وائي 16.
ٿلهه: ڪيچي ڪرهي ڳالهه، ڪرهي ڳالهه،
او ڪا جا ڪيچ وڻانِ سان
1.
حسن هوت پنهونءَ جي ماري ڪئي ملال
2.
سٽون ڏئي سمير تي پڇي پٻ پهال
3.
ديواني جي دل تي کيڏي درد ڌمال
4.
سڃ ۾ ساٿي ناهه ڪو، نڪا سَرتي سيال
5.
”تيرهيا“ توڏن پٺ ۾، ڪري ڪهه ڪنگال
وائي 17.
ٿلهه: هاڙهي هُون نه هُون الو ميان الو! ڏوري
ٿينديس ڏونگرين
1.
نِڪُون نيڻن لائيون الو! راتيان ڏينهان رونِ
2.
ڪيچي ڪنيزڪ پانهنجي الو، مان چنبيلي چُونِ
3.
درد منهنجي دک تان الو، داغ فراقي ڌونِ
4.
”تيرهيا“ توڏن پٺ ۾ الو، پير پياديون پُونِ
وائي 18.
ٿلهه: هلڻ دي ڪر ڪائي، روز شب رؤ راهه ۾
1.
برو بودا بر ۾ بين رفته رين بهائي
2.
گفت مادر”مت جا، نهين تيرا باپ نه ڀائي“
3.
ستي پئي سک نه هويا، برهه آگ اٺائي
4.
شتر شبا شب شير وها توڏا تيز تکائي
5.
”تيرهيا“ شناسد ساٿ را، ڏنيس وير واڌائي
وائي 19.
ٿلهه: سڻئو توڏن جي توار، آيل ائي! ڪيچي پڇي قافلا
1.
ڏيئي باهه ڀنڀور کي، آتڻ وٽ اوسار
2.
پَرهي ڪين پنهون ري، گهوري هس گلي جا هار
3.
دعا ڪريجا جيڏيون، ڏسان ٻاروچل ٻيهار
4.
چوري ڇوڙي چانگن کي، سنجهي ٿيڙا سوار
5.
”تيرهيو“ چوي تن تي، منهنجي ناهه ميار
وائي 20.
ووڙيندي وڻڪار، آيل! آيل! ڏٺائين پير پنهون جو
1.
جتان آيو سپرين، ڀري کٿوري بار
2.
سندو ڪيچين قافلو، هلڻ تي هموار
3.
مشڪ مهارئِن تي، جڙيائون جنسار
4.
اچي عطر عنبير جو، هاڙهي مان هٻڪار
5.
”تيرهيا“ ڪيائين تنگ ۾، دوست جو ديدار
سر ڪلياڻ
208. ساراهجي سبحان کي، جو حّي، حنان، منان
خالق سڀ خلق جو، رازق رب رحمان
اَحد، واحد، وحدهُ، درس آهي ديّان
مولو مهربان، سمجهه سڃاڻي هيڪڙو.
209. سو سڃاڻج هيڪڙو، صاحب ربّ سميع
جل جلال جميع، مخفي مورت ۾ ٿيو.
210. مخفي مورت ۾ ٿيو، صورت جنهن سينگار
”لِمَنِ المُلڪ اليوم الله الواحد القهار“
”الانسان سري و انا سره“ آهي اِي اسرار
ذڪر ۽ اذڪار، ايءُ سڀ اوراهون رهيو.
211. نڪو اسم، نه جسم ڪو، نه ڪو ذات صفات
”لَم يَلِد ولَم يُولد ولم يکُن لہُ کُفواّ“ نفي
ٿيو اثبات
سڃاڻي سبحان کي، ”تيرهيا“ پڙهه تحيات
حيرت اندر ”هُو“ ۾، نڪا وائي وات
نڪو ڪسڻ نه ڪات، نه ڪاسائي نه ٻڪري.
212. نڪو ڪوس، نه ڪوڏڪو، نڪو گناهه ثواب
نڪو شڪ، نه شبهه ڪو، نڪو عذر آواب
نڪو طعام، نه پختو، نڪو قيمو ڪباب
نڪو وصال، نه هجر ڪو، نڪو جميع جواب
نه ڪو خمار خواب، نڪو رات نه روز ڪو.
