سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: شاهه شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو

صفحو :2

”عليماڻي ٿيا اڳرا ڀلا ڀاڏائي“

سيد قنبر علي شاه ۽ سندس والد بچل شاه ’ڀاڏائي‘ هئا، ۽ سندن ٻيا عزيز ’عليماڻي‘. اِهو سڄو ڪٽنب ’بخاري‘ ساداتن جو هو، جن جو وڏو ڏاڏو ’اُچ‘ مان آيو هو.

سيد قنبر علي شاه پنهنجي پويان چار فرزند ڇڏيا: وڏو مهدي شاه، ٻيو نمبر علي گوهر شاه، ٽيو نمبر عبدالقدوس شاه، ۽ چوٿون نمبر ڪمال الدين شاه، منجهائن عبدالقدوس شاه شاعر هو جنهن جو ذڪر اسان هيٺ ڪنداسون. تيرهيي فقير ’سرڌناسري‘ ۾ بيت چيا آهن، جن ۾ چئني ڀائرن جا نالا کنيا اٿس، ۽ ائين معلوم ٿئي ٿو ته اهي بيت سندن والد مرحوم قنبر علي شاه جي وفات کان پوءِ چيائين. ان وقت چارئي ڀائر چڱي حال ۽ نيڪي ناموس وارا هئا.

مهدي شاه مڙني ۾ وڏو ۽ هدايت واري واٽ ڏيکاريندڙ هو. ’تيرهيي‘ فقير غالباً ڏانهس اشارو ڪندي چيو آهي ته: ’مرشد مهدي مير هادي هدايت جو ڌڻي‘، ۽ پڻ ’ڪونه وڃي خالي مهدي وٽان مڱڻو‘. مهدي شاه کي اولاد ڪونه ٿيو ۽ لاولد گذاري ويو. [1]

پيج نمبر 5 جي تصوير ٺاهيو

جناب سيد قنبر علي شاه رحه ڀاڏائي جو مقام

(مڪان گنبالي، تعلقو گهوڙاٻاري ضلعو ٺٽو)

مقام

چؤکنڊي سيد قنبر علي شاه ڀاڏائي

گنبالي، تعلقو گهوڙاٻاري، ضلعو ٺٽو.

1.      مرقد نواز علي شاه پٽ علي گوهر شاه

2.     ” علي گوهر شاه پٽ قنبر علي شاه

3.     ” مهدي شاه پٽ قنبر علي شاه

4.     ” قنبر علي شاه ’شريف‘ ڀاڏائي

5.     ” ڪمال الدين شاه پٽ قنبر علي شاه

6.     ” عبدالقدوس شاه پٽ قنبر علي شاه

7.     ” علي اڪبر شاه پٽ نواز علي شاه

8.     ” مراد علي شاه پٽ نواز علي شاه

9.     ” غلام علي شاه عرف حاجي شاه پٽ علي گوهر شاه

10. ” غلام مرتضٰي شاه پٽ محمد ارشد شاه 

شجره[2]

سيد قنبر علي شاه ڀاڏائي ۽ سندس اولاد

رسالو ۽ ڪلام

شاعري ۾ قنبر علي شاه ’شريف‘ جو روحاني رهبر ڀٽائي صاحب هو، ۽ هن پڻ ڀٽائي صاحب واري واٽ وٺي بيت ۽ وايون چيون ۽ رسالو، جوڙيو. قنبر علي شاه صاحب جي حياتيءَ ۾ ۽ پڻ پوءِ، گنبالي ۾ ’شاه جي راڳ‘ جي نوعيت وارو راڳ طنبورن تي ٿيندو رهيو. ۽ راڳ ۾ ڀٽائي توڙي شاه ’شريف‘ جا داستان ڳايا. قنبر علي شاه جا خليفا ۽ فقير پڻ ڀٽائي صاحب جي رسالي جا ڄاڻو هئا. هڪ روايت موجب فتح فقير راڳ جي محبت ۾ ڀٽ شاه تي ويو پر اتي سَههَ ڪانه مليس ۽ موٽي آيو، قنبر علي شاه وٽ ڀٽائي جي رسالي جي رهاڻ ۽ راڳ جي ورونهن هلندڙ هئي جا فتح فقير کي وڻي وئي ۽ هو هميشہ لاءِ هتي جو مريد ٿي رهيو.

