ اجايو آهي، جنهن غزل ۾ تغزل ناهي اهو غزل نه آهي. تغزل لاءِ ئي هن صنف کي ايجاد ڪيو ويو آهي. پر تغزل ڇا آهي، ان جون ڪي ئي وصفون (
definitions) گهڙيون ويون آهن. ڪنهن زندگيءَ (Life) جي وصف ڪندي اهو چيو هئو ته اسان سڀني کي خبر آهي ته زندگي ڇا آهي؟ جيستائين اسان ان جي وصف ڪرڻ شروع ٿا ڪريون.

سو تغزل به ائين آهي. اسان سڀني کي اها خبر آهي ته تغزل ڇا آهي. پر جڏهن ان جي وصف ڪرڻ شروع ٿا ڪريون ته ان منجهيل سُٽ جا ڇيڙا هٿ ئي نٿا اچن.

مختصر طور، تغزل آهي ٿوري ۾ گهڻو چوڻ، جنهن ۾ ڪا رمز هجي، ڪو اشارو هجي، ڪو اهڃاڻ هجي. شيام جي غزلن ۾ اهو تغزل هر جاءِ تي نظر  ايندو. شايد ان تغزل جي ڪري ئي شيام غزل کي  پنهنجي مرغوب صنف بنائي آهي. شيام جي غزلن ۾ ته تغزل آهي ئي، پر ان تغزل کي هن ٻين صنفن ۾ به ڪتب آندو آهي. هتي رڳو سندس غزل ۾ تغزل جي نمونن جا مثال ڏبا:

 

ديد جون دعوتون ازل لاڪون،

پوءِ به اڃ تائين نيڻ نيرانا.

 

سورج مکي بڻجي تو سونهري ڪيو هر ڏينهن،

رات جي راڻي ٿي، هر رات به مهڪائي.

 

ڀانءِ هڪ مرڪندڙ پريشاني،

هيءَ اسان جي حيات ڀي ڇاهي.

 

مرڪي ڪنهن کڙڪي کولي،

شيام کليو اڄ ڪنهن جو ڀاڳ؟

 

راحت ڏئي نه هميشه راحت،

ڪڏهين غم به ضرورت آهي.

 

زندگي مسئلا هزار مگر،

مرڪ تنهنجي سڀن جو حل آهي.

 

ڪيڏي ڪومل مورت نڪتي،

پٿر جي دل ڪاڏي ويئي.

 

موت مفت ۾ ٿيو بدنام،

جنهن کي ماريو، ماريو حيات.

 

ڪوئل ڪاري ڪارا نيڻ،

نگر نگر ڄڻ مٺڙي لات.

 

ڪامل نه گناهن ۾ نه نقويٰ ۾ مڪمل،

افسوس ملي پشت نه شيطان نه خدا جي.

 

دل کي آهي دليل پنهنجا ئي،

عقل کي جن جي ڄاڻ ئي ناهي.

 

رستي تان نه کڻي ڪلهه ان کي شيام تراشين ها،

دنيا اڄ هئن ڪيئن ڪري ها پٿر جي پوڄا.

 

هيءَ دنيا جهڙي ڀي آهي،

پوءِ به جاءِ جيئڻ جي آهي.

 

ڦولن سان سينگاريل نڪتين،

گهر ۾ واس اڃا ڀي آهي.

 

آئي آهي بهارجي موسم سوچين ويٺوائن ڇاڇا،

ڪوئل لنوندي، انب جهليندا ٻور. اسان کان پڇڻ سواءِ.

 

ڪوئي پروانو رولاڪ بنجي نه ها،

جيڪڏهن شمع ٿئي ها نه ائين چلولي.

 

نقش تنهنجو ته نه هيئن اڀري ها،

دوست منهنجي پس منظر ڌاران.

 

ور ور سونهن لياڪا پاتا،

سائي وڻ تان پڻ پکي آيو لهي.

 

دير تائين سمنڊ ڏسندي جيئن ٿڪس، ٻوٽيم اکيون.

منهنجي اندر ۾ اٿيون لهرون ڪٿان هي اڻ لکيون.

 

سُڌنه آهي ڪير پاڙي ۾ اچي آهي رهيو،

صحن ۾ ڪونڊيون اٿس موتئي ۽ تسليءَ جون رکيون.

 

ياد لڙڪن جو ڪري هڪ هڪ ڦڙو.

ڪيئن وساريان شيام ٽهڪن جو شمار.

 

روشنيءَ سان ٻڪ مليو ڀرجي مون کي،

هٿ کڻي اڀ ڏانهن ٻاڏائي ڏٺم.

 

رات ڪاٽي اسان ٻنهي جاڳي،

نيٺ ڪنهن ڪنهن جي ننڊ چورائي!

 

مسڪرائڻ هي، موڪلائڻ وقت!

ڀانءِ وڇڙڻ جي پڻ خوشي آهي!

 

منهنجي گهر به اهي ئي تارا،

منهنجو اڱڻ جن چمڪايو پئي.

 

لفظن ۾ نه هئو ڪو مطلب،

خاموشيءَ ڀي رمز رکي پئي.

 

تو ڇني قول ڪيو هئن پن پن،

ان منجهان ڪهڙو ڀلا ڦل نڪتو.

 

ڀرم هيم ته وساري ڇڏيو اٿائين مون کي،

مليو ته پاڻ جيان کيس برقرار ڏٺم.

 

غزل ڌاري صنف آهي. سنڌيءَ جي غزل جي اوائلي شاعرن ان کي سنڌيءَ ۾ آئي، ان کي سنڌي ماحول سان پيش ڪيو. گل، قاسم ۽ فاضل تائين هيءَ صنف سنڌيءَ ۾ اوپري نه پئي لڳي. حافظ، حامد ۽ سانگيءَ تائين غزل صاف سٿرو رهيو. اڳتي هلي، هن صديءَ جي ٽئين، چوٿين ۽ پنجين ڏهاڪي ۾ غزل ۾ ايراني ماحول، تشبيهون، تلميحون ۽ استعارا ٺونسيا ويا، ۽ هيءَ صنف سنڌ جي ماڻهن لاءِ اوپري ٿي پيئي. شيخ اياز، شيام، دلگير، نياز، گدائيءَ ۽ شيخ راز انهن اوائلي شاعرن مان آهن، جن هن صنف کي نه فقط موٽائي سنڌ جي ڌرتيءَ  ۽ ماحول ڏي آندو، پر ان کي جديد دور جي ضرورتن موجب بدلائي نئون موڙ ڏنو.ان ڏس ۾ شيخ اياز ڪيترائي غزل لکيا، جن کي هن پاڻ گيڙو ويس غزل سڏيو.