213. نڪا سهائي صاف، نڪو اونداهه اوجهرو
نڪا اُڃ نه آف، نڪو بحر نه دُر ڪو.
214. نه ڪا رات نه ڏينهن ڪو، نڪو صبح نه شام
نه ڪو ڪعبو قبلو، نه ڪو ماڳ مقام
ڪفر نڪو اسلام، نڪو طور طواف جو.
215. وحده لا شريڪ لہ، سڃاڻج ستار
قيوم قائم قدرت سان قادر آهه قهار
سمجهه ”سبحان الذي اَسرى“ اي اسرار
غني غفور غفار، وؤڙي ڏس وجود ۾.
216. وحدت وجوديءَ جو ڄاڻ جنهين ڄاتو
”انت الحق انت الهُو“ چئي پير تنهين پاتو
”آنا“ احاطو، اُتي رهيو ڪونڪو.
217. ’اَنا‘ رکي اولي، ’الف‘ سان اورين جي
وڃن وحدت گڏجي ڀُلن نه ڪنهن ڀولي
”لن تنالو الِبرّ حتى تُنفقُوا“ ٻڌائون ٻولي
اکيون اکولي، عارف ٿيا عرفان ۾.
218. عارفن اهڃاڻ، آهي روز الست جو
ويا ڪُليءَ ۾ ڪل ٿي، پاسي ڪيائون پاڻ
ڄاڻي وڃائي ڄاڻ، هليا حقيقت سامهان.
219. هليا حقيقت سامهان، ڄاڻي ڇڏي ڄاڻ
محبت سندو ماڻ، تڏهن ڏٺائون تن ۾.
220. عارفن احرام، هو هميشہ حال جو
هڻي ڪنڊو قلب کي، ڪيائون تن تمام
مانجهي معرفت سان اجاريئون احڪام
اوري ڇڏيائون عام جو ڪل ڪفر اسلام
مٿي تن مدام، مشاهدو محبوب جو.
221. مشاهدو ماڻي، وري وريا ڪينڪي
’المرؤمع من اَحب‘ تِک نِئا تنهن تاڻي
آوارا آڻي، عشق ڪيا ايوان ۾.
222. ’هي‘ ’هو‘ سڀ حجاب، پردو پاڪائيءَ کي
لاهي ڇڏ لباس جو نيڻن تان نقاب
ڪري پاڻ ڪباب، سڃاڻج سبحان کي.
223. ’هي‘ ’هو‘ آهي هيڪڙو، مثل بي مثال
”آنا احمد بلا ميمي“ نڪو قيل نه قال
قرب ۽ ڪمال، سمجهان پري سوجهه تون.
224. سمجهان پري سمجهه تون، سوچ ڪري سوجهون
”قالوا سبحان لاعِلم لِنا“ کوج ڌري کوجون
عاقل ٿيا اوجهون، ان اڻانگي پنڌ ۾.
225. ان اڻانگي پنڌ جو، پيو جن پَرياڻ
”من عَرفَ نفسُہ فَقَد عَرف ربہ“ اهو تن اهڃاڻ
”تيرهيا“ طالب جو آهي نينهن نياڻ
جنهن سڃاتو پاڻ، تنهن سڃاتو سِرَ کي.
وائي 21.
ڪول ميڏي هڪوار، آوڻ دي ڪرڪائي
1.
منجهيان نال ئي تون وسدا، مئن نون تيڏي تار
2.
اوڙا پاڙا ڪڙم قبيلا، چاري چوڪيدار
3.
ماتا ويرنون ويڻ ڏيوي آکي ڳالهين لک هزار
4.
”تيرهيا“ رانجها راز الهي، سٽ گهتان سنسار
وائي 22.
وهه واهه تصوير رباني آه، سِر اهو سبحاني آه
1.
”من عرف نفسہ فقد عرف ربہ“، رمز راز نهاني آه
2.
”فَاينما تَولُوا فثُمّ وَجہ الله“ هر سُو درس
دياني آه
3.