ڀٽائي صاحب جي رسالي ۽ راڳ جي اثر سببان ڀٽائي صاحب جا بيت پڻ قنبر علي شاه جي ڪلام جي ٻن بياضن ۾ لکيل ملن ٿا. هڪ بياض جي هڪ ورق تي هيٺيان بيت لکيل مليا:

”ڀنڀوران ٻاهر ٿي، مون جي سڏ ڪيا

سي جي هوت سئا، ته هوند نه ويو نڪري

 

ووءِ ووءِ ڪندي وت، متان ووءِ وساريين

رندن مٿي رت، هاريين ملين هوت کي.

بقلم فقير درگاه ڀاڏائي جو“

شاه ’شريف‘ جي ڪلام جي متن کي مرتب ڪرڻ وقت ڀٽائي صاحب جا جيڪي به بيت نظر آيا تن کي اسان جدا ڪيو، ۽ بعضي حاشين ۾ پڻ اهڙو اشارو ڪيو. غلام حيدر ’تيرهيي‘ وري شاه شريف جي ڪلام کان متاثر ٿي سندس بيتن ڀران بيت چيا جيڪي پڻ بياضن ۾ شاه ’شريف‘ جي بيتن سان گڏيل نظر آيا جن کي ڪوشش ڪري جدا ڪيو ويو. ڀانئجي ٿو ته شاه ’شريف‘ ۽ غلام حيدر فقير ’تيرهيي‘ جي گڏيل ڪلام جو زخيرو سندن سلسلي جي ڪن ٻين فقيرن جي مطالعي هيٺ رهيو ۽ انهن به ڪن بيتن ۾ هير ڦير ڪئي: شاه شريف جا ڪي بيت ’تيرهيي‘ فقير ڏانهن منسوب ڪيائون، ته ڪي بيت پنهنجي طرفان سِٽي انهن ۾ شاه ’شريف‘ جو نالو وڌائون[3]. اسان اهڙن بيتن کي جدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر ان هوندي به شڪ آهي ته شايد ڪو هڪ اڌ بيت ڀٽائي صاحب جي رسالي جو، ۽ ٻيا ڪي بيت جي شاه ’شريف‘ جا چيل نه هجن سي متن ۾ اچي ويا هجن. اهڙا بيت ٻولي ۽ خيال توڙي شاعرانه معيار جي لحاظ سان ڪَسا ٿي سگهن ٿا، پر شاه ’شريف‘ جو خالص پنهنجو ڪلام اسلوب بيان توڙي مفهوم ۽ معنيٰ جي لحاظ سان معياري آهي.

شاه ’شريف‘ ڀاڏائي جو ڪلام جيڪو بياضن ۾ موجود آهي سو رسالي جي ڇويهن سرن ۾ چيل آهي، پر ٿي سگهي ٿو ته شاه صاحب ٻين وڌيڪ سرن ۾ پڻ بيت چيا هجن. بياضن جي ڪن ورقن ڦاٽڻ سببان سندس ڪي بيت ۽ وايون يقيني طور ضايع ٿي چڪيون آهن[4]، باوجود انهيءَ جي به 1268 وايون محفوظ رهيون آهن. اهو سڄو ڪلام اعليٰ سنڌي اساسي شاعري جو شاندار ذخيرو ۽ سنڌي ٻولي جو قيمتي دستاويز آهي.

ڪلام جي مطالعي مان ثابت ٿئي ٿو ته هن بلند پاپي شاعر کي سنڌي ٻولي جي نج لفظن ۽ محاورن جي پڪي پختي ڄاڻ آهي ۽ هو چونڊ لفظن ۽ محاورن سان هر مضمون توڙي ماحول کي سهڻي نموني سان سينگاري ٿو، بعضي انوکن لفظن جي ڀرپور استعمال سان ڪن بيتن ۾ انو کائي وارو انداز نمايان ٿئي ٿو[5]؛ ڪن بيتن ۽ واين ۾ سندس ڳوڙهي زبان ۽ نظم جي ’الف- اشباع‘ واري سٽاء پاڻ ۾ همڪنار آهن[6]؛ سندس ڪِنايا ۽ اشارا جيڪي آيات ۽ احاديث، صوفيانه قولن ۽ مثالن، يا عربي ۽ فارسي عبارتن ۾ سمايل آهن سي اڪثر ڳرا ڳوڙها آهن، بعضي ته سنڌ جي ماضي وارين روايتن تي مبني تلميحون پڻ ڏوراهيون آهن: مثلاً

” سمُو سَميتا، چيلوراء جيئن چمڪيو“ (ص182)

