سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري

باب: --

صفحو :32

لڇمڻ ڪومل

 

ورهاڱي بعد سنڌ ۽ هند جي شاعريءَ ۾ مختلف ڌارائون

 

ورهاڱي جي تلخ حقيقت کي ادبي اعتبار کان نظر انداز ڪري سنڌ جي سر زمين کي پنهنجي جنم ڀومي مڃي، سنڌوءَ جي وهڪري ۾ پنهنجي ٻاروتڻ واري زندگيءَ جو پرواهه پائي، هر سنڌي اديب ۽ شاعر جا احساس، جذبات کي جهنجهوڙيندا ڪيتريون منزلون ۽ فاصلا طئه ڪندا رهيا آهن.

هتي لڏي اچڻ بعد به لڳ ڀڳ هر سنڌي شاعر ۽ اديب ڪيترين اڻانگين حالتن جي باوجود انهن حالتن کان بار بار لنوائي ۽ اک بچائي، ڪنڌ ورائي ان سنڌکي ڏٺو آهي، جتي هن کي پنهنجي شعر و ادب جي وڻ جون پختيون پاڙون نظر آيون آهن ۽ ان وڻ جون رڳون- شاخون هتي ڦهلجي چوطرف پکڙجي ويون آهن.

هيءُ ئي اهو پس منظر آهي، جنهن جي آئيني ۾ سنڌيءَ شاعريءَ جي مزاج جو عڪس لاشعوري طور جهلڪندو پئي رهيو آهي. سنڌي شاعريءَ جي قداور شخصيت انهن سرحدي حدبندين کي ڀڃي ڀورا ڪري، هند ۽ سنڌ جي کليل آسماني فضائن ۾ بنا روڪ ٽوڪ  پرواز ڪيو آهي ۽ ٻنهي ملڪن ۾ تخليق ٿيندڙ سنڌي ادب جي تهذيبي ۽ ثقافتي هم- آهنگيءَ کي برقرار رکيو آهي.

ٻولي، جيڪا ادبي اظهار جو وسيلو آهي، جذبي، خيال ۽ سوچ جو اهو وهندڙ درياهه آهي، جيڪو انساني شعور کي پرواهه ڏئي ٿو. ڪنهن به تهذيب مان ان جو ادب ۽ خاص طور شاعري خارج ڪري ڇڏجي ته ان جي ايندڙ نسل جو شعور ٻڙي رهجي ويندو، هن جي دل جو داستان محض هن جي دل جو درد ئي بڻجي رهجي ويندو، هن کي اظهار لاءِ نئين سر ڪجهه ڳولهڻو پوندو ۽ پنهنجو پاڻ کي انفراديءَ طور پڻ نئين سر سڃاڻڻو پوندو ۽ حياتي هڪ پاڇي جي شڪل وٺي بي مقصد هن جو پيڇو ڪندي رهندي.

اها هڪ تواريخي حقيقت آهي ته جن قومن جو ماضي تمام شاندار رهيو آهي، انهن کي حال ۽ مستقبل ۾ ڏاڍا ڏک ڏاکڙا ڏسڻا پوندا آهن. سنڌي قوم ان جو هڪ جيئرو جاڳندو مثال آهي. اها حقيقت سنڌي قوم جي ٻين فردن جي ڀيٽ ۾ شاعرن وڌيڪ شدت سان محسوس ڪئي .

ملڪ جي ورهاڱي سان، سنڌي عوام سان گڏ سنڌي شعر و ادب جو پڻ ورهاڱو ٿيو. سنڌي شاعر اڳيان پنهنجي ماضيءَجو Vision، حال جي بي اطميناني ۽ مستقبل جا امڪان ظاهر ٿيڻ لڳا. پنهنجي وجود جي شناخت لاءِ سنڌي شاعر کي پنهنجن خيالن جي عمارت جا بنياد ڳولهڻا پيا. هنن سوچيو ته ٻاروتڻ کان ٻڍاپي تائين، ٻولي ئي اها ساٿي آهي جيڪا تا-زندگي اسان سان گڏ هلندي. ٻولي نه هوندي ته اسين گونگا هونداسين ۽ ان جي رواني ۽ لئه نه هوندي ته ٻوڙا بڻجي وينداسين. ٻوليءَ جي ان رواني ۽ لئه جي لطف ماڻڻ جي جذبي ئي سنڌي شعرکي سرحدن جي ٻنهي پاسي زنده رهڻ لاءِ آماده ڪيو.

