داستان ٽيون
11183. کاهڙ کُڻِ کاريون، کٿيريون کڻن
ڏينهان ڏورين ڏٿ کي، وچينءَ ولوڙا ڪن
سنجهي سُرڪ سير جي، روزو پوءِ رکن
اُٿيو آڌيءَ رات کي، وجہ ۾ پهرن
صاحب سنگهارن، لڄا رکين شريف چئي.
1184. گذر غريبن جو، جي عمر تون ڏسين
وڙهين نه ويرِ پئِي، نڪي هوند هڻين
واهوندي وسين، مٿي موهر مينهن جيئن
.
1185. اسان مٿي سُوءَ، تون ٿو عمر عيدون ڪريين
ويرون ولوڙن سنديون، ساريان گهڻو صبوح
سانڀين ري، شريف چئي، ڪيئن ڪريان پاٻوه
سرتين جا سرير ۾، ريلا اندر روح
موهر اُڀريا موه، ٻائُرَ ٻيلانگهن سين.
1186. اسان سوءَ مٿي، تون ٿو عمر عيدون ڪريين
سانڀي ساريم، شريف چئي، مارو رهن جتي
کٿيري منجهه کَٿي، (ملي ماروئڙن کي).
1187. مارو مون من ۾[،
سرتيون اندر ساه
ڪير آجي لڳ الله، ته ويڙهه وڃان سومرا.
1188. مون کي ماروئڙن جي، اُڪنڊ آه آس
جهوريءَ جهوريم جندڙو، ويڙهيچائي وماس
قادر لڳ قيد کان ڪڍ نماڻي نراس
عمر ڀڃ مَ آس، ويڙهه وڃڻ جي سومرا.
1189. هيڪاندي هياس، وطن ويڙهيچن سان
لِکئي آڻي لوحَ جي، ڪوٺيين قيد ڪياس
ان کپت کجاياس، جيئن ٿر مارو آءٌ ماڙيين.
1190. هيس هيڪاندي، وطن ويڙهيچن سان
لکئي آڻي لوح جي، ڪيس بند باندي
سرتيون سڀ ساڻيہ ۾، ماڙين آءٌ ماندي
وٺا مينهن وسون ٿيون، اوٺيءَ خبر آندي
والي ڪر واندي، ملان ماروئڙن کي.
1191. سڪي ۽ ساري، سدا سنگهارن کي
سَڳر سهيليون، شريف چئي، ويل نه وساري
جهڄيو جر هاري، ماڙين ماندي مارئي.
1192. ڪتابت پڙهيائين جا ويڙهيچن لکي
پاڻان پيئي مامري، سڻي سا سکي
تاڙا توارون ڪيو، وايون ڪن پکي
عمرَ! ڀر سنگِي، مارن ملير ڇڏيو.
1193. ڪتابت پڙهيائين، جا لکي ويڙهيچيءَ
اسان ڏينهن گذاريا، سرو، سانوڻ، سيءَ
تون تني جي ڌيءَ، جني مٿي لوئيون.
1194. عيبن ڀري آهيان، اگلي اگهاڙي
ڍولا مون کي ڍڪئين، ڏيئي لوئي جي لاڙي
ته صبح سُگهاڙيِ، ٿيان منهن ماروءَ ڄام جي.
1195. چوٽو چِيڙهيِرو ٿيو، واس ڇڏيو وارن
لوئي سا لِيڙَ ٿي، جا پرهيس پنوهارن
ڌوتائين نه ڌٻر کي، ڌاران ڌرارن
سِڪي سنگهارن، اکيون کڻيو اوڏهين.
1196. اکيون کڻيو اوڏهين، اُڀي اوساري
هڪ پَيڪڙا پيرن ۾، ٻيو مامرو ماري
سانڀيڙن، شريف چئي، ويل نه وساري
جهڻڪي جهانگيڙن لئي، جهڄيو جر هاري
سرتيون سنڀاري، ساريو ٿي سوز ڪري.
1197. اکيون کڻيو اوڏهين، اُڀي ڪري آر
ماروءَ ڌاران منڌَ کي، اچي ڪين قرار
سرتين جو سينگار، ساريو ٿي سوز ڪري.
