سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري

باب: --

صفحو :37

مون خود نثري نظم هندستان جي پهرين سفر تان موٽي لکيا هئا، ڇاڪاڻ جو مون انهن کي هندستان جي سفر جو حصو بنائڻ چاهيو ٿي، پر پوءِ 1965ع پاڪ-هند جنگ سبب مون اهو سفر نامو نه لکيو ۽ رشيد ڀٽيءَ اهي نثري نظم الڳ ڪتاب اڪ جون ڦلڙيون ڀيڄ ڀنيءَ جي نالي سان ڇاپيا هيا پر ڇاڪاڻ جو ڪجهه نظم، ان دؤر جي لحاظ کان شدت پسند هُئا، اُنهن جي اشاعت روڪي وئي، پوءِ انهن مان اڪثر نظمپتڻ ٿو پور ڪري ۾ شايع ڪيا ويا. بودليئر جا نثري نظم اوهان پڙهندا ته اوهان کي ننڍا نظم (جي هڪ يا اڌ صفحي ۾  اچي وڃن) ٿورا ملندا ۽ هن جا باقي نثري نظم ڪافي لنبا آهن جي واقع نگاريءَ تي ٻڌل آهن ۽ اُنهن ۾ هُن جي سوانح حيات جي خوشبوءِ آهي. هن صديءَ جا ڪجهه ڏهاڪا ڇڏي، پٺتي ڏسبو ته خالص نثري نظم جا شاعر ٿورا  ٿا ڏسجن. هن دؤر ۾ ڪيترائي نثري نظم جا شاعر نظم ڇڏي يا ان کي ڪجهه پاسيرو رکي نثري نظم ڏانهن وريا آهن.

ڳالهه مان ڳالهه منهنجي تحرير جو حصو ٿي وئي آهي. هاڻي مان وران ٿو اقبال کان پوءِ اردو غزل ۽ ٻي شاعريءَ ڏانهن، اهو ڏيکارڻ لاءِ ته اردوءَ جي جديد شاعريءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ فيض جي دؤر تائين اردو شاعرن کي فن تي مهارت حاصل رهي آهي، جنهن جي ويچارڻ لاءِ اسان جو نئون نسل ڪوشش گهٽ ٿو ڪري. ڪي ته سٽون داوَ وانگر چوپڙ تي ڦٽي ٿا ڪن، جن مان اوچتو نظم ٺهيو وڃي. مان نَون شاعرن جي توهين نٿو ڪيان، جي هو شهري آهن ته شهر جي مصروف زندگيءَ ۾ هنن کي ايتري فرصت نٿي ملي جو فن تي مهارت حاصل ڪري سگهن پر جي ڪنهن کي به شاعري ڪرڻي آهي ته اِن مهارت کان سواءِ  چارو نه آهي.

فيض ۽ هن کانپوءِ جي غزل جو مان لنبو چؤڙو جائزو پيش نٿو ڪريان. فقط مثال طور مان فيض جي ٻن عزلن جا ڪجهه شعر پيش ڪيان ٿو، جن مان ظاهر آهي ته فيض ۾ ترنم، فن تي مهارت ۽ حافظ جي تاثر هيٺ نغمگي آهي:

 

دونون جهان تيري محبت مين هار کـﻶ

وه جا رها هـﻶ کوئي شبِ غم گذار کـﻶ

 

اک فرصتِ گناه ملي وه بهي چار دن

ديکهـﻶ هين هم نـﻶ حوصلـﻶ پروردگار کئـﻶ

 

بهولـﻶ سـﻶ مسکرا تو دئـﻶ تهـﻶ وه آج فيض

مت پوچهه ولولـﻶ دلِ ناکرده کار کﻶ-

 

هم که ڻهرﻵ اجنبي اتني مداراتون کﻶ بعد

پهر بنين گـﻶ آشنا کتني ملاقاتون کي بعد

 

ن- م راشد، جو تصدقُ حسين خلاد کان پوءِ آزاد نظم جو باني آهي، جنهن جا ڪتاب ماروا ايران ميڊ اجنبي ۽ لا انسان اُردو شاعريءَ جي فن تي مهارت جا بي مثال نمونا آهن. جي هن ۾ ايتري فارسي  زندگي نه هجي ها، ته هن جا نظم حسن ڪوزه گر ۽ سليمان سَر بزانو ۽ صبا ويران شاهڪار نظم ها. هن کان اڳ تصدق حسين خالد جو آزاد نظم:

 

شير دل خان

مين نـﻶ ديکهـﻶ تيس سال

 

مين کنوارا هي رها

کاش ميرا باپ بهي

يون کُنوارا

کياکهون!

خوبصورت آزاد نظم آهن. ان کي پنهنجي ٽيڪنڪ آهي، ترنم آهي، مرڪزي خيال آهي. اهي نظم فرانس جي Vers libre وانگر آهن. مون مجيد امجد جا مجموعا به پڙهيا آهن. اُنهن ۾ مرڪزي خيال خوبصورت آهي پر هو ايترو ترنم پيدا نه ڪري سگهيو آهي. اردو ۾ ميراجيءَ به آزاد نظم لکيا آهن، جي پنهنجي فلسفي ۽ تخيل جي لحاظ کان چڱا نظم آهن پر غالب کان وٺي اڄ تائين غزل، مستزاد، مشَمن، مخمس، مسدَس، ترجيع بند وغيره اردو شاعريءَ جا ٻيا گهاڙيٽا رهيا آهن پر انهن وانگر نظم ۽ آزاد نظم جي اردو شاعري به گهڻي فارسي آميزيءَ مان جند نه ڇڏائي سگهي آهي نه اُن ۾ هندستان يا پاڪستان جي ڌرتيءَ جي سڳنڌ آهي. اردو گيت جي ٻي ڳالهه آهي. اهو هنڊي گيت کان به وڌيڪ سُريلو ۽ روح ۾ کُپي ويندڙ آهي:

ميراجيءَ جو گيت:

 

ان جانﻶ نگر مانـﻶ رهـﻶ، من مانـﻶ نگر اَن جانـﻶ رهـﻶ

 

هڪ خوبصورت گيت آهي. هن جا ٻيا گيت به ايئن ٿا لڳن، جيئن چانڊوڪي ۾ پهرئين پهر جو رابيل ڦُٽي پوندي آهي ۽ ان جي خوشبو چؤطرف ڦهلجي ويندي آهي، يا امانت لکنويءَ جو اندر سڀا ۾ گيت:

 

ميري انگيا مين کوئلـﻶ بهرﻵ

(منهنجيءَ انگيءَ ۾ ڪوئلا ڀريل آهن)

 

يا آرزو لکنويءَ جا گيت:

 

جگ مين چليس پَوَن کي چال

(جڳ ۾ هوا جي چال هلون)

يا دکن واري عظمت الله خان جي سٽ:

 

آندهرا کي سُندر پُتري، کالي کويل سي کالي

(آنڌرا ديش جي سُندر ڌيئڙي، ڪاري ڪويل جئن ڪاري)

 

ڪهڙا نه پيارا گيت آهن! دراصل گيت اُنهيءَ ڌرتيءَ جي نهايت خوبصورت شاعري آهي، جنهن تي قلعئه معنيٰ ۾ اردو زبان پيدا ٿي هئي ته جيئن اُها ننڍي کنڊ لاءِ رابطي جي زبان ٿي سگهي پر پوءِ اها ئي زبان تقسيم جو باعث ٿي.

 

ميران بائيءَ جو ڪهڙو نه پيارو گيت آهي هي:

 

پگ گهنگهرو بانده ميران ناچـﻶ رﻵ- -- -

ساس کهي ميرا کل ناسي

ميرا کهـﻶ مين بههون داس

مورا درد نہ جانـﻶ کوءِ

 

ترجمو: گهنگهرو ٻڌي ميران رستي تي نچي رهي آهي، سس چوي ٿي ته ميران ڪُل (خاندان) کي ناس ڪيو آهي ميران چوي ته اپائڻهار جي ٻانهي آهيان منهنجو درد ڪوئي نٿو ڄاڻي.

 

گيت جا ڪجهه ٻيا به پيارا  شاعر اردو شاعريءَ ۾ ٿيا آهن، جيتوڻيڪ انهن ۾ امانت لکنوي واري گوناگوني نه آهي، جنهن ٺمري، ڇند، بسنت، هولي، ساوڻ، ڪافي، سُهاگ جهڙيون هلڪيون ڦلڪيون ۽ عام پسند شيون ڳايون آهن.

حفيظ جالنڌريءَ به ڪجهه پيارا گيت لکيا آهن. جيئن

 

جاڳ سوزِ عشق جاگ-----يا کاهن(1) مولي والـﻶ، نند کي لال، (2) بنسري بجائي جا، وغيره

حفيظ جالندريءَ کانسواءِ مقبول حسين احمد پوريءَ، ساحر لڌيانويءَ، تاج سعيد، قيوم نظر، اڪرم فگار، احمد راهيءَ، ناصر شهزاد، نگار صحبائيءَ وغيره چڱا گيت لکيا آهن.

