137. هڏ نه رکيئي هوت سان، محبت جو مثقال
توکي نشو ننڊ جو، خام خمار خيال
بوتن ڪاڻ بر ۾، پاڻ نه ڪيئي پئمال
سندو حسيني حال، آندءِ عزرائيل کان.
138. ڪر توبهه کڻ پير، ويهي رهه مَ ويسلي
سَنبهه پٺ ۾ ساٿ جي، وڃ ته لهين وير
پريٽ ڄام پنهونءَ ريءَ، ڪم ايندءِ هت ڪير
پرين ڇڏ مَ پانهنجو، دانشور دلير
پُڇ سُونهنِ کان سير، مٿان لوڪ لنگهڻ جو.
139. ڪر توبهه ٿيءُ تيار، ويهي رهه مَ ويسلي
ته لِيلان جان نه لڄائيين، هٿ ۾ کڻي هار
سُتي تو کان ساٿ نيئون، ڀنيءَ ڀيڄ ڀتار
پُرُ ته پنهونءَ کي رسين، اٿي اِستغفار
ساڻي ٿيندءِ سڃ ۾، صاحب رب ستار
”تيرهيو“ چئي تڪرار، دوست ڏسندينءَ دل سان.
140. دوست ڏسندينءَ دل سان، در اندر داناءُ
وؤڙج تون وجود کي، چِت ۾ رکي چاهه
پنهون هڪ پساهه، پرين پري ناهه ڪِي.
141. پرين پري ناهه ڪي، اکين کان اوڏو
ويٺو آهي وچ ۾، گڏ ڪيو گوڏو
لرز مَ کاءُ لوڏو، پيهه ته پسين پاڻ ۾.
142. پرين پري ناهه ڪي، اوڏو کان ارواح
”و نحن اقرب اِليہ من حبل الوريد“ سخن حق صحاح
سمجهه ايءَ صلاح، عشق جي اظهار جي.
143. عشق جي اظهار جي، خبر نه ٿَئِي کوٽي
”يحرق ما سوالله“ ٿي محبت ۾ موٽي
ڪڍي ڪاڇوٽي، وري وندر وؤڙ تون.
144. عشق جي اظهار جي، خبر نه ٿَئِي خام
مور نه پروڙينِ موڳيون، سندي ميَن مام
پڙهندا وڃن پريت کي، معلم علم علام
جَت مَٽي ويا جُوءِ ڏي، ڪرهن هڻي ڪام
”ڪل شيءِ يرجع الى اصلہ“ اها سڌ نه عام
”تيرهيا“ ڏس تنزيل ۾، آهن اي الهام
مٿي تنهن ملام، جا نه رڙهندي راهه ۾.
145. جا نه رڙهندي راهه ۾، مٿي تنهن طعنو
کڻ برهمڻ برهه جو، بر سر بارانو
متان ڇني ڇڏئين جتن يارانو
ته سڏ ٿئي سمانو، آتڻ ۾ آجي ٿئين.
146. جانه رڙهندي راهه ۾، مٿي تنهن تهمت
باري بار برهه جو کڻن مُهائين مهمت
رهن همشہ حال ۾ بانڪا با حشمت
ڪر تون هاڻ همت، ته آتڻ ۾ آجي ٿئين.
147. جا نه رڙهندي راهه ۾، سا نِست چئبي نار
ٻڌي سندرو سڪ جو اُٺن ڏي الڪار
محبت جو مچ ٻار، ويهه وسامي ڪيم ڪي.
148. ويهه وسامي ڪي، ڪر هلڻ جي هاڻي
يوسف زليخان ڳڌو نقد وٺي ناڻي
هوت هلندي جو ڪيو، ماري تنهن ماڻي
پيڙيائين پساهه کي، گهُٽي منجهه گهاڻي
ٿاڪ مٿي ٿاڻي، واري وَر وَروڙ تون.
