مهاڳ
حضرت شاه عبداللطيف رحه جو رسالو سنڌي آساسي
(ڪلاسيڪي) شاعري ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿو. مگر سنڌي
آساسي شاعري جي مقصد ۽ ماهيت توڙي تاريخي سلسلي کي
سمجهڻ لاءِ ان جي سڄي سرمايي کي سهيڙڻ ۽ سامهون
رکڻ ضروري آهي: يعني ته شاه عبداللطيف کان اڳ واري
دور جي اعليٰ شاعرن جي ڪلام، شاه جي رسالي، ۽ شاه
کان پوءِ واري دور جي اهڙن شاعرن جي ڪلام کي جيڪو
اساسي نوعيت جو آهي، پرکڻ ۽ پروڙڻ ضروري آهي.
انهيءَ مقصد تائين پهچڻ خاطر، بنده راقم گذريل
پندرهن ويهن سالن کان وٺي سنڌي ’اساسي شاعري‘ جي
سرمايي کي سهيڙڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي. انهيءَ
سلسلي ۾، شاه عبداللطيف کان اڳ واري دور جي ٻن وڏن
شاعرن، يعني شاه لطف الله قادري ۽ ميين شاه عنات
جي ڪلام جو دستياب ٿيڻ هڪ نيڪ فال هئي: شاه لطف
الله قادري جي رسالي ۽ ميين شاه عنات جي ڪلام جي
شايع ٿيڻ سان
سنڌي
اساسي شاعري جو پهريون توڙي وچون دور ٻئي پوريءَ
طرح روشن ٿين ٿا. البت آخري دور، يعني شاه
عبداللطيف کان پوءِ واري دور، جي ڪن بلند پايي
شاعرن جو ڪلام، جيڪو اساسي حيثيت رکي ٿو، سو اڃا
تائين پوري تحقيق سان شايع نه ٿيو آهي. گرهوڙي
صاحب، روحل ۽ سچل سائين انهيءَ دور جا معلوم ۽
مشهور شاعر آهن؛ انهن کان سواءِ خليفو نبي بخش
صاحب، سيد قنبر علي شاه ڀاڏائي، غلام حيدر فقير
ٿيٻو، فقير محمد صديق سومرو، سيد غوث محمد شاه ڪڇ
وارو ۽ مولوي غلام محمد خانہ زئي هن پوئين دور ۾
اساسي شاعري جا علمبردار ۽ ’رسالن جا ڌڻي‘ ٿي
گذريا آهن. انهن مان خليفي نبي بخش صاحب جو رسالو
هن کان اڳ شايع ٿي چڪو آهي
۽ هاڻي هن
ڪتاب ذريعي قنبر علي شاه ڀاڏائي (تخلص ’شريف‘) جو
رسالو، سندس فرزند عبدالقدوس شاه ۽ معتقدن فتح
فقير ۽ غلام حيدر فقير ٿيٻي (تخلص ’تيرهيو‘) جي
ڪلام سميت پهريون ڀيرو شايع ٿي رهيو آهي.
اڄ کان پندرهن سال کن اڳ جناب نواب حاجي محمد علي
خان لغاري تاجپوري کان راقم پهريون ڀيرو ٻڌو ته
سيد قنبر علي شاه ڀاڏائي هڪ وڏو درويش ۽ شاعر ٿي
گذريو آهي، ۽ نواب علي محمد خان لغاري تاجپوري
سندس مريد هو. ان بعد اسان سيد قنبر علي شاه جي
ماڳ ۽ مرقد جي پڇا شروع ڪئي. معلوم ٿيو ته اهو
مڪان تعلقي گهوڙاٻاري ۾ آهي جتي ’رسالو‘ رکيل آهي
۽ پڻ شاه عبداللطيف جي راڳ وانگر راڳ ٿيندو آهي.
