چارئي والي چارئي وير
چارئي عالم منجهه امير
چارئي آگي ڪيا اڪسير
چئني جا آهيون دامنگير
فضل ڪندا سان ”فتح فقير“
هينڙي ڏيندا سي دل ڌير
ڪهو ڪلمو محمد مير
لا اِلٰہ اِلاالله محمد رسول الله
[2]
بِسم اِلله، الله آشڪار
حَمد، سَميع، بَصير، ستار
ربّ، رحيم، غفور، غفار
حَي، حَنان، منان، مدار
قادر، لاشريڪ، قَهّار
خالق، مالڪ، خلقڻهار
قَيوم، ڪريم، قوي، ڪلتار
جَلّ، جليل، جميل، جبار
حاڪم، حڪيم، ڪُل اختيار
باري، بِرّ بُرهان، بهار
رحمان، رحيم، ڏسو ڏتار
نُور منجهان ڪيائين نبي نروار
سيد خلقيائين سردار
جنهن لءِ جُڙيا جڳ جهان
ٻُجهه آرڪان سندا ايمان
سچو صديق، عمر باسر
عثمان شاهه علي حيدر
نبي محمد ٿيو نروار
چئو سلام، درود هزار
سيد، سردارين سردار
ٿيو مقدور جهانِ مدار
سونهن سڀني جو سينگار
مُهَڙُ مُرسلين مهندار
ڏيڻ وٺڻ جو ٿيو ڏاتار
شفيع مُذنبِنِ آڌار
’حسن‘ ’حسين‘ هنئين جا هار
تن سان پيغمبر جو پيار
هڪڙو هڪڙو نيڻن ٺار
عزت شرافت ٿيو اظهار
پرور جا هئا پاڪ پيار
اجهو ضعيفن امن امانُ
ٻجهه ارڪان سندا ايمان
سچو، صديق، عمر باسَر
عثمان شاهه، علي حيدر
اول نبيءَ جو اڪبر يار
سَچو ’صديق‘ شير سچار
سونهن ’صديق‘ صحابن ۾ سينگار
محمد مير ڪيو مختار
باري مٿس رکيائين بار
دينيءَ دُرّ ٻڌو دستار
”ثاني اثنين“ سڀن سردار
”اِن هُما فِي الغار“ گذار
ناهه پڄاڻي تنهن جو پار
ٿيو نبيءَ تان نيڪ نثار
شرف تنهين جو ناهه شمار
ڪافر انڌا ڪن انڪار
رافض، خارج، ٿيا خوار
ڪنڌي تن کي ٿيندي ڪان
ٻُجهه ارڪان سندا ايمان
سچو صديق، عمر باسر
عثمان شاهه علي حيدر
ڏسي ڪرامت سندي ڪتاب
عمر امير ٿيو اصحاب
دٻدٻو ٿيو تنهن جو دابُ
پيو ڪفر تي تنهن جو تابُ
اَمر ڪيو تنهن شير شتاب
ٿي پهرين بانگ صلواة صواب
مسجد، منبر، ٿيو محراب
سراج بهشتين، ’ابن خطاب‘
داخل جنت بلا حساب
عمر عجائب، عمر اجاب
عمر عرشن جو ارباب
راضي مٿس پاڪ جناب
اُڀريو اسلامي آفتاب
نکريا دين سندا نيشان
ٻجهه ارڪان سندا ايمان
سچو صديق، عمر باسر
عثمان شاهه، علي حيدر
ابر سخاوت جو عثمان
سونهه صحابن جود جوان
راز نبيءَ جو رازدار
راضي مٿس رب رحمان
جوڙي ڪيائين جمع قرآن
سارو فرمودو فرقان
موجب لوح محفوظ لِسان
شرف تنهين جو اعليٰ سان
بخش عطائن جو باران
هيٺ دِڳي تنهن جي دوران
دين دنيا جو سڀ سامان
ڏکين بکين جو زود ضمانُ
در دلگير جو درمان
نافع نوري ابن عفانُ
ٻجهه ارڪان سندا ايمان
سچو صديق، عمر باسر
عثمان شاهه علي حيدر
اسد الله عليّ امام
تنهن تي چئو صلواة سلام