149. واري ور وروڙ تون، وارُو ٿي واري
وسائج وندر جي وارن ۾ واري
مر ته پويئي منهن ۾، واٽن جي واري
هاڻي تو واري، هلڻ تي هوشيار ٿي.
150. واري ور وروڙ تون، گهورِي ٿي گهورِي
پنهونءَ ڪارڻ پٻ ۾ مرين تان گهوري
دنيا ساري دوست ري، گهڻي سان گهوري
گهر ڇڏي گهوري، هلڻ تي هوشيار ٿي.
151. واري ور وروڙ تون، ڏونگر ٿي ڏوري
جيڏي جاڙ جتن ڪئي، ڏسي برهمڻ ڀوري
هاڙهو هنگلور لنگهيا، هوت ڪري هوري
”تيرهيو“ چئي، توڏن جا گهَٽ وٺج گهوري
ڇپر ۾ ڇوري، هلڻ تي هوشيار ٿي.
152. هلڻ تي هوشيار ٿي، رند وٺي راهي
پيادين کي پرديس ۾ ور ٿيو واهي
پنهون پَراهي، سيج چاڙهيندئي سسئي.
153. ستي سنگهر پٽيين، سسئي سيج چڙهي
پنهون آيو ڪيچ مان، هڻي اُٺ اَڙي
ساڻي ٿيس سڃ ۾ ٻاروچو ٻڙي
جيڏيون جانب جت سان، هيس جيءَ جڙي
جڏهن ڪرم ڪِي ڪڙي، تڏهن ”تيرهيا“
هٿون هٿان ڳِڌي.
154. ساٿي سنگهر پَٽيين، سڃاتائين سيڻ
نرم ٿي نياز سان، مِهري ڳنان ميڻ
ڏي نه وراڻِي ويڻ، اڳيان آريچن جي.
155. ساٿي سنگهر پٽيين، سڃاتائين سرخيل
اوٺي اٻاجها هئا، اڻانگا اڻڳيلَ
چرن اُت چنبيل، ڏٺا ڏونگر وٽ ۾.
156. ڏٺا ڏونگر وٽ ۾، وڃي پياديءَ پير
سونهان ٿيس سير، سَنئان اُن صِراط ۾.
وائي 11.
جڙ منهنجي وو جيڏيون، اَلا هوتن ساڻ هئي
1.
جهلي پلي نه رهي، چُڪيس سڀ چئي
2.
ڪڏهن ڪيائين ڪانڪا، دوستن ساڻ دُئي
3.
وڃي ٿي وڻڪار ڏي سرتين ڳالهه سُئي
4.
”تيرهيا“ تکي تؤنک ۾، ملڻ ڪاڻ مُئي
وائي 12.
پيرين پنڌ ڪري، اي هوتا! لتاڙي لڪن کي
1.
ڪيائين ڪهه ڪوهيار ڏي، واري تان نه وري
2.
راتو ڏينهان رندن تي واڌو وک ڀري
3.
سک ٿي سمهي ڪينڪي پاسو پٽ ڌري
4.
عشق آريءَ ڄام جي، آندي منجهه اَري
5.
”تيرهيا“ ترسئو نه سگهي، مٿي دڳ دري
وائي 13.
پڄاڻا پرين، اوجاڳا اکڙين کي
جيڏيون ٿيڙا جي، حال منهنجا هي
1.
ستي لوڪ سنباهيا، ڪرها ڪيچ ڌڻين
2.
راتو ڏينهن رڙيون ڪري، مٿي راهه رندن
3.
ڏسان وڻ وڻڪار جا، چڙهي تان چوٽين
4.
ڪنهن پَرَ رسان قافلي، نهاري ناقن
5.
”تيرهيا“ وڃي ترسيا، ساٿي منجهه سنگهرن.
وائي 14.
ڪوهيارو سان ڪا جا، منهنجي من جي ڳالهڙي
1.
سرتيون سلتم ڪينڪي، سور سلايم سا جا
2.