اهو پڻ معلوم ٿيو ته ان درگاه جو موجوده سجاده
نشين سيد علي گوهر شاه آهي جنهن وٽ ’قلمي رسالو‘
محفوظ آهي. هڪ ته پنڌ پراهون هو ۽ ٻيو ته ان وقت
سائين علي گوهر شاه سان ملڻ آسان نه هو، انهيءَ
ڪري باوجود ڪافي ڪوششن جي هن رسالي جو هٿ اچڻ مشڪل
ٿي پيو. بالاخر دوست مهربان رئيس محمد يوسف چانڊيي
جي مهربانيءَ سان سائين علي گوهر شاه سان ڄاڻ سڃاڻ
ٿي، جنهن قرب ڪري رسالو ڏيڻو ڪيو انهيءَ لاءِ ته
قنبر علي شاه صاحب رحه جهڙي اعليٰ شاعر جو ڪلام
ڇپجي پڌرو ٿئي. سائين علي گوهر شاه کان اسان کي
بزرگ جي شجري، خاندان ۽ اهل اولاد بابت ضروري
معلومات مليا، ۽ اسان پڻ سر زمين تي وڃي بزرگ جي
درگاه ڏٺي، ان جو عڪس ورتو ۽ وڌيڪ احوال هٿ ڪيو.
قلمي رسالي جي مطالعي مان معلوم ٿيو ته اهو هڪ
بياض آهي جنهن ۾ جناب قنبر علي شاه ڀاڏائي (تخلص
”شريف“) جي رسالي سان گڏ سندس فرزند عبدالقدوس
شاهه جو ڪجهه ڪلام توڙي سندن ٻن ناميارن خليفن فتح
محمد فقير ڪلهوڙي (تخلص ”فتح“) ۽ غلام حيدر فقير
ٿيٻي (تخلص ”تيرهيو“) جو ڪلام پڻ ڏنل آهي. سنڌي
شاعري جي هن قيمتي مگر اڻ ڇپيل ذخيري جي اهميت کان
جڏهن سنڌ يونيورسٽي جي ”اداري سنڌ شناسي“ جي
صلاحڪار بورڊ کي آگاه ڪيو ويو، ته بورڊ هن ذخيري
کي اداري طرفان شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
رسالي جا نسخا
سائين علي گوهر شاه کان رسالي جا ٻه قلمي نسخا
مليا جن جو مختصر طور تعارف هيٺ ڏجي ٿو.
(الف) قنبر علي شاه ’شريف‘ ڀاڏائي جي رسالي جو
نسخو
(سر رپ، ڏسو ص 152)
(ب) قنبر علي شاه ’شريف‘ ڀاڏائي جي رسالي جو ٻيو
نسخو
سر جمن جو پهريون داستان
(ڏسو ص 73)
نسخو (الف): رسالي جو هي نسخو قنبر علي شاه صاحب
جي وفات (1264هه) کان ويهه سال پوءِ سنه 1284هه ۾
مٽيارين جي ڪاتب محمد مقيم بن قاضي محمد ڪامل
سهتي، لکي پورو ڪيو. پنهنجي طرفان رسالي جو مهاڳ
هن طرح قلمبند ڪيو اٿس:
رب يسّر بسم الله الرحمٰن الرحيم ولا تعسَّر
اين رسالہ شريفيہ من تصنيف منيف قدوة العصر زبدة
الدهر، عمدة اولياء وقت عالي همت، مجاهد زمان زاهد
دوران، دائما بر رياضت چو اصحاب الرقيم بر صراط
السوي المستقيم، سالک مجذوب واستار تجليات محو و
محجوب، کريم الصفات صاحب الکرامات، شريف الخلاق
والعادات، محي المقبوضات والبدعات، مقبول اهل الله
مقرب الي وجہ الله، سيد السادات البخاري مقبول
درگاه باري، عزاسمہ ولي الله سيد ميان قنبر علي
شاه ڀاڏائي عليہ الرحمة المتخلص بہ تخلص ’شريف‘ از
ممر نسبت اصلي و عارضي بسبب نسب جدش کہ ’ڀاڏ‘ مکان
درآمده وابيات اين رسالہ هر يک مملواز معرفت و
حقيقت و طريقت و شريعت است، هر کس کہ بارادت تمام
و اعتقاد تام نظر عقل و فيض رسائي خود منظور خواهد
داشت تا از هر بيتش نکتہ کامل و رمز شامل سرزد
خواهد شد.