”مُوتُوا قبل اَن تَمُوتوا“ سوا سڀ فاني آه
4.
”لاَ يمُوت فيها ولا يحى“ حيّ قيوم حناني آه
5.
”طٰہ، يٰس، تبارڪ الذي“ ’تيرهيا‘ الانساني آه
سر جمن
226. ٻرئو مچ مجاز جو، پتنگن ڪيو پرواز
اُڏاڻا اُن اُهس تي، جت شمعون ٿيو ساز
ڏسي نظر ناز، جلي ويا جوش ۾.
227. جلي ويا جوش ۾، پروانا پاڪيز
اُهس تي آڪيز، موڳا مور نه آئيا.
228. موڳا مور نه آئيا، مچ ڏسي مروان
عاشق پيا اُهس تي، پچي ٿيا پروان
اُڏاڻا ايوان ۾، مرڪيا منجهه ميخان
جلوي جوت جمال جي، موهيا مت سبحان
سر ڏيئي سلطان، شائق رسيا سُرڪ کي.
229. ميخاني جي منڌ تي، موڳا اچن نه مور
ڏسو ونڪ وهه جي، ڏهڪيو اُڀين ڏور
عاشق ڪريو اُور، پين ٿا پيمان کي.
230. پين پُر پيمان کي، سرو ڏسيو صاف
اچيو چکن آف، منجهان ڪيف ڪلال جي.
231. منجهان ڪيف ڪلال جي، ٿيا متارا مئي نوش
تيلاهه ويا ڳهر ۾ مدامي مدهوش
”تيرهيا“ طالبن کي خوشي سان خاموش
نيا جلائي جوش، ناز نظاري نينهن جي.
232. منجهان ڪيف ڪلال جي، ٿيا متارا پي مدُ
ڪيو عارفن عهد، آڏيءَ پاس اچڻ جو.
233. منجهان ڪيف ڪلال جي، ٿيا متارا متوال
هڏ نه اورين عام سان معنيٰ جو مقال
شهادت جي شوق مان پيتائون جام زلال
حاصل ڪيائون حال، آڏيءَ تي اچڻ جو.
234. منجهان ڪيف ڪلال جي، پٽ پيتائون پاڪ
مٽ تڪيائون معنوي، تاڪيون پٽي تاڪ
عشاقن افلاڪ، نمايو نياز سان.
235. نمايو نياز سان، موکي متارن
سر ڏيو سردارن، وهه پيتا ٿي وٽئين.
236. وهه پيتائون وٽئين، ڪڙو جو ڪارو
سر سڃاتئون سارو، محبت جي ميدان ۾.
237. محبت جي ميدان ۾، علم ٿيا اظهار
لڳو نقادو نينهن، ڪيو ڪٽڪ ڪارونڀار
جهنڊن جهُلي جهڙ لائيو، متو ميگهه ملار
سِڪڻ جن سينگار، ڪسڻ تني ڪوڏ ٿيو.
238. محبت جي ميدان ۾، عشاقن جو آر
سورهه چڙهيو سانگيين شائق ڪن سينگار
پڇيو ٿين پختا، اندر نينهن نبار
”تيرهيا“ ڏس تڪرار، واحد وڻي اُن سان.
239. واحد وڻي ان سان، جي واحد سان واڻيا
مرڪي تن ماڻيا، مشاهدا محبوب جا.
240. واحد سان جي واڻيا، سي واحد کي وڻن
”ورضينا بقضاء الله تعاليٰ“ هاتڪ دم هڻن
کنا خان کڻن، عشق جي ايوان ۾.
241. پي طهورا پُر ٿيا، ڪري سِري جي سٽ
مٿو رکيائون مهندان موکيءَ سندي مٽ
آيا اڏيءَ وٽ، موٽڻ تني ميهڻو.
242. مُڙن موٽن ڪينڪي، مرڻ جن جي من
سدا سوريءَ سامهون، سينو سپر ڪن
ميخاني جي مد تي، گهڏندا گهوٽ اچن
”تيرهيا“ مٿان تن، ٿيءُ قربان قرب سان.