معنيٰ ۽ مقصد جي لحاظ سان، قنبر علي شاه ’شريف‘ جي سڄي ڪلام ۾ توحيد ۽ معرفت، نبي صلعم سان عقيدي ۽ اخلاق جي تعليم ۽ تربيت، روحاني رازن جي حقيقت ۽ ڪن ڳوڙهن صوفيانه نُڪتن جا اهڃاڻ ۽ آثار سمايل آهن. مجموعي طور سان سندس شعر ۾ غنائي رنگ ڀريل آهي ۽ هو ٻئي جي ڳالهه ڪندي به پنهنجو حال وڌيڪ اوري ٿو. حضرت شاه عبداللطيف جا بيت هر وقت سندس سامهون آهن ۽ انهن بيتن ڀران بيت چوندي، هو ڀٽائي صاحب واري بنيادي خيال کي جدا جدا طريقن سان ورجائي ۽ وهڃائي ٿو جو ڄڻ ته هو شاه عبداللطيف جو شارح آهي. باوجود انهيءَ جي، سندس ڪلام ۾ سندس پنهنجو راز ۽ آواز، اسلوب ۽ انداز پڻ نمايان آهي، ۽ انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته قنبر علي شاه سنڌ جي اعليٰ شاعرن جي قطار ۾ پنهنجي خاص مقام جو مالڪ آهي.

2- عبدالقدوس شاه

عبدالقدوس شاه، قنبر علي شاه رحه جو ٽيون فرزند هو. پنهنجن چئني ڀائرن ۾ غالباً عبدالقدوس شاه وڌيڪ علم وارو هو. رُسالي (الف)‘ ۾ سندس لکيل هيٺين عبارت نقل ڪئي وئي آهي، جا عبدالقدوس شاه ڪتاب ’حديقة الاوليا‘ (؟) مان نقل ڪئي، جنهن مان سندس مطالعي ۽ بزرگن بابت حالات معلوم ڪرڻ جو ذوق ظاهر ٿئي ٿو:

نقل است

سيد جلال بن سيد حافظ متعلوي مخدوم معظم حضرت مخدوم نوح عليہ الحمة آمد بہ نيت آنکہ سيادت خودو (سيادت) جناب حضرت شيخ محمد مکائي عليہ الحمة کہ (در) قرب جوار قلعہ نيرون است تحقيق نمايد-ومجرد دخول درمجلس (حضرت مخدوم) مي فرمودند کہ اي سيد جلال، سيد محمد مکائي باحال خودو) پير (دستگير) حضرت ميران محي الدين رحمةالله عليہ اينجا تشريف آورده بوند اما باز شدند- اگر قعدري پيشتر مي آمدي شرف دست. . . آنها مشرف مي شدي- پس بلَفظ سيادت قدوم بزبان آوردند. . . سندگرفت و. . . معلوم کرد کہ سيد است- سنه 12. . . الاوليا تصانيف. . . رحمه (سنه 12).

بنده عبدالقدوس عفي عنہ

غلام حيدر فقير ’تيرهيي‘ پنهنجي بيت ۾ عبدالقدوس شاه کي شريعت جو صاحب ۽ نئڙت ۽ نياز وارو بزرگ ڪري ڄاڻايو آهي:

آگي عبدالقدوس تي راحم رکيو راز

سدا شريعت ۾ سيد سرفراز

ڪري نت نياز، حاضر هوءِ حضور ۾

(ص 381)

رسالي جي ستن سرن ۾ چيل ٻاونجاه بيت [7] سندس علمي ڄاڻ توڙي بيان جي فصاحت ۽ بلاغت جي ساک ڀرين ٿا.

3- فتح فقير

فتح محمد ڪلهوڙو، جو پنهنجي فقير سببان پوءِ ’فتح فقير‘ جي نالي سان مشهور ٿيو، اصل ڪَڪڙ تعلقي (ضلعي دادو) جو ويٺل هو[8] جتي هو غالباً سنه 1180هه ڌاري ڄائو. وقت جي رواج موجب چڱي خاصي تعليم ورتائين ۽ وڏي ٻُڌ سُڌ وارو ٿيو. نؤجواني ۾ ڪو نينهن لڳس جو شاعر ٿيو ۽ بيت چوڻ لڳو، ۽سير سفر ۾ گذارڻ لڳو. اهو دؤر ميان صاحبن ڪلهوڙن جو هو. مارئي جي زباني پنهنجي هڪ بيت ۾ چيو اٿس ته:

”ميان سندي ملڪ ۾ ڪيو راڄ رهون“ (ص 199)