 قيوم نظر جو هڪ گيت آهي:

دکهه چاتر،(3)هﻶ کُهلـﻶ کواڙوه آئـﻶ

آئـﻶ اور نہ جائـﻶ

 

ليڪن مرحوم رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ جو دوست جنهن کي نطاماڻي ڳائيندو هو ۽ جڏهن اڌ رات جو دف تي ٿاڦ هڻندو هو، تڏهن اسان پنهنجيءَ ڪيفت مان ڇرڪ ڀري ايئن اُٿندا هياسين جيئن بندوق جي فئر تي آڙيون ڦر ڦر ڪَري اُڏامنديون آهن، اُهو شاعر هيو تنوير نقوي، جو هڪ نهايت پيارو انسان به هو. هو عشق ۾ ٺوڪر- کائي، سڀ ڪجهه وڃائي، اچي رئيس وٽ ماتليءَ ۾ رهيو هو. رئيس کي فقط هُن جا اردو گيت ياد هوندا هيا، جن  کي هو شراب ۾ اوتي، جام ۽ دف هٿ ۾ جهلي ڳائيندو هو. مون کي ڪجهه سٽون ياد آهن:

گگن پہ بيڻها کهيل نرالـﻶ کهيلـﻶ کهيلن هار

ديکهو لوگو کڻهه پتلي کا ناڻک هـﻶسنسار

هم تم سب هين کهيل کهلونـﻶ

يہ لو بَچو کهيلو بَڇو

دو کوڙي مين بِکتا هـﻶ انسان

لـﻶ لو پتهر کان بهگوان

لﻶلو بهوکا هندوستان

لـﻶ لو بَچَوکهيلو بچوَ

کهيلو بچولـﻶ لو بچوَ

 

يه لو بچو کهيلو بچو ۽ لڍ لو بچو ڪيڏا ترنم وارا قافيا ۽ رديف آهن! تنوير نقوي جو هڪ دلشڪستو، مفلس ۽ بيمار انسان ٿي لاهور مان ماتليءَ آيو هو، پنجابيءَ جو به هڪ ڏاڍو سٺو شاعر هو، هن جو هڪ پنجابي گيت آهي:

 

تيرﻵ پيرِ قلينان جوگـﻶ

کچا ميرا ويهڙا

ناکوئي نوکر چاکر ميرا نا موڻر نا کوڻهي

شکر خدا دا جي مل جاوﻵ دو ويلـﻶکي روڻي

ميري قسمت بُهکارن پهاکـﻶ-

 

ترجما: تنهنجا پير قالين جهڙا آهن، منهنجو ويڙهو ڪچو آهي. نه ڪوئي منهنجو نوڪر چاڪر آهي، نه مون وٽ موٽر يا ڪوٺي آهي.

مان خدا جو شڪر ڪيان جي مون کي ٻن ويلن جي ماني ملي وڃي منهنجي قسمت ته بُکون ٿي ڦڪي.

يا هن جو هڪ ٻيو پنجاپي گيت آهيل

 

دل کيهه کردا کجهه سمجهه نہ آوﻵ

رکُديان رکُديان تهڙ تهڙ دهڙ کـﻶ

تهڙ کديان رکُ جاوﻵ-

ترجما:  دل ڇا تي ڪري ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿو اَچي

روڪجي، روڪجي ٿڙ ٿڙ ڌڙڪي ٿِي

۽ ٿڙڪي رڪجي ٿي وڃي.

فقط انقلاب، مزاحمت ۽ آزاديءَ جي نعري جي اثر هيٺ شاعري سُڪڙجي، رڳو ڌڪار جو اظهار وڃي رهي ٿي، جنهن مان شاعريءَ کي نقصان پهتو آهي. انگريز شاعر آڊن، جنهن وقت اشتراڪيت کان متاثر هو، اُن  وقت هُن پٺيان لفظ چيا هيا:

 

I have no gun

But I can spit

(مون کي بندو ته ڪانهي

پر مان ٿو ڪاري ته سگهان ٿو)

ان جي بر عڪس پال مري جو هڪ گيت آهي.

مون کي تون هڪ گيت ڏي، پيار جو

اميد جو

۽ اتحاد جو

مان جنهن کي ڳائي سگهان دنيا ۾.

اهڙو گيت ڏي مون کي

جنهن کي ٻُڌي ڌڙڪي

محبت جو اهو نغمو ڏي

اميدن جو اهو نغمو ڏي.

۽ پيار جو گيت جو ڳائي سگهجي ٿو،

اهو بي سرو ٿي نٿو سگهي.

سُريلي، مڌڀري سنگيت ئي

محبت جو نغمو ڏئي سگهي ٿي،

منهنجي غزل جو هڪ سٺو شعر آهي:

اٿاهه اُڌما ڌِڪار ۾ ها، ڌڪار جا پيار  جي سکي آ

سوين امر گيت آدميءَ جا ته چاندني ۾ ته پيار ۾ ها

 

چار ڀيرا فعول فعلن جي وزن تي جنهن ڪجهه به لکيوآهي اهو انهيءَ شعر جي رواني محسوس ڪري سگهندو. جنهن ۾ هڪ اکر به حذف نه ڪيو ويو آهي، پر مان هاڻي مڃان ٿو ڌڪار نه ته پيار ئي شاعريءَ کي امرتا ڌئي ٿو.

هر شعر جي ٻي هر صنف ۾ به فني حسن ۽ شعري جذبو ضروري آهي، هن مجموعي ۾ فقط هڪ لوڪ گيت بادليئو آهي. لوڪ گيت کي وزن، تناسب واري ڌن ۽ جديد رنگ ۾ مون پهريون ڀيرو پيش ڪيو هو ۽ منهنجا پنج گيت وڄون وسڻ آئيون ۽ ڪپر ٿو ڪُن ڪري ۾ شامل ٿيل آهن: لمڪيان ڙي لو، سانوڻ ٽيج، هڙڪ هلو هو، همرچو ۽ ڇيڄ. انهن وانگر بادليئو  هڪ جديد، سُڊولو ۽ سَروپ لوڪ گيت آهي، جنهن  جي ڌن مصنف جي تخليق آهي ۽ ان لاءِ هو ساراهه جو مستحق آهي.

هاڻي وري مان غزل جي پيرائتي ڳالهه تي ٿو اچان. مان اهو فخر سان چئي ٿو سگهان ته سنڌي غزل ۽ ٻي شاعريءَ کي ڌاري روايت مان مون ڪڍيو هو ۽ اُن جو جڙون سنڌي شاعريءَ سان ملايون هيون، جيتوڻيڪ مون ماترائن جي حساب سان بيت، وايون، گيت، لوڪ گيت، هائڪو لکيا هئا. پر مون کي فارسي بحر وزن تي به ڪافي عبور هو، جنهن کي مون غزل، نظم، آزاد نظم، گيت، ڏيڍ سٽي وغيره ۾ ايئن استعمال ڪيو جو ڪو به بحر وزن جو استاد اُن مان غلطي پڪڙي نه سگهندو. اها ٻي ڳالهه آهي ته مون غزلن، نظمن آزاد نظمن ۾ تشبيهون، استعارا، فني محاڪات، ٻوليءَ جا گوناگون تجربا سڀ سنڌي آندا (مُنهنجي شعري خاصيتن تي سٺي ۾ سُٺا مضمون قمر شهباز ۽ هري دلگير لکيا آهن. پهريون سهڻيءَ جي شيخ اياز ۾ ڇپيو هو ۽ ٻيو هندستاني  رسالي جهولي لال جي شيخ  اياز ا۽ نارائڻ شيام نمبر (2) ۾ ڇپيو آهي) اها ڪا تعلّي نه آهي ته مون فارسي ۽ اردو شاعريءَ جو مطالعو ڪري به سنڌي شاعريءَ ۾ فارسي ۽ اردو لفظ گهٽ ۾ گهٽ ڪم آندا آهن ۽ اُن جو جڙون شاهه لطيف سان ملايون آهن،پر مون فارسي بحرزون جو ننڍي هوندي کان مطالعو ڪيو هو ۽ جي سنڌي جا جغادري شاعر ها انهن کان به بحروزن کي ڏهه ڀيرا وڌيڪ ڄاڻندو هوس. هو بار بار سٽ ۾ اکر حدف ڪندا ها، مان ورلي ڪندو هوس. غالب جهڙي شاعر به چيو هو.

