سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري

باب: --

صفحو :31

الهداد ٻوهيو

تنوير عباسي ۽ ورڊسورٿ

تنوير عباسيءَ جي شاعريءَ جو ڳچ سارو شعر اهڙو آهي، جو زبان، روانيءَ ۽ جمالياتي ۽ فطري مشاهدي جي خيال کان جديد دور جي ٻين سنڌي شاعرن جي شاعريءَ کان نرالو آهي. تنوير جي ههڙي شعر جون چند خصوصيتون هي آهن:

(1) تنوير فطرت يا ماحول جو مطالعو فطرت جهڙيءَ ئي صاف ۽ شفاف دل سان ٿو ڪري، ان ڪري هن جو مشاهدو پاڪ ۽ خالص جذبات سان ڀرپور آهي. پاڻ چوي ٿو:

 

شاعر جي دل صاف سدا،

هيري کي ڪيئن لڳندي ڪَٽ.

 

(2) تنوير سنڌ جي سماجي ۽ عوامي زندگيءَ جو شاعر آهي، ان ڪري هن جا شعر عوامي زندگيءَ جي جهلڪن جا حامل آهن.

(3) عوامي زندگيءَ کي پيش ڪرڻ لاءِ هن جا ٻوليءَ استعمال ڪئي آهي، سا به عوامي سنڌي آهي.

(4) فطرت جي هن مشاهدي مان هن ’خود‘(انسان) کي جدا ڪري ٻاهر نه رکيو آهي، پر انسان کي فطرت جو حسين ترين مظهر ڪري ورتو آهي. ان ڪري سنڌي ادب ۾ اختصار سان سکڻ واري کي هي لفظ ضرور لکڻا پوندا ته تنوير ماڻهن جو شاعر آهي، اياز انهن ماڻهن جي زمين جو، ۽ نياز ان زمين جي تاريخ ۽ ثقافت جو.

تنوير جي ههڙي شعر جي مطالعي ڪرڻ مان ائين معلوم پيو ٿئي ته تنوير بنيادي طور تي هن باب ۾ ورڊسورٿ کان متاثر ٿيو آهي. ٿي سگهي ٿو ته ڪو صاحب چيو ته تنوير جو ورڊسورٿ سان ڪلهو هڻڻ محض هڪ اتفاق آهي. عرض آهي ته اهو هڪ عجيب اتفاق به ٿي ٿو سگهي، پر هت اتفاق نه ٿي سگهيو آهي. مون وٽ هيءَ ڳالهه ثابت ڪرڻ لاءِ ٻه دليل به موجود آهن.

(1) تنوير ورڊ سورٿ جي گيتن جي مجموعي. ”سريلا گيت، .(Lyrical Ballads) جي مهاڳ جو ترجمو ڪيو آهي.

(2) تنوير جي اوائلي شاعري به ورڊسورٿ جيان گيتن سان شروع ٿي آهي. (ڏسجي ”رڳون ٿيون رباب“). هت هيءَ ڳالهه لڳڻ به مناسب ٿيندي ته تنوير جو آڳاٽو شعر غزلن ۾ آهي، پر اهو هن يا ته خود ناس ڪري ڇڏيو آهي. يا ڇپائڻ جهڙو سمجهيو ئي نه آهي. سندس شعر جو انتخاب جيڪو ڇپيو آهي، ان جي ترتيب لاءِ ذميوار غلام رباني آهي.

اسين جڏهن تنوير جي چيل ڪلام، يعني ”رڳون ٿيون رباب“ وٽان شروع ٿا ڪريون ته ڏسڻ ۾ ٿو اچي، ڄڻ ورڊسورٿ ويٺو سنڌيءَ ۾ ڳائي. ان ڪري هن مضمون ۾ مون روڊسورٿ جي متعلق به چند ڳالهيون ڏيکارڻ ضروري سمجهيو آهي ته جيئن تنوير جو اڀياس بهتر طريقي سان ٿي سگهي.

هنن گيتن يا نظمن ۾ جا زبان لکي وئي آهي، اُها اهڙي آهي، جهڙيءَ زبان جي وڪالت ورڊسورٿ پنهجي ان ”مهاڳ“ ۾ ڪئي آهي. جنهن جو تنويو ترجمو ڪيو آهي.

