سيڪشن؛ تنقيد

ڪتاب: ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري

باب: --

صفحو :11

 

”جو نقاد عربي اور فارسي سي ناواقف هو گا وه تو جليل القدر شعرا اور ادبا ڪا مفهوم ڀي سمجهني سي قاصر رهي گا ڪه مختلف الفاظ کي صحيح معاني اور متعلقه دلالتين اسي معلوم نه هونگي. اس طرح اگر نقاد انگريزي اسلوب انتقد سي ناواقف هو گا تو اس ڪي ڪاوشين بهرحال ناقص هون گي.“

هن معاملي بابت اڳتي هلي پروفيسر صاحب وڏو بصيرت افروز بحث ڪيو آهي ۽ نهايت ئي اهم ڳالهه لکي آهي، جنهن تي ڊاڪٽر تنوير صاحب ۽ سندس مداحن کي خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي. لکي ٿو ته:

”حقيقت يه هي ڪه ڪسي زبان ڪي ادب ڪو صرف اس نظام نسبتي ڪي حدود ۾ رک ڪر جانچا جا سڪتا هي، جو اس ادب ڪي متعلق معاشرت اور ثقافت سي مربوط هوتا هي. اگر هم ڪسي زبان ڪو اس نظام سي علحده ڪَرڪي ڪِسي غير قوم يا زبان ڪي پيمانه انتقاد سي ناپينگي تو نتائج قم مستخرج ڪرينگي ان س. بعض تو بلڪل غلط هونگي اور بعض ان نيم حقائق (Half Truth) سي مشابه هونگي، جو جهوٽ سي زياده خطرناڪ هوتي هين.“

(صفحه-5، مجلس ترقي اردو ادب لاهور 1966ع ايڊيشن)

مٿين زرين اصولن جي معيار تي شاهه لطيف جي شاعري بابت ڊاڪٽر صاحب جو ڪتاب پورو نٿو اچي. سندس ڪتاب پڙهڻ سان ظاهر ٿئي ٿو ته هن کي مشرقي شاعري (عربي ۽ فارسي) جي ايجد جي به خبر نه آهي. فقط مغربي عينڪ سان شاهه جي شاعريءَ پرک ڪرڻ انصاف جو خون ڪرڻو آهي. ان ڪري اسان جو هي اعتراض ته رڳو نقادن جي راين تي شاهه جي شاعريءَ کي پرکي نٿو سگهجي. حقيقت تي مبني ۽ ناقابل ترديد آهي.

هڪ ٻيو اعتراض:

هن اعتراض کان علاوه هڪ ٻيو اعتراض به پيدا ٿئي ٿو، جو اصولي نوعيت جو آهي، يعني ته ڪنهن به شاعر جي شاعريءَ بابت ڪو به ليکڪ تيستائين ڪماحقه راءِ ڏئي نٿو  سگهي، جيستائين ان شاعر جي فڪر، نظريه ۽ شعر جي موضوع بابت مصنف کي ڪلي معلومات ۽ مطالعو نه آهي. مثال طور دور جديد جي هڪ وڏي شاعر علام اقبال جي فلسفي خودي جو مثال وٺي ڏسو. اقبال جي فلسفي خودي جي ڄاڻ ۽ مطالعي بغير هن جي شاعرءَ تي قلم کڻڻ مفيد نه ٿيندو.

ساڳيءَ طرح لطيف جي فڪر، سندس شاعري جي موضوع ۽ نظريه بابت مڪمل علم رکڻ جي بغير، محض لطيف جي شاعريءَ بابت مڪمل علم رکڻ جي بغير، محض لطيف جي شاعريءَ بابت لکڻ مان مقصد پورو نه ٿيندؤ ۽ لاچار اهڙي مصنف کي ڌڌڙ ۾ پير هڻڻا پوندا. شاهه جي ڪلام پڙهڻ کان پوءِ معلوم ٿو ٿئي  ته هو علم تصوف جو مبلغ آهي ۽ سندس شمار دنيا جي وڏن صوفي شاعرن مان ٿئي ٿو. لطيف فرمائي ٿو ته:

”صوفيءَ صاف  ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو،

تهان پوءِ ٿيو، جيئري پسڻ پرينءَ جو.“

نيز:

”ڪيو مطالعو مون، هو جو،

ورق وصال جو تنهن ۾ تون ئي تون،

ٻي لات نه لحظي جيتري.“

مطلب ته شاهه جو سڄو رسالو صوفيانه ۽ عارفانه ڪلام سان ڀريل آهي ۽ اها ڳالهه غير مسلم مصنفين به تسليم ڪئي آهي، ملاخطه ٿئي ڊاڪٽر گربخشاڻي جو رسالو جلد- 1 لکي ٿو ته، ”تصوف، شاهه جي شعر جي، گويا، تاڃي ۽ پيٽو آهي يا جيڪو تصوف، سندس شاعراڻي عمارت جو مکيه پايو چئجي. جيتوڻيڪ سندس شعر جا مضمون علحدا علحدا آهن، تڏهن به تصوف هڪ سر وانگر آهي. جنهن تي اهي مضمون موتين جيان مڙهيل آهن.“

اڳتي لکي ٿو ته: ”ڪن ڪن سُرن ۽ بيتن ۾، تصوف دونهيءَ جيان دٻيو پيو آهي، پر ڪن ڪن ۾ ته ڀڙڪو ڏيو ڀنڀٽ ڪيو وجهي.“

(صفحو- 84، اداره آواز ادب 1967ع ايڊيشن)

هڪ ٻيو غير مسلم انگريز مصنف سورلي صاحب لطيف جي شاعري بابت لکي ٿو ته، ”شاعريءَ جو سڄو لب و لهجه صوفيانو آهي، جيڪڏهن ائين چئجي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي (مشهور ڊچ فلاسفر) اسپينوزا (Spinoza) وانگر خدائي نشو چڙهيل هو ته اهڙو بيان غلط نه ٿيندو. لطيف جي شاعري ڳوڙهيءَ طرح مذهبي آهي ۽ اها ايران جي صوفي شاعرن وانگي اسلامي تصوف جي روح سان ڦوڪيل آهي.“

 (ڏسو سورلي جو انگريزي ڪتاب’شاهه عبداللطيف آف ڀٽ‘ صفحو- 225،

آڪسفورڊ پريس 1966ع ايڊيشن).