اها حقيقت آهي ته، ٻولي پڻ اسان جي ئي هئڻسان آهي. ان جي تخليق اسان جي ئي تجربن جي حاصلات آهي ۽ اسان جا تجربا اڃا مڪمل ناهن، ڇو جو نيون سماجي ضرورتون ۽ نوان انساني تجربا پهرين ٻوليءَ ۾ ۽ پوءِ ٻوليءَ معرفت شاعريءَ ۾ اڻٽر تبديليون پيدا ڪن ٿا. اها انساني تواريخ جي هڪ مجبوري آهي. ان ڪري ڪنهن روايتي اظهار تي ئي شڪر ڪري ويهڻ نون تجربن تي اکٻوٽ ڪرڻ آهي. ان رخ ۽ رويي هيٺ روايت پرستي شعور جي بالغ ٿيڻ جي راهه ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ آهي. شاعريءَ جو ماضي به هوندو آهي، پر اهو حال جي  هٿ ۾  هٿ ڏيئي مستقبل ڏانهن قدم وڌائيندو ويندو آهي. شاعريءَ جو صحيح تصور اهو آهي ته، اسين ان جي ماضي، حال ۽ آئينده جي امڪانن کي هڪ Integerated صورت ۾ ڏسون،ڇو جو ان جا ٽيئي زمان الڳ الڳ هوندي به، هڪ ئي سلسلي جي ڪڙين جيان پاڻ ۾ ڦهڪيل آهن.

مٿئين پس منظر ۾ ورهاڱي بعد هند ۽ سنڌ جي سنڌي شاعريءَ کي پرکيو وڃي، ته واضع ٿيندو ته ورهاڱي جي شروعاتي ڪجهه سالن کي ڇڏي، ٻنهي طرفن تخليق ٿيندڙ شاعريءَ، ٻوليءَ ۽ پس منظر جي يگانگيءَ جي باوجود رخ، رويي ۽ مقصد ۾ هڪ ٻئي کان مختلف ئي رهي آهي. شروعاتي افراتفريءَ واري دؤر  ۾ هتان جي شاعر آڏو ڌنڌلڪي شام آئي ته اُتان جي شاعر شمع ٻاري. ان شمع جي روشنيءَ ۾ ٻيئي شاعر پنهنجا پنهنجا نظريا کڻي اڳتي وڌيا.

هتان جي شاعرن کي هڪ ٺهيل ٺڪيل امپورٽيڊ نظريو ملي ويو، جنهن نظريي جو نچوڙ هيءُ هئو ته:

اونداهه کي پنهنجي ڪا الڳ هستي ناهي ۽ اها فقط روشني جي غير حاضريءَ جو ٻيو نالو آهي.

ان نظريي پويان جيتوڻيڪ جذبو صادق هئو، ادبي، ديانتداري هئي ۽ احساس گهرو هئو. پر پوءِ به اهو اميدن، آرزوئن ۽ تمنائن جي بهلاءَ ۾ اچي وڃڻ وارو عمل هئو ۽ اهڙيون چهريون ڳالهيون ٻڌي ڪيترائي نووارد شاعر پنهنجا پاچا کنجي شاعريءَ جي درياهه ۾ گهڙي پيا. پر منجهائن ڪيترا ڪناري جي ترڪڻ ڏسندي ئي پويان پير ڪري، قلم ڪن تان لاهي، گهر گرهستيءَ جي ڪاروبار ۾ لڳي ويا.

