وائي 88.
يار دُڪاني، دوست دُڪاني
مٿي تو ڪلمان، پڙهياسين قرآني
1.
شمس تنهنجي سونهن تان، قمر ٿيو قرباني
2.
آءُ اورانهون سپرين، جنت جاءِ مڪاني
3.
ڏوريان ڏوريان نه لهان، سيد تنهنجو ثاني
4.
وچ عالم دي، شريف چئي، صورت تيڏي سبحاني
وائي 89.
ڳيَا چيٽَڪ لاءِ، ماهي يار ميَنون
1.
در در وتديان هو ديواني، رهيان طعني کاءِ
2.
بار برهه دا باري ڙي سهيو، سر تي کڙيئان چاءِ
3.
مَردي ويکڻ ڪِيتي پَردي، آپڻا مُک وکاءِ
4.
ڪُوڪ سڻاوان ڪنهن نُون ڙي، هي درد لادواءِ
5.
چاڪ اسان نُون چور ڪِيتا، چشم سياه چٽڪاءِ
6.
دام زلف دي ڙي سانون، لٽ نيتا لٽڪاءِ
7 شاه هزاري دا ويڙهي آيا، اپڻا آپ ڀَلاءِ
8. مليا مَينون، شريف ڙي سهيو، کيڙا خام چلاءِ
وائي 90.
صحرا ندي، ويڙهان ندي، توڙان ندي
هالا نَدي، جمنا ندي، ٻاني آهيان
وَڻان وَلندي، آءٌ بندي
.
سر راڻو
داستان پهريون
789. سڄُ اڀرندي جا ڪري، سامِيءَ سائِي روءِ
اچي ٿي عطر جي منجهان بابوءَ بوءِ
سا سُڻايو جوءِ، جِئان لانگوٽيا لالُ ٿئين.
790. سڄ اُڀرندي جا ڪري، ساميءَ سا ونڪَ
مهتابُ تنهن جي منهن سان، ڦڪو منجهه فَلَڪَ
وِسرينِ سڀ ورق، ويا ڪاهيندا ڪاڪ ڏي.
791. سڄ اڀرندي جا ڪري، ساميءَ سو جمالُ
شمسَ جيئن، شريف چئي، ٿيو لاهوتي لالُ
حاصل ڪري حالُ، جوڳي آيو جوءِ ۾.
792. سڄ اُڀرندي جا ڪري، ساميءَ سا وَنِڪَ
عالَم ٿيو عِبرت ۾، پيا ماٺِ مَلَڪَ
سوڌي سڀ خَلَقَ، جوڳي آيو جوءِ ۾.
793. بابو گڏيونِ بر ۾، جهڙو سڄ صُبوحِ
لاهوتي لال ٿيو، جوڳي منجهان جوءِ
رَتو راول روءِ، سناسي، شريف چئي.
794. بابُو گڏيونِ بر ۾، جهڙو سڄ صبوحِ
راول رچي لال ٿيو، جوڳي منجهان جوُءِ
ساميءَ سندن سونهن ۾، هتي حيرت هُوءِ
جن ڏٺو روبروءِ، سي ڪاڪ لنگهيا ڪينڪِي.
795. جوڳيءَ اُتي جوڙَ، نِسوروئي نينهن جي
راول جي رهاڻ ۾، کٿوريءَ جا کوڙَ
سناسيءَ، شريف چئي، ٻَڌا مگهٽ موڙَ
سڀني لِٿي سوڙَ، آئي آديسيءَ جي
.
796. جوڳيءَ تي جنسارُ، نِسوروئي نيهن جو
آديسيءَ عالم جو، کنيو باريءَ بارُ
لاهوتي لامڪان کان، نِسنگ ٿيو نروارُ
”ڪُلُّ يَومِ هُوَ في شانِ“ آهي ايءُ اسرارُ
هِت ديکايائين ديدارُ، هو مهند انهي ماڳ ۾.
797. آدسيءَ اکين ۾، ڪا جا ڪيف ڪڪورَ
سناسي، شريف چئي، جوڳي چڱيءَ جوڙ
مگهٽ ٻڌا موڙ، ساميءَ سيلي سر تي
.
798. جوڳيءَ جهُڙ جهليو، ڪڪر ڪيف ڪمال جو
سامي صورت سڄ جي، لاهوتي لال ٿيو
وَرنُ ويراڳيءَ ڪيو، نسوروئي نينهن جو.
799. جوڳيءَ تي جمال، ڪڪر ڪيف ڪمال جو
”لقد خلقنا الانسان في احسن تقويم“ ڪيائين ڪمال
حاصل ڪري حال، محلين آيو مينڌرو.