نارايڻ شيما جي هڪ به غزل ۾ اوپرو ماحول نه ٿو ملي. هن جي ذري گهٽ هر غزل جو ماحول سنڌي آهي. ڪٿي ڪٿي دهليءَ جي شهر جا نظارا آهن، جيڪو پڻ شيام جو پنهنجو مشاهدو آهي. پر شيام، غزل جهڙيءَ ڌاري صنف ۾، سنڌي لوڪ ڪهاڻين جا ڪردار، سنڌ متعلق پراڻين يادگيرين جا عڪس اهڙيءَ ته فنڪاريءَ سان آندا آهن. جو غزل جو روايتي تغزل به نه ٿو زخمي ٿئي ۽ شيام پنهنجو اظهار به ڪري ٿو وڃي، حالانڪ ان دور  ۾، جڏهن شيام جي شاعري نسري هئي، ته سنڌي غزل جو رنگ ڍنگ ايراني هو.

شيام، غزل کي سنڌي ماحول ڏي موٽائڻ ۽ ان کي جديد تقاضائن جي لائق بنائڻ واري  تجربي ۾ پنهنجي سڀني همعصرن کان اڳڀرو آهي. ان ڪري جو هن ان تجربي ۾ غزل جي سڀني لوازمن کي قائم رکيو آهي نه فقط قائم رکيو آهي پر انهن ۾ وڌيڪ سونهن پيدا ڪئي اٿائين. شيام جو اهو ڪمال رڳو غزل تائين محدود نه آهي. هائيڪو، ترائيل، سانيٽ، آزاد نظم، رباعي، جيڪا به صنف هجي، هن ان جي سڀني فني لوازمن ۽ ضرورتن جو اونهو مطالعو  ڪري، ان کي سنڌي ويس ڍڪائي، ان کي اجاريو ۽ پنهنجو ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح، جو هڪ طرف ان ۾ ڪابه فني ڪوتاهي نه رهي، ته ٻئي طرف سنڌيءَ ۾ اها صنف اوپري به لڳي.

شيام جي غزلن جي هيٺين شعرن ۾ سنڌ جي يادن جا عڪس آهن. چٽا، صاف، ۽ جذبن سان ڀريل:

 

الا هي صاف اڀ، اڌ رات جي خاموش چانڊوڪي،

جو ڏسندو هوس نوشهري ۾ هيءُ ئي ماهتاب آهي!

 

رسالو شاهه جو جيئن شيام مان کڻي ويٺس.

ڪيو هو پهه ڪو پتنگن اچي ڪريان ٿي بتيءَ تان.

 

الا ائين نه ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي،

ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.

 

ٿر جون ڀٽون پري، ۽ پري سنڌ جون ڀٽون،

اڄ پاڻ وٽ ڪو شاهه نه ڪا مارئي ڏسان.

 

وطن ڇڏڻ وقت مون ٿي سمجهيو ڪندو نه ڀلجي ڪو ياد ليڪن

اياز، احسان، راز پارا ڪي قرب وار اڃا به آهن.

 

گنگا جمنا امرت امرت،

ليڪن ٿڃ ته سنڌو آهي.

 

ننڍپڻ ۾  شيام گهاريم جي ڪلفٽن جي بيچ تي،

اڄ به نئن پر شور اوڀاريون ۽ لهواريون گهڙيون.

 

شيام، لڙاٽيل لهرن خاطر،

سنڌو تانگهي سمجهي ويئي.

 

هي ته هئا ڪجهه عڪس يادن جا، سنڌ جي يادين جا جيڪي سدائين شيام جي لاشعور ۽ شعور ۾ روشن آهن. سنڌ جون نيم تاريخي لوڪ ڪهاڻيون ۽ انهن جا سورما ۽ سورميون به شيام جي لاشعور ۾ سمايل آهن، ۽ هنڌين ماڳين سندس شاعريءَ ۾ اٻڙڪو ڏيئي نڪرن ٿا. غزل هجي، هائيڪو هجي، نظم هجي، شيام ان کي ضرور سنڌي ويس پهرائين ٿو، سنڌي نيم تاريخي لوڪ ڪهاڻين جي ٽاڻن، ماڳن ۽ ڪردارن کي ضرور ان ۾ آڻي ٿو، انهن سڀني ڪهاڻين ۽ ڪردارن مان البت مومل راڻي سان شيام کي گهڻي رغيب آهي:

 

ڪاڪ ٻهڪي ٿي، هئي جيسين ڪنواري مومل،

هيءَ راڻي جي وني ٿي، ته هو ويراني ٿيو.

 

ڪاڪ جي ڪپ تي ڪمل ڪومل، ڪمل بدني ڪنوار،

گل ڪماڻا، لڱ وساڻا، آءُ ته پرچون پاڻ ۾.

 

ڪاڪ جي ماڙي رات نه چمڪي.

مومل ويٺي شمعون ٻاري.

 

چانڊوڪيءَ کي ڀاڪر پائي،

سونهن ستل هئي ڪاڪ ڪناري.

 

چهرو چنڊ، چڪور نگاهون،

مومل ور جي واٽ نهاري.

 

مومل مومل سٽ منجهايو،

ڪو ڪو راڻو جنهن سمجهايو.

 

ڏاڪڻ ڪا نه ڏسڻ ۾ آئي،

ماڙيءَ تي ڪنهن مومل ماڻي.

 

شيام مومل راڻي جي ڪهاڻيءَ جي ماڳن ۽ ٽاڻن مان اهي نڪتا نروارڪيا آهن ۽ تغزل جا اهي نمونا پيش ڪيا آهن. جيڪي فارسيءَ ۽ اردوءَ جا شعر ليليٰ مجنون، شيرين فرهاد، بهزاد ماني ۽ ٻين قصن مان آڻيندا هئا. شيام سنڌي تلميحن کي غزل ۾ اهڙيءَ ريت سجايو آهي، جو ائين پيو ڀانئجي ته غزل آهي ئي سنڌيءَ جي صنف.

