سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: شاهه شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو

صفحو :6

وائي 22.

اوڏا ڪِي اوڏا، پکا ڄام پنهونءَ جا

چڙهي چنجين چوٽئين، گاذر ڏيو گوڏا

هوت هندورا ڀانئيان، لڪن جا لوڏا

ڇوري ڇپر وٽ ۾، توارن توڏا

ويا ويچاريءَ کي، رڙائي روڏا

ساٿيڙا، شريف چئي، الله آڻ اوڏا

وائي 23.

توکي سڌ نه سور سنديام، توکي ڪل نه حال سنديام

جيجل! ڇو مون جهليين

وهڻ مون نه وس ٿيو، نائُڪ نينهن لڳيام

محبت سندا من ۾، مادر مچ متام

اندر آتش عشق جي، بره باه ٻريام

دلبر جي درد جا، دل تي دونهن دکيام

ساٿيڙا، شريف چئي، ڪيچي قاف ويام

وائي 24.

مادر موڙ ٻڌام، سهرا سور ٻڌام

ٿيس جوڳياڻي جڳ ۾

ٻنڌڻ ٻاروچن جا، پِينگهي منجهه پيام

لڏي لوڏ لڪن ۾، سرجي ساٿ ڏٺام

چڙهي ڏاڍي ڏونگرين، ڪيچي قاف ويام

ساٿين جا شريف چئي، ڏوري ڏيہ ڏٺام

وائي 25.

اي ميان هوت هوتاڻي، نجاه نماڻي پاڻ سان

ڇوري ڇڏيو مَ چپرين، پورهيت پازياڻي

وائي 26.

ٻاروچا اچو شال، ڪوهيارا اچو شال

هوتا ڀنڀور ۾

ڏوري آهيان ڏونگرين، جتن جي جمال

اُٺن اوٺيڙن کي، پيرين هئڙا نال

هلي منڌ ڀنڀور مان، واڍوڙي وصال

وندر جي وڻن ۾، ويٺي وجهي فال

سسئي سنگهر پٽيين، جهُولي پيئي زال

ساٿ پڄاڻا، شريف چئي، ٻانڀڻ آيا حال

 

وائي 27.

مادر ماءَ اُتوس، موٽي اينداءِ ڀنڀور ۾

ڳالهين ڳارانجها ڪري، جهوري جبل وڌوس

ره ۾ راماڻا ڪري، رائي رَڱُ رتوس

چڙهي ڏاڍي ڏونگرين، روندي لڪ لنگهيوس

ونهه رات، شريف چئي، ڪيچي قاف وهيوس

وائي 28.

هاڻُو هاڻُو هُئڙا هوت، ڦُري وئا فقير کي

مون مُٺيءَ کي جيڏيون، گهائي ويا گهوٽ

چڙهندي ڏاڍي ڏونگرين، مادر ماريس موت

وائي 29.

رويو رويو رتو رنائين، سسئي ڪيچ وڻن ۾

ڇپر اوتارا ڪري، وڻ وڻ پنهون پڇيائين

آرياڻيءَ جي عشق ۾، ڳل ڳل ڳوڙها ڳاڙيائين

پاڻ وڌائين مامري، جتن سان سڱ ڪيائين

وائي 30.

ڪيچ وڃي چئجا، ڪيچ وڃي ڪهجا

ههڙو حال حزين جو، هوت حبيب کي

پانڌي پنهونءَ ڄام کي، ائين ڪو عرض ڪجا

موٽي مون محتاج تي، آرياڻي اچيجا

ڏاگهن ۽ ڏيرن کي، پيرين ائين پئجا

وائي 31.

پڇنديان جو رنگ محلان، مئن تان روءِ روءِ روءِ

1. سيڄ ستي مينُون آرام نه آيا، بره بلوچ دي مينون رايا

نال محبت دي هوءِ هوءِ

2. عاشق دي در وچ عشق جو آيا، لحم لوهو سڀ جوش جلايا

وحدت دي وچ ووءِ ووءِ

3. دلڙي اساڏي جنهن لٽ نيتي، آکي شريف، تنهن سو گهي ڪيتي

سير اساڏا سوءِ سوءِ

وائي 32.

ول ايشان ول ايشان، عندي جو عند بيا، اي نزد من بيا

مون ٿي ڪيا سڏ ٻاروچن کي، اين شد آزان آرام

نينهن پنهل دي اکيان جو لايا

وائي 33.

چٽو چيائون مون، صحيح سڃاتوسون

الست بربڪم قالوا بليٰ، تن ۾ تونهين تون

وائي 34.

سڱ نه سياڪو، ٻانڀڻ ٻاروچن سان.