تنوير هڪ ”ڦريل“ يا convert آهي، جيئن هن پاڻ ”سنگت هڪ تحريڪ“ جي پيغام ۾ ڄاڻايو آهي ته هو اڳينءَ شاعريءَ کان بيزار ٿي نئين موڙ ڏانهن مڙيو آهي. ڪهڙو عجب آهي جو جن  ڳالهين کيس روايتي شاعريءَ جو دستور ڇڏايو آهي، انهن مان هڪ ورڊسورٿ جو مطالعو به هجي.

هاڻي اچون ٿا ورڊسورٿ جي شاعريءَ ۽ ٻوليءَ تي. ”سريلا گيت، (Iyrical Ballads) لکڻ سان ورڊ سورٿ جو مطلب آهي ته جو ڪجهه به عام ۽ اکين آڏو آهي، ان کي شاعراڻو روپ ڏجي(To  make the familiar poetic) پر ان جي خلاف، هن جي دوست ساٿي ۽ عظيم شاعر ڪولرج جو خيال هو ته جيڪو عام ۽ اکين آڏو ناهي، يا جيڪو خيالي يا abstract آهي، ان کي عام ڪجي. ورڊسورٿ پنهنجي هن نظرئي جي حمايت سڀ کان اڳ ۾ شاعراڻن عروضي لفظن (poetic diction) جي مخالفت سان ڪئي آهي، ۽ خاص طور تي ملٽن ۽ جانسن جي زبان جهڙي زبان يا Grand style تي وار ڪيا اٿس.

جيئن هن پاڻ چيو آهي، هن پنهنجي شاعريءَ جا موضوع انسان ۽ فطرت جي عام واقعات مان ورتا آهن. اهڙيءَ حالت ۾ اهو ضروري هو ته اهڙن واقعن کي سمجهائڻ ۽ اثرائتي بڻائڻ لاءِ زبان به اها لکجي، جا عام زندگيءَ ۾ ۽ عام ماڻهن جي واتان ڳالهائي ويندي هجي. ڪن ماڻهن شايد ائين سمجهيو هجي ته ورڊ سورٿ ۾ شاعراڻو تخيل (Imagination) ڪولرج کان گهٽ هو، ان ڪري جڏهن هو ڪولرج سان گڏ لکڻ لڳو ته هن جي بلنديءَ  کي ڏسي ڦڪو ٿيو، ۽ پوءِ هو ڪولرج وارو رستو ئي ڇڏي هٽي بيهي رهيو. وري ڪن شايد ائين سمجهو هجي ته ورڊ سورٿ پنهنجي زندگيءَ جو ڳچ حصو سير سفر ۽ فطرت جي مناظر ڏسڻ ۾ گذاريو، ان ڪري ان جي زبان اڻ سڌريل ۽ شاعراڻيءَ زبان جهڙي ٿي نه سگهي، جا ان وقت لنڊن جي ادبي ڪچهرين ۾ ڳالهائي ويندي هئي. منهنجو خيال آهي ته اهي ڳالهيون صحيح نه آهن- حقيقت اها آهي ته ورڊ سورٿ کي اهڙيءَ ٻوليءَ جي ضرورت رڳو هن ڪري پئي جو شاعريءَ جو اُهو نظريو، جنهن جو هو مبلغ هو، تنهن جي تقاضصا ئي اها هئي ته ٻولي سليس ۽ عام فهم لکڻ گهرجي.

شاعري، ورڊ سورٿ جي خيال ۾، گرم جذبات ۽ احساسات جي اها اٿل يا پرٽ آهي، جيڪا اٿلي پوڻ ۽ پرٽجڻ لاءِ مجبور هجي. ههڙيءَ شاعريءَ جا محرڪ تيز احساسات ۽ گرم جذبات هوندا آهن، جن سان گهرو ۽ اونهو مشاهدو به شامل رهندو آهي. جڏهن جذبن ۽ احساسن کي تحرڪ ايندو آهي، تڏهن اهي پنهنجو پاڻ ۽ فطرتي طريقي سان اظهار جي صورت وٺندا آهن. ان ڪري، هن طرح جي اظهار ۾ زبان جي سليقيمنديءَ يا هنرمنديءَ يا فن کي گهٽ دخل هوندو آهي. پاڻ اهڙي بڻايل ۽ سڌاريل زبان ههڙي اظهار جي رستي م روڪ ثابت ٿي  پوندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو ورڊسورٿ وٽ نظم ۽ نثر جي زبان ۾ ڪو بنيادي فرق نه آهي.

ورڊ سورٿ وٽ اهڙيءَ شاعريءَ جو مقصد آهي ريجهائڻ ۽ پرچائڻ، اورڻ ۽ دل ٺارڻ، ان ڪري، هن جي نظر ۾ شاعر هڪ اهڙو فيلسوف ۽ مبلغ آهي، جنهن جو ڪم آهي مانهن جي روح کي راحت پهچائڻ.