800. محلين آيو مينڌرو، آڻي ڪي رهاڻ
”افديت ملڪي عليڪ يا محمد“ وري ٿي وراڻ
مشڪ کٿوري ماڻ، سوڍا تون، شريف چئي.
وائي 91.
هاڻي هلبو، ٿيندو، ڪاڪ وهان.
1.
لک لُڊاڻي ڪنڌئين، موهيا مرد ميان
2.
راڻي رائي راڄ ۾، رنگ رتا راتو ڏينهان
داستان ٻيو
801. لکين لوڊي لُٽيا، ڪنڌيءَ ڪناري ڪاڪ
اچي جي اوطاق، ته سوڍو وارث سر جو.
802. لکين لوڊي لُٽيا، ڪاڪ گهڙندي ڪال
موهيا منڌ احوال، ساقيءَ سونهن، شريف چئي.
803. لکين لوڊي آئيا، ڪري ڪشالا
رتا رُومالا، ڪاڪر ڌڃاڻين قيمتي.
804. لکين لوڊي لٽيا، ڪري ڪشالا
ٿيا ڪهنا ڪاپڙي، ڪنڍا جن ڪپار
سامي سڀ ڄمار، ويهي ماڳ مري ويا.
805. لکين لوڊي آئيا، ڪري نرت نيا
مومل ماڻي مينڌرو، سوڍي سونهن سا
سڀ ڳڻ ڪاڪ ڳڻيا، وارث آئي ولهي.
806. آتڻ پسڻ ڪاڪ جو، جڏهن جي ويا
سي سناسي، شريف چئي، جنهن پهه ٻيا
لال لُڊاڻي ڪنڌيئين، لٽي لٽ نيا
ڳڻن ڳڻايا، نازَ نهوڙي نينهن جي.
807. آتڻ پسڻ ڪاڪ جو، جڏهن جي ويا
سي جلوي جوت جمال جي، ماڳهين محو ڪيا
رُويت منجهه رهيا، صورت لنگهيا ڪينڪي.
808. آتڻ پسڻ ڪاڪ جو، جڏهن جي ويا
تڏهن تن ٿيا، لوڙهه لڊاڻي ڪنڌئين.
809. ڌڙ ڌِڱ نئا، هڏ ڌري ڌوڙ ۾
ڪنڌيءَ ڪناري ڪاڪ جي، وڄن ويس ڪيا
مومل کي مجاز جا، ڪي جي پهه پيا
سوين سناسي، شريف چئي، روندا رت ويا
تني مٿو ناهه ڪو، جي ناتر نينهن نيا
لال لاهوتي ٿيا، ويراڳي ورونهه ۾.
810. هڏ مٽي ۽ ماه، نيئي ڌريندا ڌوڙ ۾
سوڍي ري پساهُ، ڪوه ڪرينديس جيڏيون.
811. ڪفن ڪاڪ ڪيِو، سوڍا تنهنجي سڪ ۾
راڻي روح نيو، مومل مُلا مينڌري.
812. ڪامڻ هئو ڪاڪ ۾، سوڍي ساڻ سمُنَ
راڻو رانئي رن، وٺي ويئي مينڌرو.
وائي 92.
سوڍي سُنہ سِيا، سوڍي سُونُہَ سيا مومل ماڻي
مينڌري.
1.
راڻل آئي راڄ ۾، ڳڻ ڪاڪ ڳڻيان
2.
لکين لوڊي آئيا، ڪري نرت نيا
3.
جلوي جوت جمالي، ماڳهين محو ڪيا
4.
صورت لنگهيا ڪينڪي، رويت منجهه رهيا
5.
سناسي شريف چئي، ڪهڙي پهه پيا
داستان ٽيون
813. ڪاڪ گهِڙيا اڄ، رات رتائون ڪپڙا
ٿيون اڪبري حج، سامي ڏسندي، شريف چئي.
814. ڪاڪ گهڙندي ڪاپڙي، جوڳي ٿيا جهونا
عارف عرفان ۾، هٿ رتا مونا
ڏٺائين طور سينا، ڀانءِ آياسون عرفات تي.
815. ڪاڪ گهڙيا ڪالَهه، رات رتائون ڪپڙا
ساميءَ سندي سونهن ٿي ڪيا ورن وصال
جوڳيءَ جي جمال، ڍٽُ مڙوئي ڍڪيو.
816. لڊاڻي کي لال ڪيو، آديسيءَ اتور
سوڍي آئي، شريف چئي، هول لٿا سڀ هور
کڙيا گل گلاب جا، ڪنڌيءَ ڪاڪ ڪڪور
ڪي ڦلن ڦور، مومل جي محل ۾.