هڪ ٻيو هندو مصنف پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي پنهنجي ڪتاب ’شاهه ۾‘ تصوف جي ڄاڻ ۽ مطالعي کي ضروري قرار ڏي ٿو، ڇو ته سندس لکڻ مطابق ”جنهن صورت ۾ تصوف، شاهه جي شاعرانه عمارت جو مکيه پايو آهي، تنهن صورت ۾ ان جي بنياد ۽ اتهاس کي ڄاڻڻ ضروري آهي.“

(ڏسو ڪتاب مذڪور صفحو- 243، بمبئي 1951ع ايڊيشن)

ساڳي ڪتاب جي پڇاڙِيءَ ۾ آڏواڻي صاحب لکي ٿو ته، ”مطلب ته شاهه جي ڪلام ۾ مڙني صوفيانه ۽ رازن رمزن، عقيدن ۽ اصولن ڏانهن نهايت ئي دلپذير نموني ۾ اشارا آيل آهن. جن مان روح کي هڪ عجيب راحت ۽ فيض ٿو رسي.“ (صفحو- 350)

رچرڊ برٽن (Burton) صاحب پنهنجي ڪتاب ”سنڌ ۽ سنڌو ماٿري ۾ وسندڙ قومون“ ۾ لطيف جي متعلق مختصر ذڪر ڪيو آهي، سندس ڪتاب پهريون ڀيرو لطيف جي وفات کان پوءِ ٺيڪ هڪ سئو سال بعد 1851ع ۾ ڇپيو هو. برٽرن صاحب لکي ٿو ته، ”لطيف جي ڏيهه جا ماڻهو کيس ايران جي صوفي شاعر حافظ وانگر تصور ڪندا آهن.“

(ڏسو سندس ڪتاب صفحو- 73، آڪسفورڊ پريس ڪراچي 1973ع، ايڊيشن)

اسان جي پنهنجي مسلمان مصنفن جهڙوڪ مرحوم مير عبدالحسين خان سانگي پنهنجي پارسي ڪتاب ’لطائف لطيفي‘، مرحوم قليچ بيگ پنهنجي ڪتاب ’احوال شاهه عبدالطيف ڀٽائي‘ ۽ مرحوم مولانا دين محمد وفائي پنهنجي ڪتاب ’لطف اللطيف‘ ۾ شاهه جي صوفيانه ۽ عارفانه شاعريءَ بابت گهڻو ڪجهه لکيو آهي. مون انهن مسلمان مصنفن کي نظرانداز ڪري غير مسلم مصنفن جو حوالا ڏنا، جي سڀئي اتفاق ٿا ڪن ته شاهه جي سموري شاعري تصوف سان رڱيل آهي ۽ ڳوڙهيءَ طور مذهبي آهي.

هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته، جنهن به شخص کي مذهب ۽ تصوف جي ڄاڻ ۽ مطالعو نه آهي، اهو شاهه جي شاعري بابت لکڻ جو ڪيئن محاز آهي؟ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ شاهه جي فڪر فلسفي ۽ شاعريءَ جي اپٽار، پورهيت انقلاب جي آئيني سان ڪئي ۽ ان جي شروعات پرمٽوڪميونزم سان ٿئي ٿي. هن معيار تي مئڪسم گورڪي جي مشهور روسي ڪتاب ’امڙ‘ کي ته پرکي سگهجي ٿو، پر شاهه جي رسالي ۽ سندس شاعرءَ کي هرگز پرکي نٿو سگهجي. مون ثابت ڪيو ته تنوير کي شاهه جي فڪر ۽ سندس تصوف جي علم جو ڪو مطالعو نه آهي، ان ڪري لطيف جي شاعري بابت سندس ڪتاب جي ڪا وقعت نه آهي.

سائنسي ۽ ادبي کوجنائون:

پنهنجي ڪتاب جي حق ۾ وڌيڪ دليل ڏيندي ڊاڪٽر عباسي صاحب لکي ٿو ته: ”جيئن مغربي سائنسدانن پراڻا ۽ فرسوده نظريا مٽائي ڇڏيا، تيئن ادب جي باري ۾ به آهي. جيئن اسان مغرب جي ايجاد خوردبينيءَ سان، گلن، ٻوٽن، توڙي انساني جسم جي باريڪ جوڙجڪ ٿا جاچيون، تيئن ادبي کوجنائن مان فائدو وٺي ۽ اسان پنهنجي ادب کي چڱيءَ ريت پرکي پروڙي ۽ ان مان وڌيڪ حظ حاصل ڪري سگهون ٿا.

ڊاڪٽر صاحب جي اها ڳالهه صحيح آهي ته، مغربي سائسندانن پراڻا فرسوده نظريا مٽائي ڇڏيا آهن. پر پنهنجي موقف جي وضاحت لاءِ کيس اهڙن فرسوده نظرين جا مثال به ڏيڻ کپن ها. هر شخص جنهن سائنس جي تاريخ پڙهي آهي، گواهي ڏيندو ته علم سائنس ۾ جلدي تبديلي ايندي رهي ٿي ۽ هر سائنسدان پنهنجي پيش رو سائنسدانن جي نظرين کي باطل ۽ فرسوده قرار ڏي ٿو. مثال طور ڪنهن سمي سائنسدانن جو نظريو هو ته، زمين هن ڪائنات جي مرڪز ۾ آهي. پر پندرهين صدي جي مشهور پولينڊ جي سائنسدان ڪوپرنيشنس (Copernicious) ان نظريي کي فرسوده قرار ڏئي ٻڌايو ته، زمين نه پر سج ڪائنات جي مرڪز ۾ آهي.پر بعد جي سائنسدان مثلاً گئليلو، ليونارڊو ونسي (Vinci) ۽ ڊنمارڪ جي مشهور سائنسدان ٽائڪو براهي (Tycho Brahe)  ڪوپرنيشس جي نظريات کي فرسوده ثابت ڪيو.