اُهو ٻنهي پاسن جي شاعريءَ لاءِ هڪ امتحاني ۽ آزمائشي دؤر هئو. هند ۾ ڪرشن راهيءَ نوان نغما- نوان ساز جهڙا عنوان  سوچي جنهن وقت اهو پئي لکيو:

 

 

زندگيءَ کي اڄ ضرورت آ نئين هڪ راڳ جي،
راهگيرن کي ضرورت آ نئين هڪ ماڳ جي،

 

راڳ، جنهن ۾ سر هجي، جذبو هجي، جادو هجي
ماڳ، جنهن تي هيءَ ٿڪل جيوت اچي ڪو دم پٽي،

 

اهڙو ئي هڪ راڳ اڄ ڳائي ٻڌايون ٿا اسين،
اڄ نوان نغما نون سازن تي ڳايون ٿا اسين.

 

بلڪل انهيءَ وقت سنڌ ۾ هئيت ۽ مواد جا هي تجربا ٿي رهيا هئا:

اجنبي آءٌ گهڙي آءٌ، ٻه ٽي پل آ رات

بيهه  ولهه ۾ ته نه، تارا به ڄمي ويا ولهه ۾

آءٌ اندر ته گهڙي آءٌ

آءٌ چانئٺ ته لڙي آءٌ

ٿو ٻَري مچ هتي

اچ هتي.

سيءَ جا سور ته ڏس، رات رڳون

هاءِ! هيءَ ٻاٽ، چنڊيءَ ڄڻ ته چڳون.

هي ڦٽل  پير وري پنڌ ڪندا

تنهنجو سرڳنڌ ڪندا

هي ٽٽل هٿ هڻي هنڌ ڪندا

وقت ايندو ته ضرور

هي وري چڪناچور

ڪوڙ جو ڪنڌ ڪندا.

 -اياز

 

راهي ۽ اياز جي مٿين ٻنهي ڪويتائن ۾ ساڳيو ئي ترقي پسند جذبو آهي، پر ٻنهي ۾ فڪر ساڳيو هوندي به فن الڳ الڳ آهي، مواد ساڳيو هندي به هيئت الڳ الڳ آهي، ٻولي هڪ هوندي  به ڊڪشن الڳ الڳ آهي. وهڪرو ساڳيو هوندي به ڌارائون الڳ الڳ آهن.

هند ۽ سنڌ ۾ ترقي پسند شاعريءَ جا اهي رجحان هڪ ئي سڪي جي ٻن پاسن جيان پنهنجن پنهنجن تجربن سان گڏوگڏ پنهنجن پنهنجن رابطن سان جڙندا رهيا. هند جي شاعرن اڳيان اوائل ۾ محض بک، بيروزگاري ۽ سماجي نابرابريءَ جا سوال اُٿيا. پر جيئن ته انهن مسئلن تي هتان جي هر ٻوليءَ ۾ خاص طور سنڌيءَ جي ويجهن ٻولين، اردو ۽ هنديءَ ۾ پڻ ڪافي ڪجهه لکيو پئي ويو، ان ڪري سنڌي اديبن ۽ شاعرن لاءِ هاڻي وڌيڪ اهم مسئلو پنهنجي ٻوليءَ جي وجود جو بڻجي ويو. گڏوگڏ کين اها پڻ تسلي ٿيندي ويئي، ته اسان جي قوم هاڻي اقتصادي  طور به خوشحال ٿيندي ٿي وڃي. ان ڪري هاڻي پنهنجي ٻولي،  ادب ۽ ثقافت جي حفاظت کي پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بڻايو وڃي ۽ شيام جون هي سٽون:

 

الا! ائين نه ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي،
ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي!

