وائي 55.
[1]
مون کي پل مَ ماءُ، مون سڱ آهي هوت سان.
ڏنو منهنجي ڏيل کي، ڪوهياري ڪهڪاءُ
ڦوڙائي فراق جو سور چکايُم ساءُ
اديون آريچن جو، تن ۾ تازو گهاءُ
ساٿين جو، شريف چئي، پِيُمِ نه سڌ سماءُ
وائي 56.
اَٺ ڪرهي جي دانهن، مون ٿي سئي ڪالهه قطار ۾
آءٌ ستي هو هليا، آهي مونهين ڏانهن
چڙهي ڏاڍين ڏونگرين، آءٌ ڪنديس آنهن
ووڙينديس وڻڪار ۾، هٿ کڻي ٻانهن
جاڳي هن جبل ۾ دانهين وجهنديس دانهن
ساٿيڙا شريف چئي، ڪيچي ويا ڪيڏانهن
پڇي پير پنهون جو، اديون وڃان اوڏانهن
وائي 57.
[2]
هتان ڪيِن ٻاروچا، ڳاليهون ڪندا ويا ڪيچ جون
آءٌ ستي هو هليا، ٿي نوم نفاقا
در ڪس را ڪس ندادند، زِرّتِ ز راما
آيُم سر، شريف چئي، اديون اوجاڳا
وائي 58[3]
هوندا هاڙهي جهل، سوداگر سيڻ سسئي جا
مسافر سيڻ سسئي جا.
ٻڌان مانَ ٻروچ جي، هاڙهي منجهه هڪل
پهچان مان پنهونءَ کي، جهُڙيون جهاڳي جبل
وائي 59.
ڳجهي ڳرهي ڳالهه، ڪا جا ڪيچ وڻن سان.
سٽون ڏي سُميرَ ۾، پڇي پٻ پهال
حُزنَ هوت پنهونءَ جي، ماري ڪِي ملال
ٻانڀڻ ٻاروچن جي، سيڱي ناهه سيال
شُترن لئي، شريف چئي، ڪري ڪہ ڪنگال
ديسي
”قُم يَمشي“ ڪيچ ڏي، پُرس ٿا پَهِين
”اِجلس“ چيوءِ نه اُن کي، اُو ليڙا ڪيئن لئين
پاڻان پنهون نين، ساٿيڙا شريف چئي.
”قُم يمشي“ ڪيچ ڏي، اِئين اُتائون
”اِجلس“ چيوءِ اُن کي، ٻڌي ٻئي ٻانهون
هوند نه ڇڏيائون، ستي توکي سسئي!
”قُم يَمشِي“ ڪيچ ڏي، واريائون وائي
”اِجلس“ چيوءِ اُن کي، تن جتن کي جائي
توڏن تکائي، اُن واڳن هٿ (نه) واريا.
”اَنتَ آميشِ فِي الطّلُوع“ روشن ٿيو روز
”قُل سِيرُ وافِي الارض فَانظُروا“ اٿي هل آمروزُ
مُشاهدو شب روز، پُر ته ڏسين پيچرو.
”اَنتَ اَمشِ فِي الطّلُوع“ صبح ٿيو صافُ
”رُح طريقَتہَ الحملين“ اُٿي ڪر انصاف
مرحبا مُصحافُ، پڙهندي وڃ پنهونءَ ڏي.
”اَنتَ اَمشِ في الطلوع“ اُٿي ساٿُ سنڀار
”النومُ اَخُ الموت“ ننڊ ڦٽي ڪر نار
”حتّى يَلِجُ الجَمَل في سم الخياط“ ڪر هاڪهي مار
وڃڻ کي وسار، وهه مَ ويرم ٿي ٿئي.
وهه مَ ويرم ٿي ٿئي، هاڙهي هل مَ هاڻ
سيڻن ساڻ، شريف چئي، ڪهي وجهه م ڪاڻ
اندر روح رهاڻ، پيهي ڪر پنهونءَ سين.
ڇيڙي وڌا ڇپرين، سي وڳ ٻاروچن
دَمُ دميا ڪينڪي، ڪرها ڪيچيئڙن
ساجهر ساٿيڙن، ڏٺا وڻ ڪوهيار جا.
ساجهر ساٿ سنجهي، پنهون نيو پاڻ سين
مادر مون کي ماريو، ڏُهلي ڏينهن ڏنجهي
هاڻي هيئن ڪجي، روئجي رت ڀنڀور ۾.
ساجهر هليا ساٿ، آيل ٻاروچن جا
ويڙا ويڙ ولات، پنهون وٺي پاڻ سين
وريا ويڙ وَهن، ٻاروچا ڀنڀور مان
جهليا تان نه رهن، ڪا جا مَين من ۾[4].