ائين قصو هلندو آيو، تان جو اڻويهين صديءَ ۾ آئن اسٽائن جي نظريه اضافيت سائنس جي دنيا ۾ وڏو انقلاب پيدا ڪيو ۽ ڪيتريون ئي سائنس توڙي فلاسفي جون ٿيئرون پنهنجي موت مري ويون ۽ نيوٽن جو لا آف ڪازيشن توڙي مادي جو پراڻو، غير فاني هجڻ وارو تخيل پرزا پرزا ٿي ويو. اهو ئي سبب آهي ته زمانه حال جي هڪ وڏي دانشور فلسفي ۽ سائنسدان پروفيسر وائيٽ هيڊ (White Head) پنهنجي ڪتاب سائنس ۽ جديد دنيا (Science and Modern Word) ۾ لکي ٿو ته: ”سائنس دينيات کان به وڌيڪ تغير پذير آهي. ڪو به سائنسدان اڄ غير مشروط نموني گئليلو يا نيوٽن جي حمايت نه ڪندو. ٻيو ته ٺهيو، پر اهڙو سائنسدان ڏهه سال اڳ پيش ڪيل پنهنجي سڀني سائنسي معتقدات جي به تائيد ڪرڻ لاءِ تيار نه رهندو.“

“Science is even more changeable than theology. No man of science could subscribe without qualification to Golilos belief or to Newtons belief, or to all his scientific beliets of ten years ago.

(Page-212, Palican 1938 ED. London.)

هي آهي سائنسي نظرين جي تبديلي ۽ فرسوده ٿيڻ جي ڪهاڻي هينئر مان ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ کان هڪ سوال ٿو پڇان، هو لکي ٿو ته: ”جيئن مغربي سائنسدانن پراڻا ۽ فرسوده نظريا مٽائي ڇڏيا، تيئن ادب جي باري ۾ به آهي.“ مٿين مثالن سان مون ثابت ڪيو ته سائنس جي دنيا ۾ ڪهڙا نظريا آيا ۽ فرسوده ٿي ويا. ان حد تائين ڊاڪٽر صاحب جي ڳالهه درست آهي. هاڻي مهرباني ڪري اسان کي اوهان ٻڌايو ته ادب جي ميدان ۾ مغربي اديبن ڪهڙا اسان جا ادبي نظريا فرسوده ثابت ڪيا، جو شاهه کي پرکڻ لاءِ اوهان فقط مغربي نقادن تي انحصار ڪيو آهي. اوهان جن مغربي ڪتابن جا حوالا ڏنا آهن، انهن ۾ ڪٿي به ائين لکيل ڪو نه آهي، ته شاعري بابت ’فلاڻن فلاڻن‘ مشرقي عالمن جا نظريا بيڪار ۽ فرسوده ٿي چڪا آهن ۽ انهن جي هيئنر ڪا ضرورت نه آهي، هي فقط اوهان جو مفروضو ۽ گپوڙو آهي، جنهن جي علمي ۽ ادبي دنيا ۾ ڪا حقيقت نه آهي.

مثال طور، لفظ ’شاعريءَ‘ کي و‎ٺو، اسان جي مشرقي عالمن لکيو آهي ته، شاعر جي ڪا به جامع صحيح تعريف نه آهي. اها ساڳي راءِ مغربي عالمن جي پڻ آهي، جيئن سورلي صاحب لکي ٿو ته:

“poetry , Like romance, and religion, and other terms of the same nature, is a word of vast but undefined meaning.”

(Page-199)

شيڪسپيئر، خيام ۽ غالب جي پرک:

پنهنجي ڪتاب جي حمايت ۾ وڌيڪ جواز پيش ڪندي تنوير صاحب لکي ٿو  ته، ”شيڪسپيئر، خيام يا غالب کي جهڙيءَ ريت گذريل صديءَ ۾ پرکيو ۽ سمجهيو ويندو هو، انهن شاعرن کي اڄ ان کان مختلف نموني ۾ پرکيو ۽ سمجهيو وڃي ٿو ڇو ته شعور کي پرکڻ ۽ ان جي ماڻڻ جا نوان طريقا ايجاد ٿي ويا آهن. جي اسان انهن نون طريقن کان اکيون ٻوٽي ڇڏيون ته شاهه لطيف جي ڪيرن ئي خوبين کان بي خبر رهجي وينداسين ۽ شعر کي چڱيءَ طرح ماڻي نه سگهنداسين.“

(صفحو-9)

هتي به ڊاڪٽر تنوير صاحب ڌڪو هنيو آهي، هو اسان کي ٻڌائي ته شيڪسپيئر، خيام يا غالب کي اڄ ڪيئن گذريل صديءَ کان مختلف پرکيو وڃي ٿو. مهرباني ڪري شيڪسپيئر، خيام يا غالب جي فن ۽ شاعري بابت اهڙن نون ڪتابن ۽ مصنفن جا نالا ٻڌايو؟ ظاهر آهي ته اوهان جو جواب نفي ۾ آهي. مثال وٺو، شيڪسپيئر بابت سئمل جانسن هڪ ڪتاب پنهنجي مهاڳ ۽ نوٽن سميت 1725ع ۾ شايع ڪرايو هو. جنهن کي سوا ٻه سئو سالن گذرڻ بعد اڄ به انگريزي ادب ۾ وڏي قدر جي نگاه سان ڏٺو وڃي ٿو.

ڊاڪٽر تنوير صاحب ٻڌائي ته شعر جي جديد پرک مطابق شيڪسپيئر بابت ڪهڙو ڪتاب اڄ جي زماني م لکيو ويو، جنهن مطابق جانسن توڙي ٻين مصنفن کان شيڪسپيئر کي بقول سندس مختلف نموني پرکيو ۽ سمجهيو وڃي ٿو؟ ساڳيو سوال مان کانئس عمر خيام توڙي غالب متعلق پڇندس. تنوير ته  شايد عمر خيام جو نالو ٻڌو آهي. کيس معلوم هئڻ گهرجي ته عمر خيام جي حياتي، فلاسفي ۽ شاعري بابت ڪافي ڪتاب لکيا ويا آهن، پر سڀ کان جامع ۽ بهترين ڪتاب مرحوم مولانا سيد سليمان ندويءَ جو ڪتاب ’حيات عمر خيام‘ آهي.جنهن لاءِ اهل ذوق حضرات جو چوڻ آهي ته، ان کان افضل ڪتاب ڪو نه لکيو ويو. شايد هن ئي ڪتاب لکڻ تي ايران گورنمينٽ سيد صاحب کي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ڏني هئي.