سرجندي سورن جو، چکيم چئاڪو

آڻي لايو اوچتو، عشق آلاڪو

اديون آريچن ري، آيم اولاڪو

ڪنديس ڪيچاين لئي، وندر ۾ واڪو

چڙهي چنجين چوٽئين، ڏونگر ڪونهي ڏاڪو

ساٿين ڪاڻ، شريف چئي، وس ڪندي واڪو

وائي 35.

برهمڻ کي ڏجاهَ، سرواڻي ساٿ جي

ائين جي وڃو اوٺيا، ڪيچي ڪرم ڪجاهُ

پنهون پورهيت پانهنجي نال نماڻي نجاهُ

اڱڻ عجيبن جي، نينهن نياپو ڏجاهُ

پانڌي پنهونءَ ڄام کي، ائين ڪو عرض ڪجاهُ

وائي 36.

هنيڙي اندر هوري هوري، جيجان آه جتن جي

ڪين سڃاتم سپرين، ڀلي وييس ڀوري

ستي ساٿ پلاڻيو، چانگن ڪيڙي چوري

ويندي ورندي ڪينڪي، ڏونگر ٿيندي ڏوري

ساٿين ڪاڻ، شريف چئي، گهورون ٿينديس گهوري

وائي 37.

ڏسان ڏونگر ڏوري ڏوري، پسان پير پنهونءَ جا

ڪاهي ڪيچي هليا، چوريءَ چانگا چوري چوري

ووڙينديس وڻڪار ۾، گهوري ٿينديس گهوري گهوري

ڳالهيون ڪنديس ڳجهيون، آريءَ سان اوري اوري

لَحمُ لڱين نه چڙهي، ماسو ماس نه موري موري

شُترن ساڻ، شريف چئي، ميڙٿَڪي ڪنهن ٿوري ٿوري

بره

هوءِ ڀي هئا آڙَ، مون ڀي آڙ هوتاڻين جي

چڙهي ڏاڍين ڏونگرين، ٻانڀڻ پڇيا تڙ

ڪنين وڌائين ڪڙ، جوڳيڻ ٿي جڳوت ۾.

 

مٿي ڪٺار ڪَٺِي، ٻيڙو اُڇلي ٻانهن مان

ساٿ پڄاڻا، شريف چئي، ٻانڀڻ مئي پٽي

قافلي ڪوهيار جي ڪئڙي ڄٽ ڄٽي

توڻي لٽ لٽي، ته په آهون دانهون هوت لئي.

 

161. آئُڙي اَنگي پير، پنهونءَ جا پرديس ۾

ڏونگريا هئا ڏير، مون ستي ڇڏي هليا.

 

162.  سو په هئا سنگ، آءٌ په ڏورينديس سنگ کي

ٻاروچي ري ننگ، گهوريو منڌ ڀنڀور جو.

 

163. سِهرا هئا سر، برهمڻِ بلوچ جا

ڪيائين ٻَر ٻَر، هلڻ سُڻي هوت جو.

 

164. سِهرا هئا سور، برهمڻِ بلوچ جا

مونکي ماريو گهُور، اديون آريچن جي.

 

165. ووءِ ووءِ واڪو وڙ، برهمڻِ بيراڳ ۾

ڪري ڳالهيون ڪيچ جون، جهونا ٿيڙا جهِڙ

ڪامڻِ جي ڪشال جا هاڙهي آهين پِڙ

پَريِٽِ جي پاٻوه سان، ٿئا کاهوڙي کِڙ

جئن ٻيڙيون کڻن سڙه، تئن ٿي اُهري هوت ڏي[1]

 

166. لُڙيو سڄ لاڪارا ڪري، مٿان لال لڪن

چڙهندي سر چوٽيين، ڇنا پير ڇِپُنِ

مانَ منهينجي ڪاڪَن، وڃي ڪوهيارا ڪيچ ۾.

 

167. لُڙئِو سڄ لاڪارا ڪري، مٿان لال لڪينءَ

آءٌ ڪا ڄاڻان جيڏيون! ته جت هلندا جيئن

ساٿ ساجن جي سيئن، هوند ڏاگها مون ٿي ڏانئيا!

168.  لُڙيو سِڄ لاڪارا ڪري، مٿان لال لڪيءَ لال

جيجان تن جتن جي، جهوني ڪيس جمال

منهنجي مانَ سنڀال، ڪن ڪوهيارا ڪيچ ۾.

 

169. هوتو، نوتو، نوت، هتان هوتاڻي هليا

مون نه نيائون پاڻ سان، ٻانڀڻ هيس نه پوتُ

گهوٽيا وٺي گهوٽ راتوڌو روان ٿيا.