1198. اکيون کنيو اوڏهين، پڙهي پيغاما
جيڏين ڌاران جوش ۾، ڍڪي نه جاما
کِجيو کاميو کاهڙ لئي، ڪري ماتاما
آهس انجاما، وصل ويڙهيچن سان.
1199. وصل ويڙهيچن سان، وري ٿيو واه
”اَلحَمِدللهِ رب العالمين“ راضي ٿيو اللهُ
وٺا مينهن ملير ۾، سانگين وريو ساه
کاٽونبا کاڄن ٿا، گل ڦل، موريو گاه
مارو منهنجو ماه، ڪانڌ نه ڪنديس ڪو ٻيو.
1200. ڪانڌ نه ڪنديس ٻيو، مارو آيو مبر
صاحب رکيو سير، کيرون کٿيرين کي.
وائي 109.
پائر جا پنوهار، سي مان سانڀي ساريان
ساڻيہ جا سنگهار، سي مان سانڀي ساريان
1.
بدوي جي برن جا، چارينِ ڌڻ ڌرار
2.
وڃي شال وطن جا، وڻ ڏسان ولهار
3.
آڻي ڪيائون آجڪو، ڀڃي ڏئونرن ڏار
4.
ڪر لهندم ڪڏهين، آهيان جن اهار
5.
ساڻيها، شريف چئي، وريا ٿي وهار
وائي 110.
سانڀي ساريم، لوءِ، مارو جي ملير جا
1.
الله ڪو هت آڻيين، پانڌي پائر جو
2.
پيرون کائڙ وڻ جو، ڪانگل آڻيج ڪو
3.
شال نه اچي قيد ۾، مون جئن جهانگياڻي جوءِ
4.
سنيها، شريف چئي، چانگي چڙهيو چوءِ
سر ڌناسري
داستان پهريون
1201. صبح سپڙ ڄام کي ڳجهوئي تون ڳاءِ
سڻي اور، شريف چئي، ڪيريءَ جو ڪر واءُ
هو پروڙي پساه، تون دانهون ڪيو دان گهرين.
داستان ٻيو
1202. تون رونجهاڻي رونجهو، سپڙ ٻيلي جو ڌڻي
نينهن نڀائج منهنجو، سائينءَ لڳ، شريف چئي.
1203. ٻيلي ڌڻي ٻاجهه ڪري، رونجهاڻي آيو
جني ساراهيو، ڏان ڏياري تن کي.
1204. رونجهاڻي جو راز، ٻئنان گهڻو اڳرو
جني سُر نه سازُ، ڏان ڏياري تن کي.
1205. رونجهاڻي جي ريت، ٻين کؤن ٿي اڳري
ريءَ ڳارائي ڳيت، سرچي سوالين کان.
1206. رونجهاڻيءَ جي راه، ٻين کؤن ٿي اڳري
تني سين الله، جن پرو ناهه پرت جو.
وائي 111.
شام نظام الدين، شام نظام الدين
1.
عشق عاشقن جو، منصف آهه امينِ
2.
مٿي دَر دِلِيَ خاني، بيٺو هڻي بِينَ
سرڪامول
1207. ٻانهيارل ٻانهين، اُلهي ڪلهي ٻانهن ۾
نٿ نانگيلَ نانگلو، جهومڪ جهُوليائين
ڪُر، ڪڙولا، ڪٺمال سان، ڳَنَهَرٻيڙا ٻڌائين
چوٽو مانگَ ڦليل سان، مُحَلِلُ هارُ هاريائين
مينڍي ڦل مڙهيائين، سونهن سيجاوڻ، شريف چئي.
1208. ڇُڳر مٿي ڇڳا، گنگهر گنگا ديس جي
عشق ٻيلانگهين لايو، بره موهيا منگها
”مَن ڪَانَ فِي هٰذالّذِي“ سمي سيرابا
ڪينجهر ڪنارا، جهول ورتي، شريف چئي.
1209. سمو سميتا، چِيلو راءَ جيئن چمڪيو
هَل اتَيٰ عُلي الانسانَ حين مِنَ الدّهر لمَ
يَڪُن شيءِ مذڪورا
’مَروَلَ مُطّعَلومن قاعدالعاشقين‘ ايرم مڪانا
ڪينجهر ڪنارا، جهول ورتي، شريف چئي.