 

هڪ محور بڻجي ويون، جنهن جي چؤڌاري سنڌي شاعري ڦرڻ لڳي. هند ۾ اها رڳو هڪ چڻنگ هئي، پر انهيءَ ئي وقت هوڏانهن سنڌ ۾ پورو ڀنڀٽ ٻري چڪو هئو. هتي ته فقط ٻوليءَ جي حفاظت جو سوال هئو، پر اتي ته سڄي سنڌ جي ڌرتيءَ جي بچاءَ جو سوال هئو. ون يونٽ جو راڪاس سڄي سنڌ  کي ڳهي ويو ۽ سنڌسابق صوبه سنڌ بڻجي ويئي. ايازکان انور تائين سڀ شاعر اٿي کڙا ٿيا. سڏ ۽ پڙاڏي جو سلسلو شروع ٿي ويو. سنڌ جي شاعرن آڏو مڪمل مقصد هئو، پر هتان جي شاعرن وٽ ان مقصد جي معفن حمايت هئي. سنڌ جا شاعر باهه جي وچ ۾ هئا ۽ هتان جي شاعرن کي رڳو لهس ٿي آئي. باهه جي سڙڻ ۽ ان کان لهسجڻ ۾ جيڪو فرق ٿيندو آهي. اهو ئي فرق ان دؤر جي سنڌ ۽ هند جي سڄيءَ شاعريءَ ۾ نمايان هئو.سنڌ ۾ ان دؤر جي سڄي شاعريءَ جيئي سنڌ جي سرائيءَ تي ڦرڻ لڳي:

سنڌڙي به تون، منهنجي جندڙي به تون،
منهنجي ڌرتي به، داتان به تون.

تنهنجي هستيءَ سان، جي به هاڃا ٿيا،

منهنجي گيتن ۾ گوندر گڏيندا ويا،

ٻولي به تون. منهنجي لولي به تون،

منهنجيون آهون، الاهون به تون،

سنڌڙي به تون، منهنجي جندڙي به تون.

- نياز همايوني

انهن شاعرن نه رڳو سنڌ جي دک درد جا گيت ڳايا، پر ان سان گڏ للڪار به ڪندا رهيا:

 

سنڌڙيءَ ڪارڻ سودائي ٿي، سر ڏيئي ساري ڪرڻي آهه،

سنڌڙيءَ جا سرويچ جيئن شل سنڌڙيءَ جي پت رکڻي آهه.

يا

اڄ جو نعرو سڀان جي هلچل ميڙو انت مچي ويندو،

نيٺ ته سنڌ جي ساري ٿيندي، نيٺ ته جبر جهڪي پوندو.

 

آس ۽ نراس جو اثرائتو اظهار سنڌ جي شاعرن پنهنجي نعري بازيءَ جي باوجود خوب ڪيو.

سنڌ جي شاعرن وٽ ان وقت مقصد سان گڏوگڏ چٽو ٽارگيٽ (Target)  هئو ۽ هو پنهنجي شاعريءَ جي دوناليءَ ۾ لفظن ۽ ٻوليءَ جون گوليون ڀري نشانو چٽيندا رهيا. اياز به لکيو:

 

بک بڇڙو ٽول داناءُ ديوانا ڪري،

اڄ داتا  جي دان جي ڪنهن کي ڪاڻ نه ڪا،

گوليءَ سان گهربا، ڪڻا پنهنجي ڪيچ جا.

 

يا  نياز همايونيءَ رڙ ڪئي:

 

مڪلي ٿي اڄ ڳوڙها  ڳاڙي، مياڻي ٿي فرياد ڪري،

آهي ڪو جو سنڌڙيءَ کي اڄ، سنڌڙين کان آزاد ڪري؟

**

اسان مرڻ جا ڪينڪي آهيون، ڀلي ڪريو سو ڦند کڻي،

مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون، هوشوءَ جو سوڳنڌ کڻي.

**

اسان گهڻو ئي سکي چڪاسين، هاڻي نه ڪجهه سيکاري ڪو،

وطن جي حب ايمان اسان جو، سوري ڀل سينگاري ڪو.

**

سنڌڙي تنهنجن سانگين کي جن ڏني تپائي توڻي آهه،

ساموئيءَ جو سنهن ته انهن سان هڪ  هڪاڻي ڪرڻي آهه.

**

۽ هڪ سڌو چئلينج ان دور جي شاعريءَ ۾ هن ريت اچي ٿو:

 

يا ته اسان جا سر ويندا، يا ڌاريا ٿيندا ڌوڙ هتي،

سچ جي ساک سلامت رهندي، رهڻو ناهي ڪوڙ هتي.