ورهَ مون سان وٽَ وراهي، ڏاگهن ڏنم ڏاجا
3.
ساٿي مون سان ڪين سڱيڻا، اوٺي هئڙا آجا
4.
لڳڙا پير پهاڙ تي، ”تيرهيا“ ڏٺم تاجا.
***
معذوري
داستان پهريون
157. هلي تان هور لهي، وهي تان وماس
ڪامڻ سندو ڪيچيين، ڪيو ڪونه قياس
اُٺن ري آساس، اَچي نه اَساريءَ کي.
158. اچي نه اساريءَ کي، اٺن ريءَ آرامُ
ساريو سرواڻن کي، منڌ ڪري ماتام
وٺي نه واري واٽ ۾، ساٿين ريءَ سلام
”تيرهيا“ ڏس تمام، مٿي قاف ڪَهُون ڪري.
159. مٿي قاف ڪهون ڪري، پُريو ڪڍي پارَ
رئاڙي روجهن کي، ڏونگر وجهي ڏار
”تيرهيا“ آهه توار، تنهين کي توڏن جي.
160. مٿي قاف ڪهون ڪري، پُريو کڻي پير
سونهان ٿيس سير، سندا سَنگهر پٽيين.
161. پريو پاڳوڙا جهلي، روئي وٺيو راهَ
پياديءَ پنهونءَ لَئي، قاف اندر ڪي ڪاه
ڪري پنڌ پهاڙ تي، پورا ٿيس پساه
آري لڳ الله، ورج ويچاريءَ تي.
162. پريو پاڳوڙا جهلي، روئي ڪري ريهون
ڪيو آهه عشق جي، واڍوڙيين ويهون
ڪوهه مٿي ڪيهون، ڪامڻ ڪيون ڪانڌلئي.
163. ڪامڻ ڪيون ڪانڌلئي، روهن منجهه رڙيون
سنجهي ساٿي هليا، هڻي اٺن کي اڙيون
اکيون اوهيرا ڪري، ٿيون ڇڏي خواب کڙيون
توڏن پٺيءَ تڙيون، کايو گهاٽن تان چڙهي.
164. کايو گهاٽن تان چڙهي، ڏئي تونگن ۾ تاڙون
”تيرهيا“ ترسي ڪينڪي، سيڻن جي ساڙون
جتن ڪيون جاڙون، سڻي ذات ضعيف جي.
165. سڻي ذات ضعيف جي، ڏمر ڪيو ڏيرن
ڇڏي شرم سڌاريا، مدي ڪي ميرن
پره ڦٽيءَ پيرن، وڃي ٿي وڻڪار ڏي.
166. سڻي ذات ضعيف جي، ساٿي شرمايا
پائي پاند ڳچيءَ ۾، پريٽ پرچايا
سنجهي سڌايا ويڙهيين ورميا ڪينڪي.
167. ويڙهيين ورميا ڪينڪي، ور وٺي ٿيا واٽ
آڌيءَ رات اٿي ڪري، ڪاهيائون ڪنواٽ
گڏجي ويا گس سان، ليڙا منجهه لڙاٽ
اکين کي اساٽ، آهي اُن اُٺن جي.
168. آهي ان اٺن جي، اندر مون کي آڳ
ڀرن وڏي ڀاڳ، ڀرميا جي نه ڀنڀور ۾.
169. ڀرميا جي نه ڀنڀور ۾، ساٿي پڇان سي
جيڏي جاڙ ڪري، پنهون نيائون پاڻ سان.
170. پنهون نيائون پاڻ سان، جاڙ ڪري جيڏي
ڏيرن ڏاڍائي ڪئي، ڪامڻ سان ڪيڏي
هوت هلان هيڏي، جڳائي نه ضعيف تي.
171. جڳائي نه ضعيف تي، زوراور زوري
نئو نماڻي پاڻ سان، نڌر ندوري
پلئه لڳي پارهو، ڇپر ۾ ڇوري
جهڪن جا جهوري، سائي نئو سنگ ۾.
