سر سراڳ
داستان پهريون
510. نميا منجهه نياز، الله اڪبر چئي اهي
بندر جي بازار ۾، نيتيائون نماز
”الحمدلله رب العٰلمين“ پڙهيائون الفاظ
قادر رب ڪرم سين، راحم ڪيا راض
سهسين ٻُريا ساز، ان تڙ وڻجارن جا.
511. ساراهجي سيد کي، مٿي جنهن مدار
”اشهد آن لا اِلہ الاّ الله“ چئي قلبن ڪيو قرار
ديکايئين ديدار، رحمت جو درياء ٿي.
512. رحمت جو درياء ٿي، احمد ڄام آيو
قمر قربانيون ڪيون، سورج ڪنڌ نايو
تارن رسول رانيو، ساري رات، شريف چئي.
513. رحمت جو درياء ٿي، احمد ڄام آيو
”وما ارسلناڪ الارّحمتہ للعالمين“ فائق فرمايو
مولي مرڪايو، موچاري محمد کي.
514. تارُو تريا تار، ننڍا وڏا واهڙا
ٻيڙا مٿان ٻار، اُڪاريائون احسان سين
515. ايءُ اهڙي ڀَت، سوجها ڪرڻ سمونڊ جي
ڪي پروجهن ڪينڪي، ڪن جي منجهي مت
نا کئا ڪنهين گت، اُتان چاڙهين مَڪُريون.
516. نيڍوُءَ کي نگاهه، اوري آهي ڪانڪا
اوهين اُهريا آر ۾، نيا موجَ ملاحَ
پَريئن کان پاسي ٿيا، نڪا سنجهه صباح
سورج اُڀري ڪونڪو، نڪا ماهيت ماه
هن ديواني درياه، لکين لهرين لوڙهيا.
517. آر اُڌمون اوڙاهه ۾، سمنڊ ڪري دانهن
متان گهڙو ناکئا، کيڻو چوان ٻانهن
اوري اچو ڪينڪي، وري وڃو ايڏانهن
آءٌ ٿو ڪريان آنهن، صورت سَپجي ڪانڪا.
518. سڙهه مَ کار سکاڻيا، ننگر ناتاري
سُڄي ٿو، شريف چئي، بحر اڳيان باري
مهراڻ جي ماري، ته تانگهي تڙ نه ٿئي.
519. جهونو سڙهه، شريف چئي، متان چاڙهئين تون
ننگر ناتاري کوڙ مَ کوها، اُڇل مٿي ڀون
ڪالهه په ڏٺا مون، جهاز جهليا جر ۾.
520. جهاز انهي جر ۾، تک نِيا تاڻي
اوڀاري آڻي، اُڪاريا اوڙاهه کان.
521. اُڪاريا اوڙاهه کان، سودو ثاب پيونِ
اڳوڻي کان اڳرو، ويتر وڻج ٿيون
ماڻڪ موڙ مڙيونِ، جر جهُاري آئيا.
522. سامونڊي سمونڊ، اونهون ديکي آئيا
نمي جت نڪونڊ
، آت پرو
پروجهه ناهه ڪو.
523. سامونڊي سبحان، بندر ديکي آئيا
نِلو لا مڪان، حد هُيائي ڪانڪا.
524. سمنڊ سيويو جن، تني ماڻڪ ميڙيا
وري آڻي تن، هيرا هٽن هاريا.
425. ساري سجانن، سودو ڪيو صاحب سين
پائي منهن مهراڻ ۾، جر جهُاريو جن
موٽي آڻي تن، هيرا هٽَن هاريا.
526. سائُو ڪي سيويِن، ساري رات سمونڊ کي
پائي منهن مهراڻ ۾، جر جي جهُارين
اَمل اُو آڻين، هيرو لعل هَٽن تي.
527. سمونڊ سوجهيائون، پائي منهن مهراڻ ۾
وهائي آندائون، هيرو لعل هٽن تي.
528. سمونڊ جي سيوين، ساري رات، شريف چئي
وهائي آڻين، هيرو لعل هٽن تي.
529. سامونڊي ٿو سنبهين، ساڄو جهل سکاڻ
پوريندي ان پار ڏي، پاڻ نه کڻج ساڻ
ڄُل وڃائي ڄاڻ، وحدت جي درياء ۾.
