وائي 94.
توکي سارين ٿا، توکي سارين ٿا وڻ وليون ڪاڪ جا.
1.
چڙهيو ٻيلانگهين تي، ڪانگل توراين ٿا
2.
ويراڳي ورونهن ۾، ڳوڙها ڳارين ٿا
3.
سناسي، شريف چئي، رويو رئارين ٿا
سر کاهوڙي
داستان پهريون
835. ويا روهِ رهي، ڏُهلا گذاري ڏينهڙ
مٿي پهڻن پئي، هڏ ڏکويا ڏونگرين.
836. ويا ڏوراڻي ڏيہِ، ساجهر کڻي سنڊڙا
ڇپر سندي ڇيہِ، پر ڏيهان پري ٿيا.
837. ساجهر کڻي سنڊڙا، ويا ڏوراڻا ڏور
ڇلي بيٺا ڇپرين، آڌيءَ رات اسور
هليا حال حضور، ڀري پانڌ پُسيءَ مان.
838. پنڌ رند مٿي پير، کاهوڙين پرديس ۾
سڃاتائون، شريف چئي، ڏيہ ڏوراڻي سير
اُنَ ڀُون ڀرن ڀير، ٻيو ڪونه پروڙي ڳالهڙي
839. راتو ڏينهن رمن، رهبر ٿيو رڃ ۾
ثمر ڪيو سڃ جو، ڏوري ڏويٿڙن
ولهون مينهن وسن، رهيا رهن ڪينڪي.
840. راتو ڏينهان سڃ ۾، مٿي اگهاڙا
ڪيئن ڪن ويچارا، ڏٿ ڏورڻ ڏاکڙو.
841. جيءَ ڪري جاکوڙ، ماءُ کاهوڙي آئيا
پنڌين جن پهوڙ، سي وتن سنرا سفر ۾
842. ڏوٿي ڏسجن ڪي، لانگو ٿيا لِيڙن ۾
سڃ تني کي، بر آهي سڀ بِکيا.
843. ڏوٿي ڏٿ ڏورا، مون پروجهيا ڪينڪي
هتي هئا گهورا، سپيريان جي سونهن جا.
844. ڏوٿي ڏٿ ڏونگرَ، کاهوڙي کڻي ويا
ڏوري پنڌ پاهُرَ، رهيا روه رڃن ۾.
845. ڏوٿي ڏٿ ڏوري، ماءُ کاهوڙي آئيا
تني تان گهوري، صدقي ٿيان، شريف چئي.
داستان ٻيو
846. جتي ڀُون نه ڀير، ات ٽمڪي باهڙي
کاهوڙيءَ ڪو پير، لڳو لا مڪان ۾.
847. ڍڪيا کاهوڙين، کدا خرقا خاڪ جا
شب و روز، شريف چئي، اوجاڳو اکڙين
ڏوري سي ڏسجن، جن ورتو واس وڻن جو.
848. ڏک آروڙو آهي گوندر کاهوڙين کي
راتو ڏينهن، شريف چئي، روندا ويا راهي
سک ٿي ستا ڪينڪي، سڱ پريان ساهي
انهي کي آهي، ڪو اشارو الست جو.
849. ساريو ٿو سڪي، ڏونگرين ڏوٿيڙن کي
هاڙهي پٻ پهاڙ ۾، هئا کاهوڙي اڳي
ويا سي لنگهي، جن ورتو واس وڻن جو.
850. پري پنڌ پهاڙ جو، کاهوڙي ٿا ڪن
ڏٿ اڳاهين ڏيہ جو، وڃيو ڏور ڏسن
راتڙيون جاڳن، لڪن سِر، شريف چئي.
851. جاڳيا منجهان جوش، سک نه ستا ڪڏهين
ڇڏي ننڊ نفاق جي، نينهن منجهان ٿيا نوش
پره پرَهي پوش، ڏوران ڏوري آئيا.
852. آن ڪا ڏٺي ڪال، کدا کاهوڙين جي
جني ٿي سڌ سال، تني ڏوريندي ڏينهن ٿيا.
853. آن ڪا ڪالهه ڏٺي، کدا کاهوڙي جي
جني ريخَ رتي، تن ووڙيندي ورهيه ٿيا.