1210. سمي گهر سميت، حج حجرهَ المنتهٰي
سهسين ساز سرود سان، پڙهن ٿا ’القيت‘
’انشَاءَاللهُ آمين مُحَلّقِين‘ آهي راز رميت
’ڪُلّ شَيءِ افديتُ، جهول ورتي شريف چئي.
1211. ڄام تماچي آئيو، نوري ڪري نگاه
سمي جي صلاح، مي مرڪي ملاحن ۾.
1212. ميءَ مياڻين وچ ۾، نوري نوازي نام
تماچي هٿن سان، ٻيڙو ٻڌس ڄام
تڏهن تنهن انعام، منڇُر مڙوئي ٿيو.
1213. نوريءَ جو نراڙ، چمڪيو چوڏهينءَ چنڊ جيئن
سمي جي سهاڳ جو، مٿي تنهن مدارُ
موتين پُوئي هار، ٻيڙو ٻڌائينس ٻانهن ۾.
1214. ميءَ مياڻي وچ ۾، نوريءَ نظارو
سمي جي سهاڳ جو، وريو تنهن وارو
تماچي تارو، سونهي ڪينجهر ڪنڌيين.
1215. اڀريو تارو، سمي جي سهاڳ جو
سونهي ميءِ مڇيءَ جو، مٿي تي کارو
سمي سرُ سارو، ڏنائينس ڏيج ۾.
1216. ڪينجهر ڪناري، شريف چئي، ريکي رتي ريل
ڄام تماچي آئيو، وچينءَ هوئي ويل
اسَبَ ڪونتل ڪيئن ڪُڏيا، هاٿي هنباريل
مٿي سونهي ميل، ... ... ...
1217. ڪينجهر ٻنهي ڪنڌيين، ريکي رتي ريلاڻ
ڄام تماچي آئيو، وري ٿي وراڻ
ريجهيو ڪن رهاڻ، سمي جي سهاڳ ۾.
1218. ريڌو سمو راءُ، لٿو ڏَنُ ڏينهن تان
مٿي جهول شعاع، نوريءَ جي نياز جو.
1219. تخت تماچيءَ ڄام جو، نوريءَ ڪيو نروار
جي سميون ڪن سينگار، ته به گاڏي چڙهي گندري.
1220. گاڏي چڙهي گندري، سميون ڪن سلام
’اَنَا مولاڪ و انت محبوبي‘ آيو ايءُ الهام
ملڪن ۾ مشهور ٿيو، سندو نوريءَ نام
تماچي تمامُ، اچي ات ادب سين.
1221. اچي اُت ادب سين، سمو ڄام سڌير
جهلن جهول جهڳريون، نديون وهي نير
سرهيون ٿيو، شريف چئي، کليو پيئن کيرُ
وچ وهاريو وير، مرڪن مڇيءَ واريون.
1222. مرڪن مڇيءَ واريون، ڪينجهر ڪناري
گڏجيو گذاري، منهن ملاحن جي.
1223. مَنهن ملاحن جي، آيو ڄام ڄُلي
ڪينجهر ڪُل ڪلي، اگهاڙن انعام ٿيو.
1224. ڪنيون
ڪوجهيون ڪوَڻيون، رنگُ نه ڪنهين روءِ
جنين مان، شريف چئي، باس اچي بدبو
کڻي تن جي خوءِ، سمو ڄام سهج سين.
1225. هٿين پيرين کِکيون، ڪپڙين ڪوجهيون ڪي
اچن سر اُٺائيو، ميئيون مڇيءَ کي
تڪيي تماچي جي، اچيو وهِن اوڏڙيون.
1226. هٿين پيوين ککيون، منهن نه ڌوتائون مور
ڀاڪر وجهن ڀل کي، آڌيءَ ويل اسور
ناپو ڪڍن نڪونج مان، ڏسڻ ڪنان ڏور
هيڪاندي حضور، اچيو وهن اوڏڙيون.
1227. هٿين ڄارا، مٿي کارا، ڀيريو ڪڍن ڀل
پهِو وڃن پاڻي ۾، جتي آب اُڇل
پُر ڪيائون پل، سرهيون ٿيون، شريف چئي.
1228. تماچي جي تن ۾، سندو نوريءَ نام
”اَفَدَيتُ مُلڪِي عَلَيڪ يا محمد“ آيو ايءُ الهام
سميون ڪن سلام، گاڏي چڙهي گندري.