 

۽ آخر ۾ هڪ فيصلو آهي:

سنڌ تصور ناهي حقيقت آهي، مجاز نه ٿيڻي آهه.

ڇا به ڪري ڪو، ڪجهه به نه ٿيندو، سنڌ سلامت رهڻي آهه.

 

ساڳئي سڏ جو پڙاڏو هند ۾ به، جوش کان وڌيڪ هوش ۽ ‎ٺهراءَ سان گونجڻ لڳو- نارايڻ شيام جو هيءُ ترائيل ساڳئي شديد جذبي جو ماٺيڻو اظهار هئو:

 

سنڌ کي ڪو نه ڇڏائي ڪو سگهي سنڌين کان،
سنڌ سنڌين ۾ وسي، سنڌ هِتي سنڌ هُتي!

 

ملڪ بڻجي ٿو مٽيءَ سان نه، مگر ماڻهن سان،
سنڌ کي ڪو نه ڇڏائي ڪو سگهي سنڌين کان!

 

ڄاڻ ماڻهن جي پوري صاف سندن ٻوليءَ مان،
شيام ڳالهائجي سنڌي ٿي جتي، سنڌ اتي!

 

سنڌ کي ڪو نه ڇڏائيڪو سگهي سنڌين کان،
سنڌ سنڌين ‎ ۾ وسي،  سنڌ هِتي سنڌ هُتي!

 

يا ڪرشن راهيءَ جا بيت:

 

وطن جي لاءِ جان گهوري پوءِ به ٿوري،

سنڌين جان نه گهوري، وطن گهوري آئيا.

 

۽ ارجن شاد جو هيءُ غزل:

 

سرحد جي پار منهنجي نظر کي اُڏڻ ڏيو،

اصلي وطن جي ڀي ته زمين کي ڏسڻ ڏيو.

 

موضوع ۽ مواد ۾ هڪ جهڙائيءَ جي باوجود، ٻنهي طرفن جي شاعرن جي Approach مختلف رهي، ڇو جو ٻوليءَ جي حفاظت  جو مسئلو ٻنهي طرفن جي شاعرن لاءِ ساڳي ئي شدت پيدا ڪري چڪو هئو. پر سنڌ جي آزاديءَ جو سوال سنڌ جي شاعر جي ڀيٽ ۾ هند جي شاعر لاءِ احساس جي اها گهرائي پيدا نه ڪري سگهيو.

ڪنهن ماهر جو قول آهي: انسان کي عطال ڪيل نعمتن ۾ زبان سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ آهي، تخليق ڪرڻ، مٽائڻ. تباهه ڪرڻ ۽ ڦري گهري جيئرن ڏانهن موٽڻ لاءِ، تواريخ کي موڙڻ لاءِ انسان کي زبان ڏني ويئي آهي. بهرحال زبان سڀني خطرن جو خطرو آهي، ڇو جو اُها بنيادي طور هڪ خطري جي امڪان کي تخليق ڪري ٿي، جتي زبان آهي، اتي دنيا آهي ۽ جتي لفظ غلبو  پائي ٿو، اتي تواريخ بڻجي ٿي.

شاعري تخليقاتي زبان جي طلب آهي ۽ شاعر علامتي ۽  استعاراتي تاڃي پيٽي ۾ ئي شاعراڻي تخليق ڪن ٿا ۽ ان ۾ لفظ رنگ ڦهلائين ٿا، خوشبو پکِيڙين ٿا، تاثير سان مالا  مال  ڪن ٿا، جذبا جاڳائن ٿا،تحريڪ پيدا ڪن ٿا ۽ آواز جي لئه سان وجد طاري ڪن ٿا. سنڌ جي شاعرن شاعريءَ جون اهي تقاضائون گهڻي ڀاڱي پوريون پئي ڪيون:

 

سهندو ڪير ميار او يار، سنڌڙيءَ تي سِر ڪير نه ڏيندو،

جهول جهلي جنهن وقت ڀٽائيءَ ڪرندا ڪنڌ هزار او يار.