530. تون نا کئو تون نگاه، تون اڪاريين احسان سين
”فا اللهُ خَيرُ حافِظاَ“ ماهيت ايءَ ملاح
تنهين جيءَ صلاح، تون تڙ ٻيڙا ڍوهيين.
531. تون ناکئو نگهبان، تون اُڪاريين احسان سين
سامونڊي سجان، لطف ساڻ لنگهائيين.
532. جهونو مٿي جر، تاريءَ تڳي تنهنجي
الٰهي عنايت سان، بخشين باب بندر
سامونڊي سفر، سالم رکين، شريف چئي.
533. کڻ توڪل تار ۾، ساڄو جهل سکان
ساري کڻج، شريف چئي، سفر جو سامان
تان نه ڏسين طوفان، سمنڊ سندي سير ۾.
534. تاري وانءُ تراز کي، ناکئا ساڻ نگاه
”اَ حفَظ اللهَ يَحفِظُکُم“ ماهيت سڻ ملاح
لکين لوڙهيا لهرين ۾، ان ديواني درياه
ساڻس جن صلاح، سيئي چڙهيا سير تان.
535. سيئي لُڙ لنگهي ويا، سمونڊ سندي سير
موتي آندائون، شريف چئي، بندر ڪري بهير
لقا لُٽي آئيا، سامونڊي سڌير
”وَوَجَدَڪ عائلا فَاَ غنَى“ سونهن مٿي سرير
کلي ڏجاهون کير، تڙ وڻجارا آئيا.
536. تڙ وڻجارا آئيا، وڃي واس گواءِ
عطر عنبير عرق سان، چوئا مشڪ چڪاءِ
سڀئي ڪاڄ سريا ۽، سيوا ڏي سمونڊ جي.
537. تڙ وڻجارا آئيا، وڏا وهائُو
عطر اڱڻ هاريان، ڏسي ڏِهائُو
سوداگر سائُو، لقا لٽي آئيا.
538. (لقا لٽي آئيا، ميڙي) مڏيون مال
وکر وڻجارن جا، ٿيا سڀئي سال
ڪپر ڪنا ڪال، هاديءَ رکيا حفظ ۾.
539. ڪامل منجهه ڪشتيءَ، آر لنگهيا احسان سان
وڃي پهتا توڙ کي، جامع جنت جميع
روئي گڏيا رفيع، راحم جي رحمت سان.
540. لنگهيا باب سڪندر، اونهي اُهري آر ۾
کٽي موٽيا خير سان، جهونو جهُاري جر
لڳن واءُ اُتر، رات سلامت آئيا.
وائي 77.
جن پيتو ٿي جام، جام جنت جو
1.
اصل عارفن جو، ڪامل آهي ڪلام
2.
”الدُّنيا سِجن المؤمنين“ مٿي تن ايام
3.
عاشق سمهن ڪينڪي، نڪو ڪن آرام
4.
مٿي تن، شريف چئي، آهي ايءُ الهام
داستان ٻيو
541. اُهريا اُتر آسري، پري پوريائون
ٿيا ساڄا سير تي، کوها کوڙيائون
”مَرَجَ البَحَرينَ يَلتَقِيانَ“ وائي واريائون
”بينَهُمَا بَرزَخُ لاَّ يَبغِيان“ ڏورئون ڏٺائون
چڙهندي چيائون، اڪارج اوڙاهه کان.
542. اُهريا اُتر آسري، ڪري زود زگان
(سامونڊي) شريف چئي، ويا ساڄا جهلي سکان
ڪڍيائون (ڪارونڀار مان) موتي ۽ مرجان
ڪنبيا ڪشتيان، ڏسي دور درياه جو.
543. اُهريا اُتر آسري، اُسهيا (اتاهان)
(پُريا) پرانهان، لُٽي لقا پور کي.
544. اُهريا اُتر آسري، ناکئا ننڊ نه ڪن
پسيو اُڇل آب جي، ڪشتيان ڪنبن
ملاحظي مهراڻ جي، غواص ڪين گهڙن
تنهنجي توه ترن، جهاز انهيءَ جر ۾.
545. اهريا الله آس، جني مال نه مڪري
لنگهي تڙ تپاس، وڃي جاء نشين ٿيا.
546. اهريا الله هار، جني مال نه مڪري
”حب الوطن من الايمان“ تني توه توار
وڃن ٿا وڻجار، پسيو سُڌ صراف جي.
547. اُهريا الاهر، جني مال نه مڪري
”بين الخوف والرجاء“ تانگهائون ۾ تر
لنگهي سير سفر، ماءُ ملاقي مليا.