1229. تماچي جي تن ۾، نوريءَ جو نياز
”مَاعَرَ فناڪَ حَقّ مَعرِفَتَڪَ“، ايڏو هو انداز
سمي کي سخا جو، پيو رحيمي راز
امرُ ٿيو اعجاز، گاڏي چڙهي گندري.
1230. گاڏي چڙهي گندري، مهاڻيون مَرڪن
ترڪُ ڪري تَرڪنِ، حاضر ٿيون حضور ۾
حاضر ٿيون حضور ۾، کڻي ڀل ڀريون.
1231. جهُلن جهٻيرين جون، تڙن تي تريون
اُجريون ٿيون اُن جون، ناپي سان نَريون
وچينءَ ويل وريون، سمي جي سلام تي.
1232. سمي جي سلام تي، آيون ڪري اُورِ
رِيسُون راڻين ڇڏيون، ڏهڪيون اُڀيون ڏورِ
مرڪن مڇيءَ واريون، هيڪاندي حضور
نوريءَ جي نگاه سين، نور عليٰ نورِ
”والبيت المعمور“، اتي پڙهن ادب سين.
1233. اهڙو سندس نازُ، ڄام تماچي رانئيو
ريسون راڻين ڇڏيون، نَميو ڪن نيازُ
سمي فيض فياض، ڪينجهر مڙوئي معاف ڪيو.
1234. نوريءَ سندو نامُ، ملڪ ۾ مشهور ٿيو
اچيو سندس ادب سان، سميون ڪن سلامُ
اُنهي کي انعام، ملڪ مڙوئي ٿيو.
پائي 112.
سمي سهاڳا، تڙ ڍويائين مَڪُرِي
1.
پنجو تَڙَ گُنجَدَ هَا چُڻي چِيرولا
2.
ڪنڌيءَ ڪناري ريل جي کِڙي کيرولا
3.
پن پاٻوڙا، ڪُم ڪُوڻيون دلق درويشا
4.
نوريءَ ساٿ، شريف چئي، سونهن ملاحا
سر ڪارايل
داستان پهريون
1235. اڇا پَکي اڇاءِ، اڇي وتن آب ۾
ماهيت اونهي ماءِ، نور تجلو نور سان.
1236. اڇا پکي اڇ، اڇي وتن آب ۾
جت نه گهورينِ رڇ، اتي لمن هنجهڙا.
1237. اڇا پکين پک، اڇي وتن آب ۾
وڳر ڌاران وک، پيرُ نه کڻن پانهنجو.
1238. اڇا پکين پر، اڇي وتن آب ۾
منجهان جر جوهرَ، سوجهي آندائون، شريف چئي.
1239. گهونُو ٿا گهورينِ، لامين لمئا هنجهڙا
چهنب اُت چورين، جت حد هدايت هوُءِ ٿي.
1240. گهونو گهوري گهور، لامين لميا هنجهڙا
جت جواهرن جور، اُت اڏامن ادب سين.
1241. گهونو گهوري گهَرُ، لامين لميا هنجهڙا
موتين وهي جر، پاڻيٺ تنهن پاتار ۾.
1242. گهونو گهوريائون، لامين لميا هنجهڙا
موتي آندائون، سوجهي سمنڊ، شريف چئي.
1243. هنجهه اتي ئي هُون، موتي جت مهراڻ ۾
ڪي پروڙيون پون، پکيئڙا پاتار ۾.
1244. پکيئڙا پاتار ۾، پيهي ويا پري
سوجهي ساه سري، پيتائون آب عميق مان.
1245. پکيئڙا پاتار ۾، پيهي ويا پاڻ
هنجهن ٿي رهاڻ، اونهي آب عميق ۾.
1246. پيهي پَري ويا، پکيئڙا پاتار ۾
موتي مهراڻئا، سوجهي آندائون شريف چئي.
1247. پکيءَ ۾ پساه، نه ڄاڻان ڪنهن ديس جو
پاڻيءَ ڏنس پاهُ، پک رَتائين پريت مان.
1248. جام نهاري جر، موتي آندائون هيڪَڙو
هنجهن ڪيو ثمر، اونهي ڏيہ عظيم جو.
1249. منجهان جر جوهرَ، سوجهي آندائون شريف چئي
پکينِ رتا پر، لاهوتان لامڪان ۾.