ايتري ڪئي پڄاڻان، آءُ ڀانيان ٿو ته انهيءَ ڳالهه تي وڌيڪ لکڻو نه پوندو ته ورڊسورٿ تنوير کي ڇا ڏنو آهي، يا ڏيئي سگهيو آهي.

تنوير جي نيچرل شاعريءَ جي باب ۾ جيڪي چار ڳالهيون  مٿي لکيون اٿم، انهن ۾ هت هن ڳالهه جو اضافو ڪرڻو آهي ته تنوير به ورڊ سورٿ جيان پنهنجي ٻوليءَ ۽ پنهنجي شاعريءَ جو پرچارڪ يا مبلغ آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن ”سريلا گيت“ جي مهاڳ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيوآهي. تنوير پنهنجي ٻوليءَ جو پرچار هن طرح ٿو ڪري:

 

مهٽي صاف ڪئي ”تنوير،“

ٻوليءَ تان سڀ ڌاري ڪَٽ.

وڌيڪ هن جاءِ تي هيترو لکڻ به ضروري ٿو ڄاڻجي ته تنوير ۽ ورڊ سورٿ جي باب ۾ ٻه ڳالهيون اهڙيون به آهن. جن جي ڪري هو هڪٻئي کان گهڻو پري آهن.

(1) تنوير ۽ ورڊ سورٿ، ٻئي پنهنجي پنهنجي رستي تي هلندي هڪ خاص منزل وٽان رستو مٽي، ٻئي چاري تي هلڻ لڳا آهن (تنوير اڳ ۾ روايتي غزل لکندو هو، پوءِ ڇڏي ڏنائين، ۽ ورڊ سورٿ اڳ ۾ ڪولرج جي نظريات جي حامي  هو)، پر ٻنهي جي ڦيري جا سبب هڪجهڙا نه آهن. تنوير کي هيءَ تبديل پوئتي وٺي ويئي. ۽ ورڊ سورٿ کي اڳتي وٺي آئي. تنوير سنڌي ڪلاسڪس (پراڻ) جو قائل ٿي پيو، ۽ ورڊ سورٿ هڪ نئون تجربو شروع ڪيو.

تنوير جي لاءِ ههڙي تبديل جو سبب هي آهي ته سنڌي ’پراڻ‘ يعني سيدنا ڀٽائيءَ جو شعر سون سالن پڄاڻان به پنهنجي عظمت قائم رکي سگهيو هو ۽ جدت جي پوري  صلاحيت ان جو مٽ پيدا ڪري نه سگهي هئي، ان ڪري تنوير ڀٽائيءَ کي زبان جي خيال کان مثال بڻائي ٿي سگهيو. پر ورڊ سورٿ جي حالت ۾ اها تبديل اهڙي هئي جوکيس پنهنجو رستو ئي جدا ٺاهڻو پيو، ڇو ته هن جي اڳيان سندس نظريات ۽ ٻوليءَ جو ڪو نمونو ڪو نه هو. تنويرکي خود ورڊ سورٿ جي دليلن به مدد ڏني آهي.

(2) ٻنهي جي وچ ۾ اختلاف جي ٻي ڳالهه آهي صوفياڻو يا عرفاني مشاهدو. ورڊ سورٿ وٽ جيڪو رومانوي آهي، سو يقيناً عرفاني آهي. پر تنوير وٽ جيڪو رومانوي آهي، سو ئي حقيقي آهي. ان ڪري تنوير عينيت جو قائل آهي. هو هن زندگيءَ ۽ هن دنيا کي هڪ حقيقت تسليم ٿو ڪري، ۽ ان ڪري هن وٽ صوفياڻو مشاهدو ڪا حقيقت نٿو رکي.