ڊاڪٽر تنوير صاحب اسان کي ٻڌائي ته، اڄ عمر خيام کي سيد سليمان ندوي جي ڪتاب کان ڪيئن مختلف نموني سمجهيو ۽ پرکيو وڃي ٿو. مهرباني ڪري اهي مصنف جي نالي کان اسان کي آگاهه ڪيو، ظاهر آهي ته هن سوال جو اوهان وٽ ڪو جواب نه آهي.

شيڪسپيئر ۽ عمر خيام سان گڏ غالب جي زندگي ۽ شاعريءَ بابت پهريون ڪتاب سندس شاگرد مرحوم مولانا الطاف حسين صاحب حالي ’يادگار غالب‘ جي نالي سان لکيو. ٻڌايو ته اڄ بقول اوهان جي ڪيئن غالب مختلف نموني ۾ پرکيو ۽ سمجهيو وڃي ٿو؟ جيئن اوهان شاهه لطيف جي شاعريءَ کي رڳو مغربي نقادن جي حوالي سان پرکيو آهي، ڇا غالب بابت به ڪو اهڙو ڪتاب لکيو ويو آهي؟ ته پوءِ اوهان لطيف جي شاعريءَ بابت پنهنجي ڪتاب ۾ ڇو ٿا لٻاڙ هڻو.

سچ پچ ته مان تنوير جي ڪتاب جي جواب ڏيڻ لاءِ ان ڪري مجبور ٿيس جو ترقي پسند اديبن پروپيگنڊا ڪئي ته شاهه جي شاعريءَ بابت تنوير جو ڪتاب وڏو مقام رکي ٿو، جو ان نموني شاهه کي اڄ تائين ڪنهن به نه پرکيو آهي. هيءَ دعويٰ بي بنياد ۽ غلط آهي.

ڇا شعر جي پرک جا طريقا بدليا آهن؟

ڊاڪٽر تنوير صاحب فرمائي ٿو ته، ”شاعر کي سمجهڻ،  ان جو مزو ماڻڻ توڙي ان مان حظ حاصل ڪرڻ جا طريقا اڄ بدلجي ويا آهن.“ ٻين لفظن ۾ اسان جي مشرقي عالمن ۽ اديبن شاعريءَ جي مفهوم، پرک ۽ ان مان حظ وٺڻ لاءِ جيڪي ڪجهه لکيو، مغربي عالمن جي تحقيق ۽ کوجنائن ان کي بدلائي ڇڏيو. هن سلسلي ۾ مان مٿي لکي آيو آهيان ته ڪنهن به مغربي عالم پاڻ اهڙي دعويٰ ڪڏهن به نه ڪئي آهي. ان ڪري مون ڊاڪٽر صاحب کان سوال ڪيو ته مهرباني ڪري اهڙن مغربي مصنفن ۽ ڪتابن جا حوالا ڏيو. پر ان جي برعڪس مون مطالعو ڪري ڏٺو ته خود مغربي عالمن مشرقي شاعري کي خود مشرقي اديبن ۽ نقادن جي حوالي سان پرکيو. مثال طور پروفيسر نڪلسن صاحب جو ڪتاب ”عربن جي ادبي تاريخ“ (A Literary History of Arabs) يا برائون جي ڪتاب ”ايران جي ادبي تاريخ“ (A Literary History of Persia) کي پڙهيو ته منهنجي نڪتي جي تصديق ٿيندي.

ڊاڪٽر تنوير صاحب کي نڪلسن توڙي برائون جي علم جي زڪوات ملي ته به پاڻ کي خوش نصيب سمجهي. ڊاڪٽر تنوير صاحب مون کي معاف ڪري. لطيف جي شاعريءَ بابت سندس ڪتاب پـڙهي پڪ ٿيم ته هو مغرب جي ذهني غلامي ۾ مبتلا آهي ۽ شاعريءَ بابت جو ڪجهه گورن لکيو آهي، ان کي سئو في صدي درست سمجهي پنهنجي ڪتاب ۾ نقل ڪيو اٿس. جيتوڻيڪ انهن گورن پنهنجي طرفان مشرقي اديبن جي تنقيد ۽ تحقيق جي باري ۾ هڪ اکر به ڪو نه لکيو، پر ڊاڪٽر تنوير صاحب ائين ٿو سمجهي ته شعر جي پرک جا نوان طريقا ايجاد ٿي ويا ۽ پراڻا معيار بدلجي ويا. وارو ڪيو! لطيف کي جديد تحقيق مطابق پرکيو نه ته اسان هن جي شاعريءَ جو حظ نه ماڻي سگهنداسون.

منهنجي تنوير کي سهڻي صلاح آهي ته اوهان فقط سنڌ ۾ پنهنجي ڪتاب جي ڇو ٿا تعريف ڪرايو. مهرباني ڪري پنهنجي ڪتاب جون ٻه چار ڪاپيون نوبل پرائيز وٺڻ لاءِ اسٽاڪ هوم موڪليو، جتي دنيا جا سڀ اديب اچي گڏ ٿيندا آهن ۽ اوهان جي تحقيق هنن جي لاءِ به مشعل راهه بڻبي ته شعر جي پرک لاءِ مشرقي اديبن جهڙوڪ ابن رشيق قيرواني يا حضرت نظامي عروضي سمرقندي جو ڪجهه لکيو آهي، اهو بڪواس آهي، مردود ۽ باطل سمجهڻ گهرجي ۽ هن سلسلي ۾ انگريز ليکڪن جي تحقيق سڀني دنيا جي سڌريل ٻولين جهڙوڪ جرمن، فرينچ، اسپينش، روسي، عربي ۽ فارسي لاءِ واجب الاحترام ۽ قابل تقليد آهي.