مومل راڻي جي داستان کان سواءِ، شيام سسئي پنهون، سورٺ راءِ ڏياچ ۽ عمر مارئيءَ جي داستانن کي به ساڳيءَ ئي فنڪاريءَ سان عزل ۾ آندو آهي.

 

اُس جي قيمت پڇ سسئيءَ کان،

جنهن کي رات رڻن ۾ پيئي.

 

قصو قديم  آهي هي سهڻيءَ جو شيام پر،

ڄاڻي ٿي دل ته ڪوئي ٻڏو ڪيئن ۽ ڪيئن تريو.

نينهن ڪرائي ننڊ ابد جي،

سبورٺ سر ۾ ڏيئي لولي.

 

ٿر جون ڀٽون پري ۽ پري سنڌ جون ڀٽون.

اڄ پاڻ وٽ ڪو شاهه نه ڪا مارئي ڏسان.

 

پياس ٻڏڻ سان ڪين ڪي لهندي،

سهڻيءَ کي ڪنهن سمجهايو پئي.

 

شيام جو هيٺيون سڄو غزل. سنڌي لوڪ ڪهاڻين جي ماحول ۾ تغزل جو سهڻو موقعو آهي:

 

حسن ته ڪوئل جادو آهي،

جادو تنهنجي ڪو ڪو آهي.

 

ڪنڌ مٿي نرگس نه کنيو ڇو،

پنهنجي اک جو جادو آهي.

 

چيٽ ٻپهري هير ڏکڻ جي،

ڦهلي  سوني خوشبو آهي.

 

ويراني ڪنڊيءَ تي ڳڀيرو،

مان آهيان هو هُو هوُ آهي.

 

ٻي ڪا آهي دل جي ٻولي،

هندي ناهه نه اردو آهي.

 

گنگا جمنا امرت امرت،

ليڪن ٿڃ ته سنڌو آهي.

 

شيام هڪ خط ۾ لکي ٿو: اسان جي لوڪ پريه گيتن جي پس  منظر ۾ اسان جون لوڪ پريه ڪهاڻيون ئي رهنديون. ٿورو ڌيان ڏيندين ته ڏسندين ته مسلمانن جي اٺن صدين جي حڪومت بعد به اسان جي لوڪ گيتن ۾ ليليٰ مجبون، شيرين فرهاد جهڙيون آکاڻيون پنهنجي لاءِ قابل غور جڳهه وٺي نه سگهيون آهن. ساڳئي وقت  رام ۽ ڪرشن جون ليلائون به ڪا جاءِ والاري نه سگهيون آهن. (ڪونج، نارائڻ شيام نمبر- بمبئي 1966ع، صفحو 29.)

شيام جي شاعريءَ جي گهاڙيٽن ۾، غزل گهڻا آهن ۽ اهي غزل صاف سلوڻيءَ سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ لکيل آهن. شيام هندستان ۾ رهندي. ٻين سنڌي شاعرن ۽ ادبين وانگر هنديءَ جو اثر قبول نه ڪيو آهي. سندس سنڌي اهڙي صاف آهي، جو سنڌ ۾ رهندڙ شاعر به نٿا لکن. هن جي غزل ۾ نواڻ آهي، کوجنا آهي. جديد پيچيده زندگيءَ جا عڪس آهن. هن صديءَ جا مسئلا آهن سنڌي ماحول آهي. هن وٽ لفظي ردم آهي. پر هلڪو- اهڙو جو پڙهندڙ جو ذهن ان ۾ اٽڪي ته پوي ۽ اصل خيال ڏي راعت ٿئي. هن جي غزلن  ۾ نغمگيءَ ۽ فڪر جو توازن آهي.

شيام جا اڪثر غزل غير مردف آهن، هن فقط اوائلي دور جي غزلن ۾ رديف استعمال ڪيوآهي ۽ اڳتي هلي بنا رديف جي غزل لکيا اٿائين. ان ڪري، جو رديف خيال کي محدود ڪري شاعري کي لفاظيءَ ۽ قافيه پيمائيءَ تي مجبور ٿو ڪري. بنا رديف واري غزل ۾ شاعر کي نسبتاً وڌيڪ آزادي ٿي ملي.

شيام جي غزلن جي اڀياس مان لڳي ٿو ته شيام اسان جي دؤر جي غزل چوندڙ شاعرن جي صف اول جو شاعر آهي. هن غزل جي سڀني فني ضرورتن ۽ لوازمن کي قائم رکندي، ان جي ٻوليءَ، ماحول، تلميحن تشبيهن ۽ استعارن کي مقامي رنگ ڏنو آهي ۽ اُهو به اهڙيءَ فنڪاريءَ سان، جو هن صنف جو اصلي روح به قائم رهي. ۽ سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ اها اوپري به محسوس نه ٿئي.

شيام جي ٽئين مجموعي روشن ڇانورو ۾ دوها ۽ سورٺا آهن ته ان ۾ دوهن ۽ سورٺن سان گڏ بيت پڻ آهن. دوهو ۽ سورٺو، ڪلاسيڪي هندي شاعريءَ جي ٻه سٽي صنف آهي، ۽ نيت سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي. شيام وٽ آهي ٽيئي صنفون پنهنجي ڪلاسيڪي رچاءَ سان موجود آهن. انهن قديم صنفن ۾ پڻ شيام جديد دؤر جي تقاضائن کي شامل ڪيو آهي:

 

کيڏان اُسڙي ڇانوڙي! ڪير پيهندو جنڊ،

ڪير ٿَڦيندو روٽلا، هي تارا ايا چنڊ؟

 

چتيون لڳل رنگين ڪيڏيون اُن تي آس جون،

هيءَ دل آهي ڪي ڪا گودڙي فقير جي!

 

جذبن جي کوجنا- ۽ نواڻ- انوکا عڪس شيام جي هر صنف ۾ موجود آهن:

 

سندر ڪو نه وڌيڪ ڏسجي ڄڃ ۾ ڪنوار کان،

چنڊ ٻيج جو ليڪ ته به ڪو تارا مٽ پون!

 

مٺ ڀيڙي گهارڻ ڪلي ڪنجوسن جي ڪار،

رنگ ماڻ، سرهاڻ ڏي، گل ٿي. جڳ ۾ گهار!