اللهم اهدنا علي الصراط المستقيم آمين
رسالي جي متن لکي پوري ڪرڻ بعد پنهنجي طرفان
’پڄاڻي‘ هن طرح بيان ڪئي اٿس:
الحمد الله والمنة کہ اين رسالہ فيض افاده شريفي
کہ مجمع رموزات اسراراست و منبع فوائہ احرار و
ابرار است و هر فرديتش موجزن قلزم معنيٰ است از
تصحيح تمام و تحقيق تام و از کتابت ترتيب ارتسام
محمد مقيم ولد جامع الفضائل صاحب الورع والتقوي
العارف بالله و في المعرفت واصل قاضي محمد کامل
مازال رحمة الله تعاليٰ عليہ النازل قوم سهتہ
المعروف بقانونگوئي متوطن شهر متعلوي معموره
ساداتان متعلوي في التاريخ دهم ماه محرم الحرام
سنه 1284 يک هزار و دوصد و هشتاد و چهار هجري روز
چهار شنبہ صورت اتمام و زينت اختتام پذيرفت اللهم
اغفرلڪاتبہ ومالڪہ ولقاريہ ولناظره آمين يا رب
العالمين.
يلوح الخط في القرطاس دهرا |
وڪاتبہ رميم في التراب. |
مثنوي
من نوشتم اين رسالہ پرنور
در جهان عمرم نباشد پائدار
هر کہ خواند اين رسالہ في العلا |
باخوشي دل زفرحت واز سرور
اين طراز ازمن بماند يادگار
کاتبش راياد آردبا دعا |
هيءُ نسخو سواءِ ڪن ٿورن ورقن جي باقي سڄو صحيح
سلامت آهي. هن نسخي کي ’بنيادي‘ ڪري کنيو ويو آهي،
۽ ان مان قنبر علي شاه، عبدالقدوس شاه، فتح فقير ۽
غلام حيدر فقير تيرهيي جي ڪلام کي، جيڪو اڪثر جاين
تي گڏيل هو، جدا ڪري مرتب ڪيو ويو آهي.
نسخو (ب): هيءُ هڪ جهونو ۽ نهايت ضعيف بياض آهي ۽
گهڻي ڀاڱي ڀري ضايع ٿي چڪو آهي، ۽ ان جو فقط ڪو
ٿورو حصو وڃي سلامت بچيو آهي. هن نسخي جي سر جمن،
سر سراڳ، ۽ سر سامونڊي هيٺ شاه ”شريف“ جا ڪي وڌيڪ
بيت مليا جي کنيا ويا، ۽ پڻ شاه ’شريف‘ جي ٻين
بيتن جي ڪن فقرن ۽ مصراعن جون مختلف پڙهڻيون
مليون. ان کان سواءِ هن نسخي ۽ غلام حيدر فقير
”تيرهي“ جو جيڪو ڪلام گڏيل هو سو جدا ڪري کنيو
ويو.
ٻنهي نسخن ۾ فتح فقير توڙي غلام حيدر فقير
”تيرهيي“ جو ڪلام شاه ’شريف‘ جي ڪلام سان گڏيل
آهي، ۽ ان کان سواءِ ڀٽائي صاحب جا بيت پڻ جابجا
مليل آهن. سر بروي هندي هيٺ، هندي، اردو توڙي
فارسي ۽ عربي نظم مان بيت ۽ مصراعون قلمبند ٿيل
آهن جن مان فقط شاه ’شريف‘ جو پنهنجو ڪلام کنيو
ويو آهي.