 

نکلنا خلد سـﻶ آدم کا سنتـﻶ آئـﻶ تهـﻶليکن،

بهت بلآ آبرو هوکر ترﻵ کوچـﻶ سـﻶ هم نکلـﻶ-

 

مٿيون شعر چار ڀيرا مفاعلين وزن تي آهي پر پڙهڻ ۾ کا جو الف حذف ڪري ڪَ ڪَري ٿو پڙهڻو پوي جو نڙيءَ  ۾ ڪنڊي وانگر ٿو کٽڪي. منهنجي سنڌ جي نئين نسل جي شاعرن لاءِ اها هدايت آهي ته هو فارسي بحرو وزن جو مطالعو ضرور ڪن. ايئن برابر آهي ته فارسي هاڻي اسان جي تعليمي نصاب ۾ زبردستي مسلط نه ٿي ڪئي وڃي ۽ ٿورا ماڻهو پارسي ڄاڻن ٿا، پر گهٽ ۾ گهٽ اردو جي ذريعي اسانجن شاعرن لاءِ لازمي آهي ته هو فن عرِوض جو غور سان مطالعو ڪن. مون ته ٻئي درجي ۾ ان موضوع تي پهرين محمود خادم جو ڪتاب رهنماءِ شاعري پڙهيو هو ۽ مون کي بحروزن جي مشق ڪل ٻه چار سال ڪرڻي پئي هئي. مون کي ياد آهي ته مان جڏهن ٻيو درجو انگريزي پڙهندو هوس، تڏهن  هوندراج داس (جو ساڳي اسڪول ۾ ٽيون درجو پڙهندو هو) بِهاري ڇاٻڙيا سان گڏجي سُدرشن رسالو ڪڍيو هيو، جنهن جي پهرين پرچي ۾ منهنجو شعر شايع ٿيو هو. جنهن جي فوٽو ڪاپي مون کي انور فگار هڪڙي شڪارپور مان موڪلي آهي. مون کيئل داس فاني کان به ڪجه وقت اصلاح ورتي هئي ۽ ان وچ ۾ ٽي چار ڪتاب فن عروض تي پڙهيا ها. اردوءَ ۾ غير مستعمل بحر ڇڏي، باقي هيٺيان  اڻويهه بحر ۽ وزن مون پنهنجي لاءِ ڇنڊي ڇاڻي ڏٺا ها. اُنهن ۾ ست بحر هڪ رڪن کي دهرائڻ سان ٺهن ٿا.

رمل مئمن:- فاعلانن فاعلانن فاعلانن فاعلانن

 

ان تي مون کي مولانا روميءَ جو شعر ياد ايندو آهي

من نہ دانم فاعلانن فاعلات (1)

شعر مي گويم بہ از آبِ حيات

(مان فاعلائنن فاعلات نه ڄاڻان، پو به آب حيات جهڙو شعر چوان ٿو.)

پر اها حقيت آهي ته مولانا رومي جي ساري مثنوي موزون آهي. اچو ته فارسي بحروزن جي ڇنڊڇاڻ ڪري ڏسون:

رمل مثمَن:- فاعلانن فاعلانن فاعلانن فاعلانن

(چار ڀيرا)

هزج مثمَن:- مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن مفاعلين

(چار ڀيرا)

مُتدارڪ مثمَن:- فاعلن فاعلن فاعلن فاعلن

(چار ڀيرا)

متقارب مثمَن:- فعوم فعولن فعول فعولن

(چار ڀيرا)

رجز مثمَن:- مستفعلن مسفعلن مستفعلن مستفعلن

(چار ڀيرا)

ڪامل مثمَن:- متفاعلن متفاعلن متفاعلن متفاعلن

(چار ڀيرا)

وافر مثمن-                          (چار ڀيرا)

 

هيٺيان ٻارنهن بحر ٻه رُڪني آهن ۽ ان ڪري انهن کي مرڪَب بحر چيو ويندو آهي:

 

طويل مثمَن:- فعولن مفاعيلن فعولن مفاعيلن

مديد مثمَن:- فاعلانن فاعلن فاعلانن فاعلن

مضارع مثمَن:- مفاعيلن فاعلانن مفاعيلن فاعلانن

بسيط مثمن:- مستفعلن فاعلن مستفعلن فاعلن

مقتنصب مثمن:- مفعولات مستعفلن مفعولات مستفعلن

مجتث مثمَن:- مس تفع لن فاعلانن. مس تفع لن فاعلانن

منسرح مثمن:- مستفعلن، مستفعلن مفحولان مفعولات

نسريع مسدس:- مستعلن مستفعلن مفعولات

جديد  مسدَس:- فاعلانن مستفعلن

حفيف مسدَس:- فاعلانن مُس تفع لن فاعلانن

قريب مسدس:- مفاعيلن مفاعيلن فاعلانن

مشاڪل مسدَس:- فاعلانن مفاعيلن مفاعيلن

 

انهن بحران مان بحر وافر، طويل، متقصب، مشاڪل، قريب، جديد ۽ مديد جو اردو شاعريءَ ۾ رواج نه آهي جيتوڻيڪ مون پنهنجي شاعريءَ ۾ بحر مديد (فاعلانن فاعلن) ڪم آندو آهي. پهريان ست بحر به مون سڀئي ڪم نه آندا آهن، رڳو اُهي ڪم آندا آهن جن منهنجي ترنُم کي گهٽايو نه آهي. هاڻي اهو سارو گورک ڌنڌو ڇڏي مان انهن بحرن ۽ وزنن مان نڪتل اهي بحر ۽ وزن ٿو ڏيان جي سنڌي ۾ اڪثر مستعمل آهن، مان ڀانيان ٿو ته جي سنڌي شاعرن کي انهن بحرن ۽ وزنن تي مهارت آهي ته اها اسان جي شاعريءَ لاءِ ڪافي آهي. اهي آهن:

 

بحر هزج مثمَن سالم:- مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن

بحر هزج مثمَن مستغ:- مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلان

بحر هزج مقبوض مثمَن:- مفاعلن مفاعلن مفاعلن مفاعلن

بحر هزج مثمن اخرب:- مفعول مفاعيلن مفعول مفاعيلن

بحر هزج مثمن اخرب مڪفوف مقصور:- مفعول مفاعيل مفاعيل مفاعيل

بحر هزج مثمن اخرب مکفوف محذوف:- مفعول مفاعيل مفاعيل فعولن.

بحر هزج مٿمن اشتر:- فاعلن مفاعيلن، فاعلن مفاعيلن.

بحر هزج مسدس مخذوف (الاخر) ومسبغ:- مفاعيلن مفاعيلن فعولن (يا فعولان)

بحر هزج مقبوض دوا زهد رُڪني:- مفاعلن مفاعلن مفاعلن مفاعلن مفاعلن

بحر هزج مسدس مقصور:- مفاعيلن مفاعيلن مفاعيل

بحر هزج مسدس اخرب مقبوض مخذوف:- مفعول مفاعلن فعولن.

بحر رمل مثمن سالم:- فاعلانن فاعلاننن فاعلانن فاعلانن

بحر هزج رمل مثمن مقصور:- فاعلانن فاعلانن فاعلانن فاعلات

بحر رمل مثمن محذوف:- فاعلانن فاعلانن فاعلانن فاعلن

بحر رمل مثمن مخبون محذوف:- فاعلانن فعلانن فِعلانن فِعِلن.

بحر رم مثمن مخبون مخدوز مقطوع:-فاعلانن فعِلانن فعلانن فعلن

(فعلن ۾ عين ساڪن آهي)

بحر رم مثمن مشڪول:- فعِلات فاعلانن فعلانن فاعلانن

بحر رم مُسدس مخذوف:- فاعلانن فاعلانن فاعلن

بحر رمل مسدس مخبون محذوف (يا) مقصور):- فاعلانن فعِلانن فعِلن (يا فعِلات)

بحر رمل مسدس مخبون مخذوف و مقطوع:- فاعلانن فعِلانن فعلن (عين جزم سان)

بحر رمل مسدس مقصور:- فاعلانن فاعلانن فاعلات

بحر رمل مسدس مخبون مقصور مثعث:- فاعلانن فعِلانن فعلات

بحر رجز مثمن سالم:- مستفعلن مستفعلن مستفعلن مستفعلن

بحر رجز مثمن مطوي مخبون:- مفتعلن مفاعلن مفتعلن مفاعلن

بحر متقارب مثمن سالم:- فعولن فعولن فعولن فعولن

بحر متقارب مثمن مقصور:- فعولن فعولن فعولن فعول

بحر متقارب مثمن مغذوف:- فعولن فعولن فعولن فعَل

بحر متقارب مثمن اثلم:- فعلن فعولن فعلن فعولن

بحر متقارب مقبوض اثلم:- فعول فعلن فعول فعلن فعول فعلن فعول فعلن

بحر متقارب اثرم:- فعل فعولن فعل فعولن، فعل فعولن فعولن فعل فعولن

محر متقارب مثمن اثرم ابتر مضاعف:- فعل فعولن فعل فعولن فعل فعولن فعلن فع

بحر متدارڪ مثمن سالم:- فاعلن فاعلن فاعلن فاعلن

بحر متدارڪ مثمن مخبون:- فعِلن فعِلن فعِلن فعِلن

بحر مُتدارڪ مخبون مسڪن:- فعلن فعلن فعلن فعلن

بحر متدارڪ مخبون مسڪن اَخذ:- فعلن فعلن فعلن فعلن فعلن فعلن فع

بحر متدارڪ مثمن اَخذ:- فاعلن فاعلن فاعلن فع

بحر ڪامل مثمن سالم:-متفاعلن مفتاعلن مُتفاعلن متفاعلن

بحر ڪامل مثمن مذال:- متفاعلن متفاعلن متفاعلن متفاعلان

بحر مجتث مثمن مخبون:-مفاعلن فعلانن مفاعلن فعلانن

بحر مجتث مخنون مخدوف مقطوع:-مفاعلن فعِلانن مفاعلن فعلن

بحر مضارع مثمن اخرب محذوف:- مفعول فاعلانن مفعول فاعلانن

بحر مضارع مثمن اخرب مکفوف محذوف:- مفعول فاعلات مفاعيل فاعلن

بحر مضارع مثمن اخرب مکفوف مقصور (يا مخذوف:- مفعول فاعلات  مفاعيل فاعلات

بحر منسرح مثمن مطوي مجدوع (يا مکشوف):- مفتعلن فاعلات مفتعلن فاعلات

بحر منسرح مثمن مطوي مقصور:- مفتعلن مفاعلن مفتعلن مفاعلن

بحر سريع مُسدس مطوي مڪشوف:- مفتعلن مفتعلن فاعلن

بحر سريع مُسدس مطوي موقوف:- مفتعلن مفتعلن فاعلات

بحر منسرح مٿمن مطوي موقوف:-مفتعلن مفاعلن مفتعلن مفاعلات

بحر حفيف مسدس مخبون مخذوف:- فاعلانن مفاعلن فعلن

بحر بسيط مثمن مطوي: مفتعلن فاعلن مفتعلن فاعلن.