 

ماڪ ڀنا رابيل ۾، شيام هڪ انوکو تجربو ڪيو آهي. هن مسلسل  دوها ۽ سورٺا لکيا آهن، جيڪي نظم جي صورت ۾ آهن. انهن نظمن ۾ موضوع ۽ مرڪزي خيال شروع کان آخر تائين ساڳيو آهي پر ۽ ماترائن ۽ قافيي جي لحاظ کان دوها ۽ سورٺا آهن. شيام انهن نظمن کي عنوان به ڏنا آهن:

رات. ڀيڄ ڀني، مرڪ  ڀري مورٺ مٺي، وغيره.

شيام جا ڪي دوها، سورٺا بيت هائيڪو رنگ آهن، انهن ۾ هائيڪو وانگر تصويرون آهن:

 

پٿر ڪرندي ڍنڍ ۾ جيئن ٿيو آواز،

پر تي بيٺل وڻ منجهان پکيءَ ڪيو پرواز.

 

ڀت تان چاپوڙا لٿل، در جا شيشا چور،

سج پچائي پور، خالي هاڻ مڪان ۾.

 

گلي ملي طوفان ۾، ڊوڙي رک رک ساڻ،

قبرستان مساڻ، مريڪا پئي پاٻوهه مان.

 

او سنگيت سڄاڻ ٻڌ، او سنگيت سڄاڻ،

ڏيڏر ڪوئل ساڻ، شرط رکي ڳائي پيو.

 

ايڏي ڦهلي روشني، اُس ٿي ايڏي سخت،

پنهنجي ڇانو درخت ويو سميٽي پاڻ ۾.

 

ان دقيانوسي صنف ۾، شيام پيار ۽بي تعصبيءَ سان ڀريل جذبا پيش ڪيا آهن، جيڪو موضوع  شاعريءَ لاءِ ته پراڻو آهي، پر شيام وٽ نت نئون ٿو لڳي:

 

ڏسيو هزارن رهبرن، هڪ ئي راهگذار،

رستا هيئن هزارَ هڪڙيءَ گمراهيءَ ڪڍيا.

 

شيام جي شاعري گهڻي قدر تجرباتي آهي، هن هر صنف ۾ موضوعن جا تجربا ڪيا آهن. هو سنڌي شاعريءَ ۾ ترائيل جو بنياد وجهندڙ آهي. شيام کان سواءِ هري دلگير ۽ هريڪانت به ڪامياب ترائيل لکيا آهن. اڄڪلهه سنڌ توڙي هند ۾، هيءَ فرانسيسي گهاڙيٽو نوجوان شاعرن جو مقبول گهاڙيٽو ٿي پيو آهي. اٺن سٽن جو هيءَ گهاڙيٽو وراڻيءَ جي ڪري مترنم ۽ اثرائتو ٿي پيو آهي. روشن ڇانوري جو پهريون ئي ترائيل سنڌجي محبت سان پريل آهي:

 

سنڌ کي ڪو نه ڇڏائي ڪو سگهي سنڌين کان.
سنڌ سنڌين ۾ وسي،سنڌ هتي سنڌ هُتي.
ملڪ بڻجي ٿو مٽيءَ سان نه مگر ماڻهن سان،
سنڌ کي ڪو نه ڇڏائي ڪو سگهي سنڌين کان.

 

ترائيل جهڙي اوپري صنف به شيام وٽ ڄڻ مقامي آهي. ڪير چوندو ته هيٺيان به ترائيل هن ماحول ۽ هن  مٽيءَ جا به آهن:

 

ڦاڳ آيو. ڳاءِ هوليون، رنگ سان هولي رچاءِ،
آهي هر موسم کي پنهنجو راڳ ۽ پنهنجي ورنهن،
جئن جڏهن جيڪو ملي سو تيئن ، تڏهن موقعو مناءِ.
ڦاڳ آيو، ڳاءِ هوليون رنگ سان هولي رچاءِ.

 

مٿئين  ترائيل ۾ ڦاڳ، هولي. رنگ فرانس سان دور جو واسطو به نه ٿا رکن. ڪهڙيءَ  نه فنڪاريءَءِ سان شيام هن ڌاريءَ صنف کي سنڌيءَ ۾ ڦٻائي ويو آهي!

هڪ ٻيو ترائيل:

 

جهلمل ڪندڙ حسين ستارن جي ميڙ ڏي.
ڏسندي مٿي تان ڪنهن جي  رئو ئي ڪري پيو.
نالو نکٽ نکٽ جو ٻڌي شوق مان تڪي،
جهلمل ڪندڙ حسين ستارن جي ميڙ ڏي،
اڀ ڏانهن هيءَ ڏسي ۽ ڪو ڏانهس پيو ڏسي،
نظرن کي سڪ ۽ سونهن جو مرڪز ملي ويو،
جهلمل ڪندڙ حسين ستارن جي ميڙ ڏي،
ڏسندي مٿي تان ڪنهن جي رئو ئي ڪري پيو

 

مٿيون ترائيل سڄو ڏنو اٿم. جو ان ۾ سڄو ڪمال پهرين ٻن سٽن ۾ آهي. مٿي کان رئوڪرڻ رڳو مشرقي. خاص ڪري سنڌي سماج جي تصوير آهي. ۽ هن ترائيل ۾ شيام هائيڪو رنگ ڀريو آهي. شيام وٽ تجربن، ۽ ڪامياب تجربن، جي کوٽ ڪانهي. فرانسيسي ترائيل جهڙي  اوپري ۽ سنڌيءَ ۾ تازي آيل گهاڙيٽي ۾ جپاني هائيڪو جو تاثر پيدا ڪرڻ. ۽ انهن ٻنهي فرانسيسي گهاڙيٽي ۽ جپاني تاثر کي نجي سنڌي عڪس، مٿي تان رئو ڪرڻ، ۾ سمائڻ، منهنجي خيال ۾ ته شاعريءَ جي فن جو ڪمال آهي. شيام جي شاعراڻيءَ عظمت جي ثبوت لاءِ هڪڙو هيءَ ترائيل ئي ڪافي آهي. جنهن ۾ هن ٽن ملڪن جي شاعراڻن ڌارائن جو حسين سنگم پيش ڪيو آهي. ۽ اهو به اهڙيءَ طرح جو ڌارين ڌارائن جي ڌار ئي هجڻ جو احساس ئي نه ٿو ٿئي.