وائي 95.
هوتن ڌاران هت نه رهنديس هاڻِ
1.
ڪهي ڪيچاين سين ڪنهن پر لاهيان ڪاڻ
2.
روئي روجهن سان ڪريان، رائي منجهه رهاڻ
3.
ڪيم سڃاتم سرتيون، اصل هيس اڄاڻ
4.
ساٿيڙا، شريف چئي، الله اوري آڻ
سر رامڪلي
داستان پهريون
854. جوڳي سي ٿيا، جن ننگاوت ناهه ڪا
رمي روءِ رهيا، جتي نظر ناٿ جو.
855. جوڳي ٿيا سي، جن ننگاوت ناهه ڪا
رام تني کي، روءِ رهائي پانهنجي.
856. جوڳيڙا جوڳ سان، جنبيا ڏونہ جابان
پريؤن ڇڏي پرياڻ، نانگا هليا ناٿ ڏي.
857. نانگا هليا ناٿ ڏي، جوڳي جَڻئي بَند
سناسي، شريف چئي، رميا مٿي رند
پورڀ ڪري پنڌ، بابو پِنن بِکيا.
858. نانگا هليا ناٿ ڏي، سڀ ڄمارندر ڄم
ڀري ڪاپڙي قدم، تيرٿ آيا تڪئين.
859. نانگا هليا ناٿ ڏي، جوڳي جوڳ ڪري
موهيا کيپ کري، گر کي گڏيا ڪاپڙي.
860. نانگا نظر ناٿ جي، ڪيا درد ديوانا
مون کي جني ماريو، تن ڪراين ڳانا
جوڳي هڻي جانا، سامي سفر هليا.
861. جوڳي پنڌ جڙي، سندرو ثابوتيءَ جو
پورڀيا پير ڪڙي، رمي رس رام کي.
862. سندرو ثابوتيءَ جو، جوڳي جڙي پنڌ
پورڀ ڪري پنڌ، رمي راس رام کي.
863. سندو ثابوتيءَ جو، جوڳي جڙي پنڌ
سناسي، شريف چئي، ڪيڏانهن ڦير م ڪنڌ
سوڌو وڃج سامهون، جيڏانهن هنگلاج هنڌ
پري پروجهي پنڌ، رمي رس رام کي.
864. سندري ثابوتيءَ جو، جڙي پنڌ توکي
پورڀ پرديسي، رمي رس رام کي.
865. پورڀ ڪري پنڌڙا، اُهڃ آندائون
الک اکڙين ۾، رام رانيائون
منزل ماڻيائون، لال لميا لاهوت ۾.
866. پهه پروجهي هليا، ڪنهن منهن آديسي
بَر ۾ بيراڳي، جاٽا ڪن جوڳ جي.
867. پهه پروجهي پنڌ ٿيا، گوندر گت گيان
آديسين ايمان، جاٽا ڪرڻ جوڳ جي.
868. پهه پروجهي پنڌ ٿيا، روح ۾ رکي رام
آديسين اسلام، جاٽا ڪرڻ جوڳ جي.
869. پهه پورڀ پنڌ جو، مٿي مهيسين
تنهن لاءِ رت روئن، ساميڙا شريف چئي.
870. پهه پروجهي هليا، جوڳي مٿي جوءِ
سامي روبروءِ، گر کي گڏجي آئيا.
871. پهه پروڙج پٿ جو، گهڙي گت گروه
عجب آديسين کي، ماهيت آهي موهه
ڪنهن سان ڪن نه ڊوهه، پاڻ واجهاڻا وصال ۾.
872. پهه پروڙج پٿ جو، گهڙي گروه گت
عجب آديسين کي، ماهيت آهي مت
ڪنهن کي ڏين نه ڳت، پاڻ واجهاڻا وصال ۾.
873. ويٺا روئن رَتُ، سناسي شريف چئي
پورڀ ويندو پٿ، نانگا نظر ناٿ جي.