سنڌڙيءَ  تي سِر ڪير نه ڏيندو........

گهڙا کڻي گهڙنديون سئو سهڻيون، مرندا سئو ميهار او يار،

سنڌڙيءَ تي سِر ڪير نه ڏيندو.......

نيٽ ته ڊهندي، ڪيسين رهندي دوکي جي ديوار او يار،

سنڌڙيءَ کي سِر ڪير نه ڏيندو.......

 

اياز جي هيءَ وائي تاثير ۽ لئه ته پيدا ڪري ٿي، پر اها شاعريءَ جي ٻين عناصرن جهڙوڪ رمزيت، ڪنايت، علامتي ۽ استعاراتي تقاضائن کي نظر انداز ڪري ٿي.

هند جي ڪن شاعراڻن حلقن ۾ اهي انديشا اٿاريا ويندا آهن ته سنڌ، سنڌيت يا جيئي سنڌ جي سرائي تي ڦرندڙ سنڌ جي اِن سڄي شاعريءَ جو،سنڌيتجو مخصوص مقصد حاصل ٿي وڃڻ کان پوءِ ڪهڙو حشر ٿيندو؟

اها حقيقت آهي ته ڪن خاص مقصدن جي بنياد تي بيٺل شاعري محض وقتي رول ادا ڪري ٿي ۽ ان جي دائمي حيثيت برقرار نٿي رهي. هند جي شاعرن اها حقيقت سنڌ جي شاعرن کان اڳ ۾ محسوس ڪري ورتي. هنن جي جديد  سوچ، کين ان سوال جو ڪافي حد تائين جواب ميسر ڪيو ته هڪ فرد جي جذباتي ۽ معاشرتي زندگيءَ جي صحيح صورت ڪهڙي ٿي چڪي آهي. سماجي حد-بندين هيٺ هڪ فرد جي حيثيت ۽ رتبو تنگ دائري اندر اچي ڪيئن سوڙهو ٿي وڃي ٿو ۽ ان ۾ جيئڻ ۽ ان کان نظرون بچائي رهڻ ڪيتري حدت تائين ممڪن آهي. دلين ۾ نفرتون ڇو ٿيون پيدا ٿين؟ درد جا اُٻڙڪا ڏيندڙ درياهه دلين مان ڪيئن ڦٽي نڪرندا آهن؟ اظهار جي بي قراري ڪهڙيءَ نفسيات جو حصو آهي؟ اهي سوال اڃا سنڌ جي شاعرن جي پهچ کان پري هئا، پر هند جي شاعرن جي انهن تائين رسائي ٿي چڪي هئي.

هڪ نئين سنسڪرتيءَ جو جنم، هريش واسواڻي معرفت هڪ نئين ڌارا جي نمائنده شاعريءَ جي شڪل ۾ ان وقت ظاهر ٿيو، جنهن وقت سنڌ ۾ جوت جلندي رهي ۽ اڃا  به جاڳندا رهو عنوانن ۽ موضوعن وارا شعر لکجي رهيا هئا. موهن ڪلپنا نئين ۽ پراڻي جي هم- آهنگيءَ سان جهاز جي ڊيڪ تي جهڙيون ڪويتائون لکيون.

مشاق ۽ بيٺل شاعرن جي حيثيت ۾ هڪ طرف ۽ پنهنجيءَ زمين تي پير پختا هئڻ ڪري ٻئي طرف، ٻوليءَ جي خوبين سان سنڌ جي شاعرن جي ڄاڻ سڃاڻ تمام گهري ۽ پراڻي هئي ۽ هو ان کي هٿيار طور ڪم آڻڻ لڳا. ان جي ڪارائتي ۽ بامقصد اهميت کان هو پوريءَ طرح سڄاڻ پڻ هئا. مثال طور تنوير عباسيءَ جون هي سٽون:

 

مون هٿ ۾ بندوق کنئي آ،

منهنجو جهوليءَ ۾ هي بم آ،

هاڻي آءٌ نه سوليءَ چڙهندس،

هاڻي تنهنجو وارو آهي.

