سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: شاهه شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو

صفحو :30

جيم جلوات جوت جمال زلف دا، وقت ضحى اشراق جيها

آبرو نال انداز ادب دي، اتون ڇٽ هويا لولاڪ جيها

ڳئي غمناڪي دل دي ساري، ڊهيا ور هيري ڪون چاڪ جيها.

 

حي حق دي ڳالهه جنان ڪون حاصل سيئي غير ڌڻدي نه

ذاتي ڪون اثبات ڪريندي نفي اخفا ناسڻدي

اندر قلزم غوطا ڏي ڪر، ماهر موتي چڻدي

”تيرهيا“ وچ درگاه خاوند دي، ڪل اپڻا راڌا لڻدي.

 

خي خام خيال نه دل تي آڻين، غير ڪنون ڪر گوشا

فڪر فنا دا رک اندر وچ تار طلب دا توشا

سمجهه رباني راز نهاني، ”تيرهيا“ ڪون خاموشا.

 

حي حيات حمات نه ٿيوي، مالڪ ملڪ مڪانا

آپي خالق، آپي رازق، آپي سر سبحانا

آپي طالب، آپي مطلب، آپي راز ربانا

آپي قاضي، آپي مفتي، منشي آپ ديوانا

آپي شاه، گدا پي آپي، آپ چه آپ سمانا

مرشد ”شاه شريف“ اساڏا پير علي مولانا.

 

خي خمار اکيان تي چڙهيا، ڏاڍا جوش جلالون

شوق شراب پلايا ماهي، ڀرڪي جام وصالون

خودي ڳئي تين هوئي خدائي، ڳيا حرام حلالون

 ”تيرهيا“ ”شاه شريف“ اسانون ڏتا ڪيف ڪلالون.

 

دال دليلت دور ٿئي، آ درد ڪيتي دستوري

خام خيال زوال سڀيئي، دل ڪنون ٿئي دوري

”تيرهيا“، ”شاه شريف“ اسان نون ڏتا جام ظهوري.

 

ذال زلال اسان نون ڊهيا، پر ڪوثر دا پيالا

نال ماهي دي من اسا ڏي مست ٿيا متوالا

”تيرهيا“ آب حيات آبر دا، جامع جام جلال.

 

ري رفيق اسا ڏا رانجها راول روز ازل دا

نال منجهيان دي چرڪي ويندا، وڏڙي ويلي ولدا

آکي ”تيرهيا“ انگ الستي، لکيا مول نه ٽلدا.

 

زي زلف زنار اسان ڳل پاتا هار ڪيتا هر باري

دل اسا ڏي ڌيرڻ دي، جو ڪٽيان ٻيلي چاري

”تيرهيا“ ماهي نال مليوسي، کڙڪي ندي ڪناري.

 

سين اسا ڏي نال سبب دا والي ورق ولايا

مقصد ساري من دي پنّي کل ڪي يار الايا

”تيرهيا“ ساقي ڪوثر والي پر ڪر جام پلايا.

 

شين شمع رخ روشن هويا، ماه منور ماهي

انگ الستي ايوين لکيا، ڪاغذ قلم سياهي

آکي ”تيرهيا“ نال اسا ڏي، ڪردا بي پرواهي.

 

صاد صابر شاڪر شاه اسا ڏا، ماهي منجهيان نالي

راتيان ڪاليان، ڪنڍيان ڪاليان، جهنگل ٻيلي ڪالي

اکيان آڙاڪي کڙدا رٺا ڪاليان زلفان والي

”تيرهيا“ چاڪ ساقي دي دستئون پيتم جام وصالي.

 

ضاد ضرور ويکڻ دا سانون رانجهي واليان جهو ڪان

جهنگ سيالان، ٻاٻل واليان، مل ڪي ڏيون ٽوڪان

ندي ڪناري ڪٽيان چاري، لا نيڻان ديان نوڪان

وسدي مينهن بره دي بادل، محبت لايان موڪان

”تيرهيا“ ماهي ميڪون مليا، ڪيا ڪريسن لوڪان.

 

طوئي طہ نام تيڏا، وچ عالم دي اظهاري

”اِنا فتحنا“ امت دي تيڪون صاحب ڏتي سرداري

کليا باغ نبوت دا چُوطرف ٿئي گلزاري

”تيرهيا“ شمس شريف شعاع ڪيتا، ڳئي رين انڌاري.