خاصو دين خير انام
ڪامل وارث وير وريام
آڌر احمد جو آرام
هر جاءِ تنهن جو حڪم حڪام
هٿ ڪيو حيدر شاهه حسام
ڪفر ڪيائين تلف تمام
جنهن جي هٿ ۾ ڪوثر جام
تنهن کان پيئندو خاص و عام
مهر خدا جي مٿس مدام
حور پري ڪل ملڪ غلام
جو نه مڃي سو ولد حرام
لعنت جو هوءِ تنهن کي لغام
ٻجهه ارڪان سندا ايمان
سچو صديق، عمر باسر
عثمان شاهه، علي حيدر
اول مهاجر ٿيو اڪبر
دوست نبيءَ جو نامي هنر
صلاح مصلحت صوب سپر
حلم حيا جو دائم دُر
ساڻ سچي هو حضر سفر
هيڪ صديق ۽ ٻيو سرور
گڏجي ڪيائون منجهه غار گذر
صابر شاڪر شير سڌر
طبع سليم حليم سکر
پشتي تنهن جي پيغمبر
ڪيائين جان ڪباب جگر
ڏنگيو هو سو سپ سڀر
زهر تنهن جي ڪيو نه اثر
معنيٰ ’محمد‘ جو مظهر
شرف تنهن جو اعليٰ شان
ٻجهه ارڪان سندا ايمان
سچو صديق، عمر باسر
عثمان شاهه، علي حيدر
نبي سلطان بي نظير
تنهن سين ڪيا ڪي ڪرم قدير
وحي مبارڪ آندي ڌير
سڻ تون پاڪ پيغمبر پير!
پنهنجا جوڙ وڪيل، وزير
ٿي عرشن ۾ خوشحالي کير
قوت وڌي اسلام ڪثير
ڪلمون پڙهيو ’عمر‘ امير
درست اصحاب ٿيا دل ڌير
هئا ڪفار صغير ڪبير
آڻي ڪيائين سڀ اسير
ڪل دسيائين دعوى گير
ڪئي روشنائي مهر منير
رافض خارج ٿيا خنزير
ڏسي هچارا ٿيا حيران
ٻجهه ارڪان سندا ايمان
سچو صديق، عمر باسر
عثمان شاهه، علي حيدر
اعليٰ ’عثمان‘ ڪيو الله
مهر مٿس ڪئي محمد شاه
حاضر حضرت سان هر گاهه
ڪامل شامل نيڪ صلاح
مهر ڪئي روشنائي ماهه
غنيءَ گس لايا گمراهه
بيراهن کي ڪيائين راهه
امر نِهيءَ جو ڪيائين آگاهه
ڪامل ڪئي ڪفر تي ڪاهه
مٿس نبيءَ جو نظرُ نگاهه
ڏني تنهن کي فتح، فتاح
درست دين ڪيو داناهه
ڪُٽي ڪڍيائين ڪفر جو ساهه
ڏس تان ڪهڙو جود جوان
ٻجهه ارڪان سندا ايمان
سچو صديق، عمر باسر
عثمان شاهه، علي حيدر
حيدر هادي حلم حياء
حيدر راهه ۾ راهه نُماءَ
خدا نوازيو ٿيو خلفاءَ
رب جو حاصل ٿيس لقاءَ
علي ولي آهي شير شجاع
ڀانءِ نبيءَ جو بيشڪ ڀاءُ
علم لَدُنّي جو علماءِ
ظاهر باطن، زور ذڪاء
امر ۾ تنهن جي ارض سماء
مرشد مڙني جو موليٰ
خدا تنهن کان ناهه جدا
تنهن ڪيو منجهه جهان شعاع
عليّ ولي، خاندان
ٻجهه ارڪان سندا ايمان
سچو صديق، عمر باسر
عثمان شاهه، علي حيدر
’صديق‘ سچو ٿيو منجهه سچن
پيش امام ڪيو پرين
نيتي نماز پٺيانس مڙن
محبت تنهن سين مومنن
’عمر‘ امير مڃيو عربن
عدل، عدالت سان ادبن
امر سچي جو ڪوڏان ڪن
ڌئو تنهن کي ڏيهه ڌڻين
راوي روايت هن پرڪن:
لڳي جنگ ’تبوڪ‘ چون
بک، تنگي اُتي اصحابن
نو سئو سيڌو بار اُٺن
ڏنا شہ ’عثمان‘ لکن