شيام جي شاعريءَ جو اڀياس ڪندي لڳي ٿو ته غزل کان پوءِ شيام جو ٻيو نمبر مرغوب گهاڙيٽو هائيڪو آهي. ڇو ته تصويرون جي عنوان هيٺ. شيام جي لکيل هائيڪن کان سواءِ شيام جي شاعريءَ جي ذري گهٽ هر گهاڙيٽي ۾، هائيڪو جو  تصور ملي ٿو. بيت هجي، وائي هجي، غزل هجي، ترائيل هجي، دوهو سورٺو هجي سڀني گھاڙيٽن ۾ شيام ڪٿي نه ڪٿي هائيڪو جا اشارا (touches) ڏنا آهن.

ماڪ ڀنا رابيل ۾ شيام پنهنجي هائيڪن کي تصويرون سڏيو آهي. هائيڪو آهن به تصويرون. جيڪي تانگ گهراڻي جي تصويرن وانگر حال کي ڀرڻ کان سواءِ ئي ڀرين ٿيون.

هائيڪو شاعريءَ جي فن ۽ تاريخ تي مون ٻه مضمون لکيا آهن. *ان ڪري انهيءَ جي فني ضرورتن کي هتي نه ٿو ورجايان. پر اهو چوڻ ضروري ٿو سمجهان ته پهرين شيام ۽ پوءِ شيخ اياز اهڙا سنڌي شاعر آهن، جيڪي هن جپاني گهاڙيٽي  جي اونهائيءَ تائين پهچي سگهيا آهن، سنڌيءَ ۾ اهڙا هائيڪو تخليق ڪيا اٿائون جيڪي ان جي اصلي روح  کي قائم رکيو اچن. مختصرطور. هائيڪو هڪ عڪس آهي. جذبي سان ڀريل عڪس، اهو معروضي عڪس آهي. جيڪو ڪنهن وٽ (object) کي وقت ۽ ماڳ (Time and space) ۾ متعين ٿو ڪري، ۽ ان ۾ موسم (season) جو عنصر ضروري آهي. ان جو گهاڙيٽو آهي 5، 7، 5 اچار، پهرينءَ ۽ پوئينءَ سٽ جو قافيو ساڳيو هوندو آهي.

 

شيام جا هائيڪو ڏسو، ۽ پڙهو:

تارا سهس هزار.

 

هو ماناري تي ماکيون.

ٽپڪي روشن لار.

 

ڏيئي ڪنڌ کي ٻانهن،

کٽ تي ليٽي پئي تڪيئه.

رات ستارن ڏانهن،

 

موڪل  واري ڏينهن،

چائنٺ تي بيٺس اچي،

اڄ به اچي پيو مينهن.

 

پوپٽڙا رنگين.

ٻار ته گڏجي ماءُ سان.

هاڻي هلندا ڪين.

 

ساز رکيل ڀت ساڻ،

بند اکيون چپ ڳائڻو،

راڳن ساڻ رهاڻ.

 

سينور چڙهيل تلاءُ.

ڏيڏر ٽپ ڏنو مگر،

لهرن جو نه لکاءُ.

 

هي ڇر.سر ۽ ڪانهن،

ڪيئن ڇڪجي آيس هتي.

ويس پئي ڪيڏانهن.

 

ماءُ ڏنس پئي مار،

پوءِ به چنبڙي ماءُ کي.

سڏ ڪيو پئي جو ٻار.

 

ڍنڍ ڪنارين ڪنگ،

ڪاغذ تي اونڌا سوان.

ٻار لکيا پئي انگ.

 

گليءَ گليءَ ۾ شور.

اونهاري جون موڪلون.

ٻار لغڙ ۽ ڏور.

 

در کڙڪايو واءُ،

کوليم پر ڪنهن کي کلي.

چوان ته اندر آء!

 

پڪڙيم پئي پوپٽ،

سهڻي سهڻي ڦول کي،

ائين لڳي ويو جهٽ.

 

ڪانوَن جي ڪان ڪان،

نوريئڙو چچري وئي،

موٽر تيزيءَ سان.

 

پٽ تي ٿيو ڦهڪو،

ڇت تان هڪ ڪرڙي ڪري.

هانوَ اندر دهڪو.

 

گندو نالو. بوءِ،

بيٺل پاڻيءَ ۾ بکي،

سج جي روشن روءِ.

 

چوڏس چانڊاڻو،

اڳيان رسالو شاهه جو،

سر مومل راڻو.

 

سنجها جي ٽاڻي،

مرڪي پڇڻ لڳي. ڀلا،

بتي رکان آڻي!

 

هيڏا اسريا گاهه،

راڻي ڌاران ڪاڪ جي.

ڪير لتاڙي راهه.

 

ريڊيو، سنڌي راڳ،

چانهه پيالي چپن تي،

نيڻين ننڊ نه جاڳ.

 

ڪوئل جي ڪونجار.

دونهون جيسٽ جهاز جو

هيءَ جمنا جي ڌار.

 

هنن هائيڪن ۾. سنڌي ماحول سمايل آهي، راڻي ۽ ڪاڪ جو ذڪر آهي. چانڊاڻ ۾ شاهه جو رسالو کليو پيو آهي، ڪٿي جديد  زندگيءَ جا عڪس آهن: جيٽ جهاز، ريڊيو تي سنڌي راڳ ۽ چپن تي چانهه پيالي.

ڪن جپاني هائيڪن کي شيام اهڙيءَ فنڪاريءَ سان سنڌيءَ ۾ سمايو آهي، جو اُهي جپاني ئي نٿا لڳن، جيئن باشوءَ جو سنواريل تلاءُ وارو هائيڪو. شيام جي هائيڪن کي پڙهي ان نتيجي تي پهچجي ٿو ته ٻولي لاءِ ڪا به صنف اوپري نه آهي. رڳو ان کي شيام جهڙن شاعرن جي فنڪاراڻي ڇهاءَ جي ضرورت آهي. هائيڪو جي گهاڙيٽي ۾ به شيام جي تخليق ۽ کوجنا، مشاهدو. سڀ چوٽي آهن. مار کائيندڙ ٻار جو ماءُ کي چنبڙي سڏڪڻ، اونهاري جي موڪلن جي ٻارن جو لغڙن  تي شور ڪرڻ، گندي نالي جي مٿاڇري تي سج جي  روشن روءِ ظاهر ٿيڻ. موٽر جو نوريئڙي کي چچرڻ تي ڪانون جي ڪان ڪان، اهي  سڀ ماڳ ۽ ٽاڻا شاعريءَ لاءِ انوکا، نوان ۽ جديد آهن.