 عجيب ڳالهه آهي جو سڀئي وڏا رومانوي شاعر پنهنجي  اوج واري دور ۾ عرفاني ۽ صوفي ٿي پيا آهن. پر چئي نٿو سگهجي ته تنوير اڳتي هلي ڇا ٿيندو. عرفاني شاعرن وٽ جڏهن ”ڪک جي هيٺان لک“ (awareness of spiritual significance in common objects) جو نعرو ٿو لڳي، تڏهن معلوم ائين پيو ٿئي، ڄڻ ڪک ڪا شيءِ نه آهي: اهو لک آهي ۽ جنهن پاڻ کي ڪک ۾ ظاهر ڪيو آهي. اهڙيءَ ريت، هر شيءِ جا ٻه روپ ٿيو پون، هڪ حقيقي ۽ ٻيو باطني يا ظاهري (هيءَ ڳالهه گهڻو ڪري رومانيت جي به هڪ خصوصيت ٿي رهي آهي. سو هن طرح جو رومانوي شاعر پنهنجي غم ۽ اندوهه جي اوج واري ٽاڻي ۾ جذبات کي رڳو تخيل ۽ تصور مان بيان ڪندا آهن، ۽ نه زندگيءَ جي ظاهري ۽ خارجي حقيقتن مان. هن قسم جي تنقيد رومانوي شاعرن تي عام طور تي ٿيندي رهي آهي).

ورڊسورٿ هن زندگيءَ جي پويان هڪ ٻي زندگي به ڏسي رهيو آهي، ان ڪري هر روپ ۾ هو ڪا نه ڪا ”حقيقت“ ڳولي رهيو آهي، جا ظاهريت کان جدا آهي. ان ڪري هن کي واهين ۾ ڪتاب ٿا ڏسڻ ۾ اچن، ۽ پٿرن ۾ خطبا  ٿا ٻڌڻ ۾ اچن.

تنوير وٽ زندگي اها آهي، جا ظاهر آهي. زندگي پنهنجو پاڻ ۾ ئي ازلي به آهي ته ابدي به آهي، جو ”ظاهر“ آهي، سوئي ”حق، آهي، سچ آهي. ان ڪري تنوير جو آرٽ وارو نظريو به حقيقت پسندانه آهي. تنوير وٽ زندگيءَ جي ڪتاب جي معنيٰ هڪڙي آهي، ٻه ناهن. سو هن طرح جو هن جو ڪک به لک جو مٽ آهي. ان ڪري تنوير ’ڪک‘ (جو ڪجهه به ظاهري ۽ عام آهي) جو پرچارڪ آهي، ۽ ورڊ سورٿ ’لک‘جو (جو ڳجهو آهي۽ اندر آهي).

تنوير اجهو  هيئن ٿو لکي:

 

هيءَ حياتي تنهنجي جهاتي،

اڳتي  سڀ ڪجهه ڇايا او،

مايا اچڻي وڃڻي نچڻي.

پوءِ به مايا مايا او.

 

تنوير جو هڪ پورو نظم، جو ”شعر“ (تنوير جي ڪلام جو مجموعو)جي صفحي 79 تي لکيل آهي، هن ڳالهه ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي ته تنوير زندگيءَ کي هڪ حقيقت ٿو سمجهي. چوي ٿو:

 

سڪ حقيقت، سونهن حقيقت.

هت ڪجهه ڪوڙو ناهي.

اڳتي ڪجهه به هجي.

 

تلاش ۽ جستجو جا تنوير وٽ ٿي لڀي. سا ورڊ سورٿ وٽ ڪانهي. هن کي پنهنجي بستري تي ستي ئي حقيقت جو الهام ٿيو وڃي، ۽ انهن جو پيغام پهچيو وڃي، پر تنوير ايسپ واريءَ رٺل ڇوڪريءَ يا ”سچ“ کي هن خارجي دنيا جو ئي هڪ ڪردار سمجهيو آهي، ۽ ان ڪري هو هن ڪردار کي عوامي زندگيءَ جي تڪليفن ۽ سماجي زندگيءَ جي تلخين ۾ ڳولڻ نڪتو آهي. تنوير ٿو لکي:

”جي پنهنجي ڏڪندڙ ڏيئي جي وسامڻ کان اڳ ۾ ان جي لاٽ مان ڪي ٿورا ڏيا ٻاري سگهيس، ته منهنجو جيئڻ سجايو ٿيو.“ (” رڳون ٿيون رباب“ جو مهاڳ).

تنويرجي شعر جو مقصد، ان ڪري، وندر ۽ ورونهن سان گڏ، حق ۽ سچ جي تلاش به آهي. تنوير زندگيءَکي ’ڏڪندڙ ڏيئو‘ سڏيو آهي. انسان جي زندگيءَ جو ڏيئو، هن جي خيال ۾، طوفانن سان ٽڪرائجي رهيو آهي ۽ پاڻ مان پاڻ جهڙا ٻيا ڏيئا ٻارڻ جي لاءِ اُدم ڪري رهيو آهي. تنوير جو هي نظريو، جو سندس نظريهءِ حيات آهي، تنهن کي سمجهڻ تمام ضروري آهي. تنوير جي زندگي سماجي خدمتن ۽ عوامي ڪمن ۾ صرف ٿي رهي آهي. ۽ اهو ئي نتيجو آهي هن جي زندگيءَ جي نظرئي جو.