874. ويٺا سي سارين، بُٺيون جي برن ۾
سناسي، شريف چئي، هئي هنجون هارين
ڳوڙها ڳل ڳارين، ويراڳي ورونهن ۾
875. ويٺا سي سارين، بٺيون جي برن ۾
سناسي، شريف چئي، رويو جر هارين
وسہ نه وسارين، رام پنهنجو روح مان.
876. وسہ ويراڳين، رام ڏٺو روءِ ٿي
الستئون اڳي هو، نظارو نانگن
ڪثرتان ڪمال ٿي، ويٺا منجهه وڻن
خاڪ مٽي خاڪ سان، ڪيا وعدا ويچارن
سناسي، شريف چئي، جوڳي جڳ سنڀرن
اشارت سندين، توشو آهي توڙ جو.
وائي 96.
سامي سناسي، جوڳي جاٽ ڪندا ويا
1.
ويٺي واٽڙين تي، ٿئڙو من اداسي
2.
آديسي الک ڏي، مينهن وسايو واسي
3.
گرکي گڏيا، شريف چئي، پورڀ پياسي
داستان ٻيو
877. جوڳيءَ کي جڳن جا، مٿي اُتي وار
سامي سنڀري، شريف چئي، لکين ورهيه هزار
اَحَد اڏائي هڪ هُو، ديکيائين ديدار
نانگي ڪري نهار، پرين آندا پاڻ ۾.
878. جوڳيءَ کي جڳن جا، مٿي تي جهوڙا
سناسيءَ، شريف چئي، وار لٽون لوڙا
درد جا دوڙا، وڃن جان جدا ڪيو.
879. جوڳيءَ کي جڳن جي، وارن ۾ واري
ويراڳي ويراڳ ۾، سڀ عمر ساري
بر ۾ بيکاري، نانگو گڏيو ناٿ کي.
880. جوڳيءَ کي جڳن جي، مٿي ڳل پڻي
سامي هليو، شريف چئي، خالي خاڪ کڻي
هيڪ ئي هيڪ ڌڻي، آديسيءَ اکين ۾.
881. جوڳيءَ جي جڳن جي، مٿي منجهه مٽي
سناسي، شريف چئي، ڪا جا ڏيٺ ڏٺي
نانگي ننڊ ڦٽي، نظر پِيَس ناٿ تي.
882. جوڳين جي جوڳ جو، ملڪ ۾ مذڪور
سامي هليا، شريف چئي، سانڍي سناسي سور
”ومن يتوڪل علي الله فهو حسبہ“ ايءُ پورڀين پور
نانگا ٿيا نور، گر کي گڏجي آئيا.
883. گر کي گڏجي آئيا، سامي سهاڳي
رام پنهنجو روح ۾ سڃاتائون ساڳي
جوڳيڙا جاڳي، واقف ٿيا وصال جا.
884. گر گڏجي آئيا، سامي ٿيا سون
ويراڳين وجود ۾، آه اڪسير اون
ڪو پروڙي ڪونه، ماهيت مهيسين جي.
885. ماهيت مهيسين جي، ڳجهي ڳجهارت
ڪونه پروڙي ڪڏهين، اُن جي اِشارت
ترڪ تجارت، آهي آديسين جو.
886. آهي آديسين جو، تجارت ترڪ
طعنا تهمتون خلق جا، مهيسين مرڪ
سناسين، شريف چئي، حاصل ڪيو حق
فاني ڪري فرق، سامي سي ساڳي ٿيا.
887. سامي سي ساڳي ٿيا، جز وڃايو جن
”اِن الله وتر يحب الوتر“ ايءُ ڪيائون ڪن
ڏيئي ٻيائي ٻن، جوڳي جريدا ٿيا.
888. سدائين سفر ۾ مٿا موه ٿئان
وڃڻ کي وئان، هئي حياتي ڏينهڙا.
889. سدائين سفر ۾، مٿان ٿين موه
تن سامين جي صبوح، گهڻو اُڪنڊي آهيان.
890. پهر نه اوڏا ڪاپڙي، سامي سڃ رهن
سناسي، شريف چئي، وڻن منجهه وهن
”لمن الملڪ اليوم الله الواحد القهار“ انهي ڪام
ڪنبن
سختيون سور سهن، ويراڳي ان واٽ ۾.