وائيءَ جي ڪلاسيڪي صنف کي سنڌيءَ ۾ ٻيهر رائج ڪرڻ ۾ شيخ اياز، نارائڻ شيام ۽ بردي سنڌيءَ جون ڪوششون شامل آهن. شروعات شيخ اياز ڪئي، هو اڃا تائين وائي سان نباهيندو اچي. نارائڻ ۾ شيام جون وايون اٿاهه ترنم ۽ روانيءَ جون حامل آهن. هن وراڻيءَ واريءَ سٽ جي زورائتي اثر کان ڪم ورتو آهي.جيڪو وائيءَ جي گهاڙيٽي جي فن جو ٽيڪنيڪي راز آهي. ورجا واري سٽ بار بار اچي مرڪزي خيال کي وڌيڪ اثرائتو ٿي بنائي. ڪافيءَ جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ، سنڌيءَ جي ڪلاسيڪي شاعرن وائيءَ کي وساري ڇڏيو.هن دور ۾ اياز، شيام ۽ بردي ان کي ٻيهر جياريو ۽ اڄڪلهه اهو نوجوان شاعرن جو مقبول گهاڙيٽو ٿي پيو آهي.

نارائڻ شيام جون وايون جيڪي ماڪ ڀنا رابيل ۾ شامل آهن، اُهي روايتي سنڌي لوڪ ڪهاڻين تي مشتمل آهن. جيئن:

 

نکري پيو آڪاس، راڻو آيو ڪاڪ تي.

پر اهڙين واين ۾ شيام روايتي رنگ ۾ پڻ نواڻ پيدا ڪئي آهي:

 

مٺڙي مٺڙي مرڪ فضا جي،

سرهو سرهو سواس

راتو آيو ڪاڪ تي.

سج جون سونيون باکون جهلڪن.

سون ورن احساس.

راڻو آيو ڪاڪ تي.

 

هڪ ٻي وائي به مومل راڻي جي موضوع تي آهي. مومل راڻي جو موضوع شيام جي پسند جو موضوع آهي. ۽ هر پنهنجي گهاڙيٽي- غزل، بيت، رباعي، هائيڪو، وائيءَ ۽ نظم ۾ شيام ان کي آندو آهي:

 

تنهنجو ناتو راڻا،

مومل لئه سمجهاڻي.

ڀونئر ڀنڀوليا جن تي.

سي ته ڪنور ڪوماڻا.

مومل لئه سمجهاڻي.

 

اهو ته ٿيو روايتي  رنگ. هيءَ دقيانوسي ۽ آثار قديم جي صنف، جنهن کي پوءِ ايندڙ ڪلاسيڪي شاعرن ماريل سمجهي ڇڏي ڏنو هئو. ان ۾ شيام ڪيتريون نه کوجنائون ڪيون آهن ۽ ان ۾ ڪهڙا نه نوان تجربا ڪري نوان رنگ ڀريا اٿائين:

 

ڪوئل جي  ڪونجار، مون نه جوانيءَ ۾ لکي،

پوپٽ نچندا ئي رهيا.

رنگ رتي جهنڪار، مون نه جوانيءَ ۾ لکي

وڻج نِجو ئي نور جو،

تارن جي بازار، مون نه جوانيءَ ۾ لکي.

 

هن وائيءَ ۾ رنگ رتي جهنڪار ۾ موسيقي ۽ رنگ رلمل آهن، ته تارن جي بازار ۾ نواڻ آهي. جيڪا وائيءَ جي گهاڙيٽي لاءِ نئين آهي.

هي ٻي وائي

ٽانڊاڻي جي لاٽ، رات انڌاري پنڌ گهڻو.

هڪ وک کڻندي روشني. ٻي وک کڻندي ٻاٽ.

ٽانڊاڻي جي لاٽ رت انڌاري پنڌ گهڻو.

ڪنهن ڪنهن مهل هتان هتان، رکي رکي چمڪاٽ،

ٽانڊاڻي جي لاٽ، رات انڌاري پنڌ گهڻو.

بوند بوند هيءَ روشني، اوندهه نجي اساٽ،

ٽانڊاڻي جي لاٽ. رات انڌاري پنڌ گهڻو.

 

هن وائيءَکي پڙهي، لڳي ٿو ته شيامهائيڪو رنگ وائي لکي آهي.ڪنهن ڪنهن محل هتان هتان، رکي رکي چمڪاٽ هائيڪو جو رنگ آهي. جيڪو  شيام هن وائيءَ ۾ آندو آهي. پر ان هائيڪو رنگ آڻڻ جي باوجود شيام وائيءَ جي گهاڙيٽي ۽ مزاج جون سڀ فني ضرورتون پوريون ڪيون آهن:

 

جرڪي پيئي  جوءِ، چيٽ جي سونيءَ اُس ۾،

سنڀران ڪو نه ته اڳ ٽڙيا، مگرا ههڙيءَ روءِ،

چيٽ جي سونيءَ اُس ۾.

گونجي پريان مڙهيءَ منجهان، صاف سڱيءَ جي هوءِ،

چيٽ جي سونيءَ اُس ۾.

ان وائيءَ جي چيٽ جي سونيءَ اُس ۽ مڙهيءَ منجها سڱيءَ جي هوءِ روايتي سنڌي شاعريءَ مان کنيل عڪس آهن. پر انهن کي آڻڻ جو انداز (treatment) اهڙو استاداڻو (masterly) آهي، جو اهي موضوع ۽ اهي عڪس نت نوان ٿا لڳن. جيئن فرينچ شاعر ڪاشو چيو آهي: ڪا عام شيءِ کڻو، ان کي چمڪائي. جرڪائي پيش ڪيو. اها ئي شاعريءَ آهي. شيام سنڌي روايتن کي اهڙيءَ ئي طرح واقعي ڪيڏو نه چمڪايو ۽ جرڪايو آهي!

پنکڙيونکان پوءِ رباعيون رڳو شيام جي هن مجموعي (ماڪ ڀنا رابيل) ۾ آهن. رباعي جي ٺيٺ فارسيءَ گهاڙيٽي ۾ بيت جي موضوع کي سمائڻ، اهو به ڪمال فن ڪاريءَ سان اهو شيام جهڙي شاعري جو ئي ڪم آهي.