تنوير ۽ ورڊ سورٿ جي باب ۾ سندن زندگيءَ جا ڪي واقعات اهڙا به آهن، جي ٻنهي لاءِ هڪ جهڙا آهن. ورڊ سورٿ جي زندگيءَ جو هڪ اهم واقعو آهي فرانس جو انقلاب. هو صاحب پنهنجي زندگيءَ جي هڪ دور ۾ انگلينڊ جي سياسي ۽ سماجي حالتن کان مايوس ٿي ويو هو. ان ڪري هن پنهنجو سياسي ڪعبو وڃي فرانس ۾ ٺاهيو هو (فرانس سان هن جي جذباتي زندگيءَ جو واسطو به رهيو آهي). فرانس کان هي يار ڏاڍو خوش هو، پر انقلاب جي خوني ڪاررواين ۽ اميد جي خلاف نتيجن کيس واپس انگلينڊ موٽڻ تي  مجبور ڪيو. البت فرانس سان هن جا جذبات واسبسته رهندا آيا.وري انهيءَ  زماني ۾ انگلينڊ فرانس سان جنگ جو اعلان ڪيو. هڪ طرف هن جو روحاني ڪعبو انگلينڊ هو، ته ٻئي طرف هن جو سياسي ڪعبو فرانس هو. مڙس ٻه ٽڪر ٿي پيو. اهڙيءَ طرح، هو يار نا اميديءَ جو شڪار ٿي ويو. سندس هڪ ٻانهن ۾ فرانسيسي يار بيو پاءِ (Beaupuy) جي هٿ ۾ هئي، ته ٻي ڪولرج  جي هٿ ۾. مقابلو نه ڪري سگهيو، ته زندگيءَ جي خارجي حقيتن کان نااميد ٿي پيو. اهڙي طرح عرفاني ۽ وجداني حقيقتن ڏانهن رخ رکيائين. تنوير جي زندگيءَ ۾ به جي چند واقعات نهايت  ئي اهميت وارا آهن، انهن مان هڪ آهي هندستان جو ورهاڱو.

جهڙي طرح ورڊ سوٿ سياسي معاملات جي باري ۾ جذباتي هو، تهڙيءَ طرح تنوير به سياسي معاملات کي پنهنجي ذاتي جذباتي کان جدا ڪري نه سگهيو آهي. هندستان جو ورهاڱو هڪ سياسي انقلاب هو، ۽ اسان مان هر ماڻهوءَ پنهنجي پنهنجي حال آهر هن سياسي انقلاب سان ٺاهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهيءَ هوندي به جو هن انقلاب کي ڳاڙهو انقلاب چيو ويو آهي، اسان هن کي ضروري ۽ اڻٽر سڏيو ۽ سمجهيو آهي. تنوير به اهڙي ڪوشش ڪئي هوندي، پر معلوم ائين ٿو ٿئي ته هڪ شاعر ۽ هڪ سياستدان ۾ ڪو بنيادي فرق آهي. ”شاعر جي دل صاف سدا، هيري کي ڪيئن لڳندي ”ڪٽ“- خود تنوير چيو آهي. پر رڳو ايترو فرق نه آهي. فرق جي هڪ ڳالهه هيءَ به آهي ته

 

”جيڪي سوچيندو سو چوندو،

شاعر ڇا چوندو ٻي ڳالهه.“

 

ان ڪري، ڪچيءَ وهيءَ ۾ هي ”ڇوڪرو شاعر“، خون جا ڇانڊارا ڏسي خوش نه ٿي سگهيو.

چوي ٿو:

 

روئو رت جا داغ ڏسي،

آهي رت ڪنهن جو، ٻي ڳالهه.

 

رت بهرحال رت آهي، پوءِ اهو ڪنهن جو به هجي. انسان ڌرتيءَ تي خون وهائڻ لاءِ نه آيو آهي. پندرهن سلان جو تنوير انقلاب جي هن دور ۾ حالتن سان ٺاهه ڪري نه سگهيو.

غير يقيني ۽ اڀاريندڙ حالتن ۾ چيل شعر يقيناً رومانوي هوندو آهي، ان ڪري تنوير به ورڊ سورٿ جيان بنيادي طور تي رومانوي آهي.