جڏهن مير فتح علي خان اچي حيدرآباد کي پنهنجي گادي بنايو ۽ هن شهر جي هنڌين ماڳين مشهوري ٿيڻ لڳي ته فتح محمد فقير سيلاني به اچي ’ڊومڻ واهه، تي پنهنجو ماڳ مڪان بنايو، جيڪو پوءِ سندس نالي سان ”فتح فقير جو اوتارو “ مشهور ٿيو. ان وقت جي اصطلاح ۾     ’اوتارو‘ اها جاءِ هئي جتي آيو ويو مسافر آسائش خاطر بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي اچي ڏينهن ٺاريندو هو يا رات گذاريندو هو. فتح فقير تن تنها اڪيلو هو پر ايندن ويندن جي اهڙي ته خدمت ڪيائين جو سندس نالو ۽ اوتارو حيدرآباد شهر کان ٻاهر مشهور ٿي ويا. فتح فقير جي مير فتح علي خان جي درٻار ۾ رسائي ٿي ۽ سندس فهم فراست کان متاثر ٿي مير صاحب سندس اوتاري جي لنگر لاءِ وظيفو مقرر ڪيو. ميرن صاحبن جي درٻار ۾ فقير صاحب جي حاضري ۽ سندس اوتاري جي خرچ لاءِ وظيفو، ميرن صاحبن جي دور ۾ ويندي آخر تائين قائم رهيا.

فتح فقير نبي ڪريم جي محبت ۽ اصحابن سڳورن جي عزت ۽ عظمت جو قائل هو، ٻئي طرف مير ڪرم علي خان جي دور کان وٺي حيدرآباد جا حڪمران امير اهل تشيعة جي عقيدي ڏانهن مائل ٿيا. باوجود انهيءَ جي درٻار ۾ ڪڏهن ڪا اهڙي ڳالهه نڪرندي هئي ته فتح فقير ڀري ڪچهري ۾ اصحابن سڳورن جي فضيلت پوري صدق سان بيان ڪندو هو، ۽ مير صاحب فراخ دليءَ سان ٻڌندا هئا. بعضي جڏهن ڪچهريءَ جا توبچي عقيدي جي سلسلي ۾ فقير تي جلهون ڪندا هئا، ته فقير صاحب به کين کتا جواب ڏيئي لاجواب ڪري ڇڏيندو هو. ڪي اهڙا سوال جواب اڃان تائين ماڻهن ۾ مشهور آهن، ۽ اهي فتح فقير جي عقيدي جي صداقت ۽ سندس اخلاقي جرئت جي ساک ڀرين ٿا. ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ جي مصنف ڄاڻايو آهي ته، ”فتح فقير شريعت جو پابند درويش هوندو هو ۽ سيد خير شاه پرديسيءَ جو خاص صحبتي هو“. [9] جيئن فتح فقير حيدرآباد ۾ پرديسي هو تيئن خير شاه به پرديسي هو، ٻئي سنڌ جا هئا پر ٻنهي  ٻاهران اچي حيدرآباد کي وسايو هو. ’فتح فقير جي اوتاري‘ وانگر ’خير شاه جو پڙ‘ حيدرآباد ۾ مشهور آهي. [10]

حيدرآباد گاديءَ جو شهر هو، جتي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان عام خاص هروقت ايندا رهندا هئا. ڀائنجي ٿو ته سيد قنبر علي شاه ڀاڏائي پڻ جواني واري دور ۾ نصرپور طرف پنهنجن عزيزن کي ملڻ خاطر، حيدرآباد ۾ آيو ۽ فقير جي اوتاري تي اچي لٿو. فتح فقير تي سندس صحبت جو ايترو اثر پيو جو باوجود انهيءَ جي جو فقير عمر ۾ وڏو ۽ وڏي ٻُڌ سُڌ وارو هو، قنبر علي شاه جو مريد ٿيو. ان کان اڳ فقير صاحب سالن جا سال پنهنجي مرشد جي مڪان ’گنبالي‘ جا ڀيرا ڪرڻ لڳو. سيد قنبر علي شاه صاحب، فتح فقير کي گهڻو ڀائيندو هو۽ سندس وڏي غزت ڪندو هو.