وائي 78.
مون کي درد، مون کي درد، عشق ڪاريا ڏاڍا پنڌ
1.
جتن جي جماعت جا رائي ڏٺم رند
2.
قافلي ڪوهيار جي هاڙهي هوتن پنڌ
داستان ٽيون
548. اولي ٿو آلوان، ”انڪ موجُ العلم“ کي
پنسر ملاح هٿ ۾، لولڪ اهي لموان
”انقبين مهاجرين الذين“ جَدّ و جود جوان
تڙ بيٺو پهلوان، سمونڊ خواصي، شريف چئي.
549. . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . .
. . . . .
. . . . . . . . . ڇند، رهيائي درياه ۾.
550. ماريائين مڇندر مڇ کي، . . . . . . . . . . .
. . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . .
. . .
551. موتي ان مهراڻ مان، امل تون آڻج
پيهي پاڻ پسيج، لالون لهرن وچ مان.
552. جي ڪمائين ڪچ، ماڻڪ مٽ مَ ان سين
پاڻيٺ وٺي پرکڻا، اوڏو ان ۾ اچ
سندو سِپن سچ، جم جواهر ضايع ڪريين.
553. جم جواهر ضايع ڪرين، ڀورا پؤ م ڀل
پاڻيٺ جي نه پر کڻا، آڇ م تن آمل
سندي ماڻڪ مل، آهي سڌ صرافن کي.
554. ماڻڪ سندي ملهه جو، قدر صرافن قياس
او سڃاڻي، شريف چئي، تڪي ڪن تپاس
جتي هوءِ شناس، آمل ويچج اُتهين.
555. امل ويچج اُتهين، جت جوهري آهين
دِيَتَ منجهان دُر جي، لِکَ سَنهِي لاهين
جي ان کان مٽائين، سي پُريُنِ کي پُر ٿيا.
556. امل ويچِج اُتهين، جت جوهري هُونِ
اوءِ چتائي چُون، قدر قيمت ان جو.
557. امل ويچج اتهين، جت جوهري هوءِ
موتيءَ جي مزاج جو، پرو ان کي پوءِ
ڏسندي ڏيندوءِ، قدر قيمت ان جو.
558. تُل نڪو مُل، پدمنئان پري ٿيو
سواءِ صرافن جي، ماڻڪ لهي نه مُل
اگهي ايءُ امُل، در تنهين داناءُ جي.
559. جوڙي ڏيندءِ جوهري، سڄو ڪري سي
آهي اُنن کي، اصل ڳَت ڳنڍڻ جي.
560. آهن ڳت ڳنڍڻ جي، ڀڃن ۽ ڀورين
منجهه مراڙيءَ محبت جي، تِلف ڪيو تورين
جي سپون سَنڍورين، ان کان امل ڪيئن اڌ ٿئي.
561. پڇج پار کن کان، جن ڪَل ڪُليائي ڪُل
اونهي آهينِ آب ۾، ماڻڪ بي مُل
آڻج تون امُل، ٻڌي موڙ مهراڻ مان.
562. پڇي پارکن کان، پروڙي پريان
پيهي ويو پاتار ۾، سامونڊي سجان
نهارج نرت ڪري، موتي ۾ مهراڻ
آڻج تون امان، ثابت صرافن اڳيان.
563. پڇي پارکن کان، پروڙيج پارَ
اونهي گهڙج آب ۾، ڇڏي خواب خمارَ
سُوجهي لهج، شريف چئي، پاڻيٺ ۾ پاتارَ
ٻڌج موڙ مهراڻ مان، وس پنهنجي وارَ
صباح شاهوڪار، ڏيندءِ اجورو اُن جو.
وائي 79
هتان ساٿ ڪئين لنگهيا، هاڙهي سؤ هزار
اُٺن اوٺيڙن جي، مين سونهي مهار
آهي ڏيہ وڻن ۾، چانگي جي چلڪار
ٻاروچاڻيءَ ذات جي پنڌين پوءِ پچار
مادر مون کي موهيو، گريي جي گفتار
ڏکيءَ ڏونگر ڏوريا، سسئيءَ سڀ ڄمار
اديون آريچن جي، حسن جي هاڪار
پنهون وٺي ويا پاڻ سان، ڪري قول قرار
گهڻا لايا ڏينهڙا، جَت جانب يار
وجهنديس وڙول وندر ۾، پڇي پنهل پار
دعا ڪجو، شريف چئي، اديون الله توهار
سر سامونڊي
564. ويهي وِرمنِ ڪين، سامونڊي شريف چئي
اُهرندا امين، سڙهه سبائي سقلات جا.