تنوير ۽  ورڊ سورٿ جي حالتن ۾ هڪ ڳالهه هيءَ به آهي ته ٻنهي شاعرن پنهنجي پنهنجي مٿان پٽاندر محبت ڪئي آهي، ۽ ان جي ڪيفيت کي نظمن ۾ لکيو آهي، ورڊ سورٿ جي حالت ۾، سندس عشق جا داستان عوام تائين پهچي چڪا آهن. باقي تنوير جي حالتن ۾ هڪ سنڌي ذهن راهه جي رڪاوٽ بڻيو بيٺو آهي، مون جڏهن کيس ٻڌايو ته سندس شعر ۾ ڪارين اکين جي بجاءِ تيرين اکين جو ذڪر ڪجهه معنيٰ خيز آهي، ۽ هي به ته ”رڳون ٿيون رباب“ جو اوائلي شعر توڙي جو گيتن ۾ آهي، عشق جي واردات کان واندو ناهي، تڏهن مڙس شرمائجي ويو. تنوير عشق ڪري پورو ڪيو آهي، پر هن جي شاعراڻيءَ طبيعت جي ڪري معلوم ائين  ٿو ٿئي، ڄڻ هن اڃا هاڻي قدم رکيو آهي، بهر حال، تنوير جي سڄيءَ شاعريءَ ۾ نه سهي، ڪنهن طرح سان اوائلي شاعريءَ ۾ عشق اکين سان ڏسي ٿو سگهجي، مان تنوير جي سوانح حيات لکڻ واري کي ٻڌائي ٿو ڇڏيان ته سندس ڪم ڏاڍو ڪٺن آهي. خير، هن ڳالهه لکڻ مان منهنجو مطلب ايترو آهي ته تنوير کي ورڊسورٿ جيان رومانوي بڻجڻ لاءِ هڪڙو سبب اهو به آهي. مٿين ڳالهه، جنهن کي تنوير جي شاعريءَ ۾ وڏي اهميت حاصل آهي، سا آهي ’سنڌ جو سور‘. هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ تنويرجي جذبات وڃي سنڌ ۾ ديرو دمايو هو. ورهاڱي کان پوءِ سنڌ تنوير جي آخري اميد هئي. هو سنڌ کي ڪپلنگ ۽ والٽ وٽمن جيان ڳائڻ لاءِ تيارٿي رهيو هو. هو سنڌ کي پنهنجو نظريو يا ’سنڌ صنم‘ بڻائي رهيو هو. اهڙي وقت ۾، هڪ ٻيو انقلاب آيو- سنڌ جو طبعي وجود ختم ٿي ويو. هن انقلاب جو اثر تنوير ۽ تنوير جي ٻين ساٿين تي هي پيو جو هو سنڌ کي پنهنجي سڀني تان ميساري نه سگهيا، ڇو ته سنڌ سندن سينن ۾ جنم وٺي چڪي هئي. اهڙيءَ حالت ۾، سنڌ هنن شاعرن جي اڳيان هڪ پريءَ جي روح جيان اڀري آئي، ۽ هنن سنڌ جي تصوراتي وجود کي عيني وجود  جيان پنهنجي اڳيان بيٺي ڏٺو. شاعريءَ جي دنيا ۾ هن ڪيتفيت کي تصوراتي يا رومانوي ڪيفيت چئبو آهي. اهڙيءَ طرح، سنڌ جي گيتن ڳائڻ سان تنوير رومانوي شاعر آهي.

عجيب اتفاق آهي جو جن حالتن کان متاثر ٿي ورڊ سورٿ نااميد ۽ مايوس ٿي ويو، انهن حالتن کان متاثر ٿي تنوير پر اميد ۽ سپاهي ٿي پيو. اسان مان جنهن کي به تنوير جي ذاتي زندگيءَ سان دلچسپي هجي، سو نوٽ ڪري ته تنوير جي اندر ۾ هن ڪيفيت جو سبب اهو آهي ته هو انسان جي مستقبل کان نااميد هئڻ جي بجاءِ پر اُميد آهي.

تنهن ڪري، جيڪڏهن ورڊ سورٿ ماٿرين، جبلن، فصلن، ڍنڍن ۽ ٻنين جو شاعر آهي، ته تنوير سنڌ جو، سنڌوءَ جو، سنڌ جي ماڻهن جو، ۽ سنڌي ماڻهن جي شان جو شاعر آهي، فرق رڳو ايترو آهي ته جا ڳالهه ورڊ سورٿ جي تصور ۾ آهي، سا ساڳي ڳالهه تنوير جي هٿن ۾ آهي. (نوٽ: ورڊسورٿ جي روحانيت ڏي مائل ٿيڻ جو هڪ سبب عيسائيت جو فلسفو به آهي.)