سال 1259/1843ع ۾ جڏهن انگريزن سنڌ غصب ڪئي ۽ حيدرآباد شهر تي قبضو ڪيائون، تڏهن ڪن ٻين محب وطن سڄڻن وانگر، فتح فقير به حيدرآباد شهر ۾ پنهنجي اوتاري کي الوداع چئي وڃي ’گنبالي‘ ۾ مرشد جي درگاهه ڀيڙو ٿيو[11] ان وقت سندس عمر نوي سال کن هئي، ۽ انهيءَ ساڳئي سال جي آخر ڌاري فقير صاحب وفات ڪئي. [12] قنبر علي شاه صاحب پنهنجي هن پياري مريد جي مرقد لاءِ ’گنبالي‘ مڪان کان ميل کن ڏکڻ طرف هڪ مقام منتخب ڪيو جتي کيس دفن ڪيو ويو. شاه صاحب اهو ماڳ انهيءَ لاءِ پسند فرمايو هو ته سندن پنهنجي مزار پڻ اتي ئي ٿيندي. فتح فقير جي دفن ٿيڻ کان پوءِ جڏهن ماڻهن صدق وچان اتي پنهنجا عزيز دفنائڻ شروع ڪيا، ته شاه صاحب خوش ٿي چيو ته ”هاڻي اهو مقام ڏيون ٿا بادي کي“. قنبر علي شاه صاحب پيار مان فتح فقير کي ’بادو‘ ڪري سڏيندو هو. فتح فقير جي مزار اڄ تائين انهيءَ ماڳ تي آهي ۽ پڻ مقام سندس سان مشهور آهي.

فتح فقير جو ڪلام

فتح فقير جو ڪلام سندس حياتيءَ ۾ مشهور ٿيو. سندس مولود ۽ مداحون جن ۾ اصحابن سڳورن جي صفت ۽ ساراهه ڪيل هئي سي منڍ کا وٺي وڏي ذوق سان پڙهيا ويا، ۽ اڃان تائين ’شغل‘ جي محفلن ۾ پڙهيا وڃن ٿا. سندس وايون ۽ ڪافيون پڻ مشهور ٿيون ۽ محفلن ۾ ڳائجڻ لڳيون. ڀائنجي ٿو ته فقير صاحب، رسالي جي سرن مطابق گهڻائي بيت چيا، جن مان فقط 19 بيت جيڪي سندس مرشد جي رسالي ۾ قلمبند ٿيل آهن، سي سلامت بچيا آهن ۽ هن ڪتاب ذريعي پهريون ڀيرو شايع ٿي رهيا آهن. البت فقير جون مداحون ۽ مولود جيڪي آڳاٽي وقت کان مشهور هئا، سي گذريل صديءَ ۾ بمبئي مان ’مجموعہ مدحيات‘ ڪتاب ۾ شايع ٿيا. سنڌ جي تعليم کاتي طرفان ڇپايل ’چونڊ ڪافين‘ جي ڪتاب ۾ پڻ سندس ڪي ڪافيون شايع ٿيون. مرحوم محمد صديق ميمڻ ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ ۾ لکيو آهي ته:

”فتح فقير هڪڙو روشن دل شاعر ٿي گذريو آهي. سندس مولود، مداحون ۽ ڪافيون ساري سنڌ ۾ مشهور آهن. فقير صاحب جا ڪيترائي مولود، مداحون ۽ ڪافيون ڪيترن ئي مولودين ۽ ڪافيارن کي بر زبان ياد آهن“. [13]

اسان هن ڪتاب مرتب ڪرڻ وقت، ڪنڊ ڪڙڇ مان فقير صاحب جي ڪلام کي سهيڙڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ جن سڄڻن وٽان اسان کي اهو ڪلام مليو يا جن ڇپيل ڪتابن تان اسان سندس ڪلام کنيو تن جو ذڪر متن ۾ هر صفحي جي حاشيي تي ڪيو آهي. خوش قسمتيءَ سان، هن ڪتاب ۾ فقير صاحب جي ڪلام ڇپجي وڃڻ کان پوءِ به سندس هڪ مداح، تاريخ ”25 ماه ربيع الثاني سنه 1300هه“ (1883ع) تي قلمبند ٿيل، حڪيم ديوان ٺارومل نصرپوري جي پنهنجي هٿ اکر لکيل بياض تان ملي جنهن کي نوَن صفحن تي ڇاپائي هن ذخيري ۾ شامل ڪيو ويو[14]. مختلف ماخذن مان سندس ڪلام جو هٿ اچڻ ڏيکاري ٿو ته فقير صاحب جو ڪلام ڪو گهڻو هو جو ڪافي وقت گذرڻ کان پوءِ پڻ قدري محفوظ رهجي ويو آهي، ۽ وڌيڪ تحقيق سان اڃان به وڌيڪ ڪلام دستياب ٿيڻ جو امڪان باقي آهي. هن ذخيري ۾ فقير صاحب جي ڪلام مان جملي 19 بيت، 19 مولود، 33 وايون ۽ ڪافيون[15] ۽ 4 مداحون شامل آهن.