 

170.  هوتو، نوتو، نوٿي، هتان هوتاڻي هليا

چڙهي ڏاڍي ڏونگرين، پڙهندياس پوٿي

ڏسان ڪا روءِ ٿي، مون جيئن ٻاروچل کي.

 

171. ڇِڪ ڇاڪاري هليا، اوري ٽِڪئا ڪينَ

اڳيان آريءَ ڄام جي، روئي هڻندياس سين

ٻاروچو منجهه بِينَ، پنهون ڏِهو پَريٽِ کي.

 

172. ڪڪا اُٺ ڪيچين جا، وڏي بار برينگ

پير اُنِين جا پاتِرا، لِڱين دورَ دَرينگ

ڪنين ڪُرا، چپين چيرا، اُن جا ڪنڌ ڪَرينگ

نهو نماڻي نينگ، شرف ساڻ، شريف چئي.

 

173. ڇِڪ ڇاڪاري هليا، پاڻا ويا پَري [2]

سسئيءَ کي سورن جي، اندر آڳ ٻري

ڪارُون ٿي ڪري، ڪارڻ ڪيچ ڌڻيءَ جي.

 

174. ڇِڪ ڇاڪاريائون ڪينڪي، پاڻا ويا پري [3]

جيحان تن جتن کي، روئان ڪيئن ڪري

هينئڙو ٿو ٻري، مومَنُ ماهه مڱر ٿيو.

 

175. اَنگي چاڙهي انگ تي، ڌوپڻ ڌوتائين

چوتو ٻڌي چيلهه تي، مَنَڻ مَنِيائين

پنهونءَ اُتائين، ته ذات برهمڻ آهيان.

 

176. انگي چاڙهي انگ تي، ڌوپڻ ڌويو ڌوءِ

لڳس ٻاڻ ٻروچ جي، روندي رويو روءِ

ڪا پنهونءَ کي چوءِ، ته ذات برهمڻ آهيان.

 

177. انگي انگ چاڙهي، ڌوٻيڻ ڌوتا ڪپڙا

پنهون وٺي ويا پاڻ سان، ڌاڙيچا ڌاڙي

ڳوڙها ڳل ڳاڙي، هلي منڌ ڀنڀور مان.

 

178. روهان جبل رات، سسئي ڪيچ پڇائيو

پنهونءَ جا پرڀات، پانڌي گڏيس پٻ ۾.

 

179. روهان جبل رَڪ، سسئيءَ ڪيچ پڇائيو

حمايت سان هوت جي، ٻانڀڻ لنگهئو لَڪُ

هاڙهي گڏيس حق، سَرانگوشُ، شريف چئي.

 

180. ساٿي سَرانگوشُ، ملندا توکي، شريف چئي

اُٺ ته آريچن جا، رَه راگارده بِيا ٿيا دوشُ

ٻاروچي افسوشُ، ڇِيرا وجهج ڇپرين.

 

181. مٿي جبل راڱاڻ، روهان چڙهي، شريف چئي

ٻانڀڻ کي ٻروچ جا، ٻاروتڻ ۾ ٻاڻ

اکين ۾ اهڃاڻ، ڪامڻ کي ڪشال جا.

 

182. اکين مٿي انگ، ڪامڻ کي ڪشال جا

ڇڏي سڀئي ننگ، رائي رنائين هوت کي.

 

183. اکين منجهان نينهن، ڪامڻ کي ڪشال جو

هئي هئي ڪيائين ڏينهن، وو وو ڪامڻ واريون

 

184. گَونرا، اُٺ، گِروڪَ، سَرآيد ڏٺائين ساٿ کي

روِان روشان زن بيايد، مٿي جبل اَلوڪ [4]

هَس دو کِيُون هوت لئي، تر گش ٿيڙا ٿوڪَ

جنهورجن جي جهوڪ، سي ملندا توکي، شريف چئي.

 

185. گونرا، اُٺ، گُراڪَ، ڪو مَ ڏٺائين ساٿ کي [5]

چِين چِناره چِيل چر، مٿي جبل مُلاڪ

ڪامڻ کي ڪشال جا، هاڙهي پٽيا طاق

آريءَ جا اولاڪ، ڪره قطاري هليا.

 

186. پٽيون نه پهچن، برهمڻِ بيراڳ کي

لَڪيون لَڪ، شريف چئي، اوري ٿا سڄن

پنهون پڇايو جن، تن آرٽ اولاڻي ڇڏيا.