 

ظوئي ظاهر باطن زور ماهي دا، مظهر هي مولائي

مين رانجهي دا عهد پڪايا، هيڪ آهي هڪڙائي

جن ملڪ نه پيدا ها، وت خلق نه خلقيس ڪائي

زمين آسمان نه پڌرا ها، نه سڄ چنڊ دي روشنائي

آکي ”تيرهيا“ نال ماهي دي اسان تڏان پرت لڳائي.

 

عين عربي ڄام امام ميڏا، هي نوشہ نور نوراني

وچون نور نبي نرواري ڪيتس قصور جهاني

جن ملڪ سڀ پيدا ٿئي تين حورقصور رضواني

بر بحر جهڙ بادل بنئي، باغ بهار بستاني

خاڪ ڪنون چا آدم خلقيس تنهن وچ روح رباني

ڪل بناءُ تڏاهين بنيا، وحش غنم حيواني

هر عيب ڪنون لاريب هويا رخ پاڪ جمال حقاني

آکي ”تيرهيا“ اسان نال رانجهي دي جام پيتا ميخاني.

 

غين سڀئي غم دور ٿئي جڏان چاڪ اسان ڪول آيا

محرم مولى محب اسان ڪون ماهي يار ملايا

”من مطلب شيئاً جدّوجد“، شاه علي فرايا

”تيرهيا“ رانجها نال هيري دي، هور هويا همسايا.

 

في فراق فجر ويلي ڳيا، آيا يار سويلي

محرم ماهي نال منجهيان دي، منجهيان وسديان ٻيلي

ندي ڪناري ڪٽيان چاري، رهندا ايڪ اڪيلي

آکي ”تيرهيا“ شاه اسان نون محب وڇڙيا ميلي.

 

قاف قادر شال ڪري ساڏا نال ماهي دي ميلا

وسن جهوڪان ڪان يار سهڻي ديان، وسي منجهيان دا ٻيلا

وسي چناه راوي والا، ويکان ”تيرهيا“ يار سويلا.

 

ڪاف ڪاڪل نال ڪنڍل دي کليا، ڪيتي زلف سياهي

صبح ڪنون آ شام ٿئي هي ايجهي بي پرواهي

”تيرهيا“ مقصد ميڏي من دا محرم هويا ماهي.

 

لام لب ياقوت تيڏي هن يا وت لعل بد خشان

آب حيات وچ اُنهان دي هي در جوهر آفشان

”تيرهيا“ سخن ماهي يار والا هي بخشش وافر بحرفشان.

 

ميم مغرب هو رهي هي، منجهيان نهين آؤنديان

تڏان کڙڪي راه اتي مئن رانجها يار پڇاؤنديان

ماهي ڀاڻي آوي تين غم جاوي، ”تيرهيا“ ڪوڪ سڻاؤنديان.

 

نون ناز نيڻان دي نال پيارا نال آساڏي لڙدا

مڙگان مرچي، ابرو بڻڇي بادل وانگو چڙهدا

”تيرهيا“ رانجها ندي ڪناري زلف کلاڪي کڙدا.

 

واؤ ور هير دا ونجهلي والا چاڪ حضوران ڊهيا

انگ الستي آخر پليا، جيوين روز ميثاقون ٺهيا

”تيرهيا“ ماهي نال مليوسي، راه کيڙيان دا رهيا.

 

هي هير سيالڻ لک صد واري رانجها يار پڇاوي

نت نت تيل ڦليل مليندي، مينڍا ڌڙي ڳنڌاوي

سيج سهاڳ ماهي دا ماڻيس ڪيا جي لوڪ ريساوي

چاڪ اتي بيباڪ ٿئي، نت نديان تر تر جاوي

”تيرهيا“ شاه شريف ا سانون سولا محب ملاوي.

 

هير سيالڻ لک صد واري رانجها يار سنڀالي

چاڪ سويلي چرڪي ويندا اُٿ اُٿ منجهيان نالي

هجر فراق تنهان دي من دا، ڪونه اهو غم ٽالي

دام زلف دي دل ڪون لٽيا، ڪيسو ڪيبر ڪالي

”تيرهيا“ شاه شريف اسان نون مکڙا آپ وکالي.

 

هار سينگار هزار ڪريسان، شاه وڙيا آويڙي

ڪيا جي ٻاٻل چوچڪ سانون، ماتان جهڳڙي جهيڙي

”تيرهيا“ ماهي دي قدم اتون مين گهول گهتان لک کيڙي.