4- غلام حيدر فقير ’تيرهيو‘

غلام حيدر ذات جو ٿيٻو هو، ۽ سندس زندگيءَ جي اهڃاڻ مان اندازو ٿئي ٿو ته هو سنه 1810ع ڌاري ڄائو. کيس وقت جي لحاظ سان عربي تائين تعليم ملي هئي، پر سندس لاابالي طبيعت جو لاڙو فقيري ڏانهن ٿيو ۽ هو سير سفر ۾ گذارڻ لڳو. سنڌ کان ٻاهر ڪاٺياواڙ تائين ويو ۽ جهونا ڳڙهه لڳ گرنار جبل تي چِلا ڪڍيائين، ۽ انهيءَ ڪري پوءِ کيس ’غلام حيدر فقير گرناري‘ ڪري سڏيو ويو. جواني ۾ ئي اچي سيد قنبر علي شاه جو مريد ٿيو، ۽ پوءِ وٽس ئي گذارڻ لڳو. فقير وڏي حوصلو ۽ همٿ وارو هو، ۽ جڏهن شعر چوڻ شروع ڪيائين ته پنهنجو تخلص ئي ”تيرهيو“  ڪيائين. ’تيرهيو‘ انهيءَ باز کي چئبو آهي جنهن جي پُڇ ۾ تيرهين کنڀ هجن، باز اڪثر ’ٻارهيا‘ هوندا آهن يعني ته انهن جي پڇ ۾ ٻارهن کنڀ هوندا آهن. ’تيرهيو‘ باز ڪو ڪو هوندو پر اِهو شڪار ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هوندو. ’تيرهيو‘ باز ڄڻ بازن ۾ شهباز آهي.

قنبر علي شاه رح جي وفات (1264هه/ 1848ع) کان پوءِ غلام حيدر فقير ’گنبالي‘ کي ئي هميشہ لاءِ پنهنجو ماڳ مڪان بنائي ويهي رهيو. باقي عمر مرشد جي چئني فرزند سان اردات ۽ عقيدت ۾ گذاريائين، جيئن ته ’سرڌناسري‘ ۾ سندن تعريف ۾ چيل سندس بيتن مان ظاهر آهي. غلام حيدر فقير جي وفات جو سال معلوم ناهي، مگر سنه 1890ع ۾ جڏهن سندس ڪلام ڇپيو تڏهن فقير حال حيات هو. غلام حيدر فقير غالباً نوي سالن کن جي وڏي عمر ۾ سنه 1900ع ڌاري گنبالي ۾ وفات ڪئي ۽ اتي ئي کيس دفنايائون. سندس قبر قنبر علي شاه رحه جي مرقد کان فرلانگ کن اولهه طرف آهي.

فقير جو ڪلام

غلام حيدر فقير پاڻ لاءِ ’تيرهي‘ جو تخلص کڻي ڄڻ شاعريءَ ۾ شهباز ٿيڻ جي تَمنّا ڪئي هئي. سندس اها تَمنّا ايتري حد تائين پوري ٿي جو پنهنجو سڄو رسالو جوڙي راس ڪيائين، ۽ اعليٰ سنڌي شاعري جي علمبردارن ۾ هو به ’رسالي جو ڌڻي‘ ٿيو. تيرهيي فقير پنهنجي مرشد قنبر علي شاه جي بيتن کان متاثر ٿي گهڻا بيت سندس ڀران چيا. شاه صاحب جي وفات کان پوءِ غالباً ’تيرهيي‘ فقيرئي پنهنجي مرشد جي ڪلام کي سهيڙيو ۽ سانڍيو، ۽ ويهارو سال کن پوءِ تائين پڻ پنهنجي مرشد جي بيتن ڀران بيت پئي چيائين. سندس ئي اهو سڄو سانڍيل ذخيرو هو جيڪو سنه 1284هه ۾ قاضي محمد ڪامل ويهي اتاريو، جيتوڻيڪ اهو ذخيرو ’سيد قنبر علي شاهه جي رسالي جي عنوان‘ سان اتاريل آهي مگر ان ۾ غلام حيدر فقير تيرهيي جو ڪلام پڻ گڏيل آهي. ٻاويهن سالن کن پوءِ 1890ع ۾، غلام حيدر فقير جو ڪلام ”رسالو حيدري سنڌي“ جي عنوان سان ڇپيو، جنهن جو مهاڳ هن طرح لکيل آهي:

رسالو حيدري سنڌي

هي عجيب رسالو، سنڌي بيتن ۽ ڪافين ۾ جوڙايل ڪماليت انتساب عارف با الله فقير غلام حيدر صاحب، رهندڙ درگاه شاه شريف تعلقه گهوڙي ٻاري، ضلع ڪراچي جو آهي. سو موجب خواهش سيادت و نجابت دستگاه سيد بچل شاه ولد مرحوم ڪرم علي شاه [16] رهندڙ سکر جي، ميان حبيب الله نائب ماستر اسڪول سکر جي جي گهڻي ڪوشش مان وري سڌاري نقل ڪري ڏنو. تنهن کي ماستر هريسنگ سکرجي عام شائقين سنڌي فائدي لاءِ پنهنجي خرچ سان ڇپائي پڌرو ڪيو. لاهورجي مصطفائي پريس ۾ باهتمام حافظ محمدالدين ڇپيو.