565. ويٺا سبن سڙهه، بندر جي بازار ۾
ٻيڙيءَ پائي ڪِڙ، وکر وِهايائون
ولات جو.
566. ويٺا سڙهه سبن، بندر جي بازار ۾
سعيو سامونڊين، ڪيو ولات وڃڻ جو
567. چئي چين ويا، پر پرانهان اُسهيا
وئي ورهيه ٿيا، سامونڊين، شريف چئي.
568. ديس لنگهيا پرديس، وڻجارا ولات ويا
تني جو، شريف چئي، لقاپُر لبيس
هاڻي تن کي هييس، ماتا پڇي ڪونڪو.
569. ماتا پڇي تن جو، هو جي انگيا مٿي انگ
سڱِيءَ رايا، شريف چئي، چليا سامين سنگ
چتان چاڙهي چنگ، آڻي اُهريا آر تي.
570. اتر لڳو ڪال، اڄ سنڀوڙا سپرين
ههڙا جني حال، سي رهي رهندا ڪيترو.
571. اڄ مَ اُتر لڳ، ته سانگ نه وڃن سپرين
ڦوڙائي جو فرق، وجهه مَ ويچاريءَ کي.
572. اڄ ڪ سنجهه صباح، اونهي ويندا اوهرِي
وري هن ولات ڏي، نه ڄاڻان اينداءِ
سامونڊيَڪي ماء، ڪوه نه هنجهون هاريين
.
573. لڳو اُتر اُهرئا، ڪري ڪالهه قرار
جن بندر چاڙهيو بار، اُن خضرخير گذارئين.
574. لڳو اُتر اُهريا، کنيائون خيال
”لا مَقصُودُ فِي الدّارينِ“ ايءُ اُني احوال
هئي وڃائي حال، ٿيا ساڃارا صراف سين.
575. لڳو اُتر اُهريا، ويا سودي جي سَٽ،
سامونڊي، شريف چئي، ماڻڪ ڳِنهندا مَٽِ
هيرا آڻي هَٽِ، ڪندا کوڙ کٿوريون.
576. لڳو اُتر اُهريا، ٿيا ساڄا مٿي سِير
ويرِ لنگهي ويا وِيرَ، سکاڻي، شريف چئي.
577. وريو اُتر واءُ، سَڄَڻَ سفر هليا
پڳهي نيو پاڻ ڳري، اُن سرتيون منهنجو ساه
آڻيندن الله، موٽائي ماڳن ۾.
578. ٻِيڙِيءَ جان ٻَڙِي، تَنُ مون تاڻي هليا
پڳهه پريان هٿ ۾، لاڄُن آءٌ لڙي
مُونين پايو ڙي، ويٺي ڳوڙها ڳاڙيان.
579. اُهريا اُتر آسري، دور چتائي ديس
سامونڊين ڪيو ويس، ڪارا رڱي ڪپڙا.
580. اونهي ويا اُهري، (ماء) سامونڊي سي
وه گهيريو اُن کي، اوري وريو ڪونڪو.
581. اونهي ويا اُهري، ڪو جو پين سانگ
لئه کيانتا ڪانگ، تني سندي ڳالهڙي.
582. مٿي بندر بار، پئي سامونڊين چاڙهيو
ڇڏي سک قرار، اُهريا اُتر آسري.
583. مون بيٺي تڙ ڪنار، پريَنِ پڳهه ڇوڙيا
ڪڏهن ايندو يار، سامونڊي، شريف چئي.
584. منهنجو نينهن لڳو، سرتيون سامونڊين سين
آئين ٿيون پليو، جاڙ ڪيو ڙي جيڏيون.
585. منهنجو لڳو نينهن سرتيون سامونڊين سان
گهوريو سو ڏينهن، جو آيم اُنِ پريَنِ ريِ.
586. اَلله! سِي اَچنِ، ڏٺي جني ڏينهن ٿيا
سائين سامونڊين واءُ سڻائو واريين.
587. الله! اچن سي ڏٺي جني ڏينهن ٿيا
مون تَڙَ تنين کي، بندر ديس پُڇايا.