لَڪِي تو ڀر لِک، ڪي ٻاروچا ڀرميا!
مون کان ويا رِڪِّ، جهلي تو نه پَهايا!
رٺو وڃي رُٺ، ٻاروچو ڀنڀور مان
وڻ ٻري هوت لئي، کامي ٿيا بٺ
ڀريو مٽيءَ مٺ، ويٺي رهه وسايان
ڦَٽي ڦَٽِي ڦٽ، ڏکيءَ ڏونگر ڏوريا
سسئي ٻاروچن جا، هاڙهي پڇي هٽ
جتن جي لاءِ جهٽ، ڏوري ڀڻان ڏونگرين.
جتن لاءِ جاباڻ، ڏکيءَ ڏونگر ڏوريا
پنهون ڏيکاري پاڻ، ويو لتاڙي لڪيون
جتن لاءِ جَڙي، سور ٻڌائين سندرو
بره مانگ مڙهي، هاڙهي هلي هوت ڏي.
وندر جي ورن ۾، جهاٽي ڪر جهاٽ
شترن ڌڻي، شريف چئي، توکي ڪندا واٽ
نوري ڏسندينءَ لاٽ، هاڙهي هوتاڻين جي.
وندر جي ورن ۾، واري وجهه وائوٺ
ڏکي ڏورج ڏونگرين، جوٽون پِٽي جوٽ
توکي ڪندا ڪوٺ، ٻاروچا ٻاجهه پئي.
واري وجهه وڙال، وندر جي ورن ۾
هاڙهي پنڌ محال، تان ڪي ڏورج ڏونگرين.
واري وجهه ويراڳ، ٻانڀڻ ٻاروچن لئي
تنهنجو ٿيندو سانگ، ساٿين ساڻ، شريف چئي.
وري ٿيءُ ويڳاڻي، ٻانڀڻ ٻاروچن لئي
آهيين نماڻي، ساٿُ ملندوءِ، شريف چئي.
واري واري مون، پڇيا ور وندر جا
ويڙا ڏاڍيءَ ڀُون، پير نه لڳو اوٺيين.
واري واري مون، پڇيا ساٿ سڄڻ جا
ڪيچ اڻانگي ڀون، جت نه اورئين ڏيهڙي.
واري واري مون، جهُڙيون نهاريون جتن لئي
ڪيچ اُبتي ڀُون، وانئُٺِيُمِ ويا نڪري.
واري واري ٻڌ، سوراتي سندرو
”وَفِي اَنفُسڪُم اَفَلاتَبصِرُن“ ڏس نائي ڪنڌ
مارڳ آهي پنڌ، پڇڻ هوت پنهونءَ جو.
مارڳ منڌ مَيَن جي، ڇپر پيئي هُوءِ
پسندي هوت پنهونءَ کي، اکين وري روءِ
جت اُجاري جُوءِ، ڪامل اچي ڪيچ مان.
جانب وٺي جت، وارئو ويڙا ويڙهه ڏي
هاڙهي کڻي هٿ، رونديسانِ رت ڦڙا.
مَن مُناظِرو ڪري، ڏونگر ڏوريائين
”اَلعِشقُ لاحِجَابُ اللهِ“ لِيا لاٿائين
سڄڻ ساريائين، رتي ڏينهن، شريف چئي.
رتي ميڙائو، ٻانڀڻ ٻاروچن جو
پاڻان ڦوڙائو، ملندي ساٿ، شريف چئي
[5]
ناگہ ڪري نِڌانُ، پُريِ ڏٺائين پيچرو
بره جو بيان، حل ڪيائين هوت کان.
ناگہ ڪري نگاه، پري ڏٺائين پيچرو
وڃي لتاڙيو لاه، چڙهيو مٿي چوٽيين.
ناگہ ڪري نياز، پري ڏٺائين پيچرو
عشق جو انداز، حل ڪيائين هوت کان.
ناگہ نظارا، پُريِ ڏٺائين پيچرو
آئي اوڇنگارا، منجهان بَرَ بُڪاءَ جي.
منجهان برَ بُڪاءَ جو، اچي ٿو آواز
جتن جو جمازُ، اوٺي ڏٺائين اوچتو.
اوٺي ڏٺائين اوچتو، لَلو ليڙي ساڻَ
پَريَٽ کي پرياڻَ، پيو ڄامَ پنهونءَ جو.
اوٺي ڏٺائين اوچتو، للو سان ليڙي
جتن سان جهيڙي، کڻيو پير پنهونءَ ڏي.
کڻيو پير پنهونءَ ڏي، پياديِ پُري
مٿي هانو هُري، وَرُ وسريس ڪينيڪي.