انهيءَ کان سواءِ رباعي بحر هزج ۾ آهي، جنهن ۾ چوويهه وزن آهن. نارائڻ شيام، هرو سدارنگاڻي وغيره ڪيترن ئي رباعيءَ جي وزنن ۾ لکيو آهي پر اهي سنڌي شاعريءَ جي مزاج سان ٺهڪي نٿا اچن ۽ انهن ۾ ڪا رواني نه آهي، سواءِ مفعول مفاعيل مفاعيلن فع جي. سنڌي رباعي ڄڻ هڪ چئن پاون واري کٽ آهي، جنهن تي شاعريءَ جو جنازو رکيو آهي. شاعر رباعي وڏي مشقت سان لکندا آهن، فقط اهو ڏيکارڻ لاءِ ته هنن کي بهر وزن تي مهارت آهي. سنڌيءَ ۾ هيل تائين هڪ به سٺي رباعي نه لکي وئي آهي، جنهن کي خيام جي مقابلي ۾ رکي سگهون.

مٿي جيڪي عربيءَ ۾ بحرن جا نالا آيل آهن اهي هڪ پوڙهي حڪيم جي پراڻي نسخي وانگر ٿا لڳن. انهن کي ياد ڪرڻ ضروري نه آهي، بلڪ غير ضروري آهي. باقي وزن ياد رکيا وڃن ۽ اهي سنڌيءَ ۾ روانيءَ سان استعمال ٿي سگهن ٿا.انهن ۾ ڪجهه وزن ڪٽيا ويا آهن، جي اردوءَ ۾ ستعمل ٿي سگهن ٿا، پر سنڌي ۾ آورد واري شاعريءَ ۾ ته اچي سگهن ٿا، آمد واريءَ ساعريءَ ۾ ناممڪن آهن. مون مٿين وزنن مان وزن نمبر  11، 17، 36، 38، 39، کان سواءِ پنهنجي شاعريءَ ۾ ٻيا لڳ ڀڳ استعمال ڪيا آهن ۽ ڪن وزنن ۾ مير تقي مير کان به وڌيڪ ڦير گهير ڪئي آهي. منهنجو نوجوان نسل کي مشورو آهي ته هو مير تقي مير جو غور سان مطالعو ڪن. شايد مير تقي مير جي شاد عظيم آبادي پيروي ڪئي هئي پر مون کي هُن جو ڪوئي غزل ياد نٿو اچي ۽ نه هن جو مون وٽ ڪوئي مجموعهءِ ڪلام آهي.

سنڌي شاعر وزنن ۾ مير تقي واري ڪيل ڦير گهير کانسواءِ ٻي به ڦير گهير ڪري سگهن ٿا، شرط اهو آهي ته ترنم برقرار رهي، جي شاعر جي طبيعت روان آهي ته هو وزنن تي هڪ سال ۾ عبور حاصل ڪري سگهندو ۽ جي روان نه آهي ته هو ڪيترو به مٿو ماري ته اهي هن جي مُٺ ۾ نه اچي سگهندا.

جي شاعر فارسي يا اُردو وزن تي لکن ٿا، اُنهن لاءِ اهو عبور ضروري آهي ڇو ته وزن ٽٽي پوندو ته شعر ۾ رواني نه رهندي، پر جي هو ماترائن جي حساب سان لکن ٿا ته هنن لاءِ وزن جي ڄاڻ ضروري نه آهي. هو بلڪل آزاد آهن ۽ ماترائون هنن جي شعر ۾ درياهه جي رواني پيدا ڪري سگهن ٿيون. فارسي بحروزن اسان وٽ ڌاري شيءِ آهي. گدا ۽ سانگيءَ واري دؤر ۾ آئي. اُن کي ڪوئي به سنڌي شاعر مسترد ڪري سگهي ٿو. نظم جي صنف انگريزي تان ورتي وئي آهي ۽ جديد شاعريءَ لاءِ بنهه ضروري آهي، اُن ۾ ڪيئي تجربا ٿي سگهن ٿا. منهنجي نظمن ۾ سوين مختلف گهاڙيٽا آهن ۽ ايترا گهاڙيٽا يورپ يا دنيا جي ٻئي ڪنهن حصي جي شاعريءَ ۾ ڪو نه آهن. اُهي ماترائن جي حساب سان به آهن، فارسي بحر وزن تي به آهن، شاعر آزاد آهي ته ڪنهن ريت به لکي، پر جي ڪنهن حد تائين پابندي ڪرڻي پوندي، جي ڇند وديا جي حساب سان لکندو  ته هن کي ماترائن جي پابندي ڪرڻي پوندي. ذهين شاعر انهيءَ پابنديءَ کي اورانگهي سگهن ٿا ۽ پنهنجو بحروزن ٺاهي سگهن ٿا يا ماترائن ۾ ڦير گهير ڪري سگهن ٿا بشرطيڪ شاعريءَ جي روانيءَ تي اثر نه پوي. جينيس پنهنجا گهاڙيٽا ۽ وزن پاڻ بلڪل نئين سر ٺاهي سگهن ٿا، شرط  اهو آهي ته ڪَن رس زخمي نه ٿئي.

سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ بيت، دوهو، وائي ۽ ڪافي آهي جا اڪثر ماترائن جي حساب سان لکي وئي آهي. سنڌي ڪافي بحروزن تي به لکي وئي آهي.مون سنڌي ڪافي ڪا نه لکي آهي (شايد ڪنهن وقت خواجه فريد جي ملتاني ڪافيءَ جو سنڌي ترجمو ڪيو هيم پر اُن جو گهاڙيٽو سنڌيءَ ڪافي وارو نه هو) ٿوريون سنڌي وايون مون فارسي بحروزن تي به لکيون آهن پر اهو لازمي نه آهي ته وايون فارسي بحروزن ۾ لکيون وڃن. جي ڳالهيون فارسي ۽ اردو شاعريءَ ۾ معيوب سمجهيون وڃن ٿيون، پر اسان جي سنڌي ٻوليءَ جي مزاج سان ٺهڪي اچن ٿيون، اُهي شاعريءَ ۾ معيوب نه آهن. سٽ جي اندرين تجنيس حرفي يورپ جي شاعري ۾ ساراهي وئي آهي. اُها جيتري ڀٽائي ۾ آهي، ڪنهن به يورپ جي شاعر ۾ نه آهي. مون اردوءَ ۾ هائڪو فارسي بحروزن تي لکيا آهن ۽ سنڌيءَ ۾ ماترائن جي حساب سان به لکيا آهن. شايد ڀونر ڀري آڪاس ۾ ڪجهه هائڪو نما نظم فارسي بحروزن ۾ آهن. اوهان ترائيل ۽ ٻيا گهاڙيٽا به ساڳي طرح لکي سگهو ٿا، شرط اهو آهي ته شاعري جي موسيقيت تي ضرب نه اچي،

جن شاعرن کي خدا ڏات ڏني آهي، اُهي پنهنجي راهه پاڻ تلاش ڪري سگهن ٿا پر اڳي آزمايل رستي تي، گهٽ ۾ گهٽ منهنجيءَ نظر ۾ ٿورو پنڌ ضروري آهي.