 

اِها هڪ زوردار ڌارا هئي جا سنڌ جي سموري شاعريءَ تي ڇانئي رهي ۽ ان جي برعڪس هند جي شاعريءَ ۾ قاتل ۽ مقتول جو تصور بدلجي خود انڪاري (Self Denial) ۽خود آزاري (Self Torture) جهڙن احساسن هيٺ پيڙجندو رهيو. هريش واسواڻيءَ جي هيءَ ڪوتا:

 

مان اڃا مئو ڪو نه آهيان،

پر الائي ڪيئن ڳجهن کي وشواس اچي ويو آهي

ته  مان بي دم ٿي چڪو آهيان

- سندن وروڌ ڪرڻ ۾ سمرٿ نه آهيان

شايد ان ڪري

حملي جو اعلان ڪرڻ کان سواءِ

انهن منهنجو ماس پٽڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي

مان پنهنجي نور بچائي

کين ياد ڏياري رهيو آهيان

ته جيئري تي حملو ڪرڻ

اوهان جي قدرن ۾ شامل نه آهي.

 

يا ايشور آنچل جي هيءَ ڪوتا:

 

پنهنجي غلطين جو صليب

پنهنجي يارن جي ڪلهن تي مون رکيو آهي

منهنجي ئي غلطين مان اپجيل

مشڪلاتون پنهنجي يارن کي ڏيئي

کين روحاني اذيت مون ڏني آ.

 

يا واديو موهيءَ جون هي سٽون:

 

دنيا جي نظر ۾

جتان کان زندگي شروع ٿئي ٿي

ان وچ ۾ ٻيو ڪجهه ڀي نه

پر آتما هتيا جي

لمبي پرڪريا آهي.

 

اتي اچي هند جي شاعريءَ ۾ هڪ نئين ڌارا، نئين ڪوتا جي شڪل ۾ پنهنجو هڪ الڳ فارم وٺي اچي بيٺي، جنهن کان سنڌ جا شاعر متاثر ته ضرور ٿيا. پر هتان جي شاعريءَ جي انفرادي رخ ۽ اتان جي اجتماعي رخ جي فرق کي پوءِ به مٽائي نه سگهيا. سنڌ ۾ نئين ڪوتا ايستائين لکجڻ لڳي:

 

اوچتو ڪنهن حرڪتي ڇوڪر

کڻي پٿر هنيو،

شيشو ڀڄي پيو،

خوشبو اندر ڌوڪي ويئي.

يا

سج تريءَ هيٺان لڪي ويو

چنڊ کي ڪوئي بکيو

نان سمجهي کائي ويو

۽ ستارا ان ڪڻا ڀانئي

ڪنهن جنڊ ۾ پيهين ڇڏيا.

 

60-1959ع ڌاري جڏهن گورڌن محبوباڻيءَ جون ٻه نيون ڪوتائون سئنيٽوريم ۾  آخري رات ۽تنهائي ۽ ڪوڙو دونهون سنڌ جي شاعرن تائين پهتيون ته هو خواس باخته ٿي، ان فارم کي جهٽڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويا ۽ شمشير الحيدريءَ ۽ امداد حسينيءَ ان نوعيت جا ڪجهه نظم  لکيا. پر پوءِ به انهن جي ڪاميابي فقط ڦهڪيل ٻوليءَ تائين ئي محدود رهجي ويئي.

خود غزل جهڙي روايتي صنف ۾ پڻ ٻنهي پاسي تجربا ٿيڻ لڳا ۽ ايزز گيڙوءَ رتو غزل نالي سان غزل کي نئون ويس وڳو پهرايو، جنهن ۾ هن  گيت واري سلاست آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. اياز کي شايد ان وقت اهو احساس نه ٿيو ته سلاست بذات خود غزل جي وڏي ۾ وڏي دشمن آهي. ان ڪري هن جي ٻي سڄي زوردار شاعريءَ اڳيان اهو گيڙوءَ رتو غزل جٽاءُ نه ڪري سگهيو.