891. پهر نه اوڏا ڪاپڙي، وسينءَ تان نه وڃن
سناسي، شريف چئي، راول رڃ رهن
فاني ۽ فڪر ۾، مهيسي مرڪن
لاهي ڇڏيا لباس جا وڳا ويراڳين
”اَجيعوابطونڪم واعروااجسامڪم“ سمجهيو ساميڙن
عجب آديسين، گت پرائي گر کان.
892. ڪہ ڪہ ڪندا ڪاپڙي، ويا ديول ديولي
راجا لکمير کي، جوڳي ڏسن هلي
راول روح رلي، پٽ پني بکيا.
893. هل هلڻ سکيا، رم رميا ۾ روح
سناسي، شريف چئي، سامي ڪن صبوح
ماهيت جني موه، سي ڪُهنا پسجن ڪاپڙي.
894. هل هلڻ سکيا، رم رميا ڏونهن رام
”لمن الملڪ اليوم لله الواحدالقهار“ انهي ڪٺن ڪام
سامي پيا سام، ڇڏي تعلق تڪيا.
895. ساميءَ ڪيو سڪوت، جوڳيءَ اچي جوڳ ۾
”من عرف الله ڪل لسانہ“ سڃاتائين ثابوت
هينئڙو ٿيو لاهوت، تن تيرٿ من تڪيو.
896. تيرٿ جن ڪيا، تڪيا تن شريف چئي
”الولايت زيارت حج الاڪبر“، لال لاهوتي ٿيا
سي جوڳي ڏسندين ڪيا، جن پٽ پني بکيا.
897. تيرٿ، نه تڪيو، نڪو ديس پڇن
قرب ڪاپڙين، لاهوتان لا مڪان جو.
898. ڦري ويا فقير، دل هڻي دلق سان
نانگا هئڙا پير، ساميڙا شريف چئي.
899. مون تني سان لنگهه، راتڙيون جاڳن جي
سامي ڪري سنگ، پريا پورڀ پنڌ ڏي.
900. آکا اکڙين سان، سامي ٿا گهرن
پورڀيا پرن، بابو پنيو بکيا.
901. کدا ڪيا خاڪي، نانگا نظر ناٿ جي
سامي ستا ڪينڪي، بر ۾ بيراڳي
رات تني جاڳي، جن وصل آه وصال سان.
902. سُڪن تيئن سنرا، وهسن تيئن مچ
ساميڙن، شريف چئي، لُونءَ لُونءَ اندر سچ
روح تني سان رچ، جن وصل آهي وصال سان.
903. سڪن تيئن سنرا، جيئن سڙن تيئن سچ
ساميڙن، شريف چئي، من ۾ ٻاريو مچ
روح تني سان رچ، جن وصل آه وصال سان.
904. سڪن تيئن سنرا، جيئن وهسن تيئن وير
سامي ستا ڪينڪي، سناسي فقير
درد ڪيا دلگير، وتن ورهوڻا لوڪ ۾.
905. توکي ڪي آهين، آهڃ آديسين جا
”الدنيا سجن المومنين“ گوندر گذارين
ولهون وسائين، جيڪي حياتيءَ ڏينهڙا.
906. راتيون جاڳن ڏينهن، سناسي شريف چئي
مٿي اتي مينهن، ولهون وسائڻ آئيا.
907. ڪک پن من مسيت، هنڌ هنڌ تني حجرا
سامي چليا سنگ ۾، نوڙت آڻي نيت
سوڌي جن پريت، راءُ تني روءِ ٿيو.
908. گر کي گڏيا ڪاپڙي، ڏوري ڏٺائون
جوڳين جاٽائون، پوريون ٿيون پاڻ ۾.
وائي 97.
پورڀ مدعائون، سونهن سناسين جون
1.
سڳا، سيليون، سڱيون، تني مالهائون
2.
ويهي مڙهين وچ ۾، ڪيون جوڳين جفائون
3.
گوندر گت گروءَ سان، ڌاڳا ڌوتائون
4.
کدا خاڪيئڙن جي، ڌوپي ڌريائون
5.
سيني اندر، شريف چئي، الک اوريائون.
|