داستان 2.
172. پڇيو ڄام پنهونءَ جو، وجهي وک وڏي
مٿي راهه رڙيون ڪري، جتن ريءَ جڏي
مين تي مڏي، ڪرها ڪڻڪن ڪينڪي.
173. پڇيو ڄام پنهونءَ جو، وس ڪري واڪا
لڳيس لئون ليڙن جي، جيءَ اندر جا ڪا
سڀيئي ڀانئي سولا، ڏونگر جا ڏاڪا
نهاري نوڻين ۾، نهرون ۽ ناڪا
ساٿين ريءَ سا ڪا، ترسندي ”تيرهيو“ چئي.
174. پڇيو ڄام پنهونءَ جو، واڪا ڪري وس
نهاري نوڻين ۾، سندا گؤنرن گس
ڏونگر ڏنس ڏس، اٺن اوٺيڙن جا.
175. پڇيو ڄام پنهونءَ جو، هلي ساڻ همت
پياديءَ کي پنڌ جي، حق ڏني حشمت
برهه جي برڪت، سونهين ٿي صراط ۾.
176. سونهين ٿي صراط ۾، پنڌ ڇڏيائين پوءِ
لنگهي ويئي لڪيون، هئي جريدي جوءِ
”مَن طَلَبَ شَيئاَ جَدّوَجَدَ“ عليءَ شاه اُتوءِ
آسرو الفاظ جو، هنيين تي هيءُ هوءِ
توڙ رسنديهين توءِ، پري پير پنهونءَ جي.
177. سونهين ٿي صراط ۾، مٿي راهه روان
هلي هاڙهي هوت ڏي، عشق ڪري اڳوان
درد جو ديوان، پڙهيائين پنهونءَ کان.
178. سونهين ٿي صراط ۾، هادي ٿئس همراه
”وَ اِنّالَہ لَحافِظُونَ“ حافظ جن الله
آهي آريءَ ڄام جو، اصل ايءُ آگاه
پري ناهه پساه، ساهان اوڏو سپرين.
179. ساهان اوڏو سپرين، پسڻ کان پري
جت اڳاهين جوءِ ۾، پڇج پير ڀري
سرتين کي سري، تو نه سرندي ساٿ ري.
180. تو نه سرندي ساٿ ري، ٻنڌ سندرو سنجهيئي
سرتيون ڀانئين سک ۾، سياڻيون سڀيئي
اڃان اٿيئي، پري پنڌ پهاڙ جو.
حسيني
181. پَريَٽ ڄام پنهونءَ لئي، اُڀي اوساري
ڪٺي ڪوهياري، ڏيئي فرق فراق جو.
182. پريٽ ڄام پنهونءَ لئي موٽي ڪيم ماتام
هوتاڻي حمام، مچ مچائي هليو.
183. پريٽ ڄام پنهونءَ لئي، روئي راتو ڏينهن
ڪئي نماڻي نينهن، ورهه وِلهوٽِي جيڏيون.
184. پريٽ ڄام پنهونءَ لئي، مٿي قاف ڪهي
روهن منجهه رهي، سور کنيائين سر تي.
185. ساٿي ٿيا سور، برهمڻ سانبر ۾
ڪامڻ ڪِيا ڪلور، رائو رڱي رت سان.
186. ڪهي ڪاهو ڪاهه، ويهو وسامي ڪنيڪي
روئي مٿي راهه، هئي هئي ڪيو هوت لئي.
187. ڪري ڪيئن خموش، جنهن کي آڳ اندر ۾
بَرين ٿي بيهوش، پاڻ هڻي سر پاهڻين.
188. ڪري ڪيئن آرام، جنهن کي آڳ اندر ۾
پرين ڪيو بسرام، پاڻ هڻي سر پاهڻين.
189. ڪري ڪيئن قصور، جنهن کي باهه برهه جي
سلام ۽ سجود، ويهي ڪيائين نه واٽ ۾.