دفعه اول                1890ع                        جلد (250)

قيمت في جلد اٺ آنا . -8-.

هن مهاڳ مان ظاهر آهي ته ”رسالو حيدري سنڌي“ خود غلام حيدر فقير جي حياتيءَ ۾ ڇپيو، مگر اهو مواد پڻ اهڙي ڪنهن بياض تان کنيو ويو جنهن ۾ شاه ’شريف‘ توڙي ’تيرهيي‘ فقير جو ڪلام گڏيل هو، ڇاڪاڻ ته ’رسالي حيدري‘ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته ان ۾ به ڳچ جيترو ڪلام شاه شريف جو شامل آهي. مثلاً  ’رسالي حيدري‘ جي ’سرگهاتو‘ هيٺ ڏنل وائي اصل ۾ شاه شريف جي آهي، ڇاڪاڻ ته شاهه شريف جي ڪلام واري قلمي نسخي ۾ ان وائي جي مٿان ”ڪافي سر گهاتو ڪلام شاه صاحب“ جو چٽو عنوان ڏنل آهي. ’رسالي حيدري‘ ۾ ان ساڳي ڪافي جي آخري سٽ ۾ تحريف ڪري ’تيرهيي‘ فقير جو نالو وڌو ويو آهي جو وزن کان ٻاهر آهي:

قلمي رسالي ۾ اصل سٽ: وڍي ورهايائون پاڻ ۾ ڪپي ۽ ڪوري رسالي حيدري ۾ اصل سٽ: وڍي ورهايائون پاڻ ۾ ’تيرهيا‘ ڪپي ۽ ڪوري

انهيءَ تحريف ۽ تبديل مان گمان نڪري ٿو ته يا ته تيرهيي فقير جي طالبن مان ڪنهن يا ۽ يا ته وري ميان حبيب الله نائب ماستر اسڪول نئون سکر جنهن رسالي حيدري جو مواد نقل ڪري ڏنو تنهن ”وري سڌاري نقل ڪري ڏيڻ“ ۾ انهيءَ قسم جي ڦير گهير ڪئي هجي.

هن اشاعت جي ’ضميمہ- 3‘ (ص ص 233-388) هيٺ ڏنل تيرهيي فقير جي ’رسالي‘ کي اسان ٻن مکيه سر چشمن مان سهيڙي مرتب ڪيو آهي: هڪ شاه شريف جي ڪلام جا بياض، ٻيو ’رسالو حيدري سنڌي‘. اهڙا بيت ۽ وايون جيڪي شاه شريف جي ڪلام جي بياضن ۾ شاه شريف جي نالي سان ڏنل هئا، ۽ ٻيا اهڙا بيت جيڪي غالباً رسالي حيدري سنڌي جي ڇپائيندڙن پوءِ شامل ڪيا، تن کي ڇڏي باقي ڪلام کي تيرهيي فقير جي رسالي ۾ شامل ڪيو ويو آهي. انهيءَ رسالي جي هن موجوده متن ۾ جملي 798 بيت، 59 وايون آهي. ۽ 7 ڪافيون آهن: اهو سنڌي اساسي شاعري جو هڪ وڏو ۽ قابل قدر ذخيرو آهي جيڪو پهريون ڀيرو تصحيح ۽ تحقيق سان شايع ٿي رهيو آهي.