 

187. ڪرها قطاري، ڪيچي ويا ڪُهقاف ڏي

چڙهيو ڏاڍي ڏونگرين، ٻانڀڻِ ٻاڪاري

سسئيءَ اوساري، روئي هوت رهائيان

 

188. قطاري ڪيچِي، پِره پلاڻي پنڌ ٿيا

جيجان تن جتن کي، شَملا پَسُ پيچِي

هوت پنهونءَ هيچي، مون ڏک ڏيئي ويا ڏيج ۾[6].

 

189. اُٺائي اوٺي، پره پلاڻي پنڌ ٿيا

جيجان تن جتن جي لئون آهيان لوٺِي [7]

مادر! آءٌ موٽي، اينديس ڪين ڀنڀور ۾.

 

190. اُٺ پلاڻيا اوٺيين، ڪرها ڪيچاين

ساجهر ساٿ، شريف چئي، سينگاريا سڀنِ

”اَلَستُ بِرَبّڪُم قالوا بليٰ“ اشارتہ آريچن

چاڙهيا ڏاڍي ڏونگرين سي وڳ ٻاروچنِ

”ڪُل شّيءِ يّرجِعُ اِليٰ اَصلہ“ هونگاريا هوتن

روئِي ڀَر لَڪنِ، مون مادر مينهن وسايا.

 

ڀَر لَڪنِ ليرا، ڏاگها ڏيرَن ڏائيا

ساٿِي سُتا، شريف چئي، پائي پلنگ پيرا

ديسَ پُڇي ديرا، هاڻ هوتاڻين جا.

 

192. ڀَرلَڪن جي لامَ، ڏاگها ڏيرن ڏائيا

سُتي لوڪِ، شريف چئي، مَيَن پيئي مامَ

اُٿي آڌيءَ رات کي، ڪرهن هنيئون ڪامَ

جيجان تن جتن لئِي، ڪاڙهو ڪنديس قيامَ

اديون سڀ اندامَ، ڇيڙي مون ڇپَر ويا.

 

ڏيرن مٿي ڏينهن، اُسَ تڙڪو مَ ٿِئي

والِي ولايت جو، وارث واري مِينهُن

منهنجو آهي نينهُن، پنهونءَ جي پيزارَ سان.

 

194. پنهون جي پيزار تان، منهنجو موت مباحُ

اديون آريءَ ڄام کي اُڪنڊيو ارواحُ

”مَن قَتَلتُہُ وَ اَنا دِيَتُہُ“ آهِم اِيءُ آگاهُ

هيءَ سِسِي ۽ ساهُ، گهوريان گهورَ پنهونءَ تان.

 

ڏير ڏوراڻا آئيا، جي جت اَجوڙا

پنهون نيائون پاڻَ سين، ڪامڻ ڪري ڪوڙا

گهوڙا ڙي گهوڙا، مَرڪب مَهاري هليا.

 

ٿڌيءَ ٿڪي نه وهي، تتيءَ ٿي تاڻي

لتاڙيو لڪن کي رائو رنجاڻي

مَرڪيو مُنڌ ماڻي، پيراندي پنهونءَ جي.

 

ٿڌيءَ ٿڪي نه وهي، تتيءَ ڪري تک

وانڪيو وجهي وک، مٿي پير پنهونءَ جي.

 

ٿڌيءَ ٿڪي نه وهي، تتيءَ ڪري تاڻ

پُڇي پٻ وڻن کي ساٿي ۽ سرواڻ

اَسونهيءَ اُهڃاڻ، ڏيو الله ڪارڻ اوٺيا.

 

ٿڌيءَ ٿڪي نه وهي، تتيءَ ڪري تانگهه

آڌيءَ اُسهيا، شريف چئي، اوٺي هئا اڙانگ

ساٿي ڪن نه سانگ، ويهن ورمن ڪينڪي.

 

ويهن ورمن ڪينڪي، وريو ويڙ وَهن

”ڪُل شَيءِ يَرجِعُ اِليٰ اَصلہِ“ مٿي ڪوه ڪهن

جهليا تان نه رهن، ڪيائون ڪيچ اکين ۾.

 

ويهن ورمن ڪينڪي، ڪَهن ڪاهو ڪاهَ

  ٽڪر تي ٽڪڻ جي ساٿين ڪي نه صلاح

لنگهيو وڃن لاهَ، ڪريو ڪيچ اکين ۾.

 

ويهن ورمن ڪينڪي، ڪهن ڏي ڪوهيارَ

هاڙهو هوتاڻي لنگهيا، ويا ڏي وڻڪار

ڪهي رسيا ڪيچ کي آريءَ جي آڌار

توڏا ڪن توار، پسيو ڄام پنهونءَ کي.