فارسيءَ ۾ گهاڙيٽا آهن مثنوي، مُستزاد (ڏيڍ سٽا)، قصيده واسوخت، قطع، مخمَس (پنج سٽا)، مسدَس (ڇهه سٽا)، (ٽه سٽا)، مُسقِط ۽ تضمين (سنڌيءَ ۾ رائج نه آهن)، ترجيع بند، ترڪيب بند (علامه اقبال جا اڪثر نظم ترڪيب بند جي صورت ۾ آهن. مثلاً شمع ۽ شاعر مسجد قرطبه ابليس جي مجلس شورا، مرثيو، سلام، مسلسل غزل (اهڙا غزل علامه اقبال، جوش ميلح آبادي ۽ فيض جا لکيل آهن) اسان انهن گهاڙيٽن جي پابندي ڪيون يا نه، اها سان جي مرضي آهي. منهنجي پنهنجي شاعريءَ ۾ ايترا گهاڙيٽا آهن جيترا دنيا  جي ڪنهن به شاعر ۾ نه آهن. اسان اَکٽ نوان گهاڙيٽا گهڙي سگهون ٿا.  قافئي، رديف جي باري ۾ ترنم جي لحاظ کان اسان پاڻ فيصلو ڪري سگهون ٿا. اردو شاعريءَ جي پيروي ضروري نه آهي.

منهنجو هن مهاڳ لکڻ جو خاص سبب اهو هو ته سنڌ کي نه رڳو سنڌ جي نئين شاعريءَ سان واقف ڪرايان پر اُن کي هر سنڌي محقق جي چڪر مان ڪڍان. جي سنڌيءَ شاعريءَ کي اَره بره ڪَنڪرهسان شروع ڪن ٿا ۽ ساموئيءَ جا بيت پينسلين جي ايجاد وانگر پيش ڪن ٿا. (محقق لفظ جو اشتفاق شايد حقو آهي ڇو ته محقق بَڙ بَڙ گهڻي ڪندو آهي) مان هميشه چاهيو آهي ته سنڌي ادب هڪ ڇلانگ سان ڪجهه صديون ٽپي وڃي. اهو غلط آهي ته منهنجي سرڳواسي متر نارائڻ شيام هائڪو پهرين لکيا ها.اردو زبان ۾ هائڪو پهريون ڀيرو مون لکيا ها ۽ ان کانپوءِ مون سنڌيءَ ۾ به لکيا ها. مان هائڪو کي ٻي جديد شاعريءَ وانگر گربيءَ جي سٿڻو ۽ کهنبو دوپٽو ڏنو آهي. مون کي گهڻو اڳي معلوم هو ته اڻويهين صديءَ جي ڦير گهير کان پوءِ مغربي شاعر، خاص ڪري انگريز شاعر، جپان جي مشرقي روايت کان اوچتو آگاهه ٿيا، ان آگاهي جو اثر رمزيت وارن (Symbolists) ۽ انگريز تصوريت پسندن (Imagists) کي ايئن ٿيو هو. جيئن ان کان اڳ سنسڪرت ادب جي روايت  جو شعور رومانيت پسندن کي ٿيو هو. نه رڳو جپاني شاعريءَ جو مغرب تي اثر ٿيو پر جپان جا جي ٻيا آرٽ ها تن جو به اُن تي به اثر ٿيو. انهيءَ شعور کي چيني ۽ جپاني مصوَري پهرين اُتساهيو. نفسياتي طور ان جو سبب روسو- جپاني جنگ هئي، جنهن ۾ ايشيا جي هڪ ننڍي رياست جپان يورپ جي هڪ وڏي رياست روس کي ٽوٽا چٻايا ها. ان ڪري نه رڳو اُن جي فوجي صلاحيت پر حاصلات طرف به ڌيان ويو. انهيءَ فوجي برتريءَ کان سواءِ شايد اُن جي فني برتري ڏانهن ڌيان نه وڃي ها. ان ڳالهه جو زياده اثر مغرب تي ٿيو ۽ ايشيا جون قومون اُن جي فني حاصلات جي ڪاهي ڪَڍ نه پيون. هائڪو جون ڪجهه روايتون ته اڳيئي ننڍي کنڊ ۾ هيون. اهو صحيح آهي ته جپان جي ادبي حاصلات جي، مغرب جي ذريعي ننڍي کنڊ کي ٻوجهه پئي، باقي اُن جي سياسي پروڙ ذاتي تجربي مان پئي.

هندستاني مصوَر پهرين جنگ عظيم کان اڳ ئي چيني ۽ جپاني مصوريءَ کي اهميت ڏئي رهيا ها (جپاني شاعرن کي ارزا پائونڊ ۽ ٽي- اي هُلمي (T.A. Hulme) جي انگريزي شاعريءَ ۾ هندستاني اديب ٽيهين واري ڏهاڪي ۾ پڙهي چُڪا ها) ورهاڱي کانپوءِ ننڍي کنڊ جي شاعرن هائڪو ڏانهن ڌيان ڏنو. سنڌيءَ ۾ ڪافي هائڪو لکيا ويا آهن. منهنجي ته پوري ڪتابپن جن پڄاڻان۾ رڳو هائڪو آهن. مون هائڪو ۾ نوان تجربا ڪيا آهن ۽ پنج ڇهه هائڪو ساڳي سٽ جي ورجاءَ سان لکي، انهن کي نظاماڻي شڪل به ڏني آهي.واٽون ڦلن ڇانئيون ۽ منهنجن ٻين ڪتابن ۾ ڪيترائي مسلسل هائڪو آهن ۽ انهن ۾ سنڌيت جي خوشبوءِ آهي. آخر ڪولهڻ پڙو نه پائيندي ته ڇا ڪِمونو (Kimono) پائيندي؟ هن مجموعي ۾ هائڪو ڪو نه آهن پر ڇاڪاڻ جو اُهي به سنڌي شاعريءَ جي هڪ صنف ٿي چُڪا آهن، مون اُنهن جو هتي ذڪر ڪيو آهي جيتوڻيڪ هن ڪتاب ۾ نه هائڪو آهن نه ترائيل.

ترائيل فرينچ شاعريءَ جي صنف آهي جتان اهو گهاڙيٽو اردوءَ ۾ ورتو ويو ۽ اردوءَ تان سنڌيءَ ۾. ترائيل گهڻا نارائڻ شِام لکيا آهن ۽ اهي فاعلانن فعلانن فعلانن فع وزن تي آهن. هو اُنهن ۾ ڪَن رَس پيدا ڪري سگهيو آهي ۽ اُنهن ۾ سُريلي ڌيمي ڌيمي باهه آهي. سانيٽ ۾ به نارائڻ شيام تجربو ڪيو آهي پر اُهو ناڪام ويو آهي.

ڪلاسيڪي ڪافيءَ ۾ اسان شاهه حسين، بُلا شاهه ۽ فريد ملتانيءَ واري رواني ۽ ترنم پيدا ڪري نه سگهيا آهيون، جيتوڻيڪ سنڌي ۾ ڪيئي ڪافيون لکيون ويون آهن. باقي دوهي ۽ گيت ۾ هنديءَ شاعريءَ وانگر سوزو گداز پيدا ڪري سگهيا آهيون. دوهو هنديءَ جي ڪلاسڪي شاعريءَ جو حصو آهي ۽ جديد شاعريءَ ۾ ذري گهٽ متروڪ ٿي چڪو آهي. اسان دوهي بيت يا سورٺي کي نئين زندگي عطا ڪئي آهي ۽ ان جي موضوع کي وسعت ۽ گوناگوني ڏني آهي. هن ڪتاب ۾ هائڪو، ترائيل، سانيٽ ڪافي، دوهي ۽ نظم جا گهاڙيٽا ڪو نه آهن، ان ڪري مون انهن تي تفصيلي روشني نه وڌي آهي ۽ انهن موضوعن تي ٻي ڪتاب ۾ لکندس جو مون وٽ مهاڳ لاءِ اڳواٽ پيو آهي.

هتي مان رڳو اهو چوندس ته اسان وٽ مغربي شاعريءَ کان وڌيڪ تجربا ڪيا ويا آهن. اسان کي جائز اهميت ان ڪري نه ملي آهي جو اسان جو انگريزيءَ ۾ ترجمو نه ٿيو آهي. مشهور مستشرق ڊاڪٽر ائن ميري شمل جا منهنجي دوست به آهي، مون کي راولپنڊيءَ جي هڪ نشست ۾ چيو هو (اُتي لاهور هاءِ ڪورٽ جو اڳيون چيف جسٽس رحمان ۽ ٻيا ويٺا هئا) ته هاڻي علامه اقبال، شاهه لطيف ۽ شيخ اياز کي انگريزي ۾ ترجمو ڪرڻ چاهيان ٿي. هوءَ هڪ صوفي (Mystic) آهي ۽ ان وقت منهنجي صوفياڻي شاعري(Mystical poetry) ٿوري هئي. معلوم نه آهي ته هن کي منهنجا پويان ڇهه ست ڪتاب مليا آهن يا نه.روسيءَ مستشرق پروفيسر گئنڪو وسڪيءَ، جنهن پاڪستان جي باري ۾ ٽي چار ڪتاب لکيا آهن، تنهن به اهڙو واعدو ڪيو هو. افسوس جي ڳالهه آهي ته هن جي دعوت جي باوجود منهنجي هن سان ماسڪو ۾ ڪنهن مجبوريءَ سبب ملاقات نه ٿي سگهي. وزير اعظم ذوالفقار علي  ڀٽي به چيو هو ته مان تو کي آمريڪي مترجم وٺي ڏيندس، پر هن جي قبل از وقت موت سبب، ڳالهه کي عملي روپ ملي نه سگهيو.