 

سپرين جو نيٺ هو اچڻ جا اقرار،

ڇا ماکيءَ ميٺ هو اچڻ جو اقرار،

 

آسرونديون اکيون تڪن ساري رات،

هن تاري، هن هيٺ، هو اچڻ جو اقرا.

 

هن رباعيءَ ۾، شاهه لطيف جي سر کنڀات واري بيت هن تاري، هن هيٺ، هت منهنجا سپرين جو ماحول آهي.پر نيٺ سنڌي بيت کي رباعيءَ ۾ آڻڻ شيام جو ئي فن آهي.

اهو ته ٿيو بيت رباعيءَ ۾ هاڻي رباعيءَ ۾ هائيڪو ڏسو:

خاموش فضا ۽ شام ڌنڌلي ڌنڌلي،
سُڌ ناهه ته ڪنهن مهل ويم ننڊ کڄي،
آڌيءَ وڳڙي اکيون کليون جيئن منهنجون،
ڇانيل اڌ هنڌ تي هئي چانڊوڪي.

 

ائين چئبو ته هيءُ چئن سٽن جو هائيڪو آهي (اڄڪلهه جديد نقاد انجيل ۽ هيمنگويءَ ۾ به هائيڪو ڳولهي ٿا لهن).

هي رباعيون پڙهو. رباعي فارسي گهاڙيٽو آهي. ان ۾ سنڌي لوڪ ڪهاڻين جا ڪردار ڪهڙيءَ نه فنڪاريءَ سان آندل آهن، جو ڀانئجي ٿو ته هي گهاڙيٽو فارسي نه پر سنڌي آهي:

 

اوٺي اوٺي هوريان هوريان اٺ ڪاهه،

هونگاريندي ڳالهه نه هيءَ دل تان لاهه.

تنهنجي اٺ تي ساهه سريکو سپرين،

منهنجي دل تي بار وڇوڙي جو آهه.

 

بڻجي هر ڪا نار نه مومل پوندي،

هر موسم ۾ لات نه ڪوئل لوندي،

راڻا پنهنجي هوڏ نه ڇڏ پر دنيا،

تو کي صدين بعد به پاڳل چوندي.

 

سهڻي سهڻي هئي ته بس ميهر لئه.

هن جو دريا تي ٻڏڻ ترڻ هو ور لئه،

ڪنهن جو چنڊ چاندني ڪنهن جي ٿي،

ڪارو ڪارو ڪلنڪ سهڻي گهر لئه.

 

مٿين  رباعين ۾ شيام سنڌي ماحول آڻڻ سان نه فقط رباعيءَ جي گهاڙيٽي پر ان جي روح کي پڻ قائم رکيو آهي. هر رباعيءَ ۾، هڪ انوکو ۽ اونهو نڪتو آهي Climax آهي، جيڪا هن گهاڙيٽي جي جان آهي.

هيٺين رباعين ۾ جذبن، عڪسن، ۽ ٽاڻن جون اهي کوجنائون آهن، جيڪي شيام جي شاعريءَ ۾ هنڌين ماڳين موجود آهن.

 

ليڙن ۾ جوانيءَ جي اچڻ تي ڦٿڪي،

پوتيءَ جو پلئه سيني ڍڪڻ لاءِ ڇڪي،

جيئن آهه ڀري ڦاٽي تهائين چولي،

ڍڪجي ٿي غريبي نه جواني ٿي لڪي.

 

هيءَ رباعي آهي گهاڙيٽي ۽ ٽيڪنڪ جي لحاظ کان، پر جديد ترقي پسند سوچ جو هڪ نادر نمونو آهي. عڪس آهي، چرندڙ پرندڙ عڪس آهي. هن ۾ انسان دوستي ۽ سماجي انصاف جي لاءِ پڪار آهي. دقيانوسي، روايتي ۽ اونداهي گهاڙيٽيءَ ۾ وچ جو چمڪاٽ آهي.

هيٺئينءَ رباعيءَ ۾ ڪهڙو نه چٽو، سهڻو ۽ چرندڙ عڪس آهي. جيڪو رومانوي جذبي سان ڀريل آهي: اهو به رباعيءَ ۾ هائيڪو  جو ميلاپ آهي. پر ان ۾ مقامي ماحول آهي. رباعي،فارسي، هائيڪو جپاني، ۽ ماحول هندستاني!

 

سانجهن ويلي گانءِ، ڏڌي پئي راڌا.
روپا ڪرڻا ٿڻن منجهان پئي نڪتا،
چونئريءَ مان پيس هارجي سڀ چانڊوڪي،
ٻڌندي ئي الاپ مٺا مرليءَ جا.

 

هن رباعيءَ ۾ موسيقيءَ جي تشبيهه ڏني ويئي آهي. اها تشبيهه اهو ئي ڏيئي سگهندو. جنهن کي موسيقيءَ جو سٺو ذوق هوندو، ۽ ڄاڻ هوندي:

 

مان ڪالهه ويس پور پچائيندو پئي،

سامهون تو سڏيو اوچتو اچي رستي تي،

ڦيرائي ڇڏيئه سلسلو ويچارن جو،

ڪو ڳائڻو جيئن مينڍ ڏئي سر بدلي.

 

پنکڙيون کان وٺي.ماڪ ڀنا رابيل تائين، نارائڻ شيام رباعين ۾ تجربا ڪري. ان کي فارسي ماحول ۽ لهجي کان بلڪل ٻاهر ڪڍي، ان ۾ سنڌي لهجو ۽ ماحول سمايو آهي، ۽ پڻ ترقي پسند سوچ کي آندو آهي، ۽ ڪن ڪن رباعين ۾ هائيڪو جو عنصر پيدا ڪيو آهي.