1250. اکيون منجهه اوڙاهَ، نظر نظارت ۾
سندي ڪارايل ساهَ، انت آهه عميق ۾.
1251. آڌيءَ اُڏامن هنجهڙا، ڪن ’شريعت‘ سَيرُ
طيرانُ ڪن طريقت ۾، اٿن ’حقيقت‘ هيرُ
معرفت سندو ميرُ، پکين ڪيو پريت مان.
1252. آڌيءَ رات اڏامن هنجهڙا، ڪن طريقت توار
ساراهيو ستار، موتي چڻن مهراڻ مان.
1253. آڌيءَ اڏامن هنجهڙا، ڪيا حقيقت هيڪ
پکين تنهن سان پيڪُ، انت نه جنهين آب جو.
1254. آڌيءَ اُڏامن هنجهڙا، رکيو معرفت من
لَميو اُ ت پون، جت احد آهي هيڪڙو.
1255. آڌيءَ اُڏامن هنجهڙا، حَلُّ ڪيائون هُوءِ
موتي روبروءِ، سوجهي آندائون، شريف چئي.
1256. آڌيءَ اُڏامن هنجهڙا، پرڀونء ڪن پنڌُ
نايو اتي ڪنڌ، موتي چڻن مهراڻ مان.
1257. آڌيءَ اُڏامن هنجهڙا، ڪن نه چِلر سين چاءُ
ڪري سائينءَ ثناءُ، موتي مهراڻ مان.
1258. آڌيءَ اُڏامن، پکيئڙا پاتار مان
”اَشهَدُ اَن لالٰہ الاالله“، وائي ڪيو وڃن
لميو ات پون، جت ’احد‘ آهي هيڪڙو.
1259. آڌيءَ اڏاڻا رات، پکيئڙا پاتار مان
”اَشهَدُ اَن لالہٰ الالله“ وائي ڪيائون وات
ڏوري ڏٺائون ڏات، حمد چئي آئيا.
1260. آڌيءَ اڏاڻا، پکيئڙا پاتار مان
لنگهي ’لا‘ ملڪ کي، ڪنهن روءِ ريجهاڻا
موتي چُڻيائون داڻا، ابر سندي آب مان.
1261. ساوا سَر، سيليءَ وَرَ، مُنگهٽ ٻڌائين
مولهيا
ساز سرندا هٿ ڪري، سانولَ اپٽيا در
کڻيو ڪارايل ڪر، نايو وتن ڪنڌڙا.
1262. آرا مُند انِينگ، ندي ريليندي ورهيه ٿيا
واسي مينهن وسي پيا، ڇَنگر هُئائين ڇِينگَ
’لن تَنالُو البِر‘ ساز ٻڌائين پِينگ
مينڍا گل مهينگ، ڪارا ڪنف، شريف چئي.
1263. اوري هئا ته موٽيا، ڪنهن وَڻ وَلوٽيا
عشق ڳالهه عجيب جي، جَمازَ جمازيا
اکين اغمازا، نينهن پريان جي نيڻ جا.
1264. مٿي سَرَ سَيلانُ، پکين ڪئو پريت جو
ڏوري ڪيائون مڪانُ، ولايت جي ويءَ ۾.
1265. تولئي سڻي تَنَ بينا، مهرا ٿيا سر
لامون وڻ، شريف چئي، پاندن هنيا پر
وٺا مينهن شجر، ”نِقابَ زَنَ آزهار جا“.
1266. تولئي جو تولي، مون تَنُ تَنَ بينا ڪيو
ٻوڙيا وڻ ٻيلاٽن سين جهولاڻا جهولي
ميلاڻا ميلي، جن جا سر شريف چئي
.
داستان ٽيون
1267. هتي هنجهه هئا، جني ٿي لاتيون ليون
ڪو چتائي ڏيهڙو، اُڏامي ويا
اُن ٻولي ٻاجهاري هئي، هي ٻولين ڪي ٻيا
هاڻي ٻگهه ٿيا، هنجهن سندي سَرَ ۾.
1268. هن سر ۾ هنجهڙا، رهندا هئا رات
وچينءَ جو وڻ ۾ ٿي لَلا لَيا لات
مٺايان مِٺي هئي، وائي ان جي وات
تن هنجهن ناهي ذات، ويا سر سڃو ڪري.
|