243. مڙن موٽن ڪينڪي، متارا مئي نوش
موکيءَ سندي مَٽ مان مست ٿيا مدهوش
ڪنهن سان ڪڇڻ ناهه ڪو، خماريا خاموش
سي ٿيا دوشا دوش، هيڪاندي حبيب سان.
244. هيڪاندي حبيب سان، همہ جاءِ هردم
لٿن غم وهم، واصل ٿيا بالله سان.
وائي 23.
ٿلهه: متيان ڏيوي سمجهاوي، سهيولوڪ سانون
1. ندي ڪناري رانجهن وسدا، ميڏي من ڪُون ڀاوي
ٽوڪان سهندي مول نه رهندي نت نت ٻيلي جاوي
2. راتيان ڪاليان، ڪنڍيان ڪاليان، ڪالي زلف کلاوي
اکيان ڪاليان، سرما ڪالا، ڪالا ڪجل پاوي
3. هٽڪي هوري ڪٽنب قبيلا، مات پتا پر جهاوي
ماهي موهه نيتي دل ميري، لکيا ڪون مٽاوي
4. ”تيرهيا“ وچ سيالين آڪي چاڪ غلام ڪهاوي
جهوڪ وسايس، روپ رسايس، ونجهلي روزو ڄاوي
وائي 24.
ٿلهه: دلڙي ٿئي ديوان، دوست ويکڻ ڪيتي
1.
ناز نيڻان دي نال پياري هوش ڪيتا حيران
2.
زلف کِلائي کَڙدا آڪي ندي ڪناري نيشان
3.
راتيان ڪاليان، ڪنڍيان ڪاليان، ڪالا ڪان سُبحان
4.
”لا تقنطوا آپ اليندا، محو قلم عصيان
5.
تيرهيا“ چاڪر چاڪ سڏاوي سلطاني سلطان
سر سراڳ
245. سندو ماڻڪ مُلهه، جان پروڙي جوهري
هيرا لعل هزار هئا، طلا تنهن جو تل
سمجهي صرافن چيو ”من لہُ الموليٰ فلنّہ الکل“
اصل جو آملء سو سهانگو نه ٿئي.
246. سندو ماڻڪ مٽ، جان پروجهي جوهري
تان نه اچي تراز ۾، ڪو برابر ڪٽ
وڻجارن وکر سان، هلي ڀريو هَٽ
سر جنهن جو سٽ، سو سهانگو نه ٿئي.
247. مٿي ماڻڪ مڙيا، وري وڻجارا
کڻي آيا خوشيءَ مان تڪي تُرارا
پاڻيٺ پرکن ڪينڪي اسُڌ آسارا
ورن ويچارا، مُلهه مهانگو سڻُيو.
248. ڪيو ملهه موتيءَ جو، واري وينجهارن
تڪيو توريو پاڻ ۾ پاڻيٺ ٿا پر کن
ٿيو پري کان پدمن، ناهي حد حساب جي.
249. ناهي حد حساب جي، نڪا نهايت
”وفي انفسڪم افلاتبصِرون“ اعرابي آيت
موتيءَ جي ماهيت، پيهي پروڙج پاڻ ۾.
250. پيهي پروڙج پاڻ ۾، پسڻ ۽ پساهه
ڪيڏانهن منهن مهراڻ جو، ڪٿي آهه ملاح
ڪٿي سير سمونڊ جي، ڪٿي سائر ساهه
”تيرهيا“ ڪئين تباهه، درياهه ڪيا دم ۾.
251. وهه وڙهي ٿي وير، مکي هلج مَڪُري
سنڀاريج سُکان کي، سامونڊي سُڌير
ڪئين ڪارونڀار نيا، توکان وڏا وير
”تيرهيا“ ڇڏي تقدير، کڻ توڪل تار ۾.
252. ڏسيو دؤر درياهه جو، سُکاڻي سنگن
ڪڙڪا ڪارونڀار جا، سئائون ساڻ ڪنن
موجن کان مهراڻ جي، مانگر مڇ مُڙن
سي تڳن تاريءَ توسندي، جتي ڍينگ ڍرن
بچائيج بحر کان، ڇتر منجهان ڇوهن
ٻار لنگهائيج ٻاجهه سان، تاري ترازن
”تيرهيا“ توبهه ڪن، اُڇل پسيو آب جي.