فتح فقير ۽ غلام حيدر فقير جو ٻيو ڪلام جيڪو ڇپيل
ڪتابن، بياضن يا زباني روايتن ذريعي مليو سو پڻ
شامل ڪري سندن سڄي ڪلام کي نئين سر مرتب ڪيو ويو
آهي.
هن خير جي ڪم ۾ جن صاحبن مدد ڪئي، تن مان سڀ کان
اول سائين علي گوهر شاه ۽ رئيس محمد يوسف خان
چانڊيي جا احسان، جو سندن مهربانيءَ سان هي قلمي
ذخيرو دستياب ٿيو. جناب نواب حاجي محمد علي خان
پهريون ڀيرو هن ڪلام ڏانهن بنده جو توجهه ڇڪايو ۽
پڻ غلام حيدر فقير ”تيرهيي“ جو ڇپيل ڪلام هٿ ڪري
ڏنو. استاد محمد يعقوب ميمڻ ۽ استاد محمد اسماعيل
شيخ مواد کي کي اتارڻ ۾ ۽ محترم ممتاز مرزا پروفن
پڙهڻ ۾ مدد ڪئي. آءٌ انهن سڀني سڄڻن جو دل سان شڪر
گذار آهيان.
گذريل صدي جي وڏن شاعرن مان، چئن جو سڄو سربستو
ڪلام پهريون ڀيرو هن ڪتاب ذريعي شايع ٿي رهيو آهي.
جيڪو ٻن هزارن کان مٿي بيتن، ٻن سون کن واين، ۽
ڪيترن ئي ڪافين مداحن ۽ مولودن تي مشتمل آهي. اميد
ته هيءُ قيمتي ذخيرو سنڌي اساسي شاعري جي تاريخ کي
اجاريندو، ۽ ان بابت وڌيڪ تحقيق لاءِ راه روشن
ڪندو.
سنڌ يونيورسٽي
حيدرآباد سنڌ
6 - جولاءِ 1972ع |
خادم العلم
نبي بخش |
باسمہ تعاليٰ
مقدمو
حضرت شاه عبداللطيف رحه جي وفات (1165هه) کان
پوءِ سؤ سالن واري عرصي ۾ جيڪي اهل دل درويش ۽
شاعر ساماڻا ۽ جن حضرت شاه عبداللطيف جي بيتن
کان متاثر ٿي رسالي جي رنگ ۾ بيت چيا، تن مان
قنبر علي شاه ڀاڏائي هڪ اعليٰ درجي جو شاعر هو.
هو پنهنجي وقت جو ولي ۽ درويش هو جنهن جي صحبت
مان سندس فرزند عبدالقدوس شاه کي ۽ ٻن خاص
معتقدن فتح فقير ۽ غلام حيدر فقير ’تيرهيي‘ کي
فقيري جو فيض مليو، ۽ پڻ شاعري ۾ هنن ساڳي مرشد
واري واٽ ورتي. اهو تيرهين صدي هجري وارو عرصو ۽
پويون ٽالپوري دور هو، جو هنن چئن درويشن شاعرن
جي چؤياري ڏکڻ الهندين لاڙ ۾ ’اعليٰ سنڌي شاعري‘
جي روايت کي روشن ڪيو. هيٺ اسان هنن بزرگن مان
هر هڪ جي سوانح ۽ ڪلام تي مختصر طور روشني
وجهنداسون.