هيتري ڪئي پڄاڻان، هاڻي آءٌ تنوير ۽ هن ڍنڍجي شاعر (Iake-poet) جي تحريرن مان مثال ڏيندو ويندس.

منهنجو هڪڙو خيال آهي ته سنڌ کان ٻاهر وارن شاعرن مان، تنوير کي ورڊ سورٿ گهڻي ۾ گهڻو متاثر ڪيو آهي. خصوصاً ڇپيل شعر جو  مهڙيون حصو ورڊ سورٿ جي شعر سان گهڻو ٿو ملي اچيس. مثال طور،

 

اڄ سارو جڳ دل کي وڻي ٿو،

من ڇيلن جيان ڇال هڻي ٿو،

دل دکڙن جا ڏينهن وساريا.

(’رڳون ٿيون رباب‘، ص 10)

Lucy Poems ۾ ورڊ سورٿ جو هڪڙو بند آهي:

You can see fawn at play,

And hare upon the green,

But Sweet  Face of Lucy Gray

Can never more be seen.

تنوير وٽ ”ڇيلن جو ڇال هڻڻ“ ۽ ورڊ سورٿ وٽ ”سهي جو گاهه مٿان ٽپڻ“ملائي پڙهجي.

تنوير خيال جي جوش ۽ بيان جي باهه جي باب ۾ ورڊ سورٿ کان به اڳڀرو آهي. تنوير دل جو شاعر آهي. جذبات جو شاعر آهي، ۽ ورڊ سورٿ نظاري جو، مشاهدي ۽’ پسڻ‘ جو شاعر آهي. حقيقت ۾ هڪ رومانوي شاعر کي پسڻ کان وڌيڪ ڦٿڪڻ گهرجي، پر ورڊ سورٿ دل جي ڪيفيات کي روحانيت ڏانهن موڙي ڇڏيو آهي، ان ڪري هن جي طرز ۾ ٺاپر ۽ ٿڌاڻ پڌري آهي. ”پهاڙن جي پريءَ “ ۾ تنوير جون چند سٽون اهڙيون آهن، جو هو وڃي شيلي سان لڳو آهي.

چوي ٿو:

 

هي به ڄاڻان ٿو ته ٿيندس جلدئي تو کان مان دور،

پر هنن ڏينهن جو يادين جو کڻي ويندس سرور،

جن ڏني آهي خوشي.

 

چند يادين جي ڪڙين کي هر ڪو ماڻهو خود جڙي،

پاڻ ئي زنجير ٺاهي قيد ٿو خود کي ڪري،

عمر ڄڻ آ مارئي.

 

ورڊ سورٿ پنهنجي احساسات جي اظهار جي باب ۾ هڪ طرح وانهو آهي، ته ٻئي طرف صاف آهي. هو پنهنجي خوف جو تاثر هيئن ٿو ڏئي:

I heard  among the solitary hills

Low breathings coming after me,- and sounds

Of undistinguishable motion steps

Almost as silent as the leaf they trod.

(prelude.)

جيستائين ”پسڻ“ واري شاعريءَ جو تعلق آهي، هي سٽون مثالي سٽون آهن، پر جيستئاين پر جهڻ ۽ پڄرڻ جو سوال آهي، تنوير جون هيٺ لکيل سٽون مثالي آهن:

 

اونداهين ڪارين راتين جا ڇايا آهن دکڙا من ۾،

چمڪو ڏئي ۽ گم ٿي وئي آ ٽانڊاڻي جان آس انهن ۾.

موٽ ته ٿئي ڪو صبح سويرو.

 

نور جا ڪرڻا ٽانڊن وانگر

منهنجي ساهه ۾ سرندا ايندا،

تو کان سواءِ ڪرڻا ڪنڊن جان

منهنجي هانءَ ۾ هُرندا رهندا.

دل ۾ دکڙن جو ٿيو ديرو.

 ظاهر آهي. ”پسڻ“۽ ”پڄرڻ“ ۾ فرق آهي. پسڻ ۾ پنهنجي ذات غير جانبدار به رهي ٿي سگهي، پر پڄرڻ ۾ کپي ئي پنهنجي ذات، جا پڄري، عظيم (sublime) اهو شعر آهي، جنهن ۾ ڄر هجي، جيڪا پڄرائي.