 

203. پسيو ڄامَ پنهونءَ کي، توڏا توارين

حَب هوتاڻي لنگهيا، ڪرها قطارين

وڃيو وندر وٽ ۾ ميا مهارين

”لاتَقنَطُوا مِن رَّحمَتہ الله“ سائين سنڀارين

جي هلن هُونگاريِنَ، پُري تن جي پُٺِ ۾.

 

پسيو ڄام پنهونءَ کي، وجهن وک وڏي

ڪَشي ڪيچِي هليا، مَيَن تي مڏي

وٺيو راه رڙيون ڪري، جتن ريءَ جڏي

ساٿين ساٿ، شريف چئي، سکر ڪين سڏي

ڇوري جن ڇڏي، پُري تن جي پٺ ۾.

 

پري تني جي پٺ ۾، جي هوت هئا هاڻو

  ڪري سڏ ساٿين کي، ساه ٿيس ساڻو

مين ڪيو ماڻو، موٽيا ڪين مريض تي.

 

پري تن جي پٺ ۾، جي ڏنگر ويا ڏير

اُٿيو آڌيءَ رات جو، سُونهنِ پڇي سير

اوٺين ڪي اوير، موٽيا ڪين مريض تي.

 

موٽيا ڪين مريض تي، رائي ڪي رنجور

چڙهيو ڀڃي چوٽيون، چڙهڻ ٿيس چنجور

ملي تسان مهجور، ٿيين رهبر راه ۾.

 

موٽيا ڪين مريض تي، روهن ڪي روهون

لوساٽي لڪن ۾ لڪن ڪي لوهون

قاف چڙهي ڪوهون، ٿيين رهبر راه ۾.

 

موٽيا ڪين مريض تي، رائي ڪي روها

پري پيادي پنڌ ۾، ڇپر ڏي ڇوها

ڏيرن ڪنهن ڏوها، ڇڏي نماڻي ننڊ ۾.

 

موٽيا ڪين مريض تي، رائي ڪي خونريز

اڱڻ آريچن سان ٿي نه اُٿي آويز

پِره پراوا پڙهي، دردن دستاويز

پنهونءَ ڪي پرهيز، ڇڏي نماڻي ننڊ ۾.

 

ڇڏي نماڻي ننڊ ۾، ڪيو اوٺين اُمارو

پلاڻي پنڌ ٿيا، ساٿي سوارو

ڏيئي ڏيکارو، مون سي سور سڃي ويا.

 

ڇڏي نماڻي ننڊ ۾، بوتن ڪي بهير

سندا ڪيچ ڪهير، چانگا چرڻ هليا.

 

اَمڙ تون پڇيج، وانگِي هن جبل ۾

ڪهي ڪيچ چئيج، پٻ پانڌيڙي آهيان.

 

آيا اُتر هير، شامي قافلا شام جا

ڪارا ڪيائين ڪپڙا، رڱي منجهان نير

هاڙهي جا امير، آن ڪي ويندا گڏيا؟

 

رويو پڇائي، شامي ڏسيو قافلا

آن سين ڪو آهي، آريءَ جي اولاد مان؟

 

رويو رتو روءِ، کڻيو پار پنهونءَ جا

جبل جهونگاريو جوءِ، ڪاڏي ويو قافلو؟

 

ادا نيروٽي، ڪارا رڱج ڪپڙا

آهيان آءٌ لوٺي، بري هن ڀنڀور ۾.

 

ڪارا رڱج ڪپڙا، نيروٽي ادا

”اَلقارِعتہُ“ هوت لئي، پڙهيائين ”هَل آتيٰ“

”اِنَّا فَتَحنَا لک فَتحاَ“ ٻانڀڻ ڪي مدعا

روئي ڍڪيائين ردا، آريءَ جي افسوس ۾.


[1]  هن بيت بعد هيٺيون بيت لکيل آهي، جو غالباً ڪنهن ٻئي ”شريف“ جي نالي سان جوڙيو آهي:

گهِر ٿِياس گهِري، جهوني هن جبل جي

 هاڙهو ڳوليندس هوت لئي، پٻ پاهڻ پنڌ پري

  دعا ڪجو، شريف چئي، اچن آريچا وري

 پاڻا ٿيس چري، ڪري منهن ڀنڀور مان.

[2]  اصل، چِڪَ چاڪاري، چِڪ  چاڪاريائون.

[3]  اصل، چِڪَ چاڪاري، چِڪ  چاڪاريائون.

[4]  اصل، رنا روشان

[5]  اصل، گامہ ميشَود ڏٺائين.

[6]  اصل، ”هوت پنهونءَ جا هيچي“

[7]  اصل، لئون فراق لوٺي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org