190. وِهي تان پَئي وير، هلي تان پڻ هيڪلي
ڪوهياري سان ڪير، ڪندو حال حزين جو.
191. وهي تان سواس، هلي تان پڻ هيڪلي
ٿيس انگن تي آماس، ڪيئن چڙهي چاڙهيڪن تان.
192. وهي تان ويچار، هلي تان پڻ هيڪلي
ڪري ڪيئن قرار، چڙهيو وڃي چوٽئين.
193. بيٺي کڻي بار، ڪريو بُڪاءُ برن ۾
ڪهندي وڃي ڪيچ ڏي گربي جي گفتار
مٿس ميگهه ملهار، برهه بارانا ڪيا.
194. سور وسايائين سر تي، جيئن وسن واسي مينهن
ڪي نماڻي نينهن، حسيني جي حال ۾.
195. سُور وسايائين سر تي، جيئن پِرهه جا پارا
ڪپڙا ڪيائين ڪارا، حسيني جي حال ۾.
196. سور وسايائين سر تي، جهولن جهڪاٽي
لُڪن لوساٽي، حسيني جي حال ۾.
197. للا! منجهه لڙاٽ، بُٺي ڏسجي بر ۾
ويهه مٿي هن واٽ، ته زيارت ڪريون لوڙهه جي.
198. للا! لالائي، بَرَ ۾ ڏس بُٺيءَ جي
وري واڌائي، اسين گڏياسين سڄڻين.
199. للا! ليڙو وار، ڪاهي رس تون ڪيچ کي
دوساڻي درٻار، اسان ڏٺي اتهين.
200. اسان ميڙائو ٿيو، تون ڪج ڪيچ خبر
اصغر ۽ اڪبر، چئج سلام سڀن کي.
201. للي ڏٺو لال، گهوٽ گهڙندو گهر ۾
اٿي استقبال، سسئي ڪيو شوق سان.
202. ڀلي آئين شام کان، ساٿين جا سردار
پسي پيشاني تو سندي، کڙيا کٽڻهار
”تيرهيا“ ڪر تنوار، ڪلمي سندي قلب ۾.
203. ڪشالا ڪہ قاف تي، ڪيچين ڪاڻ ڪيام
ويڙهي سور ويام، ڏکن ڏيل ڏهيون ڪيو.
204. جبل جهونگاري، ڪريو آهه عشق جي
ڦوڙائي فراق ۾، ٻانڀڻ ٻاڪاري
ماري مونجهاري، سا ڪيئن وهي سک سان.
205. روئي ٿي رندن تي، جت وڃايو جوءِ
ساريو ساٿيڙن جا، پير کڻي ٿي پوءِ
هڏ نه ڪنهن کي چوءِ، حال پنهنجو هوت ري.
206. هوت پڄاڻا هاڻ، وهي ڪيئن ڀنڀور ۾
ساري سرواڻن جي، راتو ڏينهن رهاڻ
ڪڏهن پوي ڪام ڪا، ڪوهيارل سان ڪاڻ
پهچان ڪنهن پرياڻ، مٿي واٽ وندر جي.
207. مٿي واٽ وندر جي، گنگن سندا گس
جهاڳي جبل لنگهئا، ليڙا طرف لس
ڏونگر ڏنا ڏس، دلاسا دلگير کي.
وائي 15.
ٿلهه: ڏيئي وئڙا ڏير، وئڙا ڏير، تازو سور سرير کي
1.
سنجهي ستيس سک ٿي، پرهه پڇايان پير
2.
ڪيچين ڪرها ڪاهيا، ڀينر ڀنيءَ ڀير
3.
چڙهيا ڏاڍي ڏونگرين، اوٺي کائي اُلير
4.
پيادي پنهونءَ کي ڪهي رسندي ڪير
5.
”تيرهيا“ توڏن جا وڃيو گهٽ نهاريان گهير
|