 

اي بي اڻ تڻ انهان سياليان والي من ڪون مور نه ڀاوي

تي ثي سڻ سڻ جا ڪرينديان، شالا شينهن تنان ڪون کاوي

جي حي خي جهڻ جهڻ جهڻڪڻ، سيئي رب سمجهاوي

”تيرهيا“ محمد مير اسان نون پير پلئه وچ پاوي.

 

يي يقيناً يار اساڏا چاڪ غلام سپاهي

انگ الستي ايوين لکيا، ڪاغذ قلم سياهي

هادي هوش حقيقي حاصل، گم ٿئي ڪل گمراهي

هر طرف هي هڪو نوشہ، نرمل نور نگاهي

”تيرهيا“ ڪلمان حال شريفي، مطلب مليا ماهي.

لا اِلہ الا الله محمد رسول الله

ڪافي 4.

گهنڊ کلاڪي آيا، مک و کلاڪي آيا

حڪم هلاڪي آيا، هر سو هادي هادي

 

1.دام زلف ظاهر مظهر هي ذاتي

احد الستي چاڪيتس اثباتي

الف الاڪي آيا، ميم منا دي نادي

 

2.انور نور نشان شمس قمر قربان

نجم حصاري بردر کڙڪي دربان

چوٽ چلاڪي آيا فرش فتادي تادي

 

3.رڳ رڳ دي وچ وي راز نهاني هي

شهر مصر وچ دي شاه ڪنعاني هي

چاڪ ڪهلاڪي آيا بردا دادي دادي

 

4.موسى هوڪي آرني الايس وي

لَن ترانِي ٻول ٻولايس وي

طور جلاڪي آيا چشم ڪشادي شادي

 

5.منطق ناطق حق مُطوّل مُخَتصري

”تيرهيا“ عاشق حق دمدم درد سري

جام پلاڪي آيا وهه وهه وادي وادي

 

ڪافي 5.

ماڻي تنهنجي ماري، من جا موهن ماهي

1.آرني موسى جئين چيائين، ”لن تراني“ کڻي سڻائين

اتي ڏٺائين اظهاري، بيشڪ بيپرواهي

 

2.خواب ۾ يوسف يار ڪيائين، شهر مصر ۾ ملهه ڳڌائين

ڪي زليخازاري، ڏسندي زلف جي سياهي

 

3.سسئي سڃ ۾ ئي سياڻي رڻ ۾ تنهن کي رات وهاڻي

وندرو وسائي واري، راهه وٺي ٿي راهي

 

4.”تيرهيا“ مورنه منهن مٽيائين، جهنگ سيالڻ کي سٽيائين

هير رکي هشياري، چاڪ سڃا تائين سپاهي

سر بروو

456.اکيون آب حيات، پيشانيءَ ۾ پرين جي

ڪندو قريبن جي، واکڻ ڪهڙي وات

نفي ۽ اثبات، حيرت ۾ حيران ٿيا.

 

457.ڏسي جلوو جوت جو همہ ٿيا حيران

سج، چنڊ، تارا، ڪتيون، قدمن تان قربان

سلطاني صفت جو ڪندو ڪير بيان

ليکي ڪيئن لسان، چوڻ چارو ناهه ڪو.

 

458.برهه بارانو، عشق اور عجيب جو

ماري مشتاقن کي، ترڪش جو طعنو

خنجر سوري سيف جو ڳل ٻڌي ڳانو

درد ديوانو، دهوڙي دماغ سان.

 

459.ڪاڪل قريبن جي زلف ڪيس زوال

ڪنهن سان ڪريان ڳالهڙي، حبيبن ري حال

ماڙهو مڱن مال، آءٌ درسن پنان دوست جو.

 

460.ڪاڪل قريبن جي، ڪهي ڪيس ڪباب

مڪو مون ڏي ڪونڪو، سڄڻ صاف جواب

حسن حملا ٿو ڪري، نيڻن ساڻ نواب

وسريو ڏوهه ثواب، ڏسي نظارو ناز جو.

 

461.ڏسي نظارو ناز، عبرت عشاقن کي ٿئي

شمع سندي شعاع تي پتنگن ڪيو پرواز

الستي آواز، سالڪ سڻي آئيا.