817. مومل کي مجاز جي، سورن شاخ کنئي
راڻي جي رهاڻ کي، ويڙا ورَه پَئِي
مٿان رات ڳَئِي، ڳالهيون ڪندي پاڻ ۾.
818. محل ۾ مومل جي، ڪري چانڊوڪي چنڊُ
سوڍي جي سهاڳ لئي، پاڻ هڻي کنڊُ
ڪامڻ ستي ڪاڪ ۾، پاڻ هڻي منڊُ
سامي وڄايو گهنڊ، لنگهين ڪرسيءَ مان ڪريم جي.
819. محل ۾ مومل جي، راتو ڏينهن رهاڻ
ڪُل گل کَڙيا ڪاڪ جا، تارن ڪي چانڊاڻ
سوڍي جي پرياڻ، ڍٽ مڙوئي ڍڪيو.
820. مومل کي مجاز جي، مٿان پيئي رات
سوڍي سندي سڪ جي، تن اُهائي تات
”اَلمَجَازُ قَنطَرةُ الحقِيقَة“ ڏاتر ڏني ڏات
پرهه ٿي پِرڀات، ڳالهيون ڪندي پاڻ ۾.
821. سهس ورنيون سوڍيون سهسين ڪن سينگار
طلا تَنُ تني جو، ڪر لعلُن جي لالار
ڌويو ڌوپيو ڌڄ کي، واسيو ويڙهين وارِ
تن اوتيا اوطاقن ۾ عطر عبير اپار
اچن ڀؤنر ڀَڪُليا، تنهن لڊاڻي جي لارَ
ليکي ليکيان ڪيترا، ڪاڪ ڌڃاڻِن پار
موهيا لک هزار، سامي سونهن، شريف چئي.
وائي 93.
هلُ ميان راڻا، تون هل ميان راڻا!
ڪاڪ ڪر تون وو! پاڻا، هل ميان راڻا!
1.
لال لُڊاڻي ڪنڌئين، ٿاڻي تنهنجا ٿاڻا
2.
مومل کي مجاز جا، اکين ۾ اهڃاڻا
3.
سوڍي ٻاجهون، شريف چئي، آءٌ ڇو ڄاڻان
داستان چوٿون
822. محل ڏِسي مومل جا، راڻو رتو روءِ
حيرت منجهه هوءِ، سناسي، شريف چئي.
823. محل ڏسي مومل جا، رتُ رنو راڻي
ڪاڪ اچي هاڻي، پيو فلڪ فراق جو.
824. ڪرهل ڪاهي هليو، ميي واري واڳ
سوڍي ڪارڻ، شريف چئي، مومل اڏيا ماڳ
چيٺي تنهن جا داڳ، سگهو موٽج سپرين.
825. ڪرهل ڪاهي هليو، راڻو رات رمي
ٿيڙي ڪاڪ غمي، سوڍي ريءَ، شريف چئي.
826. تون ڍاٽي تون ڍٽ، تون وارث تون ولهو
راڻي جي رهاڻ ۾، ڪڇڻ ناهي ڪٽ
”ولله مع الصابرين“، سوڍي وڌو هٽ
سامي کڻي پَٽُ، ڪاڪ پني بکيا.
827. ڍاٽي گهڻا اچن، مون سوڍل وڌ ٿيو
ڪاجا لائي مينڌري، لالي کي لڱن
راڻو اکڙين، وساريان نه وسري.
828. جوڳيءَ ڏٺي جهروک مان، ساميءَ ليا پائي
سناسي، شريف چئي، پاڻان ويو گهائي
مومل ويٺي محل ۾، ڪامڻ ڪانءَ اُڏائي
راڻل ريجهائي، دعا ڪريجا جيڏيون.
829. دعا ڪريجا جيڏيون، راڻل ريجهي راءُ
مون کي لڳو گهاءُ، ماڙهو ڏِينم ميهڻا.
830. مومل ويٺي محل ۾، راڻا تولئي روءِ
ڪو وڃي سوڍيءَ چويءِ، ته مون موٽڻ مس ٿئي.
831. ڪامل وڻ ڪاڪ جا، راڻا تولئي رُونِ
سوڍِي چري چُونِ، آتڻ منجهه سرتيون.
832. سوڍا تنهنجي سڪ جو، مٿي مون مينهن
راڻا تنهنجو نينهن، وٺيو ويٺي آهيان.
833. سوڍا تنهنجي سڪ جو، مٿي مون مقامُ
راڻا تنهنجو نام، وٺيو ويٺي آهيان.
834. ڪاڙهو رات ڪپار، اورانجهو اکين ڪيو
راڻي جي رهاڻ کي، ساريان سڀ ڄمار
نه ڄاڻان ٻيهار، مومل ميلو ٿئي نه ٿئي.
|