588. وِيٺي وارَ وِاسيان، ڌويو ڌوپيو ڌڄُ
اُنين سَندِي مَڪُرِ، لاڄُو لَوي لڄ
اجهي ايندم اڄُ، سامونڊي، شريف چئي.
589. ويٺِي جُهاري جَرُ، سيوا ڏي سمونڊ جي
الله واري وَرُ، ٻيڙو پنهنجي ٻاجهه سان.
590. ويٺي جر جُهاريان، ڳچيءَ پايو پاند
جِي مون اچي ڪانڌ، ته ڏيان ديڳ درياءَ جي.
591. وچينءَ جو جو ويٺي، سيوا ڏي سمونڊ جي
ڏيسائِن ڏيٺي، خِضر خدا جو ڪري.
592. ويٺي هوري هورُ، ڳچيءَ ڏيو ٻانهَڙي
سامونڊيڪو گهورُ، ماءُ ماريندم ڪڏهين.
593. پڇي پڇيائين، ورتيا وڻجارن لئي
سامونڊين سائين، واءُ سڻائو واريِين.
594. وڃي پڇيائين، وَرتيا وڻجارن لئي
سُکائون، شريف چئي، بندر باسيائين
سامونڊين سائين، واري آڻين مون ڳَري،
595. بندر وڻجارِي، سيوا ڏي سمونڊ کي
پڇي ڏيساري، اِيندا ويندا ناکئا.
596. اُڀي پڇائي، شامي ڏسيو فاقلا
ويڙا مون گهائي، سفر سٽائي، شريف ڇئي
.
596. جِڪُسِ ويا پري، اوري هئا ته آئيا
سامونڊين، شريف چئي رئان ڪيئن ڪري
بيٺي دڳ دَري، هئي هئي هنجهون هاريان.
598. تان ڪين لئج ڪانگ، ڪڏهن ايندا سپرين
تن منهنجي تانگ، اَٺو پهر اُن جي.
599. اُهرِي آءُ اوري، توسان آهينم ڳالهيون
گهورون ٿيان گهوري، مٿان تو، شريف چئي.
600. اُهري اوري آءُ، توسين آهينم ڳالهيون
پاڻ تو مٿاءُ، گهورون ڪري گهوريان.
601. تو ڪِي دل لائِي، ڏٺا سامونڊي ڪڏهين
ويا مون گهائي، سفر سٽاڻي، شريف چئي.
602. اڳي ڏٺام، ڪينڪي، سامونڊي سئام.
گوندر گذريامِ، ڏينهن سٽاڻي سانگ جا
603. اُونهي اُهرِي آرِ ۾، هوءِ ۾ هوءِ ٿِيا
تينن ويس ڪيا، نوري نظارت جا.
604. اُونهي اُهري آر ۾، هوءِ ۾ ٿيا هوءِ
ڏسي تن جي روء، ڪڇڻ ٿيو ڪونڪو.
605. اُونهي اُهري آرَ ۾، هوءِ هوءِ ٿِيا هُڳا
پَرهي سبز سڳا، آيا تڙ، شريف چئي.
606. بندرُ بابُ سندون، اونهي اُهريا آر ۾
”لا مَقصُود فِي الدارين“ ويهي وڻج ڪِيونِ
سودو صاب پيونِ، سفر سامونڊين جو.
607. بندر منجهه مقامُ، آيل ڪجام جيڏيون
مرحبا سلام، مانَ منهنجو ٿئي.
608. بندر تي ڀلڪار، سارو ڏينهن سمونڊ جي
نڄاڻان ٻيهار، تڙ اچن سپرين!
609. بندر وڻجارن، گهڻا لايا ڏينهڙا
نڄاڻان ڪِ اچن، سامونڊي، شريف چئي.
610. بندر وڻجاري، گهڻا لايا ڏينهڙا
سامونڊي ساري، اُڀي ڳوڙها ڳاڙيان
.
611. آيا پنيم آس، سامونڊي شريف چئي
گوندر ويا وماس، پسي تن پرين کي.
612. ڏيا پريا ڏِکَ ٿي. سامونڊي آيا
وڃي مون رانيا، ڳَرِي ڏيئي ٻانهڙي.
613. ڏيا ٻريا ڏِکَ ٿي، آيا سامونڊي
ٿينديس هيڪاندي، ڳري ڏيئي ٻانهڙي.
614. ڏيا ٿا ٻرن، بندر جي بازار ۾
وڻجاريون ورن، ڳري لائي سَتيون
.
|