 

462.سالڪ سڻي آئيا، سر جي ڪري سٽ

آڻي اڏيءَ وٽ، رکيائون ادب انداز سان.

 

463.سالڪ سنڀري آئيا، واڌو ڀري وک

ڏينهڪ چڙهيا ڏک، بيٺا ادب انداز سان[1]

 

464.مٿو مڱن ڪينڪي پرين بي پرواه

دل گهرن داناه، اجورو احمال سان.

 

465.ڪري پنڌ پهچڻ جي مون کي ناهه مجال

سڪندي ٿيم سال، سورن سانڍي آهيان.

 

466.سانڍي آهيان سور، سک نه ساعت هيڪڙي

نظر ناز پرين جي گهائي وڌيس گهور

”تيرهيو“ چوي تن سان، دردن ڪيا دستور

حاضر منجهه حضور، هوندا اچي ڳرهيان ڳالهڙيون.

 

467.اچي ڳرهيان ڳالهڙيون، اندر جون اوري

ٻئي ڪنهن سڻايان سپرين، ”تيرهيو“ چئي، توري

سؤ لڱان سر رکان هوند قدمن تان ڪوري

زابر سان زوري، هنيون هٿ ڪيو پانهنجي

 

468.هنيو هٿ ڪري، پوءِ پڇا تو ڪان ڪي

اوهان جي اچڻ ري ساعت تان نه سري

پرين پير ڀري، اچج هن عليل ڏي.

 

469.اکين اوهيرا ڪيا، ٽهڪن ۽ ٽمن

جهڙ جيئن نيڻ جهمن، پسايو پلڪن کي.

 

470.اڇو آندو آب، اکين اوهيرا ڪري

وسن واسي مينهن جيئن سمي ڪر سحاب

کائي ٿو خون آب، پسايو پلڪن کي.

 

471.اکيون اوهيرا ڪريو، جهڙ جيئن ڪن جهڙڪا

بجلين جا ڀڙڪا، پلر پلٽيا پوڄ ٿي.

 

472.پسايو پلڪن کي، پرهه جي باران

نارن نڪون لائيون، منجهه عشق جي ايوان

سليو سگهان ڪينڪي، سورن جا سامان

موٽج مهربان، محب هن ملول تي.

 

473.محب هن ملول تي، موٽج هاڻ ميان

دوست تنهنجي درد جي ڪنهن در دانهن ڏيان

هر دم ساڻ هنيان، جڙيو آهين جان ۾.

 

474.جڙيو آهين جان ۾، جڙيا جانب يار

سدائين سرير ۾ تنهنجي پيَّ پچار

تڳان طلب تار، ”تيرهيو“ چئي توسندي.

 

475.”تيرهيو“ چئي، توسندي تن کي طلب تمام

تنهنجي ورهه وساريو ڪفر ۽ اسلام

سدا سوز فراق ۾ اچي نه آرام

هنيڙو ٿيو همام، محبت مچ مچائيو.

 

476.محبت ٻاريو مچ، عشق آرانڀو لائيو

مٿي اڱڻ آسير جي، الله ڪارڻ اچ

ساجن توکي سچ، چوان چئي نه سگهيان.

 

477.سچ ڪنہ سنهن وڌوءِ، اسان ڏي اچڻ جو

پرين بي پرواهيءَ جو ڪهڙو پهه پيوءِ

نيڻن سندي ناز سان سوگهو ساه ڪيوءِ

نماڻو نيوءِ، هنيڙو حڪومت رکي.

 

478.حاڪم! حڪومت رکي هانءُ نيوءِ هيري

سوگهو ڪيوءِ ساهه کي، جڙ هڻي جيري

پاڻ سڃاڻي سپرين، دلبر آءٌ ديري

”تيرهيو“ چئي تيري، قدمن تان قربان ٿيان.

 

479.مٿي اڱڻ اسان جي، جيءُ آئين جاني

ڏک سڀيئي ڏور ٿيا پسي پيشاني

ٿئا مشڪل آساني، اچڻ ساڻ اوانهنجي [2].

وائي 40.

ٿلهه: آهي وسيلو ور وندر ۾ يار ٻاروچو ٻيلي

1.                    پرنديس پر ڏي پير پيادي، توڻي آهيان اڪيلي

2.                   نينهن نهوڙي ڪيس نماڻي، تڏهن چايان چنبيلي

3.                   جن جي نالي ٿيس نرواري، ناتر ان جي نويلي

4.                   ڪانه هلندي قاف ڏي، سر تي توڻي سهيلي

5.                    ”تيرهيا“ ڏسنديس لڪ لتاڙي، سندي هوت حويلي

وائي 41.