’علي‘ ولي سردار سڀن
وجہ مقاتل مشرڪن
شرف تنهين جو عالي شان
ٻجهه ارڪان سندا ايمان
سچو صديق، عمر باسر
عثمان شاهه، علي حيدر
جمع اصحاب مبارڪ يار
اَهل ’بدر‘ ۾ هئا اڳوار
چارئي سرڪش ۽ سردار
چارئي ڏيهه سندا ڏاتار
چارئي جابر چارئي يار
جنگ بهادر هئا جونجهار
قتل ڪيائون ڪل ڪفار
چارئي برڪت باغ بهار
نور نبيءَ جا نيڻن ٺار
چارئي صاحب سرت سجان
ٻجهه ارڪان سندا ايمان
سچو صديق، عمر باسر
عثمان شاهه، علي حيدر
’اَبابڪر‘ جو شرف عزت
حضرت پاڻ رکيس حرمت
رضي الله مٿس رحمت
’عمر‘ عدالت ڪئي عبرت
دعوى گير دسيائين دت
رويو روئن مشرق رت
’عثمان‘ شاهه اعليٰ عظمت
دين دنيا سندس دولت
خرچ ڪيائون منجهه خدمت
’حيدر‘ هادي ساڻ حڪمت
اسد الله قوي قوت
ڏني نبي تنهن کي نصرت
ڪيڏو جلال، ڪيڏي جراُت
صولت تنهن کي ڏني سبحان
ٻجهه ارڪان سندا ايمان
سچو صديق، عمر باسر
عثمان شاهه، علي حيدر
جلوو، جوت، جمال، جبار
ڏنس ڏيهه ڌڻيءَ ڏاتار
مٿي محمد مير موچار
’اِنا فتحنا‘ جي آڌار
مرسل! توتي آهي مختار
’خندق‘ ’خيبر‘ جي خنڪار
اهل صفا جا سي انصار
اعليٰ اصحابي ڪُبار
دين دنيا جا دعويدار
نعرو هڻي هليا نروار
جنگ جا سورهيه سڀ سالار
سيئي دين سندا دلدار
پيش پيغمبر جي پهلوان
ٻجهه ارڪان سندا ايمان
سچو، صديق، عمر باسر
عثمان شاهه، علي حيدر
راضي صحابن تي رحمان
مير محمد مهربان
’عشرة المبشرين‘ بيان
’احمد‘ اجارو ڪيو ايمان
ڏهن ڄڻن کي ڏس ٿيو ڏان
’ابابڪر‘ اڳ ۾ اڳوان
عمر امير شاهه عثمان
علي ولي سيد سلطان
طلحہ عبيد، عبيدالرحمان
سعد، سعيد، جبير جوان
ڪُسي نبيءَ تان ٿيا قربان
شرف صحابن موجب شان
غفور، غفار، ڪيا غفران
’فتح‘ مداحي کي ٿئي دان
دين دنيا جوسڀ سامان
بخش عطا ٿئي امن امان
مٿي محمد مهربان
ڪہ ڪلمون سين قلب زبان
لا اِلٰہَ اِلاّ اللهُ مُحّمّد الرّسُولُ الله
ندح غوث اعظم جيلاني
تنهنجي صفت سلطان تون
باري، بلند، برهان تون
يا غوث اعظم اولياء!
صاحب ڌڻي جيلان تون
شرف خدا جو شان تون
يا غوث اعظم اولياء!
جولان جيلاني سندءِ
سڀ ڏيهه ٿيو ڏاني سندءِ
ٻيو ڪونه ڪو ثاني سندءِ
ڇٽ تاج سلطاني سندءِ
يا غوث اعظم اولياء!
تو لئي زمين، تو لئي زمن
تون خاندان پنجتن
تون ساقِي عِلمِ لَدُن
توکي خدا ڪيو پاڪ تن
يا غوث اعظم اولياء!
تون خاندان مجتبيٰ
شاهر نجف جو دلربا
تون دم الاهي ڪبريا
سڀ اوليا تو خاڪپا
يا غوث اعظم اولياء!
تون مصطفيٰ جو وتن
بيشڪ حسيني تون حسن
تو ڏَنہ رکي جو غير ظن
سو رافضي ٿيو بي دفن
يا غوث اعظم اولياء!