کڻيو پير پنهونءَ ڏي، پُريو ڪڍي پار
ساجن ميڙ ستار، سبب ساڻ ستيءَ کي.
سبب ساڻ سُتِيءَ کي، موليٰ محب ملاءِ
سڪ پريان جي ساءِ، ڪمر ڪشي ڪوڏ مان.
ڪمر ڪشي ڪوڏ مان، وانڪِبو کڻي وک
تاڻي منجهان تک، ڪيچي پڇي قافلا.
ڪمر ڪشي ڪوڏ مان، جلدي ڪري جوءِ
ساٿين ڪاڻ، شريف چئي، رت وَرَنو روءِ
پانڌين پيرين پوءِ، ڪيچي پڇي قافلا.
ڪمر ڪشي ڪوڏ مان، روئي رت ورن
زودِي ڪري زن، ويندو هوت ورائيو.
بُروٿيءُ بيدار، سنڀر ته رسين ساٿ کي
وڃي ڪهندو قافلو، ننڊ ڦٽي ڪر نار
”اَري اليَومَ ڪَنہُ مَساحالِي بِدُونہ“ نمي
پيرنهار
پڇ صراط سرواڻن جي، اُٺن ڏي اُلنگار
ٿي هيڪاندي هونگار، ڪرها ڪيچ ڌڻين جا.
”بُرو بازُ بِرفتَہ“ ٿي هلڻ تي هوشيارُ
ڏيئي باهه ڀنڀور کي، ساريائين سينگارُ
”يُحرقُ مَا سِوي الله“ ٿي آندائين اعتبارُ
محبت جو مدارُ، سڀ کنيائين سر تي.
ڪرها ڪاهي هليا، مَين پيئي مامَ
سسئي جن جي سامَ، هاڻو سيئي هوت ٿيا.
ڪري ڪَہ ڪوهيار ڏي، اوٺي هليا اڄ
سيڻن ساڻ سهڄ، ڪامڻ تو ڪونه ڪيو.
ڪرها ڪهي ڪيچ ڏي، اوٺي هليا اڄ
سمهيو تونَ سوير، نڀاڳي ننڊون ڪرين.
نينهن جني جو ننڊ سان، تن کان پري پنڌ
ساٿين ري، شريف چئي، هيءُ نه تنهنجو هنڌ
”اِهدِ نالصّراطَ المُستُقِيمَ“ روحي ڏسج رندُ
ڪاٽي رکج ڪنڌ، پرچائي پنهونءَ کي.
نينهن جني جو ننڊ سان، طعنو لڳي تن
اصل اسارن کان، سُتيِ ساٿ وڃن
پياديون پنهونءَ کي، پرهَ ڪيئن پهچن
لتاڙيو لڪن، پرچائي پنهونءَ کي.
نينهن جني جو ننڊ سان، سي پنڌان رهيون پوءِ
پره ٿيون پياديون، هوتُ نه جن سان هوءِ
جتن ڪارڻ جوءِ، ڪري پنڌ پهاڙ تي.
جيڏيون ٿيو جهلين، وجِهن پل پنهونءَ کان
پاڙيچيون پلين، وڃ مَ هاڙهي هيڪلي!
جيڏيون جهليو پليو، سرتيون سمجهائين
آڏا ڏونگر لڪيون، اڻانگا آهين
ويٺا واجهائين، مرون ان مارڳ تي.
آءٌ نه ورندي ور ري، پاڙيچيون مَ پليو
سرتيون منهنجو ساٿ سان، وڃي هوت هليو
جيڏيون ڪيمَ جهليو، آءٌ وينديس ورنديس ڪينڪي.
آءٌ نه ورندي ور ري، آئين وريتيون ورو
پنهونءَ جي پريت جو، پيان ڪونه پرو
جي هوند پيتان جت سان، منجهان سِڪ سَرو
پڇيان ڪون شرعو، ڪِيان منهن محبوب ڏي.
ڪِيان منهن محبوب ڏي، جي محبت هئان من
جن کي حب حبيب جي، سي جهليون تان نه رهن
”وهُو معڪُم اَينماڪُنتمَ“ انهي پار پُرن
سک نه سمهن، شريف چئي، مٿي ڪوه ڪَهَنِ
جي پنهون ڄام پڇن، سي مون جيئن پون مامري.
مون جيئن پون مامري، ماٺ نه ڪن مٺيون
مٿي قاف ڪٺيون، ڪَهن ڪُرڪن ڪينڪي.
مون جيئن پون مامري، ڪهن مٿي ڪوه
اندر هن اندوه، سدا رهن سور ۾.
سدا رهن سور ۾، سک نه ڪن سرتيون
پرور کي پرتيون، بِرو هاڻ ڀنڀور ڏي.
|