ڊاڪٽر تنوير صاحب کي مشرقي شاعريءَ جو مطالعو نه آهي ورنه کيس خبر پوي ها ته اڄ ٽي- ايس- ايلٽ وارن شاعريءَ متعلق جو ڪجهه لکيو آهي، اهو گهڻي ڀاڱي اسان جي قديم دور جي مشرقي اديبن کان ورتل آهي. هن سلسلي ۾ ڪافي بحث ڪري سگهجي ٿو پر هتي ايتري گنجائش نه آهي، هڪ ٻن مثالن سان پڙهندڙ حضرات پاڻ اندازو ڪري ويندا.

شاعري ابن رشيق ۽ ايلٽ جي نظر ۾:

ياد رکڻ گهرجي ته علامه ابن رشيق جو اصلي نالو ابن علي الحسن بن ابن رشيق هو، هو آفريڪا جو باشندو هو، سندس ولادت 999ع ۾ ٿي ۽ پنجهٺ سالن جي عمر ۾ سن 1064ع ۾ وفات ڪيائين. ان حساب سان سندس لاڏاڻي کي 9 سئو سالن کان به  وڌيڪ عرصو گذريو آهي. ابن رشيق جو پيءُ سونارڪو ڌنڌو ڪندو هو ۽ پنهنجي فرزند کي به ساڳي ڌنڌي سان لڳايائين، پر ابن رشيق پنهنجي اباڻي ڌنڌي سان گڏ ادب ۽ شاعريءَ جي تحصيل ڪئي ۽ ان سلسلي ۾ آفريقا جي دارالعلوم جي تحصيل قيروان هليو ويو، جنهن ڪري کيس ابن رشيق قيرواني ڪري چوندا آهن.

ابن رشيق پاڻ شاعربه هو، هن علم ادب بابت ڪيترائي ڪتاب لکيا هئا: پر انهن ۾ سندس مشهور ڪتاب ”العمدت في محس الشعر و آدابه و نقده“ آهي. جو علم شعر جي تحقيق ۽ تنقيد بابت لکيل آهي. ابن رشيق جي ڪتاب ”العمدت“ جي عظمت لاءِ علامه ابن خلدون جي هڪ ئي شاهدي ڪافي آهي، جنهن لکيو آهي ته: ”فن شعر بابت ابن رشيق جي ڪتاب العمدت کان وڌيڪ درجي جو ٻيو ڪتاب نه لکيو ويو.“ شاعريءَ جي موضوع بابت ابن رشيق جو هڪ وڏو نظم آهي، جنهن جو آخري جملو آهي ته:

”وفاذا قيل اطمع الناس طر آ

واذا ريم اعجز المعجزينا.“

يعني ته”جڏهن اهڙو شعر چيو وڃي، ته سڀ ماڻهو طمع ڪن ته اسين به هوند اهرو چئي وڃون، مگر جڏهن ڪوشش ڪن ته انهن کي عاجز ڪيو وجهي.“ ابن رشيق جو شعر بابت هي املهه نظم سڄي جو سڄو ابن خلدون پنهنجي مقدم ۾ به نقل ڪيو آهي. (ملاخطه ٿئي مقدمه العلامت ابن خلدون صفحه 576 مطبوعه قاهره مصري نسخو.)

 شعر بابت هي خيال هڪ هزار سال اڳ آفريقا جي اونداهي کنڊ ۾ رهندڙ سونارڪو ڌنڌو ڪندڙ هڪ مسڪين مسلمان ابن رشيق پيش ڪيو هو ۽ ساڳيو خيال لفظن جي ڦير گهير سان ويهين صدي جي مشهور انگريز اديب ۽ نقاد مسٽر ٽي- ايس- ايلٽ پيش ڪيو، جنهن جي ڪتاب مان ٻيا ڪيترائي  حوالا ڊاڪٽر تنوير ڪوريا آهن. ايلٽ پنهنجي ڪتاب (On Poetry and Poets) ۾ اجهو هن طرح لکيو ٿو:

“No Poetry ofcourse, is ever exactly the same speech that the poet talks and hears: but it has to be in such a relation to the spoeech of his time couldthat the  Listener or reader can say, that is how I should talk if I talk Poetry.”

(Page 31)

قارئين! انصاف ڪري ڏسندا ته شاعريءَ بابت ايلٽ جي ڪتاب مان نقل ڪيل آخري جملي کان به ابن رشيق جو جملو وڌيڪ افضل آهي. ايلٽ جي آخري جملي جو مطلب آهي ته: ”شاعري جي ٻڌندڙ يا پڙهندڙ کي اها تمنا پيدا ٿئي ته جي هو به شاعري ۾ گفتگو ڪرڻ چاهي ته هوند پاڻ به ائين ڪلام ڪري، جيئن شاعر چيو آهي.“

پڙهندڙ حضرات کان شاعري ٻڌي ان طرز تي گفتگو ڪرڻ جي تمنا ٻنهي اديبن ابن رشيق ۽ ايلٽ وٽ موجود آهي، پر ابن رشيق آخري جملو لکي ايلٽ کي به ماري ويو. ”اذا ريم اعجز المعجزينا“ مگر جڏهن (پڙهندڙ يا ٻڌندڙ) ڪوشش ڪن ته انهن کي عاجز ڪيو وجهي.“ ان جو نالو آهي آفاقيت. ٻڌايو ڊاڪٽر تنوير عباسي صاحب! ڪٿي آهي، اوهان جي ايلٽ جو مقابلو ابن رشيق سان؟ سچ پچ پنهنجي لاکيڻي لطيف جي شاعري ان قسم جي آهي جا ابن رشيق بيان ڪئي، صاف ظاهر آهي ته تنوير جو اهو چوڻ ته جديد تحقيق جي روشنيءَ ۾ شعر جا طريقا بدلجي ويا، سراسر غلط ۽ بي بنياد آهي.