آزاد نظم (Vers libre) فرانس مان نڪتو ۽ ساري دنيا ۾ ڦهلجي چُڪو آهي. اُن ۾ قافئي ۽ رديف جي پابندي نه آهي، پر بحر و وزن يا Syllables ۽ ماترائن جي ڪنهن حد تائين پابندي آهي. ان ۾ اهو ضروري نه آهي ته سٽون هڪ جيتريون هجن، اُهي ننڍيون وڏيون ٿي سگهن ٿيون. ڪيتري وقت کان آزاد نظم سنڌ سوڌو ساري دنيا ۾ لکجي رهيو آهي.

نثري نظم به هينئر تسليم ٿيل شاعريءَ جي صنف آهي. والٽ وٽمئن ۽  بودليئر کان وٺي ڪارل شيپيرو تائين هن وقت ڪاميابيءَ سان لکجي رهيو آهي. مون کي اُردو شاعريءَ ۾ نثري آزاد نظم جو خوبصورت ترين ڪتاب جنگل کڍ اُس پار اصغر نديم سيَد جو لڳو آهي. اهو ڪتاب ڪجهه سال اڳي مون ڏانهن ڪشور ناهيد هيٺين خط سان موڪليو هو:

شيخ جي،

آپ کي خبر نهين ملتي، آپ کو لاهور بُلاني کي لئي سارا شهر ديوانہ هي

يہ اي بهت خوبصورت شاعر کان کتاب هي بهت بولڊ  اور اچها شاعر هي-

آپ خود نهين آئلآ تو مجهلآ ڻڪڻ بيجهه کر آپ کو بلانا مڙلآ گا- بالکل ذاتي سطح بًلا رهي هون- کوئي اداره نهين هم اديب مل کريہ پروگرام کرنا چاهتلآ هين.

 

آپ کي

کشور ناهيد

ان کان پوءِ ڪشور ناهيد مون کي اچڻ لاءِ فون به ڪئي، پر منهنجي طبيعت ٺيڪ نه هئي ۽ ان ڪري مان کانئس معافي ورتي نه ته ڪتاب مون کي ڏاڍو وڻيو هو. ان ڪتاب مان ڪجهه ٽڪرا هيٺ ڏجن ٿا:

اڄ تون ايترو کلينءَ

جيئن ڪوئي سوين قيدي  پرندا آزاد ڪري،

جي آسمان  ڏانهن اُڏامن

يا بارش سمندر تي ڪري رفتار سان

يا اُس نڪري اچي ڀري برسات ۾.

 

هڪ ٻي نظم ۾ چيو اٿائين:

سارا رستا تنهنجيءَ منهنجي وک جو انتظار ڪن ٿا،

اسان ٻنهي کي ڏسن ٿا،

نه پري پري تائين هٿ لوڏائن ٿا،

خوشيون چيٽ جي مُند جهڙيون آهن

انهن ۾ عاشق شهزادن جي مقبرن جهڙي سچائي آ،

جانان، بارش کي مٿي جي مسامن (1) ۾ ننڊ ڪرڻ ڏي،

مان اُس جا ٻه ٽي ڍَڪ.

تو لاءِ

سياري جي سج کان گهران ٿو.

هن جي هڪ تشبيهه ڏسو:

تيز هوا

جيئن فاتح ماڻهو سفر جي دروازن مان لنگهندا هجن.

ساڳيو نظم (انار جو ڦول کڙيو آهي) جنهن جي آخر ۾ مٿيون ٻه سٽون آهن، اُن جي شروعات ڪجهه هيئن آهي:

وهندڙ پاڻي جو واڳون ڇڪي رهيوآهي

هوا تيز آهي.

لکين سال پراڻيءَ هن مٽيءَ ۾ انار جو ڦول کڙيل آهي

وهندڙ پاڻي سچائي ۾ ويڙهيل ابهم آهي

جو هر شيءِ کي پنهنجون ٺوٺيون هڻي لنگهي رهيو آهي.

يا هڪ ٻي نظم جي آخر ۾:

منهنجي عمر ته هڪ ختم نه ٿيڻ واري چُمي آهي

جا ڪيئي ميل اُڏامندڙ پنڇيءَ وانگر اڻ-ٿڪ آهي

۽ هوا وانگر پنڌ پڌرو ڪري ٿي.

يا

ليڙن ۾ لپيٽيل سچائيتون ڇوڪريون چَوَن ٿيون

ته اسان به لفظ آهيون

اسان به صدا جو ذائقو آهيون.

آسمان، بيٺل نيرو سمنڊ

کير پياڪ ڇيلڙو به هڪ لفظ آهي

ساري ڌرتي هڪ ڦهليل نظم آهي

۽ مان ڪڏهن بارش

ڪڏهن سڪل درياهه

ڪڏهن سچاتين ڇوڪرين جو سَڏ

 

سڄو ڪتاب اهڙين خوبصورت تشبيهن ۽ استعارن سان سٿيو پيو آهي. پنجاب اهڙي ڪتاب جي آجيان ڪئي هوندي ڇوته ڌن ڌولت، وس پُڄندي ۽ سَمرٿي ضمير جي چهنڊڙيءَ  کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي. اهڙي ديس ۾ مزاحمتي شاعري ڏيکاءَ جي ٿئي ٿي يا ڏور جي ڪنهن مسئلي سان واڳيل ٿئي ٿي، جنهن جو شاعر کي ڪوسو واءُ نٿو لڳي ۽ هو ٿڌي ڇانوَ ۾ ويهي آرٽ کي وندر ۽ اندر جو آنند جو ذريعو سمجهي ٿو. ڪاش! ساري دنيا کي ايترو سُک ۽ ڪلياڻ هجي جو اُن کي مزاحمتي شاعري جي صورت نه پوي، جيئن فلسطين کي يا وچ آمريڪا ۾ ايل سئلويڊار، گئوتمالا، هنڊوراس، نڪاراگرا وغيره ۾ پئجي رهي آهي يا جنوني آفريڪا جي نسلي  فضا ۾ لازمي طور اُڀري آئي آهي.

مون ڪافي سال اڳ هڪ ڪتاب  Behind the iron curtain پڙهيو هو. Iron curtain محاورو ڪميونزم لاءِ ڪم ايندو هو. روس ۾ مزاحمتي شاعري خود روس ۾ ته پنجابت وانگر براءِ نام هئي، روس جي ايشيائي حصي ۾ ته هئي ئي ڪو نه، پر پولينڊ هنگري، چيڪوسلوڪيا، مشرقي جرمني، رومانيا يوگسلاويا وغيره ۾ شايد وڌيڪ اثرائتي هئي. مون ڪجهه وقت اڳ هڪ دوست کي (جنهن سان ذري گهٽ ساري عمر گذاري آهي ۽ جو اڃا اشتراڪيت جو حامي آهي) چيو ته:

لوڪا يتا ڪتاب پهرين تو پڙهيو هو ۽ تنهنجي چوڻ تي مون خريد ڪري پڙهيو هو.ماديت پرستي ڪا نئين ڳالهه نه آهي. هزار سال اڳ به  ماديت پرست ٿيا هئا، جن جا ڪيئي مڪتبِ فڪر هئا. پر پهريون ڀيرو مَاديت پرست حڪومت روس پنجهتر  سالن لاءِ ٺاهي ۽ اُها گول چڪر ڏئي ايتري ٿوري وقت ۾ گم ٿي وئي، جيتوڻيڪ موسي! عليه السلام، عيسيٰ عليه السلام، محمد ﷺ ۽ انهن کان اڳ مهاوير، ٻُڌ ڪرشن، ڪنفيوشس، تائو وغيره جا ڪروڙين پوئلڳ اڄ به آهن. ٻُڌ ماديت پرست ته نه هو، پر خدا ۾ اعتبار نه ڪندو هو. ڪنفيوشس هن دنيا ۾ وهنوار جي نيت تي زور ڏيندو هو ۽ ڪنهن به ازلي هستيءَ جو فڪر ننه ڪيو اٿائين. انهن مذهبن ۾ اُهي ڪهڙا اقدار هيا، جن چٽاءُ ڪيو آهي ۽ جي ڪميونزم ۾ نه هئا، جنهن انسان نه پر درندا پيدا ڪيا. بگهڙ، هاتار جن کي چير ڦاڙ ڪندڙ وڄَ هئا، تِکا، اَڻ-ڪهلا، ڪٺور نَنهن هئا!

هو ڪو به خاص جواب نه ڏئي سگهيو سواءِ ان جي ته جتي ڏاڍ ڏمر آهي، ڦرلٽ آهي، آپيشاهي آهي.اتي چُپ ته ڪري نه ويهبو. منهنجي هُن سان اِن ڳالهه تي نااتفاقي نه آهي. اظهار بندوق جي نالي؟ءَ مان ٿئي يا ڀٽائيءَ جي شعر وانگر ٿئي ته:

پاڙي ناهه پروڙ ته ڪا رات رنجائي گذري.