253. رکي دم درياه ۾، ڪِيو غواصن گهيڙ
پيهي ويا پاتار ۾، جتي موتين ميڙ
ندي ٿين نيڙُ، ترو تانگهي آئيا.
254. ترو تانگهي آئيا، نڱيا نڪونج نهاري
ڏنئون ڏيکاري، موتي هن مهراڻ جا.
155. موتي اِن مهراڻ جا، امل آندائون
ڏيئي واڌائون، لاٿائون بار بندر تي.
وائي 25.
ٿلهه: موٽڻ ٿيو محال، سنبَههُ ته رسين ساٿ کي
1. توتي تنهنجا نه هئا، سڱيڻا سيال
تان پڻ ٻارج تن لئي، ڏونگر منجهه ڏيال.
2. وري وندر وٽ ۾، ووڙي وجهه وڙال
پڇي ڏس ڏاگهن جو، ڪاٽي وجهه ڪشال
3. ڪامِڻ تنهنجي ڪانڌ کي ساٿين منجهه سنڀال
هلي هوت پنهونءَ جي، ويجهي ٿيءُ وصال
4. ”تيرهيا“ توڏن پُٺ ۾، ٿيءُ جريدي زال
روئي راه رندن تي، لڪ لڪيون ڪر لال.
156. ساراهيو ساراهه تون سدائين سبحان
اول آب عميق ۾ آڳهه رک اڳوان
”الرفيق ثم الطريق“ تان نه ڏسين طوفان
ٻار لنگهائي ٻاجهه سان، نا کئو نگهبان
معلم مهربان، اڪارئي اوڙاهه کان.
257. ڏسي دور درياهه جو، دهلي يا دلير
سونهان سَنگي گهڙيا، پسي پاڻيءَ پير
وير لنگهيا ڪنهن وير، مٿان موڙي مَڪُري.
258. مٿان موڙي مڪري، جهاٽي پيا منجهه جهاجهه
سک سکاڻن ڇڏيو، هٿ گڏي سان هاج
ڪي کُوهي تي کڙا ٿيا، ڪنين وٺتا واجهه
اهڙا ڪري علاج، تاريائون تراز کي.
259. تاريائون تراز کي، تکي منجهان تار
لنگهيا لطافت سان، پهرئين پهر پار
جهلي ڪين جهاز کي، ٻيلاٽي ۽ ٻار
آگا! تون اڪار، ڪپر ڪارونڀار کان.
260. ڪيئي ٻيڙا ٻوڙيا، قهري سندي ڪُن
”الدّنيا جيفة وطُلابها ڪلاب“ سمجهه اي سخن
سچِي جن سمن، سيئي چڙهيا سِير تان.
261. سيئي چڙهيا سير تان، جني سڃاتو سِر
پاسي ٿيا پاڻ کان ڇڏي هئڻ هنر
ترسيا هڏ نه تِر، اونهون اورانگهي ويا.
262. اونهون اورانگهي ويا، وکر وهايائون
لٽي لقا پور کي سودو سوديائون
ويا تنهن ولات ڏي، جا ڪنين نه سئائون
لعلون لڌائون، سو نه سؤدڻ سکيا.
263. وکر وهايائون سو، جو سڙي ٻڏي ڪينڪي
”والله خير آ حافظا“ سودو تن سندو
”تيرهيا“ توهه ٿيو، انهن سان عميق ۾.
264. اونهون جتي آب اتي ڪيئي اوجهون ٿيا
جهليو جهازن کي گهُمائي گرداب
تارو وڃن تَرسندا، تک ڏسيو تاب
معلمن ماٺ ٿي، پسي سڪندر باب
خوشي ۽ خواب، وساري ويهي رهيا.
265. اٿي هليا اوڏهين، اُهريا اوڀاري
لُڙهيا لهوارا، ”الف“ سندي آسري.
وائي 26.