ٿلهه: ساهه سڪي نت ساري، منهنجو جاني

1.                    اکيون آسرو نديون، ڏاتر مانَ ڏيکاري

2.                   جهڙي تهڙي سپرين، پييس تو پناري

3.                   لوڪ لکين ٿي ڏنيون، واڌايون تو واري

4.                                        ”تيرهيو“ چئي تنهنجي ڏسڻ سان ويڙالسور سڌاري

وائي 42.

ٿلهه: پيچ پنهل سان مون پاتو، ڀلو جيڏيون

1.                    عزم ڪنديس اوڏهين، آهيم ڪونه احاطو

2.                   سسئي ڪيو سنڀري آتڻ منجهه اوراتو

3.                   ”تيرهيا“ ترسيو نه سگهي، ڏسندي ڪيچ قلاتو

سر راڻو

داستان پهريون

480.سون وريون سوڍيون، سهسين ڪن سينگار

چوٽا مشڪ چندن سان، واسيو ويڙهين وار

اوتي عطر عنبير سان، تڙ ڪيائون تار

موتي مالهائن ۾، هيرا لک هزار

جڙيائون ٿي جان تي، جوهر جا جنسار

ابرو سياه اُن جا، ڪر ڪڪر ميگهه ملهار

جي چشمان چورين چاه سان، ته ڪربجلين جا ڀڙڪار

لکين لوڌي لٽيا تن گجرين ڪيا گينوار

ٻڌن حميليون هار، جي آتڻ اچي اُن جي.

 

481.سهس ورنيون سوڍيون، ويٺيون ڪن ورن

ڪيو شعاع سماءَ تي، بدليون ڪن برن

تن جي حسن حسين کان ڌوڻي ٿي ڌرن

ماڙهو مرون تن موهيا، چنڊ چڪور هرن

مٿي ڪاڪ ڪنار ڪيا، پرين ڪي پرن

”تيرهيا“ ڪاڪ تڙن تي ڪيا پرواز پرين

چمن هوند چرن، جي آتڻ اچي اُن جي.

 

482.سون ورنيون سوڍيون، راڻيون رانديون ڪن

مانگون مرواريد سان، جڙيو زلف ٻڌن

مشڪ گلابي عطر عنبر اوتيائون اڱڻن

جڙيائون جوهر جا لک در دروازن

محل مرصّع ماڙيون هيرا منجهه هنڌن

پرچيو پريون پاڻ ۾، حورن جيئن هسن

سج چنڊ ٿئي شرمندو پسيو سونهن سندين

سوڌو صنوبر کان، قامت قد رکن

گنير وڃن گم ٿيو، جڏهن چال چلن

”تيرهيا“ ڪاڪ ڪپن ۾، لوڌي لٽيا تن

مينڌرا مرڪن، جي آتڻ اچي اُن جي.

 

483.سون ورنيون سوڍيون، سهسين تن سامان

ٻيڙا، چوڙا، ٻانهيون، سندن بينسر بي بيان

هٿ واڍولا، هس ڳچئين، دهريون ۽ در دان

مڙهيائون مالهائن ۾ موتي ۽ مرجان

آبرو سياه اُن جا، مارن ٿا مزگان

”تيرهيا“ ڪاڪ ڪپن ۾، ڪشي بيٺيون ڪان

پريون کڻن پان، جي آتڻ اچين ان جي.

داستان ٻيو

484.ڪرڪا خبر ڪاڪ جي، ڏي سامي سڌ سماء

ڳهريو وڃين ڳالهه کي، ڪهڙو چکيئي ساء

چئي: محل وٽ مومل جي، ڪو ادا! پيم اُهاء

”تيرهيا“ تنهين کاء، ڪڇيو سگهي ڪونڪو.

 

485.چئي: محل وٽ مومل جي گهڻا گهايا گهوٽ

سي پلڪ پاسي نه ٿيا، جنهين چکي چوٽ

ناتر نهوڙيا ناز سان، هئا آديسي اڻموٽ

ڪريان ابدوت ٿيا، ويا لٽا لاهي لوٽ

ڪاڪ ڪناري ڪوٽ، بٺيون بيراڳين جون.