1. قنبر علي شاهه ڀاڏائي
قنبر علي شاهه بن بچل شاه جا وڏا اُچ جي بخاري
ساداتن مان هئا. بچل شاه جو وڏو ڏاڏو (ڇٽن شاه؟)
اُچ مان سنڌ ۾ آيو، ۽ پهريائين اچي ’آبڙي‘ ۾
ويٺو. اهو ماڳ نصرپور اسٽيشن کان ڏکڻ طرف
’جاڙين‘ مورين وٽ آهي، جتي ڇٽن شاه جي درگاه
آهي. قنبر علي شاه جو والد بچل شاه هيٺ لاڙ ۾
’ڀاڏ‘مڪان (سجاول کان ڏهه ميل کن ڏکڻ، تعلقي
جاتي) ۾ رهيو. ’ڀاڏ‘ مڪان ۾ کيس قنبر علي شاه
ڄائو هو، جو سندس جاءِ ولادت واري نسبت سان
’قنبر علي شاه ڀاڏائي‘ جي نالي سان مشهور ٿيو.
سندس مريد ۽ معتقد غلام حيدر فقير ’تيرهيي‘
پنهنجي ڀڳل سڳل فارسيءَ ۾ قنبر علي شاه جي تاريخ
وفات منظوم ڪئي، جنهن ۾ هيٺيان فقرا ملن ٿا:
با جلال و جمال معرفت کمال مي کردند
چهل هفده سال مايہ اي عمر عزيزم
انهن فقرن مان ائين معلوم ٿئي ٿو ته قنبر علي
شاه شايد ستونجاه سالن جي عمر ۾ وفات (1264هه)
ڪئي. انهيءَ لحاظ سان ٿي سگهي ٿو ته هو سنه
1208هه ۾ ڄائو هجي. ان وقت مير فتح علي خان
ٽالپور سنڌ جو تاجدار هو.
قنبر علي شاه جي ڪلام مان اندازو ٿئي ٿو ته کيس
’ڀاڏ مڪان ۾ مڪتب جي تعليم ملي. ٻارهن سالن جي
عمر جو هو، جو سندس والد بچل شاه ’ڀاڏ‘ مڪان ڇڏي
اچي ’گنبالي‘ مڪان (ديهه گنبالي، تعلقي گهوڙا
ٻاري) ۾ ويٺو، جتي پوءِ قنبر علي شاه کي وڌيڪ
تعليم ملي.
جيئن ته قنبر علي شاه اصل ’ڀاڏ‘ مڪان ۾ ڄائو
انهيءَ ڪري ’ڀاڏائي‘ جي نسبت سان ئي مشهور ٿيو.
ننڍي هوندي کان ئي قنبر علي شاه جو لاڙو فقيري
ڏي هو، سو جواني ۾ ئي نفس کي نمائڻ خاطر زهد ۽
رياضتون ڪيائين ۽ جيءَ کي جفائون ڏنائين. درس
محمد واصل پنهنجي ڪتاب ’گلزار واصل‘ ۾ ڄاڻايو
آهي ته:
”جناب شاه شريف صاحب ڀاڏائي عليہ الرحمة ٻارهن
سال رات ڏينهن ٻن جريبن زمين ۾ ٿي آيو ۽ ويو: هڪ
گس ڪيائين جا ڪَسِي ٿي رهي هئي. نيهان ۾ واري
اهڙي گرم هوندي هئي جو ڪم ڪندي هئي، ۽ سياري ۾
پاڻي ڄمندو هو، تَپُڻ پير اُگهاڙا ۽ سواسَتُر جي
ڪپڙو نه هو. پيرن ۽ پنين مان رت پاڻي وهي، چم
هڏن تي سُڪو“.
نو مهينا شاه صاحب رڻ-پٽياڻي لڳ هڪ غار ۾ وڃي
ويٺو ۽ اتي رياضت ۽ عبادت ڪيائين. ماڻهن ليکي ته
شاه صاحب گم ٿي ويو آهي. ان وقت فقير محمد
ڪلهوڙو هڪ سؤ ڏهه فقير پاڻ ساڻ وٺي آيو هو ۽ شاه
صاحب کي ڳولي وڃي غار ۾ لڌائين.