يا
اڄ پڻ ڪنجهو ڪنجهه، واڍووڙڪي مَنهي وغيره-

۽ اهڙي شاعري جا غالب جي تير نِيم ڪش وانگر روح ۾ کُپي وڃي ٿي ۽ انسان ۾ اذيت جو اظهار ٿئي ٿي، اُن تي اعراض نٿو ٿي سگهي. اهو شاعر تي مدار آهي ته هو شاعريءَ کي نرس جي رحمدل هٿ وانگر ڪم ٿو آڻي يا سرجن جي چاقوءَ وانگر. اڄ به يو-ايس-ايس- آر جي ٽٽڻ کانپوءِ ڪنهن چيو ته جي مارگريٽ ٿيچر گؤتمالا ۾ هجي ها ته هو ڪميونسٽ هجي ها.هوءَ ڪميونسٽ هجي ها يا نه، ايتري سياسي گهُٽ ٻوساٽ ۽ اقتصادي ڦرلٽ ۾ مزاحمتي شاعريءَ لاءِ گنجائش آهي ئي آهي. اها لازمي نه آهي، پر جي ڪئي وڃي ته ان تي اعتراض نٿو ڪري سگهجي. موجوده مزاحمتي شاعريءَ تي اچڻ کان اڳ آءٌ اوهان کي يورپ جي شاعريءَ سان واقفيت ڪرائيندس.

بودليئر (1) فرانس ۾ 1857ع ۾ (جڏهن اسان وٽ بلوو ٿيو هو ۽ هند جا سڀ باشندا نانا صاحب، جهانسيءَ جي راڻيءَ، تانتيا ٽوپي وغيره جي اڳواڻيءَ هيٺ انگريز سلطنت خلاف اٿي کڙا ٿيا هئا) پنهنجو ڪتاب گناهه جا گل (Flowers of Evil) شايع ڪرايو. فرانس جي نامور شاعر وڪٽر هيوگو (2) کيس ان ڪتاب جي اشاعت تي مبارڪباد موڪلي. هو خود به ماورائي موضوعن تي لکي ٿڪجي پيو هو۽ ڪيتري وقت کان شاعريءَ جي ذريعي نوان ٿرٿلا وجهڻ ٿي چاهيائين. هن کي پڙهي ڄڻ سارو بورجوا سماج هراسجي ويو. بودليئر پنهنجي دل مَن کي هڪ وڏي بيديخاني وانگر پيش ڪيو، جنهن مان فرار جي راهه ڪائي نه هُئي ۽ ڪنهن کي سکي ۽ آسودي حياتيءَ جي حاصلات ناممڪن هئي، هن ماورائي ۽ بعيداز فهم حقيقت کي پنهنجي باطن ۾ شامل ڪري ڇڏيو ۽  غيبات جي واسي جهڙي دقيانوسي  سوچ ۽ ٻيءَهر روحاني واردات کي نفسياتي مونجهارو ڪوٺي، ادبي دنيا ۾ ڪنبڻي وجهي ڇڏي.

رومانوي شاعرن شيلي، هيبوگو ۽ بائرن پاڻ کي هيرو (Hero) جي صورت ۾ يوناني ديوتائن پراميٿيوز (Prometheus) ۽ هرڪليز (Hercules) جا جاءِ نشين سمجهڻ لڳا، جيتوڻيڪ بورجوا طبقي انهن کي به نظرانداز ڪري ڇڏيو، پر هو پاڻ کي سياسي رهنما ۽ پيغمبر سمجهڻ لڳا ۽ هو ڄڻ پنهنجي خيال ۾، جذبات کي اُڀارڻ لاءِ انسان ذات کي فيض رسائڻ لاءِ پيدا ٿيا هئا.

فرينچ تاثر پسند (امپريشنسٽ) (3) ماني (Manet) جون تصويرون ڏسبيون ته اگهاڙا ۽ لباس پهريل انسان گڏ ويٺل نظر ايندا ۽ انهن ۾ پنهنجي وجود جو احساس نظر نه ايندو. اهڙيءَ  ريت بودليئر جو برهنگيءَ جو تصور هن جي روح ۽ هن جي شاعريءَ ۾ رچي ويو. نه رڳو هن ۾ ننڍي وهيءَ جي معصوميت جو بهشت آهي، پر هن ۾ جواني به جهنم وانگر دهڪي رهي آهي. ايئن لڳي ٿو ته هن جي باهه سان جبريل جا پَرَ جرڪي رهيا آهن. جڏهن هو پاڻ ۾ پيهي روح رهاڻ ڪري ٿو ته تشڪيڪ ۽ تضاد ۾ ويڙهجي وڃي ٿو. ان جو اثر هن جي تخليق تي ٿئي ٿو. شيليءَ، ورڊ سورٿ ۽ هيوگو پنهنجي ٻاروتڻ ۾ گد گد نظر اچن ٿا ۽ هنن جي دنيا جرڪي رهي آهي ۽ هر شيءِ کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ٿي.

اڳي شاعريءَ ۾ ڀرپور اظهار لاءِ ڪوشش ڪئي ويندي هئي. بودليئر ۾ سٽ جي خيال سارو لکڻي آهي، ان ۾ موڙَ، اَڻ  چِٽائي، ۽ ٻوليءَ جو منجهيل مباحثو، اُن جي اٿلاڻي ۽ رِد ڪلام به آهي، جو ڀڳل ٽٽل به آهي ۽ وايون بتال ڪندڙ به آهي. انهيءَ سرس ۽ زوردار مشڪل پسنديءَ لاءِ سَند پال ورلين ڏني، جنهن جديد شاعريءَ کان شاعريءَ جا مشتاق کسي ورتا، جي پڙهندڙ هونءَ شاعريءَ تي واريا ويندا هئا، اُهي ان کان وَنءُ وڃڻ لڳا، جيئن روس ۾ شاعر لينن اسڪوائر ۾ مائيڪ تي بيهجي ويندا هئا ته لکين ماڻهو ايئن ڪٺا ٿي ويندا هئا. جيئن هائيڊ پارڪ ۾ تقرير باز بنا اڳواٽ اطلاع جي تقرير ڪري انبوهه گڏ ڪندا آهن، جي ورلي ڪم جي ڳالهه ڪندا آهن. نه ته گهڻو ڪري واهي تباهي بڪندا آهن، فرانس ۾ ورلين جا سخن شناس ايئن ڪو نه ٿي نظر آيا، جيڪو پاڻ بودليئر جو پوئلڳ هو. هن جي ترنَم لاءِ حقارت پيدا ٿي، جيتوڻيڪ ورلين کي ترنم تي ڪافي گرفت هئي. هن جي اڻ پورائيءَ جي واکاڻ ۽ هن جي ٻوليءَ رس کي للڪار، اُن جديد شاعريءَ لاءِ اُصولي عُذر  پيدا ڪري ٿي، جنهن جي تخليق ۽ اُن جي اظهار ۾ هڪ جيتري اڻپورائي آهي ۽ ان ڪري مونجهارو آهي. اهڙي شاعري پنهنجي مزاج ۽ زورِيبان جي تيزيءَ سان مُروّج ٻوليءَ ۾ ڦير گهير ڪري،  ان ذهن جي نشاندهي ڪري ٿي، جو اهڙي تجربي کي پهچڻ چاهي ٿو، جو پهچ کان پري آهي. اهڙي شاعري اڄ تائين خاص ڪري آزاد نظم ۽ نثري نظم ۾ رائج آهي. اهڙا جينيس جديد دنيا ۾ گهٽ ئي پيدا ٿيا آهن. جن جي شاعري سُريلي به آهي، ٻولي رس واري به آهي ۽ گڏوگڏ اُن ۾ تخيل جي اُڏام به آهي ۽ اندر جي پيڙا جو پڙلاءُ به آهي ۽ جا اُلجهاءَ، ابهام۽ اڻپورائيءَ کان وانجهي آهي، جن جي هر هڪ رچنا الڳ الڳ وَن واس واري گل وانگر آهي ۽ رت پونءِ واري انسان جي وس کان مٿي آهي.