ماڪ ڀنا رابيل جي نظمن واري حصي ۾ به اهڙا نظم ڏنا آهن، جيڪي تجرباتي آهن. ڪن نظمن جو گهاڙيٽو ماترائن موجب ائين ٿو لڳي ته سنڌي آهي، ته ان ۾ فارسي وزن فعلن فعلن فعلن-فعلن فعلن فعلن جو ردم به محسوس ٿئي ٿو. نظم خواب جو گهاڙيٽو سانيٽ (چوڏسيءَ) جو آهي. پر ان جي ٻوليءَ، رواني ۽ موسيقيت ان گهاڙيٽي جي اوپرائپ کي ڍڪي ڇڏيو آهي. نظم سک نه مليو سک پائي ترايل آهي جنهن جي موضوع، لهجي، ٻولي، موسيقيت ۽ ماحول، سڀني گڏجي ان ۾ اهڙو مقامي رنگ ڀريو آهي. جو گهاڙيٽي جي اوپري هجڻ ڏي گمان ئي نه ٿو وڃي:

 

چنڊ لئه ٻار رڙي ٻانهون مٿي ڦهلائي،

آرسي ڏيئي چون کيس ته وٺ چند اجهو،

هاءِ سنسار هتي سک نه مليو سک پائي،

نانءُ ٿيو اصل جو، هٿ آيو مگر عڪس رڳو.

 

فارسي عروض جو وزن، فرانسيسي شاعريءَ جو گهاڙيٽو ترائيل، ۽ ماحول لهجو، ٻولي ۽ موسيقيت خالص سنڌي.

نارايڻ شيام جي شاعريءَ جي اٺن ئي مجموعن جي اڀياس مان لڳي ٿو ته پهرين ماڪ ڦڙا ۾ شيام تجربا ڪيا آهن، ۽ آزاد نظم، سانيٽ، گيت، غزل لکيا آهن. اڳتي هلي روشن ڇانورو ۽ ماڪ ڀن رابيل ۾ هن دوهن، سورٺن، واين، هائيڪو، ترائيل ۽ غزل ۾ قلم آزمايو آهي، ۽ نيٺ غزل سان لئون لاتي اٿائين.

شيام جنهن به ڌاريءَ صنف کي اختيار ڪيو آهي، ته ان جي سمورين فني ضرورتن کي پروڙي، ان کي سنڌي ماحول مطابق پيش ڪيو اٿائين، ۽ ان جي اوپرائپ کي بلڪل ئي ختم ڪري ڇڏيو اٿائين. هن هر گهاڙيٽي ۾ اصليت، انفراديت ۽ تخليق کي قائم رکيو آهي. هن جي شاعريءَ  جا ماڳ، احساس، ۽ ٽاڻا ورجايل نه پر اصلي کوجنا ڪيل آهن. هن شاعريءَ ۾ ردم ۽ خيال ۾ توازن قائم رکيو آهي، ۽ لفظي ردم جي جادوگريءَ تي فڪر ۽ نياپي کي قربان نه ڪيو آهي.

هو سنڌي شاعريءَ ۾ آزاد نظم، چوڏسيءَ (Sonnet) ترائيل ۽ هائيڪو جي بنياد وجهندڙ شاعرن مان آهي، ۽ سنڌي بيت ۽ وائيءَکي ٻيهر جيارڻ ۽ ان کي جديد تقاضائن لائق بنائڻ ۾ شيخ اياز ۽ بردي سنڌيءَ سان گڏ هن جو وڏو حصو آهي.

هن جي شاعريءَ صحيح معنيٰ ۾ جديد آهي. ڇو ته غزل، هائيڪو، نظم، بيت، دوهي هر گهاڙيٽي ۾ هن اڪثر ڪري جديد پيچيده زندگيءَ جا عڪس، مسئلا ۽ احساس پيش ڪيا آهن.

شيام صحيح معنيٰ ۾ ترقي پسند ۽ محب وطن شاعر آهي. هن جي ترقي پسند نعري بازي نه آهي (سواءِ ڪن اوائلي نظمن جي). ۽ هن جي وطن دوستي سطحي نه آهي. هن جي شاعري نجي شاعري آهي. ۽ هو نجو شاعر (Pure and genuine poet) آهي.

هن هندي سنسڪرت جي ڪلاسيڪي ڌارائن، سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي صوفياڻين، روايتن، جپاني شاعريءَ جي گهاڙيٽي ۽ ان جي فني خوبين، جديد مغربي شاعريءَ جي لاڙن، ۽  ترقي پسندي ۽ وطن دوست سوچ جي ميلاپ سان، سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ اهڙي اسلوب کي تخليق ڪيو آهي، جيڪو فقط شيام جو ڪارنامو آهي. ان اسلوب کي تخليق ڪرڻ لاءِ ايترين سارين ٻولين جي اونهي اڀياس. ۽ ان سان گڏ نارايڻ شيام جي باذوق فطرت. درد مند ۽ وطن دوست دل جي ضرورت آهي، جيڪو ٻئي ڪنهن شاعر لاءِ ناممڪن آهي. ان ڪري شيام اسان جي دؤر جو مهاڪوي  آهي.

مون شيام جي ڇپيل اٺن ئي مجموعن کي آڏو رکي، هيءَ اڀياس لکينو  آهي. ماڪ ڦڙا سنه 1953ع. پنکڙيون 1955ع. رنگ تي لهر 1956ع، روشن ڇانورو 1961ع. ماڪ ڀنا رابيل 1964ع، واري ڀريو پلاند 1968، آڇيندي لڄ مران  1972ع. مهڪي ويل صبح جي 1983ع. هينئر شايع ٿيندڙ غزل جي مجموعي، نڪور غزل کي مون هن اڀياس ۾ شامل نه ڪيو آهي. ان ڪري جو مان چاهيان ٿو ته سنڌي زبان جي شاعريءَ جا چاهيندڙ شائق، سنڌيءَ جي هن انوکي شاعر ۽ڪوتا جي ڪاڪ ڌڻيءَ * جو تازو ڪلام، پاڻ بنا ڪنهن اڳواٽ مڙهيل رايي يا نتيجي جي، پڙهي ان کي ماڻن، ۽ ان مان لطف حاصل ڪن.

 

(نارائڻ شيام جي ڪتاب بوند لهرون ۽ سمنڊ جو مهاڳ)


*  ڪونج نارائڻ شيام نمبر 1966. 11. 10ع بمبئي.

*   مهراڻ ٽماهي. 1986ع ۽ 1-2-1977ع-

*  نارايڻ شيام جي هن مجموعي ۾ اهي غزل شامل آهن جيڪي هن سنه 1983ع کان سنه 986ع تائين لکيا. سنڌ ۾ انهن غزلن جو پڌرو ٿيڻ نيڪ فال آهي، جيڪو اسان جي هن درويش صفت شاعر جي سنڌ  لاءِ اٿاه محبت جي سنڌ طرفان موٽ آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com