 

486.محل وٽ مومل جي، وڃي سو نه وري

مونکي گهائي گهور نيو، اڃا هئس پري

سوڍا تو سڻائيان، ڪهڙي ڳالهه ڪري

بٺيون بيراڳين جون، ڏس مٿي دڳ دري

مرڻ من ڌري، پوءِ ڪرهو ڪاهيج ڪاڪ ڏي.

 

487.سچي سڻايئي ڳالهڙي، جوڳي تو جهار

وڃي ڪاڪ ڪپن ۾ ڏسان نينهن نبار

تنهين ويل تيار، راڻو وٺي راه ٿيو.

 

488.ڪاهي آيو ڪاڪ تي سوڍو شڪاري

مومل گهڻا ماريا، هي مومل جو ماري

آڏيو آيو ڪونڪو چوڪي ۽ چاري

ڪشي ڪائي کي هنيائين سوني سوپاري

رکيائين هشياري، درياه پسي نه دهليو.

 

489.دهليو ڪين دلير، موٽي هڏ نه مينڌرو

 جتي آيو ڪونڪو، اُت پاتائين پير

سوڍو وٺي سير، ماڙيءَ چڙهيو ماڳهين.

داستان ٽيون

490.لو ڌي لک آيا، روءِ راڻي ناهه ڪو

ڪيئي ڪنبايا، موٽيو اچن نه محل ڏي.

 

491.اچن ڪهندا ڪاڪ تي سوڍا سياڻا

وڃن سنگندا سامهان، پچايو پاڻا

ويهي وساڻا، محل ڏسندي مات ٿيا.

 

492.ڏسي محل مات ٿيا، اڃان پنڌ ڀري

ڪامڻ ڪاڪ ڪپن تي بيٺي ٻاڻ ڀري

ذرا منجهه ذري، ناتر ڪندي نگاه سان.

 

493.ناتر گهڻا نهوڙيا، مٿي ڪاڪ ڪنار

راڻا توهان ڌار، سک نه ڪري سيج تي.

 

494.منهنجو آهي مينڌرا، سوڍا توسان شوق

 ذرو ڏيئي ذوق، پوءِ ڪڙو ڪيئي ڪاڪ کي.

 

495.منهنجو آهي مينڌرا، سوڍا توسان سڱ

موٽي آءٌ محل تي ڀؤ لاهي ڀڱ

مومل ملا مڱ، پروانو پريت جو.

 

496.منهنجو آهي مينڌرا، سوڍو تو مل ساه

سڪ سڪايس سپرين، مور نه چڙهي ماه

آتڻ منجهه الله، توکي آڻي تان ڏسان.

 

497.سوڍا سٽيم سرتي، تو سندو طعنو

ٻڌو هوءِ ٻول ڪري، ڳچيءَ ڳل ڳانو

هڏ نه نينهن نباهيين، برهه بارانو

جانب يارانو، ڇن مَ ڇنڻ گهوريو.

 

498.ڇن مَ ڇنڻ گهوريو، ناتو نينهن نبار

اچي پس پرهه کي آتڻ جو اطوار

سورج جو سينگار، لوڏ تنهنجي لٽيو.

 

499.ڇن م ڇنڻ گهوريو، نباهج ناتو

اچڻ اوهان جي لئي ڪيو اکين اوراتو

پرين تو پاتو، ڪو جو پيچ پريت جو.

 

500.ڇن ۾ ڇنڻ گهور، ميي کي موٽاءِ

محل مٿي مينڌرا جوڙيم تولئي جاءِ

”متڪئين على رفرف خضراء“ مٿي واڳ وراءِ

چڙهي آءٌ چوڏول ۾ سڪنديءَ ڪين سڪاءِ

پير اچي اُت پاءِ، جتي آيو ڪونڪو.

 

501.آيو آتڻ وچ ۾ راڻو ٿي رهاڻ

سرهيون ٿيون سرتيون، لاٿائين منهن ڪاڻ

پرچي ويٺو پاڻ، چوئي چندن چڪ ٿي.

 

502.ويٺو آتڻ ۾ اچي، راڻي ڪيو رس

پسي پيشانيءَ کي ڪنورن لاتو ڪس

گوندر وٺتو گس، پرين پرتا پاڻ ۾.


[1]  قلمي نسخي مان کنيل بيت

[2]  ٻي پڙهڻي: ”صورت سبحاني، اصلي عجيبن جي“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org