ٿيا معجزا تنهنجو مرڪ
تون عالمِ اسرار حق
جو ٿو رکي توڏانهن شڪ
سو مر هچارو ٿيو غرق
يا غوث اعظم اولياء!
تون آل اولاد علي
وارث ولايت جو ولي
توکان ڀلا! سڀڪا ڀلي
تنهنجي اڳيان حق مُنجّلي
يا غوث اعظم اولياء!
چوڪي رسول الله جي
ڪنجيءَ ڌڻيءَ درگاهه جي
معنيٰ حقيقت شاهه جي
سڀ تو مٿي آگاهه جي
يا غوث اعظم اولياء!
چوڏهن طبق چارو سندءِ
نَوَ کَنڊَ ۾ نَعرو سندءِ
۽ عرش اوتارو سندءِ
جبريل هرڪارو سندءِ
يا غوث اعظم اولياء!
جملي ولين سردار تون
خاوند ڪئين مخنار تون
طلبيو رسين هر ڪار تون
تحقيق ۽ تڪرار تون
يا غوث اعظم اولياء!
واقف خدا تو شان جو
تون راز گنج رحمان جو
محبوب تون سبحان جو
مون ڏانُ ڏي ايمان جو
يا غوث اعظم اولياء!
سرتاج پيرن سيدا!
فرياد رس نامِ خدا!
پوري خدا ڪيئي مدعا
توکان خدا ناهي جدا
يا غوث اعظم اولياء!
تون جز دلِ پيغمبري
معنيٰ حقيقت حيدري
سڀ مدعا توکان سري
تون هڏ خدا جو دفتري
يا غوث اعظم اولياء!
ڪڍيو تو يوسف چاهه مان
ڪشتي ڪڍي تو بحر کان
تون همت عالي جوان
ارشاد ڪيو ڪل کي اوهان
يا غوث اعظم اولياء!
ذوالقرن کي چيئي ڏاڻ گهر
’عيسيٰ‘ جيسارڻ جو امر
’موسيٰ‘ اُتي جولان جبر
’ايوب صابر‘ تي نظر
يا غوث اعظم اولياء!
ڪئي گم سليمان انگشتري
تنهنجي مهر سان سا وري
جن ديو ٿيا سڀ حاضري
تن کي ڪيو تو خوشتري
يا غوث اعظم اولياء!
معراج شب ديدار ڪيو
تو نار کي گلزار ڪيو
سڀ تو اچي اظهار ڪيو
يونس مڇيء مسمار ڪيو
يا غوث اعظم اولياء!
لاک، سپڙ، حاتم بندا
سي سڀ بندا تو در سندا
ٻانهون ٻڌي ڪرنش ڪندا
سي سڀ سوالي تو سندا
يا غوث اعظم اولياء!
صاحب عرب! ارشاد ڪر!
عالي علم، امدا ڪر!
مدعي مُسَخّر ماد ڪر!
فرياد جو تون داد ڪر!
يا غوث اعظم اولياء!
پينار ميراثي پهي
منصب ملي ڏکڙو لهي
ڀٽ ڀان تو ڪيرت ڪهي
دشمن مداحيءَ جو مُهي
يا غوث اعظم اولياء!
خواهش سنديم سڀ خاص ٿئي
مون کي توهان جي پاس ٿئي
من مدعا سڀ راس ٿئي
دشمن سندم شل ناس ٿئي
يا غوث اعظم اولياء!
ڪر درد منهنجي دوا
تنهنجي سخا ڪل ۾ سوا
پنهنجو گدا ڪر با نوا
تنهنجي مدح ڪل تي روا
يا غوث اعظم اولياء!
داتا! خدا لڳ دان ڏي
شرف ۽ شرافت شان ڏي
اعتقاد ۽ ايمان ڏي
سڀ ڪجهه مڱان سامان ڏي
يا غوث اعظم اولياء!
تون ئي عدالت، تون عدل
تنهنجي پٺيان جملي جُمل
ڪر ”فتح“ سين پنهنجو فضل
ٿئي مهر سين گلزار گل
يا غوث اعظم اولياء!
وارو مريدن جو وريو
ڍارو چڱو تن جو ڍَريو
سڀڪي آهي تن کي سريو
ڪلمون نبيءَ تي جن پڙهيو
يا غوث اعظم اولياء!
لا اِلٰہ اِلاّ الله مُحَمّدُ الرّسُولُ الله |