تنوير ۽ ورڊ سورٿ جي باب ۾ مان باقي هڪڙي ڳالهه لکندس. ورڊ سورٿ هڪڙي دور ۾ نااميديءَ بلڪ فراريت جو شڪار ٿي ويو هو. بر نارڊ گروم صاحب (Bernard Groom)”پريليوڊ“ جو مهاڳ لکندي لکي ٿو:

 

“Forsaken by the land of his birth and hardly able to contemplate the hope of his political hopes, the poet almost abondoned himself into dispair”

اڳتي پر ساڳئي صفحي تي، برنارڊ گروم لکي ٿو:

“On the revolution in France, head staed hopes for human nature and the destruction of these hopes plunged him into moral scepticism”.

(Prelude, Introduction, page xiii)

ورڊ سورٿ پنهنجيءَ هن فراريت جو اطهار پنهنجن ئي لفظن ۾ به ڪيو آهي. ”پريليوڊ“ جي يارهين داستان جون آخري سٽون شاهد آهن ته ورڊ سورٿ هڪ دفعو نااميد ٿي چڪو هو.

حالتون ته ورڊ سورٿ ۽ تنوير سان ساڳيون رڳو رهيون آهن، پر مون وٽ انهيءَ ڳالهه جو ڪو به ثبوت ڪونهي  ته تنوير به ڪڏهن فراريت جي راهه اختيار ڪئي آهي.

بيشڪ، تنوير جي جدوجهد واري دور ۾ ڪي لمحا. ”خاموشيءَ“ جا به آيا آهن.”موهن  جي دڙي ڏانهن“ واري نظم جون آخري سٽون منهنجي سوچ ۾ ڳچ وقت رهيون آهن، پر منهنجو خيال آهي ته هنن سٽن ۾ آه و زاريءَ ۽ ماتم وارو تاثر آهي، ۽ نه نا اميديءَ جو. مون جڏهن هنن سٽن جي سلسلي ۾ تنوير سان ڳالهايو. تڏهن هڪ صاف گو ماڻهوءَ جيان چوڻ لڳو: ”اهو دور اسان لاءِ ڏاڍو ڏکيو دور هو. سنڌ جي آزاديءَ جي ڪا به اميد نظر نه ٿي آئي. سنڌي زبان جي خلاف روزانه نت نوان منصوبا سٽيا ٿي ويا. انهن ڳالهين هڻي  اسان جي ڪمر ٽوڙي وڌي هئي. پر اسان جا حاصلا ڪم ڪري رهيا هيا. اسان مصلحت سمجهي پنهنجيءَ جدوجهد جو رخ ڦيريو هو، پر اسان پنهنجو ڪم بند ڪڏهن به نه ڪيو.“ هن گفتگو کان پوءِ تنوير ان وقت جي مطالعي جي سلسلي ۾ مون کي شمشير جي”لاٽ“ مان ”همسفرو“ وارو نظم پڙهڻ جو مشورو ڏنو. جڏهن ٻڌايو مانس ته مون وٽ ”لاٽ“ جي ڪاپي آهي ئي ڪا نه، تڏهن پاڻ اٿيو ۽ گهران اندران وڃي ان جي ڪاپي کڻي آيو. ”همسفرو“ وارو سڄو نظم پاڻ پڙهي ٻڌايائين. ۽ مان سندس چهري جو معائنو ڪندو رهيس. چوڻ لڳو: ”شمشير هي نظم اسان کي خطاب ڪندي لکيو آهي، ۽ وقت جي حالات جو جيڪو نقشو ڏنو اٿس  سو سورهن آنا  صحيح آهي. اسان هن جي ’چپ چاپ‘ واري مشوري تي ڪجهه وقت عمل ڪيو آهي.“

هي لفظ ايترا صاف آهن جو انهن تي تبصرو غير ضروري آهي. پاڻ تنويرجي پر اميد هئڻ جا ڪي دليل ڏيئي ٿا سگهجن. ”موهن جي دڙي“ کان هڪ دم پوءِ ئي ”نئون دستور“ لکيو اٿس.

 

اسان ته حق جي ڳولا ڪئي زماني ۾،

مليو اسان کي جي بدلي ۾ دار، ڪجهه ته مليو.

يا اڃابه هي سٽون پڙهجن:

مليو نه صحيح جي، ”تنوير”“،

ڄاڻ جو ٿو ملي،

ويو ٿي گهٽجي فضا تان غبار،

ڪجهه ته مليو.

 

(ماهوار نئين زندگي، آڪٽوبر، 1970ع تان کنيل)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com