ٿلهه: تڪيو آهه تمام، تتي توقعو تو سندو
1. ڪون گهڙندو گهيڙ ۾ ڏسي دور دوام
اڪاريندو اتهين، نرمل تنهنجو نام
2. التماس عرض جو، ڪونه هڻندو هام
پڇج پينارن کي، گوهر پائي گام
3. ”نفسي نفسي“ چئي ڪندو، سڀڪو هل حشام
عربي چوندو امتي عالم جو امام
4. ”تيرهيا“ ترهو تار ۾، اتي آهي انعام
ڀري ڏيندو هٿن سان جامع جنت جام
وائي 27.
ٿلهه: اهي آريچن جا آيل آڙ انصاف
1. لنگهي ڪون لڪن ڏي لا، لکي هڻن لاف
اُتان آيا اُڀري او ڪيچي مٿي ڪاف
2. توڏا تر نه ترسيا لا، مٿي تونگ طراف
سونهان سرواڻن سان او ساٿي هئا صراف
3. مهري آندائون مُشڪ جا لا، مٿي ناقن ناف
پٽ پٽيهر پارچا، او بخمل ڀيرم باف
4. اچي آتڻ وچ لا، ويٺا ’ولمن خاف‘
”تيرهيا“ تن تمام ڪيا او تهدل ٿي طواف
سر سامونڊي
266. اُهريا الاهار، ٻيڙيءَ چڙهي ناکئا
مٿي تڙ تنوار، سُيم سامونڊين جي.
267. اُهريا اتر هير، ٻيڙيءَ چڙهي ناکئا
مٿي تڙ تقرير، سُيم سامونڊين جي.
268. پوريائون پري، پڳهه کڻي پنڌ ٿيا
ڪهڙي ڪريان ڳالهڙي، لڳي تن ڳري
مٿي دڳ دري، بيٺي هنجهون هاريان.
269. پُوريائون پرديس، پڳهه کڻي پنڌ ٿيا
وير اڳيڪو ويس، ڪريو هنجهون هاريان.
270. سامونڊين سفر، چتايو ٿي چين جو
وري ڪندا وَرُ، آسروندي آهيان.
271. سفر سامونڊين، چتايو ٿي چين جو
وري مانَ ورن، آسروندي آهيان.
272. چيائون ٿي چِين، پَر ڪين پرانهان ويا
هنيڙو ٿيو غمگين، سڻي اُن جون ڳالهڙيون.
273. ويا چِين چئي، پَر ڪين پرانهان ويا
نيڻن ننڊ گَئي، سڻي ان جون ڳالهڙيون.
274. هليا هاڪاري، ننگر کڻي ناکڻا
ماريس مونجهاري، ڪوهه نه وييس اُن سان.
275. اولي ڏيو ٻانهڙي، نکٽ نهاري
ساريو سامونڊين کي، هنجون ٿي هاري
ڪريو بُڪاءَ بندر تي، ”تيرهيا“ تنواري
واحد سي واري، پُريا جي پرديس ڏي.
276. پُريا جي پرديس ڏي، سي ورن وڻجارا
بندر جي بازار ۾ ڪن اچي اوتارا
”ڪُلّ يوم هو في شان“ آهن اشارا
نئين سڄ نظارا، پسان شال پرين جا.
277. سيوا ڏي سمونڊ جي، وڻجارا وري
اکيون اوهان آسري، جهونيون ٿيون جهَري
تو ريءَ ساعت نه سري، سودي ري سَري
ساگر سارو سِڪ ۾، آيس هوند تري
ڪري مون بَري، پُوريو تو پرديس ڏي.
278. سيوا ڏي سمونڊ جي، اولو اوري وارِ
اونهي ڪُن اتانگهه ۾، ٻجهي ٻيلو ٻارِ
سائُو سِڪاين کي، اچي اکيون ڏيکار
”تيرهيا“ ڪِين تَوار، واڌايون وصال جون.
279. واڌايون وصال جون، ڏسي ڏينهاڻي
نهاريو نکٽن سان، ڪري ڪِهاڻِي
وڃي وهاڻِي، تارن سوڌي راتڙي.