قنبر علي شاهه رح پنهنجي وقت جو وڏو قلندر درويش
۽ توڪل جو صاحب هو. ان وقت جهوڪ شريف جي درگاه
جو سجاده نشين فضل الله شاه قلندر هو موجوده ٺٽي
ضلعي واري ايراضي ۾ درياءَ جي هن ڀر فضل الله
شاهه قلندر جو غلغلو هو ته هُن ڀر قنبر علي شاه
’گنبالي ڌڻي‘ جا ڪيترائي ارادتمند ڪٿان ڪٿان کان
ڪَهي اچي ٿي سندس فيض جا طلب ٿيا. انهن مان
هيٺيان پنج شاه صاحب جا خاص پيارا مريد ۽ خليفا
هئا، ۽ اهي پنجئي وڏا اهل دل ۽ صاحب فيض هئا.
1. فقير خليفو محمد اسحاق ترڪ، جو هميشہ شاه
صاحب سان گڏ هوندو هو. سندس پويان. هن وقت ڍَنڍي
لڳ، ڳوٺ چانيها (تعلقو ٽنڊو محمد خان) ۾ ويٺل
آهن. سندس مزار شاه صاحب جي درگاه تي آهي.
2. خليفو فتح محمد فقير ڪلهوڙو، جو ’فتح فقير‘
جي نالي سان مشهور آهي.
3. فقير غلام دل، ويٺل گنبالي جو. شاه صاحب جي
درگاه تي رکيل آهي.
4. خليفو سرماڻ جوکيو، جو رڻ-پٺياڻي لڳ مدفون
آهي. شاه صاحب جڏهن غار ۾ وڃي رهيو تڏهن سرمارڻ
فقير سندس طالب ٿيو.
5. فقير خليفو غلام حيدر ٿيٻو گرناري، جو شاعر
ٿيو.
قنبر علي شاه صاحب زهد ۽ عبادت، پاڪائي ۽
پارسائي واري زندگي گذاري، ڪيترن ئي عقيدتمندن ۽
ساٿين کي فيض ياب ڪري، سنہ 1264هه ۾ وفات ڪئي.
سندس رسالي جي ڪاتب قاضي محمد ڪامل جي والد محمد
مقيم سنڌيءَ ۾ سندس تاريخ وفات هن طرح قلمبند
ڪئي.
”تاريخ وصال فيض مال حضرت شاه صاحب ميان قنبر
علي شاه عليہ الرحمة والرضوان، من تضيف قاضي
محمد مقيم سهتہ متعلوي افاض الله علينا
فيوضاثہ“.
تاريخ سنڌي هذا
والي ولايت جو ولي، جنهن کي سَريو سڀڪو سڌ سماءُ
ڪامِلُ ڪرامت جو ڌڻي، خاصو سَڀين ڀَت ڪئو خداءِ
نُورءٌ عليٰ سو نُور هو، سِڄ کئون سرسُ ان جو
سهاءُ
درگاه حق جو دادلو، ڌُئل ڌڻيءَ جو هو درياءَ
فياض مرشد ميرُ هو، جلوو سندس هو جابجاءِ
هليا جڏهن حق جي حضور، دنيا ڇڏي جا بيوفاءَ
تاريخ پنجويهين پاڪ هئي، مهينو ڀلو حج جو بجاءِ
سن ان جو هاتف هيئن چيو ”عارف خدا هو رهنماء“
1264
خاندان ۽ اولاد
غلام حيدر فقير ’تيرهيي‘ ’سر ڌناسري‘ ۾ پنهنجي
مرشد گهراڻي کي ’غفوراڻي‘ ڪري سڏيو آهي جنهن مان
ڀانئجي ٿو ته سيد قنبر علي شاه ’غفوراڻي‘ هو، ۽
غفور شاهه سندس وڏو ڏاڏو هو. ٻي جاءِ تي
’تيرهيي‘ فقير، ’عليماڻي‘ ۽ ڀاڏائي‘ خاندان جو
نالو کنيو آهي:
|