هند ۾ ايم- ڪمل نئون غزل لکي رهيوآهي. لکيو گوورڌن به آهي، پر اهو اڃا پوريءَ طرح اشاعت هيٺ نه آيو آهي. ايم-ڪمل غزل، هن جي چوڻ موجب فني سطح تي نئين وزن ۽ قافين جي دهراءَ سان دلچسپ انداز ۾ تخليق ڪرڻ جو جتن آهي.مثال طور:

اهو آسرو ويو سڄي عمر ڇاڻي،

سڀاڻي، سڀاڻي، سڀاڻي، سڀاڻي،

خوشيءَ جي ته سڌ ناهي، پر درد مون کي،

سڃاڻي، سڃاڻي، سڃاڻي، سڃاڻي

جو ڄاڻي نه  ڄاڻي، انهيءَ کي چوان ڇا؟

 

پر ان دلچسپ انداز کان سواءِ ايم- ڪمل پنهنجي نئين غزل ۾ زندگيءَ جون ڪي ٺوس حقيقتون پڻ خوبيءَ سان بيان ڪيون آهن: مثلاً:

 

مرڪ جي سڀ نقاب سان آهن،
لوڪ ڏاڍا عذاب سان آهن،
سڀ ٻڌل ڪنهن ڪتاب سان آهن،
آدمي هت حساب  سان آهن.

 

حساب ۽ ڪتاب جو هيءُ ربط، رايتي خواهه نئين غزل جي هم- گير ۽ هم- آهنگي آهي.

 

هڪ ٻيو نمونو:

 

ٽي وي ٽاور ڊهي پيو آ،

وقت شهر جو وڌي پيو آ،

گهر جي ڀتين مان شاڪ اچي ٿو،

ڳنڍ تار جو ٽٽي پيو آ.

 

موضوع جي نواڻ جي ان ڳولها ۾، سنڌ جي شاعرن ۾ امداد حسيني ۽ قمر شهباز، ان نئين ڌارا کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر پوءِ به سنڌ ۾ غزل جي روپ پنهنجيءَ پوريءَ سنڌرتا جي باوجود حسن ۽ عشق جي ازلي جذبي کان ٻاهر نه نڪتو آهي. تنوير جي غزل جا هي ڪجهه بيت:

       

تون جو مون ڏانهن  ائين نهارين ٿو،
مون کي ماري ٿو يا جيارين ٿو،

 

ساهه سر جنهن مٿان تون وارين ٿو،
تنهن سواءِ عمر ڪيئن گذارين ٿو،

تون وراڻي، پڙاڏو تون، سڏ توپن،
پاڻ کي پاڻ پڪارين ٿو.
 

غزل جا هي شعر خالص غزل جا شعر آهن، پر پوءِ به انهن ۾ موضوع کان وڌيڪ زبان جو چشڪو آهي.

بهر حال زمانو هڪ اهڙيءَ حرڪت جو نالو آهي. جنهن کي ڪٿي به بيهاري نٿو سگهجي توايخ اها مسلسل رفتار آهي، جنهن کي ڪٿي به روڪي نٿو سگهجي ۽ زندگي هڪ اهڙو وهڪرو آهي، جنهن کي ڪنهن به ڳنڍ ۾ ٻڌي نٿو سگهجي ۽ شاعر هڪ اهو مسافر آهي، جو هر منزل ۽ حالتن مان گذرندو ٿو رهي ۽ هن کي ڪيئي منزلون طئه ڪرڻيون ٿيون پون. هر منزل تي شاعر ڪجهه نه ڪجهه پاتو آهي ۽ موٽ ۾ ڪجهه نه ڪجهه نئون ڏنو آهي ۽ ان ڪجهه نئون ڏيڻ ۾ هو گهڻو ڪجهه پٺيان به ڇڏي ويو آهي.

هند ۽ سنڌ جي سنڌي شاعري به سنڌوءَ جون ٻه ڌارائون آهن، ڪڏهن ڪا ماٺيڻي ته ڪڏهن ڪا ڇوهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com