مشرقي شاعري جي پرکڻ ۽ ان جي ماڻڻ جا نوان طريقا ايجاد به نه ٿيا ۽ نه وري ان جا طريقا بدليا. البته ترقي پسند سڀ اديب تنوير سوڌو پاڻ بدلجي ويا ۽ تاريخ جو فيصلو آهي ته جي ماڻهو پنهنجي سونهري ورثي کي ڇڏي بدلجي ويندا آهن، انهن کي ڌاريا به پنهنجو نه ڪندا آهن. بقول لطيف:

”هي منهن ڏيئي ٻن، تون وهه کائي نه مرين،

تان جي ملير ڄائيون، توسين سنڱ نه ڪن،

تون ڪيئن منجهان تن، پاڻ ڪوٺائين مارئي.“

 هڪ ٻيو مثال:

ٽي- ايس- ايلٽ پنهنجي ڪتاب ۾ چڱي شعر بابت اسان کي هڪ فطري قانون ڏانهن متوجه ڪري ٿو ۽ ٻڌائي ٿو ته، ”اهو قانون هي آهي ته شاعري کي اسان جي مروج استعمال ٿيندڙ چاهي ٻڌل روزمره جي ٻوليءَ کان گهڻو پري ڀٽڪي نه وڃڻ گهرجي.“

“The law that Poetry must not stray too far from the ordinary every day language which we use and hear.”

(P-29)

ٻين لفظن ۾ هر اها شاعري جنهن ۾ روزمره جي ٻولي استعمال ٿي نه آهي ته ان مان ڪو به مزو يا حظ محسوس نه ٿيندو، ڇو جو بهترين شعر اهو آهي، جو عام فهم هجي ۽ عام فهيم تڏهن ٿيندو جڏهن اهڙي شاعري روزمره جي استعمال ٿيل ٻوليءَ ۾ هجي. شيخ اياز صاحب جي شاعريءَ ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ هي عيب آهي جو اها مٿي ڏسيل ايلٽ جي معيار تي پوري نه ٿي ٿئي.

اصل ۾ چڱي شعر لاءِ مٿين خوبيءَ جو هجڻ به ابن رشيق پنهنجي ڪتاب ”المعدت“ ۾ هڪ هزار سال اڳ پيش ڪيو. هو پنهنجي ڪتاب ۾ مهدي جي وزير ابو عبدالله جو هڪ قول نقل ڪري ٿو ته: ”چڱو شعر اهو آهي جو عام فهم هجي ۽ خاص کي به پسند اچي.“

”وقال ابو عبدالله وزير المهدي: خير الشعر مافهمہ العامت و رضيہ الخاصت.“ ڏسو ”المعدت“ صفحو- 133، مطبوعه قاهره 1934ع ايڊيشن.

قارئين ڪرام اندازو لڳايو هوندو ته هي مثال محض ڊاڪٽر تنوير صاحب جي هن راءِ جي ترديد ۾ نقل ڪيا ويا ته شعر جا طريقا بدلجي ويا. ٻين لفظن ۾ مغربي نقادن جي راءِ آخري ۽ حتمي آهي. اوهان ملاخطه ڪيو ته ايلٽ کان هڪ هزار سال اڳ ابن رشيق پنهنجي ڪتاب ”المعدت“ ۾ شعر بابت جو ڪجهه لکيو، اهو باوجود ايڏي وقت گذرڻ جي اڄ به نئون آهي. ڊاڪٽر تنوير صاحب فقط ايلٽ جو ڪتاب پڙهي غلط فهميءَ ۾ پئجي ويو ۽ اهڙيءَ طرح اسان جي ماضيءَ جي شاندار لٽريچرکي مردود ثابت ڪرڻ لاءِ هڪ جسارت ڪيائين.

شاعري متعلق وڌيڪ مختصر گذارش ڪندي، حضرت علي رضه جو هڪ قول ٿو پيش ڪيان، جو ابن رشيق پنهنجي ڪتاب ”المعدت“ ۾ نقل ڪيو آهي. ”الشعرميزان القوم.“ (صفحو- 78) مان چئلينج ٿو ڪريان ته ڇا دنيا جي ڪنهن به لٽريچر ۾ شاعري بابت ههڙي تعريف ملي ٿي؟ ڪيئن ٿا چئو ته شعر کي سمجهڻ ۽ ان مان حظ وٺڻ جا طريقا بدلجي ويا آهن؟

حقيقت هيءَ آهي ته مٿين مثالن سان تنوير جي ڪتاب جو بنياد ”منهدم“ ٿي ويو.هن پنهنجي ڪتاب جي تاليف جا جيڪي به سبب ٻڌايا، مون هڪ هڪ ڪري ان جو جواب ڏنو. ثابت ٿي ويو ته سندس ڪتاب پڙهڻ سان لطيف جي شاعريءَ جي بلندي اوجهل ٿي ويندي، ڇو ته هن کي مشرقي شاعريءَ جو ڪو مطالعو نه آهي ۽ نڪي وري لطيفي فڪر جي ڪا ڄاڻ اٿس، ان کان پوءِ تنوير جي ڪتاب تي وڌيڪ بحث ڪرڻ جي ڪا ضرورت محسوس نٿي ٿئي. ان جي باوجود ڪتاب ۾ بعض اٿاريل ٻين نڪتن جو به جواب پيش خدمت آهي.

ڊاڪٽر تنوير صاحب ۽ قديم ڪميونزم جو نظريو:

خبر نه آهي ته، ڪهڙن سببن ڪري لطيف جهڙي هڪ خدا پرست صوفي شاعر جي پرک لاءِ ڊاڪٽر تنوير عباسي قديم اشتراڪي سماج جي مسئلي تي ڪتاب جو آغاز ڪيو! مان مٿي لکي آيو آهيان ته هن معيار تي مشهور روسي اديب گورڪي يا پيشڪن جا ڪتاب ته جاچي سگهجن ٿا، پر لطيف جي رسالي ۽ شاعريءَ کي انهن اصولن تي هر گز توري نٿو سگهجي.