280. ڏٺائين ڏورا، کوها کاري وچ ۾
اٿي اسورا، باسيائين ديڳ درياهه جي.
281. ڏوران ڏٺائين، کوهه کاري وچ ۾
”تيرهيا“ ديڳ درياهه جي، بندر واسيائين
اڱڻ ڪري اُجرا، ويهي واسيائين
کِيرون ڏنائين، تڙ وڻجارا آئيا.
282. مٿي تڙ تنوار، سُيم سامونڊين جي
بندر جي بازار ۾ کڙيا کٽڻهار
پيئي اُت پچار، لَنڪا لُٽي آئيا.
283. لَنڪا لُٽي آئيا، پرلَڪا پائي پير
ڏسي سِڙهه سامهان، سُونهَڻِ لڳا سير
وڻجارين واس کِنوائِيا، سُڻي ڀتارن ڀير
هينئڙي جَن سان هير، سي سدا سلامت سپرين.
284. سدا سلامت سپرين، ڍولا هُئين شال
وڃايو وصال، وڇوڙو ورهن جو.
285. سدا سلامت سپرين، ڍوليا لاءِ م ڍيل
ڏٺم ڏولائو لٿو، ساڄا سڙهه سويل
لائِي جن اويل، سي ”تيرهيو“ چئي تڙ آئيا.
286. آيا تڙ اَمين، کٽي چٽي خير سان
لاهي بار بندر تي، ويٺا سي وٽين
معلم ٿيا مڪين، موٽي ماڳ مڪان ۾.
287. کاري کي کيلي، موٽي مٺي آئيا
اُٿي وڏي ويلي، جيڏين جر جهُاريو.
وائي 28.
ٿلهه: وريا وڻجارا، جي سنڀاريم سپرين
1.
سڃاتم سڙهن کي، آيا اوڀارا
2.
لاڄُو بند لَون ٿا، ڌڄا چوڌارا
3.
کوها اولا عاج سان، جڙيا جنسارا
4.
سُونهَنِ سُهڻا سون جان، نوان ناتارا
5.
”تيرهيا“ ڪيڙم تن سان، ڪيل ڪيچيءَ ڪارا
وائي 29.
ٿلهه: ڇڏي ڇُهي جون ڇولُون، موڙ مٿاهون مَڪُري
1.
ٻيلاٽي ۽ ٻار جون، جهاجهه اندر جهولون
2.
ڪيئي ڪارونڀار ڪيا اونهي ۾ اولون
3.
جاڏا جنگ جهاز نِئا، تک ڪري تولُون
4.
وڻجارا ورڻ جون ٻڌيون تو ٻولُون
5.
”تيرهيا“ تڙ تي آئيا، هُل لٿا هولُون
وائي30
ٿلهه: هن کُهيل ساڻ کڻو، جيڏيون الو!
ڪو پير پريان جي پار ڏي
1.
چڙهي ڏونگر چوٽيئين، هاڙهي پاڻ هڻو
2.
پُري پٻ پهاڙ تان، ڇپر منجهه ڇڻو
3.
هڏ نه ڏٺان هوت کي، تڏهن ٿيون تڻو
4.
وسايو ونيُن ۾، ور کي ايئن وڻو
5.
مٺيءَ سان ماتام ۾ مٿي هٿ هڻو
6.
”تيرهيا“ توڏن پٺ ۾، ڀَٽن جيئن ڀڻو
سر توڏي
288. اُٿي الله توهار چئي، پاسي ڪري پاڻ
مٿي سائر ساڻ، سَنڊ نه کڻي سونهڻي.
289. اٿي الله توهار چئي، پاسي پاڻ ڪري
مٿي تِک تري، سَنڊ نه کڻي سونهڻي.
290. کڻ توڪل تار ۾، سَنڊُ مَ کڻج ساڻ
محبت کي مهراڻ، آڏو اچي ڪينڪي.
291. ترس م پسي تار، کڻ توڪل ”تيرهيو“ چوي
جتان ٻيلو ٻار، تڙ تتاهين تو سندو.