بودليئر پاڻ فني روايت کان بغاوت نه ڪئي، هن جون ڪيتريون ئي سِٽون رسِائين (Raein) (1) وانگر آهن، جن ۾  نفسياتي باريڪ بيني ۽ موشگافي آهي. جيتوڻيڪ بودليئر کان اڳ سَو سالن جي عرصي ۾ سائنس دنيا کي بدلايو هو، پر پوءِ به يوناني- رومي (Greco-roman) ڏند ڪٿائون ۽ ساهت، شاعريءَ ۾ اڃا ورجايون ٿي ويون ۽ شاعريءَ لاءِ موضوع هيون، جن کي شاعرن پنهنجي پنهنجي ذهانت ۽ شعور آهر استعمال ٿي ڪيو ۽ اُن جي ذريعي نوان نُڪتا ٿي پيدا ڪيا، جيئن اسان اڄ تائين سنڌي ادب جون لوڪ ڪٿائون پنهنجي معاشري، پنهنجي ماحول ۽ اندر جي عڪاسيءَ لاءِ ڪم آڻي رهيا آهيون. ڪنهن وقت روم ڏانهن اشارا، ڪلاسيڪي نالا، لاطيني، مشغوليون شاعريءَ ۾ اچي، اُن کي پنهنجي صديءَ کان پٺتي ڌڪي ڇڏين ٿيون، جيئن اسان کي قديم سنڌ جي تاريخ پُٺتي ڌڪي ٿي، پر اُها اسان جي شاعريءَ ۾ نئون اُتساهه ڦوڪي ٿي ۽ ڌرتيءَ سان پيار پيدا ڪري ٿي، جيڪو رَت پؤڻي، نستيءَ ۽ نٻل يوناني- رومي شاعريءَ، مغرب جي شاعري ۾ پيدا نٿي ڪيو ۽ ان جون ڏند ڪٿائون ايئن بي پاڙيون آهن. جيئن ليليٰ مجنون. شيرين فرهاد، وامق عذرا، سهراب رستم جون ڏند ڪٿائون اُردوءَ ۾ بي پاڙيون آهن ۽ ڪو به اتساهه پيدا نٿيون ڪن ۽ انهن جي پس منظر ۾ فقط ڪڏهن ڪڏهن غالب جهڙي عطيم شاعر جو ڪوئي ڪوئي شعر من ۾ ولوڙا وجهي ٿو، جيئن:

هم نلآ مجنون پہ لڙکپن مين اسد

سنگ اُڻهايا تها کہ سرياد آيا-

شيڪسپيئر جي قلوپطره جي ٻي ڳالهه آهي. اُن جو پس منظر ڄڻ همعصرآهي. دراصل ان لاءِ آثارِ قديم جي علم جي ضرورت نه آهي، ڇو ته قلو پطره ازلي آهي. هوءَ وقت کان ماروا آهي ۽ جڏهن يوناني خدائن جو هن سان گڏ ذڪر ڪيو ٿو وڃي ته اهي گرهڻ هيٺ اچي ٿا وڃن. ايئن ئي اسان وٽ سسئي، سهڻي، مارئي، ليلا، سورٺ ازلي ۽ ابدي آهن. اُنهن جو جنهن به دؤر ۾ ذڪر ڪيون ٿا، اُهي اُن ۾ کُپي ٿيون وڃن. ساڳي طرح لورڪا جي شاعريءَ ۾ خانه بندوشن ۽ گهرو لڙائيءَ واري پهري سجاڳُ چؤنڪيءَ (Civil guards) جي ڪُڌي اڻبڻت اِبتدائي وصف واري آهي، ڇو ته اَهڙيءَ گهلِ اندلس ۾ صدين کان چاقو زني ڪئي آهي ۽ اُهو مصنف، جو لاشن جو ڳاڻاٽو ڪري واقعي کي قلمبند ڪري ٿو، ايترو جهونو آهي، جو اهو ياد نٿو اچي ته هن جي رزميه ۾ ڪهڙيون ڌُريون جهيڙي ۾ رُڌل آهن. (1)


 


(1)  ڪاهن (هندي): جادوگر

(2)  نند ڪي لال: ڪرشن نند جو پُٽ هو.

(3)  چاثر(هندي): چالاڪ

(1)   مون کي هڪ مزيدار لطيفو ٿو ياد اچي. جڏهن اسان ننڍا هُئاسين ته پروفيسر ڀوجراج نگراڻي جو ڊي- پي- آءِ محمد عمر دائود پوٽي سان وڏو تڪرار ٿيو، جڏهن دائود پوٽي سنڌي فائدي ۾ سنڌي اچار ڦيرايا، مثلا: سنڌي اچار شَمَعَ (ايم مترڪ (ميم متحرڪ کي شمع (ميم) ساڪن ڪري لکيو) اُن  وقت ناگراڻي منهنجو سي اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور ۾ پروفيسر هو ۽ هو ۽ صوفي ڄيٺمل دائود پوٽي جي مخالفت تي ٻٽ هيا. (الفاظ جي تلفظ جو جهيڙو ڪف ۽ (جاري) اسلام جي جهيڙي ۾ تبديل ٿي ويو. جيتوڻيڪ اسان سنڌي مسلمان جڏهن نالا رکندا آهيون ته وليءَ بدران ولو رکندا آهيون. اهڙيءَ طرح خدا، رسول، نبي جا به نالا سنڌي اچارن سان کڻندا آهيون. بهر صورت انهيءَ جهيڙي جو اثر مون تي اڄ تائين آهي. مون ڪڏهن به شاعريءَ ۾ فارسي لفظ ۾ ساڪن کي متحرَڪ ۽ متحرَڪ کي ساڪن نه ڪيو آهي، جيتوڻيڪ مون ٺيٺ سنڌي لفظن کي ايئن ڪم آندو آهي. جيئن اُهي اچاريا ويندا آهن، جي مشدد هوندا آهن ته انهن کي شد سان ڪتب آڻيندو آهيان ۽ غير مشدَد ڪري استعمال نه ڪندو آهيان، جيئن فارسي ۽ عربي ڪيا ويندا آهن.

مون هي مهاڳ پئي لکيو ته مولانا محمد باقر شمسيءَ  اردوءَ جي رسالي طلوع افڪار ۾ شان الحق حقيءَ جي تنقيد جو جواب آيو، جا هن منظور حسين شور جي ڪنهن فارسي نظم تي ڪئي آهي. مان اهڙي دقيانوسي تنقيد ۽ جواب تنقيد کي اهميت نه ڏيندو آهيان پر پڙهندڙ جي تفريح لاءِ اُن جو ٿورو حصو ڏيان ٿو، جو هن مهاڳ سان واسطو رکي ٿو. نظم ۾ منظور حسين شور لفظ بچه تي تشديد لڳائي بَچَه لکيو آهي، ان تي شان الحق حقي تنقيد ڪندي لکيو آهي ته: بچَه تي تشديد هندستان ۾ لڳائي وئي آهي ۽ ان مان ڪچوريءَ جي بوءِ اچي ٿي. جواب ۾ شمسي صاحب چيو آهي ته عربن جي غلبي کان پوءِ ايراني شاعر غير مشدد کي مشدَد ۽ مشدَد کي غير مشدَد ڪرڻ شعوري ضرورت جي لحاظ سان جائز سمجهندا هئا. عام ٻول چال ۾ ڪيترن ئي لفطن تي تشديد لڳائي وئي، جيئن شڪرَ، گلَه (وَڳ) پَلَه (ڏاڪڻ) ۽ ايراني جو هڪ مشهور عالم محقق دِوَانيءَ (ديواني) تي به شد ايراني ۾ ڏني وئي. امير امان الله جڏهن افغانستان ۾ سڌارا آندا، تڏهن انهن  سڌارن جي خلاف مُلا شور براز هن کي جلاوطن ڪيو، ان کانپوءِ افغانستان مان اميدوار پيدا ٿيا، هڪ نادر شاهه، ٻيو بچَه سقه. ان تي شمسيءَ صاحب پڇيو آهي ته بچَه تي تشديد هندستان ۾ لڳائي وئي هئي ته اِها افغانستان ڪيئن پهتي، رڳو مغبچي ۽ ترسا بچي تي تشديد نه آهي.ڪاش اسان جا پراڻيءَ تقطيع تي هريل نقاد اهو سمجهي سگهن ته اهڙي تشديد ۽ تلفظ ۾ ٻي ڦير گهير سنڌي ٻوليءَ ۽ شاعري جي اهم تقاضا آهي. مان ته چوان ٿو ته ٿوري وقت ۾ سنڌي لفظ ساڪن ۾ متحرڪ به سنڌي اُچار جي لحاظ کان ڪيا ويندا ۽ ڪرڻ به گهرجن.

مٿي ذڪرڪيل جهيڙي هلندي مون کي پروفيسر ناگراڻي چيو: اياز، اهو فارسي بحروزن به اجايو آهي. فاعلانن فاعلانن فاعلانجن فاعلن جي (جاري)

 

(1)  مسام (فارسي): وارن هيٺان سوراخ

(1)  بودليئر (1821ع کان 1867ع تائين):فرينچ شاعر.

(2)  وڪٽر هيوگو(1802ع کان  1885ع تائين) ناول ۽ ناٽڪ نويس.

(3)  ماني (1832ع کان 1883ع تائين): فرينچ مصَور ۽ عين بين تصوير ڪڍندڙ.

(1)  رسائين (1639 کان 1699ع تائين): فرينچ ناتڪ نويس.

(1)  مصنف زيتونن جي باغ ۾ اچي ٿو. هن سان پهري سجاڳ چَؤنڪي (Civil guards) گڏ آهي...... ترڪڻو رَت سُن ۾ ڪاريهر جئن ڦڦڪاري رهيو آهي. پهري سجاڳي چؤنڪيءَ وارءٌ، اها پراڻي ڪهاڻي آهي، چار روسي ماريا ويا آهن، چار ڪارٿيجي (لورڪا)

سنڌي شاعريءَ ۾ اهڙي شاعري خليفي نبي بخش جي سر ڪيڏارو ۾ ملي ٿي ۽ سنڌ ماضي، حال ۽ مستقبل لاءِ کرڙيءَ جي ميدان جو روپ وٺي ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com