ڊاڪٽر تنوير صاحب لکي  ٿو ته: ”انساني تهذيب جي پرهه ڦٽڻ وقت، انسان جو سمورو سرمايو انسانن لاءِ هو. پوءِ اهو سرمايو جسماني محنت جو نتيجو هجي يا ذهني پورهئي جو ڦل. ان تي ڪنهن به هڪ شخص يا ٽولي جو قبضو نه هو. نه ذهني پورهئي جي پرماريت هئي، نه جسماني محنت جو استحصال. ان دور ۾ کاڌو خوراڪ، زمين جي پيداوار توڙي هر قسم جو شڪار سڄي سماج لاءِ هوندا هئا. ان سان گڏ کيت ۽ اناج پڻ اجتماعي هئا.“

في الحقيقت مٿي تنوير جي الفاظ ۾ پرمٽو ڪميونزم جو تصور ڪارل مارڪس پنهنجن تحريرن ۾ پيش ڪيو ته ان وقت ذهين انسانن شديد اعتراض ڪيا هئا. هنن جو چوڻ هو ته انساني تاريخ ۾ ائين ڪڏهن ڪو نه ٿيو  جو کاڌ خوراڪ، زمين جي پيداوار توڙي هر قسم جو شڪار سڄي سماج لاءِ هجي. مارڪس هن سوال جي جواب لاءِ هيءَ ٿيئري واضع ڪئي ته قديم انساني سماج ۾ گڏيل ملڪيتن جو سسٽم رائج هو. مارڪس اهڙي دور کي (Thesis) ڪوٺي ٿو. ۽ پوءِ انفرادي ملڪيتن جو چڪر هليو، جو پهرئين دور جو (Antithesis) ڪوٺجي ٿو ۽ ان نموني سان ٽيون دور شروع ٿئي ٿو، جنهن کي (Synthesis) ٿو ڪوٺجي.

مارڪس پنهنجي سڀني ڪتابن ۾ قديم ڪميونسٽ سماج لاءِ لکيو، پر خاص طور پنهنجي ڪتاب (A critique of Political Economy) ۾ هن مسئلي تي روشني وجهي ٿو. مارڪس جي هڪ ٻئي ڪتاب (The Philosophy of Poverty) ۾ به قديم اشتراڪي سماج بابت بحث ٿيل آهي. هي ڪتاب هن پنهنجي زماني جي مشهور فرينچ سوشلسٽ پروڌون (Prodhon) جي جواب ۾ لکيو هو. قديم سماجن جي اشتراڪن هجڻ جي دعويٰ مارڪسي مفڪرين زور شور سان پيش ڪئي. قديم مان هنن جي مراد اڄ کان ڪيترائي هزار سال اڳ آهي. پر جديد زماني ۾ تاريخ علم تي وڏي ۾ وڏي ريسرچ ٿي آهي.

هن سلسلي ۾ جڳ مشهور تاريخدان آنجهاني پروفيسر ٽوائن بي جون خدمتون ناقابل فراموش آهن، جنهن ”تاريخ جو مطالعو“ (A study of History) ٻارهن جلدن ۾ لکيو. سندس ڪتاب ”مذهب جي  متعلق هڪ تاريخدان جي گفت و شنيد“ (An Historions approach to Realigion) تاريخ جي مطالعي جي سلسلي جي  هڪ اهم ڪڙي آهي. هن ڪتاب ۾ ٽوائن بي اسان کي ٻڌائي ٿو ته ”انسان جي مدون تاريخ فقط ڇهه هزار سال پراڻي آهي. (حوالي لاءِ ڏسو مسٽر سراج ميمڻ تي منهنجي تنقيدي ڪتاب ”ڀيلي تي ڀليڪار“). هاڻي انهن ڇهه هزار سالن جي تاريخ ۾ ڪٿي به اشتراڪي سماج جو ڪو سراغ ئي نٿو ملي. محققين هيگل ۽ مارڪس جي تاريخ جي هن مادي تصور جو جائزو وٺي ثابت ڪيو ته مٿي تاريخ جي ٽنهي دورن “Thesis” پوءِ “Antithesis” ۽ “Synthesis” بابت ڪنهن کي به شروعات يا پڇاڙي جي ڪا خبر نه آهي. هڪ مغربي محقق ڪارل فيڊرن (Karl Federen) پنهنجي عالمانه ڪتاب ”تاريخ جو مادي تصور.“

(The Materialistic Conception of History) بابت مٿين راءِ ڏيندي لکي ٿو ته:

“History proceeds as an uneding stream of which no one knows the beginning or the end. It provides no terminus aquo, and thus makes it imsyn-thesis or- possible to determine which of its stages are thesis, Anti thesis.”

(P-209, 1939 Ed)

اها بلڪل حقيقت آهي جيئن پروفيسر  فيڊرن چوي ٿو ته: ”تاريخ هڪ اڻ کٽندڙ وهڪري جي مثل هلي ٿي، جنهن جي منڍ ۽ پڇاڙي جو ڪو پتو ڪو نه ٿو پوي.“ ۽ ڪهڙو دور ٿيسز، ائنٽي ٿيسز يا ان جو سنٿيسز آهي. ان ڪري قديم اشتراڪي سماج متعلق  مارڪسي مفڪرين جي دعويٰ هڪ گپوڙو ۽ تاريخي افسانو آهي، جنهن کي تنوير بنان ڪنهن سوچ سمجهه جي پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ڇڏيو.

پر قديم اشتراڪي سماج واري بحث کي ختم ڪندي ضروري آهي ته، هن نظريه جي باني ڪارل مارڪس بابت  به ٻه اکر قارئين آڏو پيش ڪيان اڄوڪي دور ۾ مارڪس جي بلند شخصيت بابت جيتري پروپئگنڊا ٿي آهي، ايتري شايد ئي ٻئي ڪنهن شخصيت لاءِ ٿي هجي. پر حقيقت هن ريت آهي ته مارڪس همعصر دانشورن جهڙوڪ جان اسٽوئرٽ مل (Jhon Stuart Mill) ۽ ٻين آڏو علمي ڄامڙو هو ۽ مزي جي ڳالهه اها آهي ته پنهنجي وقت جو وڌ ۾ وڌ  غير معروف انسان هو ۽ هينئر  مرڻ کان سئو سال بعد دنيا جو عظيم ترين دانشور سڏجي ٿو.