292. توڏي ترس ڪيم ڪي، ڀڃي ڇڏ ڀيلو
ويندي وڇارن ڏي وچ مَ وجهه ويلو
پس پريين پار کي، ڇڏ ڍرائي ڍيلو
ميهر سان ميلو، آڌيءَ اٿي ڪر تون.
293. اُٿيين ٿي اڌ رات، اڃان پيئي اوجهرين
سندي واڳونءَ وات، پرهه پُوندينءَ سوهڻي.
294. اُٿيين ٿي اوير، اڃان پيئي اوجهرين
سهسين سنڊن واريون، سائر نيون سوير
مٿي پاڻيءَ پير، پاءِ ته پهچين پار کي.
295. پاران ٿو پڇي، ساهڙ سِڪڻ واريون
ڪنهن سان ڪين ڪڇي، حرف حقيقت حال جو.
296. پاران ٿو پڇي، ساهڙ سِڪڻ واريون
عشق جنهن کي اڳرو، سا مٿي تک تري
وڃي وڇارن ڏي، دوئي ڌار ڌري
پاسي پاڻ ڪري، پاڻِي پسي ڪينڪي.
297. پاڻِي پسي ڪين، سڪ ۾ ساهڙ ڄام جي
عشق ڏني اهڙي، توڏيءَ کي تلقين
ميهر ساڻ مَڪيِن، ٿي هيڪاندي حضور ۾.
298. سڪ ۾ ساهڙ ڄام جي، سور سختيون سَههُ
ونءُ لتاڙي وهه، سونهڻي سپرين ڏي.
299. سي سڌائتيون سڏبيون، جي تار پسي ترسَنِ
ڪوڙيين دهليو درياهه کان، وريو پوءِ وڃن
ساهڙ سندو تن، جني سانگ نه ساهه جو.
300. جني سانگ نه ساهه جو، سيئي ترن سير
ساهڙ ڄام سڌير، اُڪاريين اوڙاهه کان.
301. وڃي وَهه لتاڙيو، سهڻي مٿي سير
خواجا خضر پير، لنگهائيين لڙاٽ کان.
302. اُتان گهڙي اوچتي، جتاب آب اُڇل
سٽيو سيڻاهن کي، سائِرُ وجهي سل
هردم پوءِ هڪل، ڪپر ڪَڙ ڪي ڪُن جي.
303. جتي لڙ لهريون، لسون ۽ ليٽيون
ڀيلي سان ڀيٽون، اُتي اوڀاري ڪيون.
304. ڪپر جا ڪڙڪا، وڃي سڻندي سامهان
واڳون واسنگ وَهُه ۾، جاجهه اندر جهڙڪا
ڀيڄ ڀنيءَ ڀڙڪا، ڏِسي مَچَ ميهار جا.
305. ڏِسي مچ ميهار جا، دُکن جي دونهان
سيئي ٿيس سونهان، ساهڙ جا صراط ۾.
306. ويندي ڏونہ وڇار، ڏم ڏٺائين ڪونڪو
توڏيءَ کي توار، هئي هميشہ هيڪڙي.
307. ٻُڌائين ٻيلي پار، چانگارون چَڙن جون
چوٽو ٻڌي چيلهه سان تري ويئي تار
ڪَچي اِي ڪم ڪار، پڪو پاڻيءَ تي ڪيو.
308. ڪچو پاس ڪنڀار، پڪو نظر نيهن جو
پهچائي پراڙ ڏي، عشق جي آثار
”تيرهيا“ سئائين تڪڙا، ساهڙ جا سنڀار
ترهو توڪل جو ٻڌي، اُٿي الهه توهار
مرڪيو ساڻ ميهار، سهڻي چڙهي سيج تي.
وائي 31.
لوڏي لوڏي، اي لهرن لوڏي ڪينڪي،
1.
اُٿي آڌيءَ رات جو سهڻيءَ ڪيو سينگار
2.
آڏو آيس ڪونڪو اوڀاري جو آر
3.
ڏم ڏٺائين ڪينڪي واهر هوس وڇار
4.
”تيرهيا“ تُرهي ريءَ تري، ديکيائين ديدار
|