تيرهيي فقير جو رسالو 28 سرن تي مشتمل آهي: هڪ سر جو عنوان ’پورپ رامڪلي‘ آهي جنهن ۾ ڄڻ ’پورپ‘ ۽ ’رامڪلي‘ ٻن سرن کي هڪ عنوان هيٺ آندو ويو آهي. ’سر بيراڳ هندي‘ ۽ ’سر ڍول مارئي‘ هيٺ فقير جي پنهنجي ڪلام جي بدران ٻاهريون ٻڌل سڌل ڪلام درج ٿيل آهي. ’سرجوڳ‘ هيٺ غلام حيدر فقير ’هير رانجهي‘ جي مضمون کي پنهنجي سرائڪي ۾ چيل بيتن ۽ ٽيهه اکري ۾ سهڻي نموني سان نباهيو آهي. ’سر ڪيڏاري‘ هيٺ شهادت جي واقعي کي تاريخي روايت جي رنگ ۾ تفصيل سان بيان ڪيو اٿس. تيرهيي فقير جي ڪلام ۾ ڳوڙهائي ۽ ڳراڻ يا لغت جي انو کائي ڪانهي. سندس زبان سولي ۽ اسلوب بيان حڪايتي رنگ وارو آهي: فقير پنهنجي حال اورڻ کان وڌيڪ ٻئي جي ڳالهه ڪري ٿو. تيرهيي فقير پنهنجا بيت زياده عوامي رنگ ۾ هڪٻئي سان ڪڙي ۾ ڪڙو ملائي چيا آهن: سندس وايون ۽ ڪافيون، سندن سهڻي سٽاء ۽ اندروني ترنم جي لحاظ سان وڌيڪ دلپذير آهن. سنڌي ۽ سرائڪي کان سواءِ هندي- اردو ۾ پڻ ڪجهه ڪلام چيو اٿس. [17] مجموعي طور سان سندس سڄو رسالو اعليٰ سنڌي شاعري جو آئينو آهي جنهن ۾ توحيد، اعليٰ اخلاق، حق ۽ انصاف، همت ۽ مردانگي جي تعليم سمايل آهي.


[1]  جيئن ته ڪمال الدين شاه 1268هه ۾ وفات ڪئي، انهي ڪري اهي بيت ان کان اڳ جا چيل آهن. مطالعي مان ائين معلوم ٿئي ٿو ته اهي بيت قنبر علي شاه جي وفات (1268هه) کان پوءِ ۽ 1268هه کان اڳ جي چئن سالن واري عرصي ۾ چيائين.

[2]  زباني علي گوهر شاه صاحب، تاريخ 1- نومبر 1960ع.

[3]  مثال خاطر ڏسو ص 23

[4]  متن ۾ اهڙين جاين تي اسان اهي خل پڙهن جي سلسلي’. . . . . . . . . . . . ‘سان نروار ڪيا آهن.

[5]  مثلاً: سر ڪارايل جو بيت (نمبر 1263)

[6]  مثلاً: بيت 1208۽ 1209 ۽ وائي 112

[7] ڏسو ’ضميمو-1‘ ص ص 190- 193

[8]  محمد صديق ميمڻ: سنڌ جي ادبي تاريخ، مطبوعي سنڌي ادبي سوسائٽي

حيدرآباد، 1237ع، جلد1، ص383.

[9]  اضاً

[10]  ’خير شاه جو پڙ‘ واڍن ۽ ڪورين جي پڙن لڳ لوهارن جي پاڙي ۾ آهي.

[11]  ’سنڌ جي ادبي تاريخ‘ ۾ ڄاڻايل آهي ته فقير صاحب پنهنجي مرشد وٽ ”ڀاڏ“ ۾ ويو،جو صحيح نه  آهي. سيد قنبر علي شاه ٻارهن سالن جو هو، جو سندس والد ’ڀاڏ‘ ڇڏي اچي ’گنبالي‘ ۾ رهيو هو.

[12]  انگريزن مهيني محرم 1259هه ۾ حيدرآباد تي قبضو ڪيو. فتح  فقير پوءِ ’گنبالي‘ ويو ۽ اتي به ڪجهه وقت گذاريائين، سنڌ جي ادبي تاريخ (تاليف محمد صديق ميمڻ) ۾ وفات وقت فقير صاحب جي عمر اسي سال ڄاڻايل آهي، پر جيئن ته فقير جي ڪلام ( جو هن نوجواني وقت چيو هوندو) ۾ ’ڪلهوڙو جي صاحبي‘ ڏانهن اشارو موجود آهي، انهيءَ ڪري غالباً هو سنه 1170هه ڌاري ڄائو، ۽ سنه 1259هه ۾ وفات وقت سندس عمر ڪم از ڪم نوي سال کن هوندي.

[13]  سنڌ جي ادبي تاريخ، جلد 1، ص ص 383-384

[14]  ڏسو متن، صفحا- 232 (د)

[15]  متن جي صفحي 211 تي ڏنل ڪافي (8) غالباً فتح فقير جي ناهي. ڏسو صحتنامون.

[16]  اصل صورتخطي هن طرح آهي: ”سيد بچل شاه صناد مرحوم ڪرم علي شاه“،

[17]  ڏسو ’سر ميگهه ملار‘ جي پويان ’وائي – 37‘، ’سر ڪيڏاري‘ جي آخر ۾ ’زاري‘ ۽ ’سربيراڳ هندي‘ جي پڇاڙيءَ ۾ ’ڪافي ‘.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org