ويهين صديءَ جي وڏي دانشور ۽ ممتاز فلسفي آنجهاني برٽرانڊ رسل (Bertrand Russel) پنهنجي ڪتاب (Portraits from Memory) ۾ مارڪس جي شخصيت متعلق جيڪي ڪجهه لکيو، اهو نهايت ئي بصيرت افروز ۽ دلچسپ آهي. لکي ٿو ته: ”مارڪس جنهن کي اڄ اسين ڏسون ٿا ته ڪو هو جان اسٽوئرٽ مل جو وڏو  بااثر همعصر هو، پر جيتري قدر مان معلوم ڪري سگهيو آهيان ته ’مل‘ پنهنجي ڪنهن به تحرير ۾ ماڪس جو ذڪر به نه ڪيو آهي. بلڪل ٿي سگهي ٿو ته، ’مل‘ مارڪس کي ٻڌو به نه هجي. مارڪس جو ڪميونسٽ منشور ’مل‘ (Mill) جي ڪتاب ’پوليٽيڪل  اڪانومي‘ وانگر ساڳي سال ۾ شايع ٿيو هو. پر تهذيب جي نمائندن کي مارڪس جي ڪتاب جي ڪا ڪل نه رهي. مون کي تعجب آهي ته اسان جي اڄوڪي دور ۾ هڪ غير معروف شخص سئو سال گذرڻ بعد ڪيئن پاڻ کي اسان جي عهد جو سڀ کان بلند يا نمايان شخصيت ثابت ڪندو.“

“Marx, whom we can now see to have been the most influential of Mills contemporaries, is, so far as I have been able to discover, not mentioned in any of Mills writings, and it is quite probable that Mill never heard of hin. The communist Manifesto was Published in the same year as mills political Economy but the men who represented culture did not khow of a hun-it I wonder what unknown person in the present day will prove, dred years hence, to have been the dominat figure of our time.”

(P121, 122 Unwin Ltd London 1957ED:)

هي آهن مارڪس جي شخصيت متعلق دنياجي هڪ عظيم ترين دانشور جا رمارڪ، جنهن جي هڪ افسانوي فلاسفي سان ڊاڪٽر تنوير صاحب لطيف جي شاعريءَ متعلق ڪتاب جي شروعات ڪئي آهي. ڪٿي مارڪس! ۽ ڪٿي لطيف! بقول اقبال:

پرواز هي دونون کي اسي ايک فضا مين،
کر گس کا جهان اور شاهين کا جهان اور-

 

پنهنجي ڪتاب ۾ ڊاڪٽر تنوير صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته: ”ان سموري نظام ۾ سنڌ به سڄيءَ دنيا سان بدلبي  رهي. انهن تاريخي تبديلين جي شڪنجن ۾ سنڌ به جڪڙيل رهي. سنڌ تي عربن، ارغونن، ترخانن جي حملن ۽ مغلن جي هلائن سنڌي ٻوليءَ کي چيڀاٽي ڇڏيو. سنڌي ٻوليءَ ۾ شعر چوڻ وارا سرڪاري ۽ درٻاري سرپرستي نه هجڻ سبب گمنام ٿيندا ويا. پهرين عربي ۽ پوءِ فارسي زبان ۾ شعر چوندڙن جو  نانءُ نمود ٿيڻ لڳو. سنڌي ٻوليءَ جي عظيم شاعرن قاضي قاضن، شاهه ڪريم بلڙيءَ واري، لطف الله قادري ۽ شاهه عنايت جو ڪلام گم ٿي ويو. (س- 4 ۽ 5)

عربن جي حڪومت ۽ سنڌي ٻولي

عربن جي متعلق پنهنجي سنڌ جي ترقي پسند اديبن جون تحريرون پڙهي مون کي ارمان به ٿيندو آهي ۽ کل به ايندي آهي. ڪڏهن ٿا چون ته فاتح عربن مفتوحن جا ’سڪندريه‘ ڪتب خاني وانگر سنڌ ۾ به لائبريريون ساڙايون ۽ مون هن الزام جي ترديد ۾ خود معربي عالمن ۽ تاريخدانن جا حوالا پيش ڪيا ۽ اسان جي دوستن کي جواب ڏيڻ جي جرئت ئي نه ٿي. (ملاخطه ٿئي منهنجو ڪتاب ’ڀيلي تي ڀليڪار‘) ۽ هاڻي تنوير صاحب چوي ٿو ته عربن سنڌي ٻوليءَ کي چيڀاٽي ڇڏيو. مان اوهان کان پڇان ٿو ته عربن جي خلاف هن بي بنياد الزام جي لاءِ اوهان وٽ ڪهڙي ثابتي آهي؟ عربن جي علم دوستيءَ لاءِ مغربي عالمن جهڙوڪ بريفالٽ، هٽي، برٽرانڊ رسل ۽ مشرقي دانشورن مسٽر ايم- اين- راءِ ۽ جواهر لال نهرو جهڙن دانشورن جون تحريرون پپيش ڪري سگهجن ٿيون. ڇا اوهان انهن هڙني مقتدر شخصيتن کان وڌيڪ علم رکو ٿا؟ تنوير صاحب مون کي معاف ڪري، هن کي ته انگريزي عبارتن جو صحيح سنڌي ترجمو ڪرڻ به ڪو نه ٿو اچي، جيئن اوهان اڳتي هلي اهڙا مٿال پڙهندا. عربن سنڌي ٻوليءَ کي ڪڏهن به نه چيڀاٽيو. هي ڪوڙو الزام آهي، بهتان ۽ سراسر علمي بدديانتي آهي. ائين ٿو ڏسڻ ۾ اچي ته تنوير صاحب سنڌي ڪتاب به چڱيءَ طرح ڪو نه پڙهيا آهن، ورنه مٿئين الزام جو کيس تسلي بخش جواب ملي ها.

عربن پنهنجي دور حڪومت ۾ سنڌيءَ سان ڪهڙي هلت ڪئي، ان جو مدلل جواب جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ ۾ ڏنو آهي. تنوير صاحب جي خدمت ۾ حوالو عرض رکان ٿو. ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com